ورهاڱي کان اڳ سک زميندار ۽ جاگيردارن جي ڪميونٽي
هئي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترائي وڏا زميندار ننڍا ٿي
ويا- جن مان ڪيترن کي ته پاڻ هر هلائي هارپو ڪرڻو
پيو. انگريزن جي حڪومت ۾ هنن کي ڪيتريون ئي
سهولتون مليل هيون. برٽش انڊين آرمي جو چوٿون حصو
سک هئا ۽ انگريز راڄ جي پوليس به سندن چڱي خاصي
نمائندگي هئي. آزاديءَ کان پوءِ هنن جو ان ۾ حصو
صفا گهٽايو ويو.
ان کان علاوه سکن کي هندستاني حڪومت سان ٻين به
ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، جئين ته ڀر وارا پنجابي
تعلقا پنجاب سان ملائڻ بدران هريانا، هماچل پرديش
۽ راجستان صوبي سان ملايا ويا آهن. چاندي گره کي
نه فقط پنجاب جو، پر ٻئي صوبي لاءِ به گاديءَ هنڌ
مقرر ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ لاءِ سکن کي پنهنجي صوبي
بدران هريانا وڃڻو پوي ٿو. اتر پرديش جو علائقو
نيپال ترائي- جيڪو مليريا، دلدل ۽ جهنگ سان ڀريل
هو. تنهن کي سکن صاف ڪري جڏهن رهڻ لائق بڻايو ته
کين اتان لوڌيو ويو. درياهه جيتوڻيڪ پنجاب مان
لنگهن ٿا، پر پنجاب کي گهرج آهر پاڻي ڏيڻ بدران
ٻين صوبن کي ڏنو وڃي پيو. هيڊرو اليڪٽرڪ ڪامپليڪس
جيڪو آهي ته پنجاب ۾ پر ان جو ڪنٽرول ٻين جي هٿن ۾
آهي، ان کان علاوه پنجاب ۾ هندستاني حڪومت فقط
نالي ماتر ڪي ڪارخانا يا فئڪٽريون لڳايون آهن- سو
اهي چند اهڙيون ڳالهيون آهن، جن سکن ۾ نامحروميءَ
جو احساس پيدا ڪيو آهي. ان کان علاوه ٻيون به
ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون آهن، جن ڪري سک
بيتاب آهن ته هنن کي الڳ ملڪ هجي ته هو چڱو. انهن
ننڍين ڳالهين ۾ ڪجهه اهي به آهن ته حڪومت سندن
مذهبي ڳالهين ۾ به دخل انداز ٿي رهي آهي. گوردوارن
کي جيڪا ملت ٿيندي هئي اها سک پنهنجي برادريءَ جي
ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ پنهنجن لاءِ
اسڪول، يتيم خانا ۽ خيراتي اسپتالون هلائيندا هئا.
هاڻ اها لکها رپين جي اپت حڪومت کنيو وڃي.
سکن جي الڳ حڪومت جي گهر پهرين 1971ع ۾ پنجاب
حڪومت جي اڳوڻي وزير جڳجيت سنگهه چوهان ڪئي هئي.
ان وقت هندستان ۾ ڪنهن به ان ڏي ڌيان نه ڌريو هو.
چوهان وڌ ۾ وڌ اهو ڪيو جو آمريڪا، انگلينڊ ۽
ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سکن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو، جيڪي
ان جي حق ۾ هئا. چيو وڃي ٿو ته هن کي ڪجهه ٻين
حڪومتن طرفان به امداد ملي هئي.
اها هلچل آهستي آهستي وڌڻ ويجهڻ لڳي. خاص ڪري سکن
جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو ان کان متاثر ٿي شامل ٿيڻ لڳو
۽ ان پٺيان پوءِ ٻيا پڻ. اڪالي دل سکن کان علاوه
سکن جا ٻيا ٽولا پڻ- خاص ڪري ڀنڊرا والا جي جرنيل
سنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ حمايت ڪرڻ لڳا. پاڻ 1981ع ۾
قيد به ڪيو ويو هو. سندس ماڻهن هن جي آزادي ۽
خالصتان کي تسليم ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز به اغوا ڪيو
هو. پر کيس پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو هو.
سکن جي تحريڪ اڃا تائين هلندي اچي، جيتوڻيڪ ان
تحريڪ ۾ پنجاب کان ٻاهر هندستان يا هيڏانهن
ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سريلنڪا، سنگاپور پاسي رهندڙ
سک ايترو دلچسپي نٿا وٺن. ان جو هڪ اهو به سبب آهي
جو ڪيترائي سک اصل پنجاب جا پنجابي به نه آهن.
