سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: شعور

باب: --

صفحو :2

 

باب پهريون

سمجهه ڇا کي چئجي ٿو؟

 

ڄاڻَ، سڄاڻَ، سوچن، سڌُن، عقل، عقيدي، احساس، ارادن، خيالن، خواهشن، تصورن، تات تانگهه، سڪ ساڃاهه، جذبن، ذهانت، ذڪاوت، ويساهه، وهم، اميدن، امنگن جو گڏيل نالو آهي سمجهه. هن لاءِ اردو ۽ عربيءَ ۾ شعور ڪتب ايندو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪانشـِـيَسنيس (Consciousness). ڪڏهن ڪڏهن روح (اسپرٽ sprit يا سائول soul) به ساڳيءَ ئي معنى ۾ ڪتب ايندو آهي، ڇو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ويساهه موجب بُت ۾ جڏهن روح هجي ٿو تڏهن ئي اهو سوچي، سمجهي، ڄاڻي، سڃاڻي سگهي ٿو، نه ته بوتو بي مقصد ۽ بي جان آهي، تنهنڪري ئي سوچ سمجهه کي روحاني عمل به سڏيو ويندو آهي.

 

- سمجهه ڪيئن ٿي پيدا ٿئي؟

ماڻهوءَ ۾ سمجهه ڪيئن پيدا ٿي؟ جڏهن کان ماڻهو موجود آهي تڏهن کان ان ۾ سمجهه موجود آهي يا ان کان اڳ به هئي؟ ماڻهوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ به ڇا ان ماڻهوءَ جي سمجهه وجود رکي سگهي ٿي؟ ڪيئن رکي سگهي ٿي؟ ڇا ماڻهوءَ کان سواءِ سمجهه ٿي سگهي ٿي؟ سمجهه ماڻهوءَ جي ڳيجهو آهي يا ماڻهو سمجهه جو؟ ڇا سمجهه کان سواءِ ماڻهو ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهوءَ ۾ جيتري سمجهه اڳ هئي هاڻي به اوتري آهي يا اها وڌي، ويجهي ٿي ۽ اسرندي رهندي؟، وغيره.

اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ لاءِ اچو ته ماڻهوءَ جي ٻار کي جاچيون. في الحال اسين، مثال طور، اڄوڪي زماني جو ماڻهو سوچينداسون، جيڪو سياڻو آهي، سيبتو آهي، اڳ پوءِ ڏسي وائسي ٿو، گهڻو ڪجهه سوچي سمجهي ٿو، هزارين مامرا پرکيا، پروڙيا ۽ پرجهيا اٿائين، لکين کوجنائون ۽ اڀياس ڪيا اٿائين، تجربن، تنقيدن، مشاهدن ۽ معاملن مان ٽپندو رهي ٿو. اڄوڪو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ماحول جو هر طرح باندي ناهي، گهڻو ڪجهه آزاد آهي، جنهن پنهنجي جياپي، جيءَ جي سهولت ۽ سرور لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، جنهن گوناگون تاريخ ڏٺي آهي، رنگا رنگ تهذيبن کي جنم ڏنو آهي، جنهن شيل شڪار ڪيا، ڍور ڍڳا پاليا، پوکيءَ پالنا ڪئي، جيڪو مشينون ڦيرائي ٿو، جهاز اُڏائي ۽ تاري ٿو، جيڪو پاتال ۾ پيهي سپون سوجهي ٿو، ڌرتيءَ جو ڌن ظاهر ڪري ٿو، باغ بستان ۽ عمارتون اڏي ٿو، بسون، ڪارون، فونون، ٽِيوِيون، ريڊيا، ريلون، رستا، راڪيٽ وغيره ٺاهي ٿو، جيڪو پولار ۾ سڄو جڳ جهان ڇاڇولي ٿو، جنهن وٽ ڪروڙين ڪتاب، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن، جيڪو سڌريل ۽ سٻاجهو آهي...

جڏهن ماڻهوءَ ٻالڪ ڄمي ٿو، تڏهن:

- ڇا وٽس سمجهه آهي؟

- ڇا وٽس ٻولي آهي؟

- ڇا وٽس ڪو جذبو، اتساهه، وهم، ويساهه، عقـيـدو، ايـمـان، ڪا دين ڌرم جي ڳالهه آهي؟

- ڇا هو سوچي سگهي ٿو؟

- ڇا هو ڪم ڪري سگهڻ جهڙو آهي؟

- ڇا هو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جهڙو آهي؟

- ڇا هو پنهنجي جياپي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟

- ڇا هو ڪا ڏِيا، ڪا ڏاهپ رکي ٿو؟

هر هڪ ماڻهو سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته هو پنهنجي ماءُ پيءُ، گهر، ماحول، قدرت آڏو بيوس ۽ لاچار آهي، ڏات ۽ ڏاهپ تي سوچ ويچار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، هن وٽ ته ڪا اهڙي لياقت به ڪانهي جو ويندي رڳو پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکي سگهڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. جيئرو ئي نه هوندو ته سوچيندو سمجهندو وري ڇا! (ڇا ڪڏهن مئلن به سوچيو ۽/يا ڪم ڪيو آهي؟)

ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته اهو ٻار روئي ٿو، بي چين ٿئي ٿو ۽ اها به هڪ قسم جي جدوجهد آهي، پر سوال وري هي پيدا ٿيندو ته ڇا ڪو روئڻ ۽ بي چين ٿيڻ سان هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندو، جيئرو رهي سگهندو، فلسفي جا مسئلا حل ڪري سگهندو يا سائنس تي تحقيق ڪندو؟

حقيقت هيءَ آهي ته ان وٽ رڳو ايتري سرت ساڃاهه به ڪانهي جو پنهنجي بک ۽ اُڃ اجهائڻ لاءِ کاڌو ۽ پاڻي گهري سگهي. هن ۾ ته ايتري سمجهه به ڪانهي جو پنهنجي وات ۾ ماءُ جي ببي جي ٻنڊڻيءَ کي چڳڙ چوس ڏئي سگهي!

 

- ٻار روئي ڇو ٿو؟ ٿڃ ڪيئن ٿو پيئي؟

هر ساهوارو فطري طرح پنهنجو ساهه بچائڻ جو جتن ڪري ٿو. جڏهن کان ننڍڙي ۾ ننڍڙو جيتامڙو، جيوڙو، جيو-گهرڙو، جيت، جانور، ساهوارو وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان اهو جياپي، بچاءَ، بقا ۽ واڌاري لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو. شين، ذرڙن کي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه (ڀڃ گهڙ) جي عمل وسيلي انهن جو ڪارائتو ڀاڱو هڙپ، هضم، جذب ڪري ان مان جياپي-جوت کڻي باقي ڦوڳ ڦٽو ڪري ٿو. بچاءَ ۽ بقا جي عمل ۾ هو پنهنجي ماحول سان مطابقت، ويريءَ خلاف وار يا ان کان ڀاڄ ۽ نئون نسل پيدا ڪري ٿو.

گهڻ-گهرڙن وارا ساهوارا نه رڳو ڳتيل سرشتا رکن ٿا، پر هر سرشتو هڪ ٻي سان لاڳاپيل، سلهاڙيل، هڪ ٻي جو ساٿاري، هڪ ٻي جو واهرو به هوندو آهي ته پاڻ ڀرو به ۽ هر سرشتي ۾ وري پنهنجا خصوصي ۽ مختلف قسم جا جيو گهرڙا ٿيندا آهن ــــــــــ دماغ جا ڌار، گوشت جا ڌار، هاضمي جا ڌار، ساهه-سرشتي جا ڌار، رت ڊوڙائڻ ۽ ڊوهڻ وارا ڌار، جيري، لبلبي، تريءَ، غدودن وغيره جا ڌار ــــــــــ هر سرشتو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ پورو پنو ڪم به ڪري ٿو ته ٻي تي اثر به وجهي ٿو.

