دهليءَ جون حويليون
انڊيا جي ٻين شهر وانگر دهليءَ ۾ به حويليون جام آهن. حويلي وڏن
گهرن کي چيو ويو ٿي جنهن ۾ وقت جا امير ۽ مشهور
شخصيتون رهيون ٿي ۽ اڃا به ڪيترين ۾ رهن ٿيون اهي
حويليون اڄ به دهليءَ جون تاريخي ۽ ثقافتي
Heritage
سڏجن ٿيون. دهليءَ تي مختلف مسلمانن گهراڻن حڪومت
ڪئي. خلجي، تغلق، سيد، لوڌي وغيره. هر هڪ هن شر کي
مختلف
Artistic
اسٽائيل ڏنو. مغلن ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ ته دهلي
حويلين جو شهر ليکيو ويو ٿي. انهن مان ڪجهه خاص
حويلين جا نالا جيڪي اسان هتي دهليءَ ۾ ٻڌي رهيا
آهيون يا مختلف اردو ۽ انگريزي ناولن ۾ پڙهيا
اٿئون يا فلمن ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ هن وقت مون کي ياد
آهن، هن ريت آهن:
سيٺ چهونا مل جي حويلي
حڪيم احسان خان جي حويلي: جتي جواهر لعل نهروءَ جي ڪملا نهروءَ
سان شادي ٿي.
نمڪ حرام جي حويلي: جنهن جو مالڪ جسونت راءِ ويڙهاڪ مرهٽي جو
دوست ڀواني شنڪر هو. ڀواني شنڪر بعد ۾ جسونت راءِ
کي ڇڏي انگريزن سان وڃي مليو. ان ڪري هن جو نالو
نمڪ حرام پيو. اها حويلي اڄ به چاندني چوڪ ۾ آهي.
زينت محل حويلي: زينت محل آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظرف جي
زال هئي. 1857ع واري غدر ۾ لڪڻ وارن لاءِ هيءَ
حويلي قلعو ثابت ٿي هئي. اڄ ان حويلي واري جاءِ تي
مسالن پيهڻ جو ڪارخانو، ڇوڪرين جو اسڪول، کير جو
دڪان ۽ ڪجهه گهر آهن.
مرزا غالب جي حويلي: اردو جو شاعر مرزا اسدالله غالب آگري کان
دهلي اچڻ تي سڄي عمر هن حويليءَ ۾ رهيو. هيءَ
حويلي حاڪمن جي حويلي به سڏجي ٿي. دهلي جي باليمرن
علائقي جي قاسم جان گهٽيءَ جي هيءَ حويلي اڄ بنهه
ڊٺل حالت ۾ آهي. هن جا ڪمرا جنهن ۾ غالب ويهي اردو
۽ فارسيءَ جا ديوان لکيا اهي ويران آهن.
مٿي ذڪر ڪيل حڪيم احسان الله خان شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جو
ذاتي حڪيم هو. هي گهر ٻه هزار چورس والن تي هو.
حيدر قلي حويلي: هيءَ محل نما عمارت فتح پوري مسجد جي ڀرسان
آهي. حيدر قلي مغل شهنشاهه محمد شاهه رنگيلي جي
ڏينهن ۾ آرٽلريءَ جو ڪمانڊر هو. اڄڪلهه حويليءَ
سوين گهرن ۾ تدبيل ڪئي وئي آهي. اهو آهي ته هن
حويليءَ جو اصلوڪو گيٽ ۽ نالو اڃا به موجود آهي.
بشير احمد نالي هڪ مصنف جو ڪتاب آهي: ”وقعت دارالحڪومت دهلي“
جنهن ۾ هن دهليءَ جي حويلين بابت لکيو آهي. ان جا
ڪجهه حصا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل مون به پڙهيا آهن.
”حاڪمن جا ويجها فوجي عملدار ۽ آفيسر وڏين حويلين ۾ رهيا ٿي جن
کي ”نشيمن“ به سڏيو ويو ٿي. هر حويلي جون ٻاهريون
ڀتيون ٿلهي پٿر جون ٺهيل هونديون هيون جن مالڪ جي
عورتن کي ڌارين جي نظرن کان بچايو ٿي ۽ هنگامن
دوران گهر جي سامان جي حفاظت ڪئي ٿي. هر حويليءَ
کي هڪ تمام وڏو گيٽ هو جيڪو ”نقار خانو“ سڏيو ويو
ٿي جنهن ۾ پهريدار سپاهين کان علاوه بيوگل وڄائڻ
وارا ۽ طبلچي به رهيا ٿي. جيئن زينت محل جي
حويليءَ ۾ هو. زينت محمد جي اچڻ يا ٻاهر نڪرڻ وقت
بيوگل ۽ توتارا وڄائي عام ماڻهوءَ کي آگاهه ڪيو
ويو ٿي ته هو رستا خالي ڪري پاسي ڪنڊ ۾ ٿي بيهن.
