سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:2 

ملائيشيا جي ڄاڻ

ملائيشيا ملڪ جيڪو ڪجهه سال اڳ ملايا سڏبو هو، تنهن جو نالو اسان پهرين جاگرافيءَ جي پيرڊ ۾ ٻڌو- يا شايد ان کان به اڳ جڏهن ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ شروع ڪيونسين.

پوءِ اڳتي هلي ملائشيا بابت سڀ کان گهڻو پنهنجي انگريزي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کان ٻڌوسين. ڪرنل جي. ايڇ. ايڇ ڪومبس (Col.J.H.H.Coombes) برٽش آرميءَ جو رٽائرڊ ڪرنل هو ۽ اسان جي پراڻي ڪاليج، ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص/پيٽارو جو 1959ع ۾ پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ ٻي وڏي لڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ انگريز فوج طرفان ملائيشيا ۾ ڪمانڊنگ آفيسر هو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ وانگر ملائيشيا، سنگارپور ۽ هانگ ڪانگ تي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هنن ملڪن ۾ فوجي آفيسر سڀ انگريز هئا، باقي سپاهين ۾ ڪجهه ته هنن ئي ملڪن جا ملئي ۽ چيني هئا ۽ ڪجهه ننڍي کنڊ جا پنجابي (مسلمان ۽ سک) هئا ۽ ڪجهه گورکا (نيپال، ڀوٽان ۽ اتر هندستان جي جابلو علائقي جا رهاڪو) هئا.

پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سگهو ئي ملائيشيا کي به آزادي (خودمختياري) ملي ۽ تنڪو عبدالرحمان پهريون پرائيم منسٽر ٿيو، جنهن جي آزادي ۽ ملڪ جي مان مٿانهين ڪرڻ لاءِ جاکوڙ کي دنيا مڃي ٿي. هينئر هو اسي سالن کن جو ٿيندو، کيس هتي جا باشندا پيار ۽ عزت مان باپا سڏين ٿا- يعني محترم پيءُ، بابو.

تنڪو عبدالرحمان ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ فوجي سکيا دوران ڪرنل ڪومبس جو ڪلاس ميٽ ٿي رهيو هو ۽ ان بعد ڪرنل ڪومبس جڏهن ملائيشيا ۾ هو ته به سندس ساٿ رهيو ۽ سرڳواسي ڪرنل ڪومبس جيڪو ٻي جنگ عظيم تائين ملائيشيا جي اهم شخصيت هو، تنڪو عبدالرحمان کان متاثر هو ۽ تنڪو عبدالرحمان، الله شل وڏي حياتي ڏيئس- ڪرنل ڪومبس مان.

ٻي جنگ عظيم ۾ جپانين ملائيشيا تي به قبضو ڪيو. هنن ملئي ۽ انگريزن مان ڪن کي قيدي بڻائي ملائيشيا ۾ رکيو ۽ ٻين کي جپان جي جيلن ۾ موڪليو ويو. قيدين ۾ ڪرنل ڪومبس جپانين وٽ تيستائين مهمان هو جيسين آمريڪن ناگاساڪيءَ ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائي جپانين جي ٽانءِ نه ڀڳي.

جنگي قيدين جو جيڪو نالي ماتر هنيئر خيال رکيو ٿو وڃي، ان جو فيصلو ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ قيدين سان ڪيل ظلمن بعد ئي جنيوا ڪانفرنس ۾ ٿيو هو. نه ته جنگي قيدين سان ٿيل ظلم جو ڪهاڻيون- خاص ڪري جيڪي ظلم جپانين ڪيا- دنيا ۾ مشهور آهن.