هر جيو گهرڙي، جيو گهرڙن جي هر گڇي، هر سرشتي کي پنهنجو خصوصي کاڄ گهرجي ٿو ۽ جڏهن اهو ملندو، تڏهن ئي اهو پنهنجي ڪرت ڪري سگهندو ۽ مجموعي طرح سڄي جسم جي هر عضوي جي ڪرت گڏيل نموني جياپي جو جوهر مهيا ڪري ٿي. جيڪڏهن دماغ ٺيڪ نموني ڪم نه ڪري ۽ باقي سڀ سرشتا يا عضوا ٺيڪ ڪم ڪندا رهن تڏهن به نيٺ دماغ جو خراب، بيمار، اگهو اثر باقي عضون تي ڇانئجي ويندو ۽ نيٺ ساهواري کي ماري رکندو (دماغ جسم جو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ اثرائتو ڳتيل سرشتا رکندڙ حصو آهي). ساڳيءَ طرح گجي، آنڊو (ننڍو ۽ وڏو) ۽ انهن سان واسطيدار عضوا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا. آنڊي ۾ لاڳيتو ڪِينئي جيان چرپر موجود رهندي آهي جنهنڪري نڙگهٽ، گجيءَ ۽ آنڊي ۾ کاڌو رڙهندو رهي ٿو. ڪن ڪن عضون جو ڄمار جي ڪنهن خاص ڀاڱي ۾ ڪو خاص ڪردار هوندو آهي ۽ پوءِ اهي بي اثر ٿي ويندا آهن ۽ ڪي عضوا وري اوسر (ارتقا) سبب هوري هوري ختم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو ڪو خاص ڪم نه هوندو آهي.

ساهوارو اوسر جي جيترو مٿاهين ماڳ تي هوندو، اهو اوترو ئي وڌيڪ وقت پنهنجن وڏڙن جو ڳيجهو ۽ انهن تي ڀاڙيندڙ هوندو. جيوڙا، جيتامڙا، جيت ڄمندي ئي پاڻ مرادي حياتي گهارڻ شروع ڪن ٿا، پکي پکڻ ڪجهه نه ڪجهه وقت لاءِ پنهنجن وڏڙن جا ڳيجهو هوندا آهن ۽ سندن وڏڙا کين چوڳو پهچائيندا آهن. کير پيئاڪ جانور اڃا به وڌيڪ وقت لاءِ پنهنجن وڏڙن جا ڳيجهو ۽ انهن تي ڀاڙيندڙ هوندا ۽ سڀني ساهوارن ۾ جيئن ته ماڻهو اوسر جي سڀ کان اتاهين ڏاڪي تي آهي تنهنڪري ان جو اولاد وري اڃا به ڊگهي عرصي لاءِ پنهنجن وڏڙن جو ڳيجهو ۽ انهن تي ڀاڙيندڙ آهي.

ڄمڻ کان اڳ ٻار ساهه به ڪو نه کڻندو آهي. هن کي جياپي-جوت (جسم ۾ ڪيميائي ڀڃ گهڙ جو ڪم) ماءُ جي رت مان ملندي رهي ٿي. ڄمڻ وقت ٻار ۽ ماءُ جي وچ ۾ رت جو وهڪرو پڄائيندڙ ۽ ڍوئيندڙ رڳون (ناڙو) ڪاٽيون وينديون آهن، جنهنڪري دماغ، دل (رت-سرشتي)، ڦڦڙن (ساهه-سرشتي)، هاضمي-سرشتي جو جيئاڪ عمل پاڻ مرادو شروع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ٻار کي ڪنهن اهڙي خال ۾ ويم ڪرايو وڃي جتي هوا نه هجي، ته هو ساهه کڻي نه سگهندو ۽ مري ويندو. هوا ڦڦڙن ۾ آڪسيجن پهچائي ٿي، جيڪا رت ۾ قوت پهچائي ٿي ۽ رت ۾ شامل سموريون توانائيون سمورن عضون ۾ پهچن ٿيون. گجي ۽ آنڊو وغيره به چرپر ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن گجي ۽ آنڊو وغيره خالي هوندا ته انهن جي چرپر سور پيدا ڪندي، اهو سور دماغ کي بي چين ڪندو ۽ موٽ ۾ ان جو هڪ اثر نڙيءَ تي پئي رڙ ڪرائي ٿو، ته ٻيو اثر ٻار جي لڱن ۾ آنڌ مانڌ مچائي ٿو. ٻار جي روئڻ ۽ بي چينيءَ جو سبب اهو آهي. ٻار کاڌو ڪو نه گهرندو آهي، هن کي ته کاڌي جي مفهوم جي ئي خبر ڪانهي، هن کي ٻوليءَ جو لفظ ته ڇا اکر به نه ٿو اچي. ٻار جي آنڌ مانڌ ۽ ڪنجهڪو ڏسي، ٻڌي ماءُ سمجهي وڃي ٿي ته ٻار کي بک لڳي آهي ۽ هوءَ کيس ٿڃ، کير يا پاڻي ڏي ٿي (ٻار ڪو به کاڌو چٻاڙي، ڳيت ڏئي، کائي نه سگهندو آهي).

ٻار بُبي جي ٻنڊڻيءَ کي چوس، چڳڙ به نه ڏئي سگهندو آهي. ماءُ پنهنجي ببي تي آڱرين جو زور ڏئي ٿڃ وهائيندي آهي. ٻار جي وات ۾ ٿڃ (کير، پاڻي) پوڻ سان ان جي ڳيت ڏيڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو. ڳيت ڏيندي زبان چرپر ۾ اچي ٿي ۽ چپ بند ٿي وڃن ٿا (ڪو به ماڻهو وات کولي ڳيت ڏئي نه سگهندو). اهو عمل لاڳيتو ٿيندو رهي ٿو ۽ نيٺ چپ، زبان، تارُونءَ، نڙگهٽ وغيره جي گڏيل ڪرت وسيلي چڳڙ ٿئي ٿي (ٻار ڄمندي ئي پاڻ اٿي وڃي پاڻي پيئي يا کير، اهو ممڪن ڪونهي).

ٻار ڪنهن به ڳالهه، شيءِ، لقاءَ تي سوچي نه سگهندو آهي، ڌيان ئي ڪو نه ڏئي سگهندو آهي، سمجهندو ئي ناهي، ڏسي به نه سگهندو آهي، جڏهن ته سندس اکين ۾ ديد ۽ ڏسڻ جي سگهه موجود هوندي آهي. ٻار کي سُئي ٽنبيو، چهنڊڙي پايو يا چڪ هڻو، سور سبب روئندو ضرور، پر پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهندو ــــــــــ ٻار نٻل آهي، ابهم آهي، اٻوجهه آهي. هو نه ته فلسفي جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو، نه ئي سائنسي کوجنا. نه پڙهي سگهي ٿو، نه ئي پرکي، پروڙي، پرجهي سگهي ٿو. هن وٽ نه ڪو وهم ويساهه آهي، نه ڪو ايمان عقيدو، هو نه مسلمان آهي، نه عيسائي، نه هندو، نه ٻوڌي، وغيره. نه هن کي شيعي يا سنيءَ جي ٻوجهه آهي ۽ نه ئي هندو يا مسلمان جي (کيس شيعو يا سني، هندو يا مسلمان ته سندس وڏا ٿا سمجهن ۽ ٺاهن). هو نه ماءُ پيءُ سڃاڻي، نه ڀاءُ ڀيڻ، نه گهر، نه پاڙو يا ڳوٺ. هن جي هر عضوي، هر انگ، هر سرشتي ۾ جياپي جون سموريون سگهون موجود آهن پر بيوس ۽ لاچار آهي. هو گلن جي گوناگوني، رنگا رنگي، پکين جي لاتين، جهرڻن جي جهان جهان جهڻ جهڻ، سمنڊ جي ڇولين وغيره مان مزو وٺڻ لائق ناهي. هو رڳو ماڻهو آهي، ماڻهوءَ جو اولاد آهي، جيئڻ جا انگ ۽ گڻ رکندڙ آهي.

