باب يارهون
ماڻهوءَ جا هٿ ٺهيا بي ساهه عضوا
ماڻهوءَ وٽ رڳو پنج حواس ئي هئا جيڪي ڏِسڻ،
ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ
۽ ڇهڻ وسيلي حقيقتن جو عڪس هن جي دماغ تائين
پهچائي سگهيا پئي جن جي ڀيٽ، پرک، پروڙ، پرجهه هن
کي ڄاڻ ڏني پئي. اڄوڪي ماڻهوءَ وٽ به اهي پنج ئي
حواس موجود آهن پر هن پنهنجي ڄاڻ مان ڏاڍو فائدو
ورتو آهي. هن شين جي حقيقت، جوهر کي سمجهڻ جي ڪوشش
پئي ڪئي آهي ۽ انهيءَ عمل ۾ ئي کيس اها ڄاڻ به ملي
ته هو ڪي اهڙيون شيون
به ٺاهي سگهي ٿو جيڪي سندس حواسن جي قوت سوين ڀيرا
وڌائي سگهن. مثال طور، هن دوربين ٺاهي، جنهن وسيلي
اڄوڪو ماڻهو ايترو ته پري ڏسي سگهي ٿو جنهن جو عام
ماڻهو سوچي به نه سگهي.
چنڊ ڌرتيءَ کان 9-لک 30-هزار ميل پري آهي ۽ عام
نظر ۾ اهو ٿالهيءَ يا وڏي بال جيترو چانڊوڪي
پکيڙيندڙ مٽيءَ جو ڳوڙهو آهي. چنڊ چوڏهين پنڌرهين
رات پوريءَ طرح چمڪندي نظر اچي ٿو، پر پوءِ به ان
جي وچ ۾ هلڪا اونداها دُٻا
نظر ايندا آهن... ۽ بس، ٻيو ڪل خير.
بازار ۾ ملندڙ عام دوربين سان چنڊ کي چتائي ڏسندَو
ته ان جي سطح، تي توهان کي اڃا به وڌيڪ کوٻا،
اونداها چگهه ۽ ڏاڍا روشن ليڪا، گهيرا، چُٽا
نظر ايندا.
هڪ وڏي دوربين سان توهان چنڊ کي ايترو ويجهو ڏسي
سگهو ٿا جيئن توهان هٿن ۾ جهليل وڏي بال کي ڏسندا
هجو. چنڊ جي هڪ هڪ انچ جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.
مٽيءَ جا دڙا، چگهه، کڏا ۽ کاهيون، ڏرا وٿيون، هيٺ
مٿاهيون وغيره. چنڊ جي سطح جو ڪو ذرو ناهي جنهن کي
اوهين ايترو ئي چٽو نه ڏسي سگهو جيترو پنهنجي هٿ
جي تريءَ کي.
پر سائنس جي دنيا ۾ اها معمولي، ننڍڙي ۽ سادي
دوربين سڏبي آهي.
وڏي دوربين سان ساڍا نوَ
ڪروڙ ميل پري ٻرندڙ سج به هٿ جي تريءَ جيان ڏسڻ
معمولي ڳالهه آهي.
ڪائنات ۾ ڪروڙين سج آهن. اسان جي سج جو هڪ پنهنجو
نظام آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ سميت ٻين اڪثر سيارن کي
به پنهنجا چنڊ (اُپگرهه)
آهن: ڪِن
کي هڪ، ڪن کي ٻه يا ٽي ۽ ڪن کي ته ڪيترائي چنڊ
آهن. اپگرهه سياري
چوڌاري
ڦرن ٿا، سيارا تاري (سج) چوڌاري ڦرن ٿا. سج پنهنجن
سيارن جي چنڊن سميت سج-نظام سڏجي ٿو. ڪائنات ۾ ان
سج جي حيثيت واريءَ ذري کان وڌيڪ نه آهي.
سج جهڙو
ٻيو ويجهڙ وارو تارو (سج) اسان جي سج کان
400000000000000-ميل آهي (يعني چار پدم ميل).
اونهاري ۾ رات جو وچ
”آسمان“
تي اڇو پٽو (گس) نظر ايندو آهي. اڇو پٽو (گس)
حقيقت ۾ اوري پري وارا ڏاڍا وڏا تارا آهن جن جي
گڏيل چمڪ هڪ سوجهري کي جنم ڏي ٿي جنهن کي گس سڏيون
ٿا. ان گس جو نالو شيري گس (گئليڪسي، ڪهڪشان) آهي.
سج-نظام
ان گس جو هڪ معمولي ذرو آهي.
اهڙا کربين گس اڄوڪي دوربين سان ڏسي سگهون ٿا.
ترورن جي مدد سان به آسماني جسمن کي محسوس ڪري
سگهجي ٿو. ڪنهن خاص جسم سان ترورا ٽڪرائي موٽي اچن
ته انهن مان ان جسم جي مفاصلي، بناوت وغيره جو
اندازو ڪري سگهبو.
سائنس رڳو وڏين شين کي ڏسڻ لاءِ اوزار ئي نه ٺاهيا
آهن پر ننڍڙن ذرن کي به ڏسڻ جا اوزار ٺاهي ورتا
آهن، انهن کي خوردبين سڏجي ٿو.
عام نظرن سان جيڪو ننڍي ۾ ننڍڙو ذرڙو ڏسي سگهجي ٿو
ان جو قد بت ڪيترو ته ننڍو آهي!
پر خوردبين آڏو اهو وڏو جسم ايئن آهي جيئن ماڻهوءَ
جي
ڀيٽ
۾ ڌرتي.
بازار ۾ سولائيءَ سان ملي سگهندڙ خوردبين ۾ جيڪڏهن
هڪ وار کي ڏٺو وڃي ته اهو عام ماڻهوءَ جي ٻانهن
جيترو ٿلهو نظر ايندو.
هڪ گرام جو وٽُ
توهان ڏٺو آهي؟ (جي نه ته سوناري وٽ ڏسي سگهجي
ٿو). ان هڪ گرام جا جيڪڏهن
230000000000000000000000- ذرڙا ڪيا وڃن، ته به
انهن کي جديد اليڪٽراني خوردبين وسيلي پروڙي سگهجي
ٿو.
هاڻي توهان ڪاٿو ڪري سگهو ٿا ته ماڻهوءَ پنهنجي
ڏسڻ جي سگهه ڪيتري وڌائي ڇڏي آهي!
ٻُڌڻ
جي سلسلي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو ڀنڀوريءَ يا
ڏينڀوءَ جي پرڙن جو ڦڙڪو ٻڌي سگهي ٿو، پر توهان
ڦڙڪندڙ پرڙن آڏو لائوڊ اسپيڪر جي مائيڪ جهليو ته
اهو ڦڙڪو ڪيڏو وڏو گوڙ ٿي پوندو، ان جو ڪاٿو ڪري
سگهجي ٿو. ماڻهوءَ مشين جي مدد سان پنهنجن ڪنن کي
ايترو ته تيز ڪري ورتو آهي جو ڌرتيءَ جي هڪ ڪنڊ تي
اُٿندڙ
انساني آواز کي ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ ٻڌي سگهي
ٿو. مثال طور، بي بي سي لنڊن تان پڙهجندڙ خبرون
ٻڌڻ اسان لاءِ عام ڳالهه آهي.
