سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 19

دهلي کان بڙودا

ڏينهن ويندي ويرم نٿي لڳي جهڙو ڪالهه جو ڏينهن هو جو انڊيا اچڻ لاءِ پاڪستان جي بارڊر واري شهر واگها ۽ انڊيا جي بارڊر واي شهر اتاريءَ ۾ پئي پاسپورٽ تي Entry جا ٺپا هڻاياسين. ۽ هاڻ دهليءَ ۾ ٻن هفتن کان به مٿي ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ننڍپڻ جي اسڪول ميٽ ڊاڪٽر رامچند جي پٽ راجيش جي شادي به ٿي وئي. دهلي ۽ ان جي آسپاس جون ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ شهر به گهمي ورتاسين. ويندي هردوار شهر وڃي گنگا نديءَ جو ديدار به ڪري آياسين ۽ هاڻ اسان جي ٻئي اسڪول ساٿي نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ جي تاريخ ويجهي اچي وئي آهي جيڪا شادي بڙوڊا شهر ۾ ٿيڻي آهي جيڪو شهر هتان دهليءَ کان هزار کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گجرات صوبي ۾ آهي. يعني اسان کي هريانا، اترپرديش، راجستان ۽ مڌيا پرديش مان ڦرندو گجرات صوبي ۾ باءِ ٽرين پهچڻو آهي جنهن سفر لاءِ اسان جي دوست نولراءِ اوڏ انڊيا لاءِ نڪرڻ کان اڳ ٽڪيٽون خريد  ڪري سيٽون رزور ڪرائي ڇڏيون آهن. دهليءَ کان بڙودا اسان جون سيٽون پشچم ايڪسپريس (Paschim) ۾ بڪ ٿيل آهن ۽ واپسيءَ جون ”جان جٽ ايڪسپريس“ (Jan Jat) ۾. سواءِ پنج ڇهه گاڏين جي جيڪي Mail گاڏيون سڏجن ٿيون باقي سڀ ايڪسپريس  ڪوٺيون وڃن ٿيون. انڊيا آدمشماري ۽ پکيڙ جي حساب سان تمام وڏو ملڪ آهي ۽ انگريز حڪومت جيڪو ريلوي نظام انڊيا وارن حوالي ڪريا ويا ان کي هنن ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر نه فقط  Maintain ڪيو آهي پر وڌايو ۽ وڌيڪ سهڻو پڻ ڪيو آهي. ان ڪري انڊيا ۾ ريل جو سفر ڏکيو ۽ خراب سمجهڻ بدران آرامده ڪفايتي، باسلامت ۽ Enjoyable سمجهيو وڃي ٿو ۽ غريب توڙي امير پنهنجي حيثيت آهر ٽرين جي مختلف ڪلاس جي دٻن ۾ سير ڪندو رهي ٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ سؤ کن ايڪسپريس ريل گاڏيون مختلف شهرن کي ڳنڍين ٿيون ۽ ميل گاڏيون ان کان علاوه آهن.

اسان جيئن ئي انڊيا آيا آهيون ته پهرين ڏينهن کان دهلي شهر ۾ توڙي ڀر وارن شهرن آگره، لکنؤ، هردوار، اجمير وغيره آٽو رڪشا، ٽيڪسي يا بس ۾ اچون وڃون پيا يعني باءِ روڊ سفر ڪريون پيا پر باءِ ريل هاڻ برودا وڃڻ جو ئي سفر هو ان ڪري ان سفر جو آئون پهرين ڏينهن کان ئي انتظار ڪري رهيو هوس ته ڏسجي ته انڊيا جي ريل گاڏين، پليٽ فارمن، ريلوي اسٽيشن تي ٺهيل هوٽلن ۽ ڪئبن ٽائپ دڪانن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ سروس جو ڪهڙو حال آهي. انگريزن  ته ملائيشيا، سنگاپور کان بنگلاديش، پاڪستان ۽ انڊيا کي هڪ ئي قسم جون ريلوي عمارتون، ڦاٽڪ، ريلوي هوٽلون، ريل جون پٽڙيون توڙي سليپر ۽ گاڏين جون انجڻيون ۽ دٻا ڏنا. سک ۽ تامل ٽي ٽي، ريل جي پٽڙين  ۽ گاڏين جي مرمت ڪرڻ وارا، هندو سنڌي ۽ گجراتي ڪئشير ۽ اسٽور ڪيپر ڏنا، پنجابي ۽ پٺاڻ ريلوي  پوليس طور رکيا جيئن هي نظام سلامتيءَ سان ۽ Smoothly هلندو رهي. انگريزن  جي وڃڻ بعد ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته پنهنجي ريل گاڏين ۽ انهن جي سروس کي يورپ وانگر عاليشان ۽ Efficient بنائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سواري ڪرڻ سزا نه پر Luxury  آهي جيتوڻيڪ هنن جي نصيب ۾ ننڍي کنڊ جي براڊ گيج جهڙي ريل بدران ڪنهن زماني ۾ ٽنڊو آدم کان پڊ عيدن هلندڙ راجا جي گاڏيءَ جهڙي Narrow Gauge واري ريل ملي.

نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي بڙودا ۾ شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دهليءَ کان هلندڙ ڄاڃين جو تعداد پنجاهه کن هو جن ۾ اڌ کان وڌيڪ اسين سنڌ کان آيل هئاسين ۽ باقي نولراءِ جا ڪجهه اهي ڀائر ۽ انهن جا ٻار هئا جيڪي مختلف ملڪن، انگلينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ ۾ رهن ٿا ۽ اتان هتي دهليءَ ۾ آيا هئا ۽ اهڙو ڏهاڪو کن  اهڙن اوڏن جو هو جيڪي ورهاڱي کان اڳ کان يا بعد ۾ دهليءَ ۾ اچي Settle ٿيا هئا ۽ نولراءِ وارن جا يا انهن جي ڀيڻوين جا مائٽ هئا. انهن ۾ سڪرنڊ کان لڏي آيل شري آسودو مل ۽ سندس پٽ پڻ هئا. جيڪي انجينئر آهن پر پنهنجي پيءُ سان گڏ روڊس ۽ بلڊنگس جي ٺيڪن جو ڪم ڪن ٿا. هڪ ٻيو همراهه اسي سالن جو واپاري مل اوڏ نالي هو جيڪو اسان جي Look after ڪري رهيو هو ته جيئن اسان صحيح پليٽ فارم تان صحيح ريل ۾ چڙهون ۽ پوءِ ٽڪيٽ چيڪرن کي اسان جون ٽڪيٽون ڏيکارڻ، رات ٿيڻ تي سڀني کي وهاڻا، چادرون ۽ بلاڪيٽ ڏيارڻ وغيره ڏيارڻ جهڙا ڪم جيڪي لڳي ٿو ته نولراءِ هن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هو لاڙڪاڻي ۾ مختيارڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشي هو. هو 1969ع۾ انڊيا لڏي آيو ۽ هتي به رٽائرمينٽ تائين ساڳي پوسٽ تي رهيو. سندس ڄم جو سال 1925ع آهي يعني اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جي والد صاحب شري نارائڻ اوڏ کان ڏهاڪو کن سال ننڍو چئبو.

اسان جي ٽرين Paschim Express کي دهلي پنجين بجي ڇڏڻو هو. شهر ۾ ٽريفڪ جام هجڻ جي ڊپ کان اسان سوير ئي نڪتاسين ۽ چئين بجي ڌاري نيو دهلي ريلوي اسٽيشن تي پهچي وياسين. نولراءِ اسان لاءِ هن سفر جون ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وٺي سيٽن جي ريزرويشن ڪرائي ڇڏي هئي. بلڪه اڃا اسان پاڪستان ۾ ئي هئاسين ته هن پنهنجي دوست (ٿي سگهي ٿو هن واپاري مل اوڏ) جي معرفت وٺي ڇڏيون هجن. ان وقت اسان جي رهائش جو فيصلو نه ٿيو هو ته دهليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي رهنداسين نه ته اسان کي نيو دهلي رسلوي اسٽيشن  بدران دهليءَ جي ٻي ريلوي اسٽيشن حضرت نظام الدين اولياء ريلوس اسٽيشن وڌيڪ ويجهي پوي ها. بهرحال واپسيءَ تي ان اسٽيشن تي لهي پياسين، پکيڙ ۾ دهلي ڪراچيءَ کان ٽيڻو وڏو شهر ٿيندو ۽ جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻه وڏيون ريلوي اسٽيشنون، ڪراچي صدر ۽ ڪراچي سٽي آهن تيئن هتي دهليءَ ۾ ٽي اسٽيشنون، پراڻي دهلي، نئين دهلي ۽ حضرت نظام الدين اولياء ريلوي اسٽيشنون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪافي مفاصلو آهي.

ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي اسان کي ڪلاڪ کن ملي ويو جنهن ۾ خوب چڪر هڻندا رهياسين. ايندڙ ريل گاڏين مان لهندڙ ۽ چڙهندر مسافر ڏسندا رهياسين ۽ رکي رکي مختلف ريلوي اسٽالن تان چانهه، لمٽا ۽ ائمول ڪمپني جو ملڪ شيڪ نموني جو کير پيئندا رهياسين. انڊيا جي سرڪاري ريلوي انڊسٽري خوشحال نظر اچي ٿي. مسافرن جي ويهڻ لاءِ جتي ڪٿي ڪرسيون، ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر، چڱي حد تائين صاف سٿرا واش روم جن ۾ پاڻي به آيو ٿي ته بجلي به هئي. پليٽ فارمن  جي به سٺي صفائي ٿيل هئي ۽ چپي چپي تي چانهه ۽ ٿڌي جا اسٽال،  ڪتابن ۽ اخبارن جا اسٽال، ننڍيون ننڍيون هوٽلون هيون جن تي هر شيءِ ذري گهٽ ان ئي اگهه تي ملي ٿي جنهن تي ٻاهر ملي ٿي. يعني ٻاهران آڻڻ  بدران ڪو گراهڪ چاهي ته پليٽ فارم تان ئي پنهنجي لاءِ ڪا شيءِ يا مائٽ مٽن لاءِ ڪو تحفو  وٺي سگهي ٿو. اهوئي حال ريل گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار جو هو. ان ڪري مون ڏٺو ته هر هڪ پليٽ فارم تان خريداري ڪندي  يا ريل جي دٻي مان ماني کائيندي خوش هو. دڪاندار ۽ ريل گاڏي جي هوٽل واري گهٽ فائدو رکيو ٿي پر وڪرو ڏاڍو ٿين ٿي.

ريلوي اسٽيشن تي بيٺي هوائي اڏي جو ڏيک لڳو ٿي. ريل ۾ ويٺل مسافرن کي ڏسڻ سان ڪيترين گاڏين جي خبر پئجي ٿي وئي ته اهي ڪٿان اچن پيون يا ڪڏانهن وڃن پيون. هڪ ريل گاڏيءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ ويٺل سکن مان لڳو ته هي گاڏي  چنديڳڙهه، لڌيانا يا امرتسر کان آئي آهي. راجستاني ويسن وڳن ۾ مردن ۽ عورتن کي ڏسي سمجهي وياسين ٿي ته هيءَ گاڏي ڀلوارا، اجمير، جيپور يا جيسلمير کان هتي دهلي پهتي آهي. اهڙي طرح گاڏيءَ مان لهندڙن کي پاڻ ۾ بنگاليءَ ۾ ڳالهائيندي يا سڏ ڪندو ٻڌي سمجهي وياسين ته هيءَ گاڏي انڊيا جي صوبي بنگال جي ڪنهن شهر (مودنيپور يا ڪولڪتا وغيره) کان آئي آهي. ”اي ميان ڪيمن آشين. ڀالو تو“ پنهنجي ننڍپڻ جي سکيل بنگالي ٻوليءَ کي تکو ڪرڻ لاءِ ڀر مان لنگهندڙ هڪ خوش مزاج همراهه جي کيڪار ڪريان ٿو. ۽ هيءَ گاڏي هندستان جي بنهه ڪنهن ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو يا ڪيرالا کان اچي رهي آهي. تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ بندري قد ۽ ڪاري رنگ جا مسافر پليٽ فارم جي ٻئي پاسي بيٺل ٽرين جي مسافرن کان ڪيڏو ته مختلف لڳي رهيا آهن جنهن ٽرين ۾ گهڻي ڀاڱي مسافر قداور، گورا ڳاڙها ۽ شلوار قميص ۾ آهن.

”بهائي  صاحب يه گاڙي کهان سي آر رهي هي؟“ آئون هڪ همراهه کان پڇان ٿو.

”جمون ۽ سري نگر کان.“ هو وراڻي ٿو. ٺهيو چئبو ته ڪشمير کان پئي اچي تڏهن ايڏا گورا ۽ سهڻا ماڻهو آهن ۽ ڪيتريون عورتون گاڏي جي دريءَ مان ٻاهر ليئا پائڻ مهل پنهنجو منهن ڍڪي رهيون آهن جيتوڻيڪ ٻئي طرف ريل ۾ چڙهندڙ ساڙهين ۾ ملبوس عورتن جون ننڍي بلائوز ڪري سڄو پيٽ به نظر اچي رهيو آهي. مختلف ماڻهن، رنگن، زبانن، ويس وڳن ۽ ڪلچر ڪري انڊيا واقعي دنيا جو هڪ نرالو ملڪ آهي تڏهن ته ڌارين ملڪن کان هتي آيا گورا به چيلهه تي هٿ رکيو وائڙن وانگر پيا ڏسن. دنيا جا ٻيا به ڪيترائي  ملڪ آهن جيئن ته سنگاپور، ملائيشيا وغيره جتي مختلف قومن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ اهي ملڪ Multi Racial  ۽ Multi Cultural  سڏجن ٿا پر اتي اهو فرق ايڏو Sharp ۽ واضح نٿو لڳي جيترو هتي انڊيا ۾. تڏهن ته هن ملڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ملڪ اندر ملڪ آهن ۽ هتي هڪ ئي  ملڪ ۾ اچي ڪيترن ئي ملڪن جو مزو ۽ تجربو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

اسان جي ٽرين دهليءَ کان شروع نه ٿي رهي هئي پر هوءَ اڳهين ڪنهن ٻئي صوبي کان اچي رهي هئي جو اسان ويٺاسين ته منجهس ديرادون، نيني تال ۽ سهارن پور پاسي جا ماڻهو ويٺل هئا جن سان بعد  ۾ خبر چار ٿيڻ تي هنن ٻڌايو. پر اهو آهي ته ٽرين صحيح ٽائيم تي هلي يعني مقرر ٿيل ويهه منٽ ترسي دهليءَ جي اسٽيشن ڇڏيائين ۽ ٻي ڳالهه ته ٽرين جا مختلف دٻا (بوگيون) جن تي As1, As2, A1, A2 جهڙا اکر ۽ انگ لکيل هئا اهي بلڪل انهن ئي هنڌ تي بيٺا جتي انهن جا ريلوي اسٽيشن تي بورڊ لڳل هئا. ان ڪري ٽرين اچڻ تي پليٽ فارم تي مسافرن جي ڀڄ ڊوڙ نه ٿي جيڪا اسان وٽ عام آهي. هر هڪ مسافر پنهنجي بوگي نمبر مطابق اتي ئي بيٺو رهيو جتي ان جو بورڊ لڳل هو ۽ پوءِ ٽرين اچڻ تي سامهون دٻي ۾ چڙهي پياسين. بوگين (ريل جي دٻن) ۾ اندر بئنچن تي نمبر صاف لکيل هئا ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي سيٽ ولاري ويٺو. سڄي رات جو سفر هو سو سمهڻ لاءِ هر هڪ کي فل سيٽ مليل هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اڃا شام جا پنج ٿيا هئا سو سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي ٻيا سڀ هيٺين سيٽن تي ويٺا هئا. منهنجي ٽڪيٽ تي جيڪو نمبر هو اهو بلڪل مٿي صوفي جو هو معنيٰ هن عمر ۾ آئون هر هر باندر وانگر وچين صوفي (سيٽ) تي پير رکي مٿين تي ٽپ ڏيندو رهان ۽ ٻي ڳالهه ته اسان واري پاسي جون هڪ ٻئي مٿان ٽي سيٽون، ٽي ڀر واريون ۽ ٻه سامهون واريون اسان جي ڄڃ جي اوڏ عورتن کي مليون ۽ ٻه اڳ جي چڙهيل عورتن جون هيون. يعني منهنجي موجودگي ۾ هنن جي به آزادي چٽ ته منهنجي به. سو بيگ پاسي تي رکي سيٽ مٽائڻ لاءِ 80 مسافر جي هن دٻي جي هڪ ڪنڊ کان سروي شروع ڪيم. شروع ۾ ئي ادا گلاب راءِ جو پٽ  وڃي ملي ويو جنهن کي هيٺين سيٽ ملي هئي. پر هن ٻڌايو ته ان تي سندس والد سمهندو ۽ پاڻ مٿين سيٽ تي ۽ هو پنهنجي پوڙهن والين جي ڀر ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو. انهن کي ڇڏي هڪ يا ٻه سيڪشن اڳي وڌيس ٻن ٽن ڌارين مردن جي سيٽن ۾ هڪ سيٽ انجنيئر راڻي اوڏ جي ڀيڻ سروج جي هئي سا به هيٺين. هوءَ خود منجهي رهي هئي ته ڇا ڪجي. مون کيس سيٽ مٽائڻ لاءِ چيو.