ٻار سان ڳالهايو، اوهان جي ٻڌندو ڪو نه، ٻار کي ڪجهه به سهڻو من مهڻو يا ڀوائتو وجود ڏيکاريو، ته ڏسندو ڪو نه، سڳنڌ هجي يا ڪڳنڌ، نه سنگهي سگهندو ۽ نه پرکي. ساڳي ڳالهه ذائقي ۽ ڇهاءَ بابت چئي سگهجي ٿي. ٻالڪ جيئرو آهي، اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي پهتل هستيءَ جو اولاد آهي، سڀ حواس ۽ انگ عضوا جيئرا اٿس ۽ پنهنجي مخصوص لياقت به رکن ٿا، جياپي جو جوهر به اٿس، پر ٻڌي نه ٿو (جڏهن ته ٻوڙو به ناهي)، ڏسي نه ٿو (جڏهن ته انڌو به ناهي)، سنگهي نه ٿو (جڏهن ته اَسڻڪ به ناهي)، چکي نه ٿو (جڏهن ته اَچک به ناهي) ۽ ڇهاءَ کي محسوس نه ٿو ڪري (جڏهن ته اَڇهائڪ به ناهي).

ٻار جو هر حواس هوري هوري جاڳي ٿو، ويجهي ٿو، سگهه وٺي ٿو، جوت ۾ اچي ٿو، بود ۾ ڀرجي ٿو، پنهنجي ڪرت نڀائڻ شروع ڪري ٿو، پهريائين ڪجهه ڦڪي نموني ۽ پوءِ ڏينهون ڏينهن وِيران وڌ، ڀلان ڀلو. چتائي ڏسي ٿو، اک اٽڪائي ٿو (غير اصطلاحي معنى ۾)، ڪَنائي ٿو، ڇهاءَ کي محسوس ڪري ٿو (انهن ڪمن ۾  لڳ ڀڳ ٽي مهينا لڳي وڃنس ٿا)، ڪڙي، مٺي ۾ فرق ڪري ٿو (لڳ ڀڳ ڇهن مهينن کان پوءِ) ۽ سڳنڌ ڪڳنڌ کي محسوس ڪري ٿو (لڳ ڀڳ 12- مهينا). ببي جي ٻنڊڻيءَ کي چڳڙ ۽ ٿڃ کي چوس (سرڪ) جو عمل پهريائين اسري ٿو، پوءِ ديد، ان کان پوءِ ٻڌڻ ۽ ان کان پوءِ ڇهاءُ.

ننڍي کان ئي کيس ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سمجهڻ تي مائل ڪيو وڃي ٿو. ماڻهو (ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، مٽ مائٽ يا ڪو به ٻيو) سندس نظرن آڏو بيهي کلي ٿو، ڳالهائي ٿو، عجيب حرڪتون (مسخري) ڪري ٿو، آڱر سان ٻالڪ جي چپڙن کي ڇهي ٿو ــــــــــ ابا، بابا، امان، امڙ، ادا، ادي، ڀاءُ، ڀيڻ، جيءُ، هات، ڏس، کل، ڪـِت ڪـِـت، شـِي، شي شي، وغيره.

ٻِن، اڍائي، ٽن مهينن ۾ نيٺ هن جا حواس ايتري سگهه وٺي وڃن ٿا جو ڪجهه ڌيان ڏئي سگهي ۽ سامهون ٿيندڙ مسخريءَ جو ڪجهه نقل ڪري سگهي. هو ڏسي ڏسي نيٺ چپڙا ڊگهيري ٿو... اسين ٻهلور وڃون ٿا ته ٻالڪ مرڪيو (کليو). ٻالڪ پهريائين رڳو مرڪي سگهندو آهي، ٽهڪ ڏئي نه سگهندو آهي. گهر ڀاتي لاڳيتو کيس مخصوص نالي سان سڏيندا ۽ مخصوص نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندا رهن ٿا، ۽ اهو عمل مهينن جا مهينا ٿيندو رهي ٿو. ڪو سندس ابو، ادو، ڏاڏو، نانو، مامو، چاچو وغيره آهي، ته ڪا سندس ماءُ، ڀيڻ، ڏاڏي، ناني، مامي، چاچي وغيره. مخصوص لفظ مخصوص ماڻهن، مهانڊن، شين، پرزن، لقائن سان لاڳو ٿينديون ڪنن ۾ آواز وسيلي ۽ اکين ۾ نظر وسيلي ٻالڪ جي ذهن تائين پهچنديون رهنديون. مهينن کان پوءِ مَس مَس هو ان لائق ٿئي ٿو ته مختلف مهانڊن، لقائن، شين جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي. ٿڃ ۽ ماءُ سڀ کان ويجهو اٿس. ٿڃ سندس کاڄ آهي ۽ ماءُ ٿڃ جو ٿاڪ، ان ڪري انهن سان پهرين سڃاڻپ ٿئيس ٿي ۽ ٽين شيءِ آهي پاڻي، پر جن لفظن تي وڌيڪ زور هوندو آهي اهي ئي ٻالڪ وڌيڪ ٻوليندو آهي ــــــــــ امان، ابا، ادي، ادا، ناني، نانا، ڏاڏي، ڏاڏا، چاچي، چاچا، مامي، ماما، ننڍڙن ٻارن جا نالا (ڇو ته انهن کي عام طرح نالن سان سڏيو وڃي ٿو). پهريائين ٻاتا ٻاتا ٻول (نڙي ۽ ڄڀ ٺيڪ نموني ڪم ڪرڻ اڃا نه سکيا آهن) ۽ پوءِ نيٺ ٺيڪ آواز. هيءُ عمل مهينن جا مهينا ٿيندو رهي ٿو ۽ ان ۾ ٻار رڳو آواز جو نقل ڪري ٿو. هن کي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ وغيره جي مفهوم جي سڌ ئي نه هوندي آهي. پڇي ڏسو ڪنهن به ٻار کان، ته پيءُ جو يا ماءُ جو مطلب ڇا آهي؟

انهيءَ عمل دوران هو روزاني واهپي جي سڀني شين ۽ لقائن جا نالا ٻڌندو رهي ٿو ــــــــــ ماءُ کي سڏ ڪري، بابا اچي ٿو، پاڻي کڻي آءُ، ماني آڻ، بک لڳي آ، اڃ لڳي آ، بلب (بتي) ٻار، سج اڀريو، سوجهرو ٿيو، رات، ڏينهن، ٿڌ، گرمي، ٻٽ، وائک، وٽو، لوٽو، تئو، ٽڦڻي (وراڻي)، ڏوئي، چمچو، ڪيوي، ڪُـنو، ديڳڙو، ٻاٽو، ٿالهي (پليٽ)، ڪُپڙو (گلاس)، ڪَونرو، باٽلي، ڇت، ڀت، پڌر (آڳر، اڱڻ)، در، دري، جارو (هوادان، روشندان)، سِر، گارو، سيمينٽ، رلي، چادر، وهاڻو، کٽ (پلنگ)، پائو، ٻانهي، ڪرسي، ميز، ڪِوِل، ڪرڙي، جيت، پوپٽ، ٽنڊڻي، ماڪوڙو، مڇر، سور، ٿـ،ـڪ، ننڊ، جاڳ، کاءُ، پيءُ، هلي آ، وڃ، وڻ (وڻن جا نالا)، سئي، مشين... مطلب ته سوين نالا ۽ لقاءَ سوين ۽ هزارين ڀيرا ٻڌجن، ڳالهائجن، ورجائجن ٿا، ٻار کي هر هر ٻڌائجن ۽ ان کان چورائجن ٿا، هو ڳالهائي ته ان کي همتائجي، وهه واهه ڪجي ٿي، مرڪجي، کلجي ۽ ٽهڪ ڏجي ٿو...

