هردوار _ هندن جو حج
ٻين جاين تي هلڻ سان گڏ سڀني جو ارادو هردوار هلڻ جو به هو ۽
هاڻ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جنهن جي پٽ مڪيش جي
شاديءَ لاءِ هو پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۽ انهن جي
اولاد کي هتي انڊيا وٺي آيو هو تنهن بس جو بندوبست
ڪيو جيئن ان ۾ هتان گڏ روانا ٿيون ۽ گڏ موٽون، نول
بورچيءَ کي صبح جو چئين بجي اٿي نيرن تيار ڪرڻ
لاءِ چيو جيئن اسان صبح ساڻ نيرن ڪري بس ۾ چڙهي
ڇهين بجي ڌاري هتان دهليءَ مان نڪري پئون.
”جنهن کي وڻي اهو نيرن کائي هلي ۽ جيڪو پوءِ کائڻ چاهي ان کي
بورچي پيڪ ڪري ڏيندو.“ نول رات جو سمهڻ کان اڳ
پنهنجي آرگنائيز ۽ ڊسيپلينڊ طبيعت مطابق اسان کي
هر هر انسٽرڪشن ڏيندو رهيو. ”مهرباني ڪري وقت اندر
تيار ٿي وڃجو جيئن وقت تي نڪرون ۽ سج لٿي کان اڳ
دهليءَ واپس اچي وڃون جو سج لٿي کان پوءِ دهلي
ميونسپل وارا ڊرائيور کان پنج هزار ڏنڊ وٺندا جيڪي
ظاهر آهي هو مون کان وٺندو ۽ ٻارهن هزار مقرر ڀاڙو
ته هونءَ ئي ڏيڻو آهي.“
نول بورچيءَ کي رات جي ماني پڻ سوير تيار ڪرڻ لاءِ چيو جيئن
پنجين بجي ڌاري موٽون ته ماني تيار هجي. ”ادا رستي
تي ماني کائڻ بدران هتي موٽي اچي کائينداسين اجايو
هوٽل جو خرچ ڇو ڪريان.“ هن مون کي ٻڌايو جيڪا هن
جي ڳالهه صحيح هئي جوهتي وٺي اچڻ، رهائش ۽ کاڌي
پيتي جا نه فقط خرچ پر انهن جا بندوبست پڻ هو ڪري
رهيو آهي. ظاهر آهي ڄڃ ۾ جيڪي پنجاهه کن ماڻهو
شامل آهيون انهن ۾ سواءِ ادا گلاب راءِ ڊاڪٽر جي
جيڪو سندس وڏو ڀاءُ آهي باقي ٻيا جيڪي آهن سڀ ننڍا
ڀائر، انهن جون زالون، ننڍيون ڀيڻون ۽ انهن جا مڙس
(يعني ڀيڻويا) ۽ انهن جو اولاد آهن جيڪي ڪراچي،
حيدرآبادم، ڪنڊياري، گهوٽڪي، لنڊن، آمريڪا جي
مختلف شهرن ۽ ٽورنٽو (ڪئناڊا) کان هتي انڊيا ۾
پنهنجن وڏن ڀائرن ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ
جي پٽن جي شاديءَ تي اچي گڏ ٿيا آهن. منجهن فقط
آئون هڪ ڌاريو آهيان. پر اسان جي دوستي اڄ جي نه
پر اڌ صدي کان اڳ جي آهي جڏهن 1959ع ۾ هي ٻه ڀائر
۽ هڪ ٻيو وڏو ڀاءُ ارجن داس اوڏ مون سان گڏ ڪيڊٽ
ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندا هئا. پيٽارو مان پڙهن بعدڻ
نول ۽ رامچند
NED
مان
B.E ڪئي (جنهن ۾ هنن پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي). ان تعليم دوران
ميٺارام هاسٽل ۾ آئون ساڻن گڏ رهندو هوس. ان بعد
نولراءِ سول سروس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس
کاتي ۾ آيو ۽ رامچند ۽ سندس هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ
جهانگار باجارا جي اقبال ترڪ) کي ٿائيلينڊ جي هڪ
يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ جي اسڪالر ملي ته هن سان
ٿائلينڊ ۾ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي جو انهن ڏينهن ۾
جيڪو پاڻيءَ جو جهاز مون هلايو ٿي ان جي روٽ
ڪولمبو، بئنڪاڪ، پينانگ، هانگ ڪانگ ۽ جاپان جا
بندرگاهه هئا. نول سان وري ڪراچي موٽڻ تي هر دفعي
ملاقات ٿي، جو اسان ٻنهي ڄڻن ڪراچيءَ جي هڪ سستي
علائقي ڊفينس سوسائٽيءَ جي فيس فرو ۾ پلاٽ وٺي گهر
ٺهرايو هو. (هيءَ 1972ع ڌاري جي ڳالهه آهي جڏهن
اهو علائقو سواءِ هڪ ٻن گهرن جي جهنگ هو. هر سال
ملير نديءَ ۾ اٿل اچڻ ڪري سال جي ٽي مهينا کن
گهٽين ۾ پاڻي بيٺو هوندو هو. هن علائقي ۾ رهڻ لاءِ
ڪو تيار نه هو پر ڪراچيءَ جو اهوئي علائقو هو جتي
اسان کي ڏهه هزار روپين ۾ پلاٽ ملي سگهيو ٿي ۽
بندرگاهه ۽ صدر جو علائقو به ويجهو پيو ٿي). نول
جي پيئيتو ڀاءُ ۽ رامچند جو سڳو ڀاءُ ارجن داس
ستر جي شروع وارن سالن ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان
جدا ٿي ويو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان
MBA
ڪيائين. بله هو ان پهرين بئچ مان هو جڏهن 1966ع يا
1967ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ايم بي اي جا ڪورش روع
ڪيا هئا. سندس اتي هڪ ڪلاس ميٽ اسان جي ڳوٺ هالا
جو منور علي ارباب به هو جيڪو پوءِ
UBL
بئنڪ جو صدر به ٿيو. ارجن داس اوڏ جي پيٽارو مان
نڪرڻ بعد يڪدم شادي ٿي هئي ۽ وفات وقت کيس چار ٻار
هئا ٻه پٽ، رانا هريش ۽ گنيش ۽ ٻه ڌيئرون مايا
ديوي (گوري) ۽ روبي اوشا ديو. سندس ٻارن ڊو ۽
NED
مان ڊاڪٽري ۽ انجنيئري ڪئي ۽ مختلف هنڌن تي نوڪري
ڪن ٿا ۽ هنن جون مختلف هنڌن تان شاديون ٿيون ۽ اڄ
انهن جو اولاد به شاديءَ لائق ٿي ويو آهي ۽
ڪئناڊا،
USA
۾ انگلينڊ ۾ رهي ٿو.
