رستي تي ماڻهن کي گوڏين، شلوار قميصن، پنجامن، ڄار
وارين ۽ قراقلي ٽوپنين ۾ ڏسي سمجهي ويس ته مسلمانن
جي رهائش جو ڪو علائقو اچي ويو آهي ٿي سگهي ٿو اتي
ئي نطام الدين اولياء جي درگاهه هجي. منهنجي ڳالهه
صحيح نڪتي جو ان ئي وقت ڊرائيور اعلان ڪيو ”بس سر
پهنچ گئي“ ۽ پوءِ مين روڊ تان سائيڊ روڊ تي آيو ۽
پوءِ سائيڊ روڊ تان برانچ روڊ تي، پاسن کان جايون
جاين سان مليل، جاين مٿان ڦڏيون سڏيون ماڙيون ٺهيل
جتي ڪٿي انڪروچ مينٽ ۽ برانچ روڊ تان کاٻي ساڄي
ويندڙ گهٽيون، گهٽين مان گهٽيون ۽ وڌيڪ انڪروچ
مينٽ ۽ وڌيڪ ماڻهو، مرد عورتون، زالون، ٻار،
مڪاني، ٿيلهن ۽ هڙن سان گڏ پرديسي، وڏن دڪانن ۽
هوٽلن بعد هاڻ ننڍا ننڍا دڪان ۽ ننڍيون هوٽلون، هر
دڪان ڪاٺ جي تختن ذريعي يا ڪنهن نموني سان رستي تي
ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾، ويتر گهٽيون سوڙهيون ٿينديون
ويون. تيئن تيئن عوام جي پيهه پيهان، ڄڻ گهٽين جا
ٽوپا اڊوڙي ٻاهر نڪري ايندا. رڪشا وري منهنجي
سهولت لاءِ رڪشا کي اڃا اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن
درگاهه تائين باقي پنڌ مون کي گهٽ ڪرڻو پوي پر
پوءِ هڪ سوڙهي چوراهي وٽ ڪتابن ۽ مٺائي واري دڪان
اڳيان بيهي رهيو.
”سر! هاڻ توهان کي پنڌ وڃڻو پوندو.“ هن چيو.
آئون ڪئميرا، ڪاپي پين ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بوتل
کڻي هيٺ لٿس، ڀرسان هوٽل هئي جنهن جي اڳيان ٻن
وڏين ديڳين ۾ ڪجهه رڌجي رهيو هو. انهن جي پويان
بيٺل علاؤالدين جي جن جهڙي ٿلهي ۽ پٺن اگهاڙي
بورچيءَ وڏو لوهي چمچو اهڙو زور سان ديڳ تي هنيو
جو مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هن منهنجو ئي ڌيان ڇڪائڻ
چاهيو ٿي جو پوءِ يڪدم اهو چمچمو منهنجي منهن
اڳيان ڪري زور سان چيو: ”فقيرن جي خيرات لاءِ ديڳ
حاضر آهي.“
مون کي ان بورچيءَ جي نه شڪل وڻي ۽ نه سندس اهو
ڇرڪائي ڏوئيءَ جهڙو چممو منهنجي منهن اڳيان جهلي
ڳالهائڻ جو انداز. آئون چڙ مان اکيون ڦاڙي هن کي
گهورڻ لڳس ته هڪ ٻئي لنگهندڙ همراهه هڪ رسيدن جي
بندي منهنجي اکين اڳيان لوڏي پڇيو ته ڪيترين
غريبن جي لنگر جون پرچيون ڪٽيان.
”هي آهي ڇا! ائين
Aggressive طريقي
سان خيرات گهربو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، هي
ته ڄڻ گن پوائنٽ تي ڦر ڪرڻي ٿي.“
مون پٺن اگهاڙي بورچيءَ کي ڇڏي هن نئين پيدا ٿيل
فئنٽومس کي ڪاوڙ مان ڏٺو. بورچي وري ديڳ تي چمچو
هڻي ٻين ايندڙن جي منهن ۾ ذري گهٽ هڻندي هنن جو
ڌيان ڇڪائڻ لڳو. مون ٻنهي کي ڇڏي اڳتي وڌڻ کي
ڪئي. پاجامن ۾ هندستان ۾ رهندڙ مسلمان، شلوار قميص
۾ پاڪستان جي پنجاب ۽ سرحد جا پنجابي ۽ پٺاڻ
مسلمان، هندستان جي جمون ۽ ڪشمير جا مسلمان مرد
توڙي عورتون وڏي عقيدت سان ان سوڙهي گهٽيءَ مان
اچي وڃي رهيا هئا. آئون اڳتي وڌندو رهيس. ٿوري دير
اڳ مين روڊ
(Mathura Road) تان
لنگهندي مون سوچيو به نه هو ته ساڄي پاسي دهليءَ
جي هن قديم ترين بستي جنهن جو اصل نالو ڳوٺ غياث
پور هو پر هاڻ درگاهه نظام الدين اولياء جي نالي
سان سڏجي ٿي، ان ۾ ماڻهن ۽ دڪانن جي ايڏي پيهه
پيهان هوندي.. فقيرن جا ميڙ، گهوڙيئرن
(Street Vendors)
ڳاهٽ، ٽوپيون وڪڻدڙ ٻار، تسبيحون ۽ قرآني آيتون
وڪڻدڙ... پاسي کان ڪوابن ۽ پورين پڪوڙن جا ننڍڙا
دڪان، گلن جا دڪان، مزار مٿان چاڙهڻ لاءِ پڙ وارن
جا دڪان.. هر هڪ خريد ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي.
هڪ گهٽيءَ ۾ مغلي هوٽل ”دستر خوان ڪريم“ ٿورو
اڳيان غالب اڪيڊمي، ۽ پوءِ درگاهه جي جيئن ئي
ويجهو پهچڻ ٿيو ته گل، مٺا، پتاشا، پڙ لاءِ چادرون
وڪڻندڙن جا نه فقط انيڪ دڪان پر هر دڪاندار دڪان
مان نڪري گلن جي پليٽ توهان جي نڪ اڳيان جهلي خريد
ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. گل ۽ چادر ته وٺي وڃو،
ٻه ڏينهن اڳ برلا مندر ۽ ڪالڪا مندر ٻاهران
ديوتائن ۽ ديوين جي مورتين مٿان چاڙهڻ لاءِ
چادرون، گل ۽ پتاشا وڪامندي مون تعجب پئي کاڌو ته
ڇا انهن مورتين کي سيءُ تو لڳي يا بک ٿي لڳي جو
پوڄاري انهن لاءِ چادرون، گل ۽ پتاشا ٿا کنيون
وڃن ۽ اڄ هڪ مسلمان اولياء جي ٻاهران اهي ساڳيون
شيون ڏسي تٿجب ٿو لڳيم ۽ دڪاندار ڪيڏو داداگيريءَ
سان عقيدت مندن کي اهي خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿا ڪن.