چنڊ تي لٿل خلابازن جي پاڻ ۾ ڪيل عام ڳالهه ٻول کي
به ڌرتيءَ تي سولائيءَ سان ٻڌي سگهجي ٿو.
هاڻي توهان ڪاٿو ڪري سگهو ٿا ته ماڻهوءَ پنهنجي
ٻڌڻ جي سگهه ڪيتري وڌائي ڇڏي آهي!
ماڻهوءَ پنهنجي ذائقي چکڻ واري حس کي به مشين ۾
تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عام حالتن ۾ تيزاب چکڻ جو
سوچي به نه ٿو سگهجي پر تيزاب چکڻ لاءِ ماڻهوءَ هڪ
ننڍڙو چيچ جيترو پنو (لِٽمس
پيپر) ٺاهي ورتو آهي، جيڪو تيزاب ۽ رچيل ڳار جي
ذائقن ۾ فرق کي رنگ بدلجڻ وسيلي ظاهر ڪري ٿو. عام
حالتن ۾ جيڪڏهن سائنائڊ زهر جو ڪک جيترو ذرو زبان
کي لڳي پوي ته ماڻهو زهر جو شڪار ٿي سگهي ٿو پر
مشين آرام سان ان جو ذائقو ٻڌائيندي آهي.
ان مان ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ پنهنجي چکڻ
جي سگهه ڪيتري وڌائي ڇڏي آهي!
توهان کي خبر آهي ته پوليس حڪومت جي ناپسند جو
احتجاج ڳوڙها گئس اُڇلي
ڦٽائيندي آهي. اها ڳوڙها گئس ايتري تيز آهي جو ناس
۾ کرڙو پيدا ڪري اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي آهي، پر
ماڻهوءَ اهو به ڪيو ته گئس ماسڪ ٺاهي نڪ تي رکي
ڇڏيو ۽ پوءِ ڳوڙها گئس سميت هر زهريلي گئس کي مجال
آهي جو ماڻهوءَ جي نڪ ۾ کرڙو پيدا ڪري سگهي. ٻي
پاسي هر قسم جي ڪيڏي به زهريلي گئس هجي ماڻهو ان
کي سنگهي سگهي ٿو. سيکاريل ڪتو شڪار جي بوءِ ڄاڻڻ
جي سلسلي ۾ ماڻهوءَ جو وڏو مددگار نڪ آهي پر اهو
به زهريلين گئسن آڏو ڀڄي ويندو.
ڌرتيءَ کان مريخ ايڪيهه ڪروڙ ميل پري آهي. مريخ تي
جڏهن وائيڪنگ-2 لٿو ته خراب ٿي پيو. ڪمپيوٽر وسيلي
ڌرتيءَ تان ويهي سندس خرابي ٺيڪ ڪئي وئي. ماڻهوءَ
جي آڱرين ۽ دماغ جي پهچ جو هيءُ هڪ عام مثال آهي.
ماڻهوءَ جي بت تي
ڪِوِل
گهمي ته هو ان کي محسوس ڪري سگهي ٿو، پر ايڪسري
ڪڍائڻ وقت ماڻهوءَ جو بت ايڪس ريز (ايڪس ڪرڻن) کي
محسوس نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن ته فوٽو پليٽ ڪرڻن جي
مخصوص اثر کي ظاهر ڪري ٿي ۽ هڪ ڊاڪٽر ڄاڻي سگهي ٿو
ته ڪٿي هڏي آهي، ڪٿي ڪو ٺوس ڳوڙهو آهي، ڪٿي دل
آهي، ڪٿي
بُڪي
يا پٿري آهي وغيره.
ايڪسري فوٽو اسان جي محسوس ڪرڻ جي قوت وڌائي آهي،
پر اڄ ڪلهه عام ڳالهه آهي.
الفا، بِيٽا،
گاما، ڪاسمڪ وغيره سوين قسمن جا ڪرڻا محسوس ڪرڻ به
عام ڳالهه آهي. آواز جي لهرن کي مشين وسيلي محسوس
ڪري ۽ ظاهر ڪري سگهجي ٿو، ويندي روشنيءَ جي ذرڙن
جي لهردار چرپر کي به محسوس ڪرڻ عام ڳالهه آهي.
}روشنيءَ
جي ذرڙي (فوٽان) جي قد بت جو اندازو ان مان لڳائي
سگهجي ٿو ته اهو ايٽم جي ڀيٽ ۾ به ايترو ننڍو آهي
جيترو هاٿيءَ جي ڄنگهه جي ڀيٽ ۾ عام ڪوڪو.{
ان مان ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ پنهنجي ڇهڻ
جي سگهه کي ڪيترو وڌائي ڇڏيو آهي!
ماڻهوءَ مشين جي مدد سان پنهنجي هر حواس کي ڪروڙين
ڀيرا وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري ئي هو مادي
جي ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي شيءِ
کي ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهي ٿو ۽ ان ڪري
ئي هن ڄاڻي ورتو آهي ته سڄيءَ ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه
آهي اهو مادي جو ٺهيل آهي يا مادي جو لقاءُ آهي.
سوچون به مادي جو لقاءُ آهن جيڪي ماڻهوءَ جي دماغ
۾ هوري هوري ٺهن، وڌن، ويجهن ٿيون.
باب ٻارهون
ماڻهوءَ جو دماغ: ڳتيل، منظم، جيئرو مادو
اسان جا سمورا حواس پنهنجا احساس، اولڙا، عڪس،
فوٽو ڪٿي ٿا پهچائن؟
جيتوڻيڪ ڪنهن زماني ۾ سوچيو ويندو هو ته سوچون دل
۾ هونديون آهن (خاص طرح عشق محبت جون سوچون ته دل
۾ هئڻ بابت اڄ به عام جام آهن ـــــــــ
اکين جي ڳرکيءَ کان محبوب دل ۾ ويهي ويو)، يا اڄ
به چيو ويندو آهي، ته منهنجي دل ٿي ٻولائي ته ڪو
نه ڪو مهمان ضرور ايندو يا دل ۾ سونسو (وسوسو) پيو
پوي وغيره، پر اڄوڪو پنج درجا پڙهيل ٻار به ڄاڻي
ٿو ته سوچون دماغ ۾ هونديون آهن.
ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ، چکڻ ۽ سنگهڻ جا حواس جيڪي به عڪس
قبولن ٿا، اهي دماغ تائين پهچائن ٿا. هر تصور، هر
احساس، هر اولڙو، هر عڪس، هر خيال، هر سوچ (عقيدو،
ايمان، وهم، وسوسو، ارادو، عزم، جوش جذبو وغيره)
ـــــــــ
سموري، ڪل، سڀ ڄاڻ دماغ ۾ آهي. آڱر ڪٽجي وڃڻ سان
سمجهه، ڄاڻ گهٽجي نه ويندي، اکيون نڪرن، ٻوڙو ٿيڻ
وغيره وقت به اڳ موجود ڄاڻ ۾ کوٽ ڪا نه ٿيندي، پر
جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر آپريشن ڪري ميڄالي جو مٿيون تهه
يا ياد وارو مرڪز کوٽي، ڪپي ٻاهر ڪڍي ته ماڻهوءَ
وٽ سڀ عضوا هئڻ باوجود ڪا به ڄاڻ، ڪا به ياد موجود
نه رهندي.