ڪيترا هندن مان سک ٿيا آهن، جن کي پنجاب جي سکن جي
مسئلن سان ڪا به دلچسپي ناهي. ويجهِڙائي تائين اتر
اولهه پنجاب ۽ سنڌ جي هندن ۾ اهو رواج هو ته هو
پنهنجن پٽن مان هڪ کي خالصو بڻائيندا هئا ۽
پنهنجون ڌيئون پڻ سکن سان پرڻائيندا هئا. ڪيترائي
هندو پوڄا لاءِ پنهنجي هندو ڌرم جي مندر ۾ وڃڻ
بدران سکن جي گوردواري ۾ ويندا هئا. اڄ به
سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ سريلنڪا جي سنڌي هندو
واپارين جي دڪانن ۾ گرونانڪ يا ڪنهن ٻئي سک مذهبي
رهنما جي تصوير ٽنگيل نظر ايندي. (ان بابت لوڪرام
ڏوڏيجا پڻ پنهنجي ڪتاب سڪارٿو سفر ۾ لکيو آهي.)
ساڳي وقت هندوءَ مان سک ٿيل رڳو ڏاڙهي ۽ وار
ڪوڙائڻ سان وري هندو ٿيو وڃي. ان ڪري صحيح خبر نٿي
پوي ته ڪهڙا سچي دل سان سک آهن.
هڪ مشهور مذهبن جي ڄاڻو انگريز پروفيسر انگلينڊ جي
ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اتر هندستان جي مذهبن تي ليڪچر
ڏيئي رهيو هو. ڪنهن پڇيس: ”سائين، اسان هندن ۽
مسلمانن بابت ٻڌو آهي ته اهي سک ڪير آهن جن بابت
توهان ٻڌائي رهيا آهيو؟“
عالم پروفيسر وراڻيو:
”It
is Awfully Hard to define a Sikh is Kind of
Vicious Hindu.“
آزاديءَ کان پوءِ جيئن ته هندستان جي حڪومت پنهنجي
ملڪ ۾ سيڪيولرزم آندو آهي، ان ڪري مذهبي بنيادن تي
جيڪي برٽش راڄ ۾ سکن کي سهوليتون مليل هيون سي بند
ڪيون ويون آهن. ڪيترا نوجوان سک داخلا يا نوڪريءَ
جي فارمن تي خالصو (سک) لکڻ بدران اڄڪلهه ”هندو“
لکڻ لڳا آهن. پراڻي خيال جي سکن کي اها ڳالهه هرگز
پسند نه آهي جو هندو هميشه سکن کي ڄٽ ۽ بيوقوف
سمجهن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته جيئن ته سک وار نٿا
ڪوڙائين ۽ ان مٿان هيڏو سارو پٽڪو ٿا ٻڌن، ان ڪري
گرمي سندن دماغ تي اثر ٿي ڪري ۽ منجهند ڌاري صفا
هٿن مان نڪريو وڃن.
سک ”سردار جي“ جي لقب سان سڏجن ٿا ۽ سکن بابت
ڪيترائي لطيفا ”سردار جي“ جي عنوان سان دنيا ۾
مشهور آهن. جن مان ڪيترائي چرچا سکن پاڻ ٺاهيا
آهن، جيڪي هو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ٻڌائيندا آهن، پر
مجال آهي جو ڪو ڌاريون سندن موجودگيءَ ۾ اهڙو چرچو
ڀوڳ ٻڌائي. مٿو ڦاڙي رکندس. هتي هڪ تازو لطيفو
ٻڌائڻ بي مهلو نه ٿيندو، جيڪو ڪنهن ٻئي جو نه پر
خوشونت سنگهه جو ئي ٻڌايل آهي ۽ انگريزي هفتيوار
رسالي ٽائيم ۾ به اچي چڪو آهي. خوشونت سنگهه
دهليءَ مان نڪرندڙ اخبار ”هندستان ٽائيمس “ جو
ايڊيٽر آهي ۽ مشهور ليکڪ ۽ سکن جو تاريخ نويس پڻ.
لطيفو خالصان جي سلسلي ۾ آهي، جيڪو جيڪڏهن الڳ ملڪ
ٿي ويو ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ايئن بفر
اسٽيٽ Buffer-
State ٿي
پوندو، جيئن افغانستان، روس ۽ پاڪستان وچ ۾ آهي.