”انڪل توهان کي ڪهڙي ملي آهي هيٺين، وچين يا مٿين؟“ هن پڇيو ۽ آئون هن کي پاڻ واري سيڪشن ۾ وٺي آيس.

”ڏس سروج تون ته جوان ڇوڪري آهين ۽ قد بت ۾ به هلڪي آهين توکي مٿي چڙهڻ ۾ ڪهڙي تڪليف وڏي ڳالهه ته هي مردن سان ويهڻ ۾ آئون وڌيڪ Comfortable محسوس ڪندس ۽ هتي تون پنهنجي پڦين ۽ ڪزن سان.“

”ادا تون اسان جو ڀاءُ آهين، ڀلي هتي ئي هج.“ سروج جي پڦين چيو.

”اهو بلڪل صحيح آهي پر هوڏانهن دير تائين بتي ٻاري آئون چپ چاپ پڙهندو رهندس ۽ هيڏانهن توهان کي.

”مڪيش گهوٽ تون هلين ٿو ٻانهن لوڏي لوڏي

ماڻهو ڏسن ٿا توڏي توڏي.“

سر کڻائڻ لاءِ سروج ملي ويندي.

آئون بيگ کڻي سروج واري سيٽ تي آيس. گاڏي دهلي شهر جون لانڍي ملير جهڙيون ننڍيو اسٽيشنون بنا ترسڻ جي لتاڙي هريانا صوبي جي فريدآباد ريلوي اسٽيشن، ٿوري گهٽ رفتا سان لتاڙي رهي هئي. مون انڊو پاڪ جي تاريخ جي مغل گهراڻي جي دور جو چئپٽر ڪڍي اڃا پڙهڻ شروع ڪيو ته اتي مهرچند اوڏ پاڻ سان گڏ آسودي مل جي ٻن پٽن کي وٺي اچي برجمان ٿيو ته اچو ته پتي راند ڪريون. مون صاف انڪار ڪيو.

”يار ڪمال آهي پوءِ جهاز تي ڪيئن وقت پيس ڪندا هئائو؟“ مهرچند چيو.

”چوين سچ ٿو، انهيءَ ڪري ته آئون لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ لڳي ويس جو پتي راند مون کي نٿي آئي.“

”ان جو مطلب مون کي چوٿون پليئنر به آڻڻو پوندو.“ اهو چئي هو ڪنجهندي اٿيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڀر واري دٻي مان ڪرڪندو اچي پهتو. ساڻس گڏ سرڳواسي حشمت راءِ جو انجنيئر پٽ راڻو اوڏ هو. حشمت راءِ اوڏ پاڻ به انجنيئر هو ۽ سڄي عمر حيدرآباد ۾ گذريس ۽ جي او آر ۾ پنهنجي بنگلي ۾ رهيو. پاڻ ڊپٽي ڪمشنر شري نارائڻ داس اوڏ جو گلاب راءِ کان پوءِ ٻيو نمبر پٽ هو. مهرچند وارن اسان جي بئنچن هيٺان ۽ مٿان بيگون لاهي انهن کي سيٽن جي وچ ۾ ٽيبل ٺاهيو ۽ هاڻ پتي راند شروع ڪئي. منهنجي راند سان ڪا دلچسپي نه هئي. ايڏي دلچسپي مغل دور جي تاريخ سان به نه هئي پر انڊيا گهمڻ جو صحيح طرح مزو وٺڻ خاطر مون دماغ ۾ ماضي جي بادشاهن جا قصا رکڻ ٿي چاهيا جن هن ڌرتيءَ تي حڪومت ڪئي. اهو ته نه چئي سگهندس ته هنن رعيت جي خدمت ۽ رعيت سان انصاف ڪيو. ها اهو ضرور چوندس ته ٺٺ ٺنگر ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ محل محلاتون ٺهرايون. ناچڻين رنن ۽ نخريلي ڇورين سان محل ۽ ڳجها آرام گاهه ڀريائون. ڪنهن ايڪڙ  ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀ راجا، بادشاهه توڙي نواب هڪ جهڙا لڳن ٿا. انهن جا ٺهيل محل ۽ مقبرا اڄ ڏسي ٺرون پيا. خبر ناهي انهن تي ڪم ڪندڙ ڪمين ڪاسبين کي سندن پورهئي جو اجورو به ڏيندا هئا يا هو رڳو سندن نستي جواني اڀارڻ لاءِ زور ڏيڻ وارين عورتن کي ئي خرچيون ڏيندا رهيا. دنيا جي ماڻهن جون تاريخون پڙهو ته انهن مان ته اهائي خبر پوي ٿي باقي اسان جي سائين محمد صديق ميمڻ جي ”تاريخ انڊو پاڪ“ پڙهه ته هر هڪ بادشاهه لاءِ لکيو پيو آهي ته هو وڏو مسلمان هو، وڏو نيڪ نمازي هو، وڏي دين جي خدمت ڪيائين. هندن جا مندر ڊهرايائين، ان تي هيترا دفعا حملا ڪري منجهس  موجود سون جا بت ڀڃرائي ڇڏيائين ۽ (پوءِ اهو سون ڪڏانهن ويو، ڇا غريبن ۾ ورهايائين يا ڳوٺ کڻائي ويو) سکن جو زوريءَ طهر ڪرائي هنن کي مسلمان بنايائين (جنهن جون نفرتون اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون، ڇا ڪهڙي حديث ۾ ائين آهي، يا ڪهڙي خليفي يا اصحابيءَ ائين ڪيو؟ ۽ ڇا مسلماني ان ڳالهه تائين محدود آهي ته پاڻ نيڪ ڪم نه ڪريو، باقي ڪنهن جي ٽپڙ جو وکو ڪٽي ثواب حاصل ڪريو) پر اسان آهيون جو پيا ٺرون. تاج محل، خاص محل، ۽ ٻيا مقبرا ۽ مينار ڏسي وڏي ٽانءَ ۾ ٿا اچون ۽ اڄ جو رئيس، وڏيرو چوڌري ته ڇا هڪ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير (جيڪو عوام نمائندو آهي جنهن کي عوام چونڊي اڳيان ڪيو آهي ته اسان جي لاءِ ڪجهه ڪر) هو به عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هنن جا فنڊ پنهجن ڪمن ۽ مشهورين ۾ لڳائي مشهوري ماڻڻ جا جتن ڪري ٿو. يعني هر هڪ ٻئي خرچ تي تاج محل ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهي، اها هڪ Sick Mentality اسان جي خمير ۾ وسي وئي آهي.