توهان ڪڏهن تازو ڪٺل ڇيلو يا گابو (ڪونهَٽُ)
ڏٺو آهي؟ جاچي ڏسو. ڪسڻ کان پوءِ سندس سمورن لڱن ۾
هلڪي ٿرڪڻي پئي ڏيکاربي ۽ جيڪڏهن زور سان کيس ڪا
سئي چڀائي وجهندَو
ته ان عضوي تي سٽ ايندي ـــــــــ
اهو مشروط رد عمل مرڪزي تنتي ڏوريءَ کان موٽ عمل
سبب آهي. ڪسڻ کان پوءِ دماغ سان ڳانڍاپو ڪٽجي وڃي
ٿو پر حياتياتي ڀڃ گهڙ جو عمل ڪجهه دير جاري رهي
ٿو. اهو موٽ عمل ان حياتياتي جيئاپي سبب آهي ـــــــــ
ٺيڪ ايئن جيئن مرڪزي تنتي سرشتو نه رکندڙ ساهوارن
۾ مشروط موٽ عمل ٿئي ٿو.
مشروط موٽ عمل هر ساهواري ۾ موجود آهي، پر ڄاڻ،
سمجهه رڳو ماڻهوءَ وٽ آهي ۽ اهو ماڻهوءَ جو دماغ
ئي آهي جنهن ۾ پنهنجو مخصوص حياتياتي اولڙو ٺاهي
پهتل عڪس قائم ٿي وڃي ٿو. عام طرح اهو عڪس هڪ
مهيني تائين تازو توانو رهي ٿو ۽ پوءِ هوري هوري
ٻين نون ايندڙ عڪسن هيٺان ٿيندو وڃي ٿو، اهو ئي
سبب آهي جو عام طرح هڪ مهيني کان پوءِ ڪنهن به
واقعي جا سمورا تفصيل پوريءَ ترتيب سان ياد نه
رهندا آهن پر جيڪڏهن اهي يادون لاڳيتو ورجائجنديون
رهجن ته اهي عڪس نئين سر نوان ٿيندا ۽ ياد رهندا
آهن. ماڻهوءَ دماغ ۾ ٿلهي ليکي ٽيهه کرب عڪس ياد
رکي سگهڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر اڄ ڏينهن تائين
وڏي ۾ وڏو ذهين ماڻهو به پنهنجي دماغ جي ڏهين پتي
به مس ڪتب آڻي سگهيو آهي.
توهان ڪڏهن ڪنهن پيدائشي پاڳل ماڻهوءَ کي ڏٺو آهي؟
ان جي کوپڙيءَ تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته سندس بت جي
ڀيٽ ۾ کوپڙي ڪيتري آهي ۽ پوءِ لڳ ڀڳ ساڳي ڄمار، قد
بت، نسل ۽ علائقي واري ذهين ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي
به جاچيو. توهان هڪ حيران ڪندڙ فرق محسوس ڪري
وٺندا. توهان ڏسندا ته پاڳل ماڻهوءَ جي کوپڙي ذهين
ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کان ننڍي آهي ـــــــــ
پاڳل ماڻهوءَ جو دماغ ذهين ماڻهوءَ جي دماغ کان
ننڍو هوندو آهي.
ڇو؟
ڄمڻ وقت ماڻهوءَ ٻار جي کوپڙيءَ جو هڪ مخصوص قد بت
هوندو آهي (مختلف نسلن ۾ ٿورو ننڍو وڏو ٿيندو
آهي). ڄائي ڄم کان پاڳل ماڻهوءَ ٻار ۽ ان ٻار،
جيڪو اڳتي هلي ذهين ٿيندو، جي دماغ ۾ عام طرح ڪا
به ننڍ وڏائي نظر نه ايندي، پر پاڳل ماڻهوءَ جي
دماغ ۾ ٻاهرين عڪسن کي سانڍڻ، ياد رکڻ، ڄاڻڻ،
نتيجا ڪڍڻ، پرجهڻ، پروڙڻ جي صلاحيت ڪا نه هوندي
جڏهن ته صحيح ٻار
جو دماغ لاڳيتو مختلف عڪسن کي سوَن،
هزارن، لکن جي ڳڻپ ۾ سانڍيندو، ياد رکندو، ڄاڻ
پرائيندو، نتيجا ڪڍندو، پروڙيندو ۽ پرکيندو رهندو
آهي تنهنڪري ان ۾ ٻن قسمن جي واڌ ٿيندي رهندي آهي:
هڪ جسماني واڌ ۽ ٻي لاڳيتي دماغي ڪرت سبب آيل واڌ.
اڄ کان پنج لک سال اڳ ٽيهن سالن جي نوجوان جي
جسماني قد بت جي نسبت سان ان جي کوپڙيءَ (دماغ) جو
جيڪو وزن هو ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ٽيهن سالن جي
نوجوان جو دماغ گهڻو وڏو آهي ـــــــــ
۽ ان جو خاص سبب اهو ئي آهي ته هن جيتري ڪجهه ڄاڻ
ماڻي پئي ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ماڻهوءَ جي ڄاڻ لکين
ڀيرا وڌيڪ سڌريل آهي.
جڏهن کان ماڻهوءَ اپائڻ، پيدا ڪرڻ، پورهيو ڪرڻ
سکيو آهي تڏهن کان هن وٽ دنيا ۾ موجود شين بابت
ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ نئين ڄاڻ به وڌي.
هڪ ڏنڊي سان زورائتو ڌڪ هڻي، جانور کي ڪيرائڻ سان
گهڻا نوان تصور پيدا ٿي سگهن ٿا؟
اچو ته ڳڻيون:
(1) گهڻي زور وارو ڌڪ (هلڪي زور واري ڌڪَ،
ڪو به ڌڪُ
نه هڻڻ جي تصور کان نئون آهي).
(2) جانور جو ڇرڪڻ، ڪيهه ڪرڻ،
ڪِرڻ،
ڦٿڪڻ، سانت ٿي وڃڻ، ٿڌو ٿيڻ، ڪا به حرڪت نه ڪري
سگهڻ وارا تصور.
(3) جانور کي بنا ڪنهن احتجاج يا خطري کي منهن ڏيڻ
جي ڍوئڻ جا تصور.
(4) جانور کي آرام سان ڪهڻ، کائڻ، ڪم آڻڻ جا تصور.
هڪ پٿر کي ٻي پٿر سان ڌَڪ
هڻي چهنبدار ڪرڻ لاءِ ڪيترا نوان تصور ٺهي سگهن
ٿا، اچو ته ڳڻيون:
(1) ڌڪ لڳڻ سبب ڌڪيندڙ پٿر جي موٽ، رد عمل سبب
ڌڪيندڙ پٿر جو هلڪو ٿي مٿي ٿيڻ، هڪ ڌڪ، ٻيو ڌڪ،
ٽيون ڌڪ، چوٿون ڌڪ، وغيره.
(2) ڌڪيل پٿر جو ٽٽڻ (اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڌڪيندڙ
پٿر ٽٽي پوي).