لطيفو: هندو۽ سک جي وچ ۾ گفتگو آهي، ته هڪ هندوءَ
سک کان پڇيو:توهان سک الڳ ملڪ خالصتان ٺاهڻ لاءِ
ڇو گهر ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اهو نٿا سمجهو ته ائين
ڪرڻ سان هندستان کي نقصان رسندو؟“
”هرگز نه،“ سک وراڻيو، ”خالصتان توهان جي اتر
اولهه واري باڊر کي پاڪستان جي حملي کان
بچائيندو.“
”اهو وري ڪيئن؟“ هندوءَ پڇيو.
”ڇاڪاڻ جو خالصتان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊفر اسٽيٽ Duffer-
State جو
ڪم ڏيندو.“
ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ
هتي ملائيشيا ۾ ٽرئفڪ پوليس جو ڪافي رعب آهي ۽ کين
فقط اختياري مليل آهي، پر ان اختياريءَ کي هو
استعمال به ڪن ٿا ۽ ڪو به اثر رسوخ وارو رئيس،
وڏيرو يا سرڪاري آفيسر ڏوهه ڪري قانون کان بچي نٿو
سگهي. رستي جا قاعدا قانون غريب توڙي امير لاءِ
هڪجهِڙا آهن. نتيجي ۾ هرڪو خيال سان گاڏي هلائي
ٿو. جنهن جو رستي تي حق آهي. هرڪو پهرين ان کي
رستو ڏيڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺي ٿو. ڪار وارو گاڏي
هلائڻ کان اڳ چڱيءَ طرح سيفٽي بيلٽ ٻڌي ٿو ۽
موٽرسائيڪل وارو مٿي تي لوهي ٽوپلو چاڙهي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ملاڪا کان ويهه ميل پري هڪ شهر
”مسجد تاناح“ ۾ غلط هنڌ تي مون کان ڪار پارڪ ٿي
ويئي. اها ڪا جاءِ موٽرسائيڪلن بيهارڻ لاءِ هئي،
پر مون سمجهيو شايد ڪارن لاءِ هجي جو ٿورو اڳيان ۽
پويان ٻيون ڪارون بيٺل هيون. جيتوڻيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ
اتي بيٺل هڪ ٻن همراهن کان پڇيم ته اتي ڪار
بيهاريان- ته هنن به چيو ته ڀلي بيهار. شايد هنن
منهنجي ڳالهه نه سمجهي يا مون سندن نه سمجهي.
شهر مان ڪم ڪار لاهي ٿوري دير کان پوءِ اچان ته
ڪار جي اڳئين شيشي تي، وائيپر هيٺان غلط پارڪ ڪرڻ
جي سلسلي ۾ اطلاع جي پرچي لڳي پيئي آهي ۽ منجهس
پوليس آفيس ۾ پاڻ کي حاضر ڪري ڏنڊ ڀري وڃڻ جو
چتاءُ ڏنل هو. هتي ملائيشيا ۾ اهو رواج آهي ته غلط
ڪم ڪرڻ تي يا پارڪنگ في لاءِ پوليس ڳاڙهي رنگ جي
پرچي هڻي ويندي آهي ۽ ان جي ڪاربن ڪاپي (نقل) پاڻ
وٽ رکندي آهي. پوءِ ويجهي پوليس اسٽيشن تي اها
پرچي ۽ ڏنڊ ڏيئي سائي رنگ جي رسيد وٺبي آهي. جي ان
ئي ڏينهن وڃڻ بدران ٻيو ڏينهن ٿي ويو ته ڏنڊ ڪجهه
وڌيڪ ورتو ويندو آهي. جي هفتو ٿي ويو ته پوءِ
هيڪاندو گهڻو. هتي اهو به آهي ته ڪو به ماڻهو بچي
نٿو سگهي، جو سڀني گاڏين جي مالڪن جون ائڊريسون
رجسٽريشن آفيس ۾ موجود آهن ۽ غلط ائڊريس ڪو به ان
ڪري نٿو ڏئي جو ڪار خريد ڪرڻ مهل رجسٽريشن ڪارڊ يا
ڊرائيونگ ٽيسٽ پاس ڪرڻ مهل، لائسنس هٿ ۾ ڏيڻ بدران
پوسٽ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن پڪ ٿئي ته ائڊريس صحيح
آهي يا نه.
ان ڏينهن ته مون کي دير ٿي ويئي هئي سو پوليس
اسٽيشن تي وڃي نه سگهيس. ٻئي ڏينهن پنهنجي آفيس
مان ٿيندو سڌو پوليس اسٽيشن تي پهتس. واسطيدار
ڊيوٽي آفيسر، سردار جي (سک) هو. شايد ايس. پي يا
ڊي. ايس پي جي رئنڪ هجيس. کيڪار کڙيءَ کان پوءِ
چيومانس ته سردار جي ڏوهه ڪري ويٺو آهيان، ان لاءِ
اچي حاضر ٿيو آهيان. جيتوڻيڪ اهو غلط فهميءَ ۾ ٿيو
آهي.
