ملائيشيا ۾ اسلام هاڻ پندرهينءَ صديءَ ڌاري عرب
ملڪن کان ايندڙ واپارين پکيڙيو، يعني ان کان ڇهه
سئو سال کن ڪي مس ٿيا آهن. جيئن ننڍي کنڊ ۾ پهرين
اسلام سنڌ ۾ آيو، اهڙي طرح هن پاسي اسلام پهرين
ملاڪا شهر ۽ ملاڪا رياست ۾ آيو. تيرهين چوڌهين
صديءَ تائين ته هن ڏکڻ اوڀر ايشيا واري علائقي ۾
ملائيشيا- يا ملاڪا جي ڪا اهميت ئي نه هئي. ڪنهن
کي به ملاڪا ياد نه هو ۽ نه ڪنهن سمجهيو ٿي ته ڪو
ملاڪا اڳتي هلي اهم بندرگاهه ۽ شهر ٿي پوندو.
سري وجايا نالي سماتري سلطنت، ماجا پاهت نالي جاوا
جي مشهور سلطنت، يا ٿائلينڊ جي سيام شهنشاهيت هن
علائقي جون مشهور حڪومتون هيون. جن جون اوسي پاسي
جون باقي رياستون زبردست هيون ۽ جن کين ڏن:ڏنڊ، ڍل
۽ ٽئڪس ٿي ڏنو. اهڙين ئي رياستن مان هڪ سنگاپور جي
انڊين رياست تماسڪ Tumasik نالي
هئي، جنهن جي سماتري حاڪم راجا پراميسورا پنهنجي
رياست کي آزاد ڪرائڻ لاءِ چوڏهين صديءَ جي آخر ۾
پناهه ورتائين، ملاڪا انهن ڏينهن ۾- يعني چوڏهين
صديءَ ۾ مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. راجا پراميسورا
ملاڪا ۾ رهي آهستي آهستي هڪ ننڍڙي حڪومت قائم ڪئي.
هن شهر ملاڪا جتي آئون رهيل آهيان، دراصل ان دور
کان پوءِ وڌڻ ويجهڻ شروع ڪيو. راجا پراميسورا جي
اچڻ کان اڳ تائين ڪجهه به نه هو. پوءِ ڏسندي ئي
ڏسندي سندس بندرگاهه به مشهور ٿيو ته شهر جون
مارڪيٽون ۽ بازاريون به ۽ پنڌرهين صديءَ جي شروعات
تائين سياست توڙي وڻج واپار ۾ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا
۾ ملاڪا جو ڌاڪو ڄمي ويو- نه فقط ملايا ۾ پر سڄي
ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ملاڪا جو ناليرو ٿيندو ويو.
واپار ۽ سياست کان علاوه ملائيشيا ۾ اسلام پکڙجڻ
جو ڪم به ملاڪا کان ئي شروع ٿيو. عربستان کان
ايندڙ جهازين ۽ واپارين جي اچڻ ڪري اسلام جي تبليغ
ٿي، پنڌرهين صديءَ جي شروع تائين انڊيا ۾ به اسلام
پکڙجي چڪو هو. محمد بن قاسم 713ع ڌاري سنڌ تي حملو
ڪيو، ان بعد آهستي آهستي اسلام سڄي ننڍڙي کنڊ ۾
پکڙجي ويو، ۽ هندستان جي اوڀر بنگال ۽ ٻين هنڌن
کان ملاڪا ايندڙ مسلمان وڻجارن پڻ اسلام کي هتي جي
ماڻهن سان ڪافي متعارف ڪرايو.
ملاڪا بندرگاهه يا ملاڪا- نار جيترو اڄ مشهور آهي،
اوترو ئي تنهن دور ۾ هئو. ڇاڪاڻ جو ملاڪا نار جي
جاگرافيءَ جي خيال کان اهڙي پوزيشن آهي جو عربستان
آفريڪا ۽ يورپ کان چين، جپان ويندر جهاز يا چين
کان واپس ايندڙ جهاز ملاڪا نار مان ئي لنگهندا
هئا.
