سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 28

ڪولابا واري علائقي جي اتر وارو علائقو فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪنهن زماني ۾ انگريزن قلعو ٺهرايو هو جيڪو پوءِ ڊهي ويو پر اهو هنڌ اڄ به فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪراچيءَ جي صدر ۽ بولٽن مارڪيٽ وارن علائقن وانگر انگريزن جي ڏينهن جون Colonial عمارتون آهن. جنرل پوسٽ آفيس، وڪٽوريا ٽرمينس ۽ ٻين آفيسن جون عمارتون ۽ بئنڪون هتي آهن. بمبئيءَ جي وڏي ريلوي اسٽيشن چرچ گيٽ (جنهن جو هاڻ نئون نالو چنتامن ديش مکهه ٽرمينس آهي) پڻ هتي آهي. اڳيان اولهه ۾ مئرين ڊرائيو آهي جيڪا اڪثر انڊين فلمن ۾ ڏيکاري ويندي آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ڪلفٽن جي سي ويو ڊرائيو وانگر ٺهيل هي ڊگهو رستو تمام سهڻو لڳي ٿو جنهن تي اڪثر هيرو ۽ هيروئن ڊوڙندي يا دگانو ڳائيندي نظر ايندا آهن. يعني فلمن ۾. اڳيان چوپاٽي بيچ ۽ مالابار هل جون اوچيون رهائشي عمارتون ۽ فليٽ آهن. هي سڄو علائقو ڏکڻ بمبئي سڏجي ٿو. (پاڻي واري جهاز ۾ اچڻ وقت پهرين اهو علائقو نظر اچي ٿو ۽ اسان جاجهاز گهڻو ڪري ڪولابا وٽ ايندا آهن يا ساسون ڊاڪ ۾ مرمت ٿيندا آهن.)

چوپاٽي وٽ ڪملا نهرو پارڪ آهي ۽ اولهه ۽ مالابار هل، مٿي اتر طرف بمبئي جا ٻيا علائقا ورلي، ماهيم، جوهو چيمبور وغيره آهن. ورلي ۽ باندرا جي وچ ۾ دادر آهي. بمبئي شهر جا هي علائقا ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪلفٽن، ڊفينس، صدر، باٿ آئلينڊ، ناظم آباد، گلشن وغيره ”جوهو“ ۽ انڌيريءَ وٽ بمبئي جا ٻه هوائي اڏا سحر ايئرپورٽ ۽ سانٽا ڪروز آهن.

دهلي ۽ ڪلڪتي وانگر بمبئي به اهڙو شهر آهي جيڪو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نٿو سگهجي. هن لاءِ جيترا ڏينهن هجن ٿورا آهن. بمبئي انڊيا جو مهانگو شهر چيو وڃي ٿو جو هتي رهائش کان وٺي کاڌو پيتو ۽ سواري مهانگي آهي. وري به جيڪي ڪجهه سستيون هوٽلون آهن اهي آهن: ڪولابا ۾ ”دي سالويشن آرمي ريڊ شيلڊ هاسٽل،“ نوروجي فريدون جي روڊ تي هوٽل وولگا ٽو، ميري ويدر روڊ تي ڪارلٽن هوٽل، ڪولابا ڪازوي وٽ مٿراداس اسٽيٽ بلڊنگ ۾ اپولو گيسٽ هائوس، اوليور روڊ تي بينٽلي هوٽل ۽ ان کان علاوه ٻيون آهن: هوٽل موتي انٽرنيشنل، سي شور هوٽل، انڊيا گيسٽ هائوس، ماريا لاج، YWCA... وغيره اهي سڀ ڪولابا ۾ آهن. فورٽ واري علائقي جو ڪجهه سستيون هوٽلون هن ريت آهن: هوٽل لارينس، بينظير هوٽل، هوٽل ماناما، فرنانڊز گيسٽ هائوس، هوٽل سٽي پليس، YWCA وغيره.

پوني . 2510 ڪلو ميٽر

بمبئي کان پوني ايڏو پري ناهي. ريل رستي 180ڪلو ميٽر ٿئي ٿو نه ته باءِ روڊ 160کن ميل. اها ٻي ڳالهه آهي ته بمبئي (ممبئي) مان مسافر ڪٿان ٿو نڪري. جيئن  ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڪو سهراب ڳوٺ يا نارٿ ناظم آباد مان نڪرندو ته هن کي ماريپور يا ڪياماڙي واري کان حيدرآباد ويهارو کن ميل ويجهو پوندو. پوني لاءِ روزانو ٻه ريل گاڏيون دکن ڪوئين ۽ دکن ايڪسپريس بمبئيءَ کان روانيون ٿين ٿيون.

مرهٺن جو وڏو ليڊر شيواجي پوني ۾ ننڍو ٿي وڏو  ٿيو. پوني شهر 1599 ع ۾ هن جي ڏاڏي حوالي ٿيو هو جيڪو پوءِ برهمن پيشوا فئملي جي طاقت جو مرڪز رهيو تان جو 1817ع ۾ انگريزن هن شهر تي قبضو ڪيو. سمنڊ جي سطح کان ڪافي مٿي هجڻ ڪري پوني جي آبهوا بمبئي وانگر گهميل ۽ ٻوساٽيل ناهي. دورابجي سپر مارڪيٽ جي ڀر ۾ هڪ فاسٽ فوڊ ۾ ٻه اسي سالن جون پارسي جاڙيون ڀيڻون آهستي آهستي برگر کي ننڍا ننڍا چڪ هڻي چٻاڙي رهيون هيون. سندن نالا جارو ۽ دينو سکيا هو. هو خوش هيون ته هو انڊيا ۾ ڄايون ۽ پوني شهر ۾ وڏيون ٿيون. هنن کي دهليءَ جي سياستدانن تي سخت چڙ هئي ته  هو مختلف مذهبن ۽ زبان ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ٿا ڪن.

پوني ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. ڪجهه ته حيدرآباد سنڌ کان انڊيا لڏي آيل ساڌو واسواڻي به ٺهرايا آهن پر انگريزن جي ڏينهن کان پونو تعليمي ڳالهين کان مشهور آهي. هتي جي يونيورسٽي انگلينڊ جي آڪسفورڊ جي اسٽائيل جي هجڻ ڪري ان کي Oxford of the East ٿا سڏين. (پوني جو ايگريڪلچر ڪاليج ۽ هاڻي يونيورسٽي تمام پراڻي آهي جتان منهنجي والد صاحب گل محمد شيخ 1942ع ۾ B.scڪئي.)

پوني ۾ا يندڙ ڪيترن مغربي سياحن جي دلچسپي ڀڳوان رجنيش جو آشرم آهي جيڪو  (Osho Commune International سڏجي ٿو. پوني شهر مٿا (Mutha) ۽ مولا (Mula) ندين جي ميلاپ وٽ آهي. اسان جهڙن ڌارين ماڻهن جي رهائش لاءِ گهٽ اگهه واريون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ريلوي اسٽيشن وٽ ئي آهن. ڪجهه هوٽلون نهرو اسٽيڊيم جي ڀرسان سوار گيٽ بس وٽ آهن.

پوني ۾ گانڌي نيشنل ميموريم ڏسڻ وٽان آهي. اهو 1892ع ۾ امام سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين ٺهرايو هو ۽ 1956ع تائين آغاخان جو محل هو ان بعد ان کي اسڪول ٺاهيو ويو. 1969ع ۾ اها عمارت آغا خان چوٿين انڊيا جي حڪومت کي ڏئي ڇڏي.