اهڙا ئي ڪجهه قصا اسان کي ڪرنل ڪومبس ٻڌائيندو هو، خاص ڪري جڏهن رات جي مانيءَ تي ٻي وڏي لڙائيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي. ڪرنل ڪومبس انهن چند خوشنصيب انگريزن مان هو جيڪي اتفاق سان جپاني قيدين مان جيئرا بچي آيا، پاڻ ٻڌائيندو هو ته ڪيئن جپانين کين اڃيو، بکيو ۽ اگهاڙو رکيو.....”اسان انگريز قيدين کي ڊوڙائڻ وقت چوندا هئا ته دنيا تي راڄ ڪرڻ وارئو ڊوڙو، پوءِ پيرن اگهاڙو اس ۾ ميلن جا ميل ڊوڙڻو پوندو هو. بک ۽ اڃ ڪري ڪمزور ٿي ويل جسم سان ڪيترو ڊڪي سگهجي ٿو، پر ڊپ ۾ ڊوڙڻو ئي پوندو هو. پوءِ جيڪڏهن ڪو ڍرو ٿيندو هو ته ان کي چهبڪ هڻندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڪِري پوندو هو ته ان کي بندوق جي گوليءَ سان اتي ئي ڍير ڪري ڇڏيندا هئا.“

اسان جو هڪ ڪلاس ميٽ، قاضي احمد جو محمد سميع اهڙن گنڀير موقعن تي اڪثر بي ڊپو ٿي کلي ڪرنل ڪومبس کان پڇندو هو: ”سائين هن ڪئڊٽ ڪاليج کان به جپاني جيل خراب هوندو هو ڇا؟ هتي به اسان کي پي ٽي پريڊ ۾ حوالدار حيات ۽ سعيد اڪبر ايترو ئي ڊوڙائي ساهه ڪڍن ٿا.“

يا لاڙڪاڻي جو علي رضا ميمڻ پڇندو هوسِ”سائين ڀلا ڪنهن ٻئي جيل يا جرم ۾ توهان ڪڏهن ڦاٿائو؟“

ڪرنل ڪومبس سگار جو ڊگهو ڪش هڻي، اڌ ڪوپ جيڏو چانهه جو ڍڪ ڀري ٻڌايئندو هو: ”ها هڪ دفعي مون تي ڪورٽ مارشل ٿيو هو- ملائيشيا ۾. مون کان هڪ ماڻهو مري ويو هو- هونءَ نه پر حادثي ۾.“

پوءِ ملائيشيا جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏيندو هو ته ڪيئن اتي اونداها گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل آهن جن مان سنها پيچرن جهڙا رستا لنگهن ٿا. هڪ ڏينهن هو هڪ جيپ هلائي رهيو هو ته هڪ ڳوٺاڻو جلدي ۾ رستو ٽپندي سندس جيپ هيٺان اچي مري ويو هو. ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪيس هليو ۽ پوءِ اهو ثابت ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو ته کانئس ڄاڻي ٻجهي نه پر حادثي ۾ اهو ماڻهو مارجي ويو.

پاڻ ملائيشيا جي گهاٽن ٻيلن کان علاوه، هر وقت جي مينهن ۽ مينهوڳي واري موسم بابت پڻ ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي ماڻهن ۽ ڀٽارين مينهن ڍڳين بابت ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي نين ندين ۽ ڍنڍن ڍورن بابت ٻڌائيندو هو- ظاهر آهي ته ڪهڙو به ملڪ، محلو ۽ ماڻهو هجن- پر اتي رهي ان کي ڇڏڻ وقت اهو زمان ۽ مڪان ياد ٿو اچي. ۽ ڪرنل ڪومبس ته ملائيشيا ۾ ڪافي وقت- بلڪ بقول هن جي- پنهنجي زندگيءَ جو بهترين وقت ملائيشيا ۾ گذاريو هو. ان ڪري ملائيشيا جون هر وقت ڳالهيون ڪرڻ هن لاءِ فطري ڳالهه هئي ۽ اسان کي جاگرافيءَ ۾ پڙهڻ کان علاوه هن کان پهرين نمبر تي انگلينڊ ۽ ٻئي نمبر تي ملائيشيا جي چڱيءَ طرح خبر پيئي هئي.