(3) نئين ٺهيل شڪل، ننڍا ننڍا ٽڪر ٽوٽا، انهن جون
شڪليون، انهن جو ٽڙي پکڙي وڃڻ وغيره.
(4) ٻنهي پٿرن جي ٽوٽ سبب ظاهر ٿيل نوان رنگ، نيون
ڪناريون، چهنبون وغيره.
پورهيي جو ڪو هڪ گهڙيءَ جو عمل سوين نوان تصور
پيدا ڪري سگهي ٿو، سوين ڀيرا ساڳيو ڪم سوين
ڀيرا
ساڳيا تصور ۽ سوين ڀيرا مختلف تصور ڏئي سگهي ٿو.
انهن جي ڀيٽ، فرق وغيره وري اڃا نوان تصور ڏيندا.
توهان جي پنهنجي حياتيءَ ۾ هر ڏينهن ڪيترا نوان
تصور ايندا رهن ٿا، توهان ڪڏهن ڪاٿو ڪيو آهي؟ مثال
طور، توهين هي ڪتاب هن جملي تائين پڙهي آيا آهيو،
توهان جي دماغ ۾ رڳو ان جي پڙهڻ سبب ڪيترا نوان
تصور ٺهيا؟ ـــــــــ
ڪاٿو ڪري سگهندَو!؟
رڳو اڄوڪي ڏينهن توهان جي دماغ ۾ ڪيترا نوان تصور،
عڪس وڌيا، انهن جي ڳڻپ ڪيو!
هن وقت ڌرتيءَ جي آبادي پنج ارب آهي ۽ اڄوڪي
ڏينهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جي ذهن وٽ ڪيترا نوان تصور
آيا هوندا ۽ اهي سڀ گڏ ڪجن ته ڪيترا نوان تصور
ٿيندا، ڇا ڪو ڳڻي سگهندو؟
هر ڏينهن سوين هزار نون تصورن سان اسان جو واسطو
پوندو رهي ٿو ۽ اهو عمل ماڻهوءَ جي معاملي ۾ گذريل
ٽيهن
سالن کان هلي رهيو آهي. نون نون عڪسن جو ٺهڻ، انهن
جي ٽوٽ ڦوٽ، انهن جو ميلاپ، انهن جي ڪجهه حصن جي
ٽوٽ ڦوٽ، انهن جي ڪجهه حصن جو ميلاپ، نون عڪسن جو
ٻاهرين معاملن سان عمل وسيلي واهپو.
توهان ٻه هڪ جيترا پٿر کڻو. هڪ مترڪي سان هڪ جيترو
زور لڳائي هڪ پٿر کي ڌڪ هڻو ۽ ٻي پٿر کي به ڌڪ
هڻو. ٻنهي جي سلسلي ۾ ڇا هڪ جهڙو نتيجو ظاهر
ٿيندو؟ ـــــــــ
ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه هڪ جهڙو هجي (مثال طور، ٻئي
پٿر ٽٽي پيا) پر گهڻو ڪجهه مختلف به هوندو. هڪ پٿر
ڀڄي پيو، ٻيو به ڀڄي پيو، پر ڇا ٽيون ڀڄندو؟ وري
نئون تصور. اهو سلسلو پيو هلي، ڄاڻ لاڳيتو پئي
وڌي، نت نوان عڪس ٺهندا رهن ٿا، دماغي ڪم وڌيڪ
ٿيندو رهي ٿو ۽ اهو وڌندڙ ڪم، دماغ جي لاڳيتي
ورزش، نسل در نسل ورزش دماغ کي لاڳيتو وڌائيندي
رهي ٿي.
پاڳل ۽ ذهين ماڻهوءَ جي دماغن جي قد بت ۾ ان ڪري
فرق ٿئي ٿو. پاڳل وٽ پهتل تصور انتهائي محدود ۽
گهڻي قدر مشروط آهن (جيئن هڪ جانور لاءِ)، ۽ ذهين
ماڻهوءَ وٽ پهتل تصور ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهن،
مشروط توڙي غير مشروط آهن. سندس ياد، تجربو،
تعليم، پرک، ڄاڻ لاڳيتو وڌندڙ آهي، دماغ جي جيو
گهرڙن ۾ گهڻي کان گهڻا عڪس ٺهندا رهن ٿا، نت نئين
اليڪٽراني تبديلي ايندي رهي ٿي، نت نوان جيو گهرڙا
ٺهندا رهن ٿا، جنهنڪري دماغ وڏو ٿئي ٿو.
جسماني ورزش جسماني عضون کي سگهارو بنائي، وڌائي
ٿي ۽ ذهني ورزش ذهني عضوي، دماغ کي لياقتن ڀريو
بنائي ۽ وڌائي ٿي.
اسان اڳ ۾ اهي مثال بيان ڪري آيا آهيون ته جيڪڏهن
ڄائي ڄم کان ڏسڻ جو عضوو نه هجي (يا خراب هجي) ته
ڏسڻ سان لاڳاپيل ڄاڻ جا تصور ٺهي نه ٿا سگهن
وغيره، پر دماغ بابت ان کي ڪيئن بيان ڪري سگهجي
ٿو؟
جڏهن ٻالڪ ڄمي ٿو تڏهن وٽس ٻين عضون جيان هڪ عضوو
ـــــــــ
دماغ ـــــــــ
به موجود آهي. جيئن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي عضوي جو ڪم
حواسن وسيلي پهچندڙ عڪسن کي سانڍڻ، سنڀالڻ ۽ ياد
رکڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن به عضوي کان ڪو به عڪس دماغ
تائين نه پهچندو، ته دماغ وٽ ڪو به تصور، ڪو به
خيال نه هوندو. نئين ڄاول ٻالڪ وٽ دماغ آهي، جيئرو
آهي، حياتياتي ڪم ڪري ٿو پر وٽس ڪو به تصور، خيال،
سوچ، ڄاڻ، سمجهه ڪانهي. جيڪڏهن سمورا حواس بيڪار
هجن ته دماغ وٽ پنهنجي ليکي ڪو هڪ به تصور ٺهي
سگهي، اهو ممڪن ڪونهي. دماغ خيالَ،
تصور، عڪس، اولڙا پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿو ڪري پر
حواسن وسيلي حقيقتن کان وٺي ٿو، سانڍي ٿو، سنڀالي
ٿو، ياد ٿو ڪري.
ڪنهن ٻالڪ کي رڳو پنهنجو نالو ياد ڪرڻ لاءِ ڪيترو
وقت لڳي ويندو آهي؟
.....
- هر حواس (ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، ڇهڻ يا سنگهڻ جو حواس)
يا هر عضوو ڇا جو ٺهيل آهي؟
+ جيو گهرڙن جو.
- تنتي سرشتو ڇا جو ٺهيل آهي؟
+ تنتي جيو گهرڙن جو.
- هر جيو گهرڙو ڇا جو ٺهيل آهي؟
+ مادي جو. (بنيادي عنصر آهن ڪاربان، آڪسيجن،
نائٽروجن، هائڊروجن وغيره.)