1942ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جڏهن ”انڊيا ڇڏيو“ Quit India تحريڪ تي بمبئي ۾ تقرير ڪئي ته انگريز سرڪار هن کي ۽ ٻين تحريڪ جي ليڊرن کي هن  عمارت ۾ ٻن سالن لاءِ اندر رکيو. گانڌيءَ جي زال ڪمتوربا ۽ گانڌي جو پراڻو سيڪريٽري مهاديو ڀائي ڏيسائي هن قيد دوران گذاري ويا. هنن ٻنهي جي خاڪ (سمڌي) هن عمارت جي باغ ۾ ٺهيل مقبرن ۾ آهي. انگريزي فلم <Gandhi>۾ به هيءَ عمارت ڏيکاريل آهي.

پوني جون ڪجهه سستيون پر بهتر هوٽلون هن ريت آهن: ولسن گارڊنيس ۾ هوٽل هوم لئنڊ، اتي ئي هوٽل النڪار ۽ ملن لاج ۽ اڳتي اسٽيشن جي سامهون ساسون روڊ تي دي نيشنل هوٽل، ڪناٽ روڊ جي پاسي هوٽل شاليمار، مهاتما گانڌي روڊ وٽ گرانڊ هوٽل ۽ هوٽل ساراس وغيره.

پناجي . گوا. 3010 ڪلو ميٽر

هڪ اهڙو دؤر آيو جو يورپ جا ملڪ. خاص ڪري انگلينڊ، پورچو گال، اسپين، هالينڊ، فرانس ويندي اٽلي ۽ جرمني ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. ٽيڪنالاجي، ائڊمنسٽريشن، نيويگيشن جي علم، ڊسيپلين ۽ عقل کان ڪم وٺي هو مڪاني حڪومتن ۽ حاڪمن کي مطيع ڪندا ويا. اسان جي ننڍي کنڊ تي به فقط انگريزن جو قبضو نه رهيو پر ڊچ، پورچو گالين ۽ فرينچن جو به رهيو. بلڪ پورچو گالي ته سڀ کان پهرين هندستان، سريلنڪا توڙي ملايا پاسي پهتا ۽ پوءِ ڊچ (هالينڊ نيدر لئنڊر وارا). انگريز ته بعد ۾ آيا پر اهي جتي به آيا ٿي ڄمي رهيا ٿي. هندستان تي، ملائيشيا ۽ سريلنڪا تي به آخر ۾ انگريزن حڪومت ڪئي ۽ گهڻو عرصو رهيا. اتي آيل ٻيا سڀ يورپي ڀڄي ويا ۽ سڄو ميدان انگريزن حوالي ڪري ڇڏيائون. البت ڪجهه پاڪيٽ جيئن ننڍي کنڊ ۾ گوا ۽ ملايا ۾ ملاڪا جهڙا آخر تائين پورچو گالين حوالي رهيا جتي اڄ به مڪاني زبان سان گڏ پورچو گالي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ جتي پورچو گالي رهائش جو نمونو، ڪلچر، کاڌا پيتا ۽ ويس وڳا عام هلن ٿا.

جن ڏينهن ۾ پورچو گالي يا انگريز ننڍي کنڊ ۾ آيا انهن ڏينهن ۾ جهڙو سکيو ستابو انگلينڊ يا پورچو گال هيو اهڙو ئي ننڍو کنڊ انڊيا هو. بلڪ ڏٺو وڃي ته انڊيا کاڌي پيتي، موسم ۽ ڪلچر ۾ يورپ کان وڌيڪ سکيو ستابو هو جنهن جي مقابلي ۾ يورپ جا ماڻهو بک پئي مئا جو نه ايڏي پوک هئي نه سٺي موسم. اليڪٽرڪسٽي ۽ مشينون نه هجڻ ڪري سياري جي موسم ۾ ته يورپ وارن جو ساهه ٿي ويو. بهرحال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ بعد انگريزن ته سياڻپ ڪئي ۽ مڪاني ماڻهن کي پري رکيائون پر پورچو گالين ۽ ڪيترن ملڪن (سري نام، ويسٽ انڊيز پاسي) ۾ ڊچن به مڪاني ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جو ماڻهو Citizen تصور ڪيو ۽ قاعدا قانون به اهي لاڳو ڪيائون جيڪي سندن ملڪ ۾ هئا. اهوئي حال گوا جو هو. 1960ع تائين (جڏهن انڊيا مڪمل طور گوا کي انڊيا سان ملائي انڊيا جي يارهين رياست جو درجو ڏنو) گوا جي ماڻهن جي قوميت پورچو گالي هئي ۽ کين پورچو گال جو پاسپورٽ هو. ڪيترن کي اڃا تائين لسبن (پورچو گال) کان به پينشن اچي ٿي. گوا انڊيا جي رياست بنجڻ بعد اڄ به منجهس ڪيترا قاعدا قانون پهريان جا آهن جيڪي پورچو گال (يورپ) ۾ آهن. جهڙوڪ پورچو گال جي سامونڊي ڪنارن وانگر گوا جي سامونڊي ڪنارن تي به اگهاڙو ٿي هلڻ ۽ وهنجڻ جي اجازت آهي. شاديءَ بعد مڙس جي ملڪيت (گهر، دڪان، گاڏي وغيره) جو اڌ زال نالي ٿيو وڃي ان ڪري گوا جي ڇوڪرين کي Economicallyوڌيڪ حفاظت مليل آهي. هونءَ به انڊيا جون هندو ڇوڪريون وڌيڪ تعليم يافته هجڻ ڪري اوسي پاسي جي ملڪن کان وڌيڪ Bold ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سمارٽ آهن پر گوا جون ڇوڪريون سڄي هندستان جي ڇوڪرين کان وڌيڪ تيز آهن جو هنن کي مڙسن جو به ڊپ ناهي. ٻي ڳالهه ته هو تعليم ۾ هندستان جي باقي رياستن کان به گهڻو اڳيان آهن. گوا ۾ تعليم 80سيڪڙو آهي جڏهن ته اسان وٽ پاڪستان ۾ هاڻ وڃي مس مس 30 سيڪڙو کي پهتي آهي. سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ نوي سيڪڙو آهي.

گوا مهاراشٽرا ۽ ڪرناٽڪا رياستن جي وچ ۾ عربي سمنڊ پاسي اٽڪل 3700 چورس ڪلوميٽر آهي. منجهس مراهٺي ۽ ڪوناڪي زبانن کان علاوه انگريزي ۽ پورچو گالي به ڳالهائي وڃي ٿي. منجهس مشهور ريلوي اسٽيشنون مارگائو ۽ ٻي واسڪو ڊي گاما آهي. گوا انڊيا جي سڀ کان ننڍي رياست آهي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پاناجي (Panaji) شهر به ٻين گادي وارن شهرن: ڪلڪتي، بمبئي، امرتسر وغيره کان تمام ننڍو آهي. سڄي گوا جو ماحول باقي سڄي هندستان کان مختلف آهي. ويندي انڊيا جا ماڻهو گوا گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اڄ به ممبئي بعد ٻئي نمبر تي گهڻا سياح گوا اچن ٿا ۽ گواجي ماڻهن جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو هتي پراڻا ڪليسا گهر   (Churches) ۽ ڪئٿيڊرل ڏسڻ اچن ٿا. هو خوبصورت سامونڊي تانگهن ڪنارن (Beaches) ، سامونڊي کاڌن نجاچ گهرن ۽ آزاد ماحول جو مزو ماڻڻ چاهين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ گواني غريب توڙي امير جو گهر، اسٽائيل، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو طريقو ۽ Behaviour  باقي انڊيا جي ماڻهن کان مختلف آهي. انڊين فلمن ۾ گوا ۽ اتي جي ماڻهن جي Life style جون جهلڪيون اڪثر نظر اچن ٿيون خاص ڪري راجڪپور جي بابي (Bobby) فلم جنهن ۾ پريم ناٿ ۽ ڊمپل ڪپاڊيا (راجيش کنا جي زال) گواني ٿيا آهن.