صبح جو ڇهين بجي بس کي دهلي ڇڏڻو هو سو آئون پنجن تي الارم ڪلاڪ
ٺاهي ستس ته تيار ٿيڻ ۽ نماز پڙهڻ لاءِ ڪلاڪ ڪافي
آهي. گهڙيال گهنٽي وڄائي ان کان اڳ ڊاڪٽر گلاب
راءِ جي پٽ وڃي دورازا کڙڪائي سڀني کي اٿاريو ته
پنج ٿي ويا آهن. سخت بارش وسي رهي هئي. لائيٽ به
خبر ناهي ڪڏهن کان هلي وئي هئي. کنوڻ جي هڪ چمڪاٽ
۾ وقت ڏٺم ته اڃا چار ٿيا آهن. سمجهي ويس ته .....
وجي کان وقت ڏسڻ ۾ ڀل ٿي وئي آهي بهرحال اوندهه ۾
به اٿي تيار ٿجي. ڪنهن به طرح دير نه ٿيڻ کپي جو
متان نول کي دهلي ميونسپل وارن کي پنج هزار روپيا
دير سان موٽڻ جو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوي. ٻاهر نڪتس ته
سري چند جو انجنيئر پٽ سنجي ورانڊي ۾ ٽهلي رهيو
هو. سري چند ان ساڳي ماءُ ”سوناري“ مان آهي جنهن
مان ارجن داس ۽ رامچند آهن. ياد رهي ته ارجن جو
پيءُ ڊپٽي ڪمشنر نارائڻ داس جون ٽي زالون هيون.
نولراءِ جيڪو اسان جي پاڙي ۾ رهي ٿو ۽ اڄڪلهه
ملتان ۾ انڪم ٽيڪس ڪمشنر آهي سڀ ۾ ننڍي ماءُ نانڪي
جو پٽ آهي.
”انڪل ڏاڍو مينهن وسي رهيو آهي، بس هلندي يا پروگرام ڪئنسل ۽
وڃي ننڊ ڪريون؟“ سنجي پڇيو.
”ڇو ڀلا؟“ مون وائڙو ٿي پڇيومانس.
”انڪل ڏسو ڪونه ٿا ته دهليءَ جي بسين ۽ رستن جو حال ڇا آهي.“ هن
حقيقت ڏي ڌيان ڇڪايو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته ڳالهه ته
صحيح ٿو ڪري، توڙي کڻي اسان فارين (ڌارئين) ملڪ ۾
آهيون پر هن ملڪ جا حال به ته اسان جي ملڪ جهڙا
آهن. آئون چوندو هوس ته ڪراچيءَ جي رستن ۽ ٽريفڪ
جو خانو خراب ٿيل آهي هر وقت کوٽائي پئي هلي پر
هاڻ دهلي شهر جي بيڪار، ڀڳل ۽ چپي چپي تي کوٽائي
ٿيل رستا، اٿلندڙ (Over
flow
ٿيندڙ) گٽر، واپارين جي پيڊين ۽ ريڙهن (گاڏن) جي
انڪروچ مينٽ ڪري سوڙها ٿيل فٽ پاٿ ۽ ڪتن جي ٽورن ۽
ماڻهن جي مٽڻ جي ڌپن سان واسيل گهٽيون ڏسي پنهنجي
ملڪ جي ڪراچيءَ سان پيار ٿيڻ لڳو آهي. جتي هر هنڌ
ائين ته زپ کولي ماڻهو ڪونه پيا مٽن ۽ نه ايترا
رول ڪتا پيا هنگن. ڇيڻن ۾ ٿڦيل، کل گهنجيل ۽ بيمار
پوڙهين ڍڳين جي دهليءَ ۾ جتي ڪٿي رستا روڪ الڳ
آهي. بهرحال اسان پنهنجي طرفان هردوار شهر ڏي هلڻ
لاءِ تيار ٿيڻ لڳاسين.
بورچي پنجين بجي کان نيرن ڪرڻ لاءِ ڦاٽندو رهيو، ڪن ڪئي ڪن فقط
چانهه پيتي پر نولراءِ سڀني ماڻهن لاءِ نيرن پيڪ
به ڪرائي جيئن رستي ۾ بک لڳي ته کائي سگهجي ۽ هوٽل
۾ کائڻ جو اجايو خرچ نه ٿئي پر اسان نه فقط هلڻ ۾
دير ڪري ڇڏي پر اتان موٽڻ ۾ به دير ڪئي ۽ واپسيءَ
تي مانيءَ لاءِ پڻ سڀني رڙيون ڪيون ۽ نول کي هوٽل
۾ ماني کارائڻ جو خرچ هڪ طرف ڀرڻو پيو ته بورچي
طرفان تيار ٿيل ماني نه کائڻ ڪري اها الگ ضايع ٿي
وئي ۽ دهليءَ ۾ سج لٿي کان پوءِ بس جي موٽڻ ڪري
نولراءِ کي بس جو ڀاڙو ٻارهن بدران سترهن هزار
روپيه ڏيڻو پيو. هتي رستا کڻي خراب آهن، عوام کڻي
گهڻو آهي پر ملڪ جو قاعدو قانون سخت آهي، نه فقط
سخت آهي پر ان جي پوئواري هر ڪوشش سان ڪئي وڃي ٿي.