ٻار نيٺ گهر کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ۽ هو وري گهر کان ڪجهه نرالي دنيا ڏسي ٿو ــــــــــ گهڻن ئي قسمن جون گهڻيون گهڻيون شيون، جنسون، لقاءَ ڏسي ٿو ۽ انهن بابت ٻڌي ٿو ــــــــــ ڌار ڌار قسم جا گهر، در، هٽ، وڻ ٻوٽا، ڀاڄيون ڀتيون، گوشت، مڇيون، ميوا، مٺايون، ماڻهو ميڙا، ڌرتي، اُڀ، ڌوڙ ڌڪاءُ، گوڙ گهمسان، اچ وڃ، کيج خوشيون، رانديون رونديون، وندر ورونهه، باغ باغيچا، بسون لاريون، ٽريڪٽر، ٽرڪون، روڊ ريلون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.

اسڪول ۾ وري ٻار کي اڃا به نئون ماحول ملي ٿو ــــــــــ استاد، شاگرد، ڪلاس، بورڊ، بينچون بانڪڙا، ڪرسيون، ميزون، ڪتاب، سليٽون، قلم، پينون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. ٻار کي هاڻي خبر پوي ٿي ته الف جي شڪل ڇا آهي. الف جو ڪارج ڪهڙو آهي، اڃا اها سڌ ڪانهيس. الف، ب، زير، زبر، پيش، الف اک (انب)، ب بدڪ (بلا)، ٻ ٻڪ (ٻڪري)، وغيره، اکر سکي لفظن تي پهچي ٿو ــــــــــ کٽ، پڳ، پَٽَ، ٽَپَ، پک، آنا، پاوا، پَنَ، وَٽَ، نانا، ڳانا، ڇت، تـِڏ، ڇَڏ، ڇَٽَ، پَٽَ، واٽ وغيره. انهيءَ سان گڏ هو ننڍا جملا سکي ٿو ــــــــــ هيءَ کٽ آهي، هيءَ پڳ آهي...

اکر اکر، لفظ لفظ، جملو جملو سندس ذهن ۾ سامائبو رهي ٿو. انهيءَ وچ ۾ گهريلو، شهري، اسڪولي وهمَ، ويساهه، عقيدا ۽ ايمانُ به، ريتون، رسمون، رواج ۽ اخلاقي مامرا به سندس ذهن ۾ ڀريا ويندا رهن ٿا. کيس اڃا به انهن جي مفهوم جي خبر ناهي پر جيئن ته پڙهايو، ٻڌايو ۽ ڏيکاريو وڃي ٿو تنهنڪري هو انهن جو اثر وٺندو رهي ٿو.

ڪيترائي ننڍا وڏا تجربا، وڏن جي تجربن جا نچوڙ وڏن جي زباني ـــــــ بابا، باهه ۾ هٿ نه وجهه، سڙي پوندين، بابا، ڪِني شيءِ نه کائبي آهي، پيٽ ۾ سور پوندو وغيره. مسجد، مندر، ديول وغيره جي ماحول ۾ کيس نئيو وڃي ٿو ۽ هو مختلف ماڻهن، ڌار ڌار نمونن ۽ شين کي ڏسندو، ٻڌندو، سکندو، چکندو، ڇهندو، واپرائيندو، سوچيندو، سمجهندو رهي ٿو.

اڄوڪي سڌريل، سمجُهو، ڏاهي ماڻهوءَ جي ٻالڪ کي نالي ماتر سمجهه پرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 12- سال لڳي وڃن ٿا... سندس زندگيءَ جو سفر هلندو رهي ٿو.

ٻالڪ سکي ٿو پنهنجن مٽن مائٽن کان، پاڙيسرين کان، ڳوٺائين کان، شهرين کان، استادن کان، سنگتين ساٿين کان، ڪتابن ڪتبخانن کان، ڳالهين، احوالن ۽ بحثن کان، تجربن ۽ مشاهدن کان، پرکن ۽ پروڙن کان. ٻالڪ آڏو ڪيترائي عمل، لقاءَ ۽ شيون موجود ٿين ٿيون. ڏسي، ٻڌي، چکي، ڇهي، پُڇي، پروڙي ٿو ــــــ ڪي شيون ظاهر ٿين ٿيون ته ڪي اوجهل، ڪا اڳ ڪا نه هئي ۽ هاڻي آهي، ته ڪا هاڻي آهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ نه هوندي، ڪي وڏيون، ڪي ننڍيون، ڪي کاٻي، ڪي ساڄي، ڪي هيٺ، ڪي مٿي، ڪي اڳ، ڪي پوءِ، ماني پچي پئي، ٻوڙ رڌجي پيو، پاڻي اوتجي ٿو، پڪوڙا ڪڙهن ٿا، چانهه تيار ٿي ٿئي، موٽرون هلن پيون، ڏينهن، راتيون، ٿڌيون، ڪوسيون، ميوا ڀاڄيون، پکي پکڻ، جهر جهنگ، بر پٽ بيابان، جايون جاڙ جبل، جهڳيون جهوپڙيون، مينهن واچون (هوائون، آنڌاريون)، کَڏون کوٻا، ڍنڍون، ڍورا، تلاءَ، واهه، نديون، سمنڊ وغيره، سج، چنڊ، تارا، گس، وغيره... جيئن جيئن وڌندو وڏو ٿيندو رهي ٿو تيئن تيئن سندس ڄاڻ، سڃاڻ، سوچ ۽ سمجهه وڃي پئي وڌندي.

 

ڇا آءٌ توهان کان هڪ سوال پڇي سگهان ٿو؟

مون کي ٻڌايو ته توهان مان ڪنهن کي به چيني ٻولي ڇو ڪو نه ٿي اچي؟

جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو جواب ڏي ته کيس چيني ٻولي ان ڪري نه ٿي اچي، جو سندس دماغ ۾ چيني ٻولي سکي سگهڻ جو گڻ، لياقت ئي ڪانهي، ته منهنجي خيال موجب اوهين اهڙي ماڻهوءَ بابت اهو ضرور سوچيندَو ته هو ڪا عقلمنديءَ واري ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري. جيڪڏهن اسان سڀني کي سنڌي ٻولي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي، اسان مان ڪيترن کي اردو، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، انگريزي، فارسي يا عربي وغيره به سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي ته پوءِ چيني يا فرانسي يا يوناني يا لاطيني وغيره ڇو نه ٿي اچي؟

يا سوال کي ٿورو ٻي نموني رکڻ ڏيو.

اسان کي سنڌي ٻولي ڇو سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي؟

جيڪڏهن وري به ڪو اهڙو جواب ڏي ته اسان کي سنڌي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ان ڪري اچي ٿي، جو اسان جي دماغ ۾ رڳو سنڌي ڄاڻڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت آهي، تڏهن به سندس جواب ڪو عقل ڀريو نه چئبو.

اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال ٿي سگهن ٿا. مثال طور، اسان مان ڪيترن کي انجنيري جي خبر ناهي، ڇو؟ ڊاڪٽري نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ ڪيترن کي ئي سياست جي سڌ ناهي، ڇو؟ ڪيميا جي ڄاڻ ناهي، ڇو؟ فلڪي علم نه ٿو اچي، ڇو؟ ڪيترائي هارپ نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ اوساري نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ مشينون هلائي نه ٿا سگهن، ڇو؟ ڪيترائي نفسيات، سماجي سڄاڻ، جنگي هنر ۽ فن، موسيقي، سنگتراشي، شاعري، فلسفو، سائنس وغيره نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ ساڳي ئي علم ۾ ڪي گهٽ ڄاڻو آهن، ته ڪي وڏا ماهر، ڇو؟ ڀلا ڪن کي انجنيري، ڊاڪٽري، ڪيمياداني، طبعي علم، فلڪي ڄاڻ، سياست، نفسيات، هارپ يا مزوري وغيره ڇو ٿي اچي؟ ڇا پورهيت جو پٽ رڳو پورهيو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ هو ڪو به ٻيو هنر، فن يا علم نه ٿو ڄاڻي سگهي؟ ڇا ڊاڪٽر جو پٽ رڳو ڊاڪٽري ڄاڻي سگهي ٿو ۽ هن وٽ ڪنهن به ٻي علم پرائڻ جي صلاحيت ڪانهي؟ ڇا سائنسدان جو پٽ رڳو سائنسدان ئي ٿي سگهي ٿو، هو ڪجهه ٻيو نه ٿو ٿي سگهي؟

پنهنجو خيال آهي ته ڪو به ڄمندي ڄام ڪونهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن هن جي دماغ ۾ ڪو مخصوص علم، هنر يا فن پرائڻ جو گڻ ويٺل ڪونهي. اسين سنڌي ٻولي ان ڪري ڄاڻون ٿا جو اسان جي ذهن تائين ننڍي لاءِ کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ٻولي پهچائي وئي آهي، ذري پرزي، اکر اکر، لفظ لفظ ڪري، شيون ۽ لقاءَ ڏيکاري، انهن جا نالا ٻڌائي، لفظن جون معنائون ۽ مفهوم سمجهائي، اسان کي لاڳيتو سنڌي ٻولي سيکاري وئي آهي. اهڙيءَ طرح اسان مان جيڪي ماڻهو پنجابي، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، انگريزي، اردو، جرمن، فرانسي يا چيني ٻولي وغيره ڄاڻن ٿا، اها به ان ڪري، جو اها کين سيکاري وئي آهي، جنهن کي جيڪا ٻولي نه سيکاري وئي آهي، ان کي اها ٻولي ڪا نه ٿي اچي.

ساڳيءَ طرح ڪنهن به هنر، فن يا علم بابت چئي سگهجي ٿو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي رڳو هارپ سيکاريو ته وڏو ٿي هو انجنير نه ٿي پوندو، يا ڪنهن جو هارپ سان واسطو ئي نه پيو هجي ته هو هاري نه ٿي سگهندو. اسان مان هر هڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن علم، فن يا هنر ۾ يڪتا يا ڪجهه ڄاڻو ٿي سگهي ٿو، پر سوين هنرن، فنن ۽ علمن ۾ جاهل، ڄٽ ۽ اڻڄاڻ آهي.

ٻالپڻ ۾ ڪو ماڻهو مسلمان ان ڪري آهي جو هو مسلمان گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪو ماڻهو هندو ان ڪري آهي جو هو هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. ڪو ماڻهو عيسائي، يهودي، باهه-پوڄاري، ٻوڌي يا ڪنفيوشسي وغيره ان ڪري آهي جو هو عيسائي، يهودي، باهه-پوڄاري، ٻوڌي يا ڪنفيوشسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو آهي.

سمجُهو ٿيڻ کان پوءِ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اباڻي دين ڌرم تي قائم رهن ٿا (عملي طرح گهٽ ۽ زباني طرح وڌيڪ)، پر ڪيترائي آهن جيڪي دين ڌرم بدلائي ٻيو يا ڪو به نه اختيار ڪن ٿا. ڪو ماڻهو عيسائي، يهودي، هندو يا ٻوڌي مان ڦري مسلمان ان ڪري ٿئي ٿو جو سندس مذهبي تعليم جي ڀيٽ ۾ وٽس پهتل اسلامي تعليم کيس وڌيڪ سٺي لڳي ٿي. ايئن ئي ڪو ماڻهو مسلمان يا يهودي وغيره مان ڦري عيسائي يا لامذهب ان ڪري ٿئي ٿو جو هو پنهنجي وهم ويساهه کان عيسائي يا لامذهب تعليم کي سٺو سمجهي ٿو. (ڪيترن ئي موقعن تي خاص طرح مذهب ۽ سياسي رجحان بدلائڻ لاءِ زبردستي ڪئي ويندي آهي يا لالچايو ويندو آهي ۽ حاڪمن ۽ دولتمندن جو مذهب قبول ڪرايو ويندو آهي. مثال طور، جڏهن سنڌ ۾ موريا گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي ته انهن پنهنجي پسند جي ڌرم ٻڌ مت جي عام قبوليءَ لاءِ هندو مت جي پوئلڳن تي تشدد ڪيو، ويٽنام ۾ فرانسين قبضو ڪري پنهنجو مذهب مڙهيو ۽ لالچائي قبول ڪرايو، ساڳيءَ طرح مسلمانن به جن ملڪن مٿان پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون اتي انهن سرڪاري مذهب طور اسلام کي رائج ڪيو. پاڪستان ۾ حڪمران طبقا پنهنجي پسند جون سياسي سوچون هر حربي وسيلي (ويندي هٿياربند ڪاهه وسيلي به) قبول ڪرائڻ لاءِ زور وجهن ٿا، سامراجي پنهنجي سياست کي برحق چوائڻ لاءِ تشدد ڪن ٿا ــــــــــ چليءَ ۽ نڪاراگئا رڳو ٻه مثال آهن.)

جيئن جيئن سوچ ۽ سمجهه اڃا وڌي ٿي ۽ ماڻهو پاڻ به پرکي، پروڙي ۽ پرجهي ٿو تيئن تيئن هو نوان نوان علم، سڄاڻون، سياڻپون ۽ ڏاهپون پرائي ٿو.