اپريل کان سيپٽمبر تائين جيڪي خليج بنگال ۽ هندي
سمنڊ ۾ چوماسي جون هوائون لڳن ٿيون، انهن جي زور
تي عربستان، ديبل، ڀوڄ، ڪڇ، گوا، بمبئي، مدرس،
چٽگانگ، ڪلڪتي- ٻين ننڍي کنڊ جي بندرگاهن کان سڙهن
وارا جهاز چين لاءِ نڪرندا هئا. سيپٽمبر تائين
جهاز اچي ملاڪا نار ۾ منزل انداز ٿيندا هئا. ڪجهه
سامان جي اتي ئي ڏي وٺ ڪري پوءِ وري آڪٽوبر کان
مارچ تائين لڳندڙ ابتي طرف وارين هوائن ذريعي واپس
وطن ويندا هئا يا ڇهه مهينا کن ملائيشيا جي شهرن ۾
ترسي فرحت وٺندا هئا ۽ پنهنجن ڪاٺ جي جهازن جون
مرمتون ڪندا هئا. ٻيلن ڪري ملاڪا ۾ ڪاٺ چپر سستي
هئي ۽ مپين جو تيل، پام ۽ ناريل جو تيل پڻ، جنهن
سان هو پنهنجن ٻيڙن کي مک ڏيندا هئا. پوءِ ٻئي سال
اپريل کان سيپٽمبر تائين لڳندڙ چوماسي هوائن جي
زور تي ملاڪا کان اڳيان چين هليا ويندا هئا. (هي
چوماسي Monsoon جون
اهي هوائون آهن جيڪي پاڻ وٽ سنڌ ۾ پڻ جولاءِ ۽
آگسٽ جي مهينن ۾ لڳنديون آهن، جن لاءِ چئبو آهي ته
ڏکڻ ڇوٽ پيو لڳي يا انهن هوائن کان اڳ چئبو آهي ته
ڏکڻ لڳي ته گرمين جو زور ڀڄي.)
اهڙيءَ طرح چيني جهازي عربستان ۽ انڊيا ڏي ويندا
هئا ته واٽ تي ملاڪا ۾ ئي داٻو ڪندا هئا. ٻنهي
پاسن جا ڪيترا جهازي ته هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃڻ
بدران ملاڪا ۾ ئي هڪ ٻئي سان سودا ڪري مال کپائي
يا بدلائي واپس وطن ڏي ورندا هئا. يعني اهو ئي Transhipment جو
ڪم ٿيندو هو جيڪو اڄڪلهه سنگاپور جي بندرگاهه ۾
ٿئي ٿو. پر تن ڏينهن ۾ ملاڪا اڄ جي سنگارپور کان
به وڌيڪ اهميت رکي ٿي ۽ اهڙي طرح ملاڪا نار مڊوي
هائوس يا هاف وي هائوس پڻ سڏبي هئي.
انڊيا، عربستان ۽ چين کان علاوه يورپ کان پڻ جهاز
ايندا هئا، جيڪي مختلف يورپي شيون وڪڻي مسالا وٺي
ويندا هئا- خاص ڪري لونگن، ڪارن مرچن، ڦوٽن، دال
چينيءَ تي يورپين جو مارو هو. هي اهي ڏينهن هئا
جڏهن اڃا ريفريجريٽر جي ايجاد نه ٿي هئي ۽ ماڻهو
گوشت کي رکڻ لاءِ مسالا هڻي سڪائيندا ۽ سنڌيندا
هئا. ويتر رڌ پڇاءَ ۾ لذت ۽ خوشبو آڻڻ خاطر لوڻ،
مرين، (ڪارين مرچن) کان لونگ، پلاجيريءَ تائين،
مسالن جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي.
بهرحال ملاڪا ۾ جنهن اسلام پکيڙيو سو عربستان ۽
هندستان کان ايندڙ واپارين ۽ جهازين ۽ ڪجهه ڪجهه
تبليغي جماعتن جي ڪري، پهرين ملاڪا ۾، ان بعد
ملائيشيا جي ٻين رياستن ۾ اسلام پکڙيو ۽ ان سان
گڏوگڏ پريان انڊونيشيا جي ٻين رياستن ۾ اسلام
پکڙيو ۽ ان سان گڏوگڏ پريان انڊونيشيا، ڏکڻ فلپين،
ڏکڻ ٿائلينڊ طرف پڻ، هاڻ هندو پوڄا ۽ عقيدا فقط
باليءَ ۾ وڃي بچيا آهن.