انهن ئي ڏينهن ۾ ملائيشيا (ملايا) آزاد ٿيو هو ۽ تنڪو عبدالرحمان جي پرائيم منسٽر ٿيڻ ڪري اسان جي پرنسپال جي به ڪافي لئه ويهي ويئي جو هو سندس دوست هو. سندس دوستي ايتري ته سٺي ۽ پڪي هئي جو پرائيم منسٽر هجڻ جي باوجود تنڪو عبدالرحمان پنهنجن ڪمن ڪارين مان وقت ڪڍي ڪرنل ڪومبس کي خط لکندو هو. بلڪ جڏهن ملائيشيا ۾ ايمرجنسي ٿي هئي- جو جهنگلن ۾ رهندڙ چيني گوريلا هنگاما ڪرڻ لڳا هئا- ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرنل ڪومبس کان پڻ صلاح ورتي ويئي هئي، جو کيس ان بابت ڪافي تجربو هو.

تنڪو عبدالرحمان جو جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيندو هو يا ٻئي ملڪ لاءِ ويندي ويندي ڪراچي هوائي اڏي تان لنگهه ٿيندو هوس ته اسان جو پرنسپال پڻ هن سان ملڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويندو هو. هڪ ٻه دفعا ائين به ٿيو ته اسان به سي اسڪائوٽنگ يا تعليمي ٽئر خاطر ڪراچيءَ ۾ ڪرنل ڪومبس سان گڏ هئاسين.

انهن ڏينهن ۾ ڪرنل ڪومبس اسان لاءِ فقط هڪ پرنسپال يا ماستر جي اهيمت رکي ٿي، پر اڄ سوچيان پيو ته هو ڪيڏي نه اهيمت جي شخصيت هو. هو هڪ وڏي تجربيڪار فوجي آفيسر ۽ پرنسپال کان علاوه ايماندار، يار ويس ۽ نيڪ انسان پڻ هو.

هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ هائوڪار ڪرڻ- بلڪ هن ملڪ ملائشيا کي پسند ڪرڻ لاءِ منهنجي دل ۾ محبت جي پهرين پيڙهه ڪرنل ڪومبس ئي وڌي.

ملائيشيا لاءِ وڌيڪ محبت ۽ پسند 1973ع ۾ ٿي جڏهن جهاز رستي ڪراچي ڇڏڻ وقت سمنڊ تي اسان کي اوچتو نياپو مليو ته ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ۾ هليا وڃو، جتان سڄي جهاز کي تونا مڇيءَ سان ڀري آمريڪا جي بندرگاهه لاس ائنجلس ۾ پهچائڻو آهي.

پينانگ ٻيٽ-ڪوالالمپور کان ٻه سؤ ميل کن اتر ۾ آهي. بلڪ ملاڪا نار ۾ پهرين پينانگ ٿو اچي پوءِ پورٽ ڪلانگ. پورٽ ڪلانگ ڪنهن زماني ۾ (انگريزن جي ڏينهن ۾ پورٽ سئيٽ نام به سڏبو هو) ۽ ڪوالالمپور کان ويهه ميل پري آهي.

ملائيشيا جي انهن بندرگاهن ۽ نظارن سان ڀرپور اوسي پاسي کي ڏسي دل کي ڳالهه وڻي ويئي. ملائيشيا جيتوڻيڪ خط استوائي ملڪ آهي، پر مينهن جهڙ ڪري گرم ناهي. جهاز جي انجڻ روم ۾ به رکي رکي ٿڌي هير ٿي لڳي ۽ انجڻ روم کان ٻاهر ڪڪرالو اڀ، ساوڪ واري سائي سائي ڌرتي ۽ پرسڪون ماحول ڏسي سڀ جهازي متاثر ٿيا هئاسين- پر ان زماني ۾ ٿوري جهٽ لاءِ. اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ ڪناري تي هڪ هنڌ رهي نوڪري ڪرڻ جهڙي ڪافراڻي خيال کي ته دل جي چانئٺ به ٽپڻ نٿي ڏنيسين.