سردار جيءَ اها مهرباني ڪئي جو پنجاهه ڊالرن بدران
پهرين ڏينهن وارو ڏنڊ فقط ٽيهه ڊالر (ٻه سئو رپيا
کن) ورتائين ۽ پرچيءَ تي صحيح ڪري ٺپا هڻي ڏنائين.
يعني فيصلو ٿيو ته ڳالهه ختم ٿي. چيومانس: ”سردار
جي مون کي وري ته نه اچڻو پوندو.“
سردار جيءَ هڪدم پنهنجي روايتي لهجي ۾ وراڻيو: ”يو
آر موسٽ ويلڪم“- ۽ پوءِ کلي چيائين: ”او منهنجو
مطلب آهي ته مون وٽ گهمڻ لاءِ هتي آفيس ۾ هر وقت
اچي سگهين ٿو. باقي سزا/ ڏنڊ لاءِ اميد ته آئيندي
خيال رکندين.“
ملائيشيا ۾ اچڻ سان جيئن ئي ڪار لاءِ پئسا مليا ته
هرڪو پهرين ڏينهن ئي پنهنجي پسند جي ڪار ته وٺي
آيو، پر خبر پوءِ پئي ته اڃا هلائي نٿا سگهون جو
هتي اسان جي ملڪ پاڪستان (۽ هندستان، برما ۽ ڪجهه
ٻين ملڪن) جا ڊرائيونگ لائسنس ڪارگر نه آهن. ملاڪا
ٽرئفڪ پوليس آفيس وارن صاف صاف چيو: ”توهان جي
ملڪن جو لائسنس اسان قبول نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته جو
توهان جا ملڪ اسان جي ملڪ ملائيشيا جو ڊرائيونگ
لائسنس قبول نٿا ڪن. اسان جا شاگرد ۽ آفيسر جڏهن
توهان جي ملڪ ۾ وڃن ته انهن کي ڪو لفٽ نٿو ڪرائي.
ها، باقي هڪ ڳالهه آهي ته جي توهان وٽ انٽرنيشنل
لائسنس يا ڪنهن ٻئي ملڪ مثلا سنگاپور، سعودي عرب،
بحرين، انگلينڊ جو هجي ته پوءِ ان لاءِ لائسنس تي
ٽي مهينا کن ڪار هلائي سگهو ٿو.“
واپس اچي ڪئپٽن مخدوم کي چيم ته استاد ڪو طريقو يا
ڪا رمز ٻڌاءِ ته لائسنس ڪيئن ماڻجي. تون هتي پراڻو
آيل آهين.
مخدوم چيو: ”ابا ماٺ اٿو ڀلي. طريقو اهوئي هڪڙو
آهي ته ڊرائيونگ جو وڃي امتحان پاس ڪريو. خبر
اٿئي،“ هن وڌيڪ ٻڌايو، ”اسان جڏهن گذريل سال آيا
هئاسين ته اسان به اهو ئي سمجهيو ته ڪنهن ڊرائيونگ
اسڪول جي في ڀري يا ڪنهن ٽياڪڙ کي چانهه پاڻي
ڪرائي گهر ويٺي لائسن حاصل ڪري وٺنداسين. اڪيڊميءَ
جو پرنسپال جيڪو ڪافي اثر رسوخ وارو آهي تنهن چيو
ته فڪر نه ڪريو. ٽرئفڪ پوليس جو وڏو عملدار منهنجو
سڃاڻو آهي، منهنجا سلام ڏجوس- ايترو ئي ڪافي آهي.
”پوءِ سائين هڪ خوشگوار صبوح جو بوندا بانديءَ جي
موسم ۾ ڪئپٽن هرداس، ڪئپٽن ايس ڪي پوري، چيف
انجنيئر ببر ۽ آئون ڊرائيونگ لائسنس وٺڻ لاءِ ٺهي
ٺڪي پوليس اسٽيشن تي پهتاسين. پوليس جي وڏي عملدار
سان ملي پرنسپال جا سلام چياسينس ۽ پنهنجي ڪم جي
ڳالهه ڪئيسونس ته اسان هن ڪم لاءِ ايا آهيون. هن
ڳالهه ٻڌي ٿڏي تي ئي جواب ڏنو ته ”نمبر ون ته آئون
توهان جي پرنسپال يا ڪنهن ٻئي کي سڃاڻان ئي ڪو نه.