ڇا حضرت نظام الدين اولياء جي قبر کي انهن شين جي
ضرورت آهي. ڇا اهي شيون آفر ڪرڻ بنا ڪو فاتح يا قل
نٿو پڙهي سگهي. حضرت نظام الدين اولياء جن پاڻ ئي
حيات هئا ته پاڻ ڪڏهن به مادي شين کي اهميت نه
ڏنائون، پاڻ وٺڻ بدران هميشه ڏنائون.
درگاهه ۾ اندر گهڙڻ سان چوڌاري ڏٽا مٽا مجاور
ورايو وڃن جيڪي پاڻ کي هن درگاهه جا سجاده نشين ٿا
سڏرائين يعني حضرت نظام الدين اولياء جو اولالد پر
جيستائين مون کي خبر آهي ته شاهه لطيف وانگر حضرت
نظام الدين کي به ڪو اولاد ناهي بلڪه هن ته شادي
به نه ڪئي. درگاهه اندر حضرت نظام الدين اولياء ۽
سندس مريد ۽ شاگرد امير خسرو جا ڌار ڌار مقبرا
آهن. آئون نظام الدين اولياء جي مقبري ڏي وڌان ٿو
ته ڪجهه نوجوان مجاور مون کي ۽ ٻين کي جهلين ٿا.
”پهرين امير خسرو جي مقبري تي وڃجي ۽ پوءِ نظام
الدين اولياءَ جي مقبري تي ”هو اسان کي
Almost ڌڪي ٻئي طرف
ڪن ٿا. هنن جي ڳالهائڻ جي انداز ۾ اها هوا آهي ته
هو وڏا عالم آهن ڄڻ وڏي مذهبي ڳالهه پيا ٻڌائين ۽
اندر درگاهن ۾ اڃان به ٿلهي قسم جا صحتمند مجاور
صاحب ويٺا ڪچهريون ڪن جيئن ئي ڪو عقيدت مند اندر
گهڙي ٿو ته هن کان نذراني طور پئسا گهرن ٿا جنهن
جو انداز پڻ سمجهو ته گن پوائنٽ وارو آهي. ”ماڻهو
آهن ڇا!“ آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو. نه ڪم نه
ڪار، ڏٽا مٽا پکا هلايو قبر اڳيان ٿڌڪار ۾ ويٺا
ڪچهريون ڪن ماڻهن کان پئسا ۽ پڙ اوڳاڙين. ظهر
نماز جو وقت آهي اٿي وڃي نماز پڙهڻ کپين پر ويٺا
چڻا يا ڪو سڪل ميوو ڦڪين. ڇا اهو آهي اسلام. هڪ
نئين ماڻهوءَ کي هن قسم جا ماڻهو ۽ ريتون رسمون
ڪيڏو غلط Image
ڏين ٿيون. ڪيترا ماڻهو خاص ڪري عورتون قبر تي هٿ
لاهي منهن کي ملي رهيون هيون. هڪ ٻه ڄڻو ته قبر
اڳيان سجدي ۾ ڪريل هو ۽ هي مجاور ڪهن کي به جهلين
نه پيا ته هي گناهه جو ڪم آهي. ڏيڻ وارو داتا فقط
هڪ رب آهي جنهن کان گهرڻ کپي. پر هي مجاور ته ان
ڳالهه جي همت افزائي پيا ڪن جيئن هتي جي مندرن ۾
ٻاوا پيا ڪن ۽ جي اهوئي ڪجهه ڪرڻو آهي ته پوءِ
هندن کي بت پرست ڇوٿا سڏيو. اها عظيم هستي جيڪا
هتي دفن ٿيل آهي سا الله جي ڪلام، تفسير، حديث ۽
فقي جي ڄاڻو هئي هن ڪڏهن به پاڻ ائين نه ڪيو ۽ نه
هن سوچيو هوندو ته سندس وفات بعد سندس قبر جي هن
ريت پوڄا ٿيندي!
امير خسرو جي مقبري سامهون هڪ وڏو ڪاٺ جو بند ٿيل
در ”حجره قديم“ آهي جيڪو ڪڏهن صوفي فقيرن جي اچڻ ۽
قوالي جي پروگرام تي کوليو وڃي ٿو. هي قديمي ڪمرو
تيرهن صديءَ جي آخر ۾ ٺراهيو ويو هو، هن ڪمري جي
ٻاهرين ڀت تي اردو جي شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال جو
حضرت نظام الدين جي ساراهه ۾ چيل شعر لکيل آهي،
حضرت نظام الدين اولياء ۽ امير خسر جي مقبرن جي وچ
۾ ٻه چار ٻيون به قبرون آهن جن مان هڪ شاهجهان جي
ڌيءَ جهان آرا جي آهي ۽ هڪ محمد شاهه جي آهي.
نظام الدين اولياء جي مقبري جي ٻاهران وڏو ورانڊو
آهي جتي قوالي ٿيندي رهي ٿي جتي ان وقت ڪيترائي
عقيدت مند ان وقت رحت وٺي رهيا هئا، اولهه طرف
پڪين سرن جو جماعت خانو آهي جتي نماز پڙهي وڃي ٿي.
اهو هال نظام الدين اولياءَ جي وفات کان ڪجهه سال
پوءِ دهليءَ جي حاڪم فيروز شاهه تغلق ٺهرايو هو.
هونءَ خانقاه هتي نه هو جتي هينئر هي مقبرو آهي،
خانقاه جتي حضرت نظام اڌ صدي کان ماڻهن سان مليو،
کين تعليم ڏني، جتي سوچ ۽ فڪر ڪيو جتي عبادت ڪئي
اهو هن درگاهه کان ميل کن پري بينا نديءَ جي ڪناري
تي آهي.
بدايون کان دهلي لڏي اچڻ تي جيتوڻيڪ حضرت نظام
الدين جي عالمن، پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ وڏي عزت رهي
پر حضرت نظام کي دلي طرح سڪون نٿي رهيو، آخر چار
سال دهليءَ ۾ رهڻ بعد هو بابا فريد شڪر گنج جي ڳوٺ
ويو ۽ هن جو مريد ٿي هن کان علم پرايو.
1265ع ۾ جڏهن بابا فريد گذاري
ويو ته کين هن جو روحاني وارث بنايو ويو ۽ بابا
فريد جو چوغو، عصا (لٺ) ۽ جانماز سندن (حضرت نظام
الدين جي) حوالي ڪئي وئي.