رستي تي پوليس کڻي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ٿي اچي پر ضرورت
جي حالت ۾ ايمرجنسي نمبر ڊائل ڪرڻ بعد هتي جي
پوليس جو رڪارڊ آهي ته پنجن منٽن ۾ پهچيو وڃي چاهي
ڏينهن هجي يا رات. ان ڪري ڏوهاري به دل شڪستا رهن
ٿا. ملڪ ۾ امن امان آهي جيتوڻيڪ هيڏي وڏي آدمشماري
۽ پکيڙ وارو ملڪ آهي (سرينگر کان ڪيرالا صوبي جي
شهر ٿيرووانان_ ٿپورام_ هي هڪ ئي نالو
Thriuvananthapuram
آهي. تائين جو مفاصلو 3671 ڪلوميٽر ۽ اروناچل جي
شهر
Tiruchchirappalli
تائين 4069 ڪلوميٽر مفاصلو آهي) پر سڄي رات توهان
پيا گهمو مجال آهي ڪو توهان جو نالو وٺي، ٿورو به
ڪو مسئلو ٿئي ته توهان پوليس کان مدد وٺي سگهو ٿا
۽ جي توهان ٻئي ملڪ کان آيا آهيو ته پوءِ هو اڃا
به توهان تي مهربان ٿيندي نظر ايندي جو هتي جي
پوليس، سرڪار، دڪاندار ۽ عوام سمجهي ٿي ته ٽوئرزم
سڀ کان وڏي انڊسٽري آهي. گهمڻ لاءِ ايندڙ ڌارين
مان نه فقط هتي جي ملڪ جي ايڪانامي بهتر ٿئي ٿي پر
انهن سان سٺي نموني سان پيش اچڻ سان هو انڊيا جي
پنهنجن ملڪن ۾ تعريف به ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾
اهوئي سبب آهي جو انڊيا ۾ هر سال ٽوئرسٽن جو تعداد
وڌندو ئي رهي ٿو. انڊيا جي شهرن ۾ هر ملڪ جا ماڻهو
نظر اچن ٿا. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڪيلا يا ٽولن ۾ رات
جو دير تائين مختلف ڪلب، سئنيما هالن ۽ شاپنگ
سينٽرن جي اڳيان نظر اچن ٿا. انڊيا جي ننڍن شهرن ۾
به ننڍيون وڏيون هوٽلون آهن ۽ وڏن شهرن ۾ ته گهٽي
گهٽيءَ ۾ آهن. تنهن مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته هتي ملڪي توڙي غير ملڪي ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا ۽
جتي بين الاقوامي معيار جون پنج هزار روپيه هڪ
ڏينهن جي مسواڙ واريون فائيو اسٽار هوٽلون آهن اتي
ٻه سؤ روپيا ڪمري واريون ساديون هوٽلون به آهن.
جتي ٻن روپين جي ”مڇر مار ويڙهي“ ساڙي سڪون جي ننڊ
ڪري سگهجي ٿي. سڀ کان وڏو سڪون امن امان جي ڪري
آهي تڏهن ته هن ملڪ ۾ (جيڪو ٻاهرين
Look
۾ اسان ئي جهڙو لڳي ٿو) ويندي جاپاني همراهه
گهمندا ڦرندا رهن ٿا. جاپانين جو ائين آزاد گهمڻ
هن ملڪ (انڊيا) لاءِ
Law & Order
برقرار رکڻ جو سرٽيفڪيٽ آهي جو جاپاني ان ملڪ ۾
توهان کي ائين پسار ڪندي هرگز نظر نه ايندا جنهن ۾
امن امان جو درجو مٿانهون نه هجي. ڪالهه دهليءَ جي
هڪ اهڙي رستي تان گذر ٿيو جتي ايراني سفارتخانو
آهي. آٽو رڪشا ۾ رستي لنگهندي نالو پڙهي لهي پيس.
گيٽ وٽ رڳو تڪلف خاطر يونيفارم ۾ سپاهي بيٺو هو.
”اندر وڃي سگهان ٿو؟“ مون کانئس پڇيو.
”ڀلي وڃ“ هن ڪنهن به جهل پل جو اظهار نه ڪيو.
اندران وڃي کانئن ڪجهه ايران جا بروشر (ڪتابچا) وٺي آيس. هڪ
اسان جو ملڪ آهي جنهن ۾ هاڻ (گهڻو اڳ نه هوندو هو)
هڪ سفارتخاني ۾ پهچڻ ته وڏي پلصراط پار ڪرڻ آهي پر
ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ملڪ جي قونصل خاني ۾ پهچڻ به محال
ٿو لڳي. ٻن ٽن دعوتن ۾ ايران جو قونصلر جنرل مليو
۽ منهنجو ايران گهمڻ جي شوق جو ٻڌي هن مون کي
پنهنجي آفيس ۾ چانهه لاءِ به گهرايو ۽ چيو ته
پاسپورٽ کڻي اچ ته ان ئي ڏينهن ويزا لڳرائي ڏين.
مون ٻه ڏينهن قونصليٽ جا چڪر هنيا پر اندر وڃڻ ۾
ڪامياب نه ٿيس. فون تي هن سان
Contact
ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. آپريٽر يا جيڪو قونصلر سان فون
ملائڻ جو انچارج هو اهو جيتوڻيڪ سنڌي هو ۽ مون کي
ليکڪ جي حيثيت سان سڃاتائين ٿي پر اهڙا ڏنڀ ڏنائين
جو مون پچر ئي ڇڏي ڏني. هينئر صاحب ڪونهي، هاڻ
صاحب آيو آهي پر ڪهڙو ڪم آهي.... وغيره وغيره. هن
کي منهنجي ڪم کان وڌيڪ فڪر پنهنجي پٽ جي نوڪريءَ
جو ٿي لڳو. هن مون کي ولايت ۾ رهندڙ سمجهي الائي
ڇا پئي
Expect ڪيو ۽ مون نيٺ پچر ئي ڇڏي ڏني. اسان جي ڳوٺ جي يعوقب
پاٽوليءَ (جيڪو اڪثر ايران ويندو رهي ٿو) چيو
”سائين جڏهن وڃڻ جو ارادو ٿئي ته هفتو کن اڳ ۾
ٻڌائجو، فلاڻو منهنجو سڃاڻو آهي. توهان کي گهر
ويٺي ايران جي ويزا وٺرائي ڏيندو.“
بهرحال اهي ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ ۽ انڊيا کي ڏسڻ سان
فرق صاف ظاهر ٿئي ٿو، اسان وٽ دنيا جو هيڏو وڏو
عجوبو موهن جو دڙو آهي پر ڌارين جي رهائش لاءِ ڪا
هوٽل ناهي. سرڪار طرطان ٺهيل واحد هوٽل ۾ ملڪي
ماڻهوءَ کي ئي رهندي خوف ٿو طاري ٿئي.
بهرحال پاڻ هردوار شهر جي سفر تي اچون جيڪو دهليءَ کان ايترو
پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان کڻي سمجهو ته نوابشاهه
آهي. اسان منجهند کان اڳ اتي پهچي ڪلاڪ ٻه ترسي
يڪدم موٽڻ ٿي چاهيو پر بس ۾ چڙهندي چڙهندي ساڍا
ڇهه ٿي ويا ۽ ايتري ۾ خبر پئي ته نول جو هڪ ڀاءُ
ڊاڪٽر لڇمڻ جيڪو ڪئناڊا کان ڪراچي آيو هو ۽ هن کي
اسلام آباد مان انڊيا جي ويزا ملڻ ۾ دقت ٿي رهي
هئي سو دهليءَ جي ايئرپورٽ تي پهچي ويو آهي ۽ هو
پنهنجي زال ريکا ۽ ڌيءَ نوريءَ سان گڏ اسان جي بس
۾ هردوار هلڻ ٿو چاهي ۽ هو هن وقت ايئرپورٽ کان
نڪري چڪو آهي. اسان بس ۾ ويهي هنن جو انتظار ڪرڻ
سان گڏ رکي رکي وسندڙ مينهن ۾ راتوڪي وسيل مينهن
ڪري ٿيل گپ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل کڏن کي ڏسندا
رهياسين. آخر ستين بجي ڌاري ڊاڪٽر لڇمڻ جي ٽيڪسي
ڇهچي وئي. هڪ دفعو وري کيڪار شروع ٿي وئي. نول
رڙيون ڪندو رهيو ته سيٽن تي ويهي رهو ته بس هلي پر
ڊاڪٽر لڇمڻ به سالن کان پوءِ ڪئناڊا کان آيو هو،
پنهنجن هيترن سارن ڀائرن ڀينرن کي هڪ هنڌ ڏسي
خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. ساڳي وقت سندس
زال ريکا جو ڀاءُ ڀاءُ دودو هتي موجود هو جيڪو نول
جو ڀيڻويو به ٿئي. مرد هٿ ڏئي يا ڀاڪر پائي مليا
عورتون جهڪي مليون ۽ لڇمڻ سندن مٿي تي هٿ رکي آسيس
ڏني. هر ڪو اڏوڪي زبان ۾ کائنس سندس حال ۽ خبر
پڇندو رهيو.
”خوش ڇوا..... ڪا حال هتي؟“
”ڪڏهن آلي ڇوا ڪئناڊا مئون؟“ وغيره وغيره آئون هاڻ سولو ٿي ويٺس
۽ دريءَ سان سڄو پردو ريڙهي پٺيان ڪيم جيئن اڳيان
جو نظارو چٽي طرح ڏسندو هلان. هردوار پهچڻ لاءِ
اسان جي بس کي ڪيترائي ڳوٺ، شهر، صوبا ۽ ٻهراڙيون
لتاڙڻيون هيون ۽ هو ڇا چوندا آهن ته ملڪ جي آسودي
هجڻ جي خبر ٻهراڙيءَ مان پوي ٿي. ڊرائيور بس جي
انجڻ اسٽارٽ ڪري اڳيان وڌيو. ان ئي وقت ڪنهن جي
موبائيل جي گهنٽي وڳي ۽ بس کي ورڪڻ لاءِ چيو ويو.
ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ سڀ پڇڻ لڳا، دير پئي ٿئي هلو ڇو
نٿا؟.... چي پروفيسر بسنت رهجي ويو آهي پنجن منٽن
۾ پهچڻ وارو آهي.
”ادا هاڻ هلو. پنجن منٽن ۾ ڪڏهن به نه پهچي.“ نول هلڻ جي ڪئي پر
سندس وڏي پٽ جواهر لعل جنهن فون اٽيند ڪيو هو تنهن
ٻڌايو ته هتي سامهون ڪالڪا مندر وٽ پهچي چڪو آهي ۽
هن اتان ئي فون ڪيو آهي.
”چڱو پنجن منٽن لاءِ بس بيهاريون ٿا اندر نه پهتو ته هليا
هلنداسين.“
نولراءِ پڪي فيصلي جو اعلان ڪيو.