نمبر ٽو ته ٻاهر امتحان وٺڻ وارو پوليس انسپيڪٽر
بيٺو اٿو ان کي ڪار ڊرائيونگ جي ٽيسٽ وڃي ڏيو.“
”اسان ٽئي ڪئپٽن ۽ هڪ چيف انجنيئر- جيڪي ڦوهه
جوانيءَ جا ويهه سال ڇتين ڇولين ۽ طوفاني هوائن ۾
وڏا وڏا جهاز هلائي هاڻ سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ
ڪناري جي نوڪريءَ ۾ گهڙيا هئاسين، سي ماٺڙي ڪري
ٻاهر نڪتاسين. ٻاهر نڪري چيوسين ته اجايو وڏي
آفيسر وٽ وياسين. واسطيدار انسپيڪٽر سان ئي ڳالهه
ٻولهه ڪرڻ ڪافي رهندو، جنهن جي اختيار ۾ ئي ته پاس
يا فيل ڪرڻ آهي. سو اسان مان پڪ مرعوب/ متاثر ٿي
ويندو.
”ٻاهر بيٺل بااختيار ۽ واسطيدر انسپيڪٽر اسان جي
ڳالهه ٻڌي چيو:ڀلي توهان کڻي چاليهه سال جهاز
هلايو هجي، پر ملاڪا شهر ۾ ڪار هلائڻ تڏهن
ڏيندوسانو جڏهن منهنجي معيار موجب ڊرائيونگ جو
امتحان پاس ڪري ڏيکاريندو.“
”ٽيسٽ ۾ هڪ ته Side-
Parking ڪرڻو
هو. ان کان پوءِ Reverse پارڪنگ،
ان بعد ٽن حرڪتن ۾ پوري گاڏيءَ کي موڙي ڏيڻو هو.
ان ۾ پاس ٿيڻ جي صورت ۾ چوٿون نمبر بڪٽِ (ٽڪريءَ)
جو ٽيسٽ هو- يعني گاڏيءَ کي چاڙهيءَ (مٿاهينءَ) تي
وٺي مقرر هنڌ تي بريڪ هڻي انجڻ بند ڪري ڇڏڻي هئي.
ان بعد وري انجڻ اسٽارٽ ڪري هٿ جي بريڪ ڇڏي گاڏيءَ
کي اڃا به اڳتي وٺي چاڙهيءَ تان لاهڻو هو. انهن
مڙني امتحانن بعد شهر ۾ گاڏي هلائي ڏيکارڻي هئي.
پهرين ٽيسٽ- سائيڊ پارڪنگ ۾ ڇهه کن لوهه جون لٺيون
پٽ تي کتل هيون جن جي وچ مان پنهنجي ڪار کي انگڙ
ونگر هلائي ٻن ڪارن جي وچ ۾ پنهنجي ڪار کي پارڪ
ڪرڻو هو.
”پوءِ سائين پهرين ڪئپٽن پوري ڪار ۾ ويٺو. لوهي
لڙها ته اڪري ويو پر پارڪنگ مهل ٺڪاءُ کڻي ڪري ته
سندس گاڏيءَ ۾ به ڊينٽ ته لائين ۾ بيٺل اڳين
گاڏيءَ ۾ به گهٻ.
”پوءِ منهنجو ۽ ڪئپٽن هرداس جو وارو آيو. ٻئي ڄڻا
فيل ۽ ٻنهي کي انسپيڪٽرن ٻن مهينن جو مدو ڏئي ڇڏيو
ته وڃي پرئڪٽس ڪريو. ان بعد امتحان لاءِ تيار ٿي
اچبو. اسان ٽنهي ڪئپٽنن بعد چيف انجنيئر ببر جو
وارو آيو. اهو مڃڻ مراد اهي ته جتي اسان ڪئپٽن فيل
ٿي پياسين اتي چيف انجنيئر ببر آهستي آهستي ڪري
مڙيئي ٽيسٽ پاس ڪري ويو. ان کي لائسنسن ملي ويو،
باقي اسان پوءِ ٻن مهينن بعد وڃي پاس ڪيو.“
مخدوم جون اهي ڳالهيون ٻڌي اسان به تيار ٿي امتحان
لاءِ نڪتاسين. ٽرئفڪ آفيس وارا چوڻ لڳا:”توهان جو
ته لکت ۾ به امتحان ٿيندو، جيئن هتي دستور موجب
ٻين ملئي ماڻهن جو ورتو وڃي ٿو.“
اسان سان گڏ جيڪو اسان جي آفيس جو ماڻهو آيو هو،
تنهن کي چيو ته هيءَ چڱي خواري چئبي. هن عمر ۾.