اڄ کان پورا ٽي سؤ چوهتر سال اڳ ۽ جون 1631ع تي، هندستان  جي عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي محبوب راڻي ممتاز محل، پنهنجي چوڏهين ٻار شهزاديءَ گوهر آرا بيگم کي جنم ڏيندي، ويم دوران Infection سبب وفات ڪئي. بادشاهه انهيءَ غم ۾ هيڪر ته ڀڄي ڀري پيو. روئندي روئندي سندس نظر چٽ ٿي وئي. غم ۾ وار اڇا ٿي ويس. هن جي نظر ۾ طوفان نوح کان پوءِ انسان جي تاريخ جو هي ٻيو سانحو هو. مرحومه ملڪه ممتاز محل جي ياد ۾ جمنا درياء جي ڪناري تي هن هڪ عظيم الشان مقبرو اڏايو. ويهن سالن ۾ تيار ٿيندڙ هيءَ عمارت دنيا ۾ لاثاني مڃي وئي جنهن کي دنيا تاج  محل جي نالي سان سڏي ٿو. هن عمارت جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ٿيو، ان لاءِ پٿر ڪٿان ڪٿان ايو ۽ انهن پٿرن کي ڪنهن ڪنهن گهڙيو، ٽڪيو ۽ پالش ڪيو، هن محل جي پيڙهه ۾ ڪيترن ماڻهن جون هڏيون دفن ٿي ويون، هن جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڀتيون، ڪيترا دفعا ڪيرائي انهن کي وري ٺاهيو ويو. اها هڪ الگ ڪهاڻي آهي.

بلڪل انهن ئي ڏينهن ۾ جن ڏينهن ۾ هندستان جو بادشاهه شاهجهان هو، سئيڊن جو بادشاهه گستاورس اڊولفس هو ۽ انهيءَ مهيني هن جي زال پڻ هڪ ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو جنهن مهيني ۾ ممتاز محل جي پيٽ مان گوهر آرا بيگم پيدا ٿي ۽ بلڪل ان ئي جون جي مهيني ۾ سئيڊن جي بادشاهه گستاورس جي راڻي صاحبه ٻار جي ڊليوري دوران پيٽ ۾ Infection  ٿي پوڻ ڪري گذاري وئي. ان ئي لمحي سئيڊن جو بادشاهه سلامت به همت هاري ويهي رهيو جڏهن هندستان جو بادشاهه شاهجهان پنهنجي راڻي ممتاز محل جي غم ۾ روئي روئي نابين ٿي رهيو هو. هيڪر گستاورس غم ۾ غرق ٿي ويو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت شاهجهان تاج محل جي اڏاوت ۾ مشغول هو، گستاورس ايڊولفس حڪم ڏنو ته ”ملڪ جي هر ڳوٺ، هر ڳوٺ جي هر پاڙي ۽ هر طبقي مان ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪرين کي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ آندو وڃي ۽ کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏني وڃي. جڏهن اهي ماهر ٿي وڃن ته کين واپس پنهنجي ڳوٺ موڪليو وڃي جتي اهي ٻين ٻن ڇوڪرين کي ٽريننگ ڏين، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن پاڙي يا شهر جي ڏهن ڪوهن ۾ ڪا عورت ويم دوران مري وئي ته نه انهن دائين جو خير ٿيندو ۽ نه وري عورت جي مائٽن جو!“

اهو فرق هو اسان ۽ يورپ ۾. جڏهن اسان جا وڏا شاهي مقبرا  ٺاهي زال جو غم غلط ڪري رهيا هئا، هاٿين جي وات مان ٻڪرين جا آواز ڪڍائي رهيا هئا، راڳن سان پاڻيءَ ۾ باهه لڳرائي رهيا هئا. حڪيمن کان طاقت جا ڪشتا ٺهرائڻ ۾ لڳا پيا هئا. انهيءَ وقت يورپ جا حاڪم عوام جي فلاح ۽ بهبود جا منصوبا ٺهرائي رهيا هئا. يونورسٽيون قائم ڪري رهيا هئا، ڪارخانا، فيڪٽريون، لائبريريون ۽ ليبارٽريون ٺهرائي  رهيا هئا. هنن سمجهيو ٿي ته قومن جي عروج لاءِ انسان جي بهتري تي مبني سماجي نظام، بهترين تعليم، ٽيڪنالا ۽ انصاف آهي. ان ڪري يورپ جي حاڪمن هميشه انهن ڳالهين تي زور ڏنو ۽ اسان جا حاڪم ملڪ يا صوبي جا هجن يا ضلعي، تعلقي يا ڳوٺ  جا اڄ به عوام جي ڀلائي ڪرڻ بدران حڪم هلائڻ کي حڪومت ڪرڻ سمجهن ٿا. اسان جي سڄي انڊوپاڪ جي تاريخ ماضيءَ جي اهڙن حاڪمن سان ڀري پئي آهي جيڪي پاڻ کي زمين تي خدا جو پاڇو سڏائڻ لڳا ۽ هو دين الاهي ايجاد ڪرڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهوئي نڪتو جو عروج زوال ٿي ويو ۽ زوال عروج. ڪاش شاهجهان تاج محل بدران انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ٺاهي هجي ها، سئيڊن جهڙو ڪو ميڊيڪل ڪاليج کوليو هجي ها، عوام جي سک ۽ مستقبل لاءِ پوک ۽ پاڻيءَ جي بندوبست جو سوچي ها. مستقل روزگار مهيا ڪرڻ ۽ صحتمند رکڻ لاءِ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ميڊيڪل تعليم جا ماهر پيدا ڪري ها. نتيجي ۾ مليريا  جي علاج لاءِ انگريزن طرفان مليل چند ڪوئنن جي گورين تي به اسان جا بادشاهه سلامت ڦان ٿي ٿي پيا ۽ پوءِ آخر ۾ ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي راهه نٿي ملين. ڪيڏي دردناڪيءَ سان مغل خاندان جو آخري شهنشاهه پنهجي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي تڙ ڏاڏي همايون جي مقبري ۾ اچي لڪيو هو. ڇهه هزار ميل پري کان آيل چند انگريزن جي مڪاني سپاهين کيس جهلي گورن جي حڪم تي رنگون ملڪ دربدر ڪري ڇڏيو ۽ سندس سموري اولاد (ننڍي وڏي) کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪو احتياج نه ٿيو، ڪا رئلي نه نڪتي، ڪا بک هڙتال نه ٿي. سندن رعيت چپ چاپ نئين آيل حاڪم جي ”جي حضوريءَ“ ۾ لڳي وئي! فارسي ڇڏي انگريزي زبان سکڻ ۾ لڳي وئي.!

”يار مهرچند تون پتي راند ٿو ڪرين يا جوڊي ڪراٽي؟“ مون انڊيا جي تاريخ پڙهڻ بند ڪري مهرچند کي چيو جنهن جي گوڙ ۽ ويڙهاند تي باوجود ڪوشش جي آئون ڪتاب تي Concentrate نه پئي ڪري سگهيس. پتو ائين ٿي سٽيائين ڄڻ سرن يا تختن جي بندل تي مڪ هڻي ٻه اڌ ٿي ڪيائين. کٽڻ توڙي هارائڻ ۾ هن لاءِ دانهون ڪرڻ ضروري هو. سٺا پتا ٿي آيس ته اڀو ٿي ٿي ويو. ”ڇا ته ٺٺڍڪ ٺار پتا آهن.“ ۽ پوءِ خراب ٿي پتا آيس ته جاپاني ڪبوڪي ايڪٽر جهڙو چٻو چهرو ٿي ٿي ويس.“ هاءِ ماري وڌائون، ڇا ته اندر ساڙ پتا آيا آهن.“

اهڙي هلندڙ ويڙهاند ۾ پڙهڻ جو سوال ته پيدا ئي نٿو ٿئي. هيڏانهن  هوڏانهن دريءَ مان ڏسجي ۽ منهنجي ڀر ۾ ۽ سامهون ويٺل ڌارين مسافرن سان خبر چار ڪجي. گاڏي فريد آباد ٽپي وئي هئي اتي بيٺي ضرور پر فقط ٻن منٽن لاءِ ۽ هاڻ ننڍين ننڍين اسٽيشن  تي گاڏي بيهڻ بدران ويندي رهي. اسٽيشن اچڻ تي ڪجهه رفتار گهٽي ٿي ۽ هڪ ٻن اسٽيشن جا نالا پڙهي ورتم، پلوا، بالا بڳڙهه، شولا ڪا جهڙا هئا.