جڏهن ڪو ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ گهري ٿو تڏهن مظلومن جي ظلم مان ڇوٽڪاري واري جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ڪو ماڻهو ظلم ڪرڻ گهري ٿو تڏهن ظالمن جي قطار ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. اڄوڪيون ڌرتيءَ تي هلندڙ سموريون جدوجهدون ظالمن ۽ مظلومن، ڦورن ۽ ڦريلن، ڌاڙيلن ۽ ڀاڳين، حاڪمن ۽ محڪومن، گبر سيٺين ۽ پورهيتن، زميندارن ۽ هارين، آقائن ۽ غلامن ــــــــــ مٿين طبقن ۽ هيٺين طبقن، سامراجين ۽ ديس يارن، ڏاڍ مڙسن (ڊڪٽيٽرن) ۽ عوام دوستن، پراڻڪن (رجعت پرستن) ۽ واڌارڪن (ترقي پسندن)، ڪـ]ـڄاڻن (جاهلن) ۽ سـ]ـڄاڻن، خيال يارن ۽ مادي يارن جي وچ ۾ جدوجهدون آهن. هڪڙا ماڻهو جيڪي ظلم، ڏاڍ، ڦرلٽ ۽ فتني بازي صحيح سمجهن ٿا اهي ظالمن، ڦورن، گبر سيٺين، زميندارن، آقائن ــــــــــ مٿين طبقن، سامراجين، ڏاڍ مڙسن، ڪڄاڻن، پراڻڪن ۽ خيال يارن جو پاسو وٺي انهن سان ظلم ۽ ڦرلٽ ۾ هٿ ونڊائن ٿا، ته وري ٻيا لکين ڪروڙين ماڻهو جيڪي ظلم، ڦرلٽ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ کان نفرت ڪن ٿا اهي مظلومن، ڦريلن، محڪومن، پورهيتن، هارين، غلامن ــــــــــ هيٺين طبقن، ديس يارن، عوام دوستن، واڌارڪن، سڄاڻن ۽ مادي يارن کي صحيح سمجهن ٿا ۽ انهن جي پاسي بيهي ظلم، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ کان ڇوٽڪاري واري جدوجهد ۾ شامل ٿين ٿا. توهين ڪنهن جي پاسي ــــــــــ ظالم جي پاسي يا مظلوم جي پاسي، ۽ ڦوروءَ جي پاسي يا ڦريل جي پاسي، غلام بنائيندڙ جي پاسي يا ڇوٽڪارو ڏياريندڙ جي پاسي، ڪوڙ جي پاسي يا سچ جي پاسي؟

هر ماڻهوءَ جي سوچ، سُـڌ، ڄاڻ، سڄاڻ، سڃاڻ، وهم، ويساهه، عقيدا، ايمان، ريتون رسمون، جذبا، جوش، امنگون، اميدون، ارادا ــــــ سمجهه ـــــــ ايئن هوري هوري، ڏاڪي به ڏاڪي، اکر اکر ۽ لفظ لفظ ٿي جڙي ٿي ۽ پوءِ ڏينهون ڏينهن ويران وڌ وکون وجهندي، ٻرانگهون ڀريندي، ڇال ڏيندي وڌندي، ويجهندي، تبديل ٿيندي، سينگاربي، سنورجندي ۽ سڌرندي رهي ٿي.

 

 

 

 

 

باب ٻيو

ماڻهوءَ راڄ ڪيئن ٺهيو

۽ ان ۾ سمجهه ڪيئن وڌي؟

 

ماڻهوءَ راڄ (ڀائپي، سنگت) جڏهن اڃا نه ٺهيو هو تڏهن ماڻهو به ماڻهو نه هو، چوپايو هو، ڀولي ٻُوٿيو ــــــــــ مٿو ننڍو (دماغ ننڍو)، نراڙ لهوارو (اکين وٽ مٿاهون ۽ چوٽ تي لهوارو)، ڳلن جون هڏيون اڻ ا]ڀريل، نڪ ڦٿل ۽ بينو، کاڏي ماريل، چيلهه ڪٻي، هٿن جون آڱريون اڻ گهڙيل، ڪيڪڙاٽ ڪندو هڪ وڻ کان ٻي وڻ ڏانهن ٺينگ ٽپا ڏيندو، هڪ ٽاريءَ کان ٻي ٽاريءَ تي لڏي لمندو جهولندو ويندو. وڻن ۾ سندس گهر (آکيرو) ۽ وڻ تي ئي رهڻ ۽ جياپو. گل، ميوا، مکڙيون، نرم ٽاريون، مٺيون پاڙون، پکين ۽ ٻين ساهوارن جا آنا ۽ جيت جڻيا سندس کاڄ هئا.

- ۽ ظاهر آهي ته جڏهن ماڻهو، ماڻهو ئي نه هو ته انهيءَ وٽ ماڻهوءَ سمجهه وري ڪٿي هوندي!

ڀولا، باندر ۽ ممڙا (گوريلا) سندس سوٽاڻا هئا، پر فطري طرح ماڻهو ٿيندڙ ساهوارو اوسر (ارتقا) جي اتاهين ڏاڪي تي هو. هن جا به شڪاري، ماري، ويري يا دشمن هئا. جيئري رهڻ لاءِ کيس پنهنجو بچاءُ به ڪرڻو پوندو هو ته کائڻو پيئڻو به پوندو هو. ٽولن (ڌڻن) جي صورت ۾ ڌرتيءَ جي ديرن تي ڌار ڌار ڏينهن تي (هڪ ٻي جي ويجهو، هڪ ٻي کان پري) کائيندو، پيئندو، گهمندو ۽ رهندو هو. هن کي پنهنجن ٻين هم جنسن کان ۽ جيڪي کيس جوکو نه رسائن، انهن ساهوارن کان ڪو به ڀؤ ڀولو نه هو، پر زهريلا جيت جڻيا ۽ وحشي درندا سندس لاءِ جوکائتا هئا. فطرت جو پاڻ مرادو تيار ٿيل مال کائيندو هو. هن جو پنهنجن هم جنسن سان رت جو ناتو (مائٽي) ايئن ئي هو جيئن ڪن به ٻين ڪرنگهي وارن ۽/يا ٿڃ-پيئاڪ ساهوارن ۾ موجود آهي يعني ٻار جيستائين پاڻ ڀرو نه ٿو ٿئي تيستائين پنهنجن وڏن جو ڳيجهو هجي. جيڪو به ساهوارو اوسر جي جيترو اتاهين ڏاڪي تي آهي اوترو ئي وڌيڪ وقت تائين ان جو اولاد پنهنجن وڏن جو ڳيجهو هجي ٿو. جڏهن ماڻهو پاڻ ڀرو (پاڻُ پالي سگهڻ لائق) ٿيو پئي تڏهن هن ڌڻ ۾ گڏ رهندي به پنهنجي منهن پنهنجي حياتي گذارڻ شروع پئي ڪئي. ڌڻ ۾ رهڻ جو حقيقي ڪارڻ جنسي لڳ لاڳاپو هو. اڄوڪي ماڻهوءَ جيان هن ۾ رت جي رشتي (مائٽيءَ) جي سڃاڻپ مرڻ گهڙيءَ تائين رهندڙ ڪا نه هئي ــــــــــ هاڻي وارو ماڻهو سمجهه ڀريو آهي ۽ سماج (راڄ) ٺاهي رهي ٿو.

فطري حالتن جي ڦيري ــــــــــ بدلجندڙ ماحول، گم ٿيندڙ وڏن وڻن، کٽندڙ ميون ۽ ڀاڄين (پاڙن ۽ گاهن) ۽ کائجي سگهجندڙ جيتامڙن ماڻهوءَ کي لاچار ڪيو ته هو پنهنجي کاڌي خوراڪ هٿ ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ پاڻ پتوڙي. شڪار کي مارڻ، پاڙن کي کوٽڻ ۽ ويريءَ کي ڀڄائڻ لاءِ هن ڳوڙهو (پٿر) ۽ چهنبدار ڪاٺي (لٺ) واپرائي. پٿر ۽ لٺ هٿ ڪرڻ سندس پهرين پيداواري (اپائتي) سرگرمي هئي. انهن جي مدد سان ماڻهو ٻين جانورن جيان رڳو فطرت جو رانديڪو نه رهيو، پر هو فطرت مان ڪجهه وڌيڪ هٿ ڪري سگهيو. ٻيا ساهوارا رڳو فطرت جو رانديڪو ٿي رهيا ۽ اهي رڳو فطري ماحول موجب بدلجي سگهيا ۽ جيڪي فطرت موجب بدلجي نه سگهيا اهي فنا ٿي ويا ــــــــــ ساهوارن جون سوين جنسون هن ڌرتيءَ تان ختم ٿي ويون. ماڻهو ڪجهه ته فطرت موجب بدليو پر ڪجهه هن فطرت کي به بدلايو. هاڻي هن پنهنجي بامقصد پورهيي وسيلي به گهڻو ڪجهه هٿ پئي ڪيو ۽ نسبتاً وڌيڪ وقت بدلجندڙ ماحول باوجود هڪ هنڌ رهي پئي سگهيو.