گوا جي تاريخ 300 سال قبل مسيح پراڻي آهي جڏهن گوا چندر گپت موريا جي حڪومت ۾ آيو ٿي. ان بعد مختلف هندو حاڪمن ۽ حڪومتن جي هٿ ۾ رهندي آخرڪار پهريون دفعو 1312ع ۾ مسلمانن جي هٿ ۾ آيو پر پوءِ 1370ع ۾ وجي نگر سلطنت جي حاڪم هري هارا جي حوالي ٿي ويو. وڃي نگر جي حاڪمن جي هٿ ۾ گوا اٽڪل هڪ سؤ سال کن رهيو. هن حڪومت لاءِ عربستان کان ايندڙ گهوڙا گوا جي بندر گاهن ۾ اچي لهندا هئا. 1469ع ۾ گلبرگا جي باهماني سلطانن گوا کي فتح ڪيو. هن گهراڻي جي ٽٽڻ بعد هي علائقو (Goa) بجاپور جي عادل شاهين حوالي ٿيو. اڄ گوا جي گاديءَ واري شهر پاناجي ۾ جيڪا سيڪريٽريٽ بلڊنگ آهي اهو پندرهين صديءَ جي عادل شاهه جو ٺهرايل محل آهي. اهو محل پورچو گالين جي دؤر حڪومت ۾ هنن جي وائسرائن جو رهائشگاهه پڻ رهيو.

پورچو گالي الفنسو ڊي البقر ق جي اڳواڻيءَ ۾1512 ع ۾ گوا پهتا. هنن جو مقصد دنيا ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ پڻ هئي. 1542ع ۾ هنن جو وڏو عالم ۽ بزرگ سينٽ فرانسز زئويئر گوا ۾ آيو هو. (بعد ۾ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ به ويو هو جتي ان وقت جو عبادت گهر ۽ هن پادري جو وڏو Statue آهي.) سورهين ۽ سترهين صدي گوا جو سونهري دؤر هو جڏهن پورچو گالين جي اوسي پاسي جي سمورين حڪومتن جو مرڪز گوا هو جيڪو پورچو گال جي Viceregal Seat هئي. پورچو گالين جي انهن ڪالونين ۾ ڪجهه هي هيون: تمور، مڪانو، موزمبق وغيره.

هندستان جي ورهاڱي بعد به گوا تي پورچو گالين جو ڪجهه سنئون سڌو ۽ ڪجهه Indirect راڄ قائم هو پر پوءِ 1961ع ۾ انڊيا پورچو گالين کي ٽپڙ ٻڌرائي گوا کي ٻين رياستن وانگر نئين رياست جو درجو ڏنو. گوا پهچڻ لاءِ سامونڊي رستو بهترين رهيو آهي ۽ انڌو منڊو باءِ روڊ به هو پر پوءِ انڊيا جي مڪمل قبضي ۾ اچڻ بعد انڊيا حڪومت گوا کي ممبئي ۽ مئنگلور سان براڊ لائين ذريعي ملايو آهي جيڪو دنيا جي مشڪل رستن مان آهي. فقط گوا کان مئنگلور 760 ڪلوميٽر Konkanريلوي لائين 145پلين ۽ ڪيترن ئي ٽنلن مان لنگهي ٿي جنهن جي جملي ڊيگهه 75 کن ڪلوميٽر ٿئي ٿي.

گوا ٻن حصن (ضلعن) ۾ ورهايل چئي سگهجي ٿو: اتر گوا جنهن ۾ سڄي گوا جي گاديءَ جو هنڌ پاناجي آهي جنهن کي Panajimبه سڏين ۽ ٻيو ڏکڻ گوا. پاناجي شهر جي آدمشماري ڏيڍ لک مس ٿيندي ۽ ماندووي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپر تي اڏيل آهي. هي شهر گوا جي سرڪاري طرح گاديءَ جو هنڌ 1843ع ۾ ٿيو. پورچو گالي زبان جا بورڊ اڄ به شهر ۾ نظر اچن ٿا. گوا ۾ سستي رهائش لاءِ کوڙ جايون نديءَ وٽ (بس ٽرمينل ۽ ٽوئرسٽ آفيس جي وچ ۾) پئٽو ٽورسٽ هوم ۾ توهان کي ڊبل بيڊ جو ڪمرو چار سؤ رپين ۾ ملي ويندو. ان کان علاوه ميرا مار واري علائقي ۾ يوٿ هاسٽل، اوئرم (Ourem)نديءَ وٽ اديپي بورڊنگ ائنڊ لاجنگ، هوٽل ايمبسي ۽ ان جي ڀرسان پئلس هوٽل، Jose Falcao روڊ تي ريپبليڪا هوٽل ۽ ان جي ڀرسان مانڊووي پرل گيسٽ هائوس، پارڪ لين لاج، افونسو گيسٽ هائوس.... وغيره وغيره. سڀ سستيون رهائشون آهن جن ۾ يورپي توڙي ايشيائي رهن ٿا. هر وقت مينهوڳي واري موسم هجڻ ڪري ايئرڪنڊيشنر جي به ضرورت ناهي. دهلي، احمد آباد ۽ بمبئي جي گهٽين جهڙو گوڙ شور به ناهي. هڪ ٻي سستي هوٽل Neptune نالي آهي جيڪا ماندووي ندي جي ڀرسان ملاڪا روڊ تي آهي. (هن روڊ جو نالو ملائيشيا جي شهر ملاڪا تان پيو آهي جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ مون اٺ سال کن مڪاني آفيسرن کي مئرين اجنيئرنگ پڙهائي ۽ جهاز هلائڻ سيکاريو. گوا وانگر ملاڪا تي به پورچو گالين جو قبضو رهيو ۽ شهر جو هڪ حصو اڄ به پورچو گيز ڪوارٽر سڏجي ٿو ۽ اتي جا رهندڙ ملائيشين ملئي زبان سان گڏ پورچو گالي به ڳالهائين ٿا. هن شهر جو تفصيلي ذڪر ”مڪلي کان ملاڪا“ ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان).