- هر جيو گهرڙو جيئرو ڇو آهي؟
+ مادي جي ٺهيل خاص ترتيب سبب ٺهيل ڀڃ-گهڙ
واري عمل جي ڪري جيئرو آهي.
- دماغ ڇا جو ٺهيل آهي؟
+ تنتي جيو گهرڙن جو يعني حياتياتي ڀڃ-گهڙ
ڪندڙ خاص مرڪبن جو يعني خاص ترتيب سان ٺهيل عنصرن
جو، جيڪي مادو آهن ـــــــــ
دماغ مادي جو ٺهيل آهي.
- دماغ ڪهڙو ڪم ڪري ٿو؟
+ دماغ هڪ اهڙو عضوو آهي جيڪو حواسن وسيلي پهتل
عڪسن کي پاڻ وٽ سنڀالي، سانڍي رکي ٿو.
- جيڪڏهن دماغ نه هجي ته ڇا ڪا به سوچ، سمجهه، ڄاڻ
ٺهي سگهي ٿي؟
+ نه، قطعي نه، ڪنهن به حالت ۾ نه.
- سوچ، سمجهه، ڄاڻ ڪنهن جي محتاج آهي؟
+ دماغ جي.
- ڇا دماغ سوچ، سمجهه، ڄاڻ جو محتاج آهي؟
+ دماغ سوچ، سمجهه، ڄاڻ جو محتاج ناهي، ڇو ته سوچ،
سمجهه، ڄاڻ نه هئڻ باوجود به اهو دماغ ئي آهي.
هاٿي، اُٺ،
ڪتي، ٻلي، گڏهه، گهوڙي، ڪانءَ، ڪٻر، جهرڪيءَ،
ڪرڙيءَ وغيره وٽ به دماغ ته آهي، پر ڪا به سوچ،
سمجهه، ڄاڻ ڪانهي. سوچ، سمجهه، ڄاڻ کان سواءِ دماغ
ٿي سگهي ٿو، پر دماغ کان سواءِ سوچ، سمجهه، ڄاڻ نه
ٿي ٿي سگهي: سوچ دماغ جي محتاج آهي.
- ڇا سوچ دماغ کي پيدا ڪري سگهي ٿي؟
+ نه، سوچ دماغ کي پيدا ڪري نه ٿي سگهي. سڄيءَ
دنيا جا ماڻهو پنهنجي سکڻي سوچ وسيلي هڪڙي تبديلي
به نه ٿا پيدا ڪري سگهن، ته ساهواري کي ڪيئن ٺاهي
سگهندا يا ساهواري جي دماغ کي ڪيئن ٺاهي سگهندا؟
غير مادي شيءِ
(سوچ، سمجهه يا ڄاڻ) ڪنهن به مادي شيءِ
کي، مادي کي ٺاهي نه ٿي سگهي.
- سوچ، سمجهه، ڄاڻ غير مادي ڇو آهي؟
+ ان ڪري جو ان ۾ مادي جي ڪا به خاصيت ناهي.
- مادي جون ڪهڙيون خاصيتون آهن؟
+ مادو سوچ جو محتاج ناهي، سوچ کان سواءِ به مادو
وجود رکي سگهي ٿو، ان جو ڪو نه ڪو قد بت، وزن،
ماپ، رنگ روپ، ڏِکَ،
ڇهاءُ، عڪس، اولڙو آهي. (سوچ، سمجهه، ڄاڻ ان ڪري
غير مادي آهي جو ان جو ڪو به قد بت، وزن، ماپ، رنگ
روپ، ڏِکَ،
ڇهاءُ، عڪس، اولڙو ڪونهي.) سوچ مادي جي محتاج آهي
(سوچ مادي کان سواءِ ٺهي سگهي ئي ڪا نه ٿي).
- ڪن حالتن ۾ سوچَ
سوچ جي ئي محتاج ڪيئن آهي؟
+ مثال طور وهم، ويساهه ۽ عقيدا، جن جو واسطو سوچ
سان آهي انهن کي صحيح سوچ وسيلي ٺيڪ (درست) يا
تبديل ڪري سگهجي ٿو. عيسائي عقيدي واري سوچ تبديل
ٿي مسلمان عقيدي واري ٿي سگهي ٿي يا هڪڙن ديوَن،
ڀوتن، راڪاسن، ديوتائن وغيره بابت ڄاڻ تبديل ٿي،
ٻي ٿي سگهي ٿي يا مورڳو غير موجود ٿي سگهي ٿي.
صحيح ڄاڻ اچڻ کان پوءِ غلط ڄاڻ ختم ٿي ويندي.
سائنسي، حقيقي ڄاڻ اچڻ کان پوءِ غير سائنسي، غير
حقيقي ڄاڻ پاڻ ئي ميٽجي ويندي. ڌرتيءَ کي اڄ ڏينهن
تائين هزارين ماڻهو تراکڙو، پاپڙ يا مانيءَ جيان
سمجهن ٿا، جڏهن ته اها لڳ ڀڳ بال جيان گول آهي.
ماڻهو جڏهن اها حقيقت ڄاڻي وٺندا تڏهن اڳوڻي جاهل
سوچ ختم ٿي ويندي، يا وري جيئن ڪيترائي ماڻهو
سمجهن ٿا ته اڀ ڪا ٺوس يا دونهاٽيل (جهڙالي) شيءِ
آهي جڏهن ته سائنس وٽ چوڦير ڏيکارجندڙ
”آسماني
رنگ“،
نيرهه (نيراڻ) يا ڪارهه (ڪاراڻ)، رڳو ديد جي کوٽ
آهي (پر جيڪڏهن انهيءَ
”آسمان“
۾ ڪا اهڙي شيءِ
اچي وڃي جنهن جي روشني يا روشن اولڙو اسان تائين
پهچي سگهي ته اها شيءِ
ضرور ڏيکاربي، جيئن سج، چنڊ يا تارا ڏيکارجن ٿا).
غلط سوچ سان واسطيدار هڪ ٻيو وهم يا ويساهه مثال
طور وٺون:
ڪيترائي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين اهو ويساهه رکن ٿا
ته هنن وٽ جن ديوين ديوتائن يا ڪنهن خاص ديوتا جو
تصور موجود آهي، اهو سندن ابن ڏاڏن کان اڳ، الڳ،
مٿاهون، انتهائي اتاهون ۽ سگهارو آهي، جنهن هن سڄي
مادي جي مانڊاڻ (فطرت، جڳ، جهان، ڪائنات) کي خلقيو
آهي ۽ ان ۾ موجود هر لقاءُ، هي سٽاءُ، هر عمل، هر
اثر سڀ ڪجهه انهن ديوتائن جي سَڌن
۽ حڪمن جو نتيجو آهي وغيره.
- ڇا اهو ممڪن آهي ته سوچون دماغ کان ڌار وجود رکي
سگهن؟
+ ڪنهن به حالت ۾ ممڪن ڪونهي، ته سوچون دماغ کان
ڌار وجود رکي سگهن. سوچون ته رڳو ماڻهوءَ دماغ ۾
ٻاهرين حقيقتن جا عڪس آهن (ڪئميرا به عڪس وٺي
ٿي...)، تنتي جيو گهرڙي اندر اليڪٽراني ڦيرڦار
آهن، اهي دماغ کان الڳ وجود رکي ئي نه ٿيون سگهن.