نقار خانن جي ڀر ۾ گهوڙن، اٺن ۽ هاٿين جا اسطبل
هئا. سلطان نويد يا خان ٻڌائيندو هو ته هن جي وڏن
جي حويليءَ ۾ ڏهه گهوڙا ڏهه اٺ ۽ پنج هاٿي هئا. هن
جا وڏا مغل شهنشاهه جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ايران
کان آيا هئا. انهن حويلين ۾ عورتن جا ڪمرا
”محلسرا“ سڏبا هئا ۽ حويليءَ جي بلڪل اندر واري
حصي ۾ هئا. انهن محلسرائن ۾ ”تهه خانا“ ۽ ”سرد
خانا“ هوندا هئا. گهر جا مالڪ آيل مهمانن سان
”ديوان خانن“ ۾ ملندا هئا. ديوان خانن سان لڳو لڳ
لئبريري ”ڪتب خانا،“ هئا، جن ۾ خوبصورت الماڙين
ڀرسان ”قلمدان“ (انڊپين رکڻ جي جاءِ) ”شمعدان“
(Candle Stand)
هوندا هئا. انهن حويلين ۾ خوبصورت حمام (وهنجڻ
جايون) هيون ۽ نوجوان ڇوڪرين لاءِ ”شيش محل“ (شيشي
جا ڪمرا) هئا.“
انهن سڀني حويلين کي پاسي تي رکي اسان نهر واري حويلي ڏسڻ
وياسين جنهن ۾اسان جي صدر جنرل پرويز مشرف جنم
ورتو. اها درياهه گنج جي گولا مارڪيٽ جي پرتاپ
اسٽريٽ ۾ آهي. سٺ سال اڳ پرويز صاحب جي ڄمڻ وقت
هي علائقو ضرور خوبصورت هوندو، آدمشاري گهٽ هئي
جيئن ان وقت اسان جي پراڻي (ڪراچي کارادر، ميٺادر)
هئي. هينئر ته درياهه گنج جي مين روڊ تي هلڻ ۾ به
اسان پوڙهن جا حال ٿيو وڃن. هفتو کن اڳ هتي جو فوٽ
پاٿن تان پراڻا ڪتاب وٺڻ آيو هوس. جيتوڻيڪ اهو آچر
جو ڏينهن هو ته به پيهه پيهان جو عالم هو. هينئر
ڪرڪيٽ ميچ لاءِ صدر پرويز مشرف انڊيا اچي رهيو آهي
ته هن جي پراڻي گهر ”نهر والي حويليءَ“ کي سرڪاري
طرح خوب رنگ روغن ٿي رهيا آهن. اسان جي همراهن جو
به شوق ٿيو ته اها حويلي ضرور ڏسجي. هونءَ به
درياهه گنج جامعه مسجد، لال قلعي وارن علائقن مان
هر وقت گذر ته ٿي رهيو هو سو اسان به پڳ ٻڌي
ڪئميرا کڻي درياهه گنج ڏي روانا ٿياسين.
وقت سان گڏ هن حويليءَ جا مالڪ بدلبا رهيا ۽ حصن ۾ ورهائبي رهي.
هينئر هن جي هڪ حصي ۾ مشهور ٿيٽر گولچا
(Golcha)
آهي، هيءَ حويلي جيڪا نهر واري حويلي سڏجي ٿي
پٺيان فيض بازار سان وڃيو ملي جيڪا ڪراچيءَ جي
جوڙيا بازار ۽ کجور بازار وانگر دڪانن ۽ ماڻهن سان
ڳهتيل آهي. اها ڪل ست سؤ والن تي چار ماڙ آهي، هتي
جي هڪ پراڻي رهاڪوءَ ٻڌايو ته اورينجل حويلي مغل
عمارتسازيءَ جي نموني جي ٺهيل هئي. اڄڪلهه هيءَ
حويلي اٺن حصن ۾ ورهايل آهن جنهن ۾ 28 فيمليون رهن
ٿيون. هيٺين حصي ۾ چاليهه کن ننڍا وڏا دڪان آهن.
