سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: شعور

باب: --

صفحو :3

 

 

باب ٽيون

ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به سوچ،

ڪا سمجهه ٿي سگهي ٿي؟

 

ٻولي، ٻول، ڳالهائڻ، ڳالهه، واڪو يا آواز نه هجي ها ته ماڻهو ڇا هجي ها؟ عالم، اديب، شاعر، فلاسافر، فنڪار، سياڻو، سياستدان، سائنسدان، انجنير، ڊاڪٽر، هنرمند ته ٺهيو، پر ڇا هو ماڻهو چئجي/سڏجي سگهي ها ــــــــــ ٻوليءَ کان سواءِ ڪيئن سڏجي يا چئجي ها؟

اچو ته هڪ سوال کڻون.

اسين ڪيئن چئون ته ڪو ماڻهو هڪ وڏو فلاسافر، مفڪر، اديب، دانشور، شاعر، ڏاهو، سياڻو يا سائنسدان آهي؟ سمجهو ته هڪ ماڻهو هڪ وڏي گهر ۾ رهي ٿو. سندس گهر ۾ سوين هزارين قسمن جا ڪتاب رکيا آهن پر هو ماٺ آهي، ڳالهائي نه ٿو، هن لکيو ناهي ــــــــــ ڇا پوءِ به چئي سگهنداسون ته هو وڏو عالم آهي؟ جڏهن ماڻهوءَ کي اها سُڌ ئي ڪانهي ته هن جا خيال ڪهڙا آهن، سندس سوچ ڪيئن آهي، هو دنيا، فطرت، ڪائنات بابت ڇا ٿو سوچي، هن جو نڪتي نظر ڪهڙو آهي، سچ ۽ ڪوڙ بابت سندس نظريو ڪهڙو آهي، ڪهڙو فلسفو ڇو، ڪيئن کيس پسند آهي، هو ڪهڙي سوچ رکي حياتي گذاري ٿو وغيره، ته پوءِ نيٺ ماڻهو اهو ڇو سوچين ته هو ڪو سياڻو، سيبتو، پڙهيل ڪڙهيل، سمجهه رکندڙ ماڻهو آهي؟ ڪيئن سمجهون ته هن اهي ڪتاب پڙهيا، سمجهيا، ڄاتا، سڃاتا، پروڙيا ۽ پڙهيا آهن؟ ڪيئن سمجهجي ته هن ڪجهه پرکيو ۽ کوجيو آهي، هن به ڪو علم پِرايو آهي؟

ڪنهن به خيال، تصور، سوچ، سمجهه جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر رڳو ٻوليءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو.

ماڻهوءَ راڄ کان اڳ ڪا به ٻولي ڪا نه هئي. پورهيو ڪرڻ، پيداواري عمل ۾ گِهڙڻ، بامقصد سرگرمي ڪرڻ سبب ماڻهو پيداواري ناتن ۾ ڳنڍجي ويو ۽ سماج ٺهي پيو. ڳالهائڻَ، ٻوليءَ پهريائين ماڻهوءَ راڄ ۾ پيداواري عمل دوران جنم ورتو. ماڻهن پنهنجي بقا ۽ بچاءَ جي ويڙهه وڙهندي، جدوجهد ڪندي پنهنجن بنيادي گهرجن جي پُورائي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي اڻٽر گهرج محسوس ڪئي ته اهي هڪ ٻي کي ڪجهه چون. ماڻهوءَ جهڙي ساهواري جي اَڻ گَهڙيل، اڻ اسريل نڙيءَ هوري هوري پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ ڳالهائڻ جي عضون هڪ کان پوءِ ٻيو گهگهو، منجهڙيل ٻول ڪڍڻ شروع ڪيو. هوري هوري، سادن سودن، منجهڙيل ۽ گهگهن واڪن مان بامقصد، بامعنى، مفهوم رکندڙ واڪا وجود ۾ آيا ۽ اوسر ۽ واڌاري جون منزلون طيءِ ڪندي، وڌندي، ويجهندي، نوان نوان نرم ۽ نازڪ ٻول پنهنجي جهوليءَ ۾ سوئيندي ۽ مالها ۾ پوئيندي، لطيف ۽ سهڻن احساسن ۽ وڌيل، ڳتيل، سانڍيل جذبن ۽ نون نون لقائن، نين نين شين کي نوان نوان نالا ڏيندي اچي اڄوڪي ماڳ تي پهتي آهي. معنى ۽ مقصد ڀري ٻولي ايئن اسري، وڌي ۽ ويجهي. ٻولي هڪ ٻي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ، ڳانڍاپي ۾ رهڻ لاءِ، هڪ ٻي جو ساٿ وٺڻ لاءِ، هڪ ٻي جي واهر ڪرڻ لاءِ خيالن، سوچن، سَڌن، جذبن يا امنگن جي مٽاسٽا جو وسيلو آهي. خيال، سوچون، سڌون، جذبا ٻوليءَ (آواز، واڪي) کان سواءِ ظاهر نه ٿا ڪري سگهجن ــــــــــ ٻولي ذهني احساسن جو اهو خول، ڍڪڻ آهي جيڪو مادي (آواز، واڪ) جو ٺهيل آهي.