حضرت نظام الدين پهرين قطب مينار وٽ رهڻ لڳو پر
پوءِ چون ٿا ته 1280ع ڌاري هن غيب مان آواز ٻڌ ته
غياثپور وڃي رهه. ان تي عمل ڪندي هو ڪجهه
عقيدتمندن کي پاڻ سان وٺي اچي غياثپور کان نڪتو
جتي هن يمنا (جمنا) نديءَ جي ڪناري تي هڪ سادو
خانقاهه ٺاهي اللہ جي عبادت ڪئي ۽ ماڻهن کي پيار
محبت ۾ رهڻ، صبر ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو سبق
ڏنو.
آئون فاتح پڙهي ٻاهر نڪتس. درگاهه جي منهن وٽ ٻه
معزز قداور برزگ مليا.
”ڪٿي جا آهيو؟“ مون کانئن انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”اتان جا جتي جو هي بزرگ آهي. سمجهو؟“
”جي ها. بخارا جا.“ مون وراڻيومان.
”صحيح سمجهانو. پر هينئر افغانستان ۾ رهون ٿا ۽
هتي انڊيا اچڻ تي هيڏانهن به آيا آهيون.“ هن ٻڌايو
۽ مون ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرايو، مون کي هنن جا پرسڪون
چهرا ۽ پرسڪون ڳالهائڻ جو اسٽائيل ڏاڍو وڻيو.“
ٻاهر نڪرڻ سان هڪ دفعو وري گوڙ گهمسان ۽
Aggressive Selling
جي دنيا ۾ ماڻهو اچي ويو پر خوش نصيبي سان گلن،
پتاشن ۽ پڙن (چادرن) وڪڻڻ وارا خاموش هئا فقط
هوٽلن وارا لنگر جو چندو يا فقيرن کي کارائڻ جو
چندو وٺي رهيا هئا. ها هڪ ٻن هنڌن تي قداور قسم جي
Heavy Weight
ٻڪرن سان بيٺل همراهن، لنگهڻ وقت، انهن ٻڪرن جو
منهن منهنجي هٿن ۾ هڻي مون کي بيهاريو ٿي. هنن
صدقي يا شايد عقيقي يا خيرات لاءِ ٻڪر ذبح ڪرڻ جون
خدمتون سر انجام ڏيڻ چاهيون ٿي. هر هڪ جو اهو زور
هو ته ٻڪر کي هڪ دفعو ته غور سان ڏسو ته ان جي
قيمت جي مقابلي ۾ ڪيڏو اتم آهي پر منهنجيون نظرون
ٻڪر بدران آٽو رڪشا ڊرائيور کي ڳولينديون رهيون
جيڪو منهنجي دير ڪرڻ تي پڪ موڊ آف ۾ هوندو، پر
جڏهن هو مليو ته هن خوش مزاجي جو ئي اظهار ڪيو،
مون هن سان گڏ اتي هڪ ڇاپڙا هوٽل ۾ ويهي چانهه
پيتي پوءِ هن کي اڳتي هلڻ لاءِ چيو.
حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه جي ٻاهران ان
ڇاپڙا هوٽل ۾ چانهه پيئڻ دوران اردوءَ جي رٽائرڊ
اسڪول ٽيچر عبدالرشيد سان ملاقات ٿي. هو لکنؤ کان
هتي دهلي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل هو. انگريزي ۽ اردو
سان گڏ کيس فارسي به آئي ٿي.
”امير خسرو هڪ ئي وقت هوشيار دنيادار، باڪمال صوفي
۽ عظيم شاعر هو.“ هن ٻڌايو. ”هو سپاهي به هو ته
ولي ڪامل به، شاعر به هو ته ماهر موسيقي به. عاشق
به هو ته زنده دل به.“
هن امير خسروءَ جي حضرت خواجه نظام الدين اولياء
سان پهرين ملاقات جو ٻڌايو ته امير خسرو جڏهن اٺن
سالن جو هو ته هن جي ماءُ کيس اولياء سان ملڻ لاءِ
هن جي خانقاه ڏي موڪليو. خانقاه وٽ پهچي هو يڪدم
اندر نه گهڙيو. هن نظام الدين اولياء کي آزمائڻ ٿي
چاهيو سو در وٽ ويهي هن پنهنجي منهن هي سٽون
ٺاهيون:
Tu aan Shai ke ber aiwan-e qasrat
Kabutar ger nasheenad, baaz gardead
Ghareeb-e mustamand-e der aamed
Be- yaayad and aroon, ya baaz gardad.
(تون بادشاهه آهين جنهن جي محل جي در تي،
هڪ ڪبوتر به باز ٿيو پوي.
هڪ غريب مسافر تنهنجي در تي آيو آهي،
ڇا هو اندر اچي، يا موٽي وڃي).
چون ٿا ته ان گهڙيءَ خانقاه ۾ موجود حضرت نظام
الدين پنهنجي خادم کي سڏ ڪري چيو ته ٻاهر وڃ ۽ در
وٽ ويٺل همراهه کي هي شعر ٻڌاءِ:
Be- yaayad andaroon mard-e haqeeqat
Ke ba ma yek nafas hamraaz gardad
Agar abla buvad aan mard-e naadan
Azzan raah-e ke aamad baaz gardad.
(او مرد حقيقت اندر هليو اچ
جيئن تو منهنجو همرزا ٿي سگهين
پر جي اندر اچڻ وارو همراهه بيوقوف (مرد نادان)
آهي
ته پوءِ هو جيئن آيو آهي تيئن موٽي وڃي).
اهو ٻڌي خسروءَ کي پڪ ٿي ته هو صحيح جاءِ تي پهتو
آهي.
نظام اولياء خسروءَ جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن هو
صبح پهر يمنا نديءَ جي ڪناري تي ويهي پري کان
ماڻهن کي يمنا نديءَ ۾ سنان ڪندي ۽ پوڄا ڪندي ڏسي
رهيا هئا. نظام الدين اولياء امير خسروءَ جو انهن
ڏي ڌيان ڇڪائي چيو:
هر قوم راست راهي ديني وقبله گاهي
(هر قوم جو پنهنجو دين آهي، جنهن قبلي ڏي هو منهن
ڪن ٿا).
اتفاق سان حضرت نظام الدين مٿي تي پنهني ٽوپي ٿوري
ڦڏي ڪري رکي هئي جنهن ڏي امير خسروءَ اشارو ڪندي
چيو:
من قبله راست کردم برسمت کج کلاهي
(مون پنهنجو قبلو ان ڦڏي ٽوپيءَ جي سنوت ۾ سڌو ڪيو
آهي).