حويليءَ جو اورينجل اسٽرڪچر ٻن حصن ۾ ورهايل هو جنهن ۾ ٻه
فيمليون رهيون ٿي. هڪ حصي ۾ صدر پرويز مشرف جي
ڏاڏي امينا بيگم ۽ ان جي ڀيڻ رهي ٿي ۽ ٻئي حصي ۾
پرويز مشرف جي ڏاڏيءَ جا ڀائر، متمعن دين، قاضي
محمد نظام الدين ۽ قاضي مغيم الدين، حويليءَ جو
ٽيون حصو هو جيڪو امينا بيگم جي ڀيڻ سعيدا جي
حوالي هو.
راجيش جي نالي هڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سعيد واري حصي ۾ اڄڪلهه رهي
ٿو، هڪ ٻئي حصي ۾ راڪيش، سنديپ ۽ هيمچند نالي ٽي
ڀائر رهن ٿا جن جو چوڻ آهي ته هن جي پيءُ پريمچند
گولا 1946 ۾ حويلي جو اهو حصو 65 هزار روپين ۾
خريد ڪيو هو.
صدر صاحب جي دهليءَ واري دؤري دوران ان حويلي جي چڱي طرح صفائي
ڪري ٻاهران رنگ روغن لڳايا ويا آهن ۽ عمارت اڳيان
پٿرن جو هڪ خاص اسٽرڪچر پڻ ٺاهيو ويو آهي.
صدر پرويز مشرف جيڪو هن حويليءَ ۾ ڄائو سيد مشرف دين جو ٻيو
نمبر پٽ آهي جو ان وقت دهليءَ ۾ سول سپلائيز
ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل هو. ان وقت جو هڪ اهڙو
ماڻهو اڃا زندهه آهي۽ هتي رهي ٿو جنهن کي پرويز ۽
سندس ڀاءُ اشرف جي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد آهن جن جون
ننڍپڻ جون ڏنگايون گهر جي سڀني ڀاتين کي مشغول
رکنديون هيون. اها آهي 92 ورهين جي ڪمشير ٻائي
جنهن هن حويليءَ جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪئي ٿي. گذريل
دفعي صدر پرويز آيو هو ته هن سان مليو هو. ڪشمير
ٻائيءَ کي اميد آهي ته هن دفعي به سندس ملڪ جي
حڪومت سيڪورٽي ۽ پروٽوڪال کي پاسيرو رکي هن کي
پاڪستان جو صدر صاحب سان ملڻ ڏيندي. ڪشمير ٻائيءَ
سان هر ڪو ماڻهو چرچا ڪري رهيو آهي ته تون ئي هڪ
واحد ماڻهو هتي آهين جنهن جنرل صاحب کي
Nappies
۾ ڊوڙندو ڏٺو صدر صاحب خرچي ڏنئي ته مٺائي اسان کي
به کارائجانءِ.
دهليءَ
جي جهوني ۾ جهوني لئبريري
پراڻي دهليءَ ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ”هريال ميونسپل پبلڪ
لئبريري“ دهليءَ جي سڀ کان پراڻي لئبريري آهي.
چاندني چؤڪ ۾ ٺهيل ڦوهاري کان پراڻي دهلي ريلوي
اسٽيشن ڏي وڃبو ته واٽ تي کاٻي پاسي راڻي باغ جي
ڪلارڪ
(Clarke)
گيٽ وٽ
Colonial
نموني جي عمارت نظر ايندي. ان جهڙيون انگريزن جي
ڏينهن جون
Colonial
عمارتون ڪراچي صدر ۾ به اڃا موجود آهن. راڻي باغ
اڄڪلهه گانڌي ميدان به سڏجي ٿو. پراڻن ڏينهن ۾ اهو
ڪمپني باغ سڏبو هو. لئبريريءَ جي هيءَ عمارت ڪاريا
پل تان ئي نظر اچي ٿي. هيءَ لئبريري انگريزن ۽
يورپين جي مطالعي ۽ وقت گذارڻ لاءِ 1862ع ۾ ٺهي
هئي، بعد ۾ مڪاني ماڻهن يعني انڊين کي به اچڻ جي
اجازت ڏني وئي.