بئنگلور. 3530 ڪلو ميٽر

بئنگلور پهچي مون پنهنجي ڪار جي ميٽر ۾ ڏٺو. سرينگر ڪشمير کان وٺي ڪرناٽڪا صوبي جي گاديءَ واري هن شهر بئنگلور تائين پهچڻ ۾ ساڍا ٽي هزار ميل ٿي ويا هئا. گوا جي شهر پاناجي ۾ رات رهڻ بعد هيٺ ڏکڻ۾ بئنگلور  پهتس. هونءَ سامونڊي ڪنارو ڏيئي مئنگلور به وڃي سگهيس ٿي جيڪو پڻ هن صوبي ڪرناٽڪا جو شهر آهي ۽ ڪيترا يورپي مئنگلور ۽ بئنگلور ۾ ڀلجي پوندا آهن جو ٻئي اهم ۽ تاريخي شهر آهن. ٻئي گهمڻ وٽان آهن. هاڻ بمبئي ۽ ٻيا وڏا بندرگاهه ٿي پيا آهن نه ته ڪنهن زماني ۾. خاص ڪري حيدر علي جي بادشاهت ۾ مئنگلور مشغول بندرگاهه ۽ جهازن ٺهڻ جو مرڪز هو. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ انجڻ بنا ڪاٺ جا جهاز ٺهيا ٿي جيڪي سڙهن تي هلندا هئا. بهرحال مئنگلور هاڻ سورت، پور بندر، ويروال جهڙو غير اونهو ۽ ننڍو بندر گاهه آهي جتان ننڍا جهاز ۽ ٻيڙا هندستان جي ڪافي ۽ کاڄا کڻي اوسي پاسي جي ويجهن بندرگاهن. خاص ڪري گلف جي بندرگاهن ڏي روانو ٿين ٿا. شهر جي آدمشماري ڇهه لک کن ٿيندي. رومن ڪنئٿولڪ عيسائي ڪافي رهن ٿا. منجهس ڪجهه مندر ۽ انگريزن جي زماني جا ناليرا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. هتي جي يونيورسٽي پڻ پراڻي ۽ جڳ مشهور آهي. بهرحال تعليمي ادارن ۾ ته انڊيا جو مقابلو ڪيترا يورپي ملڪ به نٿا ڪري سگهن.

بئنگلور ۽ مئنگلور تقريبا هڪ ئي ويڪرائي ڦاڪ Latitude  تي آهن. ڪرناٽڪا رياست جنهن ۾ هي ٻئي شهر آهن پهرين ميسور سڏبي هئي پر پوءِ انڊيا حڪومت صوبن جي نئين سنئين ونڊ ورڇ ڪري هن جو نالو ميسور بدران ڪرناٽڪا رکيو. هتي جي زبان ڪاناڊا آهي جيڪا اردو ۽ هنديءَ سان نه پر ڏکڻ هندستان جي ٻين زبانن تامل، تيلگو، مليالم وغيره سان ملي ٿي.

بئنگلور اهو شهر آهي جيڪو ڪمپويٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي واهپي جي وڌڻ ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي ۽ هن کي انڊيا جو Silicon valley سڏيو وڃي ٿو. بئنگلور ۾ نه فقط ڪمپيوٽر ۽ It جا تعليمي ادارا آهن پر ملڪي ۽ غيرملڪي ڪارخانا پڻ. دنيا جي مختلف ملڪن ۾. خاص ڪري آمريڪا جي ڪمپيوٽر ڪارخانن ۽ ادارن ۾ سڀ کان گهڻا بئنگلور جا Graduates ڪم ڪن ٿا. آمريڪا جي ڪيترن ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي مالڪن پنهنجي انڊسٽري آمريڪا بدران بئنگلور لڳائي آهي جو هن کي انڊيا ۾ گهٽ پئسن ۾ سامان ٺهيو ٿو ملي ۽ انڊين پڻ خوش آهن ته کين پگهار ته آمريڪا جي معيار جو ٿو ملي پر خرچ ۽ رهائش انڊيا ۾ هجڻ ڪري هنن جي بچت ئي بچت آهي. اهڙي طرح هتي جا ماڻهون ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿيندا وڃن ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ٻين انڊين برابر نه پر بمبئي ۽ مئن هٽن (نيويارڪ) جي رهندڙن جهڙو سمجهن ٿا ۽ هن شهر (بئنگلور) کي A City in search of a Soul به سمجهن ٿا. سماجي خيال کان بئنگلور هڪ تمام گهڻو ترقي پسند ۽ Liberalشهر آهي.

بئنگلور بابت جيڪي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان بروشر ملن ٿا ان ۾ هن شهر کي ”گارڊن سٽي“ به سڏيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شهر ۾ ڪي اهڙا باغ يا پارڪ نظر ته نٿا اچن سواءِ حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي ڏينهن جي لال باغ جي جيڪو هاڻ Lal Bagh Botanical garden  سڏجي ٿو. هي ميسور رياست وارو علائقو مختلف هندو راجائن واٽان ٿيندو 1346ع ۾ پحي نگر سلطنت جي هٿ چڙهيو. وڃي نگر سلطنت جو راڄ 1336ع کان وچ ۽ ڏکڻ هندستان تي شروع ٿيو هو جن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ همپي (Hampi) شهر ۾ رکيو هو. ان کان پوءِ 1565ع ڌاري ميسور جا هندو وديار  (Wodeyars) پاور ۾ آيا ۽ ڏکڻ هندستان جي وڏي حصي کي قبضي ۾ ڪري ورتائون. هنن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ سري رنگا پتنام ڪيو. هي بنا ڪنهن مقابلي ۽ مخالفت جي ٻه سؤ سال حڪومت ڪندا رهيا ۽ پوءِ 1761ع ۾ سندن ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي حڪومت جي هڪ مسلمان جنرل حيدر عليءَ حڪومت جي واڳ سنڀالي.

انهن ڏينهن ۾ هندستان تي انگريز ۽ فرينچ اک رکيو ويٺا هئا ته ڪيئن مڪاني حاڪمن کي ڪمزور ڪري انهن کان ملڪ هڪ طرف کسجي ۽ ٻئي طرف پنهنجي يورپي مخالف کي هيٺاهون ڪري ڪيڪ جو وڏو حصو پنهنجي حوالي ڪجي. ان راند ۾ فرينچن حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي مدد ڪئي جيئن هو پنهنجي حڪومت کي سگهارو ڪري سگهن ۽ ان مدد جي بدلي ۾ هو فرينچن جي مخالفن انگريزن سان جنگ جاري رکن. 1799ع ۾ انگريزن ٽيپو سلطان کان جنگ جيتي ورتي ۽ هنن پنهنجن ٻالڪن ووديار وارن کي ميسور جي تخت تي ويهاريو.

ووديار وارا آزادي (1947ع) تائين ميسور تي حڪومت ڪندا رهيا. هو ترقي پسند حاڪم ثابت ٿيا. عوام ۾ هو ايڏو مشهور مڃيا ويا ٿي جو هندستان جي آزاديءَ کان اڳ تائين هن رياست جو گورنر مهاراجائي رهيو.

بئنگلور ۾ غريباڻي رهائش جون ڪجهه هوٽلون هن ريت آهن: بس ٽرمينل ايريا ۾ صوبيدار چاترام روڊ تي ڪيتريون ئي سستيون هوٽلون آهن: رايل لاج، هوٽل مهاوير، هوٽل ٽوئرسٽ، جنارڌن هوٽل، مهاتما گانڌي روڊ تي نيو سينٽرل لاج،امپيريل لاج، مدراس بئنڪ روڊ تي ايئر لائنز هوٽل، ايوينيو روڊ تي چندر وهار، سري نراسيمها راجا روڊ تي رينبو هوٽل، مشن روڊ تي عورتن لاءِ YWCAاهي سڀئي ٽي يا چار سؤ رپيه مسواڙ واريون هوٽلون آهن.

ميسور . 3730 ڪلو ميٽر

هندستان جي آزاديءَ تائين ميسور شهر ميسور جي مهاراجن جي تخت جي جاءِ هئي. هيءَ نوابن جي رياست سڏي وئي ٿي.

ميسور اگربتين کان به مشهور آهي. انڊيا ۾ سڀ کان گهڻا اگر بتين جا ڪارخانا ميسور ۾ آهن. ميسور ۾ ميسور پئلس، چڙيا گهر ۽ ريل ميوزيم ڏسڻ جون شيون آهن. گورنمينٽ هائوس جي اولهه ۾ ويلنگٽن لاج آهي جتي آرٿر ويلسلي (جيڪو بعد ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن ٿيو) ٽيپو سلطان تي فتح حاصل ڪرڻ بعد هتي رهيو. ميسور پئلس جي اڳيان مهاراجا چمارا جيندر ووديار جو Statue آهي.

ڪوئم بتور (Coimbatore) 3930 ڪلوميٽر

ڪوئم بتور 15لکن کن آدمشماري وارو تامل نادر رياست جو هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي سهڻو شهر ته نٿو چئي سگهجي پر گهڻن ڪارخانن ڪري ڪجهه گندو ئي لڳي ٿو. هي شهر ڪو اهڙو خاص تاريخي نه پر Industrial شهر چئي سگهجي ٿو. تامل نادو هندستان جو بلڪل ڏاکڻو صوبو آهي جتي صحيح معنيٰ ۾ هندستان جا اصلوڪا رهاڪو دريويدئن نظر اچن ٿا، جتي گهڻو ڪري هر هڪ Vegetranian (ڀاڄيون کائڻ وارو) آهي ۽ گوشت کائيندڙ آرين جو نه برابر اثر رهيو آهي. ويندي انگريز حڪومت جو به هنن ڏاکڻن علائقن تي گهٽ اثر رهيو جيتوڻيڪ هندستان تي قبضو ڪرڻ وقت انگريزن جو اوائلي قبضو مدراس (جيڪو شهر هاڻ چينائي سڏجي ٿو) تي رهيو.

سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي انڊين آهن انهن ۾ نوي سيڪڙو انڊين هن صوبي تامل نادو جا آهن. هونءَ به سنگاپور سالن تائين مدراس پريزيڊنسي سان ائين ڳنيڍيل هو جيئن سنڌ بمبئيءَ سان مدراس اڄ به انڊيا جو چوٿين نمبر تي وڏو شهر آهي.

ڪوئم بتور نويل نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس اصل تامل نالو ڪووائي (Kovai) آهي پر انگريزن پنهنجي سهوليت خاطر ڪوئم بتور رکيو. هي شهر ڪارخانن کان خاص ڪري ٽيڪسٽائيل کان مشهور آهي، شهر ۾ جتي ڪٿي ڪپڙي جا دڪان ۽ درزي نظر ايندا. هن شهر کي ڏکڻ هندستان جو مانچسٽر به سڏين ٿا. هي ڪو اهڙو شهر ناهي جنهن ۾ هلي ملي گهمڻ لاءِ اچجي. ان کان ته اوسي پاسي وارا شهر مدراس، فرينچ ڪالوني پانڊيچيري يا ڏکڻ انڊيا جو پراڻي کان پراڻو شهر مدورائي ڏسجي جيڪو مندرن کان مشهور آهي جيتوڻيڪ بقول هڪ يورپي ٽوئرسٽ جي:

(Madurai is an animated city packed with pilgrims, beggers, business people, bullock carts and legions of underemployed rickshaw wallas.)

ٿيرو وانن ٿاپورم 4110 ڪلوميٽر

ڏکڻ هندستان جي آبهوا بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ملائيشيا وانگر سڄو سال جهڙ ڦڙ ۽ مينهن مينهوڳي لڳو پيو آهي. انڊيا جون ٻه رياستون هندستان جي ڏاکڻي ڪنڊ ٺاهين ٿيون. هڪ تامل ناڊو جيڪا بلڪل هيٺ تري تائين هليو وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو ڪجهه حصو جيڪو Gulf of manar  سڏجي ٿو ۽ پوءِ سريلنڪا ٻيٽ آهي. ڪن هنڌن تي ته سمنڊ ايڏو تانگهو آهي جو جهاز بدران ننڍڙيون ٻيڙيون ئي هلي سگهن ٿيون. جن ذريعي ڏکڻ هندستان جا ماڻهو (خاص ڪري تامل ناڊو رياست جا) مشڪل وقت اچڻ تي يا روزگار جي ڳولا ۾، هيٺ سريلنڪا ويندا رهيا آهن جتان پوءِ وڏن ٻيڙن ۾ ملايا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ديسن ڏي. تامل ناڊو جي کاٻي پاسي اولهه ۾ سامونڊي ڪناري ۽ ساڻس مليل سرسبز پٽي ڪيرالا Kerala رياست آهي جتي جي ماڻهن جا منهن مهانڊا ۽ جسامت پڻ تامل ڳالهائڻ واري رياست تامل ناڊو جي ماڻهن جهڙا آهن. سريلنڪا جهڙي آبهوا هجڻ ڪري هتي به انب، انناس، کاڄا، ناريلن جا وڻ ۽ سارين جي پوک عام نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ جيڪو سنڌڙي انب آيو آهي اهو پڻ اصل ۾ هتي جو آهي ۽ تامل ناڊو جي شهر مدراس جي نالي سان مدارس الفونسو سڏجي ٿو. سڄي ڪيرالا رياست ۾ مليالم زبان ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا ڀر وارين رياستن جي زبانن تامل، ڪانڊا، تيلگو وغيره سان گهڻو ملي ٿي. ٿيرو وانن ٿاپورم هن رياست ڪيرالا جي گاديءَ جو شهر آهي. منهنجي خيال ۾ هن کان ڏکئي ۽ وڏي نالي واور ڪو شهر گهٽ ۾ گهٽ انڊيا ۾ نه هوندو، جنهن ۾ الفابيٽ جا ارڙهن اکر  (THIRUV ANANTHAPURAM) اچن ۽ جيڪو اسان انڊين پاڪستانين کان نٿو اچاريو ٿئي سو انگريزن لاءِ پڪ ڏکيو ثابت ٿيو هوندو، تڏهن ته هنن هن شهر جو به ڪلڪتي، بنارس ۽ بڙودا وانگر  پنهنجو نالو تري وندرم (Trivandrum) رکيو ۽ ٻيو نه انگريزي لفظ ٽراءِ، وئن ۽ ڊرم ياد ڪري هن شهر جي اسپيلنگ لکي وٺندا هئا. بهرحال هن نانگ جهڙي ڊگهي مليالم ۽ تامل زبان جي لفظ جي معنيٰ ”پاڪ نانگ جو شهر“ آهي. (تنهن جي ته معنيٰ ته هي هڪ لفظ ناهي. پوءِ ان حساب سان ته اسان جي سنڌ صوبي جا ڪيترا شهر ڌارين لاءِ اچارڻ ۾ ڏکيا ٿي سگهن ٿا جيئن ڇلگريون، ڍينگاڻو بوزدار، ٽنڊومستي خان، ڳوٺ بخشو لغاري وغيره.)

هندستان جا هي پاسا ڏسڻ لاءِ گهڻو ڪري ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ رهندڙ انڊين ئي اچن ٿا جن جا هم زبان مائٽ آهن، هو ڌرمي تيرٿن لاءِ اچن ٿا، هو هتي جي کاڌن ۽ رسم و رواجن کان واقف آهن باقي يورپ، آمريڪا توڙي پاڪستان، ايران ۽ بنگلاديش جو ماڻهو هن پاسي ڪو ورلي ايندو. ڪو بنگالي يا ايراني ماڻهو هندي ۽ اردو ته سمجهي ويندو پر ڏکڻ هندستان جون هي زبانون نه سمجهي سگهندو نه مرچ مسالن واريون داليون ۽ ڀاڄيون کائي سگهندو.