ڪو به خيال رڳو تڏهن حقيقي نموني ظاهر ٿئي ٿو جڏهن اهو لفظن، واڪ، ٻوليءَ جو روپ وٺي ٿو. جيستائين خيال ماڻهوءَ جي ذهن ۾ آهي تيستائين اهو مردو، مئل، بي جان آهي ڇو ته اهو ٻين ماڻهن کي ملي نه ٿو سگهي، ڪو به ماڻهو ان جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهي، ان جي معنى، مفهوم ۽ مقصد سمجهي نه ٿو سگهي. خيال حقيقت تڏهن بنجي ٿو جڏهن اهو ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر ڪرڻ جو رڳو هڪ رستو آهي يعني ٻولي، ڳالهه ٻول. سوچ پنهنجي مادي خول کان سواءِ ڪڏهن به ٺهي نه ٿي سگهي، ويندي تڏهن به اسان کي لفظن جي ضرورت پوي ٿي جڏهن اسين بي شڪ آواز سان نه ٿا ڳالهايون پر رڳو پنهنجو پاڻ سوچيون ٿا. ٻوليءَ کان سواءِ اسان سوچي به نه ٿا سگهون. ڪو به ماڻهو جڏهن به، جتي به، ڪجهه به سوچيندو اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ ۾ ئي سوچيندو. سماجَ سمجَهه کي جنم ڏنو، سمجَهه ٻوليءَ وسيلي ٺهي ۽ ٻوليءَ وسيلي ئي ظاهر ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي مهرباني، جو نه رڳو اسان جي سوچ ٺهي ٿي پر اها ٻين ماڻهن ڏانهن تبديل به ڪري سگهجي ٿي. ٻي پاسي وري لکيل ٻوليءَ جي مدد سان اسان جي سوچ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي ٿي پر هڪ پود کان ٻي پود ڏانهن تبديل به ٿئي ٿي. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو به خيال، ڪا به سوچ ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي نموني ظاهر ڪري سگهجي.

هن سڄي ڳالهه ٻول مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجي ابتدا کان انتها تائين، ٻالپڻي کان وٺي اوج تائين ماڻهوءَ سمجهه، لفظن، ٻولن، ٻوليءَ جي بنياد تي ٺهي ٿي. ڇا اهو ممڪن آهي ته سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار ڪري سگهجي؟ نه، سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار ڪري سگهڻ ممڪن ڪونهي. ٻوليءَ ۽ سوچ جي وچ ۾ هڪ اڻٽٽ ايڪو، هيڪڙائي آهي. ان ڪري ئي اسين چئون ٿا ته سوچ رڳو ماڻهوءَ جي خاصيت آهي، ٻي ڪنهن به ساهواري ۾ سوچ، سمجَهه، ذهن ڪونهي، ٻي ڪنهن به ساهواري وٽ ڪا به ٻولي ڪانهي، ٻي ڪنهن به ساهواري وٽ سماج ڪونهي، ٻيو ڪو به ساهوارو پيداوار ڪري نه ٿو سگهي. لاڳيتي پورهيي ۽ پورهيي جي سکيا ئي منجهڙيل گهگهي آواز کي اوسر، واڌ ڏني، ٺيڪ ڪيو ۽ ماڻهوءَ جهڙي ماڻهوءَ جي دماغ کي هوري هوري وڌائي حقيقي ماڻهوءَ جو ڳتيل دماغ ٺاهيو. سنجهه، ڀري، ڏاهي، سياڻي، سلڇڻي ماڻهوءَ جو دماغ بي سمجهه، جاهل، اياڻي، ڪلڇڻي ماڻهوءَ جي دماغ کان وڌيڪ وڏو ۽ وڌيڪ ڳتيل ٿيندو آهي.

 

 

 

 

 

باب چوٿون

سمجهه وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟

 

جڏهن ماڻهوءَ پهريون پٿر پنهنجي مـ،ـٺ ۽ پهريون ڏنڊو پنهنجي ٻانهن ٺاهيو، تڏهن حقيقت ۾ هو اها پهرين وک وجهي چڪو جيڪا فطرت جي قيد کي ٽوڙي ڇڏي. فطرت جو رانديڪو هئڻ خلاف اهو سندس پهريون جتن هو. هيءُ ڪو سوچيل سمجهيل عمل نه هو، پر جبلي عمل جو ورجاءُ هو، هر هر ورجاءُ هو، جنهن ڪجهه نوان نتيجا ۽ نوان سک پئي ڏنا. ٻيو هر ساهوارو اڄ تائين فطرت جو باندي، قيدي آهي، اهو ڏسي نه سگهڻ جهڙن ڪنڊاوَن پڃرن ۾ بند آهي: بي وس، لاچار ۽ هيڻو ــــــــــ ڪي رڳو وڻ جي مٿين حصي جا قيدي آهن ته ڪي هيٺين حصي جا، ڪي ٻِرڙن جا ته ڪي ڏرِن جا، ڪي پاڻيءَ جا ته ڪي گپ جا، ڪي سمنڊ جي تري جا ته ڪي سمنڊ جي مٿاڇري جا، ڪي جبلن جا ته ڪي ڪاڇي جا، ڪي ٿرن جا ته ڪي برن جا، ڪي ٿڌن علائقن جا ته ڪي ڪوسن علائقن جا، ڪي خشڪ علائقن جا ته ڪي گهميل علائقن جا، وغيره ــــــــــ پر ماڻهو، اڄوڪو ماڻهو فطرت جي انهيءَ اڻ ڏٺي قيد، لوڙهي کي ٽوڙي چڪو آهي. ماڻهوءَ اهو ڪم سوين، هزارين، لکين ڀيرا ڪيو، هر هر ورجايو، ڏٺو، جاچيو، پرکيو، پرجهيو ۽ پِرايو. ماڻهو پهرين نرالي واڪي، ٻول جو پايو وجهي چڪو ــــــــــ هي اهو ٻول هو جيڪو ڪو ڪارنامو ڪرڻ کان پوءِ بي اختيار نڙيءَ مان نڪري ويندو آهي ــــــــــ هيءُ واڪو دشمن کان پهتل گهاءَ سبب رڙ نه هو، هيءَ اها هيج به نه هئي جيڪا شڪار هٿ اچڻ سبب ظاهر ٿي پوندي هئي. ماڻهوءَ پنهنجي دماغ جي جبلي سمنڊ ۾ سمجهه جي پهرين پهڻي اڇلائي وڌي. ماڻهو جي مٺ ۽ ٻانهن اڳوڻي کان سؤڻي سگهاري ٿي پئي.

بي ساهه مٺ (پٿر) ۽ بي ساهه ٻانهن (ڏنڊو) جڏهن گهڙڻ شروع ڪيائين، تڏهن هن اها پهرين تبديلي آندي جيڪا اڳ فطرت ۾ موجود نه هئي. فطرت ۾ اڳ چرپر جو عمل موجود هو (چرپر معنى تبديلي، ڪا شيءِ، ڪو لقاءُ جتي جنهن حالت ۾ اڳ موجود هجي اتي ساڳيءَ حالت ۾ نه رهي). هوا جون لهرون، سمنڊ جون ڇوليون، ٻوڏون ۽ طوفان، وڻن جون جهمريون، پکين جي اڏام، مڇين جي تار، جيت جڻين ۽ ٻين جانورن جا سير سپاٽا، زلزلا ۽ باهه اوڳاڇيندڙ جبلن جو تتو ريج (لاوا) وغيره سڀ موجود هئا، سڀ تبديليون هيون، پر هيءَ نرالي تبديلي هئي. اهڙي تبديلي اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. ڪنهن ساهواري ڪنهن شيءِ جو منهن مهانڊو ۽ ڪارج بدلائي ان کي ٻي شيءِ بنايو هجي ۽ ٻيو ڪارج ڏنو هجي، ايئن اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. هيءُ ڪو جبلي، موروثي عمل نه هو پر سمجهيل عمل هو. پٿر کي پٿر سان ڌڪ هڻي، پٿر کي پٿر تي زور سان اڇلائي، هن ان کي چهنبدار ۽ تکو ٺاهڻ جي نيت ٻڌي هئي. پر هو ايئن ڪري اڃا به ٻيو اڻ ڄاتل ڪارنامو سر انجام ڏئي رهيو هو، پٿر جي رڳڙ، رهڙ چڻنگون ــــــ باهه ــــــ پيدا پئي ڪئي ۽ نيٺ سوين سالن کان پوءِ ماڻهوءَ باهه کي قابو جهلي ورتو. باهه کي لاڳيتو ٻرندو رکندو هو يا وري وقت سر ٻه خاص پٿر يا خاص ڪاٺيون هڪ ٻي سان رهڙي پيدا ڪري وٺندو هو.

ماڻهوءَ وٽ باهه هن جو وڏو آٿت، وڏو هٿيار ۽ وڏو بچاءُ هئي. جبلن جي غارن ۾ ۽ کليل ميدانن ۾ باهه دشمن کي ويجهو اچڻ نه پئي ڏنو، سيءَ، پاري کان پناهه ٿي ڏني ۽ گوشت ڀُڃي ان کي ڏاڍو لذيذ ۽ نرم پئي بنايو. ان ئي باهه ۾ ڪچيون سرون پڪيون ٿيون، ڪچا ٿانوَ ٺڪر ٿيا، ٽامو پگهريو، قلعِي ۽ جست رجيو، ڪنجهو ٺهيو، سوين سانچا، قالب تيار ٿيا ۽ انهن وسيلي سوين هزار مختلف ٿانوَ، اوزار ۽ هٿيار ٺهيا. اڄ شايد ئي ڪو ڪارخانو، صنعت هجي جنهن جو روح باهه نه هجي. ڌرتيءَ تي ڪو به ٻيو ساهوارو ڪونهي جيڪو باهه ڪتب آڻيندو هجي.

شڪار ڪيل وڏا جانور يا جهوپڙن ٺاهڻ لاءِ بُنڊ گِهِليندي جڏهن اهي ترڪڻي جاءِ تي پئي آيا يا انهن جي هيٺان پٿريلا گول ڳوڙها پئي آيا تڏهن ڳري شيءِ به ڏاڍي سولائيءَ سان ترڪي ڄڻڪ هلڪي ٿي پئي ٿي. لاڳيتي پرک ۽ پروڙ ماڻهوءَ کان ڦيٿو ٺهرايو. پراڻي اڍنگي پٿريلي ۽ ڪاٺوڙي ڦيٿي جي جاءِ اڄ فولادي ڦيٿن والاري آهي ۽ دنيا ۾ ڪا به مشينري ۽ صنعت ڦيٿي کان سواءِ ناهي. ماڻهو سمنڊ جا تر ڦوليندو هجي يا پولار جا پار، ڦيٿي کان سواءِ بي وس ۽ لاچار هوندو.

ٿي سگهي ٿو ته پاڻيءَ مٿان يا ان مٿان لڙهندڙ ڪنهن ڪک پن يا ڪاٺيءَ تي ڪي مکيون يا جيت جڻيا توهان کي ترندا نظر اچن پر انهن ڪا ٻيڙي، دنگي، ڊونگي، مڪڙي ڪا نه ٺاهي آهي. کير پيئاڪ جانور پاڻيءَ ۾ رهيو ته مڇي (وهيل) ٿي ويو ۽ هوا ۾ اڏاڻو ته پکي (چمڙو) ٿي ويو، پر ماڻهو ئي آهي جو سمنڊ ڇاڇولي ٿو پر مڇي ناهي ۽ فضائن ۾ اڏامي ٿو پر چمڙو ناهي. خلا ۾، چنڊ تي، مريخ ڏانهن ماڻهوءَ کان سواءِ ڪو به ناهي جيڪو ونجهه وجهي سگهي.

ناهي ڪو به ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ جانور پالي سگهي. ڪِـوِلي، ماڪوڙي برابر کاڌي جو کوڙ ڪري ٿي پر رڳو اهو ئي ڪم ڪري سگهي ٿي. ماڻهو نه رڳو سوين جنسون پالي ٿو پر پٽ ڪينئان ۽ ماکيءَ مکيون به نپائي ٿو. ماڻهوءَ نه رڳو سوين جنسن جا جانور پاليا آهن پر اهو ماڻهو ئي آهي جنهن هٿراڌو لڳُ ڪرائي هر جنس جا سوين نمونا ٺاهي ورتا آهن. انهن مان ڪيترين ئي جنسن ۾ اهي خوبيون به پيدا ڪري ورتيون اٿائين جيڪي فطرت ۽ جبلت انهن کي موروثي طرح نه ڏئي سگهي هئي.

ناهي ڪو به ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جنهن پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ لست لذت لاءِ سوين قسمن جا اناج ۽ ميوا، فصل ۽ وڻ پيدا ڪري سگهيو هجي. ماڻهو ئي آهي جنهن ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، جوئر، ٻاجهري، چڻا، مٽر وغيره (۽ انهن جا سوين نمونا) اپائي ورتا آهن. انهن وسيلي هو سالن جا سال کائي جيئي سگهي ٿو.

 اهو ماڻهو ئي آهي جنهن اڄ اهڙا ٻوٽا ٺاهي ورتا آهن جن جي پاڙ ۾ پٽاٽو ۽ چوٽ تي ٽماٽو پيدا ٿئي ٿو. فطرت ڪڏهن به اهڙا ٻوٽا پيدا ڪري نه سگهي.

ماڻهو جهڳين، جهوپڙين، جاين، جڳهن جا سوين هزار نمونا ٺاهي ورتا آهن، سمنڊن ۽ ندين تي بند ٻڌا آهن، واهه کوٽي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ پسند جي هنڌ تي پهچايو آهي، جبلن کي کوٽي معدنيات هٿ ڪئي آهي، معدنيات کي سوين روپ ڏئي پنهنجي ڪم آندو آهي. ماڻهوءَ مشينون ٺاهيون آهن ۽ مشينن وسيلي هزارين نرالا، اڻ ڏٺا، اڻ ٻُڌا ڪم ڪري ورتا آهن. ماڻهوءَ ڪمپيوٽر ٺاهيو آهي، فولادي ماڻهو ٺاهيو آهي، روڊ، ريلوي، بس، ڪار، ڪرين، ٽرڪ، ٽريڪٽر، جيپ، هوائي جهاز، خلائي جهاز، راڪيٽ، پاڻيءَ جهاز، آبدوز، ريڊيو، ٽي وي، ٽيليفون، دوربين، خوردبين، بجلي، بلب، پکا، ڪولر، هيٽر، ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشنر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ٺاهي ورتا آهن. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو ايئن ڪري سگهي.

ماڻهوءَ ڪائنات (جڳ، جهان) تي کوجنا ڪئي آهي، لکين روشني-سالن تي ڏسي سگهي ٿو، سج، چنڊ، تارن، گرهن، سيارن وغيره تي تحقيق ڪئي آهي. هو گهر ويٺي مريخ تي اهڙي مشين موڪلي سگهي ٿو جيڪا نه رڳو اتان فوٽو ۽ آواز موڪليندي رهي پر پنهنجي سِر اتي تجربا ڪري سگهي، موسمي حال ٻڌائي سگهي، وغيره. ماڻهو ئي آهي جنهن چنڊ تي پير گهمايا ۽ اتي وڃي، ويهي، رهي. اڀياس ۽ پرک ڪئي. ماڻهوءَ بيمارين خلاف ويڙهه ڪئي آهي، دوائون ٺاهيون آهن، آپريشنون ڪري ٿو، اکيون، ڪن، دليون، بُڪيون. آنڊا وغيره بدلائي سگهي ٿو. ماڻهو ئي آهي جنهن فطرت جي پيدا ڪيل وڏي ماتا جهڙي بيماريءَ (اُن جي جيوڙن) کي فنا ڪري ڌرتيءَ تان مٽائي ڇڏيو. ماڻهو ئي آهي جنهن مادي جي شين ۽ لقائن کي سمجهيو، انهن جي ڪيميائي ۽ طبعي گڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، جنهن ايٽمي توانائيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو، جنهن کربين ڏيئا ٻاري راتيون روشن ڪري ڇڏيون. ماڻهو ئي آهي جنهن حياتيءَ جي جوهر جو اڀياس ڪيو ۽ سڀني ساهوارن جي تخليق تي کوجنا ڪئي. ماڻهو ئي آهي جنهن ڳوٺ وسايا، شهر جوڙيا، اسڪول ۽ ڪاليج کوليا، يونيورسٽيون ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون. ماڻهو ئي آهي جيڪو لکي سگهي ٿو، ڇاپي سگهي ٿو، ڪتاب ٺاهي سگهي ٿو ۽ انهن کي ڪتاب گهرن ۾ محفوظ ڪري ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو تصوير ڪڍي ٿو، سنگتراشي ڪري ٿو، فوٽو ڇڪي ٿو، فلم ٺاهي (فلم ٺاهڻ کان پوءِ) مري ويل ماڻهن جي ڳالهه ٻول ٻڌائي ۽ انهن جي چرپر ڏيکاري سگهي ٿو. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي جيڪو سماج ٺاهي سگهي، تاريخ جوڙي، ٻولي خلقي، ثقافتي رنگارنگيون پکيڙي. ماڻهوءَ سڄي فطرت، فطرت جي هر لقاءَ، هر شيءِ، سماج، حياتيءَ وغيره جو جوهر، انهن جا قاعدا قانون ڳولي هٿ ڪري ٿو، انهن کي ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي دماغ کي سمجهي ٿو. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو ايئن ڪري سگهي.

اڳوڻو ماڻهو پٿر جيتري مضبوط مُٺ ۽ ڏنڊي جيتري ڊگهي ٻانهن ٺاهي سگهيو، پوءِ هن تير ڪمان ۽ ڀالي وسيلي پنهنجيءَ ٻانهن کي وڌيڪ ڊگهو ڪيو ۽ مترڪي وسيلي پنهنجيءَ مٺ کي اڃا به مضبوط. خالي هٿ سان ڪچي مٽيءَ جي لپ ڀري سگهيو پئي پر ڪوڏر وسيلي وڏو لپو هڻي سگهيو ٿي. سڏ پنڌ تائين ٻڌي سگهيو پئي، چڱو پري تائين ڏسي سگهيو پئي، ٻه چار ميل ڊوڙي سگهيو ٿي ۽ ڪوهن جا ڪوهه پنڌ هڻي پئي ويو. بُنڊ پئي کنيائين، ڇِپون پئي ڍوئيائين، ڇِپ جيڏا جانور پئي ماريائين. اهو ماڻهو به وهه واهه، واکاڻ لائق آهي اهو ماڻهو جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو، پر اڄوڪي ماڻهوءَ:

- پنهنجي چنبي کي فولادي بنائي، ڪرين جو روپ ڏئي، ايڏو سگهارو بنايو آهي جو هڪ سٽ ۾ ويهه ويهه ٽن کڻي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ رکي ٿو،

- پنهنجيءَ لپ کي فولادي ڪوڏر ۾ بدلائي، ايڏو ويڪرو ڪيو آهي جو ان جو هڪ لپو مڻن جا مڻ مٽي، بجري، واري يا پٿر پٽي سگهي ٿو،

- پنهنجن ڪنن کي ايڏو سرلو ڪري ورتو آهي جو دنيا جي هڪ ڪُنڊ جو آواز ريڊيي، فون وسيلي ٻي ڪنڊ تي ٻڌي سگهي ٿو،

- پنهنجين اکين کي اها ويڪري ديد ڏني آهي جو ڪائنات ۾ لکين روشني-سالن جي پنڌ تي، تارن، سيارن ۽ گرهن تي، ڌرتيءَ جي هڪ پاسي کان ٻي پاسي تي، انتهائي اڻ لکن ذرڙن (اليڪٽرانن يا ايٽمن) تي، ڏِسڻيُن (ڏ؛سڻ جي اوزارن) وسيلي نظر وجهي سگهي ٿو،

- پکين جي اڏام فولادي کنڀن (هوائي جهاز ۽ راڪيٽ) وسيلي ماڻي سگهيو آهي ۽ نه رڳو فضا ۾، پر پولار ۾ به پيهي وڃي ٿو،

- مڇين جي ترڻ-مهارت به ماڻي ورتي ۽ نه رڳو ندين، اُپسمنڊن ۽ سمنڊن مٿان تري سگهي ٿو پر پاتار ۾ پيهي وڃي ٿو.

ناهي ڪو ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو اهو سڀ ڪجهه ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چَکي يا ڇُهي، ان کي جاچي، پرکي، پرجهي ۽ پروڙي سگهي جيڪو ڪجهه سندس چؤطرف وهي واپري، هلي چلي، ٿئي ڪَري پيو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجي چوڌاري ۽ پاڻ اندر ٿيندڙ معاملن جي پرک ۽ ڄاڻ ماڻي سگهي. ماڻهو ڄاڻي ٿو فطرت کي، سماج کي ۽ ذهن کي، ڄاڻي ٿو ته هو پاڻ ڇا آهي، سندس هستي ڇا آهي، سج ڇا آهي، ڪائنات ڇا آهي. ٻين ساهوارن جيان ماڻهو رڳو جيئڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل ناهي، پر ان سان گڏ هو سوچي ٿو ته ڌرتي ڇا آهي، حياتيءَ جو مقصد ڇا آهي، ڇا هئڻ گهرجي.

 

 

 

 

 

 

 

باب پنجون

سمجهه حقيقت ۾ ڇا آهي؟

 

توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته سمجهه مجموعي طرح گڏيل نالو آهي ڄاڻ، سڄاڻَ، سوچن، سڌن، سرت، ساڃاهه، عقل، عقيدي، احساس، ارادي، اميد، امنگ، خيال، خواهش، جوش، جذبي، ذهانت، ذڪاوت، وهم، ويساهه، سوداءَ، تصور وغيره جو. انهن مان هر لفظ سمجهه جي ڪنهن نه ڪنهن پاسي کي ظاهر ڪري ٿو.

هاڻي اسين گڏيل نموني اهو جاچينداسون ته سمجهه ڇو ٿي ٺهي، سمجهه جي فطرت ڇا آهي؟

توهان کي اها چڱيءَ طرح خبر هوندي ته اڳ، پهريائين پهريائين جڏهن ڪنهن گهر جي ڇت ٽيئرن گيڊرن سان ٺاهي ويندي هئي تڏهن گهڻي قدر اها اونهاري ۾ ڦاٽي (ٽُٽي، ڏري، ڇِڄي) پوندي هئي. اوساري ڪندڙ رازا وائڙا هئا، ته ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ نيٺ سائنسدانن اها مام پروڙي ورتي. ڄاتو ويو ته اونهاري ۾ موسمي ڪوساڻ سبب ٽيئرن گيڊرن ۾ واڌ پئي ٿئي، ۽ ظاهر آهي ته لوهي واڌ ڇتين کي ڦاڙي رکندي.

توهان کي اها به ڄاڻ آهي ته گندرف واري تيلي گندرف تي گسائڻ سان باهه ٻاريندي آهي، ڪاٺيءَ سان ڪاٺي گهي يا پٿر تي پٿر رهڙي به باهه پيدا ڪبي آهي. تپيل لوهه سُجيل، ڳاڙهو ۽ نرم ٿي پوي ٿو، وري مترڪي سان ڌڪ هڻڻ سبب ان تي ڌڪ جو نشان ٺهي بيهي ٿو. بنڊ تي ڪهاڙيءَ جو وڍ ٺهي بيهي ٿو، بيشڪ پاڻي سڪي ويو هجي پر ان جي وهڪ ۽ لهرن جي وڍ (ڪاٽ) جابلو پٿرن، ٽڪرين ۽ زمين تي (جيئن مثال طور سيوهڻ ڀرسان ڀَڳي ٺوڙهي جبل، ڄامشوري وارن جبلن، سامونڊي ڪنارن وارن جبلن، هاڪڙو نديءَ، سرسوتي نديءَ ۽ سنڌو نديءَ جي پراڻن وهڪرن جا آثار) صدين تائين ظاهر رهن ٿا، چنڊ ۾ ته روشني ڪانهي پر هو سج جي روشني موٽائي، اولڙو ڪري ٿو، جنهن کي چانڊوڪي چئون ٿا، وغيره. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ جيالاجي شعبي ۾ توهان کي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ، ٿڙ نظر ايندا جيڪي پنجن وکن جي پنڌ تان به توهان کي ڪاٺ نظر ايندا، پر هٿ لائڻ کان پوءِ خبر پوندي ته اهي پٿر آهن ــــــــــ بنڊ، پن، جيت، کوپر ساهوارا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون پٿر ۾ رهي پاڻ پٿر، پنڊ پهڻ ٿي ويون.

ايئن ڇو ٿو ٿئي؟

هر شيءِ ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت آهي، ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ڪنهن ۾ سادي ته ڪنهن ۾ اُچي، ڪنهن ۾ هيڻِي ته ڪنهن ۾ سگهاري ــــــــــ ان جو دارومدار هڪ ٻي مٿان عمل ڪندڙ شين جي خصوصي نوعيت ۽ بدني اڏاوتي تنظيم تي هوندو آهي. اولڙي ڪڍڻ يا عڪس کي ظاهر ڪرڻ جي معاملي ۾ اهڙي ڪا به پابندي ناهي ته بدن (بت، شيءِ) هروڀرو جيئرو (ساهوارو) هجي، مئل بدن به اولڙو ظاهر ڪندو آهي، جيئن مٿي ڏنل ڪجهه مثالن مان ظاهر آهي. باقي ايئن ٿيندو آهي ته ساهوارن جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت وڌيڪ آهي ۽ هر ساهوارو اوسر (ارتقا) جي جيترو مٿاهين ڏاڪي تي هوندو ان ۾ اولڙو ڪڍڻ جو گڻ به اوترو ئي وڌيڪ اتم هوندو. هڪ جيو-گهرڙي واري جيوڙي جي ڀيٽ ۾، گهڻ جيو-گهرڙي جيوَ ۾ وڌيڪ ۽ گهڻ جيو-گهرڙن ساهوارن مان وري انهن ساهوارن ۾ وڌيڪ وڌيل، جن ۾ تنتي سرشتو هوندو آهي ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ وري مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارن ۾ اولڙو ڪڍڻ جو گڻ اڃا به مٿاهين سطحن تي پهتل هوندو آهي ۽ مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙن ۾ وري ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اتم سطح تي پهتل آهي ــــــــــ اهو ئي سبب آهي جو هر هر پٿر اڇلائي دشمن کي هڻڻ جو عمل يا ڪاٺيءَ سان پاڙون کوٽي ڪڍڻ جو عمل ۽ انهن جو لاڀ ماڻهو ئي پروڙي سگهيو ۽ ٻيو ڪو به ساهوارو پروڙي نه سگهيو، جڏهن ته انهن ۾ به دشمن تي وار ڪرڻ لاءِ هٿيار ڪتب آڻڻ جو ڏانءُ موجود آهي.

ساهوارن جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي صلاحيت اَساهن (بي جان، مئل) جسمن جي ڀيٽ ۾ مٿاهين سطح تي ڇو پهتل هوندي آهي؟

اَساهن جسمن جي ڀيٽ ۾ ساهائن (ساهوارن) جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي صلاحيت ان ڪري مٿاهين سطح تي هوندي آهي جو اهي جيئرا آهن، حياتيءَ وارا آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org