هن لئبريري جي وجود ۾ اچڻ جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي. اوڻهين صديءَ
۾ اڃا هوائي جهاز هلڻ شروع نه ٿيا هئا. انگلينڊ
کان انگريز آفيسر ڇهن ڇهن سالن لاءِ انڊيا بدلي
ڪيا ويندا هئا جيڪي ان وقت جي هوائن جي رحم و ڪرم
تي هلندڙ سڙهن وارن جهازن ۾ ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي
شروعات ۾ آگبوٽن ذريعي انڊيا پهچندا هئا. لنڊن کان
منزلون ڪاٽيندا، سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندا، ڪيپ
آف گڊ هوپ لتاڙي هندستان جي بندرگاهه سورت يا
بمبئيءَ ۾ ست اٺ مهينن بعد اچي پهچندا هئا. ڊگهي
سامونڊي سفر ۾ وقت پاس ڪرڻ لاءِ هو پاڻ سان ڪتابن
۽ رسالن جون ڀريون ٻڌي نڪرندا هئا ۽ انڊيا پهچڻ تي
اهي هنن جي ڪم جا نه رهندا هئا. بندرگاهه جا واسطي
طار آفيسر اهي ڪتاب گڏ ڪري ريڊنگ ڪلب ۾ رکندا هئا.
اتان پوءِ لارينس انسٽيٽيوٽ ٺهڻ تي ان جي
لئبريريءَ ۾ رکيا ويا. اها عمارت 1861ع ۾ ٺهي ۽
اڄڪلهه ٽائون هال آهي. 1902ع ۾ اها لئبريري جيڪا
هاڻ دهلي پبلڪ لئبريري جي نالي سان سڏجي وڃي ٿي،
”ڪچا باغ“ شفٽ ڪئي وئي. 23 ڊسمبر 1912ع تي انگريز
حاڪم لارڊ هارڊنگ تي آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙن بم
اڇليو. جنهن جي اڳواڻي لالا هرديال ڪري رهيو هو.
لارڊ هارڊنگ ان وقت هاٿيءَ تي چڙهي چاندني چؤڪ مان
لنگهي رهيو هو. هو بنا ڪنهن زخم جي بچي ويو. ٻي
حياتي ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ هن اتي دهلي پبلڪ لئبريري
جي لاءِ نئين عمارت ٺهرائن جو اعلان ڪيو. هن ان ڪم
لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي ان جو صدر لالا شيئو پرساد
مقرر ٿيو. ڪميٽيءَ ستر هزار روپيا گڏ ڪيا جن مان
چوڏهن هزار خان صاحب حاجي بخش الاهيءَ ڏنا ۽ ڏهه
هزار ڪشمير جي مهاراجا ڏنا.
1916ع ۾ هيءَ لئبريري نئين عمارت ۾ شفٽ ڪئي وئي ۽ سندس نالو
هارڊنگ ميونسپل پبلڪ لئبريري رکيو ويو، جيڪو پوءِ
1970ع ۾ بدلائي ”هرديال ميونسپل پبلڪ لئبريري“
رکيو ويو. لئبريري ۾ هندي، اردو، عربي، فارسي،
انگريزي ۽ سنسڪرت جا هڪ لک ستر هزار ڪتاب آهن، سڀ
۾ پراڻو ڪتاب
Relation of Some Years.
آهي جيڪو
Travail Begvenne. جو 1634ع ۾ بلاڪ پرنٽنگ ذريعي لنڊن ڇپيو هو. هي ڪتاب ايشيا ۽
آفريڪا جو سف نامو آهي.
هن لئبريري ۾ ڪجهه ٻيا پراڻا ڪتاب هن ريت آهن:
”دنيا جي تاريخ، هن جا پنج واليوم آهن جن جو مصنف
Sir Walter Raleigh
آهي ۽ هي ڪتاب 1676ع جو ڇپيل آهي ۽ هڪ ٻيو ڪتاب
1870ع جو آهي، جيڪو لکنؤ جي برٽش ڪمانڊر جي زال
مسز. آر. سي. جرمون جي لکيل ڊائري آهي. ان قسم جا
هڪ سؤ سالن کان مٿي پراڻا ۽ بي بها ڪتاب هن
لئبريريءَ ۾ ڇهن هزارن کان به مٿي ٿيندا.
مٿي ذڪر ڪيل ٻن انگريز آفيسرن: جان لارينس ۽ لارڊ چارلس هارڊنگ
بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو جن جو انڊيا سان
گهڻو تعلق رهيو.