راجا پراميسورا کي ملاح ۾ صحيح طرح راڄ ڪرڻ لاءِ
قدرت صحيح مَتِ ۽ سازگار حالتون ڏنيون، جنهن مطابق
هن يڪدم چين جي مدد حاصل ڪري ورتي، چيني جهازين جي
انهن ڏينهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي بندرگاهه ۾ اچ وڃ وڌي
رهي هئي. ان ڏس ۾ چيني ائڊمرل چينگ- هو، پهريون
دفعو 1409ع ۾ ملاڪا بندرگاهه گهمڻ آيو. ان بعد
وري1414ع ۾ آيو. انهن ڏينهن ۾ چين اوسي پاسي جي
رياستن کان تمام طاقتور هو، ان ڪري چيني حڪومت کي
ساليانو ڏن ڏيڻ لاءِ راجا پراميسورا پاڻ چين هلي
ويو. انهيءَ مڃتا جي بدلي ۾ ملاڪا کي دشمن جي حملي
کان بچائڻ لاءِ چيني حڪومت واعدو ڪيو. اهڙيءَ طرح
ڪيترين ئي ٽهين تايئن چين جي پٺڀرائيءَ ۽ ڏڍ ڪري
راجا پراميسورا جي سلطنت جو نالو به نه وٺنديون
هيون. خاص ڪري ڀر واري سيام (ٿائلينڊ) حڪومت، ڳڙٻڙ
کان بچاءَ ۽ سڪون ڪري ملاڪا ۾ بي خوف خطر هڪ ئي
نموني جي حڪومت هلندي رهي. جنهن ڪري ملڪ سکيو
ستابو ٿيندو رهيو- واپاري ترقيءَ ۾ به ته سياسي
پکيڙ ۽ حڪومت ۾ به. ملاڪا حڪومت جون حدون وڌڻ سان
گڏوگڏ اسلام ۾ وڌندو ويو- خاص ڪري مظفر شاهه جي
حڪومت (59-1446) ۾. مظفر شاهه هندو راجا پراميسورا
جو پوٽو هو.
1456ع ۾ مظفر شاهه هڪ تمام قابل ماڻهوءَ تن پيراق
کي ملاڪا جو وزيراعظم (بنداهارا) مقرر ڪيو. سندس
ڏينهن ۾ سيامين (ٿائلينڊ وارن) ملاڪا تي حملو ڪيو
جن کي تن پيراق پنهنجي بهادري ۽عقل سان جوهور وٽ
سخت بحري لڙائيءَ ۾ شڪست ڏيئي ملاڪا کي بچايو، تن
پيراق جيتوڻيڪ ملاڪا جو سلطان نه بڻيو، پر اٽڪل
چاليهه سال: 1456ع کان 1498ع تائين حڪومت جون
واڳون سندس حوالي هيون. پيراق رياست اڳهين مسلمان
ٿي چڪي هئي ۽ 1460ع ۾ ملاڪا جو حصو ٿي رهي. اهڙيءَ
طرح پهانگ رياست جيڪا سيام (ٿائلينڊ) جي قبضي ۾
هئي. سا پڻ ملاڪا وارن فتح ڪئي- ۽ اتي جا ماڻهو به
پيراق رياست وانگر مسلمان ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح
ترينگانو رياست جي اتر تائين ملئي ماڻهن جو مذهب
اسلام ٿي ويو. ڏکڻ ملايا کي پڻ ملاڪا سلطنت جو
حصو بڻايو. سماترا (جيڪو اڄڪلهه انڊونيشيا جو هڪ
ٻيٽ آهي) جون اهي ندين واريون رياستون جيڪي پاڻيءَ
رستي ملاڪا سان وڻج واپار جي سلسلي ۾ ڳنڍيل هيون
سي پڻ ملاڪا سلطنت لاءِ 1477ع ۾ حاصل ڪيون ويون.
1474ع ۾ ملايا جي مشهور رياست ڪيداح جو سلطان پڻ
مسلمان بڻيو.
ملاڪا جي هاڪ ڏسندي ئي ڏسندي يورپ تائين هلي ويئي،
جن جي هن پاسي ٿيندڙ مسلمان ۾ گهڻي دلچسپي ۽ ڪرڙي
اک هئي. پورچوگالي جيڪي گذريل صديءَ کان مشرق جي
ملڪن جا رستا ڳولڻ ۽ پهچڻ کان مشهور ٿي چڪا هئا،
سي 1509ع ۾ ملاڪا پهتا. پورچو گيز پهريان يورپي
هئا، جن سمنڊ رستي ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپيو. 1488ع ۾ هڪ
پورچوگالي همراهه بارٿولوميو- دياز ڪيپ آف گڊ هوپ
ٽپي وري اتان جو اتان واپس پورچوگال موٽي ويو. ان
بعد 1498ع ۾ واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي. هندي
سمنڊ جو حصو ۽ عربي سمنڊ لتاڙي ڏکڻ هندستان جي شهر
ڪاليڪٽ ۾ پهتو هو. ان بعد هو اڳتي وڌڻ جو سوچڻ لڳا
۽ ملاڪا ۾ 1509ع ۾ جڏهن پهريون پورچوگالي پهتو ته
ماڻهن تڏهن ئي چيو ته هاڻي يورپي ماڻهو اسان جو
ملڪ ۽ ماڻهو ڏسي ويا اهن، سو هاڻ خبرناهي. واقعي
ٿيو به ائين جيئن هند، سنڌ، پنجاب، سلون ۾ يورپي
ماڻهن ۽ انگريزن ڪيو.