انهن ڏينهن ۾ جهاز تي رهي ملڪ ملڪ جو سير ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه هو. بهرحال پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ئي اهڙيون جايون هيون جتي جي خاموشي ۽ سڪون ڏي ڪجهه گهڙين لاءِ ڌيان ڌرڻ جي پڻ توفيق ملي سگهي نه ته اتي جي رنگينين، ڪلبن ۽ ميوزڪ جي گوڙ گهمسان ڏي وڌيڪ لاڙو هو .

تعليم دوران مئرين انجنيئرنگ جي ليڪچرار-چيف انجنيئر محمد عاقل قريشيءَ تي تعجب کائيندا هئاسين ته ڪمال آهي جهاز ۽ دنيا گهمڻ ڇڏي چٽگانگ ضلعي جي هڪ خاموش ترين ٻِيٽ ’جلديا‘ ۾ اسان کي پاڙهڻ لاءِ رهي پيو آهي. پاڻ چوندو هو ته هڪ اهڙو وقت به اچي ٿو جڏهن انسان سامونڊي زندگيءَ کان-جيڪا هڪ غير فطري زندگي آهي-بيزار ٿي واپس ڪناري ڏي ڀڄي ٿو.

۽ هينئر اسان شايد ان زندگيءَ جي Latitude (ڦاڪ) ۾ گهڙي چڪا آهيون ۽ جڏهن ڪناري تي رهي نوڪري ڪرڻ لاءِ دنيا جو ڪو ملڪ سوچڻو پيو ته ڪرنل ڪومبس کان ملائيشيا بابت ٻڌل ڳالهين ۽ اکين سان ڏٺل پيانگ ۽ پورٽ ڪلانگ جي نظارن ۽ خاموشين دل تي ايڏو ته واسو ڪيو جو جپان، انگلينڊ، آمريڪا، سعودي عرب جي سياسي، سماجي ۽ قدرتي نظارن جي مقابلي ۾ ملائيشيا جو مان منهنجي وائڙي من کي مٿاهون لڳو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران ملائيشيا جي شهر ملاڪا ڏي اٺ وانگر سڌو رُخ کڻي رکيم.

هوائي جهاز ۾

 

ملائيشيا وڃڻ لاءِ اسان وٽ ائير لنڪا جي ٽيڪٽ هئي. هونءَ جيتوڻيڪ ڪراچيءَ کان سڌو ڪوالالمپور (ملائيشيا) پي.آءِ.اي ۽ ٻين ڪمپنين جا هوائي جهاز پڻ وڃن ٿا. پر اسان کي ملائيشيا وارن Air Lanka جي ئي ٽڪيٽ موڪلي هئي. جنهن موجب ڪراچيءَ کان پهرين بمبئي وڃڻو هو، اتي ڪلاڪ ڏيڍ ترسي ساڳي هوائي جهاز ۾ ڪولمبو پهچڻو هو. يورپ کان مسافر کڻي ڪولمبو پهچڻو هو، ان ۾ چڙهي سنگاپور وڃڻو هو. ايئر لنڪا جو ڪو به جهاز سنگاپور کان ڪوالالمپور نٿو وڃي. سو سنگاپور کان ڪوالالمپور پهچائڻ لاءِ بندوبست ملائيشين ايئر لائين MAS جي جهاز ذريعي ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور سڌو ڇهن ڪلاڪن ۾ پهچڻ بدران بمبئي، ڪولمبو ۽ سنگاپور کان ڦري سورهن سترهن ڪلاڪ بعد پهچڻو پيو.

هڪ ٻيو به گهپلو ٿيو جو ايئر لنڪا جو هوائي جهاز جنهن ۾ اسان کي سنگاپور پهچڻو هو اهو ڪولمبو ايئرپورٽ تي دير سان پهتو ان ڪري اسان جي سنگاپور پهچڻ کان اڳ  ملائشيا هوائي ڪمپنيءَ جو جهاز ڇٽي ويو. پوءِ ايئرپورٽ وارن اسان کي سنگاپور جي هوائي ڪمپنيءَ واري جهاز ۾ ڪوالامپور موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.

ڪراچيءَ ۾ آصف کي چيم ته هونءِ پاڻ چاهيون ته هيءَ ايئرلنڪا جي ٽڪيٽ ڪنهن به ٽريول ايجنٽ کان مٽائي PIA جي وٺي سگهون ٿا، پر آصف چيو ته هاڻ ٺيڪ آهي جيڪا ملي سان قبول آهي (’مئريٽائيم اڪيڊمي ملائشيا‘ جي نوڪريءَ لاءِ مون سان گڏ منهنجي دوست آصف غيور کي پڻ چونڊيو ويو هو. آصف مون سان گڏ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ مان ورتي. ان بعد مختلف جهازن تي جونيئر انجنيئر کان وٺي آخري پوسٽ چيف انجنيئر تائين SAIL ڪندا رهياسين. ۽ هاڻ ملائشيا گورنمينٽ گهرايو هو.) ڪراچي ايئرپورٽ تي سامان ڏئي، پاسپورٽن تي اميگريشن وارن کان ٺپا هڻائي، هوائي جهاز چڙهڻ لاءِ بس ۾ اچي ويٺاسين. جنهن ٿورو پنڌ هلي مور جي کنڀ جهڙي نازڪ هوائي ڪمپنيءَ جي هڪ گدلي اڻ ڇنڊيل ۽ اڻ ڌوتل ننڍڙي جهاز اڳيان اچي بيهاريو، جنهن کي ڏسي هن ڪمپنيءَ جي مونو گرام-مورٽڪيءَ جو ته نه پر مور جي گدلن پيرن جو گمان ٿيو. آصف به ٿڌو ساهه کڻي چيو ته اهڙي خبر هجيسون ها ته ههڙي ڇڪڙي ۾ وڃڻو پوندو ته پوءِ ته ٽڪيٽون بدلرائي PIA يا ڪنهن ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز جون وٺجن ها. اوسي پاسي ۾ ٻين ڪمپنين جي جمبو جيٽن کي حسرت مان ڏسڻ لڳاسين ته اڄ جي دور ۾ جڏهن جمبو جيٽ کان به معاملو اڳتي سپرٽرائڊينٽ تائين وڃي پهتو آهي، اتي هن قسم جو سؤ سوا سؤ پئسينجر کڻندڙ جهاز ۾ اسان جو چڙهڻ افسوس جهڙي ڳالهه نه هئي ته ٻيو ڇا هو.

آصف چيو: ”هيڏو ننڍو جهاز مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو آهي، 1963ع ۾ جڏهن پاڻ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ ڍاڪا هلي رهيا هئاسين ته اهو هوائي جهاز جنهن ۾ پهريون دفعو اڏامڻ جو موقعو مليو هو اهو به هن کان وڏو هو.“

ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان ۽ جهاز ۾ اڳ چڙهڻ لاءِ ٺونٺيون ۽ ٿيلها لڳڻ تي آصف جو موڊ ويتر خراب ٿي رهيو هو. چوڻ لڳو: ”سيٽون جڏهن رزروڊ آهن ته پوءِ هي حال ڇو؟“

کيس ڇڪي چيم: ”شرافت جو زمانو ناهي. هل ته پاڻ به جلدي سيٽ ولاريون. هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو چڪر ٿو لڳي. پاڻ کي ته سڀ کان پري وڃڻو آهي. جي رهجي وياسين ۽ جهاز وارن چيو ته باقي مسافر جي جاءِ ناهي ته ٻئي جهاز جي انتظار ۾ خبر ناهي ڪيترو وڌيڪ ترسڻو پوي.“

پوءِ اسان ٻئي ڄڻا تکا تکا اڳئين ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهي آياسين، جيڪا ڏاڪڻ جيتوڻيڪ فرسٽ ڪلاس جي مسافرن لاءِ هوندي آهي، پر خبر پئي ته هن جهاز ۾ فرسٽ ڪلاس آهي ئي ڪونه. اندر جهاز ۾ گهڙياسين ته ڪجهه بهتر ۽ سهڻو لڳي رهيو هو. ايئرڪنڊيشن هلڻ ڪري ٻاهر جي گرميءَ کان گهٽ ۾ گهٽ نجات ملي ويئي ۽ هر ڳالهه وڻڻ لڳي. جيتوڻيڪ سيٽن جي وچ ۾ ايتري گهٽ جاءِ هئي جو منهنجين بي ڊولين ڊگهين ٽنگن جا گوڏا اڳين ڪرسين سان رهڙجي رهيا هئا. آصف چيو ته هن نموني جي سواري ۽ ماڻهن جي چڙهڻ جو نمونو اڪثر ڳوٺن ۾ بس لاءِ هوندو آهي.

وراڻيومانس ته هي ته ڪجهه به ناهي. تون ڪڏهن مصري هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾ چڙهيو آهين؟ هڪ دفعي مون کي سئيز ڪئنال تائين پنهنجي پاڻي واري جهاز کي پهچائڻو هو، جتي آيل نئين چيف انجنيئرکي جهاز جي چارج ڏئي موڪل ڪرڻ لاءِ واپس ڪراچي اچڻو هو. جيتوڻيڪ ککيم ٿي ته مصر مان هوائي جهاز جو سفر ڪرڻ ۾ سر رلي ويندو، پر پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ دلاسو ڏنو هوم ته مصر پهچي مون کي وڌيڪ ٽڪڻو نه پوندو ۽ نه هوائي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لا ڀڃ ڊڪ، ڇو جو منهنجي ڪراچي واپس موٽڻ لاءِ هنن مصر جي ايجنٽ سان اڳواٽ ڳالهه ٻولهه ڪري ڇڏي هئي ته هو مون کي جلد ڪراچي روانو ڪندو.

مصر جي سئيز ڪئنال تائين ”پاڻي وارو جهاز“ پهچائي، ٻئي چيف انجنيئر کي ان جي چارج ڏيئي، آئون موڪل ماڻڻ لاءِ آجو ٿيس. سئيز ڪئنال مان ٽئڪسي ڪري قاهره جي هڪ هوٽل ۾ اچي ٽڪيس. شام جو ئي ايجنٽ فون ڪري ٻڌايو ته هن مون لاءِ ٻئي ڏينهن جي اڏام لاءِ سيٽ بڪ ڪرائي آهي، سا به فرسٽ ڪلاس جي. مون کي فرسٽ ڪلاس جو ٻڌي ويتر خوشي ٿي ته سدائين ايڪانامي ڪلاس ۾ چڙهي غربت جو احساس ٿيو ٿي، گهٽ ۾ گهٽ هن دفعي نه ٿيندو ۽ اسان به ڇا ياد ڪنداسين ته پهريون دفعو فرسٽ ڪلاس ۾ انهن چند خوشنصيب مسافرن سان گڏ ويهنداسين جيڪي جهاز جي ڪاڪ پٽ ڀرسان ويهن ٿا. کين ٽنگون ڊگهيون ڪري آرام سان ويهڻ لاءِ ڪافي موڪري جڳهه مليل هوندي آهي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ کي پٺيان به گهڻو جهڪائي سمهي سگهن ٿا. خدمت لاءِ هر وقت ايئرهوسٽس ۽ اسٽيورڊ حاضر. پڙهڻ لاءِ هر قسم جو رسالو ۽ اخبار اڳيان هوندي آهي.

ٻئي ڏينهن جهاز جي اڏام جي وقت کان ٿورو اڳ آرام سان هوائي اڏي تي پهتس ته جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ هن جهڙي قطار نظر آئي بلڪ هن کان به ڊگهي. جهاز ۾ چڙهندڙ مسافر: عرب ۽ آفريقي شيدي ته ٺهيو پر يورپي ۽ ايشيائي به ساڳي طرح ڌڪا ٿيلها ڏئي رهيا هئا. هر هڪ ان ڪوشش ۾ ته پهرين ڏاڪڻ تي مان چڙهان. ڏاڪڻ ٽپي هوائي جهاز جي در وٽ پهتس، جتي چيف اسٽيورڊ ۽ ايئر هوسٽس ڏند ٽيڙي مسافرن جو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن ۽ ويهڻ لاءِ مقرر سيٽون ڏيکارينديون آهن. پر هتي ڪير به موجود نه هو. سڀڪو پنهنجي مرضيءَ سان ڌوڪي جاءِ حاصل ڪري رهيو هو. پريان هڪ اسٽيورڊ جهاز جي ڪچن ۾ ڪجهه سامان ٺاهي رهيو هو، تنهن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائي نواب پائيءَ واري انداز ۾ پڇيومانس ته آئون فرسٽ ڪلاس جو مسافر آهيان، منهنجي سيٽ ڪٿي آهي؟ هن چند سيڪنڊ منهنجو غور سان جائزو ورتو ۽ پوءِ چڙ مان دڙڪو ڏيئي چيو: ”هن جهاز ۾ ڌوڙ جو آهي فرسٽ ڪلاس. ماٺ ڪري جيڪا سيٽ ملناو ان تي هلي ويهو متان اها به نه هلي وڃانو.“ ۽ پوءِ هن هڪ انگريز، جيڪو سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلها هڻي رهيو هو، ڏي ڏسي مون ڏي وري ڏٺو، يعني اکين اکين ۾ مون کي اهو چيو ته ڏسين نٿو ته انگريز ئي پيا ڪتر ٿين سو تون هڪ غريب ايشيائي-سو به بنا تيل واري ملڪ جو ٿي ڪري نخرا پيو ڪرين.

ڦڪو ٿي اچي هڪ سيٽ تي يڪدم ويهي رهيس ۽ چڱو جو يڪدم ويهي رهيس جو ٿوري دير کان پوءِ ٻيا جيڪي مسافر چڙهيا انهن جي ويهڻ لاءِ ڪا به سيٽ نه بچي هئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته اهي هڪدم لهي وڃن ۽ ٻئي ڏينهن جي اڏام ۾ چڙهن. مون کي پوءِ احساس ٿيو ته مصري ايجنٽ مون تي ٺلهي لئه رکي، خوش ڪري منهنجي ئي کنڌي ۾ ٻه دفعا ماني کائي ويو.

مصر ايئر لائين جي جهاز ۾ فقط ايترو ٿو ٿئي. سوڊان ايئرلائين جا جهاز ته ان کان به ٻه رتيون وڌيڪ. ان ۾ ته رزرويشن ٿئي ئي ڪانه ۽ نه وري جهاز جي سيٽن مطابق ٽڪيٽون وڪامن. پر ايترو آهي تو سوڊان جا شيدي مصري عربن وانگر ويڙهاڪ، تکي طبيعت جا يا ٺڳ قسم جا نه آهن. جيتوڻيڪ شڪل شباهت، قدبت ۽ رنگ روپ ۾ خوفناڪ لڳن ٿا، پر دل جا نرم آهن. ڪي ته حد کان وڌيڪ آلاڀولا.

سوڊان ۾ اهو عام آهي-گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين ته اهو عام هو ته ٽڪيٽون وڪڻندڙ ايجنسيون جهاز جي سيٽن کان هميشه وڌيڪ وڪڻن جو هنن کي پڪ آهي ته سڀ مسافر ڪڏهن به وقت تي نه پهچندا. پوءِ جي سيٽن جيترا يا ان کان گهٽ آيا ته خير ٿي ويندو هو، پر جي سيٽن کان وڌيڪ مسافر اچي نڪتا ته پوءِ سخت مونجهارو برپا ٿيندو هو. پهريان آيل ته سيٽون ولاري ويهندا. پوءِ جا آيل جبن کي ڇنڊي جهاز جي وچ ۾ لنگهه تي هيٺيان چپل رکي پلٿ ماري ويهي رهندا. سمجهه ۾ نه پيو ايندو ته هاڻ هي مسئلو ڪيئن حل ٿيندو. پوءِ پائلٽ صاحب پهچندو. هو هي حال ڏسي اعلان ڪندو ته جهاز جدي نه پر خارطوم وٺي ٿو وڃان ان ڪري جدي جا مسافر هڪدم لهي وڃن. اهي سڀاڻ يا پرهينءَ ڪو جهاز ويو ته ان ۾ وڃي سگهن ٿا. ٿوري دير مسافر غريب شڪل ٺاهي ويٺا هوندا. پوءِ آهستي آهستي ٿي جدي جا مسافر لهڻ شروع ڪندا. پوءِ پائلٽ صاحب پنهنجو موڊ مطابق يا ته جهاز کي واقعي خارطوم ڇڪي ويندو يا پروگرام مطابق جدي. اسان جي ملڪ ۾ پائلٽ صاحب جيڪر ائين چوي ته سڀ مسافر گڏجي اهڙا موچڙا هڻنس جو اڇت ٻئي جهان ڏانهن روانو ٿي وڃي. پر سوڊان ۾ خبر ناهي ڇا چڪر آهي. ڪنهن ٻڌايو پائلٽن جي اتي ايڏي لئي ان ڪري آهي جو جهاز به ٿورا آهن ۽ پائلٽ به تمام گهٽ. سو پائلٽن کي جيڪي وڻي ٿو اهو ڪن ٿا. حڪومت نه ٿي ڪڇي جو هو ڪونه ڪو ٽيڪنيڪل بهانو ڏيئي فلائيٽ ڪئنسل ڪري سگهن ٿا. مثال طور: جهاز ۾ تيل گهٽ آهي، فلاڻي شهر تائين مس هلي سگهندو. جهاز جي سالياني جنرل سروي اهم جماعت کي ڇڏڻو آهي جنهن خاطر پروگرام واري اڏام رد ڪري سگهجي ٿي.

منهنجو هڪ دوست سوڊان جي شهر خارطوم ۾ هڪ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ٽيڪنيڪل مئنيجر آهي. ان به اهڙي ئي قسم جي ڳالهه ڪئي ته سوڊاني شيدي ڏسڻ ۾ ڊپ وارا لڳن ٿا، پر آهن تمام نرم دل، ۽ سوڊاني گهڻي ڀاڱي توڪلي ۽ درويش قسم جا مڙس ٿين ٿا. ڪا وڏي ڳالهه ٿي ويندي ته به چوندا رب رحيم آهي. قسمت ۾ ائين لکيل هو تڏهن ته ٿيو. يا داڻو پاڻي نه هو، وغيره. هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪنهن ورڪر کي ڪاوڙجي چئبو ته ڪم صحيح ڪونه ٿو ڪرين توکي ته ڪڍي ڇڏڻ کپي، ته ماڳهين مٿو کائي ويندو ته هاڻ ته تو چيو آهي ته نوڪريءَ مان ضرور ڪڍيم. الله مالڪ آهي. اهوئي رزاق آهي. اهوئي هر بندي کي رزق ڏئي ٿو. يو آر ناٽ اي رزاق. سائين هاڻ ڏيو منهن. پوءِ نيٺ منٿون ڪبيون ته بابا مون ائين ئي چيو. چرچن ۾ توکي چيو. تڏهن وڃي همراهه ماٺو ٿيندو.

ايئرلنڪا جا ٻئي جهاز جيتوڻيڪ پراڻا ۽ سادا هئا، پر اهو مڃڻ مراد آهي ته سروس واهه جي هين. ٻين هوائي ڪمپنين- خاص ڪري اسان جي پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ کي سلوني ايئر هوسٽسن ۽ اسٽيورڊن کان سبق سکڻ کپي ته هنن لاءِ هر مسافر قابل احترام آهي. اهو مسافر جيڪو ٻيا جهاز ڇڏي توهان جي جهاز کي ترجيح ڏئي ٿو، ان جو به ڪجهه حق آهي جنهن جي خريد ڪيل ٽڪيٽن مان توهان کي ڳرا پگهار ملن ٿا، ڊاڪٽري سهوليتون ۽ رهائش جا الائونس ملن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org