ٻيو هر ساهوارو رڳو پنهنجن فطري جيئرن اوزارن وسيلي پنهنجو کاڄ هٿ ڪري ٿو ــــــــــ ڪاٺ ڪٽو پنهنجي سخت چهنب ۽ سنهي ڊگهي ڄڀ وسيلي وڻن جا ڇوڏا ٽُڪي انهن ۾ اندر رهندڙ جيتن جا آنا چٽي سگهي ٿو، شينهن پنهنجن سگهارن چنبن ۽ خونخوار ڏندن وسيلي پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي کائي ٿو وغيره ــــــــــ پر ماڻهو رڳو پنهنجن جيئرن اوزارن جي سـهـاري جـيـئـرو ڪـو نه ٿـو رهـي پـر ان سـان گـڏوگـڏ هـن جـيـئرن اوزارن بدران بي جان اوزار ٺاهي ورتا، جن نه رڳو سندس کاڌ خوراڪ ۾ سهولت پئي ڪئي پر دشمن کان بچاءَ لاءِ به ڪم پئي آيا. پيداوار (اپت) ڪندڙ اوزارن جي اپت ئي کيس ماحول جي محتاجيءَ کان ڪڍي ٻاهر ڪيو، هو هاڻي فطرت جو رانديڪو، فطرت جو قيدي نه رهيو، پر هن فطرت کي بدلائڻ شروع ڪيو.

هزارين سالن جي تجربي کيس سيکاريو ته بي ڍنگي پٿر جي ڀيٽ ۾ چهنبدار پٿر وڌيڪ ڪارائتو هو ــــــــــ ان شڪار کي گهائي هڪدم ڪيرائي پئي وڌو. شڪار هاڻي ڪجهه وڌيڪ سولو ٿي پيو. پوءِ ڊگهو چهنبدار پٿر ٺهيو، ڊگهو سنهو چهنبدار پٿر (پٿر جي ڪاتي) ٺهيو، اهو اڃا سڌريو (خنجر ٺهيو)، ڪاٺيءَ جي مٿان ڳنڍجي نيزو ۽ ڀالو ٿيو، ڪات ٺهيو، ڪهاڙو ٺهيو ــــــــــ ويو شڪليون بدلائيندو ۽ نوان نوان اوزار هٿ ڪندو. پيداواري اوزار هڪ اهڙو پٿر، ڪاٺ، ٽامو، ڪنجهو يا لوهه آهي جنهن کي ماڻهوءَ پورهيي هڪ مخصوص ڪارج عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو جيئرو پورهيو (پورهيي جي سگهه) لڪل آهي.

ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جا اوزار اها سگهه بنجي پيا جيڪي اپت (پيداوار) ڪري سگهن. انهن کي اڄ ڪلهه سماجڪ ڌنيري سائنس جي ٻوليءَ ۾ پيداواري قوت يا اپتائتي سگهه سڏجي ٿو.

ماڻهوءَ کي انهن ٿاڪن جي وڌيڪ گهرج هئي جتي سندس کاڌو پيتو ججهو هجي. جنهن هنڌ سندس کاڌو پيتو، گاهه ميوو، جيت جناور ججهو هو اهو ئي سندس دل گهريو پيداواري ٿاڪ هو ۽ ماڻهو اتي ٽڪي ٿي پيو. ماڻهو هاڻي وڻن جو ڳيجهو/محتاج نه رهيو. ٻيلائن، جهنگلي جبلن جون غارون سندس بهترين پناهگاهه هيون. هاڻي هو پنهنجي دشمن کان بچاءُ پنهنجن اوزارن (هٿيارن) وسيلي ڪري سگهيو پئي. پٿر ۽ ڪاٺين جي ڀڃ گهڙ دوران هن کي اها به سڌ پئجي چڪي هئي ته ڪي ڪاٺيون (بانس، بيد وغيره) ۽ ڪي پٿر (چقمق) وغيره پاڻ ۾ رهڙجندي باهه پيدا ڪن ٿا. ماڻهوءَ باهه جو هنر هٿ ڪري ورتو. باهه ڏاڍي زبردست ۽ ڪارائتي شيءِ هئي. باهه کان دشمن ڀڄي پئي ويو ۽ کاڌو ڀُڃِي سگهجيو پئي، جيڪو وڌيڪ لذيذ، لست ڀريو هو.

گڏجي رهندي، شڪار ۽ کاڌو هٿ ڪندي، اوزار ٺاهيندي، اپائيندي، ونڊي ورڇي کائيندي ۽ گڏجي بچاءُ ڪندي ماڻهو نئين نموني جي ناتن جي لڙيءَ ۾ پوئجي ويو. اهي ناتا رت جا رشتا نه هئا، اهي ناتا جنسي ناتا نه هئا پر اهي ناتا، لاڳاپا يا ٻندڻ هئا جيڪي اپت جو عمل، بامقصد سرگرمي، پورهيو ڪندي ٺهيا هئا. انهن ناتن کي سماجڪ ڌنيري سائنس جي ٻوليءَ ۾ پيداواري رشتا يا اپتائتا ناتا چئجي ٿو. پيداواري قوتون پيداواري لاڳاپن ۾ ڳنڍجي ويون ــــــــــ ماڻهو ماڻهوءَ جو سهارو، ماڻهو ماڻهوءَ جي گهرج، ماڻهو ماڻهوءَ جو بچاءُ، ماڻهو ماڻهوءَ جو ساٿي هو، ساڻي هو، سنگتي هو، راڄ ڀاءُ هو ــــــــــ راڄ (سماج، ڀائپي، سنگت، ساٿ) ٺهيو.

ماڻهو پيداوار ڪري ٿو تنهنڪري سندس راڄ ٺهيو. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪنهن به ساهواري جو راڄ ڪونهي، اهي وقتي، فطري گهرجن سبب هڪ ٻي جي ويجهو رهن ٿا، پر اهو راڄ ناهي، سماج ناهي، پائدار ناهي، جٽادار ناهي.

هڪ ٻي جي ويجهو رهندي، گڏجي جيئندي، کائيندي، پيئندي، پيداوار ۽ بچاءُ ڪندي ۽ سکيل نئين هنر کي پنهنجن پوين، اولاد، نئين نسل (جنريشن) ڏانهن تبديل ڪندي، ماڻهوءَ جي اشد گهرج ٿي پئي ته هو هڪ ٻولي ايجاد ڪري. ٻوليءَ جو پهريون روپ هو اشارو، سانگ، حقيقت جو نقل.

هر واڪو (آواز، گوڙ) ڪري سگهندڙ ساهوارو خاص طرح لڳ وقت، دشمن کان بچاءَ وقت، اڏامڻ يا گهمڻ وقت، کائڻ پيئڻ يا چوڳي وقت ڪو نه ڪو مخصوص واڪو ڪري ٿو. ماڻهو جڏهن ماڻهو نه هو، راڄ ۾ نه رهندو هو، اپت نه ڪندو هو، تڏهن هو به ايئن ڪي نه ڪي واڪا ڪندو هو. هر ساهواري جي واڪن ۾ مخصوص سڏ آهي پر پوءِ به اهو ٻن چئن واڪن تائين کٽي پوي ٿو. دشمن کان بچاءَ جو واڪو (في الحال مثال طور ڪَٻرين جو ٽيڪو يا جهرڪين جي جهر جهر ياد ڪيو)، لڳ لاءِ واڪو (ڳئون، مينهن، رڍ، ٻڪري، ڏاچي جي وهر جو واڪو ڌراڙ سڃاڻي سگهندو، جهرڪيءَ جو واڪو، ڏيڏر جو واڪو وغيره)، کاڌي لاءِ واڪو... ۽ ڪي ٻيا ٿورڙا.