ان ڇاپڙا هوٽل جي ڀت تي هنديءَ ۾ لکيل شعر هن
ماستر صاحب پڙهي ٻڌايو ته اهو پڻ امير خسروءَ جو
آهي:
”کهير پکائي جتن سي، چرخہ ديا جلا
آيا کتا کها گيا تو بيڻهي ڊهول بجا.“
1316ع ڌاري جڏهن هندستان تي خلجي گهراڻي جي حڪومت
هئي ته هن گهراڻي جي وقت جي حاڪم سلطان مبارڪ شاهه
حضرت نظام الدين اولياء کي چوائي موڪليو ته هو هر
مهيني جي آخري ڏينهن تي هن سان ملڻ ايندو ڪري.
نياپو آڻڻ واري کي اولياء ٻڌايو ته هي اسان فقيرن
جي روايت جي خلاف آهي. مقرر ڏينهن اچڻ تي اولياء
سان سندن ساٿين اندر اوريو ته بادشاهه جو چيو نه
مڃڻ تي اسان لاءِ هاڃيڪار ثابت نه ٿي پوي.
”بادشاهه مون تي سوڀ حاصل ڪري نه سگهندو جو مون
هينئر خواب ڏٺو آهي ته هڪ سڱن وارو جانور مون تي
حملو ڪرڻ لاءِ وڌي رهيو آهي، هن جي ويجهو اچڻ تي
مون هن کي سڱن کان جهلي اهڙو پٽ سان هنيو آهي جو
هو مري ويو آهي.“
۽ پوءِ جڏهن ڏينهن پورو ٿي ويو ۽ مريد پريشانيءَ
جي حالت ۾ بادشاهه طرفان ڪا مصيبت نازل ٿيڻ جو
انتظار ڪري رهيا هئا ته کين اطلاع مليو ته خسرو
خان نالي هڪ هندو مان نئين مسلمان ٿيل همراهه
مبارڪ شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
مبارڪ شاهه جي مرڻ بعد سندس ڀاءُ شهاب الدين ڪو
سال اڌ لاءِ دهليءَ جي تخت تي ويٺو ان بعد اهو
خسرو خان تخت تي ويٺو جنهن کي ان ئي سال غازي مَلڪ
قتل ڪري پاڻ تخت تي ويٺو ۽ ان غازي ملڪ هندستان ۾
تغلق گهراڻي جو بنياد رکيو ۽ پنهنجو لقب غياث
الدين تغلق رکيو. هن بادشاهه غياث الدين تغلق
چاهيو ٿي ته هن جي دهليءَ جي دوري تي نڪرڻ کان اڳ
حضرت نظام الدين اولياء غياثپور ڇڏي وڃي. اهو ٻڌي
حضرت نظام الدين کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چيو ”دهلي دور
است“ (دهلي اڃا گهڻو پري آهي) ۽ پوءِ بادشاهه جي
دهليءَ لاءِ نڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ غياث الدين
تغلق جو تغلق آباد وارو محل هن مٿان ڪري پيو ۽
بادشاهه ان هيٺان دٻجي مري ويو.
آٽو رڪشا وارو نظام الدين اولياء جي درگاهه واريون
سوڙهيون گهٽيون اڪري مين روڊ تي پهتو، رستي تي
نظام الدين اولياء واري علائقي ۾ جيڪو دهلي نمبر3
به سڏجي ٿو اوبيراءِ هوٽل جي سامهون هڪ قبرستان وٽ
لهي فوٽو ڪڍرايم. مين گيٽ وٽ لڳل بورڊ تي لکيل
آهي: ”مسجد ومدرسه حفظ القرآن.“
رڪشا وارو اڳتي هلي ٿو. مين روڊ تان کاٻي پاسي مڙي
پرانا قلعه روڊ ڏي وڃي ٿو، بورڊ تي هندي، انگريزي،
اردو ۽ گرمکي اکرن ۾ ”پرانا قلعه“ روڊ جو نالو
لکيل آهي، ٽرئفڪ ڪجهه دير ڳاڙهي سنگل اڳيان بيهي
پوءِ وڌي ٿي آيئون ڊرائيور کي ترسائي تصور ڪڍان
ٿو. ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڪرتب ڏيکاري، ڳاڙهي سنگل
ڪري بيٺل گاڏين وارن کان، خيرات گهري ٿي. خيرات ته
نه پر ڪرتب ڏيکاري وندرائڻ جو اجورو ڇو جو توهان
کي تعجب لڳندو ته انڊيا ۾ پنڻ تي بندش وڌي وئي
آهي. بندش ته اسان وٽ به آهي پر ان قانون تي عمل ۽
سختي نٿي ڪئي وڃي پر هتي جا ماڻهو اسان جي ماڻهن
کان وڌيڪ قانون جي پوئواري ڪن ٿا ۽ پوليس جهڙن
ادارن کان ڊڄن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪٿي لڪ
چوريءَ ڪو پنندو به رهي ٿو پر کلي عام نه. اهڙي ئي
هڪ فقير کي مون شروع وارن ڏينهن ۾ خيرات ڏنو ته
مون کي يڪدم ٻين واٽهڙن خبردار ڪيو ته هتي
دهليءَ توڙي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ پنڻ ڏوهه آهي ۽
پنڻ واري سان گڏ خيرات ڏيندڙ لاءِ به سزا ۽ پنج سؤ
روپيا ڏنڊ آهي ۽ پوءِ ته ان بابت چتاءُ جا ڪيترائي
اشتهار دهليءَ جي مختلف رستن تي نظر آيا. بهرحال
هاڻ هتي جا فقير سنئون سڌو پنڻ بدران ڪا شيءِ
وڪڻندا نظر اچن ٿا يا مين روڊ جي چوراهن تي مختلف
ڪرتب ڪري ڏسندڙن کان پئسا پنن ٿا. هونءَ ان قسم جا
کيل تماشا يا ننڍڙين اسٽيجن تي مزاحيه يا ڌرمي
ڊراما پڻ گهٽين گهوٽين ۾ ٿيندي نظر اچن ٿا.
رڪشا وارو مون کي دهليءَ جو مشهور لال قلعو ڏيکارڻ
لاءِ هلي رهيو هو. کاٻي پاسي ويندڙ رستو جنهن قلعي
ڏي ويو ٿي اهو پراڻو قلعو سڏجي ٿو. پراڻو قلعو
(Old Fort) تاريخ جي
ٻن بادشاهن همايون ۽ شيرشاهه سوريءَ سورهين صديءَ
جي پهرين اڌ (1535ع کان 1545ع) ۾ ٺهرايو. مغل
شهنشاهه اڪبر جي حڪومت ۾ سندس ڪورٽ جي هڪ رتن
ابوالفضل ”عين الاڪبري“ نالي ڪتاب لکيو. سورهين
صديءَ جي هن جهوني ڪتاب ۾ ابوالفضل لکيو آهي ته
جنهن هنڌ تي همايون هي قلعو (پراڻو قلعو) ٺهرايو
اهو هندستان جي هڪ جهوني شهر اندرا پراسٿا جي
Location آهي
اندرا پراسٿا (Indraprastha)
هندو ڌرم جي مشهور ڪهاڻي مهاڀارت جي هيرو پانڊوون
جي گاديءَ جو هنڌ هو. دراصل 19 هين صديءَ جي آخر
تائين هن قلعي اندر اندراپت نالي هڪ ڳوٺڙو هوندو
هو جنهن جو نالو اندارا پراسٿا سان ملي ٿو. بهرحال
ان جي اڄ تائين پڪ نه ٿي سگهي آهي ته عين الاڪبري
ڪتاب موجب اهو جهونو شهر واقعي هتي هو يا نه جنهن
جو مهاڀارت ڌرمي ڪتاب موجب اڄ کان ٽي هزار سال اڳ
هن ڌرتيءَ تي وجو هو.
هن پراڻي قلعي ۾ جيڪو هن وقت ڪافي ڊٺل حالت ۾ آهي،
اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دروازا آهن جن جا نالا هن
ريت آهن: همايون دروازو، تلاڪي دروازو ۽ بڙا (وڏو)
دروازو. قلعي اندر 1541ع جي شير شاهه جي ٺهيل مسجد
آرڪيٽيڪٽ جو ماسٽر پيس آهي. ان جي اولهه واري
اندرين ڀت ۾ اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر پٿر جا ڪمان وارا
کليل در آهن. مسجد اندر هڪ وڏي پٿر جي سلئب تي
جيڪي فارسيءَ ۾ سٽون لکيل آهن انهن جي مون واري
گائيڊ هن ريت
Translation ڪئي:
As long as there are people on this earth, may
this edrfice be frequented and people be
sheerful and happy in ii.
ان گائيڊ سان، جڏهن ٻه چار ڏينهن اڳ هي پراڻو قلعو
ڏسڻ آيو هوس ته هن، اٺ ڪنڊي مناري ڏي اشارو ڪري
ٻڌايو هو ته ان مناري تان همايون جو پير ترڪي ويو
هو ۽ ڌڪي کائڻ تي هن جو موت ٿيو. ان ڏينهن جيڪو
رڪشا ڊرائيور هو سو پڙهيل ڳڙيهل ضرو هو پر هن جون
مغلن جي هن بادشاهه همايون تي وڏيون خارون هيون
جنهن کان هن افغان بادشاهه شير شاهه سوريءَ 1540ع
۾ سوڀ کٽي ۽ همايون کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
”سر تاريخ نويسن جي ڳالهين تي گهڻو نه لڳجو.“ ان
ڊرائيور هي پراڻو قلعو گهمڻ وقت مون کي ائين چيو
ڄڻ ڪا راز جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ”سر! همايون بيوقوف
کان شيرشاهه سوري سچ ته سٺو ماڻهو هو. بس شيرشاهه
سوريءَ جي فقط اها غلطي هئي جو هو ڀلوڙ پٽ پيدا
ڪري نه سگهيو، هي قلعو شيرشاهه ئي ٺهرايو هو ۽
پوءِ جڏهن همايونءَ شيرشاهه جي مرڻ بعد سندس ڇسي
پٽ کان پنهنجي حڪومت واپس کسي ورتي ته هو پنهنجي
لاءِ ڪو ٻيو محل محلات ٺاهڻ بدران شيرشاهه جي ٺهيل
هن قلعي ۾ رهي پيو. همايونءَ اها ٻي وڏي غلطي ڪئي
جو هو بنهه سست ۽ ڪاهل ماڻهو هو. سر! سوچڻ جي
ڳالهه آهي ته همايونءَ جهڙو هٽو ڪٽو ماڻهو ڏاڪڻ
تان ڪري پوي! هو ڪو اهڙو ڪمزور يا پوڙهو ته نه
هو؟“
”پوءِ ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ مون پڇيومانس.
”سر هن کي نشو پياريو ويو هو، بلڪه هو
Drunk هو، آئون
توهان کي سچ ٿو ٻڌايان همايون Drug
Addicted هو. ۽ پوءِ
شير شاهه کڻي هن کي ڌڪو ڏنو....“
”شير شاهه!؟“ مون سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”شيرشاهه ته ان وقت تائين مري چڪو هو تڏهن ته
همايونءَ هن جي ڪاهل پٽ کان دهليءَ جي گادي واپس
کسي ورتي.“
”سر منهنجو مطلب شيرشاهه جي
Ghost (روح) سان
آهي. جيڪو ان قلعي ۾ موجود هو. همايون دماغ ۾ ڀريل
ڪيميڪل (نشي) جي زور تي سيٽيون وڄائي ڳائي رهيو هو
ته شيرشاهه جي روح کڻي هيٺ ڌڪو ڏنس. ڌڙام! بدلو
وٺي ڇڏيائينس.“
واهه جي ٿيوري ٻڌائين.... مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
ڪاش اڄ ڊاڪٽر مبارڪ جهڙو ڪو تاريخ دان مون سان گڏ
هجي ها! آئون ته رڳو جهازن ۽ انهن جي انجڻين بابت
ئي بحث ڪري سگهان ٿو.
بهرحال اڄ جو ماٺيڻو ڊرائيور هن وقت دهليءَ جي
جاميه ۽ حضرت نظام الدين اولياء جي درگاهه ڏيکارڻ
بعد مون کي لال قلعو
Red Rort ڏيکارڻ
لاءِ نيتا جي سڀاش مارگ روڊ تي وٺيو پئي هليو جنهن
روڊ جي ٻئي پاسي دهليءَ جي مشهور جامع مسجد آهي.
ٿورو کاٻي پاسي هتي جو مشحور چاندني چوڪ ۽ فتح
پوري مسجد پڻ آهي.
هونءَ ته ڏٺو وڃي ته تاريخ کان اڻ واقف ماڻهوءَ
لاءِ دهليءَ جو شهر ڌوڙ، دونهون، ماڻهن جي پيهه
پيهان، گرمي ۽ مکيون ۽ مڇر آهن، پر تاريخ جي لحاظ
کان ڏسجي ته دهليءَ جي شهر جي ڇا ته اهميت آهي. هڪ
يا ٻه بادشاهه نه پر گهراڻن جا گهراڻا هن شهر
دهليءَ ۾ رهيا ۽ هند سنڌ تي حڪومت ڪئي. مسجدون ۽
مندر ٺهرايا. قلعا ۽ باغ باغيچا ٺهرا. دهليءَ جي
شهر ۾ توهان کي قدم قدم تي تاريخ نظر ايندي.