جان لارينس 4 مارچ 1811ع تي انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ 1864ع کان 1869ع
تائين انڊيا جو وائسراءِ ٿي رهيو. پاڻ سنه 1829ع ۾
پنهنجي وڏي ڀاءُ سر هينري مانٽگميري سان گڏ انڊيا
۾ آيو. هي ٿورو ئي عرصي ۾ دهليءَ جو مئجسٽريت ٿيو
۽ پوءِ ٽيڪس ڪليڪٽر. سکن جي پهرين لڙائي
(46_1845ع) ۾ لارينس پنجاب جي جالنڌر ضلعي جو
ڪمشنر ٿيو ۽ سندس وڏو ڀاءُ سڄي صوبي (پنجاب) جو
گورنر هو. هن شخص هندستان ۾ ستيءَ جي رسم ختم ڪرڻ
جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. 1859ع ۾ جان لارينس پنهنجي
وطن (انگلينڊ) روانو ٿيو ۽ چئن سالن بعد 1863ع ۾
کيس وري انڊيا جو موڪليو ويو. هن ڀيري کيس
”وائسراءِ“ جي پوسٽ تي رکيو ويو ۽ پنج سال
وائسراءِ ٿي رهيو. پاڻ سن 1879ع ۾ وفات ڪيائين.
لارڊ چارلس هارڊنگ به انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ ٿي رهيو.
سن 1858 ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. 1880 ۾ انگلينڊ جي
ڊپلومئٽ سروس ۾ داخل ٿيو ۽ 1904ع ڌاري سفير جي
حيثيت سان روس موڪليو ويو. 1910ع کان 1916ع تائين
هو دهليءَ جو گورنر جنرل ۽ پوءِ وائسراءِ ٿي
رهيو. هن جي ڏينهن ۾ انگلينڊ جو بادشاهه جارچ
پنجون ۽ راڻي مئري 1911ع ۾ انڊيا گهمڻ آيا. هن جي
ڏينهن ۾ ورلڊ وار پهرين لڳي جنهن ۾ انگريزن سان گڏ
ننڍي کنڊ جي ماڻهن پڻ انگريزن جي بچاءَ لاءِ حصو
ورتو. هن جي ڏينهن جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته
هونءَ جون انگريز حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو
هو، اهو بدلائي دهلي ڪيو ويو. لارڊ هارڊنگ 1944ع ۾
پنهنجي وطن انگلينڊ ۾ وفات ڪئي. هن جي يادگيرين
جو لکيل ڪتاب
My Indian years 1910-1916
پڙهڻ وٽان آهي، جيڪو 1948ع جو ڇپيل اهي. ان کان
پوءِ ٻيا ڇاپا به ضرور نڪتا هوندا ۽ شايد
Web site،
تي به اچي چڪو هجي پر منهنجي پراڻي جهازي لئبرري ۾
1948ع جو ڇاپو هو جيڪو جهاز جا ٻيا آفيسر به وڏي
شوق سان پڙهندا هئا. خاص ڪري سياري جي سرد ۽ ڊگهين
اونداهين راتين ۾ يا ڊگهن سامونڊي سفرن ۾، وقت
گذارڻ لاءِ.
انڊيا ۾ سنڌي
بڙودا ۾ ايڪسپريس فوٽو شاپ جي مالڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ
پليئر جاويد ميانداد جو والد صاحب پاڪستان لڏي وڃڻ
کان اڳ بڙودا ۾ پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو.
لڏپلاڻ وقت احمد آباد، بڙودا توڙي گجرات ۽ مهاراشٽراصوبن جا
مسلمان سنڌ ۾ آيا جو هنن لاءِ پاڙيسيري صوبو هو.