1510ع ۾ پورچوگالين هندستان جي شهر گوا تي قبضو
ڪيو، پوءِ سوڪوترا ٻيٽ ۽ هرمز پنهنجي قبضي ۾
آندائون (عدن سو سندن ور نه چڙهيو جيتوڻيڪ ڪوشش
ڏاڍي ڪيائون) ان بعد مشرق جي واپاري اڏن کي چڱيءَ
طرح پنهنجي ور ۾ آڻڻ لاءِ هاڻ کين فقط ملاڪا ٿي
کتو.
”گوار بنگالي ملاڪا منجهه“
”ڇوڪريءَ جي عشق جو نتيجو“
1511ع ۾ چوماسي جي هوائن سان گڏ پورچوگالين ملاڪا
تي حملي ڪرڻ لاءِ سورهن جهازن ۽ يارنهن سئو سپاهين
جي لشڪر سان ملاڪا جي بندرگاهه تي حملو ڪيو. انهن
يارهن سئو سپاهين ۾ اٺ سئو سندن پورچوگالي هئا،
باقي پنج سئو کن ملباري جيڪي هن واٽ تان (پڪ گوا
مان) کنيا هئا. هن حملي لاءِ هنن وٽ بهانو اڳ جو
هو. پورچوگالي جڏهن پهريون دفعو 1509ع ۾ ملاڪا
آياهئا ته هتي جا ماڻهو کين گوار بنگالي سمجهڻ ۽
سڏڻ لڳا- جو ان کان اڳ بنگال جي ڪناري کان آيل سڀ
انڊين بنگالي سڏبا هئا. هي پورچوگالي به بنگال جو
ڪنارو ۽ خليج بنگال (سمنڊ) لتاڙي هتي آيا هئا. جو
تن ڏينهن ۾ اهو رستو ويجهو ۽ وڌيڪ سلامتيءَ ۽ سنوت
وارو هو. ان رستي جا سونهان به سولا ملي ويندا
هئا. مدراس، ڪوچين، بمبئي، گوا يا سريلنڪا جي
ڪولمبو يا ٽرڪوماليءَ کان سڌو اچڻ ۾ ڏينهن به لڳا
ٿي ته سامونڊي ڏاکڙا به گهڻا هئا.
چيو وڃي ٿو ته شروع جي ڏينهن ۾ هتي جا ملئي ماڻهو
تعجب مان انهن سفيد بنگالين (White
Bengalis)-
يعني پورچاگالين کي ويجهو ويجهو اچي ڏسڻ لڳا. سندن
ناسي ڀوريون ڏاڙهيون هٿن سان ڇهڻ لڳا. خير سائين
مڪاني ماڻهن جي سادگي ۽ اٻوجهائپ مان فائدو وٺي هي
پورچوگالي ملاڪا ۾ ديرو ڄمائڻ لڳا ۽ ٻين کي به
پورچو گال مان گهرائيندا ويا. سندن اهي حال ڏسي
ملاڪا جي واپاري ڪميونٽي – جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي
گجراتي ۽ ٻيا انڊين هئا، خبردار ٿي ويا ته هاڻ هتي
به هي يورپي اهو حشر ڪندا جيڪو هندستان ۾ ڪري چڪا
آهن. واپار به هٿن مان ويندو ته ڌرتي به. تن ڏينهن
۾ وزيراعظم بنداهاراتن- مظهر هو. هن واپارين جون
اهي ڳالهيون دل سان هنڊائي ساڻن همدردي ڪئي ۽ اندر
ئي اندر اهو منصوبو ٺاهيو ويو ته بندرگاهه ۾ بيٺل
مڙئي پورچوگال جهاز جهليا وڃن. پر افسوس جو عين
وقت تي اهو سٽل ڪامياب نه ويو. ڇو جو ڳالهه ٿا ڪن-
جيڪا ڳالهه ۽ ٻيون هتي بيان ڪيل ڳالهيون هتي جي
اسڪولي ڪتابن ۾ پڻ آهن. (مثال طور: جوگيندر سنگهه
جيسيءَ جي لکيل ڪتاب: Malaya
in World History ۾
پڻ آهي) ته هتي جي هڪ ڇوڪريءَ- جنهن جو عشق ڪنهن
پورچوگالي جهازيءَ (Sailor)
سان هلي رهيو هو، تنهن هن منصوبي کان پنهنجي يار
کي وڃي آگاهه ڪيو. جيتوڻيڪ بندرگاهه تي سخت پهرو ۽
جاسوس بيٺل هئا. پر ان هوندي به هوءَ پاڻيءَ جي
اندران ئي اندران تري وڃي پورچوگالي ٻيڙيءَ تائين
پهتي. خطري جو اطلاع ملڻ سان پورچوگالي ساجهر ئي
پنهنجي جهازن جا سڙهه سڌا ڪيا ۽ وٺي ڀڳا. پر تنهن
هوندي به ويهه کان پورچو گالي جهلجي پيا جن کي
ملاڪا وارن قيدي ٺاهي رکيو.