بهرحال پنج منٽ يعني ايشيائي اڻ ترقي يافته ملڪن ۾ معنيٰ گهٽ ۾
گهٽ ڪلاڪ ٿيو. پروفيسر بسنت اوڏ جي ٽيڪسي ڏهن منٽن
۾ پهچي وئي ۽ هو پاڻ، سندس زال ميران ۽ سندن ننڍي
ڌيءَ لاجونتي بيگ سميت جلدي جلدي بس ۾ چڙهيا. نه
فقط بسنت کي سئيٽر هو پر سندس زال ۽ ڌيءَ به
لوئيءَ ۾ ڍڪيل هئي. بسنت منهنجي ڀرواري سيٽ تي اچي
ويٺو ته مون يڪدم چيومانس ته ابا توهان سان خير ته
آهي. هن اونهاري جي موسم ۾ جڏهن اسان پکا هلايو
ويٺا آهيون توهان گرم ڪپڙن ۾؟
”دراصل اسان سرينگر (هندستان جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير واري
رياست) هليا ويا هئاسين. هتان گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ سؤ
کن ڪلوميٽر پري آهي اتي پهچي ڏهه ڪلوميٽر جبل جي
رستي کان مٿي هڪ ديويءَ جي مندر ۾ پوڄا ڪرڻ ويا
هئاسين. آئون ته پنڌ ڪري نه سگهيس ۽ ڀاڙو ڏيئي خچر
تي چڙهي ويس باقي منهنجي زال ۽ ڌيءَ اوٽ موٽ پند
ڪيو.“ ڪنڊياري ڪاليج ۾ فزڪس پڙهائيندڙ ۽ نول جي
ڀيڻوئي پروفيسر بسنت ٻڌايو.
”شاباس هجئي يڪ ساهيءَ ايڏو سفر ڪرڻ جي ۽ هينئر هتي دهليءَ ۾
پهچڻ سان وري هن سفر تي پيو هلين. ڀلا ڪئين لڳو
ڪشمير؟“ مون پڇيومانس.
”ڏاڍو سهڻو آهي واقعي! ڏاڍي پوليس ملي. اسان به ڏڪندا رهياسين.
زيارت جو ڪم لاهي يڪدم پويان پير ڪياسين.“
”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب ۾ پڇيو.
”ان ڪري جو پاڻ کي. جمون ڪشمير جي ڪٿي آهي ويزا؟ هر وقت اهو پئي
ڊپ لڳو ته ڪو پڇي نه وٺي ته ڪير آهيو ان ڪري آئون
سٿڻ قميص پائڻ وارو به اتي پينٽ پائي ويس ته ڪو
Identify نه ڪري سگهي ته آئون غير انڊين آهيان.“
بسنت ٻڌايو.
هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته انڊيا ۾
مردن جي ڊريس قميص پينٽ آهي. انڊيا اچڻ کان اڳ
ڪيترا شايد اهو سوچيندا هجن ته هتي هندو مذهب هجڻ
ڪري هر مرد ڌوتيءَ ۾ هجي يا شلوار قميص جو اڄڪلهه
انڊين فلمن جا هيرو به شلوار قميص پائين ٿا، پر
ائين نه آهي. انڊيا ۾ عام پبلڪ جي ڊريس پينٽ آهي.
چوڌاري نظر ڪبي ته سڀ پتلونن ۾ نظر ايندا. آفيس
وارا، دڪاندار، مزور..... ورلي ڪو سياستدان يا
مندر سان واسطو رکندڙ ڌرمي ماڻهو ڌوتيءَ ۾ نظر
ايندو ۽ سندس نرڙ تي ڳاڙهي يا هئڊي رنگ جو تلڪ به
هوندو. ڪن ڪن هنڌن تان گذرندي، خاص ڪري مسلمانن
ڪالونين مان. توهان کي شلوار قميص يا ڪڙتي پاجامي
۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ايندو نه ته ويندي جامعيه ملي
يونيورسٽي ۾ ۽ درگاهه حضرت نظام الدين اولياء جي
آسپاس رهندڙ ۽ دڪاندار به گهڻي ڀاڱي پتلونن ۾ ئي
نظر ايندا. بلڪه شلوار قميص ۾ ملبوس ڪجهه ماڻهن
کان جڏهن مون پڇيو ته دهليءَ جا آهيو ته جواب ۾
هنن ڪراچي، لاهور، يا افغانستان جو ٻڌايو. عورتون
البته مختلف ڊريسن ۾ آهن. خاص ڪري پجامي، گهٽ ورن
واري هلڪي شلوار ۾، پتلون، اسڪرٽن ۾ ۽ ڪجهه ساڙهين
۾ پڻ. ساڙهين ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون فقط تڏهن ٿيون
نظر اچن جڏهن ڪا شادي جهڙي
Ceremonial Function
آهي. جيئن جپاني عورتن جي ڊريس اسان چئون ٿا ته
ڪمونو آهي پر جپان جي شهرن ۾ توهان کي جپاني عورت
ورلي ڪا ڪمونو ۾ نظر ايندي نه ته مغربي ڊريس
اسڪرٽن ۽ پتلونن ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.
سو انڊيا ۾ توهان جي نمايان ٿيڻ نٿا چاهيو. ۽ ٿيڻ به نه کپي ته
هتي جي عوام جي ڊريس قميص پتلون ۾ گهمڻ نڪرو نه ته
شلوار قميص ۾ هر ڪو سمجهي ويندو ته توهان مڪاني نه
پر ڌاريا آهيو ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ وارا توڙي دڪاندار
توهان کي هر شيءِ جو اگهه به ان حساب سان
ٻڌائيندا.