ڪنيا ڪماري 4200 ڪلوميٽر

هندستان ملڪ جو مٿيون اتر وارو حصو ويڪرو آهي بلڪه پاسي کان بنگلاديش، برما ۽ پاڪستان ايران ملي وڌيڪ ويڪرو ڪن ٿا. پر هيٺ ڏکڻ ۾ ساڻس ٻيا ملڪ ته نٿا ملن بلڪه پاڻ به سنهو ٿيو وڃي ۽ چوڌاري سمنڊ گهيريو وڃيس. هندستان جي ان هيٺاهين ڇيڙي جو آخري وڏو شهر ڏٺو وڃي ته اهو تامل ناڊو رياست جو شهر ڪنيا ڪماري آهي. ڪو واندو آهي، انڊيا گهمڻ لاءِ ٻن ٽن مهينن لاءِ آيو آهي ته هو منزلون جهاڳيندو يعني مختلف شهرن مان ٿيندو انڊيا جي هن پچڙي واري شهر ڪنيا ڪماري ۾ باءِ پاس يا باءِ ٽرين هتان کان ويجهي شهر ٽريوندرم (ٿيرو ونن ٿاپورام) کان ٻن ڪلاڪن ۾ پهچي سگهي ٿو، جتان روزانو شام جو پنجين بجي ريل ڇٽي ٿي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ فقط ٽيهه روپيا آهي. توهان کي ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪهڙي ايئرڪنڊيشنڊ دٻي جي ضرورت آهي جڏهن ته هن پاسي موسم به جهڙالي آهي ۽ چوڌاري چهچ ساوڪ آهي. کليل دريءَ مان نظارو ڪندا اچو. ڪنيا ڪماري شهر اچڻ تي نه فقط سامهون سمنڊ آهي پر ساڄي ۽ کاٻي پڻ. هتي پهچي توهان Feeling مان لطف وٺي سگهو ٿا ته هي نه فقط انڊيا جو بلڪ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هماليه، جلبن، وچ ايشيا ۽ چين جو ڏاکڻو ڇيڙو آهي جتي توهان جي پٺ کان علاوه چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي.

(ڪنيا ڪماري آدمشاري جي حساب سان راڻيپور يا گمبٽ کان به ننڍو شهر آهي. ساوڪ، وڻن، ٽڻن، چوڌاري سمنڊ ۽ ماڻهن جي سانتيڪي زندگي مان سريلنڪا يا ملائيشيا جو شهر لڳي ٿو). هن شهر کي مڪاني توڙي ڌاريان Land`s end of India به سڏين ٿا. جيئن آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي پوڇڙ Cape of Good Hope وٽ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ ملي ٿو تيئن هتي ڪنيا ڪماري شهر وٽ خليج  بنگال ۽ عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ سان ملن ٿا، چائترا پورنما (چوڏهين جي چنڊ واري ڏينهن جو تامل زبان ۾ نالو) جي تهوار تي، جيڪو اپريل جي مهيني ۾ ٿئي ٿو، هن شهر جي سامونڊي ڪناري تي بيهي هڪ ئي وقت سمنڊ ۾ سج کي لهندي ۽ چنڊ کي سمنڊ مان ٻاهر نڪرندي (اڀرندي) جو لطف وٺي سگهجي ٿو. هن شهر ڪنيا ڪماريءَ ۾ هندو ڌرم جا ماڻهو تيرٿ لاءِ پڻ اچن ٿا جو هي شهر هندن جي ديوي ڪنيا (ڪنواري) جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. ڪنيا ديوي شو ديوتا جي زال جي اوتار (Incarnation) آهي.

ڪنيا ڪماري ننڍڙو شهر آهي. منجهس رهائش جون جام جايون آهن ۽ سستيون پڻ جن کي ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. بهرحال اهي ڪجهه هن ريت آهن: گوبي نيواس لاج، هوٽل ساگر، TTDC يوٿ هاسٽل، ريلوي اسٽيشن تي ريلوي ريٽائرنگ رومس، ووڪاس ٽوئرسٽ هوٽل، مانيڪ خان ٽوئرسٽ هوم، ڪيرالا هائوس، هوٽل تامل ناڊو ۽ هوٽل سمودرا. گهڻو ڪري سڀني هوٽلن جي درين مان سمنڊ جو نظارو ٿي سگهي ٿو. چڪن ڪارنر جهڙيون ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن جتي چڪن ملي سگهي ٿو باقي ڏکڻ هندستان جي ٻين شهرن وانگر هتي به رڳو ڀاڄين ۽ دالين جون ريسٽورنٽون آهن. ڳائي يا ٻاڪري گوشت جو ته ڪو سوچي به نه.

هن شهر ڪنيا ڪماري ۾ پهچڻ لاءِ بمبئيءَ کان به روزانو ”ڪنيا ڪماري ايڪسپريس“ نالي ريل گاڏي نڪري ٿي جيڪا 48 ڪلاڪن بعد ڪنيا ڪماري پهچي ٿي. بمبئيءَ کان ڪنيا ڪماري ٽرين رستي سڌو مفاصلو 2200 ڪلوميٽر  آهي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ چار سؤ روپيا کن آهي ۽ فرسٽ ڪلاس جي 1600 روپيا. ٽرين رستي ڊگهي سفر ڪرڻ جي شوقينن لاءِ همساگر ايڪسپريس ٽرين صحيح آهي. جيڪا اتر (جمون ڪشمير) جي شهر جمون تاوي مان هفتي ۾ هڪ نڪري ٿي، 75 ڪلاڪن (يعني ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين) جي لڳاتار هلڻ بعد چار هزار کن ڪلوميٽرن جو سفر پورو ڪري ڪنيا ڪماري پهچي ٿي.

Eat Here and Get Gas

دهليءَ ۾ دودي اوڏ سان گڏ هڪ ڏينهن انڊيا گيٽ وٽان آٽو رڪشا ۾ چڙهي، شاجهان روڊ وٺي صفدر جنگ جو مقبرو ڏسڻ پئي وياسين. تاج محل هوٽل واري چؤواٽي وٽ جتان پوءِ اڳتي پرٿوي راج روڊ شروع ٿئي ٿو ۽ ساڄي پاسي کان اورنگرزيب روڊ به اچيو ان چؤواٽي سان ملي، اتي سگنل ڪري اسان جي رڪشا ترسي ته سامهون لڳل وڏي بورڊ ڏي اشارو ڪريمچيم ”اهو اسان جي موت جي Call لاءِ اشتهار آهي.“

دودو آهستي آهستي ڪري بورڊ تي انگريزيءَ ۾ لکيل اشتهار پڙهڻ لڳو: ”دشمن کي تباهه ڪرڻ لاءِ اسان کي توهان جهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي.“

”ڇا مطلب؟“ ايترو پڙهي دودي پڇيو.

”اڳتي پڙهه،“ مون چيومانس، ”آرمي سليڪشن بورڊ طرفان آهي، يعني انڊيا جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ هنن پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي انٽريو لاءِ گهرايو آهي.“

”سو؟“ دودي کي اڃا به ڳالهه سمجهه ۾ نه آهي.