ان جي خبر جڏهن لسبن ۾ پورچوگالي شهنشاهه کي پهتي
ته هن پنهنجا ماڻهو آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ جنگي ٻيڙو
روانو ڪيو، جيڪو پهرين هندستان پهتو. اتي هن ۾
وڌيڪ جهاز ۽ ماڻهو شامل ڪيا ويا جو اتي پهچي کين
اطلاع مليو ته ملاڪا شهر جو چڱو بچاءُ ٿيل آهي ۽
ان تي حملي ڪرڻ لاءِ وڏي بندوبست جي گهرج اهي. ان
ڳالهه جو اطلاع پورچوگالي قيدين جي سردار ملاڪا
کان خط ذريعي موڪليو. اهو خط جيل مان لڪ چوريءَ هڪ
هندو واپاري نينا چاتو وڏي ملهه ۽ ناڻي جي آڇ وٺي
پهچايو هو.
بهرحال مٿي ڪيل بيان موجب پورچوگالي سورهن جهازن ۽
يارهن سئو ماڻهن سميت ملاڪا تي حملي لاءِ پهتا. تن
ڏينهن ۾ ملاڪا جو حاڪم سلطان محمود هو. پورچوگالين
خط ذريعي سلطان محمود کان پنهنجين قيدين جي گهر
ڪئي، جنهن بعد ملاڪا مان موٽي وڃڻ جو واعدو ڪيو ته
پنج ڇهه مهينن بعد جيئن ئي واپسيءَ جون چوماسي
واريون هوائون لڳنديون ته هو پنهنجا ٻيڙا هڪالي
هليا ويندا.
پورچوگالين جو اهو ٺلهو بهانو هو ۽ سندن نيت ۾ خلل
جو خيال سڀني کي هو. هوڏانهن پورچوگالي سپاهين کي
جيل مان سندن ساٿين جو هڪ ٻيو به خط ملي ويو ته
سندن فڪرڪرڻ بنا حملو شروع ڪيو وڃي.
ملاڪا ۽
حيدرآباد جو قلعو
پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪرڻ کان پهرين ڪناري وٽ
رهندڙ گجراتي واپارين جا گهر ۽ جهاز ساڙيا. اهو
سوچي ته کين ملاڪا ۾ پير نه ڄمائڻ لاءِ سلطان
محمود جا ڪن ڀرڻ ۾ گجراتين جو وڏو هٿ هو. هتي جي
ماڻهن ملاڪا کي گهڻو ئي بچايو، پر پورچوگالي قبضو
ڪري ويا. ملاڪا تي قبضو ڪرڻ بعد هنن جلدي ئي
پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ شروع ڪئي. ڇاڪاڻ جو هنن
ڏٺو ته سلطان محمود جيتوڻيڪ گاديءَ جو هنڌ- ملاڪا
ته وڃائي ويٺو آهي، پر کيس اڃا به وڏي شاهي سلطنت
پٺيان آهي ۽ متان کيس هِتان هُتان مدد ملي وڃي ۽
وري حملو ڪري. سو اهو سوچي هنن پهرين پنهنجو بچاءُ
مضبوط ڪرڻ لاءِ ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي قلعو
ٺاهيو. جنهن لاءِ سرون ۽ ٻيو سامان ڀر ۾ ٺهيل مسجد
۽ سلطانن جي قبرستان جون قبرون ڊاهي هٿ ڪيو. هن
قلعي پورچوگالين کي ننڍن ننڍن حملن کان هڪ سئو
ٽيهه ورهيه بچائي رکيو.