اسين پاڻ جهازين جا امتحان وٺڻ لاءِ هتي آيا آهيون
۽ نه ڪار هلائڻ جي امتحان ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ.
آفيس واري همراهه چيو:”فڪر نه ڪريو مسجد تاناح شهر
۾ منهنجي دوست جو سيڪولا ميمندو ڪيراٽا ڊان موٽر
(موٽر سکڻ جو اسڪول) آهي، اتي هلي داخلا وٺو. هو
توهان کي امتحان جي نموني سان تياري ڪرائي ڇڏيندو،
جيئن پاس ٿي وڃو. لکت جي امتحان لاءِ به هن وقت
نموني جا پيپر پيا آهن.“
چيومانس ته فقط نموني جا جا پيپر نه، پر ٿي سگهي
ته کيس پيپر به هٿ ڪرائي ڏجانءِ.
آصف رڙ ڪري چيو: ”کيس پيپرن سان به ڪم شايد نه
هلي. چئينس ته اصل پيپر جي ليڪ آئوٽ ٿي ملي ته اهو
ڪم سڀ ۾ سٺو.“
آصف کي چيم ته ڪجهه به ٿئي، پر جي تون ٽرئفڪ جي
لکت واري امتحان ۾ فيل ٿو ٿين ته ايترو ضرور ڪندس
ته پاڪستان جي اخبارن ۾ اها خبر موڪلي ڏيندس ته:
”ڇهه سال پاڪستان جي وڏي ۾ وڏو مسافر جهاز- سفينه
حجاج هلائڻ وارو چيف انجنيئر مسٽر آصف غيور
ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪار هلائڻ جي ٽيسٽ ۾ فيل
ٿي پيو.“
بهرحال پوءِ ته عزت بچائڻ خاطر ٻيا به ڪم ڪاريون
ڇڏي رستي جون نشانيون- خاص ڪري رستي تي لکيل ملئي
لفظ (برهنتي معنيٰ بيهي رهو، آواس=خبردار، جالان
معنيٰ هلو:ڪانئڪ ڪانئڪ ميلنتا- معنيٰ ٻار لنگهي
رهيا آهن. يا حد لاجو- معنيٰ گاڏي مقرر رفتار ۾
هلايو. وغيره وغيره) ياد ڪرڻ ۾ اهڙو ته لڳي وياسين
جو نيٺ امتحان پاس ڪري پوءِ سڪون جو ساهه کنيوسين.
هونءَ اسان اسڪول ۾ فقط چار ڏينهن ڪلاڪ ڪلاڪ
پڙهيو- نه ته هتي جا نوان سيکڙاٽ پنڌرنهن کان ويهه
ڪلاڪ جي پرئڪٽس ڪن. اسان پاس به پهرين دفعي ۾
ٿياسين ته به هتي اسڪول جون فيون ۽ لائسنس جن فيون
ايترو ڳريون آهن جو آمريڪا، انگلينڊ، جپان ۾ به
لائسنس پٺيان ايڏو خرچ ناهي. مثال طور:
پهرين ڪچي ايل ”L“
لائسنس جي في 10 ڊالر
ان بعد پڪي لاءِ امتحان ڏيڻ جي في 20 ڊالر
اسڪول جي في ڪلاڪ جي في 15 ڊالر
ان حساب سان پنجن ڪلاڪن جي في 75 ڊالر
امتحان واري ڏينهن اسڪول جي ڪار
استعمال ڪرڻ جي في 40 ڊالر
امتحان پاس ڪرڻ بعد پڪو لائسنس وٺڻ جي في
20 ڊالر
جملي
165 ملئي ڊالر
في ڊالر ڇهين رپئي به سمجهيو وڃي ته به 990 رپيا
ٿيا- يعني هزار رپين کن جو نسخو ٿيو.
روئڻ وارو وڻ
ملائيشيا ۾ چاهي ڪو هوائي جهاز ذريعي ڪوالالمپور
اچي يا پاڻيءَ جي جهاز رستي ملائيشيا جي ڪنهن
بندرگاهه:پورٽ ڪلانگ، پورٽ ڊڪسن، ملاڪا يا پينانگ
۾ اچي. کيس چوڌاري رٻڙ جا ڊگها ڊگها وڻ نظر ايندا.
ٻئي نمبر تي ناريل ۽ پام- آئل (Palm-
Oil)
جون مختلف جنسون.