دهليءَ جو شهر جتي ماڊرن آهي اتي قديمي به آهي.
هتي دهليءَ ۾ اچي اهو سوچيندو رهان ٿو ته دنيا جو
ٻيو ڪهڙو اهڙو شهر آهي جتي صدين تائين بادشاهت جا
سلسلا رهيا. نظام الدين اولياء ۽ امير خسرو جهرا
بزرگ ۽ شاعر رهيا، نادر شاهه ۽ منگولن جهڙا ڊاڪو ۽
ڌاڙيل آيا ۽ جيڪو شهر اڄ به اسڪولن ڪاليجن،
يونيورسٽين اسپتالن، مندرن، مسجدن ۽ ٽڪاڻن کان
مشهور آهي. دهلي اهو گاديءَ جو هنڌ آهي جتي هڪ
گهراڻي يا قوم جي حاڪمن نه پر منگولن، مغلن، ترڪن،
افغانن ويندي انگريزن حڪومت ڪئي. دهليءَ جي
مقابلي ۾ دنيا جي ڪيترن شهرن کي ڀيٽ ۾ رکان ٿو...
ٽوڪيو، سنگاپور، ڪوالالمپور، پينانگ، ڪراچي، عدن،
ڪولمبو.... اهي سڀ شهر ته دهليءَ جي اڳيان ٻار لڳن
ٿا پر لنڊن، سمرقنڌ، بخارا، تهران، قاهره جهڙا شهر
به ايترو تاريخي
Charm نٿا رکن جيترو دهليءَ جو
اتاهون مان آهي. رڪشا مختلف روڊن تان ٿيندي اچي
لال قلعي جي اڳيان بيٺي آهي. چوڌاري شهر جي عام
بسين ۽ ٽوئرسٽ بسين جا ڳاهٽ آهن ۽ انهن کي چوڌاري
وڪوڙي بيٺل آٽو رڪشائون، سائيڪل رڪشائون، ٽيڪسيون،
موٽر سائيڪلون، سائيڪلون ۽ پرائيويٽ ڪارون آهن.
فوٽ پاٿ مختلف شين وڪڻندڙن سان ڦاٽن ٿا. قلعي وٽ
بيٺل پوليس ڪنهن به گاڏي يا سائيڪل واري کي قلعي
جي ويجهو بيهڻ کان منع ڪري ٿي ان ڪري هن قلعي جو
خوبصورت نظارو پري پري تائين چٽو نظر اچي ٿو. اها
هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي ملائيشيا، سنگاپور،
انگلينڊ ۽ ٻيا ملڪ به عمل ڪن ٿا ان ڪري اتي جون
تواريخي جايون اڃا تائين سهڻي انداز ۾ نظر اچن
ٿيون ۽ اهي حيدرآباد جو قلعو يا موهن جو دڙو نه
ٿينديون وڃن.
ويجهڙائيءَ کان هندستان ٻن قانونن تي تمام سختيءَ
سان عمل ڪري رهيو آهي، هڪ ته حڪومت طرفان هر ان
وڏي عمارت ٺهرائڻ تي بندش وڌي وئي آهي ۽ بنا اجازت
اڏجندڙ هر ان عمارت کي ڊهرايو پيو وڃي جيڪا ڪنهن
تاريخي مقبري، مندر، مسجد کي آڏ ٿي ٿئي. ان سان گڏ
رستن تي انگ اگهاڙا پوسٽر لڳائڻ تي به سختي ڪئي
پئي وڃي. هنن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل جي يهودي جماعت
به ان ڳالهه تي سختي ڪئي آهي ۽ ڪيتريون بين
الاقوامي ڪمپنيون جن جا لکين روپين جا اشتهاري
پوسٽر
Bill Board اڳهين
لڳل آهن سي انهن کي لاهڻ بدران انهن ۾ ڏيکاريل
اگهاڙين عورن کي پينٽ (رنگ) ذريعي يا ڪپڙن ذريعي
ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
منهنجي خيال ۾ دهليءَ جو لال قلعو هڪ اهڙي عمارت
آهي جنهن کان هڪ تاريخ جو اڻ واقف به متاثر ٿئي
ٿو. ڇاته اتاهون خوبصورت ۽ وڏو قلعو آهي. نه فقط
تن ڏينهن جي حساب کان جڏهن ٺهيو هو پر اڄ جي حساب
سان به جڏهن عمارت سازيءَ جي ڪم لاءِ ڪيتريون ئي
ماڊرن مشينون نڪري پيون آهن ڪيترائي
Constructional Material
ايجاد ٿي چڪا آهن. لال قلعو سونهن ۽ سوڀيا جي
نشاني آهي.
ڳاڙهي پٿر ۽ سرن جو هي اتاهين. ڀتين، برجن، درين،
منارن وارو قلعو پئرا ميٽر ۾ ٻن ميلن کان به وڏو
آهي. جنهن جون ڀتيون يمنا نديءَ واري پاسي کان 18
ميٽر (يعني 40 کن فوٽ اٺ کن ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪلهن
تي بيهن ته پوءِ ان تي رسن) ۽ شهر واري پاسي کان
جتان اسين ڏسڻ وارا داخل ٿيون ٿا، اڃا به اتاهيون.
اٽڪل 33 ميٽر آهن. هي قلعو (لال قلعو) مغل شهنشاهه
1638ع ۾ ٺهرايو ۽ ڏهن سالن ۾ (1648ع ۾) ٺهي راس
ٿيو. همايون ۽ سندس پيءُ بابر جي ڏينهن ۾ ته
گاديءَ جو هنڌ دهلي هو پر پوءِ اڪبر بعد مغل
بادشاهن آگري شهر کي وڌيڪ
Prefer ڪيو. ان بعد
شاهجهان پنهنجي تخت کي دهليءَ ۾ آڻڻ چايهو جنهن
لاءِ هن نئون شهر شاهجان آباد ٻڌرايو جتي هي قلعو
به ٺهرايو. دهليءَ جي آسپاس وارا هي سڀ شهر غياث
پور کان (جتي حضرت نظام الدين اولياء خانقاه ٺاهيو
۽ درگاهه آهي) کان وٺي هي شاهجهان آباد ملي هڪ شهر
ٿي پيو آهي نه ته هي سڀ بستيون هڪ ٻئي کان ائين
پري هيون جيئن ڪراچيءَ ۾ ماريپور، کارادر،
ڪياماڙي، لالو کيت (لياقت آباد) ميمڻ ڳوٺ، ملير،
لانڍي وغيره. جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ به الگ الگ
ڳوٺن جي صورت ۾ هئا.