اها ملاڪا ندي اڄ به وهي پيئي ۽ شهر جي وچ مان ئي
لنگهي ٿي. نيل ندي يا سنڌونديءَ جيڏي وڏي ناهي. بس
هڪ ننڍڙي واهه مثال آهي. جنهن جي مٿان سيمنٽ جي
ٺهيل پل ٽپي سامهون هتي جي هڪ مشهور رستي بنگارايا
(Jalan
Bunga Raya)
تي وڃبو آهي. پاسي کان اڄ به اهو پورچوگالين جو
قلعو موجود آهي. روزانو دنيا جا سياح، تواريخ جا
شاگرد، ٽورسٽ، جهازي جي قلعي کي ڏسڻ لاءِ ملاڪا
اچن ٿا. منهجو پڻ هن شهر سان واسطو هجڻ ڪري هتي جي
هر وقت اچڻ ٿئي ٿو. هي ٽڪرو حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي
واري حصي وانگر آهي. جتان هر ڪنهن جو لنگهه ٿئي
ٿو. نديءَ جي ڪناري وٽ ٺهيل دڪان River
Side Book Store تان
پراڻا ڪتاب اڌ قيمت تي وٺندو آهيان پر پڙهڻ بعد
چوٿائي قيمت تي ان ملئي مسلمان دڪاندار کي واپس
ڏئي وري ٻيا وٺندو آهيان. ڀر ۾ خديجه اسٽور نالي
دڪان تان گوڏ. هتي جي قوال ٽائيپ ٽوپي، بيڊمنٽن
جون رئڪٽون ۽ گڏيون ورتيون هوندم. ڀر ۾ حجام جو
دڪان، واچن واري جو دڪان وغيره وغيره. سامهون رستي
جي ٻئي پاسي سينٽ زئويئر نالي پراڻو چرچ ۽ ڀر ۾
نئين ملائيشيا فائننز بئنڪ برحد- وڏي ۽ ڪشادي.
اندر بيهي ڪرڪيٽ نه ته والي بال ته کيڏي سگهجي.
سڄي آرامداه ڪوچن ۽ ايئرڪنڊيشن سان سٿيل. گهڙڻ سان
احساس ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ پئسو آهي. بئنڪ جي ساڄي
پاسي واري قطار ۾ هتي جي جنرل پوسٽ آفيس Pejabat
Pos Besar (پيجابت
معنيٰ آفيس، پوس معنيٰ پوسٽ ۽ بيسار معنيٰ وڏي).
ان کان اڳيان دڪانن جي قطار ۾ دڪان نمبر ارڙهون
گجراتي بڪ سيلر جو جنهن کان پنهنجا ذاتي ڪاغذ پٽ
يا هي مضمون فوٽو ڪاپي ڪرائيندو آهيان. جيئن رسالي
جي ايڊيٽر صاحب يا ڪتاب جي پبلشر کان هي گم ٿي وڃن
ته فوٽو ڪاپي ته هجيم. دڪان نمبر ويهون سنڌي
هندوچوهڙمل جو. انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي
چينين، گجراتين ۽ تامل ماڻهن جا دڪان، بئنڪ جي
کاٻي پاسي، بئنڪ سان گوني ڪنڊ ٺاهيندڙ رستي تي
مدراسيءَ جو گووندا سوامي نالي سيڌي جو دڪان-
سنگاپور جي گووندا سوامي واري دڪان جي شاخ، هن
دڪان جي ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ اهميت جو ذڪر ٻئي ڪنهن
هنڌ ڪبو، منجهس دنيا جو هر مسالو، سڪو ميوو ۽ اناج
ملندو. ڪابل ۽ قنڌار جي ڪشمش ۽ ڪهرن کان ايران جي
بادامن ۽ پاڪستان جي چانورن تائين هر شيءِ هت
ملندي. گدامڙي، ڪاريون مريون، لونگ، پلاجيري، اڇو
جيرو، ڪارو جيرو، جئڦل، جاوتري، دالين جا مڙيئي
قسم، چانورن جا مڙيئي قسم ۽ اٽي جو هر قسم هتان
ملندو. ڀر ۾ انهيءَ وکر جا ٻيا به به چار مدراسي
دڪان- جن ۾ روزمره جي ڀاڄي ڀتي ۽ سيڌو سلف وٺڻ
لاءِ منهنجو وڃڻ ٿئي ٿو ۽ سامهون قلعي جي ڀتين وٽ
بيهي سوچڻ سان منهنجو دماغ ڪجهه گهڙين لاءِ حال جي
قيد مان اڏامي ماضيءَ جي موج ۾ وهي وڃي ٿو. جڏهن
اڄ کان چار پنج سئو سال اڳ پورچو گالين هتي هي
قلعو ٺاهيو هو.