هي فريدآباد اهو شهر آهي جتي هندستان جي ورهاڱي وقت سڀ کان گهڻا پاڪستان کان لڏي آيل هندو اچي رهيا. اڄ هي شهر فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کان مشهور آهي. چون ٿا ته هن شهر جو نالو مشهور صوفي بزرگ سيد مرتضيٰ خان فيد بخاري تان آهي جيڪو ننڍي کنڊ ۾ بابا فريد جي نالي سان مشهور آهي. سندس مقبرو به هن ئي شهر ۾ آهي جتي حاضري ڀرڻ لاءِ عقيدتمند پري پري کان اچن ٿا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هي شهر اڪبر جي نورتن مان هڪ شيخ فريد جي نالي تي آهي جنهن 1607ع ۾ هن شهر جو بنياد رکيو. شيخ فريد شهنشاهه اڪبر ۽ ان بعد سندس پٽ شهنشاهه جهانگير جي حڪومت ۾ وزير خزانا ٿي رهيو. هن هتي هڪ قلعو ۽ مسجد پڻ ٺهرائي. فريد آباد جو شهر هريانا صوبي ۾ ائين آهي جيئن ڪراچي سنڌ ۾. هريانا صوبي جي سٺ سيڪڙو اپت فريد آباد مان آهي.

منهنجي پڇڻ تي سامهون ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جي جوان مرد ٻڌايو ته هاڻ اسان جي گاڏي اتر پرديش جي ريلوي اسٽيشن مٿرا تي هلي بيهندي. هي همراهه به مون وانگر ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو جنهن تي خاڪي پني جو ڪور چڙهيل هجڻ ڪري ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نالي جي خبر نٿي پئي ۽ رکي رکي هو پنهنجي زال کي فون ڪندو ٿي رهيو ته هوءَ ڪٿي پهتي آهي. هوءَ کيس دهلي اسٽيشن تي ڇڏڻ آئي هئي. سٿڻ قميص ۽ پوتيءَ ۾ هجڻ ڪري مون سمجهيو ته هيءَ ڪا سک فيملي آهي جيتوڻيڪ هو هندي يعني اسان واري اردو ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مڙس کي ڏاڙهي به نه آهي پر اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. اڄڪلهه ڪيترائي سک ڏاڙهي ڪوڙائي پيا هلن. پر پوءِ بعد ۾ وڌيڪ کيڪار کڙي ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي زال هن کي دهلي جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي، هاڻ واپس پنهنجي ڳوٺ بلند شهر پئي وڃي جيڪو دهليءَ کان 80 کن ڪلو ميٽر  اوڀر ۾ آهي.“ سو رکي رکي سندس خيريت جو پيو پڇان جو هوءَ اڪيلي ڪار هلايو پئي وڃي.“ پاڻ جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو ان جي پٺ مون ڏي هئي ۽ اهو ڏسي مون کي تعجب پئي لڳو ته هن کاٻي کان ساڄي پنا پئي اٿلايا جيئن اردو، عربي يا سنڌي  ڪتابن ۾ ڪبو آهي.

”توهان ڪهڙي ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ مون پڇيومانس.

”اردو شاعريءَ جو آهي.“ هن وراڻيو ۽ ڪتاب مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنو، اهو دهليءَ ۾ ڇپيل هو.

”ڪمال آهي توهان کي اردو اچي ٿي مون سمجهيو فقط مسلمان پڙهن ٿا.“

”دراصل آئون مسلمان ئي آهيان، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته نه فقط مسلمان پر هتي جا، خاص ڪري دهلي، هريانا ۽ اتر پرديش جا هندو به اردو پڙهن ٿا.“

هن ٻڌايو ته سندس نالو ڊاڪٽر سعيد عالم آهي. سندس زال جو شهر ”بلند شهر“ آهي پر سندس ڳوٺ نيپال وٽ هماليا جبلن جي قدمن ۾ پورنپور آهي. پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پي ايچ ڊي ڪئي اٿس ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو به اسان سان گڏ بڙودا شهر ۾ لهندو جتي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ هو ٽن ڏينهن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.

”مسلمان جي حيثيت سان توهان کي هتي ڪيئن ٿو لڳي؟“ مون پڇيومانس.

”بلڪل صحيح ٿو لڳي. اسان هن ڌرتيءَ تي ڄاوا آهيون ۽ هي ئي اسان جو ديس آهي، هتي اسان جو گهر آهي ۽ اسان جڏهن پاڪستان جي حالتن کي پنهنجي ملڪ انڊيا  سان ڀيٽيون ٿا ته رب پاڪ جا شڪر ٿا ڪريون ته پاڪستان جي مقابلي ۾ اسان وٽ سڪون آهي، اسان وٽ آزادي آهي، اسان وٽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جو معيار بيحد بلند آهي ۽ اسان جي پاسپورٽ کي دنيا عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.“ هن وراڻيو.

”پر تڏهن به حڪومت ته هندن جي آهي.“ مون چيومانس.

”ڇا مطلب؟ ظاهر آهي اهي ئي هن ملڪ ۾ ميجارٽي ۾ آهن پر تنهن هوندي به هتي صحيح ڊيموڪريسي آهي. ان جو مثال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو ته ملڪ جو صدر، وزيراعظم ۽ ويندي آرمي چيف ملڪ جي هندو ميجارٽي بدران Minority (اقليت) مان آهي؟ پر اسان لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. کڻي ڪير به هجي هن کي ملڪ جي Constitution ۽ قانون جي پوئواري ڪرڻي آهي. هن ملڪ ۾ هر رهندڙ کي پنهنجي مذهب جي آزادي آهي چاهي هو مسلمان هجي، يا سک، عيسائي يهوديء هجي جين، پارسي، ڪنهن کي به ڪو سندس مذهب يا مندر مسجد ۾ وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. انڊيا هر فيلڊ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا جا طاقتور ۽ امير ملڪ انڊيا جي ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿا. دنيا جا ماڻهو تعليم، ٽوئرزم ۽ طبي علاج لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا جو هنن کي پئسو خرچ ڪرڻ جي  بدلي ۾ بهتر ۽ زياده Value جي شيءِ ملي ٿي...“

ڊاڪٽر محمد سعيد عالم ٻڌايو ته جنهن ڳوٺ ۾ هو ڄائو آهي اڄ به هو پنهنجن پاڙيسيري هندو دوستن سان گڏ هولي ملهائي ٿو ۽ هو به ن وٽ عيدن جي مبارڪ ڏيڻ اچن. منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي ماڻهن ۾ چاهي ڪو ڪهڙي به مذهب يا زبان سان واسطو رکندڙ هجي هن ۾ برداشت جو وڏو مادو آهي. اسان وٽ ته ڏينهون ڏينهن جهڙي زيرو Tolerance ٿيندي وڃي. معمولي معمولي ڳالهين تي هڪ ٻئي جا سر ڪپيو ويٺا آهيون ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ  ميڊيا تيز ٿي ويو آهي دنيا جي ماڻهن کان ڳالهه نٿي لڪي ۽ هي اسان وٽ ٿيندڙ اغوائن، ڪاروڪاري جي چڪرن ۾ مائرن ڀينرن جي قتلن، خونريزين، بيروزگاري وگهي خودڪشين، ناڪاره ڪرندڙن عمارتن، گٽرن ۾ ٻڏندڙن بيگناهه ٻارن جو جڏهن ڪو ڌاريو اخبار ۾ پڙهي ٿو يا ريڊيو، ٽي وي تي ٻڌي ۽ ڏسي ٿو ته هن کي عجب لڳي ٿو. هندستان ۾ پاڪستان کان به وڌيڪ مسلمان رهن ٿا پر هو ته اسان وانگر بم ڦاڙيو پنهنجن مسلمانن کي نٿا مارين، هو بيگناهه عورتن جو Gang rape نٿا ڪن ۽ نه Sodomy جون وارداتون ٿا ڪن.

ريل گاڏي مٿرا اسٽيشن تي پهتي ته اسان جا جا جواري ڀائر چادر ڇنڊي  اٿي کڙا ٿيا.

”هاڻ هلڻ کي هلو ٿا يا وري موٽندائو؟“ مون پڇيومان.

”نه بس هاڻ هلون ٿا.“ مهرچند وراڻيو، ”توهان زور زور سان ايڏو ڳالهايو پيا جو اسان کي ڊسٽرب پيا ڪريو.“

”واه مهرچند واه! هي ته اهوئي ٿيو ته الٽار چور ڪوٽوال ڪو ڊانٽي.“ مون وراڻيو مانس ۽ پيتين کي سيٽن هيٺان داخل ڪري رستو صاف ڪري ڇڏيم. دريءَ جي ٻاهران دودو مون کي هيٺ لهي اچي پليٽ فارم تي چانهه پيئڻ جو اشارو ڪري رهيو هو. آئون اخبارن، پنا پينون پاساڻيون ڪري هيٺ لٿس پلاسٽڪ جي گلاس ۾ چانهه وٺي جلد ئي مٿي چڙهيس. گاڏي هلڻ ۾ اڃا ٽائيم هو پر مون هيٺ بيهي چانهه نٿي پيئڻ چاهي نه ته هر اسٽيشن تي هيٺ هلڻ چلڻ ۽ گاڏيءَ جي چرڻ وقت دڪاندار کي چانهه يا شربت جا پئسا ڏيئي هلندڙ ٽرين ۾ ٽپ ڏيئي چڙهڻ ان وقت پراڻي هابي رهي آهي جڏهن تعليم دوران پڪنڪ تي وڃبو هو يا موڪلن ۾ ڳوٺ وڃبو هو. مون کان ڪڏهن به ٽين مس نه ٿي. آخري دٻي ۾ به چڙهي پوندو هوس. پيٽارو جي منهنجي ڪيترن ڪلاس ميٽن ڊينٽل سرجن رضا شيخ، مرحوم علي رضا ميمڻ ۽ چاچي فقير محمد بسوءَ جي پٽ انور ميمڻ کان اڪثر ڪوئيٽا يا لاهور پاسي ٿي وئي هئي پوءِ ٽرين ۾ ڌڪا کائيندي اچي منزل تي پهتا هئا. اسان جا ٽيچر جيڪي چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي وڏي عمر جا هئا اهي هميشه ان ڳالهه تان دڙڪا ڏيندا رهندا هئا. ظاهر آهي هو پوڙها ۽ ڪمزور جو ٿيا. اڄ آئون سٺ کان ٽپي چڪو آهيان ۽ انهن ٽيچرن کان به گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان، بيٺل گاڏيءَ ۾ به گوڏن تي زور ڏيئي لهان چڙهان ٿو سو ڪيئن ٿو هلندڙ ٽرين ۾ ننڍپڻ وارا Acrobatic Feats ڪري سگهان ۽ اهو به تڏهن جڏهن ٽيڪٽ ته کڻي مون وٽ کيسي ۾ آهي پر سڀني جا پاسپورٽ حفاظت لاءِ نولراءِ جي وڏي ناٺي شمن لعل اوڏ  وٽ آهن. ٽرين ڇڏائي وڃڻ تي پوليس پهرين پاسپورٽ جي گهر ڪندي.

هي شهر مٿرا جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي اسان جي گاڏي اچي بيٺي ۽ جتان چانهه وٺي پيتي اٿم هندن جي ستن اهم شهرن مان هڪ آهي. هن کان اڳ توهان به مون وانگر هن شهر جي فقط تاريخ پڙهي هوندي يا وري هن شهر جو نالو هڪ انڊين فلم جي مشهور گاني ۾ ٻڌو هوندو:

مٿرا مي تين بندر

جاتي ٿي زور مندر....

حياتي رهي ته هن شهر کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي اچبو جو هي شهر روم، قسطنطنيه (استنبول Istanbul) لاهو، شيراز، قم آگري، دهليءَ وانگر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن. هي اهو شهر آهي جتي تيرٿ لاءِ هندو، سک، ٻڌ ۽ جين اچن ٿا. مٿرا هندن لاءِ بيحد پاڪ ۽ مانوارو شهر آهي جتي هندو ڌرم موجب  هنن جي ڀڳوان ڪرشنا جنم ورتو. هي شهر ننڍي کنڊ جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي. دهليءَ کان 140 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ جمنا نديءَ جي ڪناري تي هي شهر عيسوي سن کان 600 سال اڳ براج ڀوميءَ جي نالي سان مشهور هو. هن شهر ۾ لارڊ ڪرشنا (جيڪو وشنو ڀڳوان جو اوتار Incarnation چيو وڃي ٿو) پنهنجو ٻالڪپڻ گذاريو ۽ هن شهر جو ذڪر هندو ڌرم جي جهوني ڪتاب مهاڀارت ۾ به آهي.

مٿرا بعد ۾ موريا سلطنت جو حصو ٿي رهيو ۽ موريا گهراڻي جا بادشاهه اشوڪا هن شهر ۾ ٽي صدي قبل مسيح ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ڪتبا ۽ Monuments ٺهرايا. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄم کان هڪ سؤ سال اڳ ۽ هڪ سؤ سال پوءِ وارو عرصو هي شهر (مٿرا) آرٽ جو مرڪز هو جتي پٿر جي ٽڪ جو ڪم ٿيو ٿي. اڄ به انهن شين لاءِ مٿرا اسڪول آف آرٽس جو حوالو ڏنو وڃي  ٿو. بهرحال هي شهر موريا گهراڻي جي حاڪمن اشوڪا کان وٺي چوٿين صدي جي حاڪم گپتا جي ڏينهن تائين سياسي طاقت جو مرڪز رهيو ۽ ٻڌ ڌرم جو اڀار ٿيو ۽ ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا عبادتگاهه Monasteries ٺهيون جن جو ذڪر پٽولمي (Ptolemy) ۽ چين جي مشهور سياح فاحيان Fa_Hian جيڪو هتي سن 401 کان 410 تائين هو. ۽ هيئن سانگ Hiuen Tsang جيڪو هتي هن 634 ۾ آيو، پنهنجن سفرنامن ڪيو ۾ ذڪر آهي ته مٿرا جي اردگرد ٻڌن جون ٻه هزار کان مٿي Monasteries آهن. فاحيان جو ذڪر مون پنهنجي سفر نامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.

موريا خاندان جي حڪومت بعد ٻڌ ڌرم هندستان کان ٻاهر سريلنڪا، سيام (ٿائيلينڊ) برما، ويندي چين، ڪوريا ۽ جاپان تائين ته وڌندو رهيو پر هندستان ۾ ان جي جاءِ وري هندو ڌرم والاري ورتي.

 

مٿرا ٻن مسلمانن جي گاديءَ وارن علائقن: دهلي ۽ آگري جي وچ ۾ هجڻ ڪري هر وقت انهن جي حملن هيٺ رهيو. آگرو هتان فقط سٺ ڪلوميٽر کن آهي. سن 1018ع ۾ افغان حملي آور محمود غزني هن شهر مٿرا ۾ ڦرلٽ جي باهه ٻاري ۽ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جي مندرن کي تباهه ڪيو. سن 1500ع ۾ سڪندر لوڌيءَ هن شهر جي ڀينگ ڪئي. مغل شهنشاهه اورنگزيب اسلام جي خدمت ڪرڻ جي نشي ۾ هن شهر مٿرا ۾ ٺهيل اهم مندرن کي تباهه ڪيو ۽ شهر جي بيک ڪڍي ڇڏي. انهن تباهه ڪيل مندرن ۾ بيحد اهم مندر ڪيساوا ديو مندر به هو جنهن جي جاءِ تي چون ٿا ته هن مسجد اڏرائي ۽ ان کان پوءِ  رهيل کهيل ڪسر 1757ع ۾ افغاني حملي آور احمد شاهه ابدالي اچي ڪڍي ۽ سڄي شهر کي تيلي ڏئي ساڙيو. 1804ع ۾ هي شهر مٿرا آخر انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ آيو، ۽ هڪ دفعو وري بهتر  روپ ۾ آيو.

گاڏي مٿرا جي اسٽيشن مان آهستي آهستي ٿي ٻاهر نڪري رهي هئي. پري پري تائين هن شهر جي مندرن، مسجدن ۾ برٽش اسٽائيل عمارتن جا مٿاهان حصا، نظر اچي اڏرندڙ ڌوڙ ۽ دونهن ۾ ڌنڌلا ٿيندا ويا. اڄ  وقت جو چرخو 600BC کان Ad2005 ٿي ويو آهي پر هي پٽ، هي مٽي ۽ ڌوڙ، هي موسم ۽ وهندڙ جمنا (يمنا) ندي ساڳي آهي. ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هتي پهتا جتان آئون هن وقت لنگهي رهيو آهيان. پٽولمي، فاحيان، هييوئين سانگ، محمود غزنوي، سڪندر لوڌي، اورنگزيب، احمد شاهه ابدالي، رابرٽر ڪلائيو، رچرڊ ويلسلي، وارن هئسٽنگس، حاڪم، سياح، سنت ساڌو، درويش، صوفي رازا، واڍا، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڦورو لٽيرا هن آسمان هن درياهه، هن ڌرتيءَ هڪ انسان جا ٻئي تي ظلم، هڪ انسان جون ٻئي تي ڀلايون...... هندو ڌرم ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، اسلام سک ڌرم.... هن ڌرتيءَ ڇا نه مذهب ۽ ريتون رسمون، خوشيون غميون ڏٺيون. اهو شهر جيڪو مختلف حاڪمن ڦري لٽي تباهه ڪري ڇڏيو اڄ اتي هر خوشيءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. اڄ اهو انڊسٽري ۽ ايگريلڪلچلر جي لحاظ کان انڊيا جي ماڊرن شهرن مان آهي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل رٽائرڊ پوليس آفيسر ٻڌايو ته هن نوڪريءَ جو آخري سال مٿرا ۾ گذاريو هو.

 

”ٻئي دفعي توهان اچو ته ڪڏانهن به نه وڃجو.“ هن کي جڏهن خبر پئي ته آئون ليکڪ به آهيان ته هن مون کي صلاح ڏني، ”فقط هن صوبي ۾ هليا اچجو ۽ پهرين پهرين مٿرا گهمجو.“

هن ٻڌايو ته مٿرا سامونڊي سطح کان ٻه سؤ ميٽر مٿي هجڻ ڪري اوسي پاسي جي شهرن کان بهتر موسم اٿس. ريلوي جنڪشن هجڻ ڪري هتي پهچڻ به سولو آهي.

”هيڏي تباهيءَ بعد اڄ به مٿرا مندرن ۽ مسجدن کان مشهور آهي، آرٽ ۽ هنرن کان مشهور آهي.“ هن ٻڌيو ۽ ڪجهه جايون ڏسڻ لاءِ جيڪي هن مون کي نوٽ ڪرايون هن ريت آهن: چئن منارن واري جامع مسجد جيڪا 1661ع ۾ ابو نبير خان ٺهرائي. وشرام گهاٽ جتي چون ٿا ته ڪانسا ظالم کي مارڻ بعد ڪرشن ڀڳوان اچي آرام ڪيو هو. دواڪا ديس مندر جيڪو 1814ع جو ٺهيل آهي ۽ شهر جو اهم مندر آهي جيڪو هولي، ڏياري جنما شتامي جي موقعن تي زبردست طريقي سان سينگاريو وڃي ٿو، گيتا مندر وغيره وغيره.

”توهان کي خبر آهي ته هندستان جا سڀ کان اهم شهر هن صوبي اتر پرديش ۾ آهن؟“ هن رٽائرڊ پوليس آفيسر مون کي سندس ڳالهه جي صداقت بابت ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو ڇو مون کي هندستان جي هي اتراهون صوبو اتر پرديش جيڪو اتر ۾ نيپال سان ٿو وڃي لڳي،

مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. آئون هن صوبي جي جاگرافيءَ کان واقف هوس ته هن ۾ اسان مسلمانن توڙي هندن جا اهم شهر آهن. نه فقط  اسان پر انگريزن جا به جيڪي گهڻو تڻو اتر پرديش ۾ رهيا ۽ هن صوبي جي شهرن جي پس منظر ۾ هنن ناول ۽ پنهنجيون  ڪهاڻيون لکيون. مٿرا کان علاوه لکنؤ آگرو، فيروز آباد، مرادآباد، فتح پور سڪري، جانپور، ڪانپور، جهاسي، رام نگر، سنڪدريا، سراسوتي، بنارس (جنهن کي هاڻي وارا ناسي سڏين ٿا)، اعظم ڳڙهه، بارام  پور، پيلي ڀيٽ، امروها، سهانپور ويندي الهه آباد هن صوبي ۾ آهن. الهه آباد هن دفعي ڏسڻ جو ارادو هوم پر هاڻ ڪو هفتو سوا مس وڃي بچيو آهي ۽ مڪيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻ ۾ به ٻه ٽي ڏينهن بڙودا ۽ گجرات جي اوسي پاسي وارن شهرن ۾ گذري ويندا ۽ باقي ڏينهن واپس دهليءَ ۾. الهه آباد  نه ڏسڻ جو ڏک ضرور اٿم جو اهو شهر اسان جي هڪ پياري ٽيچر ڪمانڊر اسرارالله جو ڳوٺ آهي جنهن اسان کي نه فقط ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آلجبرا، ٽرگناميٽري ۽ ڪئلڪيولس پڙهائي پر مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ ۾ نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ نيوگيشن جا حساب ڪرايا. پيٽارو ڇڏڻ وقت هن جي به ڇٽگانگ بدلي ٿي هئي. ان ريت  هي اهو ٽيچر آهي جنهن ڪئپٽڻ بشير وسطرو، ڪئپٽن  رياض چوڌري، ڪئپٽن احمد مخدوم، چيسف انجنيئر اسلم زبيري ۽ مون جهڙن کي گهڻي کان گهڻو عرصو پڙهايو. سندس سڄي عمر پڙهائڻ ۾ گذري. هينئر هو اسي سالن کان مٿي هوندو ته به پنهنجو واسطو ٽيچنگ سان رکندو اچي.  اڄڪلهه سعودي عرب جي حڪومت هن کي مديني جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪول جو ائڊوائيزر ڪري مديني ۾ رکيو آهي سندس گهرواري پڻ اتي جاب ڪري ٿي ۽ گائنا ڪالاجسٽ آهي. اولاد ۾ کيس فقط هڪ ڌيءَ آهي جيڪا (سعديه) ۽ سندس مڙس ٻئي ڊاڪٽر آهن ۽ ڪراچي ۾ پريٽڪس ڪن ٿا.

ڪمانڊر اسرارا: اسان کي هميشه پنهنجي هن شهر الهه آباد جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو آهي جتي هو ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. انڊيا اچڻ کان اڳ هو مون کي مديني پاڪ مان فون ڪندو رهيو ته آئون الهه آباد گهمي ان تي ڪجهه لکان ۽ شادي وارن ڏينهن تي ٻنهي گهوٽن جي پيئرن ڊاڪٽر، ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ کي هن پاران سندس پٽن جي شاديءَ جو مبارڪون ڏيان. رامچند ۽ نولراءِ اوڏ کان علاوه سندن وڏو ڀاءُ  سرڳواسي ارجن داس اوڏ پڻ ڪمانڊر اسرارالله جو شاگرد هو، بلڪه اسان سڀني کان وڌيڪ فيوريٽ هو. ٽئي ڀائر هوشيار ۽ محنتي هئا. ارجن داس اوڏ ته پڙهائيءَ کان علاوه سڀني راندين، سئمنگ، گهوڙ سواري، پي ٽي، پريڊ ۾ ايڏو هوشيار هو ۽ منجهس ليڊر شپ ۽ Officer Like Qualities ايتريون ته هيون جو ڪاليج جي انگريز پرنسپال کيس J.U.O يعني هڪ هائوس (ايوب هائوس) جو ليڊر به ٺاهيو. ڪمانڊر اسرارالله  سڀني شاگردن کي اولاد وانگر چاهيو ٿي. هو جيترو ڪلاس روم کان ٻاهر سٺو ۽ چرچائي هو ايترو ئي پڙهائڻ دوران سخت. ڌيان سان نه پڙهڻ تي دڙڪا به ڏيندو هو. ٿڦڙون الاريندو ته هو پر ڪڏهن ڪڏهن هڻي به ڪڍندو هو. هڪ دفعي ارجن داس ڪلاس ۾ ڪا شرارت ڪئي يا صحيح حساب نه پئي ڪيائين سو ڪمانڊر اسرار سندس ڊيسڪ وٽ بيهي هٿ مٿي کڻي چيس: ”ارجن هاڻ جي غلطي ڪئي اٿئي ته آئون توکي هيءَ ڀري ٿڦڙ هڻندس.“