تاج محل ڏسڻ لاءِ اڄڪلهه ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. ”گهڻي جي آهي ڪٿان
وٺجي؟“ اسان آگري پهچي هتي جي ماڻهن کان پڇيو ۽ جن
درين ڏي هتي جا ماڻهو پئي ويا اسان به ٽولن ۾ اتي
جي قطارن ۾ وڃي بيٺاسين. ويهه روپيا في ماڻهو پئي
ورتائون، اسان جي ٽولي وارن ان تي به گوڙ پئي ڪيو
ته هڪ ته هيڏو ڀاڙو ڀري دهليءَ کان آگري آيا آهيون
۽ هاڻ تاج محل ڏسڻ لاءِ اڃا به ويهه روپيا ڏيون
يعني اسان جا پاڪستاني ٽيهه روپيا کن ٿيا. هاڻ
اندر گهڙياسين ته خبر پئي ته اسان جو هڪ ٽولو جنهن
۾ ڊاڪٽر لڇمڻ ۽ ان جي فيملي هئي، دودو هو ۽ رامچند
جي ننڍي ڀاءُ سريچند جو پٽ سنجي هو اهي نظر ئي نه
اچن. ڪنهن چيو ته تاج محل جي ”ٽڪيٽ گهر“ وارن هنن
کي اتان ٽڪيٽ وٺڻ نه ڏني ۽ تاج محل ڏسڻ کان منع
ڪئي. اسان جو مزو ئي خراب ٿي پيو ته آخر هنن کي ڇو
نه اچڻ ڏنائون جيتوڻيڪ هتي ته دنيا جي ڀانت ڀانت
جي ملڪن ۾ قومن جا ماڻهو. عورتون توڙي مرد پيا
هلن. ٿوري دير تاج محل جي سونهن ڏسڻ بعد پٺيان
ڏسون ته هاڻ اسان جا بچيل ساٿي پيا اچن.
”ڀائي خير ته آهي ڇا ٿي ويو؟ توهان کي ڇو نٿي اچڻ ڏنائون؟“ اسان
سڀني هڪ ئي وقت کانئن سوال ڪيا.
”دراصل تاج محل ڏسڻ جي ٽڪيٽ ساڍا ست سؤ روپيا آهي.“ هنن ٻڌايو.
”پوءِ اسان کان ۽ ٻين کان ته ويهه ويهه روپيا ورتائون.“ اسان
کين پنهنجيون ويهين ويهين روپين واريون ٽڪيٽون
ڏيکاريندي چيو.
”ها. پوليس ٻڌايو ته ويهه روپيا آهي پر مڪاني ماڻهن لاءِ يعني
انڊين لاءِ باقي سڀني فارينرس لاءِ ساڍا ست سؤ
روپيا آهن، توهان کي ان ڪري نه جهليائون جو هنن
سمجهيو ته توهان انڊين آهيو.“ سنجي ٻڌايو.
”پر توهان به ته ساڳيا لڳو پيا ۽ ٻين انڊين جي وچ ۾ بيٺا
هئائو؟“ اسان چيو.
”هنن اسان کي ڊريس مان سڃاتو، سنجي جي شلوار قميص مان هو سمجهي
ويا ته هي پاڪستاني آهن.“ ڊاڪٽر لڇمڻ کلندي ٻڌايو،
”سنجي جي سٿڻ قميص پائڻ ڪري اسان جي ٽولي جي هر
هڪ ماڻهوءَ ساڍا ست سؤ روپيا ڏنا. سواءِ دودي جي.“
”اهو وري ڪيئن.“
”بس دودي ڦڏي باز جي ته خبر اٿانو. هن ٽڪيٽ وارن کي اسان لاءِ
ڪنفرم ڪندي چيو ته صحيح ٿا چئو هي پاڪستان جا آهن
مون وٽ دهلي گهمڻ آيا آهن.“
”توهان جي ڪا شناخت؟“ هنن دودي کان پڇيو ته دودي رعب مان چين ته
شناخت وري ڇاجي آئون دهليءَ جي ڪالڪا جي واري
علائقي ۾ رهان ٿو. جي اعتبار نه اچنو ته هلو پوليس
وٽ. ان تي هو ٿڌا ٿي ويا دودو ساڍا ست سؤ روپيا
بچائي ويو.
سنجي کي پنهنجي منهن هڪ دفعو وري صبح واري نصيحت ڪيم ته ڌارئي
ملڪ ۾ ڪڏهن به سٿڻ قميص نه پائجي. اها پنهنجي ڊريس
لاءِ سڪ ڳوٺ ئي ڇڏي هلجي. ڪيپٽن بشير وسطڙو ته
چوندو آهي ته سعودي عرب ۾ به انگريزن واري پتلون
پائي هلجي توڙي کڻي سفر جو مقصد حج ڪرڻ هجي ڇو جو
پتلون ۾ ٺهرايل ايڪسٽرا کيسن ۾ هڪ ته پاسپورٽ،
پئسا ۽ ٽڪيٽون سلامت ۽ سوگهيون رسن ٿيون ۽ ٻيو
عربن تي به رعب پوي ٿو. سٿڻ قميص وارو هر وقت عربن
جي دڙڪي ۾ رهي ٿو. پتلون واري کي هو ايراني، ترڪ
يا برٽش سٽيزن انڊين سمجهي ان کي ڇڙڀ ڏيندي به
ڪترائين ٿا.
اسان جي پنجاهه کن ماڻهن سان ٽٻيل بس جيڪا دهليءَ مان ساڍي
ستين نڪتي هئي سا فريدآباد ۽ غازي آباد کان ٿيندي
هاڻ ڏهين بجي ڌاري اتر پرديش جي شهر ميروت پهتي.
اتي رستي تي ٺهيل هوٽلن مان هڪ وٽ بس بيهاري سڀ
چانهه پاڻيءَ لاءِ لٿاسين. اتر پرديش هندستان جو
هڪ اهم صوبو آهي جنهن جي آدمشماري سڀ کان گهڻي
آهي، اتر ۾ نيپال سان ٿو ملي ۽ منجهس علي ڳڙهه
لکنؤ الهه آباد جهڙا اهم تواريخي ۽ مشهور شهر آهن.
هوٽل ۽ چانهه پيئڻ جو ڪم لاهڻ بعد هيڏانهن هوڏانهن
ٽهلڻ لڳس. هوٽل جي آڳنڌ وٽ ٽي چار ڪاٺ جون پيڊيون
هيون جن مان هڪ تي ته اهي ئي شيون هيون جيڪي اسان
وٽ مشهور آهن يعني ٻيڙي ماچيس، تماڪ، گهٽڪا، مٿي ۽
پيٽ جي سور جون گوريون، سوپاريون ۽ ٽڪيون چاڪليٽ.
هڪ پيڊيءَ تي همراهه پراڻا رسالا ۽ ڪتاب وڪڻي رهيو
هو جن جي
Scanning
ڪري ٻه ٽي اهڙا ڪتاب ڳولي ڪڍيم جيڪي انڊين ليکڪن
جا انگريزيءَ ۾ هئا يا انگريزن جا هندستان راڄ جي
بئڪ گرائونڊ ۽ هسٽري جا ناول هئا. مون سمجهيو
بيوقوف نظر ايندڙ ڳوٺاڻو مالڪ اهي ڪتاب مون کي ڦلن
مٺ ۾ ڏيندو پر دڪاندار به انهن جو
Worth
ڄاتو ٿي ۽ جيڪا وڏي قيمت
Quote
سڪيائين ان تان روپيو به هيٺ نه لٿو. مون به ور ور
ڏيئي وري ٿي اچي انهن ڪتابن ۾ هٿ وڌو ۽ سوچيو ته
من ڪجهه گهٽ ڪري پر هو پنهنجي ضد تان هيٺ نه لٿو ۽
مون آخرڪار انهن ڪتابن وٺڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. هڪ
پيڊيءَ تي مختلف ڀاڄين ۽ ميون جا آچار وڪامي رهيا
هئا. اسان مان هڪ ٻن همراهن انهن مان هڪ ٻه برني
ورتي ۽ پوءِ اچي بس ۾ ويٺاسين. هردوار جتي اسان کي
وڃڻو هو اتي پهچڻ ۾ اسان کي اڃا اڌ کان وڌيڪ فاصلو
طئي ڪرڻو هو. رستو ڀڳل ۽ خراب هو. بس به پراڻي ۽
اڀري ملي هئيسين ۽ مٿان اهڙو ئي اڀرو ۽ مرزيل
ڊرائيور هو. آخر هڪ ٻن ٻين منزلن تي بيهندا پنهنجي
منزل هردوار پهتاسين جتي ماڻهن جو عجيب ميلو متل
هو. گنگا ندي زور سان وهي رهي هئي اسان جي بس پل
ٽپي ٻئي پاسي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ کن اسان کي پارڪنگ
ڳولڻ ۾ لڳي ويو پر پرائيويٽ ڪارين، ٽيڪسين، پبلڪ
بسين ۽ ٽوئرسٽ لاربن سان هر ميدان هر ڪنڊ ڀري پئي
هئي. آخر بس واري کي چيوسين ته اسان کي اتي نديءَ
وٽ لاهي تون ڪٿي پري وڃي بس کي پارڪ ڪر. اسان کي
گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ کن لڳندا ان بعد اسان لاءِ بس
هتي ڪاهي اچجانءِ. يا اسان توکي اچي ڳولينداسين.
هي شهر هردوار اهو هنڌ آهي جتان کان گنگاندي
Plain
(ميدانن) ۾ داخل ٿئي ٿي. ننڍي هوندي جاگرافيءَ ۾
پڙهيو هو ته جبلن تي ڄميل برف گرميءَ جا ڏينهن
شروع ٿيڻ تي وٽڙي پاڻي ٿي جبلن تان هيٺ لهي ٿي يا
برف جي اڌ گابري صورت ۾ جبلن تان برفاني درياهه
هيٺ لهن ٿا. جن کي گليشير سڏجي ٿو، جبلن تان لهڻ
وقت ان پاڻي يا اڌ گابري وهندڙ برف ۾ پريشر ٿئي ٿو
جو اها مٿان کان هيٺ لهي ٿي پوءِ ميدان اچن ٿا.
ميدانن مان لنگهندي نديءَ جي رفتار گهٽجڻ لڳي ٿي ۽
هو پاڻ سان گڏ مٽي ۽
Slit
روڙيندي هلي ٿي جيڪا فصل لاءِ ڪارائتي هوندي آهي ۽
پوءِ نديءَ جو آخري ڀاڱو ڊيلٽا سڏجي ٿو جنهن ۾ ندي
ٽڪنڊي جي صورت ۾ ننڍيون ننڍيون شاخون ٺاهي سمنڊ ۾
داخل ٿئي ٿي.
سو هي شهر هردوار جتان گنگا ندي وهي ٿي نديءَ جو اهو هنڌ آهي
جتان اها سڌو ميدانن جو سفر شروع ڪري ٿي. دراصل هن
شهر (هردوار) ۾ گنگا جي ڪناري تي بهي جتان ندي اچي
پئي اوڏانهن ڏسبو ته جبلن جون قطارون نظر اينديون
جتان هيءَ ندي وهندي هاڻ هيٺ پهتي آهي. سندس رفتار
۽ وهڪ تکي ۽ گجگوڙ واري آهي جو ميدانن جو سفر اڃا
هاڻ ٿي شروع ڪري ۽ ان ڪري منجهس اڃا مٽي ۽ رءُ به
شامل نه ٿيو آهي. پاڻي گهڻو ۽ تکي رفتار ۾ آهي ان
ڪري اهو پاڻي صاف ۽ شفاف آهي جيڪو پوءِ ميلن جي
سفر ۾ مٽي، دز ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ گندگيءَ مان
ملي خراب ٿئي ٿو. هن هنڌ تي هندو وهنجڻ اچن ٿا.
هنن جو عقيدو آهي ته گنگا نديءَ جي هن هنڌ تي
وهنجڻ سان گناهه ڌوپيو وڃن ۽ جيڪو ماڻهو هن هنڌ
تي گنگا ۾ ست ٽٻيون هڻندو اهو ضرور سرڳ ۾ ويندو.