شاهجهان بادشاهه جو هي شهر شاهجهان آباد جنهن ۾
سمجهو ته هي لال قلعو ۽ جامع مسجد جهڙيون شيون اچي
وڃن ٿيون اڄ پراڻي دهلي جو حصو سڏجي ٿو. شاهجهان
هن قلعي تي وڏو خرچ ڪيو ۽ قلعي اندر مسجدون (موتي
مسجد) عام ۽ خاص ماڻهن سان ملاقاتن لاءِ ديوان
عام، ديوان خاص، نقار خانو، جيڪو نوبت خانو به
سڏجي ٿو. تهه خانا ۽ خوبصورت محلات ٺهرايو. ان وقت
يمنا ندي بلڪل قلعي وٽان لنگهي ٿي جنهن مان ڪئنال
قلعي اندر آيا ٿي. قلعي اندر ٺهيل ٻين محلاتن جا
اهڃاڻ اڄ به ممتاز محل، رنگ محل، خاص محل، ديوان
خاص، حمام ۽ شاهه برج جي صورت ۾ موجود آهن. شاهه
برج وٽان جيڪو پاڻيءَ جو ڪئنال نڪري محلن وٽان
لنگهيو ٿي ان کي نهر بهشت (جنت جي نهر) سڏيو ويو
ٿي.
اڄ به هن قلعي اندر ڇا بهاري ۽ سڪون آهي. قلعي ۾
اندر اچڻ کان اڳ ٻاهر گاڏين لارين جو گوڙ گهمسان ۽
ماڻهن جو هل هنگامو پر قلعي ۾ اندر اچڻ بعد لڳي ٿو
ته اهو سڀ ڪجهه لائيٽ
Years ڏور هليو ويو.
قلعي اندر عمارتون، محل محلاتون، انهن جون ڀتيون،
ڀتين تي ٿيل رنگين چٽسالي ۽ ڪاٺ جي درن توڙي پٿرن
جي محرابن تي ٿيل گل گلڪاريءَ جو ڪم موهيو رکي ۽
اهڙي هڪ پٿرائين محراب جي هيٺان ڪنهن ڪاليج يا
يونيورسٽيءَ جو شاگرد ۽ شاگردياڻي آهستي آهستي چپن
۾ ڀڻڪي رهيا آهن. ڪتاب ۽ ڪاپيون سندن هٿن ۾ آهن.
اڄ ئي آئون اهو سوچي رهيو هوس ته دهليءَ جي هن گوڙ
شور ۾ خبر ناهي پريمي مٺا ٻول هڪ ٻئي کي ڪيئن
ٻڌائي سگهندا هوندا. ٺهيو هاڻ خبر پئي ته مغلن هي
محلاتون ۽ باغ باغيچا نه فقط پنهنجي سک لاءِ
ٺهرايا پر ايندڙ نسلن جي پريمين جي
Communication))
لاءِ پڻ ڇڏي ويا آهن. آئون سندن ويجهو وڃي بيهان
ٿو پر هنن کي ڪو هوش ناهي پنهنجيءَ ۾ غرق آهن تان
جو آئون سندن تصوير ڪڍي کين ٻڌايان ٿو ته مون هي
خوبصورت محراب جي نه پر توهان جي تصوير ڪڍي آهي.
”اوه سر! توهان اجايو پنهنجو فوٽو ضايع ڪيو، اسان
۾ ڪهڙي سونهن، سونهن ته هنن عمارتن ۾ آهي.“ ڇوڪر
چيو.
”پر منهنجي خيال ۾ توهان جي موجودگيءَ ۾ هنن ۾
وڌيڪ سوڀيا اچيو وڃي.“ مون وراڻيو مان.
شاهجهان بادشاهه هيڏو خرچ ڪري پنهنجي بچاءَ لاءِ
هي شاهي قلعو ۽ سڪون سان رهڻ لاءِ هي خوبصورت محل
ٺهرايا پر افسوس جو هن کي ٻئي نصيب نه ٿي سگهيا.
هو آگري مان هتي پنهنجي نالي ٻڌرايل ڳوٺ جي هن
قلعي ۾ پوري طرح اڃا شفٽ به نه ٿيو ته سندس پٽ
اورنگزيب کيس تخت تان لاهي اوڏانهن آگري واري قلعي
۾ قيد ڪري رکيو ان بعد اورنگزيب هندستان جو
بادشاهه ٿيو ۽ دهليءَ جي هن لالا قلعي ۾ اچي رهيو.
دهليءَ مان حڪومت ڪرڻ وارن مغل بادشاهن مان
اورنگزيب پهريون ۽ آخري مشهور حاڪم ٿي رهيو.
قلعي اندر ٺهيل ديوان خاص جيڪو اڇي رنگ جي پٿر جو
ٺهيل آهي اڄ به هتي جي شان شوڪت جي شاهدي ڏئي ٿو.
جتي وقت جو حاڪم خاص ماڻهن سان ميٽنگون ڪندو هو.
هال جي وچ ۾ زبردست قسم جو تخت جيڪو ”مور تخت“
(Peacock Throne) جي نالي سان
مشهور ٿيو، رکيل هو. هي سڄو سون جو ٺهيل هو جنهن
جي پويان مور ٺهيل هئا. تخت ۾ لڳل انيڪ قيمتي
رنگين هيرن جي روشني ماڻهن کي مدهوش ڪندي هئي. اڄ
اهو تخت غائب آهي جو 1739ع ۾ نادر شاهه جيڪا
دهليءَ جي ڀينگ ڪئي ان ۾ هي تخت به ايران کڻائي
ويو. ان بعد 1760ع ۾ هن هال (ديوان خاص) جي نج
چانديءَ مان ٺهيل ڇت ڪڍي ويا سو اڄ فقط ان جاه
جلوي ۽ مال ملڪيت جو هڪ هئڊو پاڇو وڃي رهيو آهي.
البته ڀتين تي تن ڏينهن جي مشهور شاعر فردوسيءَ جو
اڪريل فارسي شعر اڄ به موجود آهي، جنهن جي معنيٰ
ڪجهه هن ريت آهي ته:
جيڪڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪو بهشت آهي
ته اهو هي آهي، اهو هي آهي، اهو هي آهي.