جڏهن ماڻهوءَ ۾ حياتياتي ڀڃ-گهڙ
جو عمل بيهجي وڃي ٿو، تڏهن ماڻهوءَ سان گڏ ماڻهوءَ
جو دماغ به مري وڃي ٿو ۽ دماغ جي خاتمي سان گڏ
دماغي عڪس به ختم ٿي وڃن ٿا. سوچون ته ايتريون
محتاج آهن ماڻهوءَ دماغ جون، جو ـــــــــ
ماڻهوءَ دماغ جڏو آهي ته صحيح عڪس (سوچون) نه ٿا
ٺهن، ماڻهوءَ دماغ رڳو ٿڪل آهي ته به سندس سوچڻ جو
عمل ٺيڪ نه ٿو رهي، ماڻهوءَ دماغ بيشڪ موجود، ٺيڪ
ٺاڪ ۽ جيئرو هجي پر حواس ختم هجن، ته به ڪا سوچ
ٺهي نه ٿي سگهي، ماڻهوءَ دماغ بيشڪ موجود هجي پر
مئل (حياتياتي ڀڃ-گهڙ
جو عمل بيٺل) هجي، ته به هن ۾ ڪا به سوچ ٺهي نه ٿي
سگهي، ته پوءِ جڏهن ماڻهوءَ دماغ هوندو ئي نه، ته
سوچون وري ڇا جون!
۽ اهو ويساهه ته ويتر بيوقوفيءَ وارو آهي ته اهي
سوچون نه رڳو وجود رکن پر ماڻهوءَ دماغ کان به اڳ
وجود رکن، هر ساهواري کان به اڳ وجود رکن، ڌرتيءَ
جڙڻ کان به اڳ وجود رکن ۽ نه رڳو وجود رکن پر
ڪائنات ـــــــــ
اڻکٽ،
بي
انتها، لامحدود ڪائنات ٺاهن، ان جو سمورو سٽاءُ
ٺاهن، ڌرتي ٺاهن، ساهوارا ٺاهن، ماڻهو ٺاهن،
ماڻهوءَ دماغ ٺاهن ۽ پوءِ وري پاڻ ماڻهوءَ دماغ ۾
ويهي رهن ـــــــــ
چرخو ئي ابتو! هيءَ ته اڻ ڇيهه جهالت چئبي!
- اهو ويساهه ڇو ٺهيو ته ڪائنات کي سوچن (غلط سوچن
جي بنياد تي ٺاهيل لافاني ديوتائي تصورن) ٺاهيو
آهي؟
+ جهوني ماڻهوءَ ڏٺو پئي (۽ اڄ به اسين سڀ هر
ڏينهن ڏسون ٿا) ته اسان وٽ جيڪا به شيءِ
موجود آهي ان جي ڪڏهن نه ڪڏهن ابتدا ٿئي ٿي، اها
اڳ ۾ ڪا نه هئي ۽ پوءِ ٺاهي وئي، اها عدم (اڻهوند،
ڪجهه به نه) مان ٺهي ۽ ڪجهه عرصو ڪم ڪندي رهي ۽
پوءِ نيٺ ڀڄي، ڀري، ختم ٿي وئي. ماڻهو، جانور، جيت
جڻيا، وڻ ٻوٽا، ڀاڄيون ميوا، ان اناج، جهوپڙيون
جهڳيون، هٿيار پنهوار، ٿانوَ
ٿپا، کارا ٽوڪرا، مينهن طوفان، کنوڻيون گاج ۽ ٻيو
گهڻو ڪجهه پهريائين نه هو پوءِ وجود ۾ آيو ۽ وري
نيٺ ختم ٿي ويو.
ساهواري کي ان جي ماءُ ڄڻيو، پيدا ڪيو پئي، هر مند
۾ فصل کي هاريءَ پيدا ڪيو پئي، سڀ شيون پورهيتن
ٺاهيون پئي ـــــــــ
سڀ شيءِ
جي اڻهوند، هوند (وجود) ۽ وري اڻهوند (غير موجودي)
هئي. اهڙيون سڀ شيون مادي جون ٺهيل هيون تنهنڪري
اهو اصول مادي سان ـــــــــ
ڌرتيءَ سان، ڪائنات سان ـــــــــ
به لاڳو ڪيو ويو ۽ سمجهيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه اڳ
اڻ موجود هو، پوءِ موجود ٿيو ۽ وري اڻ موجود ٿي
ويندو.
ڌرتيءَ کي، ڌرتيءَ تي موجود نظارن ۽ لقائن کي ـــــــــ
جبلن، باغن، ندين، جهرڻن، برف، هوا، پاڻيءَ، ٻنين،
فصلن جي ٻجن، وڻن، ٻوٽن، جيتن، جانورن، ماڻهن کي
ــــــــ
ماڻهوءَ ته ڪو نه ٺاهيو هو، پوءِ ڪنهن ٺاهيو؟
ماڻهوءَ کي ماءُ ٺاهيو هو، ماتا ديويءَ ٺاهيو هو،
فصلن کي به ديويءَ (فصلن ـــــــــ
پيڄاري، رونبي، لاب وغيره جي ديوين ديوتائن) ٺاهيو
هو، ڪيتريون ئي ڪَسيون،
ناليون، واهيون، واهه به ديوين ديوتائن ٺاهيا هئا،
گهرن، غارن، جبلن ــــــــ
رهڻ-جاين ــــــــ
کي به ديوين ديوتائن ٺاهيو هو: دنيا جي ڪهڙي شيءِ
هئي جنهن کي ديوين ديوتائن نه ٺاهيو هجي! پوءِ پڪ
سان ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي به ديوين ديوتائن ٺاهيو
هو... ۽ تاريخي اوسر ۾ اڳتي هلي جڏهن طبقاتي سماج
ظاهر ٿيو، جڏهن خاص ديوتا جو تصور ٺهيو، جڏهن ٻيا
سمورا ديوتا خاص ديوتا جا غلام، ٻانها ٿي ويا ۽
انهن کي به خاص ديوتا ٺاهيو ته لازم هو، ايئن چيو
وڃي ته سڄيءَ ڌرتيءَ، سڄيءَ ڪائنات کي خاص ديوتا
ٺاهيو.
ماڻهن لاءِ ڌرتي اها ئي
”سنئين،
سڌي، وڇايل ڌرتي“
هئي (گول ڌرتي نه) ۽ ان ڌرتيءَ مٿان ڇٽ جيان
پکڙيل، ڇانيل اڀ ــــــــ
ماڻهن وٽ ڪائنات جو تصور محدود هو.
ٻئي دنيائون خاص ديوتا ٺاهيون، ٻنهي دنيائن جو
نظام خاص ديوتا جي نگهباني ۽ حڪم هيٺ ننڍن ديوتائن
پئي سنڀاليو، ٻئي دنيائون محدود هيون، ٻئي دنيائون
خاص ديوتا جي حڪم هيٺ هيون. جيئن سڀ شيءِ
ٺهي پئي سگهي،
تيئن ڊهي به سگهي پئي، ٻنهي دنيائن جي تباهي خاص
ديوتا جي وس هيٺ هئي ۽ خاص ديوتا ٻنهي دنيائن کي
تباهه ڪرڻ، ويڙهي ڇڏڻ لاءِ غلام ديوتا مقرر ڪري
رکيا هئا جيڪي دنيائن کي ويڙهڻ لاءِ حڪم جا منتظر
آهن.