هندن جي چوڻ مطابق هن هنڌ تي رام وهنجي گنگا نديءَ
کي پوتر ڪيو هو. هتان کان ست اٺ ميل اڳتي هڪ ٻي
جاءِ لڇمڻ گوڏا مشهور آهي ۽ چار پنج ميل وڌيڪ هلڻ
تي گنگوتري آهي.
اسان بس ڇڏي گنگانديءَ جو ڪنارو ڏيندا ان هنڌ ڏي وڌڻ لڳاسين جتي
لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي رام شنان ڪيو هو. چوڌاري
سوين ماڻهو (يورپي ۽ آمريڪن گورن سميت) اسان سان
گڏ هلي رهيا هئا ۽ اوترائي اتان وهنجي موٽي رهيا
هئا. رستي تي پرساد وڪڻڻ وارا فٽ پاٿ تي ويٺا هئا.
جن گل، ميون ناريلن کان علاوه پلاسٽڪ جون خالي
بوتلوون، برنيون ۽ گهگيون ٿي وڪيون. اسان جي ٽولي
مان به ڪيترين اهي تبرڪ طور واپسيءَ تي گنگا جو
پاڻي کڻي هلڻ لاءِ ورتيون. پري کان گهٽ ۾ گهٽ سؤ
کن ٽن جو تامي ۽ پتل جو سؤ فوٽ کن ڊگهو
Statue
هو. نديءَ جي ساڄي ڪناري پاسي جبل جي اتاهين چوٽي
تي هڪ قديمي مندر نظر اچي ٿو جنهن لاءِ اتي موجود
ساڌن ٻڌايو ته اهو منشا ديويءَ جو مندر آهي. ٽاور
تي پهچڻ لاءِ ڪيبل ڪارون هلن ٿيون.
اسان پنڌ هلندا هلندا اچي ان هنڌ تي پهتاسين جتي سوين مرد
عورتون ڪڇن ۾ يا پهريل ڪپڙن ۾ ان هنڌ تي نديءَ ۾
گهڙي شنان ڪري رهيا هئا يا ڪناري تي لڳل زنجيرن کي
جهلي هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هئا. اسان برلا
ٽاور وٽ اچي گڏ ٿياسين ۽ جن جن کي گناهه بخشائڻا
هئا سي نديءَ ۾ لهي پيا ۽ انهن سوين ماڻهن سان گڏ
وڃي مليا جيڪي پهرين نديءَ ۾ موجود هئا. سامهون
دڪانن جي وچ ۾ ڪيترين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ جا بورڊ
نظر اچي رهيا هئا. هوٽل تيرٿ، الڪا هوٽل، هوٽل
گنگا ڌام، هوٽل گنگا درشن، هوٽل گيان، چوٽي والا
ريسٽورنٽ، شرما لاج، هوٽل راج، هوٽل آرتي
درشن..... وغيره وغيره. رکي رکي گهوريئڙا مختلف
رنگن ۽ سائيزن جون مالهائون ۽ سندور وڪڻي رهيا
هئا. ڪي چندي جون چوپڙيون هٿ ۾ کڻي ڪنهن مندر يا
ڪنهن خيراتي ڪم لاءِ چندو وٺي رهيا هئا جيڪو عمل
سندن
Request
واري نموني ۾ نه پر بيحد
Aggressive
طريقي جو هو. ڪي عورتون پئسا وٺي ميندي لڳائي
رهيون هيون. ڪيترائي فوٽا گرافر ڪئميرائون ڳچيءَ ۾
لڙڪائي
Instant
فوٽو ڪڍي رهيا هئا. منهنجي ڪئميرا جي بيٽري ختم
ٿيڻ ڪري هڪ فوٽو گرافر منهنجي مٿي لڳي ويو يا
شايد آئون هن جي مٿي لڳي ويس. هن ڏهه فوٽو ڪڍائڻ
تي گهٽ پئسا ٿي ورتا. چار پنج فوٽو ته درياهه
اڳيان يا شو جي مورتيءَ اڳيان ڪڍرائي ورتم باقي
بچيل فوٽو هڪ سک فئمليءَ سان، هڪ يا ٻن ساڌو ۽
فقيرن سان گڏ بيهي پورا ڪيم. فوٽو گرافر پئسا اڳ ۾
ئي وٺي ويو ته اجهو ٿو صاف ڪري ڏيان. رسيد جي
ڳالهه ڪيائين پر ڏنائين ڪونه. سڀني چيو ته اڳواٽ
پئسا نه ڏينس ها..... رسيد ته وٺينس ها.... اڌ
ڪلاڪ ۾ فوٽو صاف ڪري هتي کڻي اچڻ ناممڪن آهي.....
وغيره وغيره. هر ڪو پنهنجي پنهنجي راءِ ۽ نصيحت
ڏيڻ لڳو. جڏهن پورو ڪلاڪ ٿي ويو پر فوٽو گرافر نه
موٽيو ته من کي به پڪ ٿي وئي ته اهي پئسا به ويا
ته فوٽون به ويا ۽ هاڻ بس موٽڻ ۾ به ڪو اڌ ڪلاڪ
کن وڃي بچيو هو. وهنجڻ وارن پاڻ کي اگهي ڪپڙا
پائڻ شروع ڪيا ۽ هاڻ بس ڏي ٿي وڌياسين ته اسان
وارو فوٽو گرافر فوٽو کڻي اچي نڪتو، پورو ڏيڍ ڪلاڪ
بعد موٽيو هو.
”ايڏي دير؟“ مون شڪايت واري لهجي ۾ هن کي چيو.
”جناب اڌ ڪلاڪ کن ته لڳندو جنهن لاءِ مون توهان کي پهرين ئي چيو
هو.
دل ۾ چيم ته فوٽا ملي ويا هاڻ ڪهڙو ويهي بحث ڪيانس جنهن جو ”سهي
جون ٽنگون ٽي“ وارو ضد ته هو وعدي مطابق اڌ ڪلاڪ
اندر پهچي ويو آهي. |