قلعي اندر هڪ ننڍڙي مسجد پٿرن جي ٺهيل ”موتي مسجد“
نالي پڻ آهي. هي ڍڪيل مسجد 1659ع ۾ اورنگزيب پنهني
ذاتي عبادت لاءِ ٺهرائي هئي.
شام جي وقت هن قلعي ۾ کلي ميدان تي ”سائونڊ ۽
لائيٽن“ جو شو پڻ ٿئي ٿو جنهن ۾ انڊيا جي تاريخ
ٻڌائي وڃي ٿي. ههڙا
Sound & Light شو
دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ ٿين ٿا. هي دهليءَ
وارو به ڏسڻ وٽان آهي پر بهتر اهو آهي ته هٿن،
پيرن ۽ ڪنڌ تي مڇرن کي ڀڄائڻ جي Mospel
جهڙي دوا مکي اچجي
نه ته مڇر پٽيو وڃن.
دهليءَ جي لال قلعي ۽ ان جي ٺهرائيندڙ شاهجان جي
ڳالهه ڪرڻ وقت اهو لکڻ بي محل نه ٿيندو ته ٺٽي جي
93 گنذن ۽ 33 محرابن واري مسجد به هن ئي مغل
شهنشاهه شاهجان ٺهرائي هئي ان ڪري سندس نالو
”شاهجهان مسجد“ آهي. ٺٽي جي هيءَ ”شاهجهان مسجد“
سن 1647ع ۾ هندستان جي حاڪم شاهه جهان جي حڪم سان
مير عبدالله ٺهرائي.
مغل شهنشاهه شاهجهان هن ٺٽي واري مسجد کان علاوه
ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون ٺهرايون جيڪي،
Architect جي خيال
کان اڄ به اهم آهن ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون. لاهو،
آگرا اجمير به شاهجهان جي ٺهرايل مسجدن کان مشهور
آهن. سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت دهليءَ جي جامع مسجد
آهي. جيڪا لال قلعي کان ميل کن جي پنڌ تي آهي.
”ڏس هيستائين لال قلعي تائين ته پهچي ويا آهيون.“
مون گهر ڏي واپس موٽڻ وقت رڪشا ڊرائيور کي چيو،
”هاڻ سامهون ته جامع مسجد آهي. ان لاءِ سڀاڻي وري
هن پاسي اچان ان کان بهتر آهي ته هينئر ئي
ڏيکاريندو هل.“
ڊرائيور هائوڪار ڪئي پر ڪجهه سست هائوڪار جنهن جي
سبب اڳتي هلي خبر پئي ته جامع مسجد جي آسپاس وارين
گهٽين ۾ ايڏي ٽريفڪ جام ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان رهي
ٿي جو اڌ ڪلو ميٽر جو فاصلو اسان اڌ مني ڪلاڪ ۾
پورو ڪيو. ڪجهه ڪجهه ڪراچي جي کوري گارڊن ۽
حيدرآباد جي فقير جي پڙ وارو حال هو. رستي جي ٻنهي
پاسي ننڍا ننڍا دڪان ۽ انهن اڳيان فٽ پاٿ تي
چادرون، پنا، دفتريون وڇائي شيون وڪڻندڙن جا سوين
اسٽال هئا. هتي ڪاسائين جا دڪان به عام طرح نظر
آيا جن وٽ ڪٺل ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون ٽنگيل هيون. ٻڪريءَ
جي پاون ۽ منڍيءَ جا به ڪيترائي دڪان هئا. وري
ننڍڙيون هوٽلون جن مان ڪن تي فقط چانهه وڪامي رهي
هئي ته ڪن وٽ کاڌي پيتي جا ديڳڙا هئا جن تي رکي
رکي بورچيءَ زور سان لوهي چمچو هڻي لنگهندڙن جو
ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو ٿي. اڳهين سندن هوٽلن ۾ بيرن
جون رڙيون، وڏي آواز تي اسپيڪرن مان گانن جو آواز
۽ فٽ پاٿ تي شيون وڪڻندڙن جا هوڪا ڪي گهٽ هئا جو
رکي رکي هنن بورچين لوهي چمچا ديڳڙن تي ٿي هنيا.
فٽ پاٿ تي انڊين شين کان علاوه چين جون سستيون
شيون: بيٽري سيلن کان ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪئميرائون پڻ
هيون. پانن ۽ ٻين اوزارن جا دڪان ته اهي به هڪ ٻئي
پويان جام. تسبيحن ۽ جانمازن جا دڪان ته اهي به
انيڪ. کاڌي پيتي جي شين جا، جڙين ٻوٽين ۽ تيلن جا
دڪان. سرمي ڏندڻ، گنجين، ڪڇن جا دڪان، لنڊا جو
سامان وڪڻندڙن جون رڙيون. بوٽن ۽ پرسن وڪڻندڙن جا
ڪوڪڙاٽ، رکي رکي آئون به ڪنهن هنڌ ترسي قيمت پڇڻ
لڳس ٿي هر شيءِ سستي هئي پر اسان جي آچر بازارين،
کوري گارڊن، موتن داس ۽ بولٽن مارڪيٽن ۾ وڪرو
ٿيندڙ آنهن ساڳين شين جي قيمت کان وڌيڪ هيون. مون
هنن فٽ پاٿي دڪانن مان ڪجهه تي خاص ڪري سيڪنڊ هئنڊ
ڪتابن ۽ اليڪٽرانڪ جي شين وارن تي ڪجهه دير ترسي
ڪا ڪم جي شيءِ ڏسڻ ٿي چاهي پر پٺيان مڙڻ تي
ڊرائيور کي پنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺل ڏسي پوءِ مسجد
ڏي سڌو رخ رکيم.
ڪو دهليءَ ۾ ڏينهن اڌ لاءِ اچي ته به هن کي ٻيو نه
ته هتي جو هي لال قلعو ۽ ڀر ۾ هيءَ انڊيا جي وڏي ۾
وڏي مسجد جامع مسجد (جيڪا شورع جي ڏينهن ۾ ”مسجد
جهانما“ سڏبي هئي) ضرور ڏسڻ کپي. جامع مسجد تائين
پهچڻ لاءِ هنن سستين، گوڙ شور ۽ پيهه پيهانن وارين
بازارين ۾ به مزو ايندو جو انهن ۾ نه فقط اسان
ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا پاسي جا ماڻهو به چڪر
هڻي رهيا هئا ۽ سستين ۽ عجيب قسم جي شين جي
خريداري ڪري، خوش ٿي رهيا هئا.
انڊيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي مسجد، شاهجهان بادشاهه
1650ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي جنهن تي پنج هزار کن مزور
ڇهن سالن تائين ڪم ڪندا رهيا. هن ۾ هڪ ئي وقت
پنجويهه هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. |