سنڌ ۾ هي جيڪي ڪڇي ميمڻي، گجراتي، ڪاٺياواڙي زبانو
ڳالهائيندڙ ڏسو ٿا اهي انڊيا جي هنن صوبن جي مختلف
ضلعن جا آهن ۽ هو پاڻ کي انهن ضلعن ۽ شهرن جي نالن
جيت پور، ڪتيانا، ڪاٺياواڙ، ماندوي وغيره جي حوالن
سان سڏائين ٿا. سنڌ کان جيڪي سنڌي هندو انڊيا آيا
اهي به پهرين هنن صوبن ۾ آيا ۽ پوءِ وقت سان گڏ
انڊيا جي ٻين صوبن ۾ به ٽڙي پکڙي ويا. اڄ به سنڌي
هندو گجرات ۽ مهاراشٽرا ۾ گهڻا رهن ٿا. جڏهن سنڌ
بمبئيءَ سان مليل هئي تڏهن به اسان جا وڏا جيتوڻيڪ
ڪجهه علي ڳڙهه پاسي ويندا هئا باقي گهڻا تڻا
هيڏانهن پوني، بمبئي جي جهونا ڳڙهه پاسي
ايگريڪچلر، ڊاڪٽري، وڪالت ۽ تعليم جي ٻين برانچن،
واپار ۽ گهمڻ لاءِ آيا ٿي. بڙودا جي هن جهوني سنڌي
فوٽو گرافر ٻڌايو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بڙودا ۽
احمد آباد وغيره ۾ تمام گهڻا سڌندي رهن ٿا ويندي
سنڌين جون رهائشي ڪالونيون به آهن پر سڀ کان گهڻا
ممبئي، الهاس نگر ۽ ٿاني پاسي رهن ٿا. ان سلسلي ۾
رميش ڪتيجا نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو مضمون پڙهيو
هوم جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته ايم ايم آر يعني
Mumbai Mertropolitan Region
جنهن ۾ گريٽر ممبئي جو ضلعو، ٿاني شهر، نئين ممبئي
۽ الهاس نگر جهڙا تعلقا ۽ راءِ ڳڙهه ضلعي جا ڪجهه
حصا اچي وڃن ٿا، ڏهه لکن کان مٿي سنڌين جا گهر
آهن.
ممبئي (بمبئي) جا علائقا جن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي رهن ٿا اهي
آهن: چيمبر سنڌي ڪالوني، ڪوليوال ۾ سنڌ سيوا سمتي
نگر، سيان سنڌي ڪالوني، مولند ايسٽ ۾ شاهاڻي
ڪالوني ۽ مولند ويسٽ ۾ سنڌ ڪالوني. ان کان علاوه
ڪولابا، چرچ گيٽ، وارڊن روڊ، نيپين سي روڊ، ڪلبا
ديوي، ماهيم، کار، باندرا، گهاٽڪو پار ۽ پووائيءَ
۾ به ڪافي سنڌي رهن ٿا. الهاس نگر انڊيا جو واحد
شهر آهي جنهن ۾ سنڌين جي اڪيلي ميجارٽي آهي. (هي
اهو شهر آهي جتي جي الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن جي
ڪارخانن جون ٺهيل شيون
USA
جي نالي سان وڪامن ٿيون. جن جو تفصيلي ذڪر ”دنگي
منجهه درياه“ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم).
ممبئي پاسي جا هي سنڌي انڊيا جي ٻين هنڌن تي رهندڙ سنڌين کان
وڌيڪ سکيا ستابا آهن. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي اباڻي
وطن کان هٿين خالي آيا پنهنجي محنت، عقل، هنر ۽
لڳاتار جدوجهد سان غريب ڏتڙيل ڪميونٽي مان امير
ترين ڪميونٽي بڻجي ويا جن جو مثال دنيا ڏئي ٿي. چي
اهڙو محنتي جهڙو سنڌي هندو. ايڏو هنر مند ۽ جفاڪش
جهڙو سنڌي هندو، اهڙو سخي مرد جهڙو سنڌي هندو.
شروع ۾ مڪاني ماڻهو هنن نون آيل ماڻهن کي ڌڪاريندا هئا ته هٿين
خالي اچي هر واپار وڙي ۽ تعليمي فيلڊ ۾ اڳيان وڌي
ويا آهن پر هاڻ مختلف ڪهاڻي آهي. هو ڏسن پيا ته
هنن سنڌين جي ڪري سندن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خوشحالي آئي
آهي. وڌيڪ ڌنڌا ڌاڙيون ۽ ڪمائڻ جا ذريعا پيدا ٿيا
آهن. هي سنڌي ٻين صوبن کان آيل ماڻهن جيان ڪمايل
پئسو پنهنجي صوبي ۾ موڪلڻ بدران هتي ئي لڳائين ٿا،
غريبن جي مدد ڪن ٿا، خير خيرات ڪن ٿا، مفت جي علاج
۽ تعليم خاطر اسپتالون ۽ اسڪول کولين ٿا. هو جتي
رهن ٿا ان ڌرتيءَ کي ”ڪرم ڀومي“ ۽ ”جنم ڀومي“
سمجهن ٿا. هو ٻين ڌارين (مرهٽن، تاملن، بنگالين،
بهارين وغيره) کان بلڪل مختلف آهن.
ممبئي، الهاس نگر، ٿاني وغيره ۾ سنڌين جي گهڻائي هجڻ ڪري تعليمي
ادارن جو تعداد تمام وڏو آهي جيڪو سنڌي ماڻهن جي
چندن سان وجود ۾ آيو آهي. حيدرآباد سنڌ نيشنل
ڪاليجيٽ بورڊ، دي ڪشنچند چيلارام ايڊيو ڪيشن
ادارا،
“The Inlacs”،
دي ساڌو بيلاس تعليمي ادارا، دي پر سرام پارومل
تعليمي ادارا، دي سنڌي ايڊيو ڪيشنل سوسائٽي انهن
چند اسڪولن ۽ ڪاليجن مان آهن جيڪي سنڌين انڊيا جي
فقط هن اولهه ڏکڻ واري حصي ۾ ٺهرايا آهن. هن ۾
انهن تعليمي ادارن جو ذڪر بلڪل نه ڪيو ويو آهي
جيڪي سنڌين انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کوليا آهن يا
ويندي ڀر وارن شهن، احمد آباد، بڙودا، پوني وغيره
۾ ٺهرايا آهن.
پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهي ۾ انهن سڀني تعليمي ادارن ۾ گهڻو ڪري سنڌي
ميڊيم آف انسٽرڪشن هئي ۽ سبجيڪٽ طور ڪاليج جي
مٿاهين ليول تائين پڙهائي وئي ٿي. وقت سان گڏ
انگريزيءَ جو مان مٿاهون ٿيندو پيو وڃي ۽ انڊيا
توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جي اسڪولن وانگر هتي به
سنڌي بدران انگريزي ميڊيم آف اسنٽرڪشن ٿيندو وڃي.
پر ان هوندي به اڃا تائين ڪيترائي سنڌي اسڪول آهن
خاص ڪري هن ممبئي پاسي، ۽ سنڌين طرفان ٺهرايل
ڪاليجن ۾ سنڌي سبجيڪٽ طور پڙهائي وڃي ٿي. ”ممبئي
يونيورسٽي“
Ph.D
ليول تائين سنڌي سبجيڪٽ تسليم ڪري ٿي. سنڌين لاءِ
انڊيا جي هن علائقي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا تمام گهڻا
موقعا آهن جو سنڌين جي ٺهرايل سڀني اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ سنڌين لاءِ چاليهه سيڪڙو سيٽون رکيل آهن.
گجرات ۽ ممبئيءَ جو هي پاسو اهڙو آهي جتي اڄ به سنڌي گهڻي ڀاڱي
اصلي اسٽائيل ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ٻين صوبن ۾
ڳالهائڻ جي لهجي تي مڪاني زبان جو گهڻو اثر ٿي ويو
آهي. ممبئي پاسي توهان کي سنڌين جون اهڙيون
ڪميونٽيون، ملنديون جيڪي حيدرآباد نج سنڌيءَ کان
علاوه شڪارپوري، لاڙي، لاسي، ٺٽي ٿري ۽ اپر ۽
لورو سنڌ جي ٻين لهجن ۾ سنڌي ڳالهائين ٿيون. سنڌين
جي گهرن ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي مڪسچر ۾ ڳالهه
ٻولهه هلي ٿي جنهن ۾ مڪاني زبانن مرهٽي، گجراتي
وغيره جا به ڪجهه ڪجهه لفظ استعمال ٿين ٿا.
ڪنهن وقت ۾ انڊيا مان ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون نڪتيون ٿي. هاڻ
پڙهڻ وارن جي کوٽ ڪري اهي اخبارون هڪ هڪ ٿي بند ٿي
ويون آهن. عربي رسم الخط واري سنڌي اخبار هاڻ فقط
هڪڙي وڃي بچي آهي. جيڪا گجرات صوبي جي شهر احمد
آباد مان نڪري ٿي ٻه ٽي مئگزينون نڪرن ٿيون جن مان
هڪ
Spoon
مشهور آهي جيڪا پارو ۽ ٺاڪر چاوله جي گڏيل ڪوششن
جو نتيجو آهي. سنڌيءَ جا اهم ۽ وڏا ليکڪ هڪ هڪ ٿي
الله کي پيار ٿا ويا يا ٻڍاپي جي دؤر مان گذري
رهيا آهن. سندري اتم چندراڻي، اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي،
پوپٽي جهڙن ليجنڊن کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ڄڻ ته مڪمل
بليڪ آئوٽ جو سمو ٿو پسجي.
هڪ ٻه ڏهائي سال اڳ تائين سنڌي ڊراما ڪندڙن جا ڪجهه گروپ ۽
آرٽسٽ ضرور هئا جن مختلف ٿيٽرن ۾ ڊراما ڪيا ٿي.