”سو ڇا؟ منهنجو مطلب آهي ته اهي دشمن ٿياسين اسين پاڪستاني جن کي تباهه ڪرڻ لاءِ هي بندوبست ڪري رهيا آهن. انڊيا جو ٻيو ڪهڙو دشمن ٿيو، ٻيا پاڙيسيري ملڪ بنگلاديش، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، برما وغيره پنهنجي ساهه ۾ پيا پريشان ٿين، اتر واري پهلوان پاڙيسيري چين  سان سياڻو انڊيا ڪڏهن به نه ڦٽائيندو ۽ ڪڏهوڪو ”هندي چين، ڀائي ڀائي“ جو نعرو هڪ دفعو وري هن هڻڻ  شروع ڪيو آهي ته جيئن سڀاڻي وقت اچڻ تي هو پاڪستان کي کلا ٺوڪي ته چين وچ ۾ نه اچي.“

دودو، منهنجي هن ڪجهه سچ ڪجهه چرچي تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

 

ڪالهه شام جو دهليءَ جي ديش بندو ڪاليج جي ڀرواري سک فوٽو گرافر کان پنهنجا فوٽو کڻڻ ويس ته هو پنهنجي ڪنهن دوست سان ڳالهين ۾ مشغول هو. سندس دوست اڄڪلهه هتي انڊيا ۾ هلندڙ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسي ان وقت دهلي پهتو هو ۽ اسان واري سک فوٽو گرافر کي ڪرڪيٽ جو اکين ڏٺو احوال پئي ٻڌائين. مون سمجهيو ڪرڪيٽ ڏسڻ ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جو Craze فقط اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ آهي پر اوترو ئي هتي انڊيا ۾ آهي. ٽي ويءَ تي جتي ڪٿي ڪرڪيٽ پئي هلي. ڪو ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هر هڪ جون اکيون ٽي ويءَ ۾ کتل آهن.

آئون جيئن پنهنجن خيالن ۾ هن سک جي دڪان تي پهتس ته هو پنهنجن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو. ”هي اسان جا ذليل رانديگر اسان کي ڪنهن جي اڳيان منهن کڻڻ نه ڏيندا.“ مون کي ان وقت اهو لڳو ئي ڪونه ته ڪو آئون انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ آهيان. بلڪه مون کي لڳو ڄڻ آئون ڪراچيءَ ۾ هجان ۽ ”سردار جي“ جي رانديگرن بابت شڪايت ٻڌي منهنجي دل مان به هڪ واري يڪدم نڪتو ته ”اها ته ڳالهه آهي، اسان جا ڪرڪيٽ پليئر موچڙن جا لائق آهن...“ پر پوءِ يڪدم هوش ٺڪاڻي اچي ويا ته آئون ٻئي ملڪ ۾ آهيان ۽ ان ملڪ جو ڪو هن هلندڙ ڪرڪيٽ ميچ بابت ڏک ڪري رهيو آهي معنيٰ منهنجي لاءِ خوشيءَ جو مقام هجڻ کپي. ڇو جو هن جي هار معنيٰ منهنجي سوڀ. ۽ پوءِ ٿوري  دير لاءِ مون ۾ اهو ٽانءُ اچي ويو جيڪو سرگس مهل گهوٽ جي پيءُ کي هوندو آهي. هونءَ جو مون کي فوٽو وٺڻ جي جلدي هئي، رڪشا جنهن مان لٿو هوس اها منهنجي منتظر هئي ۽ آئون هڪ منٽ لاءِ به ترسڻ لاءِ تيار نه هوس سو پاسيرو ٿي سڪون سان بيهي سردارجي ۽ سندس دوست جون ڳالهيون ائين ٻڌڻ لڳس جيئن ڪو پنهنجي تعريف پاڙي جي زال واتان ٻڌي جيڪا پنهنجي مڙس کي ذليل ڪرڻ لاءِ ان کي ٻڌائي رهي هجي. ۽ پوءِ جڏهن ڪجهه ”هئو مئو“ ٽريو ۽ ٻئي ڄڻا ٿڌا ٿيا ته آئون پاسي واري ريڪ ۾ فوٽو البم ڏسڻ ڇڏي سردارجي جي سامهون اچي بيٺس ۽ نئون ٿي سردارجي کان ڪرڪيٽ ميچ جو پڇڻ لڳس. هو هڪ دفعو وري پنهنجن رانديگرن کي گاريون ڏيڻ ۾ شروع ٿي ويو. مون به شايد اهوئي ٻڌڻ ٿي چاهيو. بعد ۾ هوٽل تي پهچي سوچيم ته اهو مون ڪيڏو وڏو گناهه جو ڪم ڪيو، سردارجي شريف ماڻهو ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته منهنجي مڪاري ۽ لچائيءَ کي سمجهي چئي ڏئي ها ته ها ادا اسان جا ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر واقعي ذليل آهن پر توهان جي پاڪستاني بي غيرت رانديگرن جو ته ڪو حد ۽ حساب ناهي. هو مڙيئي ڪالهه واري ون ڊي ميچ ڪنهن نموني سان کٽي ويا نه ته کين چند نوٽ ڏيکاري ڪا رنڊي کنڊي سندن ڪمري تي پهچاءِ ته ميچ ته ڇا هڪ ڏينهن اڳ واري پريڪٽس جو به ڪارو منهن ڪريو ڇڏين.

انڊين فلمن يا ڊرامن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان کي ياد ڪيو وڃي ٿو پوءِ ڪڏهن خراب Sense ۾ ته ڪڏهن نارمل خيال کان. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هڪ همراه، ڍڳين جي ڪري هتي جي وڏن شهرن ۾ جيڪي ٽريفڪ جام جا مسئلا ٿين ٿا ان لاءِ ٻڌايو ته ”اسان ڍڳين کي نه ڪهي سگهون ٿا ۽ نه رستي تان هٽائڻ لاءِ کين ڏنڊا هڻي سگهون ٿا پوءِ انهن پوڙهين ۽ غير ضروري ڍڳين مان جان ڇڏائڻ لاءِ ۽ انهن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ انهن کي بارڊر  جي ٻئي پار (يعني پاڪستان) ڪريو ڇڏيون جڏانهن جيڪو هڪ وار ويو آهي سو وري سلامت نه موٽيو آهي چاهي انسان هجي.“ هن جو اسان جي ملڪ ۾ هنگامن، گوڙ گهمسانن ۽ بم ڦاٽڻ ۽ Lawlessness ڏي اشارو هو.

هڪ انڊين فلم ”مين هونا“ ڏٺم ان ۾ هيرو پنهنجي محبوبه کي ڪٿي ماني کائڻ جي دعوت ٿو ڏئي، هن جي انڪار ڪرڻ تي هيرو چويس ٿو ”نه اچ، تنهنجي نه اچڻ تي ڪهڙو پاڪستان هندستان تي حملو ڪندو.“

انڊين هڪ فلم ”آمدني اڻهني خرچه روپيه“ ۾ جاني ليور زال کي چوي ٿو ته ڳالهائين ائين ٿي ڄڻ پاڙيسري ملڪ ۾ بم ڦاٽي رهيا آهن.