ارجن ڊڄڻ بدران (دلير ته هونءَ به هوندو هو ۽ چرچائي پڻ) پنهنجي پين ڊيسڪ تي رکي اٿي کڙو ٿيو. اسان به وائڙا ٿي وياسين ته هي ڪري ڇا ٿو، ويندي ڪمانڊر اسرار  به، جو هن حيرت مان ارجن کان پڇيو:

What Happened?

Sir you can not slap me. ارجن ڏاڍو گنڀيرتا سان چيو (جيتوڻيڪ پوءِ پاڻ به کلي ڏنو هئائين ۽ ڪمانڊر اسرار به ٽهڪ ڏنا هئا پر ان وقت هن بيحد Serious ٿي ڪمانڊر اسرار کي چيو ته سائين توهان مون کي ٿڦڙ هرگز نٿا هڻي سگهو).

Why not. ڪمانڊر اسرار ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه تعجب مان پڇيو.

Sir, because I am an appointment holder. يعني آئون هائوس جو ليڊر (J.U.O) آهيان.

So What. ڪمانڊر اسرار پڇيو.

Sir you can de-strip me first and then only slap me for second mistake.

(پهرين غلطيءَ تي توهان مون کي فقط مانيٽري تان لاهي سگهو ٿا ۽ پوءِ ٻي غلطي ڪرڻ تي ئي ٿڦڙ هڻي سگهو ٿا) اهو چئي ارجن داس پنهنجي کيسي مان ان سرڪيولر جي ڪاپي ڪڍي جيڪو ڪجهه دير اڳ ڪاليج جي پرنسپال طرفان سڀني J.U.O سيڪشن ليڊرن ۽ S.U.O کي ڏنو ويو هو ته ڪنهن به Appointment Holder (يعني هائوس يا ڪلاس جي ليڊر) کي ڪابه غلطي ناهي ڪرڻي ٻي صورت ۾ هن کي سزا کان اڳ پهرين ته هن کي انهن جي ليڊري واري پوسٽ تان لاٿو (De-Stripe ڪيو) ويندو.

ڪمانڊر اسرار وٽ اهو سرڪيولر اڃا نه پهتو سو پڙهي ڏاڍو کليو. سرڪيولر تان نه پر ارجن داس جي همت ۽ Serious ائڪٽنگ ڪرڻ تان. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ارجن داس تمام سٺو ايڪٽر پڻ هو. ڪاليج ۾ ٿيندڙ هر ڊرامي ۾ هن کي حصو ملندو هو ۽ ان کان علاوه، ڪاليج جي بئنڊ جو ليڊر ۽ شاهين ايئر اسڪائوٽ  به هو. بهرحال ان ڏينهن ارجن جي ڪيل اها ايڪٽنگ اسان کي ڏاڍي وڻي ۽ ڪمانڊر اسرار اڄ به ارجن جي اها ڳالهه ياد ڪري کلندو آهي ته ٻار ٿي ڪري مون کان ڊڄڻ بدران اٿي بيهي ٿو چوي ته سر! يو ڪين نات سلپ مي!

ڪمانڊر اسرار بعد ۾ وري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو پر ليڪچرر جي حيثيت سان نه پر پرنسپال جي پوسٽ تي ۽ نولراءِ ۽ ارجن داس جا ٻيا ڀائر به پيٽارو ۾ آيا جن کي پڻ هو سڃاڻي ٿو. خاص ڪري ڪيپٽن امرچند  اوڏ کي جيڪو بعد ۾ نيوي ۾ آيو هو ۽ ڪمانڊر اسرار ويجهڙائيءَ  ۾ ٻڌايو ته اوڏ ڀائرن جي والد صاحب نارائڻ داس اوڏ سان هن جي آخري ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو امرچند کي مئرين اڪيڊمي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هو.

ڪاليج وارن ڏينهن ۾ 1960ع يا شايد 1961ع واري سال ۾ مغل اعظم فلم جو هي گانو بناڪا گيت مالا يا ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان تمام گهڻو ايندو هو:

تيري من کي گنگا،

ميري من کي جمنا کا

بول رادها بول سنگم هو گا ڪه نهين.

ڪمانڊر اسرار ٻڌائيندو هو ته انهن ندين گنگا ۽ جمنا جو ميلاپ الهه آباد آهي ۽ اتي هر سال وڏو ميلو لڳي ٿو.

هندن لاءِ هي هنڌ تمام وڏي اهميت رکي ٿو جتي گنگا، جمنا ۽ اڻ نظر ايندڙ سرسواتي نديون اچيو ٿيون ملن. هتي هر ٻارهين سالين کنڀ ميلي نالي تمام وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ نه فقط هندستان مان پر دنيا جي دور دراز ملڪن کان هندو عقيدت مند اچن ٿا ۽ هتي درياهه ۾ وهنجن ٿا. ان کان ننڍي پيماني جو اردها کنڀ (ڪمڀ)  هر ڇهين سال  لڳي ٿو ۽ ان کان علاوه هر سال به ميلو لڳي ٿو جيڪو ماڳهه ميلو سڏجي ٿو.

الهه آباد شهر هڪ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي جيڪو آرين جي ڏينهن ۾ پراياگ سڏبو هو. هندو  ويدن جي ڪتابن ۾ جيڪي ڏيڍ هزار کن سال قبل مسيح پراڻا چيا وڃن ٿا، ۾ پڻ پراياگ جو ذڪر آهي جتي هندو ديوتا برهما قربانيءَ جي رسم ادا ڪئي.

سن 1193ع ۾ دهليءَ جي سلطان محمد غوريءَ هن شهر تي قبضو ڪيو. هن شهر جو نالو الهه آباد 1584ع ۾ اڪبر مغل بادشاهه رکيو ۽ هتي هڪ وڏو قلعو به ٺهرايو. قسمت جي بدنصيبي جو هن شهر الهه آباد مان شهنشاهه  اڪبر جي پٽ سليم (جيڪو پوءِ جهانگير جي نالي سان مشهور ٿيو) پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت ڪئي ۽ سندس ٺهرايل هن قلعي ۾ پنهنجي شاهي ڪورٽ هلائي. اها 1602ع جي ڳالهه آهي. 1605ع ۾ اڪبر جهانگير کي پنهنجو جانشين تسليم ڪيو. ان تي جهانگير جي پٽ شهزادي خسرائو بغاوت ڪئي جو جهانگير جي انقلاب آڻڻ وارن ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه پنهنجي مرڻ بعد پنهنجي تخت جو واڳون جهانگير جي هن پٽ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. سو هن جو ڏٺو ته سندس ڏاڏي اڪبر جو سندس پيءُ جهانگير سان صلح ٿيڻ تي ماڳهين سندس هٿن مان تخت ۽ تاج هليو ويو سو وٺي گوڙ ڪيائين. خسرائو جون هي ارڏايون ڏسي سندس پيءُ جهانگير کيس موچڙا هڻائي هٿڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيو. سال ٻن بعد هن کي انڌو ڪيو ويو ۽ نيٺ 1622ع ۾ کيس هن شهر الهه اباد ۾ مارايو ويو.

الهه آباد اهو شهر آهي جتي 1858ع جي بلوي (Sepoy Mutiny) بعد لارڊ ڪننگ انگريزن  جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون واڳون برطانيه جي حڪومت حوالي ڪيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org