ماڻهو به اهڙا ئي پنهنجا مخصوص واڪا ڪندو هو ــــــــــ سندس واڪو گهگهو، گَٻَهَه، ڀريو هو. جڏهن ماڻهو ماڻهو ٿيڻ شروع ٿيو، هٿيار ٺاهيائين، پيداوار ڪيائين، راڄ وارو ٿيو، تڏهن هن جي اڻٽر گهرج هئي ته هو هاڻي وري ڪي ٻيا مخصوص واڪا به ڪري. نئين قسم جو واڪو ڪرڻ لاءِ نڙيءَ ۾ ڦيرڦار جي گهرج هئي ۽ اها ڦيرڦار گهڙين يا ڏينهن ۾ ته ڪا نه ٿي سگهي پئي. تيستائين ڇا ڪري؟ ڪيئن سڏ ڪري؟ شڪار جو يا دشمن جو ڪيئن اظهار ڪري؟ دشمن جي ڪڍ پوڻ لاءِ ڇا چوي؟ هٿيار کڻي مڙڻ لاءِ ڇا چوي؟ ڊوڙڻ، لِڪڻ، ڇِپ؛ هڻڻ، وڪڙ ڪري وٺڻ، گوهي ڏيڻ، ٻکين پوڻ وغيره لاءِ ڇا چوي؟ پٿر گَهڙِڻَ، هٿيار ٺاهڻ، سنڀالي رکڻ، وقت سر کڻي اچڻ، ڪنهن ٻي کي ڏيڻ وغيره لاءِ ڇا چوي ۽ ڪيئن چوي؟

ان جو ممڪن طريقو بس اهو ئي هو ته سڏ لاءِ واڪو ۽ ڪم لاءِ اشارو ڪري.

اشارن جي پنهنجي هڪ مخصوص ٻولي ٿيندي آهي. اڄ به اسين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ رڳو اشارو ڪم آڻيندا آهيون ــــــــــ هيڏي آءُ، هوڏي وڃ، ويهي رهه، اٿي بيهه، ڊوڙ پاءِ، وارو (تڪڙ، جلدي) ڪر، سمهي پئه، لِڪُ، اکيون ٻوٽ، وات کول، پاڻي پيءُ، کاءُ، وڙهه ۽ ٻيا گهڻا اشارا. ڪا شيءِ چکي وات چٻو ڪرڻ جو مطلب ڪِني، ڪساري شيءِ، چٽڪو ڪرڻ جو مطلب کَٽي شيءِ، ڪنڌ ڌوڻي مرڪڻ جو مطلب مٺي شيءِ هوندو آهي، ڪا شيءِ سنگهي نڪ گهنجائڻ جو مطلب ڌپ ۽ وڏو ساهه ڀري مرڪڻ جو مطلب سڳنڌ آهي، اکين جي ٻوليءَ کان هر هڪ مڙئي ڪجهه نه ڪجهه واقف آهي ــــــــــ پيار ڀريون اکيون، سڏيندڙ اکيون، سِڪايل اکيون، ڄڻڪ شربت پيئاريندڙ اکيون، سُڏڪندڙ اکيون، ڏکايل اکيون، وياڪل اکيون، اجهاڻل اکيون، ڪاوڙيل اکيون، ڌِڪاريندڙ اکيون، زهريليون اکيون، وڍيندڙ اکيون، سرد اکيون، ٻرندڙ اکيون، ننڊاکڙيون اکيون، ناز ڀريون اکيون، مڳيءَ ڀريون اکيون، بي پرواهه اکيون، تڪيندڙ اکيون، تکيون اکيون، چڀندڙ اکيون، چتائيندڙ اکيون، للڪاريندڙ اکيون، سوڀاريون اکيون، ٽهڪندڙ اکيون، روشن اکيون، ڪوماڻل اکيون، ڪيني ڀريل اکيون، اوجاڳيل اکيون:

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شـاخـون جَهـڪيـون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪَتيون تائب ٿيـا، ديکـيـنـدي دلـبـر،
جهـڪـو ٿـيـو جـوهـر، جــانب جـي جمال سين.

اکين، آڱرين، هٿن، پيرن، منهن مهانڊي ۽ انگن ۽ بدن جي چرپر سان سوين اشارا ۽ سانگ ڪري سگهجن ٿا. ڪانءَ جي ڪان ڪان، جهرڪيءَ جي جهر جهر، ڏيڏر جي ڏاڪڙي (ٽاڪڙي)، مينهن، ڳئونءَ جي رنڀ، ٻڪريءَ جي ٻيڪاٽ، گهوڙي جي هڻڪار، شينهن جي گجگوڙ، مطلب ته هر واڪو ڪندڙ ساهواري جي واڪي جو نقل، قدرتي لقائن بابت اشارا ــــــــــ اوندهه، سوجهرو، آنڌاري، جهڙ، مينهن وغيره:

گهنن گهنن گهن گهن گهن، ڇـنـن ڇـنـن ڇـن ڇـن ڇـن،
وَســـو وَســـو اي ڪــارا بـــادل، وَســو وَســو ورســايــــو جَــل ٿــل.

پر ماڻهو پنهنجا سڀ خيال، سڀ سوچون اشارن وسيلي ظاهر ڪري نه ٿو سگهي.

جيتري وڌيڪ اپت ٿي، جيترو وڌيڪ نئون اوزار ٺهيو، جيترو وڌيڪ شڪار مليو، جيتري گهڻي خوشي ٿي، جيترو گهڻو گهمڻ ڦرڻ ٿيو، جيترو وڌيڪ اُچو راڄ ٺهيو، اوترو وڌيڪ مختلف اشارن ۽ واڪن جي گهرج پئي. انهيءَ گهرج نڙيءَ جي چرپر ۽ بناوت ۾ فرق آندو ۽ نيٺ ان اهي واڪا ڪڍيا جن کي اڄ لفظ چئون ٿا ــــــــــ ۽ لفظَ ملي ٻولي ٺاهيندا آهن، لفظن کان سواءِ ڪا به ٻولي ڪانهي.

راڄ جي وڏڙن، تجربيڪارن، سگهڙن، سياڻن ۽ ڏاهن پنهنجو تجربو، سگهڙائپ، سياڻپ ۽ ڏاهپ اشارن ۽ واڪن (آوازن، لفظن) وسيلي پنهنجي نئين پود ڏانهن تبديل پئي ڪئي ۽ اهو عمل اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. اڄوڪو ڪو به ماڻهو اشارن ۽ واڪن کان سواءِ ڪا به ٻولي، هنر، فن، علم سکي نه ٿو سگهي ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ڪو به علم، ادب، شاعري، هنر يا فن ڪونهي. ٻولي راڄ (سماج) کان ٻاهر ٺهي نه ٿي سگهي ۽ راڄ پيداواري رشتن کان سواءِ ٺهي نه ٿو سگهي ۽ پيداواري رشتا وري پيداواري قوتن کان سواءِ ٿي نه ٿا سگهن ــــــــــ ۽ پيداواري قوتون آهن پورهيو ڪندڙ ماڻهو ۽ اهي اوزار (هٿيار)، جن ۾ پورهيو لڪل آهي. ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ ۾، راڄ جوڙڻ ۾ ۽ ٻولي ٺاهڻ ۾ پنج لک سالن کان به وڌيڪ وقت لڳي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org