هاڻ انهن جو تعداد پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي. مس
انيلا سندر هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو اڃا سنڌي ڊرامن
کي جياريندو اچي. انڊيا ۾ ڪا سنڌي ٽي وي ناهي.
سال ٻن کان دبئي ۽ بئنڪاڪ جهڙين جاين تان
KTN
۽ سنڌ ٽي وي جهڙن چئنلن انڊيا جي سنڌي ڪميونٽيءَ ۾
خوشيءَ جي لهر پيدا ڪئي آهي.
سنڌين جي لڏي اچن کان اڳ انڊيا ۾ ”ڪو آپريٽو هائوسنگ
سوسائيٽنز“ جو رواج نه هو .اهي سنڌي هئا جن ممبئي
جي علائقي ڪولابا
(Colaba)
۾ پهرين ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ٺاهي سا به اڄ
کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ. اڄ اهو
Concept
سڄي ممبئي ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي سنڌين
هائوس ڪنسٽرڪشن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. هيرا ننداڻي،
۽ راهيجا، انڊيا جا مشهور ۽ ڪامياب بلڊر آهن. هنن
جي ”گهريلو
Complees
جو سڄي انڊيا ۾ ڪو مقابلو ڪرڻ وارو ناهي.
ممبئي پاسي رهندڙ سنڌي انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل ضرور آهن پر سندن
گهڻائي واپار ڪري ٿي. هنن جي اچڻ کان اڳ هن تر ۾
گجراتين، مارواڙين ۽ بوهرين جو بزنس تي هولڊ هو پر
محنت، عقل ۽ واپاري ڄاڻ کان ڪم وٺي سنڌي سڀ کان اڳ
نڪري ويا آهن. ڪپڙي جي مارڪيٽن، الڪٽرانڪ جي
مارڪٽين ۽ هول سيل جي فليڊ ۾ سندن ڪو مقابلو ڪري
نٿو سگهي. هنن جي بنيادي سوچ
High Turn over and low profitability.
هنن کي ڀاڳ ڌڻي بنائي ڇڏيو آهي.
سنڌين جا ڪٽڪ بالي ووڊ ۾ گهڙي پيا آهن. اڄ فلمي دنيا ۾ ڪيترائي
سنڌي فنائنسر، ڊائريڪٽر، ايڪٽر، ايڪٽريسون ۽ ٻيا
آرٽسٽ قومي ۽ بين الاقوامي فيم جا آهن، سپي،
ڀاڳناني، توراڻي انهن مان ڪجهه ڪامياب نالا آهن
فلمي دنيا ۾ سنڌين جي هيڏي طاقت هوندي به اها سنڌي
فلمن کان خالي آهي.
هن پاسي جي سنڌي ڪميونٽي ۾ سنڌي ڊاڪٽرن ۽ سنڌين جي ٺهرايل
اسپتالن جو به وڏو نالو آهي. اهي اسپتالون نه فقط
اميرن لاءِ آهن پر غريبن لاءِ پڻ. پيڊار روڊ تي
جسلوڪ اسپتال، ماهيم ۾ ”هندوجا“ اسپتال دنيا جي
مقابلي جون اسپتالون آهن جن تي انڊيا کي فخر آهي.
انهن کان علاوه سنڌين جون ٻيون به ڪيتريون ئي
اسپتالون، نرسنگ گهر ۽ ڊسپينسريون آهن جتي اميرن
توڙي غريبن جو علاج ٿئي ٿو. چيمبور ۾
Inlac`s Hospital
پڻ انهن مان هڪ آهي. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ ممبئي جي
علائقي پووائي
(Powai)
۾ ڊاڪٽر ايل، ايڇ هيراننداڻي اسپتال شروع ٿيڻ واري
آهي، جنهن کي دنيا جي اعليٰ ترين اسپتال چئي سگهجي
ٿو.
الهاس نگر جيڪو ڪنهن زماني ۾ غريب ڏٽريل سنڌين جو شهر سڏيو ويو
ٿي اڄ دنيا جي ماڊرن شهرن مان هڪ آهي جيڪو
بازارين، شاپنگ مالن، فيڪٽرين کان ڄڻ ته ڦاٽي ٿو ۽
سنڌين پنهنجي جياپي جو مثال قائم ڪيو آهي. ڪنهن سچ
چيو آهي ته:
“The Community indeed is imperishable, If
miniscule community of parsi` can survive
Sindhis sure will”. |