۽ پوءِ ايئرپورٽ يا بندرگاهه کان ٻاهر ڪنهن ٻئي
شهر ڏي ريل گاڏي يا ڪار ۾ ويندي وقت رستي جي ٻنهي
ڪپرن تي سڌين قطارن ۾ پوکيل هي وڻ چٽيءَ طرح ڏسي
سگهجن ٿا. رٻڙ جي وڻن جي اها به نشاني آهي ته سندن
ٿڙ ۾ هڪ ننڍڙي ٺڪر جي وٽي يا پلاسٽڪ جي ٿيلهي
لڙڪندي نظر ايندي. جنهن ۾ ٿڙ کي ڏنل چيهڪ منجهان
کير ٽمندو نظر ايندو. هي اڇو کير Latex (لئٽيڪس)
سڏجي ٿو. جيڪو ماکيءَ وانگر گهاٽو ٿئي ٿو. مارڪيٽ
۾ رٻڙ جون جيڪي مختلف شيون اسان ڏسون ٿا اهي سڀ هن
کير مان ٺهن. هي کير- لئٽيڪس وڻ جي ٿڙ ۽ ڇوڏي جي
وچ ۾ ٿئي. ٿڙ پوءِ آهستي آهستي ڄمي ان چهيڪ واري
هنڌ تي ائين تهه ٺاهيو ڇڏي جيئن انساني جسم تي
رهنڊ اچڻ تي رت ڪڙي ٿو ٻڌي ۽ پوءِ وڌيڪ ٽمڻ بند
ٿيو وڃي. ڏکڻ آفريڪا ۾ اميزان نديءَ جي ماٿريءَ جا
ماڻهو هن وڻ جي ان رس ڳاڙڻ لاءِ چوندا آهن ته اهو
وڻ تڪليف پهچڻ ڪري ڳوڙها ڳاڙي ٿو ۽ اتي جي زبان ۾
رٻڙ جي وڻ جو نالو ئي اهي ڪاهوچو- معنيٰ اهو وڻ
جيڪو روئي. اهو نالو جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ پڻ
ساڳيو آهي- سواءِ ٿورڙي ڦير ڦار جي. انگريزيءَ ۾
سندس نالو رٻڙ Rubber سندس
پهرين ڪم – يعني ڊاهڻ ڪري پيو. ارڙهين صديءَ ۾
انگرين ڏٺو ته وڻ مان نڪرندڙ اهي ڳوڙها- کير، پني
تان پينسل جا نشان Rub ٿو
ڪري- ڊاهي ٿو. ان ڪري نالو پيس Rubber-رٻڙ.
رٻڙ ملايا کان علاوه برزايل ۾ به جام پوکيو وڃي
ٿو. بلڪ برازيل ۾ تمام گهڻو اڳ کان آهي ۽ سائنس جي
اوائلي دور ۾ ان کير جهڙي رٻڙ Latex مان
پيرن ڍڪڻ لاءِ جوتا ۽ واٽر پروف ڪپڙو ٺاهيو ويو
ٿي. جيتوڻيڪ ان ريت رٻڙ ذرا ٽاڪئون ۽ سخت ٿي ٿيو.
ان ڪري پوءِ اڳتي هلي هن کير کي ڏامر (ڪول تار-
نئفٿا) ۾ ملائي استعمال ڪيو ويو. پر اهو به ٿڌ ۾
سخت ۽ ڀرڪڻو ٿي ٿي پيو ۽ گرميءَ ۾ لِڳ لِڳ ۽ ڌپ ٿي
ڪيائين.
1840ع ڌاري انگلينڊ ۾ هئنڪاڪ ۽ آمريڪا ۾ گڊييئر
نالي ڪمپنين رٻڙ ۾ سلفر (گندرگ) ملائي ڪهه سڌارو
آندو. سلفر کي مختلف مقدار ۾ ملائي رٻڙ جا ڪيترائي
قسم، لچڪڻو (نرم گاديلن لاءِ) ۽ سخت (رسين لاءِ)
ٺاهيو ويو.
1876ع ۾ انگريز حڪومت برازيل ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻين
ملڪن مان رٻڙ جي سٺن وڻن جا ٻج گهرائي ملايا ۽
سلون ۾ تجربي لاءِ پوکيا. ڏسندي ئي ڏسندي هتي جي
موسم، ڌرتي ۽ مينهن رٻڙ جي وڻن کي وڌڻ ويجهڻ ۾
ايتري ته مدد ڏني جو هاڻ رٻڙ ڪري ملائيشيا هن پاسي
جي سڀني ملڪن ۾ (جپان ۽ سنگاپور کانپوءِ) ٽيون
نمبر اميرملڪ ليکيو وڃي ٿو.