(1) ڇا واقعي هر ڪا شيءِ
اڻ موجود (اڻهوند، ڪجهه به نه) مان وجود ۾ پئي
آئي؟
(2) ڇا واقعي هر ڪا شيءِ
وجود مان اڻ موجود (فنا) ٿي پئي وئي؟
- ڪهڙي شيءِ
آهي جيڪا
”ڪجهه
به نه“
مان وجود ۾ آئي هجي؟
+ اهڙي ڪا به شيءِ
ڪانهي جيڪا
”ڪجهه
به نه“
مان
”ڪجهه“
ٿي (وجود ۾ آئي) هجي. ها، البت اهو ٿي سگهيو پئي
ته اڳ هڪ روپ ۾ هجي ۽ هاڻي ٻيو روپ ورتو هجائين.
ڌرتي پهريائين ڪا نه هئي، سج جو حصو، باهه جو گولو
هئي، سج کان باهه جو گولو ٽُٽي
سج جي ڪشش سبب (جتي شيءِ
جي پرتي وڃڻ ۽ سج ڏانهن ڇڪجڻ جي قوت برابر پئي ٿي)
هڪ مخصوص دائري ۾ ڦرڻ لڳي، هوري هوري ٺرندي رهي،
ٺري پاڻياٺ، مٽي ۽ پٿر ٿي (ڌرتيءَ جي رڳو مٿين سطح
ٺريل آهي، ڌرتيءَ جو وچ اڃا تائين اٻرندڙ پاڻياٺ،
باهه آهي)، مخصوص ماحولن ۾ مخصوص قسم جا ڪيميائي
عمل ٿيندي ڪيترائي خاص مرڪب ٺهيا، انهن مان
حياتيءَ لاءِ لازمي مرڪب ٺهيا، مرڪبن ۾ ڀڃ-گهڙ
جو عمل شروع ٿيو، ڀڃ-گهڙ
جي عمل ٻاهرين شين سان هڪ، ڪَرائي
(مطابقت)، جٽاءَ، بقاءَ، بچاءَ جي عمل سبب اوسر
کاڌي، هڪ گهرڙا جيو ٺهيا، گهڻ گهرڙا جيو ٺهيا
ـــــــــ
انهن کي اسين ساهوارو سڏيون ٿا.
ڌرتي گول آهي. هن وقت جڏهن اسان وٽ (سنڌ ۾) ڏينهن
آهي تڏهن آمريڪا جا ٻئي کنڊ، ڏکڻ ۽ اتر، رات جي
پاڇي هيٺ آهن ۽ جڏهن اسان وٽ رات هوندي آهي تڏهن
اتي ڏينهن هوندو آهي. اسين به اڀ ڏسون ٿا ته هو به
اڀ ڏسن ٿا ـــــــ ڌرتيءَ جي چوڦير هر گهڙيءَ
”اڀ“
موجود آهي.
توهان ڇت مان هڪ وڏو گولو ڪنهن ڌاڳي سان ڇت ۽ فرش
جي وچ تي خلا ۾ لٽڪائي ٻَڌو
۽ پوءِ تصور ڪريو ته اهو ڌاڳي سان ٻڌل ناهي ۽ ان
جي چوڌاري پکڙيل خلا ۾ ننڍا وڏا، ويجها پري اهڙا
سوين جسم (گولا) تصور ڪريو. سمجهو ته ڪمري جون
ڀتيون، ڇت ۽ فرش ڪونهن ۽ جيستائين نگاهه پوي ٿي
تيستائين رڳو ننڍا وڏا گولا ئي پکڙيل آهن ـــــــــ
ڌرتي-گولو سڄيءَ ڪائنات ۾ ايئن ئي آهي. ڄاتل
ڪائنات ۾ ڌرتيءَ گولي جي حيثيت واريءَ ذري کان به
ننڍي آهي ۽ ڪائنات کي ڪو به ڪنارو ڪونهي، ان جي
ڪٿي به انتها ڪانهي، اها ڪٿي به کٽل ڪانهي، اڻکٽ
آهي، لامحدود آهي.
- ڇا ڪو ماڻهو لامحدود، اڻکٽ جو تصور ڪري سگهي ٿو؟
+ نه، بس هو رڳو ايترو سوچي سگهي ٿو ته ڪا کوٽ ئي
نه هجي، ڪو بند، ڪا انتها، ڪو ڪنارو ئي نه هجي.
کوٽ، انتها، ڪناري وغيره جي تصور جو ابتو تصور
اڻکٽ (لامحدود) آهي. سنئون سڌو اڻکٽ (لامحدود) جو
تصور نه ٿو ڪري سگهجي.
جڏهن ڪائنات کٽل ناهي، اڻکٽ آهي، ڪٿي ڪو
”اڀ“
ئي ڪونهي، ڪو خاتمو ئي ڪونهي ته اهڙي اڻکٽ
(لامحدود) جنهن جو ڪو تصور (خاڪو) ٺاهي ئي نه ٿو
سگهجي ان جي تخليق جو تصور ته مورڳو ٻاراڻو ٿيو
پوي. ماڻهو جنهن ڪائنات جي تخليق جو تصور ڪري
سگهيو اها کٽل، محدود، سوڙهي ۽ ننڍي هئي ۽ ان جي
تخليقڪار (خالق)، ٺاهيندڙ، پيدا ڪندڙ کي ان کان به
وڏو ڪري ان جي مٿان ويهاري ڇڏيائين.
توهان ڌيان ڏئي ڏسو ته جنهن خاص ديوتا کي ڪائنات
جو خالق بنايو ويو آهي ان جو تصور ڪيترو نه محدود
آهي: اهو ڪرسيءَ تي ويهي سگهي ٿو، اهو منهن وات هٿ
رکي ٿو، ٻين ديوتائن کي حڪم ڏئي سگهي ٿو (ظاهر آهي
ته پاڻ کان ڪجهه پرَڀري
شيءِ
سان ڳالهائي سگهي ٿو)، اهو خاص ديوتا ڪائنات کان
پرڀرو آهي (معنى
جيڏي ڪائنات تصور ڪئي وڃي ٿي ايڏي حد ۾ موجود
ناهي)، ڇا جو ٺهيل آهي (ڪي روشني جو چون ٿا)، ان
جي خبر ناهي ــــــــ
رڳو تصور ئي تصور آهي، رڳو خيال ئي خيال آهي، عڪس
آهي وڏي، سگهاري، هلنديءَ واري ماڻهوءَ جو ـــــــــ
هر ديوتا ماڻهوءَ (يا ڪن ٻين شين) جو رڳو عڪس آهي
ـــــــــ
خيالي
”وجود“
آهي جيڪو سوچ جي تبديليءَ سان بدلجي سگهي ٿو.