انڊيا جي هڪ چينل تان (شايد Sony تان) ڪرائيم پيٽرول نالي هڪ ڏوهن جي سلسلي ۾ هفتيوار پروگرام ايندو آهي ته ڏوهن پٺيان اصل ڳالهه ڇا آهي، ڇو ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪيئن روڪي سگهجن، ان سلسلي ۾ هن هفتي ڏيکاريائون ته ٻه اسڪولي ٻار پنهنجي ٽي ڪلاس ميٽ دوست کي پهرين جي ٺاهيل پروگرام موجب اغوا ڪري سندس امير پيءُ کان پئسا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پئسن ملڻ ۾ دير ٿيڻ ۽ جيئن هنن سوچيو هو ائين مطلب پورو نه ٿيندو ڏسي هو پريشان ٿيو ٿا وڃن ۽ پنهنجي ٽي دوست کي هيڏانهن هوڏانهن لڪائڻ ۽ پوليس جي ڊپ کان سڄي ڳالهه مٽائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي اغوا ڪيل دوست کي ماريو ٿا رکن. ڇوڪرا جهلجيو ٿا پون، هنن کان جڏهن هن سڄي ڪٿا جو سبب پڇيائون ته ٻنهي ساڳي ڳالهه ڪئي ته هنن ٽنهي دوستن پلان ٺاهي امير دوست جي پيءُ مان پئسا ٿي ڪڍيا جن جي هنن کي سخت ضرورت هئي.

”توهان انهن پئسن جو ڇا ٿي ڪرڻ چاهيو.“ هنن کان پڇيو ويو.

”اسان پاڪستان وڃي پرويز مشرف کي مارڻ ٿي چاهيو جيڪو انڊيا دهشتگرد ٿو موڪلي.“

بهرحال هن ڪهاڻيءَ ۾ ٽي وي وارن جو مقصد پاڪستان جي عوام يا حڪومت کي ذليل ڪرڻ نه هو جو پروگرام جي آخر ۾  هنن پنهنجي عوام کي اها اپيل ڪئي ته پنهنجن ٻارن اڳيان ڪنهن به ملڪ يا مذهب جي ماڻهن خلاف نه ڳالهايو جو هنن جي ڪچي ذهن ۾ ٻي لاءِ اجائي نفرت پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي ليول تي غلط قدم کڻيو ويهن ٿا، جيڪا ڳالهه مائٽن توڙي ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي.

انڊيا جي هر شهر ۾ مرد پتلونون پائين ٿا ۽ جتي ڪٿي هر ڪو انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ تعليم آهي. نه فقط اها عام آهي پر ان جو معيار به بلند آهي، ڪٿي ڪٿي مڙيئي ڪنهن دڪان، هوٽل يا رستي تي ڪو اهڙو کل جوڳو  غلط انگريزيءَ وارو اشتهار نظر اچيو وڃي جيڪو ڌارين لاءِ دلچسپي جو باعث ثابت ٿئي ٿو.

دهليءَ جي ڪارول باغ واري علائقي ۾ چينا چوڪ وٽ هڪ حجام جي دڪان ٻاهران لکيل بورڊ:

We need your heads to run our business.

۽ هڪ ٻئي حجام جي دڪان ٻاهران لڳل نوٽيس:

Hair cut for RS.2.

Children for Rs.15

بڙودا ريلوي اسٽيشن تي بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙن جي چتاءَ  لاءِ لڳل پوسٽر:

Aana free, jana free

Pakdhe gaye to khana free

(آنا فري، جانا فري، پکڙي گئي تو کهانا فري).

انڊيا ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر پيئڻ جو پاڻي جتي ڪٿي صحيح ناهي. ڌارين ملڪن کان ايندڙن کي ته خاص طرح خبردار ڪيو وڃي ٿو ته اهو پاڻي پيو جنهن جي پڪ هجناو ته اهو صحيح آهي. دهليءَ کان هردوار ويندي رستي تي هڪ هوٽل  تي چانهه پيتيسين جنهن جي مالڪ گراهڪن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته هن جي هوٽل جو پاڻي خراب ناهي، هوٽل جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ لکرائي ڇڏيو آهي:

All drinking water in this establishment has been personally passed by the manager.

انڊيا ۾ هر سال مختلف ملڪن جا لکين ٽوئرسٽ اچن ٿا ۽ روزانو هزارين ٽوئرسٽ بسين، ڪارين ۽ لگزري ڪوچن ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر سفر ڪندا رهن ٿا. رستي تي ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي هوٽل وارن پنهنجي هوٽل ڏي ماڻهن کي ڇڪڻ لاءِ هوٽل سان گڏ سووينئر شاپ، Toilets ويندي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪمرا ٺاهي ڇڏيا آهن جيئن ڪار هلائيندڙ ٽيهه چاليهه روپيا کن ڏيئي ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪمري ۾ آرام ڪري پوءِ اڳتي جي سفر لاءِ روانا ٿين. ڪن هوٽلن ۽ پيٽرول پمپ (گيس اسٽيشن) وارن هڪ ٻئي جي فائدي لاءِ پيٽرول پمپ ۽ هوٽل گڏ گڏ کولي آهي جيئن بس ڊرائيور اتي ئي پيٽرول وجهرائي ۽ مسافرتيسين ماني کائي وٺن. هڪ اهڙي CNG گيس اسٽيشن پمپ جي ٻاهران لڳل وڏو بورڊ:

Eat here and get gas.

 هاءِ وري ڪچرو نه اڇلڻ لاءِ تنبيهه ته ڪچرو نه اڇلايو نه ته ڏنڊو ڏيڻو پوندو.

Fine for Littering

پر ڪا Punctuation Mark نه ڏيڻ ڪري ان جو مطلب ته هي به ٿيو ته هي جاءِ ڪچري اڇلڻ لاءِ بهترين آهي.

ڪن هنڌن تي ڄاڻي واڻي مزاحيه بورڊ ۽ نوٽ لڳايا ويا آهن جيئن هڪ Appliance Shop (جنهن ۾ واشنگ مشينون وڪامي رهيون هيون) ۾ ٻاهر لکيل آهي:

Dont kill your Wife.

Let Our washing Machines do the dirty work.

پر پڪ هي ٻه نوٽيس ڄاڻي واڻي مزاحيه Sense ڪڍڻ لاءِ نه لکيا ويا آهن بلڪه دڪان جي مالڪ پنهنجي پر ۾ پنهنجي قابل انگريزيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، انهن مان هڪ دهلي جي خان بازار ۾ ڏٺم جتي قميصن جي دڪان ٻاهران مالڪ سورهين ۽ سترهين نمبر جي ڪالر وارين قميصن جي گذريل هفتي Sale لڳائي هئي.

Wonderful Bargains for

Men with 16 and 17 necks.

۽ ٻيو هي اشتهار هڪ جنرل اسٽور جي ٻاهران دريءَ تي چنبڙيل هو:

Why go elso where to be cheated, When you can cones here.

هن جملي جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون: ”جڏهن توهان هتي اچي سگهو ٿا ته پوءِ ٻين هنڌان ڇو ٿا وڃي پاڻ ڦرايو.“

اسان سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ اوڏ ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو ته ڪياماڙي جي هڪ اسپتال (جنهن ۾ هوءَ هائوس سرجن آهي) مئٽرنٽي وارڊ جي ٻاهران لکيل آهي: No Children Allowed ۽ سندن گائني پروفيسر جي آفيس جي ٻاهران (جنهن جو ڊور بيل گذريل ڇهن مهينن کان خراب ٿيل آهي) بيل جو بٽڻ دٻائي اندران سڏ جو انتظار ڪرڻ بدران در کي کولي اچڻ لاءِ در تي مارڪر سان لکيل آهي:

Push. Push. Push.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org