اڄ جپاني، سئيڊش، آمريڪن، جرمن سياح مردن ۽ عورتن
جي انبوهن کي هن قلعي اڳيان بيهي، فوٽا ڪڍائيندي
يا پنهنجين ڪاپين ۾ هنن عمارتن بابت تواريخي سن ۾
احوال لکندو ڏسي سوچيندو آهيان تن ان کان به وڏا ۽
ايتري ئي اهميت جا قلعا اسان جي ملڪ جي شهرن
حيدرآباد، ڪوٽڏيجي، لاهور وغيره ۾ به ته موجود
آهن، پر هنن سياحن کي ڪهڙي خبر!
ملاڪا جي هن قلعي جي رنگ روپ کي اڄ به اهڙو ئي
رکيو ويو آهي، ڄڻ پنج سئو سال اڳ جي حالت ۾ هجي،
جنهن ۾ پورچوگالين ڇڏيو. قلعي جي عمارت کي ڊاهڻ يا
بگاڙن ته پري جي ڳالهه آهي، پر سندس اڳيان ڪار يا
سائيڪل بيهارڻ جي به اجازت ناهي. جيئن وقتي طور تي
به سندس ڏيک خراب نه ٿي.
ملاڪا اچڻ کان اڳ ڳوٺان ڪراچي ڏي ايندي، حيدرآباد
جي پڪي قلعي ڏسڻ جو شوق ٿيو هوم، سو ڄامشوري تائين
پهچي وري موٽيس. سينٽرل جيل ۽ هيرآباد جو پاسو
ڏيئي، تلڪ چاڙهي ۽ اسٽيشن روڊ لتاڙي قلعي جي ويجهو
پهتس. سندس ڪريل ڪمانون ۽ ڀُريل ڀتيون، ڀتين منجهه
ڏار ۽ هيٺ ڪرفتي، ڀتين مان ٻاهر نڪتل موٽرن ۽
موٽرسائيڪلن جي مرمت جا دڪان ۽ ڀتين اندر ڏرڙ ڪري
ٺاهيل ٽين جي ٿانون، ڪاٺ جي منجين ۽ قبرن جي ڪتبن
جا دڪان ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هيڏي قيمتي تاريخي
شيءِ ائين نڌڻڪي ۽ ڌڪاريل ٻار وانگر گدلن افعالن ۾
تباهيءَ جي اوج تي بيٺي آهي. ڄڻ ڪو ڌڻي سائين نه
هجي. ڄڻ تمندن ڪلچر جو موت ڪجهه به اهميت نٿو رکي.
پورچوگالين بعد ڊچ-
ملاڪا ۽ ٺٽي شهر ۾ هڪجهڙئي
ملاڪا تي پورچوگالين جو 1511ع کان وٺي 1614ع تائين
قبضو رهيو. ان بعد ملايا جي سامهون واري انڊونيشي
ملڪ سماترا جي هڪ مشهور سلطنت- آچيح وارن ڦيرا
ڪيا. سورهين صديءَ جي شروع کان وٺي ملاڪا تي
سماترا ٻيٽ جي هن طاقتور سلطنت (آچيح) جو اثر
رهيو. هڪ ته اها ملاڪا جي ويجهو هئي- ملاڪا نار جي
بلڪل ٻئي پاسي سامهون ئي سامهون. ٻيو ته سانتيڪي
سمنڊ ڪري ماڻهن، واپارين ۽ جهازين جي اچ وڃ سولي
هوندي هئي. ملاڪا نار ائين آهي ۽ ڪن ڪن هنڌن تي
ايتري گهٽ ويڪري آهي جيتري سنڌونديءَ جي هڪ ڀر
نوابشاهه ضلعي جو مورو شهر ۽ ملاڪا نار جي ٻئي
پاسي انڊونيشي ملڪ جو سماترا ٻيٽ ائين اهي جيئن
سنڌونديءَ جي ٻي ڀر دادو ضلعو. مون کي رهڻ لاءِ
جيڪا جاءِ مليل آهي اها بلڪل ملاڪا نار جي ڪناري
تي آهي ۽ سامهون سماترا ٻيٽ جا جبل صاف نظر اچن
ٿا. (انڊونيشيا جي گاديءَ واري هنڌ جڪارتا هن ٻيٽ
سمارترا تي نه پر جاوا ٻيٽ تي آهي، جيڪو سماترا
ٻيٽ جي ڀر ۾ ۽ ان کان ننڍو آهي)
1537ع ۾ آچينن ملاڪا تي حملو ڪيو، پر پورچوگالي
قلعي ۾ لِڪڻ ڪري بچي ويا. ان بعد آچينن 1539ع،
1547ع، 1568ع، 1570ع، 1573ع ۾ ملاڪا تي رکي رکي
حملا ڪيا. آچينن جو نشانو فقط ملاڪا نه پر ملايا
جون ٻيون رياستون به هيون.