اڻکٽ، لامحدود ڪائنات کي ڪنهن به پيدا ڪندڙ (جيڪو
محض تصور هجي) جي ڪا به گهرج ڪانهي. سائنسي اصول
آهي ته مادي کي ڪو به خلقي نه ٿو سگهي،
”ڪجهه
به نه“
مان
”ڪجهه“
ٺهي نه ٿو سگهي، هڪ روپ کان ڦري ٻيو روپ ٿي سگهي
ٿو ۽ ان مان وري ٽيون روپ جنم وٺي سگهي ٿو ۽ ايئن
سلسلو هلندو رهي ٿو.
- دماغ مادي جو ٺهيل آهي، سوچون غير مادي آهن.
- دماغ اڳ آهي، سوچون پوءِ آهن.
- سوچن کان سواءِ دماغ ٿي سگهي ٿو، دماغ کان سواءِ
سوچ نه ٿي ٿي سگهي.
- سوچَ
دماغ جي محتاج آهي، دماغُ
سوچَ
جو محتاج ناهي.
- سوچَ
دماغ جي ڪري آهي، دماغُ
سوچ جي ڪري ڪونهي.
- دماغ سوچون سانڍي ٿو، سوچون دماغ کي ڪو نه ٿيون
سانڍن.
- سوچون مادي کي تخليق، تبديل ڪري نه ٿيون سگهن،
دماغ سوچن کي تخليق، تبديل ڪري سگهي ٿو.
- سوچون رڳو تصور، احساس، عڪس، اولڙو آهن ڪنهن نه
ڪنهن مادي جو، جنهن کي حواسن وسيلي محسوس ڪري
سگهجي ٿو، سوچن جو اولڙو، عڪس نه ٿو ٿي سگهي.
- دماغ جيئرو عضوو آهي، جيئري جسم جو حصو آهي،
جيئرو جسم مادو آهي، سڄي ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي.
- مادو اڳ آهي، جيئرو مادو پوءِ آهي، جيئري مادي
جو دماغ اڃا به پوءِ آهي، ماڻهوءَ جو اسريل دماغ
اڃا به پوءِ آهي، ماڻهوءَ جو سماج ان کان به پوءِ
آهي، ماڻهوءَ سماج ۾ ٻولي،
ماڻهوءَ سماج کان به پوءِ آهي، ٻوليءَ کان پوءِ ئي
سوچون آهن.
- سوچون مادي، جيئري مادي، جيئري مادي جي ٺهيل
دماغ، ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ٻاهرين، مادي جي حقيقتن
تان آيل آهن.
لکين سالن جي ارتقائي عمل جيئري مادي کي جنم ڏنو،
وري لکين سالن جي ارتقائي عمل تنتي سرشتي کي جنم
ڏنو ۽ اڃا به وري لکين سالن جي ارتقائي عمل مرڪزي
تنتي سرشتي کي جنم ڏنو. مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ
ساهوارن ۾ ماڻهو انهن کان به لکين سالن جي ارتقا
کان پوءِ ٺهيو، جنهن کي لکين سالن تائين سماجي عمل
ماڻهوءَ دماغ بنايو.
ماڻهوءَ دماغ انتهائي ڳتيل، گهڻ جيو گهرڙو، نسبتاً
وڏو ۽ اسريل جيئرو عضوو آهي جيڪو مادي جو ٺهيل
آهي. ان ۾ سوين قسمن جا انتهائي پيچيده، گوناگون،
گهڻ پاساوان عمل ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن مان هڪ عمل
حواسن وسيلي پهتل عڪسن کي سانڍڻ، ڇنڊڻ ڇاڻڻ، پرکڻ
پرجهڻ ۽ پروڙي ڄاڻ پرائڻ آهي ۽ پوءِ ان ڄاڻ جي
بنياد تي وري شين کي پرکڻ، پرجهڻ، ڄاڻڻ جو عمل
هلندو رهي ٿو. ڇا دماغ نه هجي ته ڪا به سوچ ٿي
سگهي پئي؟
نه، دماغ کان سواءِ ڪا به سوچ نه ٿي سگهي ٿي. اسان
وٽ جيڪا به ڄاڻ آهي، جيڪي به احساس، خيال،
خواهشون، سوچون، جذبا، ارادا، عزم، ايمان، عقيدا،
وهم، ويساهه آهن،
اهي ان ڪري آهن جو اسان وٽ احساس جا حواس آهن،
احساسن کي سانڍڻ وارو، سوچڻ وارو عضوو ــــــــ
دماغ ــــــــ
آهي.
جڏهن اڃا ڪا به سوچ، سمجهه وجود ۾ نه آئي هئي دماغ
ان کان به اڳ وجود رکيو پئي. سمجهه کان اڳ دماغ،
ماڻهوءَ، جانور، جيت جڻيي، وڻ ٻوٽي ۽ گاهه پٺي،
ڌرتيءَ، ڪائنات، مادي وجود رکيو پئي. مادو ڪڏهن به
سمجهه، سوچ جو محتاج نه رهيو آهي. مادو خالق آهي ۽
سوچ ان جي مخلوق.
ڪن ماڻهن اهو به چيو پئي ته دماغ هڪ غدود جيان ڪم
ڪري ٿو ۽ خيال ڪنهن رطوبت، پاڻياٺ جيان ان ۾
ٺهندا، وهندا رهن ٿا. رطوبت، پاڻياٺ مادو آهي ۽
خيال ڪڏهن به مادو نه ٿا ٿي سگهن. خيال ته رڳو عڪسَ
آهن، اولڙا آهن، احساس آهن ٻاهرين حقيقتن جو، جيڪي
تنتي نظام وسيلي دماغ تائين پهچن ٿا. دماغ پنهنجي
ليکي ڪو هڪ به خيال ٺاهي نه ٿو سگهي.
جيئن جسم ۾ ٻين عضون جا پنهنجا پنهنجا مخصوص ڪم
آهن، مثال طور، دل جو ڪم آهي بدن جي رت ڌڪڻ ۽ ڇڪڻ،
ڦڦڙن جو ڪم آهي هوا ڇڪڻ ۽ ڌڪڻ، گوشت جو ڪم آهي لڱَ
ويهڻَ،
گهمڻ، لائق بنائڻ، ساڳيءَ طرح دماغ به هڪ عضوو آهي
جنهن جو ڪم آهي عڪس وٺڻ ۽ ظاهر ڪرڻ. اهي عڪس خود
دماغ جي مختلف حصن مان به اچن ٿا، جسم مان به اچن
ٿا ۽ جسم کان ٻاهران سڄيءَ دنيا، ڪائنات مان به
اچن ٿا، دماغ انهن کي ظاهر ٿو ڪري پنهنجي ردعمل
وسيلي، عضون جي چرپر وسيلي، ٻوليءَ وسيلي، عمل
وسيلي. اهو رڳو دماغ ئي آهي جنهن مان سوچ ظاهر ٿي
سگهي. دماغ کان سواءِ سوچ جو وجود ممڪن ڪونهي.
”خيال
کي ڪو به سوچيندڙ مادي (دماغ) کان ڌار ڪري نه ٿو
سگهي.“
سوچ، سمجهه، خيال، تصور ڀلي کڻي ڪيڏا به نوان،
نرالا ۽ ظاهري طرح اسان جي احساس کان مٿاهان نظر
ايندا هجن پر اهي مادي جي جسماني عضوي دماغ ۾ ئي
آهن. |