جيئن انب به پهرين جهنگلي ميوو هو. پوءِ آهستي
آهستي ان تي تجربا ڪري ڪيتريون ئي عمديون جنسيون
ٺاهيون ويون، جيڪي اڄ سواد، سونهن ۽ تازگيءَ ۾
پهرين کان وڌيڪ بهتر آهن، تيئن هتي ملائيشيا ۾ پڻ
رٻڙ جي وڻن مان گهڻي ۽ بهتر رس ڪڍڻ لاءِ اڃا تائين
نت نوان تجربا ڪيا پيا وڃن. ان ۾ گهڻو هٿ هتي جي
”رٻڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ملائشيا“ (Prim)
جو آهي. هي ادارو دنيا ۾ رٻڙ تي کوجنائي ڪمن جو
وڏي ۾ وڏو ادارو آهي.
ملائيشيا جي هن اداري جي ڪري رٻڙ جي خاصيت ۽ اهميت
ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. اڄ رٻڙ نه رڳو گاديلن،
گاڏين جي ڦيٿن ۽ بوٽن ۾ پر جپان جهڙن ملڪن ۾ جاين
کي زلزلي جي لوڏن کان بچائڻ لاءِ سندن پيڙهه ۾ پڻ
وڏو وڃي ٿو.
ملائيشيا کان علاوه رٻڙ سريلنڪا، هندستان جي رياست
ڪيرالا، برازيل ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿورو
گهڻو ٿئي ٿو، پر ملائيشيا ۾ سڀ کان گهڻو ۽ عمدي
جنس جو ٿئي ٿو ۽ دنيا ۾ رٻڙ جي اڌ ضرورت ملائيشيا
پوري ڪري ٿو. ملائيشيا جي رٻڙ جي سالياني پيدائش
ڏيڍ ملين ٽن آهي. رٻڙ جو وڻ پنجويهه سال ڪمائي ڏئي
ٿو. ان بعد وري نئون وڻ پوکڻ کپي. Prim وارا
هر سال وڻن جي بيهڪ ۽ منجهائن نڪرندڙ مال تي پڻ
ايترو ڌيان ڏيئي رهيا اهن جو اڄ کان ٽيهه سال اڳ
في ايڪڙ فقط ويهه مڻ کن لئٽيڪس ڏنو ٿي. پر هاڻي
اهو چاليهه مڻن تائين وڃي پهتو آهي.
هينئر پرهه ڦٽيءَ مهل جڏهن هي مضمون رٻڙ بابت لکي
رهيو آهيان ته سامهون دريءَ مان صبح جي هلڪي
سوجهري ۾ گوڏين ۾ ملئي مرد وٽين ۾ ٽميل رٻڙ جو کير
هڪ وڏي دٻي ۾ لاهي رهيا آهن. اهو کير سج اڀرڻ کان
اڳ گڏ ڪرڻو پوي ٿو نه ته ڄميو وڃي. ان رٻڙ کي پوءِ
چوويهن ڪلاڪن اندر ڇاڻي منجهس پاڻي ملائي ۽ پوءِ
فارمڪ يا ائيٽڪ ائسڊ (تيزاب) مڪس ڪيو وڃي ٿو جيئن
رٻڙ صاف سٿرو رهي. پوءِ اهو رٻڙ اٽڪل ٽي. ويءَ جي
ماپ جيڏن بلاڪن ۾ سڪايو وڃي ٿو يا سنهين چادرن جي
شڪل ۾. ڪيترا دفعا جهاز رستي اهو رٻڙ ملايا مان
کڻي جپان پهچائڻ جو موقعو مليو هوندو. رٻڙ جيڪو
هونءَ ڪيڏو هلڪو لڳي ٿو سو ڪپهه جي ڳٺڙين وانگر
ايترو ته پريس ٿيل ۽ نهرو هوندو آهي جو اهو ٽي.
ويءَ جي ماپ جيڏو بلاڪ چار ماڻهو به کڻي نه سگهندا
آهن.
رٻڙ ڪيميائي طرح ڇڊو هائڊرو ڪاربن آهي- جيڪو ڪاٺ،
تيل، کنڊ وغيره ۾ پڻ آهي. سندس ڪيميائي قاعدو N(C5Hg)
آهي. يعني ڪاربن جا پنج ۽ هائڊروجن جا اٺ جزا- اين
دفعا (۽ ان اين ”N“
جو مقدار اٽڪل ٽي هزار کن سمجهڻ کپي.) رٻڙ جي جزي
جو بنيادي ڏاڪو آئسوپرين CH2 آهي.
جيڪا شيءِ ٽرپينٽائين تيل ۾ به ٿئي ٿي. 186وع ۾
پهريون دفعو رٻڙ کي ