سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: شعور

باب: --

صفحو :4

 

 

باب ڇهون

حياتي ڇا آهي؟

 

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته حياتي ساهه (جان، روح) جي ڪري آهي. اهو ساهه ئي آهي جيڪو ڪنهن شيءِ کي جيئرو رکي ٿو يعني ان ۾ حياتيءَ ڀريو عمل پيدا ڪري ٿو ۽ جڏهن ساهه بت مان نڪري وڃي ٿو، تڏهن جسم مري وڃي ٿو ــــــــــ جسم فاني آهي ۽ روح (ساهه) امر آهي (ساهه تي ٿوري دير کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سان سوچينداسين).

سائنس (سڄاڻ) انهيءَ ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو آهي.

حياتي ڪنهن به جسم ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه (ڀڃ-گهڙ) جو اهو عمل آهي جنهن وسيلي هر انگ، هر عضوو پنهنجو پنهنجو مخصوص ڪم ڪري ٿو (ان مخصوص ڪم ۾ گهاٽي-واڌي جو نالو آهي بيماري).

وائرس (جيتامڙي) بابت اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه ٻُڌ سڌ هوندي. وڏي ماتا، ننڍي ناتا، ارڙي، پوليو، مَلي وغيره نالي بيماريون مختلف قسمن جي جيتامڙن سبب پيدا ٿين ٿيون. سائيءَ (ڪامڻ، يرقان) جو هڪ خاص قسم به خاص قسم (حقيقت ۾ ٽن قسمن) جي جيتامڙي (وائرس) وسيلي پيدا ٿيندو آهي. ڇتي ڪُتي جي چڪ سبب پيدا ٿيندڙ بيماري (پاڻيءَ کان ڊڄ جي بيماري، ڇتڪتائي) به هڪ قسم جي وائرس سبب پيدا ٿيندي آهي، جيڪو ڇتي ڪتي جي گِگ ۾ موجود هوندو آهي ۽ چَڪ سبب ٺهيل گهاءَ (زخم) ۾ ڳڙي جذب ٿي ويندو آهي.

انهن سمورن وائرسن ۾ جيوُ، حياتيءَ، ساهه وارو عمل رڳو تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن اهي ڪنهن مخصوص قسم جي ماحول (جيو-گهرڙي، جيو-گهرڙن جي جهڳٽي) ۾ پهچن، نه ته ٻيءَ حالت ۾ اهي مئل هوندا آهن، انهن ۾ حياتيءَ جو ڪو به عمل نه هوندو آهي، انهن ۾ ساهه نه هوندو آهي ــــــــــ اهي رڳو هڪ مئل مادو (بُت) هوندا آهن.

جيئن ئي اهي وائرس پنهنجي مخصوص ماحول ۾ پهچن ٿا تيئن ئي انهن ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر انهن کي جيئرو سمجهي ٿو.

ڪيترائي جيئرا ماڻهو مئل سمجهي دفن ڪيا ويندا آهن! جيڪڏهن توهان کي اها سڌ نه هجي ته ڪنهن ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو. خاص طرح اها ويڌن ٻُڏل، گُهٽو آيل (گهٽيل)، ٻوسٽ چڙهيل (ٻوساٽيل) ۽ دل جو دورو پيل (دوريل) ماڻهن سان ٿيندي آهي. عام ماڻهوءَ کي اهڙن ماڻهن ۾ حياتيءَ (ساهه، روح، جان، جيوَ) جي ڪا به نشاني نظر نه ايندي آهي تنهنڪري انهن کي مئل سمجهي پُوري ايندا آهن.

ٿي سگهي ٿو اهڙن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي اوهان پاڻ ئي وري جيئرو ٿيندي ڏٺو هجي. سڪرات کان پوءِ، ڪفن ڏيڻ کان پوءِ ۽ ڪن حالتن ۾ ته دفنائڻ لاءِ نيئندي ڪيترا ئي ماڻهو جيئرا ٿي پوندا آهن. ڇو؟

ماڻهو مري ويندو آهي ته به سندس جسم عام طرح ڇهن ڪلاڪن تائين ڪوسو رهندو آهي. ڇو؟ مري ويل ماڻهو ته هڪدم ٺري وڃڻ گهرجي! مئل ماڻهو هوري هوري ڇو ٿو ٺري؟

اهو انهيءَ ئي ڀڃ-گهڙ جي عمل سبب آهي. هڪ ڊاڪٽر جسمي موت ۽ حياتياتي موت ۾ فرق ڪندو آهي. هر اهو ماڻهو جنهن جي نبض محسوس نه ٿي ٿئي، هوا (ساهه) کڻي ۽ ڪڍي ڪو نه ٿو، دل جو دڙڪو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، ڏسي نه ٿو، ٻڌي نه ٿو، چُري پُري ڪو نه ٿو. اهو هروڀرو مئل (بي ساهه، بي جان، بي روح) ناهي. ماڻهو (ساهوارو) مئل تڏهن آهي جڏهن ان ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل بيهجي وڃي. ٻڏل، گهٽيل، ٻوساٽيل، دوريل ماڻهو جيتوڻيڪ ساهه نه کڻندا آهن، دل نه ڌڙڪندي اٿن، چرپر نه ڪندا آهن، ڏسي، ٻڌي نه سگهندا آهن (عام معنائن ۾ مئل هوندا آهن) تڏهن به سندن جسم ۾ اهو ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته اهڙي مئل ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري ڊاڪٽر دل واري جاءِ تي چڱي زورائتي مڪ (ٺونشو) هڻندا آهن ۽ ٻه ٽي چار ڀيرا سٽڪو ڪڍندا يا وري سڌو دل ۾ سُئي هڻندا آهن. ڇا بيمارين جو ماهر، هڪ ڊاڪٽر ايڏو اٻوجهه، اڄاڻ، بي رحم ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو جو ويرُ نه دشمني، اجايو، خوامخواه هڪ مئل ماڻهوءَ کي مُڪون يا سُيون هڻڻ شروع ڪري ڏي!؟

جڏهن ڊاڪٽر کي حياتياتي ڀڃ ڊاهه جي ڪا به نشاني سُجهندي آهي تڏهن ئي هو مُڪ يا سُئي هڻندو آهي ــــــــــ ٿي سگهي ٿو ته دل جو ڌڙڪو ۽ ساهه جو سرشتو بحال ٿي وڃي.

جڏهن حياتياتي ڀڃ گهڙ جو عمل ايترو سگهارو ٿي پوندو آهي جو دماغ، دل، ساهه-سرشتي وغيره کي پنهنجي معمول تي آڻي سگهي ته مئل ماڻهو وري جيئرو ٿي پوندو. لاش ۾ ساهه پوڻ جو حقيقي سبب اهو ئي آهي.

موت کان پوءِ عام طرح مئل ماڻهو (لاش) جو جسم ڇهن ڪلاڪن ۾ ٺرندو آهي. لاش هڪدم ڇو نه ٿو ٺري؟ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته موسمي اثر ڪري ٺرندو آهي، پر اها ڳالهه سچ ڀَري ناهي. موسم ڪوسي هوندي ته لوهه ڪوسو ٿيندو ۽ موسم (جاءِ) ٿڌي هوندي ته لوهه ٿڌو ٿيندو، پر لاش هر حالت ۾ ٺري ويندو آهي ــــــــــ ڪمرو ڪوسو هجي يا ٿڌو.

ان ڪري، روح نڪري وڃڻ باوجود جسم ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي، جيڪو هوري هوري هيڻو ٿي بيهجي ويندو آهي. اهو ڀڃ گهڙ جو عمل جيئن جيئن هيڻو ٿيندو ويندو تيئن تيئن جسم (لاش) ٺرندو ويندو.

توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مادي ۾ چرپر موجود آهي. چرپر جون ڌار ڌار شڪليون ـــــــ طبعي، ڪيميائي، مشيني، حياتياتي، سماجي وغيره ــــــــــ آهن ۽ مادو چرپر کان سواءِ يا چرپر مادي کان سواءِ ٿي نه ٿي سگهي. راهه ۾ پٿر پيل آهي ته اهو جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڪا به چرپر ڪو نه ٿو رکي، پر حقيقت اها آهي ته ان ۾ مشيني ۽ ڪيميائي چرپر جون ڪيتريون ئي حالتون موجود آهن. پٿر ڌرتيءَ تي آهي تنهنڪري اهو ڌرتيءَ واري چرپر جو حصو ٿي پوي ٿو يعني ڌرتيءَ جي پنهنجي محور (وچ) چوڌاري لاٽونءَ جهڙي چرپر ۽ ڌرتيءَ جي سج چوڌاري چرپر (۽ سج وري ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ٻين سيارن سميت ڪائنات ۾ گس جي حصي طور ڦرندو رهي ٿو). پٿر مختلف قسمن جي ايٽمن يا ماليڪيولن جو ٺهيل آهي تنهنڪري ايٽمي، اليڪٽراني وغيره چرپر ان اندر موجود آهي ۽ ان جي ڪري پٿر ڳار، ڀور جو شڪار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساهواري ۾ اهي سڀ چرپرون ته موجود آهن پر هن ۾ ساهه ڀريون (حياتيءَ ڀريون، جيوَ ڀريون، جاندار) چرپرون به موجود آهن جن ۾ ساهه کڻڻ، دل ڌڙڪڻ، سوچڻ، انگن ۽ غدودن جا ڪم، رت جو وهڪرو، جيو-گهرڙن جو ڀڄڻ ۽ ٺهڻ، کُٽڻ ۽ وڌڻ، گئسن جو (آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره جي صورت) جذب ۽ نيڪال ٿيڻ وغيره شامل آهن.

توهان کي اها به خبر آهي ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن گئسون هڪ مخصوص حالت ۾ ملي، ڪيميائي عمل (يا چرپر) ڪري پاڻي ٺاهينديون آهن. ٻنهي گئسن جي خوبين ۽ پاڻيءَ جي خوبين ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هئڊروجن گئس پاڻ ٻري ٿي، آڪسيجن ٻرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، پر پاڻي عام حالت ۾ باهه وسائي ڇڏي ٿو. آڪسيجن جا ٻه ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم هڪ مخصوص ماحول ۾ ملي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهيندا آهن ــــــــــ هر هڪ جون خاصيتون ڌار ڌار آهن: آڪسيجن عام حالت ۾ جياپي لاءِ اهم آهي ۽ ڪاربان بي اثر، جڏهن ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ زهريلي، پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم ملي پون ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس ٺهي پوندي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ ماريندڙ آهي.

سلفر (گندرف) ۽ آڪسيجن جا ايٽم مخصوص حالتن ۾ هڪ ٻي سان ملي گندرف جو تيزاب ٺاهيندا آهن. گندرف، آڪسيجن ۽ گندرف جي تيزاب مان ٽنهي جي خاصيتن ۾ ڪا به هڪجهڙائي ناهي. ماڻهو صاف سٿرو کائي ٿو، جنهن ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ماڻهوءَ جي بُت جي گهرج ناهن، ۽ اهي ڦوڳ جي صورت ۾ نڪري وڃن ٿيون، پر ڦوڳ سان گڏ پيٽ مان هوا (ريح) به خارج ٿئي ٿي جنهن ۾ ڏاڍي ڌپ هوندي آهي ــــــــــ ان گئس جو نالو آهي سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ اها پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن جو نتيجو هوندي آهي. وڏي ڳالهه اها ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سلفر (گندرف) جي تيزاب جي بناوت ۾ رڳو ٻن آڪسيجن ايٽمن جو فرق آهي.

جُهــڙ (ڪڪرن) ۾ گهميل دُونهي کان سواءِ ڪجهه ناهي پر پوءِ به ان جي اڳيان پٺيان، هيٺان مٿان پکڙيل ذرڙا جڏهن هڪ ٻي سان ٽڪر يا گاٺ کائن ٿا تڏهن نه رڳو گاج، ڪڙڪو ٿئي ٿو، پاڻي ٺهي ٿو پر کنوڻ (وڄ) ۽ ڳڙو (برف) به ٺهي پون ٿا.

بنيادي عنصر 110 آهن، پر انهن جي مختلف نمونن سان مختلف حالتن ۽ ميلاپ سبب ڪروڙين قسمن جا ڪيميائي مادا ٺهيل آهن ۽ ٺهندا رهن ٿا.

ڌرتي سج جو ڇِڳل ٽڪرو آهي. سائنسي ڪاٿي موجب اهو 10-کرب سال اڳ ٽٽي ڌار ٿيو ۽ هوري هوري ٺرندو رهيو. نيٺ ان تي پاڻي، خشڪي، ڪڪر، کنوڻ، هوائون، آنڌاريون، ڪڙڪا، ڪوسايون، ٿڌايون، ڇوليون، ڇوهه... گهڻو ڪجهه موجود ٿي پيو ــــــــــ مختلف عنصر ملندا، ٽٽندا، جڙندا، بدلبا ۽ نيون خاصيتون وٺندا رهيا. اهڙي ئي ماحول ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص قسم جو وڏو ڳتيل ڪيميائي مادو ٺهيو جنهن کي امائنو ايسڊ سڏجي ٿو. ان جي بنيادي بناوت ۾ ڪاربان، آڪسيجن، نائٽروجن، هئڊروجن جا ايٽم ئي آهن، جن جي ڳڻپ ۽ اڏاوت مخصوص آهي.

امائنو ايسڊ اهو پيڙهائتو پٿر آهي جنهن جو خاصيتون هڪ مخصوص ماحول ۾ حياتيءَ ڀريون ٿي پون ٿيون. وائرس پنهنجيءَ بناوت ۾ امائنو ايسڊ ئي آهي. جن حالتن ۾ اهو امائنو ايسڊ ٺهيو، سائنسدان ان جي تخليق ڪري رهيا آهن ۽ سوڀ ويجهو پهچي چڪا آهن. سائنسدان اڄ ٽيسٽ ٽيوب ٻار ٺاهي، ڄڻي، پالي چڪا آهن. مخصوص جسماني بناوت رکندڙ مردن کي عورت ۽ مخصوص بناوت رکندڙ عورتن کي مرد ٺاهي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اسان مان سوين جيئرا ئي هجن جو حياتي (جيوُ) ٺهي پوي.

هر ساهوارو مادي جو ٺهيل آهي. ساهواري جي جسم کي ڀڃي عنصرن ۾ ورهايو ويندو ته اهو ٻيو ڪجهه نه هوندو سواءِ ڪاربان، آڪسيجن، هئڊروجن، نائٽروجن وغيره جي. انهن ئي عنصرن جي مخصوص ميلاپ نراليون خاصيتون رکندڙ نوان نوان ڪيميائي مادا ٺاهيا ۽ وري مخصوص قسمن جي ڪيميائي مادن جي مخصوص ميلاپ مخصوص ماحول ۾ هڪ نئين قسم جي وڏي ڪيميائي مادي کي جنم ڏنو جنهن ۾ نوان گڻ هئا ۽ انهن نون گڻن جو نالو آهي حياتي (جيءُ، جان، جياپو، روح). }مون کي خبر ناهي ته مُلي جي تشريح وارو روح ماڻهن کان سواءِ ٻين ساهوارن ـــــــ گهوڙن، گڏهن، ڪتن، ٻلن، نانگن، وِڇن (ڀٽن)، جيوڙن، جيتامڙن ۽ وڻن، ٻوٽن، گاهن وغيره ۾ موجود آهي يا نه. البت اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به اهو نه پڙهيو اٿم ته وڻن ۾ روح آهي، ٻوٽن ۾ روح آهي، ڪڻڪ ۽ سرنهن جي تيلي تيلي ۾ روح آهي. {سائنس جي ٻوليءَ ۾ وڻ، ٻوٽا، گاهه، اناج ۽ جيت جڻيا، جانور وغيره سڀ ساهوارا آهن.

نئين ٺهيل ڪيميائي مادي ۾ حياتياتي ڀڃ-گهڙ جو عمل موجود هو، پر ان ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت به وڌيڪ هئي. حياتياتي ڀڃ-گهڙ جي عمل وسيلي هن ردي، پراڻين، ڦوڳ ٿي ويل شين کي جسم مان خارج ڪيو پئي ۽ سٺا، نوان، کاڄ ڏيندڙ جزا جذب ڪري جسمن جو حصو بنايو پئي ۽ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت غير جاندار مادي جيان بي وس نه رهي، پر وس واري يا ڦڙتيلي هئي. غير جاندار مادو پنهنجي ڪيميائي ۽ طبعي جوڙجڪ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ ماحول جي چڱن ۽ لڱن جزن ۾ فرق ڪري نه سگهندو هو، پر هاڻي چڱي ۽ لڱي جي وچ ۾ فرق ڪري سگهيو پئي.

ڀڃ-گهڙ جي عمل جيان جيوارو اولڙو به سادڙي ساهواري ۾ گهٽ معيار يا درجي جو ٿئي ٿو. جيوارو اولڙو حقيقت ۾ جيئري جيوَ پاران ڪنهن به ٻاهرين يا اندرين عمل يا اثر (جيئن ڪوساڻ، ٿڌاڻ، اوندهه، سوجهري، ڇهاءُ، سوڪ، آلاڻ، بک، اڃ وغيره) جو موٽ عمل هوندو آهي. جيوُ پنهنجي دشمن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو ۽ کاڄ ويجهو وڃي ٿو، پر جڏهن جيوُ ڍاول آهي تڏهن ڪو به لذيذ کاڌو کيس هرکائي نه ٿو سگهي. ان عمل وسيلي جيوارو پنهنجي ماحول سان مطابقت، هڪ ڪرائي، ٺاهه، پرچاءُ ڪري ٿو ۽ ان ۾ ئي سندس بقا، بچاءُ ۽ سرجاءُ آهي.

جيوڙو، سادو ساهوارو مختلف قسمن جي اثرن ڏانهن موٽ عمل مجموعي طرح پنهنجي سڄي وجود جي چرپر، ڦڙڦوٽ يا مڇرجڻ وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ ڏانهن ڌار ڌار قسم جو خصوصي ردعمل موجود ڪونهي.

جيئن جيئن ساهوارو وڏو، گهڻ-جيو-گهرڙو ڳتيل ٿئي ٿو (خاص طرح جيت جانور) تيئن تيئن هن ۾ هر قسم جي اثر لاءِ ڌار ۽ مخصوص قسم جو موٽ عمل ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور ڪوساڻ، ٿڌاڻ، ڳوراڻ، ڌپ، سڳنڌ، گوڙ، سر، تيز روشني، سوجهري، اوندهه، چڀڪي وغيره ڏانهن هن جو سڄو جسم ردعمل ظاهر ڪو نه ٿو ڪري، پر جسم جو ڪو مخصوص حصو اهو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. هن قسم جي ساهواري ۾ تنتي سرشتو ٺهيل ٿئي ٿو، جنهن جا حصا به آهن. هڪ حصو ٻاهرين عملن (اثرن) کي محسوس ڪري جانور کي آگاهه ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو واسطيدار عضوي ڏانهن گهربل ردعمل جو حڪم موڪلي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئون، ته هن قسم جي جانور ۾ حسون (تنتون) ٺهيل ٿين ٿيون جيڪي احساس جي صورت ۾ اولڙو ڪڍڻ جو عمل ڪن ٿيون. هر حس تيز رفتاريءَ سان احساس قبول ڪري ٿي ۽ تيز رفتاريءَ سان ئي جوابي ڪارروائي ٿئي ٿي. هيءَ هڪ پاڻ مرادي غير مشروط ڪارروائي آهي جيڪا هر جانور (ننڍي توڙي وڏي) ۾ موجود ٿئي ٿي ۽ جبلي طرح وڏن کان ننڍن ڏانهن تبديل ٿئي ٿي. ننڊ ۾ مڇر ڏنگي ٿو ته بنا جاڳڻ جي ان کي پري ڌڪڻ جو پاڻ مرادو ردعمل ٿئي ٿو يا اوچتو ڪوسيءَ شيءِ کي ڇهڻ سان ئي پاڻ مرادي ردعمل طور ڇهندڙ حصو پري ٿي وڃي ٿو.

اهڙن پاڻمرادن غير مشروط عملن جا ڪجهه ٻيا مثال هي آهن:

1) ساهه کڻڻ ۽ ڪڍڻ،

2) کنگهڻ،

3) نڇ ڏيڻ،

4) اکيون ٻوٽجي وڃڻ (اکين جي ويجهو اشاري، ڦڙڪي سبب)،

5) تيز روشنيءَ ۾ ماڻڪيءَ جو سُسڻ ۽ اکين جو ٻوٽجڻ،

6) جسم کي سنوت ۾ رکي هلڻ،

7) الٽي ڪرڻ،

8) دست ٿيڻ،

9) وات پاڻي ٿيڻ،

10) اڃ ۾ نڙي خشڪ ٿيڻ،

11) ڳيت ڏيڻ، ۽

12) جنسي عمل ڪرڻ، وغيره.

مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانور اوسر جي اڃا به اتاهين ڏاڪي تي ٿين ٿا. تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ تنتي جيو-گهرڙا ۽ تنتي تاندورا ٿين ٿا. اُسرندي، گهڻ پاسائون ڪم ڪندي، ماحول سان ٺهڪي هلندي تنتي جيو-گهرڙن ملي تنتي ڳوڙها ٺاهيا ۽ تنتي تاندورن ملي تنتي رڳ (تنتي ٻنڌڻ، تنتي تنجڻ، تنتي واڊ) ٺاهي. تنتي ڳوڙهن پاڻ ۾ ملي تنتي مِکُ ٺاهي. تنتي مک وڌي، ويجهي، وڏو ٿي ميڄالي (دماغ) }کوپڙيءَ ۾{ ۽ تنتي ڏوري (ڪرنگهي ۾) جنم ورتو. ميڄالي، تنتي ڏوري، تنتي رڳ، تنتي ڌاڳي (تاندوري)، تنتي ڳوڙهن، تنتي مِکُن، تنتي جيو گهرڙن جو هڪ وسيع، گهڻ-ڪرتو نظام ٺاهيو، جنهن کي مرڪزي تنتي سرشتو چئجي ٿو.

مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ حقيقتن جي اولڙي ڪڍڻ جو گڻ هزارين ڀيرا وڌيڪ اُچو آهي. نه رڳو حقيقتن جو احساس موجود ٿئي ٿو پر انهن جي حسي تصوير به ٺهي ٿي. احساس ۽ حسي تصوير ذهني سرگرميءَ جا ابتدائي اهڃاڻ آهن ۽ تصوراتي ڄاڻ ڏين ٿا. تصوراتي ڄاڻ اها آهي ته ڪنهن اڳ محسوس ڪيل ۽ هاڻي اڻ موجود (اکين ۽ ٻين حِسن تي سنئون سڌو هاڻي جو هاڻي اثر نه وجهندڙ) شيءِ جو تصور يا ياد ورجائڻ ــــــــــ يادگيري، ياد. اولڙي جو هيءُ قسم مشروط ناهي پر غير مشروط آهي. اڳ جانور رڳو پنهنجي ڪنهن بنيادي گهرج سان لاڳاپيل عملن، اثرن جو رد عمل ڏيکاريندا هئا پر هاڻي اهي ڪجهه نه ڪجهه ياد رکي سگهيا پئي، پر اها ياد به پنهنجن بنيادي گهرجن سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.

ڌار ڌار قسم جي جانورن کي ڌار ڌار قسم جون سوچون سکيا ڏئي ٺاهيون ويون آهن. واٺو ڪتو دشمن کي وٺ ڪري ٿو پر سنگتيءَ يا ٻڪريءَ، رڍ وغيره کي ڪجهه به نه ٿو چئي. تازِي ڪتي ۾ شڪار جي بوءِ پڪڙڻ جو گڻ وڌيل آهي، پيرِي ڪتو ٻي ڏينهن به پيرو کڻي سگهي ٿو، ڪي ڪتا بال سان راند کيڏي سگهن ٿا ۽ سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارن ٿا، شينهن ڇَلي منجهان ٽپي وڃي ٿو، وغيره.

رڳو هڪ مثال بيان ڪيون ٿا.

جيڪڏهن ٻه چار مهينا لاڳيتو بُکي ڪتي کي گهنٽي وڄائڻ کان پوءِ کاڌو ڏنو وڃي، ته ڪتو پنهنجي بک جي پورائيءَ لاءِ پنهنجن حـِس کي گهنٽيءَ سان لاڳاپي وٺندو آهي. ڪتو گهنٽيءَ جي آواز سان هري ويندو، جڏهن ته جيڪو ڪتو گهنٽيءَ جي آواز کان پوءِ کاڌي تي هريل نه هجي، ان لاءِ لکين گهنٽيون به بيڪار آهن. هريل ڪتي ۾ گهنٽيءَ جو آواز ٻڌندي ئي کاڌي سان لاڳاپيل ردعمل ظاهر ٿي پوندو، وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندس، جنهن مخصوص جاءِ تي ويهي کاڌو کائيندڙ هوندو اتي وڃي ويهندو ۽ اوسيئڙو ڪندو. ڪتي جي دماغ ۾ کاڌي ۽ گهنٽيءَ جي وچ ۾ هڪ عارضي ناتو جڙي وڃي ٿو جنهن هيٺ هو گهنٽيءَ جي آواز کي کاڌي اچڻ جو اشارو سمجهي ٿو. هيءُ مشروط ردعمل آهي. اهڙن ردعملن جي بنياد تي ئي هڪ جانور پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مخصوص ماحول سان وڌيڪ سٺي نموني ٺهڪائي ٿو. حقيقت جي اولڙي جي هيءَ صورت پنهنجين اڳوڻين صورتن يعني سادڙي جانور جيان سڄي جسم جو ردعمل ظاهر ڪرڻ (مڇرجڻ، چڙڻ) ۽ تنتي سرشتو رکندڙ جانور جي گڻ کان مشروط حسي ردعمل کان ڌار قسم جو آهي ــــــــــ هن نئين صورت ۾ حقيقت جو اولڙو نفسي (نفسياتي) صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ــــــــــ جانور جي دماغ ۾ مشروط ردعمل وسيلي ڪنهن مخصوص لقاءَ يا شيءِ جو عڪس، تصور، خاڪو، اولڙو ٺهي پوي ٿو جيڪو ان لقاءَ يا شيءِ جي اڻ موجوديءَ ۾ به جانور جي دماغ تي اهو ساڳيو ئي ردعمل طاري ڪري ٿو جيڪو موجوديءَ هوندي ڪري سگهيو پئي. وڌيڪ اهم ۽ بنيادي مشروط ردعمل هوري هوري عارضي (ٿوري مدي وارن) مان ڦري پڪا پختا ٿي پوندا آهن. هن عمل ۾ هڪ ڌاري شيءِ جو اولڙو به مضبوط ٿئي ٿو يعني گهنٽيءَ جو. گهنٽي کاڌي اچڻ جي اشاري سان ڳنڍيل آهي. اشارن جا اهڙا سوين نمونا ٺهن ٿا، جن کي اشارن جو سرشتو، يا اشارن جو پهريون سرشتو چئجي ٿو.

عام طرح هر جانور ۾ هٿراڌو عادتون بک ۽ اڃ ڏئي يا جنسي وهر کان پوءِ لڳ جو لوڀ ڏئي پيدا ڪيون وينديون آهن.

فطري ماحول ۾ اهڙا سوين اشارا ملن ٿا. ڪچيون ساريون جهار لاءِ نرم داڻي جو اشارو آهن، آکيري ۾ نانگ اولاد جي ۽ پنهنجي خاتمي جو اشارو آهي، تيز هوائن جو گهلڻ اجهي کي برباد ڪرڻ جو اشارو آهي، ٻوڏِ کاڌي ۽ اجهي کي تباهه ڪري ٿي، هر قدرتي آفت تباهيءَ جو اهڃاڻ ٿئي ٿي ۽ هر قدرتي کاڌ خوراڪ جي ججهائي خوشحاليءَ جو خيال ڏي ٿي. اشارن جو پهريون سرشتو مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ هر جانور ۾ موجود آهي، اوسر جي معيار سان ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ۽ ماڻهو ٿي سگهندڙ ساهواري ۾ اهو معيار، نفس، من، ياد سڀ کان وڌيڪ اسريل هئي ڇو ته اهو اوسر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي هو. ان ڪري ئي ماڻهوءَ ۾ سندس ردعمل جي ڪري سمجهه پيدا ٿي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو اشارن جي پهرين سرشتي کان ٽپي اشارن جي ٻي سرشتي ــــــــــ ٻوليءَ ــــــــــ تائين پهچي سگهيو. ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اشارن جي پهرين سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي (ٻوليءَ) تائين ڪيئن پهچي سگهيو؟ ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو بي سمجهه مان ڦري سمجـ]ـهو ساهوارو (ماڻهو) ڪيئن ٿي سگهيو؟

بامقصد سرگرمي، بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ پورهيو، فطرت جي مليل شين کان پنهنجي پسند جو ڪم وٺڻ وارو عمل، فطرت جي ملندڙ شين کي اها شڪل ڏيڻ جنهن وسيلي پنهنجي کاڌ خوراڪ کي نسبتاً سولو ۽ گهڻو هٿ ڪري سگهجي. بي ساهه شين ۾ جيئرو پورهيو لڪائي انهن کي پنهنجو اوزار يا هٿيار بنائيندڙ ڪم ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، جنهن هڪ اسريل ساهواري کي اشارن جي هڪ سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي ڏانهن تبديل ڪيو ۽ ڇال ڏياريو، جنهن ماڻهوءَ ۾ سمجهه پيدا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن وسيلي ساهوارو سنئون سڌو فطرت سان لڳ لاڳاپي، لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، هو فطرت کي ڏسي ٿو، جاچي ٿو، سوچي ٿو، سمجهي ٿو ۽ انهن جي بنياد تي پروڙيل پرجهيل نتيجن کي وري پرکي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح نظرياتي ڄاڻ ماڻي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ــــــــــ پنهنجن عملن، پنهنجن ارادن، مفادن، جذبن، خيالن کي، پنهنجي سماجي زندگيءَ ۽ پنهنجي مٿڀري حيثيت کي سمجهي يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو رڳو مڇرجڻ، رڳو حسي تصوير، رڳو نفسي اولڙو ئي نه ٿو ڪڍي پر سوچي به ٿو، سمجهي به ٿو ۽ تخليق به ڪري ٿو. 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

باب ستون

احساس جون واٽون ڪهڙيون آهن؟

 

تنتون احساسن جون واٽون آهن. تنتون ئي آهن جيڪي ٻاهرين دنيا جا اثر ڍوئي وڃي دماغ تائين پهچائن ٿيون ۽ اتان وري تنتن وسيلي ئي واسطيدار عضون کي ردعمل ظاهر ڪرڻ جا حڪم پهچايا وڃن ٿا. اهي احساس جيئري جسم کان ٻاهر ۽ جيئري جسم اندر ٻنهي هنڌن تي عمل ڪندا رهن ٿا. اهي تنتون سڄي جسم ۾ پکڙيل ٿين ٿيون. تنتي عمل جا ٽي نمونا آهن: قطعي پاڻ مرادا عمل، ڪجهه قدر پاڻ مرادا ۽ ڪجهه قدر وس هيٺ، ۽ قطعي وس هيٺ. قطعي پاڻ مرادن عملن ۾ مثال طور دماغ جو ڪم، دل جو ڪم، رت جو ڪم، جسم جي هر جيو گهرڙي جو ڪم جيري جو ڪم، ڦڦڙن اندر گئسن جي مٽاسٽا جو ڪم، بڪين جو ڪم وغيره ٿين ٿا ــــــــــ انهن عملن کي ارادي وسيلي بيهاري، تيز ڪري يا ڦيرائي نه ٿو سگهجي، اهي پنهنجي ڪرت ڪندا رهن ٿا. ڪجهه پاڻ مرادا ۽ ڪجهه وس هيٺ عمل اهي آهن جن کي ڪجهه دير تائين پنهنجي ارادي سان بيهاري، تيز ڪري ۽ ڦيرائي سگهجي ٿو. مثال طور ساهه جو ڇڪڻ ۽ ڪڍڻ، پيشاب يا ڪاڪوس جو نڪرڻ وغيره. هڪ ماڻهو ساهه، پيشاب يا ڪاڪوس کي ڪجهه دير لاءِ ترسائي سگهي ٿو، پر ڪنهن خاص حد کان پوءِ اهي سندس وس ۾ نه رهندا ۽ پنهنجو عمل پاڻ مرادي نموني ڪري ڇڏيندا. ڪي عمل وري اهڙا آهن جو انهن تي پوريءَ طرح وس هلي ٿو، جيئن هلڻ، ويهڻ، سمهڻ، هٿ مٿي کڻڻ يا هيٺ ڪرڻ وغيره. انهن عملن لاءِ گوشت ۽ هڏا/هڏيون وغيره اهم عضوا آهن. انهن ٽنهي عملن جو پاڻ ۾ لاڳاپو به آهي ۽ هڪ ٻي تي اثر ڪري سگهن ٿا. سُر ۽ کَرڙي کي، بار، ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ وغيره کي اسان جو هر عضوو محسوس ڪري سگهي ٿو. واسطيدار عضوي جون تنتون اهو نياپو، احساس دماغ تائين پهچائن ٿيون ۽ دماغ وري واسطيدار عمل جو حڪم ڪري ٿو. جسم کان ٻاهر ٿيندڙ عمل، اثر ۽ لقاءَ اسان جي پنجن وڏن حواسن تي احساس پيدا ڪن ٿا ۽ اهو احساس واسطيدار حواس جي تنتن وسيلي دماغ تائين پهچي ٿو ۽ دماغ وري ان يا ٻي ڪنهن به لاڳاپيل عضوي کي مخصوص ڪرت ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو. اهي پنج وڏا حواس آهن:

(1) ڏسڻ جو حواس،

(2) ٻڌڻ جو حواس،

(3) ڇهڻ جو حواس،

(4) سنگهڻ جو حواس، ۽

(5) چکڻ جو حواس.

ڏسڻ جي حواس جا ڪيترائي حصا آهن، جن ۾ اک (پنهنجن سمورن عضون سميت)، تنتون ۽ انهن جو پسرائيندڙ نظام شامل آهي. روشنيءَ جي تيزيءَ آهر ماڻڪي وَڌي ۽ سُسي ٿي، اک جي پردي تي عڪس ٺهي ٿو، اتان تنتن وسيلي کڄي دماغ تائين پهچي ٿو ۽ ڪي اڻ لکا تاندورا پسرائيندڙ يا اڇل نظام وسيلي ان کي دماغ جي پوئين حصي (ننڍي مغز) تائين پهچائن ٿا جتان وري ڪجهه اثر مغزي ڏوري ۾ پهچن ٿا (اهو ئي سبب آهي جو لوٽِ ۾ لڳندڙ ڌڪ اکين ۾ اوندهه پکيڙي ڇڏي ٿو). اهڙيءَ طرح هر حواس جو پنهنجو مخصوص سرشتو ٿئي ٿو. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هن وقت اسين خاص طرح ماڻهوءَ ۽ عام طرح اسريل (مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ) ساهوارن کي ذهن ۾ رکي هيءَ ڳالهه ٻول ڪيون ٿا ۽ ٻيو اهو ته هر ساهواري ۾ هر حواس قطعي هڪ جهڙو نه ٿيندو آهي ۽ ڪن ساهوارن ۾ ته ڪي حواس ٿيندا ئي ناهن. مثال طور نانگ پنهنجيءَ کل وسيلي آواز جون لهرون محسوس ڪري ٿو، جڏهن ته چمڙو پنهنجي وات مان آواز جون لهرون ڪڍندو آهي جيڪي سامهون آيل ننڍي يا وڏي شيءِ سان ٽڪرائي موٽي وري چمڙي تائين پهچن ٿيون ۽ ان مان چمڙو سامهون آيل شيءِ جي قد بت کي محسوس ڪري ٿو. اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته اهي حواس هڪ ٻي سان سهڪاري به ٿيندا آهن. مثال طور ڪو ڌماڪو ٿيندي ڏسي اکيون هڪدم اهو احساس دماغ تائين پهچائينديون ۽ دماغ وري هڪدم ڪنن کي حڪم موڪلي وڏي آواز کي سهڻ لائق بنائڻ تي تيار ڪري ڇڏيندو يا هڪ انڌو ماڻهو هٿن جي ڇهاءَ وسيلي ننڍي جسم جي قد بت کي محسوس ڪري سگهي ٿو پر وڏي جبل جي قد بت کي محسوس ڪري نه سگهندو. قد بت ۽ منهن مهانڊو محسوس ڪرڻ ۾ اکيون ڏاڍيون تيز ٿين ٿيون.

هاڻي اچو ته هڪ هڪ حواس ۽ ان جي تنتن جي اولڙن يا عڪسن کي جاچيون:

 

(1) ڏسڻ جو حواس:

مثال طور، ماڻهو ڄائي ڄم کان انڌو آهي. هن ۾ ڏسي سگهڻ جي سگهه/اهليت ڪانهي. ڇا اهو ماڻهو ڏسڻ جي حوالي سان ملندڙ سموري ڄاڻ ماڻي سگهي ٿو؟ ڇا هو جهر جهنگ، جبل چوٽيون، پکي پکڻ وغيره بابت ڪا ڄاڻ پرائي سگهي ٿو؟ ڇا هو انهن جا قد بت، رنگ روپ ۽ انهن ۾ ايندڙ تبديلين کي پرکي سگهي ٿو؟ جواب آهي، نه. هو ڪجهه به ڄاڻي نه ٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هو ننڍين ننڍين شين کي ڇهي يا پکي پکڻ ۽ ماڻهن جا آواز ٻڌي انهن ۾ فرق ڪري سگهي، پر اهي احساس ته ڏسڻ سان لاڳاپيل ناهن. پوءِ به اها ڳالهه صفا صاف آهي ته هن کي چانڊوڪيءَ، تارن-ٽمڪي، اُڀ-نظاري ــــــــــ هر اها شيءِ جنهن جو آواز، بوءِ، ذائقو ۽ ڇهاءُ هن جي بدن تائين نه پهچي سگهي ان بابت هن وٽ ڪا به سنئين سڌي ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي.

 

(2) ٻڌڻ جو حواس:

مثال طور، ڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان ٻوڙو آهي. هن ۾ ٻڌي سگهڻ جي سگهه ڪانهي. ڇا اهو ماڻهو ڪنهن به واڪي بابت ڪا به ڄاڻ ماڻي سگهي ٿو؟ ڇا هو ٻڌائي سگهندو ڪنهن به ماڻهوءَ، جانور، پکيءَ جي آواز، هوا گهلندي پيدا ٿيندڙ سُوسٽ، پاڻيءَ جي ڇولين وغيره بابت، مطلب ته واڪي سان واسطيدار ڪنهن به شيءِ بابت ڪا به پرک ڪري سگهي ٿو؟ ڇا هو سَنهي، ڳري، مِٺي، کهري آواز ۾ فرق ڪري سگهندو؟

جواب آهي، نه. انهن بابت هن وٽ ڪا به ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي. اهڙو ماڻهو ته ڳالهائي به نه سگهندو. ڄائي ڄم کان ٻوڙو ماڻهو ڄائي ڄم کان گونگو هوندو آهي. هن جي ڪنن کان دماغ تائين ڪو آواز پهچي پنهنجو مخصوص احساس، اولڙو، عڪس ٺاهي ئي نه سگهندو آهي، ان ڪري هن کي ڪا به ٻولي نه ايندي آهي. هن وٽ ٻڌڻ جي حواس سان لاڳاپيل ڪا به ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي.

ڪن ماڻهن ۾ ڪَن جو رڳو ٻاهريون ٻلکڙو (گهگهڙو) خراب هوندو آهي ۽ ڪن جو پردو ۽ ڪن جا ٻيا عضوا صفا ٺيڪ هوندا آهن. اهڙو ماڻهو وات کولي واڪو ٻڌي سگهندو آهي. نڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ٻه سنهڙيون نلڪيون هونديون آهن جن جو واسطو ڪن سان هوندو آهي ۽ انهن نلڪين مان ڪن تائين پهچندڙ آواز جون لهرون هن جي دماغ تائين پنهنجو اولڙو ٺاهي سگهنديون آهن ۽ هو نه رڳو ٻڌي پر ڳالهائي به سگهندو آهي. ان ماڻهوءَ کي ٻوڙو چئي نه سگهبو، ڇو ته ٻڌڻ جو حواس پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿو.

ماڻهو هڏن ۽ کل وسيلي به آواز جون لهرون (ارتعاش) محسوس ڪري سگهندو آهي پر شرط آهي ته اهي کيس ڪنهن ٺوس شيءِ وسيلي ڇهنديون هجن، پر اها انتهائي معمولي ۽ کٽل ڄاڻ هوندي.

 

(3) ڇهڻ جو حواس:

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان ٻساڻو هجي، هن جي کل ۾ ڇهاءُ محسوس ڪرڻ جي سگهه نه هجي، ته ڇا هو کل وسيلي ڇهاءَ محسوس ڪري اولڙو ٺاهي سگهندو؟ ڇا هو ڪوسي ۽ ٿڌي، لسي ۽ کهري، چڀڪي، چهنڊڙيءَ، اُس، هوا کي محسوس ڪري سگهندو؟

جواب آهي، نه. انهن بابت هن وٽ ڇهاءَ واري ڪا به ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي. هو لساڻ، کهراڻ ۽ اس وغيره کي ڏسي ته سگهندو، هوا گهلڻ جو آواز ته ٻڌي سگهندو، پر هو ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ ۽ هوا جي لهرن کي ڄاڻي نه سگهندو، ڇو ته اهي نظر به نه ٿيون اچن، ته آواز به ڪو نه ٿيون ڪن. هو چڀڪو يا چهنڊڙي به تڏهن ڄاڻي سگهندو جڏهن انهن جو زور کل کان ٽپي گوشت ۽ هڏين ۾ سور پيدا ڪري سگهي.

جيڪڏهن جسم جي اندرين عضون ۾ به ڇهاءُ محسوس ڪندڙ تنتون نستيون ٿي پون ته پوءِ هو پنهنجي بدن اندر ٿيندڙ گهٽ وڌاين، سور، سختيءَ کي محسوس نه ڪري سگهندو. توهان کي خبر هوندي ته دماغ ۾ ڇهاءَ جي سگهه کي سُن (نستو، بي حس، ٻساڻو) ڪري پوءِ جيئري جسم تي هر قسم جي آپريشن (وَڍ ڪُٽَ، جراحي) ڪري سگهبي آهي، ويندي ماڻهوءَ جو گوشت، دل، ڦڦڙ، بڪيون، جيرو، آنڊا وغيره چيريا ويندا آهن پر بي سرت (بي هوش) ماڻهوءَ کي ڪا به سڌ ٻڌ ڪا نه هوندي آهي. اهڙي وڍ ڪٽ به ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ دماغ کي اثر ۾ رکڻ بدران رڳو ڪنهن خاص جاءِ کي نستو ڪيو وڃي ۽ پوءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي به سگهندو پر جنهن نستي ٿيل ٽڪري ۾ وڍ ڪٽ ٿئي پئي، اتي ڇهاءُ، سور محسوس نه ڪري سگهندو.

 

(4) سنگهڻ جو حواس:

جيڪڏهن ڪو ماڻهو نڪ جو ٻُٽو (ناٽو) هجي، هن ۾ سنگهي سگهڻ جي سگهه نه هجي، ته پوءِ ڇا هو ڪنهن به قسم جي ڳنڌ ــــــــــ سڳنڌ يا ڪڳنڌ ــــــــــ محسوس ڪري سگهندو؟ ڇا هو رابيل، گلاب، موتيي، مگري، انب، ڏاڙهونءَ وغيره جي سڳنڌن ۾ ۽ گند ڪچري، ڪني پاڻيءَ، ڳريل خراب ٿيل ميون ۽ گاهن، لِـڏ، ڇيڻي وغيره جي ڌپن ۾ فرق ڪري سگهندو؟ ڇا هو مختلف گئسن، گندرف، گاسليٽ، پيٽرول وغيره جي ڳنڌ سڃاڻي سگهندو؟

جواب آهي، نه. هو ڪنهن به قسم جي بوءِ بابت ڪا به ڄاڻ رکي نه سگهندو. بوءِ اهڙي شيءِ به ڪانهي جو ان کي ڏسي، ٻڌي، ڇهي يا چکي سگهجي، تنهنڪري هن وٽ ڪنهن به قسم جي بوءِ بابت ڪو به تصور، عڪس، اولڙو يا احساس ڪو نه هوندو.

 

(5) چکڻ جو حواس:

مثال طور، ڪو ماڻهو اَچاٽو هجي، هن جي زبان ۾ ذائقو محسوس ڪري سگهڻ جي سگهه نه هجي، ته ڇا هو مٺي ۽ ڪڙي، وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ، کٽي ۽ چهري وغيره ۾ فرق محسوس ڪري سگهندو؟ ڇا هو ان لائق هوندو ته هر هڪ ميوي جي خصوصي ذائقي ــــــــــ انباڻي، ليماڻي، ڏاڙهونئي، زيتوني، ڪيوِڙائي، چَڪونئي، صوفائي، زردالوئي، انگوري، پپيتائي، گاجري، ڄاڱري وغيره ۽ مختلف قسمن جي ٻوڙن (ڀاڄين) ــــــــــ مڇيءَ، گوشت، ڪريلي، واڱڻ، ڀينڊي، توري وغيره ۽ انهن مان ٺهندڙ مختلف ڀاڄين جي ذائقن ۾ فرق ڪري سگهي؟ ڇا هو پيئندي ئي پروڙي سگهندو ته شربت پيو پيئي يا شراب وغيره؟

جواب آهي، نه. هن وٽ اهڙي ڪا به ڄاڻ نه هوندي، هو ڪنهن به قسم جي ذائقي کي محسوس ڪري نه سگهندو. هو بيشڪ ڏسي يا ڇهي ڄاڻي وٺي ته پاڻ انب يا ليمي جي رس پيو پيئي، پر ٻنهي جي ذائقي ۾ ڪهڙو فرق آهي، تنهن جي کيس ڪا به خبر نه هوندي. هن جي دماغ ۾ ڪنهن به قسم جي ذائقي جو ڪو به تصور، عڪس، اولڙو، احساس نه هوندو.

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم جي هر تنت نستي، بي سرت هجي، هو انڌو، ٻوڙو، ٻساڻو، ناٽو ۽ اچاٽو هجي، ته ڇا هن وٽ دنيا بابت، ڪائنات بابت، پنهنجي ماحول بابت، ڪنهن به شيءِ بابت ڪا به ڄاڻ ٿي سگهي ٿي؟

جواب آهي، نه. هن وٽ ڪا به ڄاڻ نه هوندي.

مڪمل بيهوش ماڻهو پنهنجي چوڌاري، پاڻ مٿان ٿيندڙ ڪنهن به عمل، اثر، لقاءَ کي بيهوشي هلندي ڄاڻي، پرکي، پروڙي نه ٿو سگهي. اها بيهوشي جيڪڏهن هڪ سال هلي ته ان سال ۾ ٿيل تبديلين جي کيس ڪا به ٻوجهه نه هوندي ۽ بيهوشي جيڪڏهن ڄائي ڄم کان هجي ۽ بيهوشيءَ ۾ ئي مري وڃي ته وٽس ڪنهن به قسم جي ڪا به ڄاڻ نه هوندي. ڄاڻ، سڄاڻ، سوچ، ساڃاهه، ارادو، عزم، ايمان، عقيدو، وهم، ويساهه، جوش، جذبو، امنگ اميد محتاج آهي هوش حواس واري جيئري جاڳندي ماڻهوءَ جي.

بيهوش، بي سرت ماڻهوءَ لاءِ ڪا به دنيا ڪانهي، ان کي دنيا جي ڪا به ڄاڻ ڪانهي، هو دنيا جي ڦيرين گهيرين موجب پاڻ کي تبديل ڪري نه ٿو سگهي، هو پنهنجون ڪي به گهرجون پوريون ڪري نه ٿو سگهي، هو بي وس، هيڻو ۽ لاچار آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته دنيا ئي ڪانهي ــــــــــ سڄي ڪائنات، سج، ڌرتي، جبل، هوا، وڻ، پکي، جانور، ڪجهه به ڪونهي، ته اها ڳالهه غلط هوندي. اهڙيءَ ڳالهه کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ماڻهوءَ جي ڄاڻ، سمجهه، پرک، پروڙ غلط آهي. ماڻهوءَ کي بيشڪ ڄاڻ نه هجي، سمجهه نه هجي، پر ڪائنات آهي، ڌرتي آهي ۽ ڌرتي پنهنجن سمورن لقائن سميت آهي. ڌرتي ۽ سڄي ڪائنات پنهنجن سمورن لقائن سميت مادو آهي ۽ ماڻهوءَ جي سمجهه سبب، ساڃاهه سبب، سڃاڻ ۽ سوچ سبب وجود ڪو نه ٿو رکي. جڏهن ماڻهوءَ وٽ سمجهه، سوچ نه هئي، جڏهن ماڻهو ڪو نه هو، جڏهن ڪو به ساهوارو ڪو نه هو، تڏهن به ڌرتيءَ جو وجود، ڪائنات جو وجود هو. سڄي ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي. مادو ۽ مادي جا لقاءَ ئي ڪائنات آهن. مادو سمجهه جو محتاج، ڳيجهو ناهي. مادو اڳ ۾ آهي، ڪائنات اڳ ۾ آهي، ڌرتي اڳ ۾ آهي، ڌرتيءَ جا لقاءَ اڳ ۾ آهن، سوين لک ساهوارا اڳ ۾ آهن، ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اڳ ۾ آهي، پر ماڻهوءَ جي سمجهه پوءِ آهي. ماڻهوءَ جي سمجهه ماڻهوءَ جي دماغ ۽ تنتن جي محتاج آهي، ٻوليءَ جي محتاج آهي، جياپي جي محتاج آهي، ماحول جي محتاج آهي، دنيا جي محتاج آهي، ڪائنات جي محتاج آهي، مادي جي محتاج آهي. سمجهه سبب مادو ڪونهي، پر مادي سبب سمجهه آهي. مادو نه هجي ته ڪا به سمجهه ڪانهي، ٿي نه ٿي سگهي. مادي کان سواءِ سمجهه جو وجود ٿي نه ٿو سگهي، جڏهن ته سمجهه کان سواءِ مادو وجود رکي سگهي ٿو، رکيو اٿائين ۽ رکندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org