ان بعد سترهين صديءَ تائين ملاڪا جي ڪهاڻي مومل جي
سَٽَ جهڙي منجهيل هئي. جو ڪڏهن پورچوگالي ۽ ملئي
گڏ آچينن سان پئي وڙهيا ته ڪڏهن پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي
ڪمزور پئي ٿيا. آچيني به سترهين صديءَ جي ڳپل حصي
تائين لڳاتار يا وچ وچ ۾ وڙهندا رهيا. ان وقت
تائين پورچوگالي – ڪجهه مرڻ مارجڻ ڪري ڪجهه ڀڄي
وڃڻ ڪري، تعداد ۾ گهٽ ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ
نئين يورپي طاقت نمايان ٿي- اهي هئا ڊچ. 1596ع ۾
ڊچن پهريائين جاوا ٻيٽ جي هڪ بحري اڏي تي قبضو
ڪيو. سماترا جي ڀر ۾ تن ڏينهن ۾ جاوا پڻ هڪ وڏو ۽
اهم ٻيٽ هو. 1607ع ۾ ڊَچَ سماتري ٻيٽ جي آچينين
سان ملي ويا. ملاڪا وارا پورچوگالي جوهور وارن سان
وڃي گڏ ٿيا. آچينين پوءِ 1613ع کان 1620ع تائين هڪ
ٻئي پويان جوهور، پهانگ، ڪيداح ۽ پيراق رياستن تي
حملا ڪري قبضو ڪيو ۽ ويهه سالن تائين بنا ڪنهن ڊپ
جي حڪومت ڪندا رهيا ۽ هوڏانهن جاوا (انڊونيشيا) ۾
ڊچ ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿيندا ويا. ۽ 1633ع کان
ملاڪا تي حملا شروع ڪري ڏنائون. جنهن سان آهستي
آهستي پورچوگيز آڻ مڃيندا ويا. تان جو 1641ع ۾ سڄو
ملاڪا ڊچن حوالي ٿي ويو.
لڳاتار جهيڙن، لڙائين ۽ پنهنجن پراون جي فسادن
ملاڪا کان اهواوج ۽ ترقي کسي ورتي ۽ ترقي ڪرڻ
بدران ڏينهون ڏينهن ملاڪا ويو پٺتي پوندو. نيٺ
چڱيءَ طرح قبضو ڪرڻ بعد ڊچن هڪ واري ملاڪا شهر کي
وري ساڳي اوج تي آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. پر افسوس
جو ملاڪا شهر جا اهي بلي بلي وارا ڏينهن اڄ ڏينهن
تائين وري موٽي نه سگهيا آهن. جيئن سنڌ جو شهر
ٺٽو، جيڪو ملاڪا وانگر ڪنهن زماني ۾ واپار وڙي،
مدرسن مسجدن، مسافرخانن ۽ خٿابن، عالمن ۽ جيدن،
بندرگاهه ۾ ايندڙ ويندڙ جهازن ۽ ڪاروبار کان پري
پري تائين مشهور هو. پر پوءِ اڳتي هلي سڀ ڪجهه
بدلجي ويو. اڄ ٺٽو فقط تاريخي شهر آهي. تيئن ملاڪا
اڄ فقط تواريخي شهر آهي. ۽ جيئن ٺٽي بدران
ڪوالالپور، پيانگ ۽ جوهورباور جهڙا شهر وڏي ڌاڪي
وارا ٿي ويا آهن. سنگاپور جهڙي بستي جيڪا انهن
ڏينهن ۾ مهاڻن جو ڳوٺ هئي. جتي خيراتي نل لڳو ته
غريب ماڻهن کي پيئڻ جو صافي پاڻي نصيب ٿيو- اهو
هينئر دنيا جي پنجن وڏن بندرگاهن مان هڪ آهي. |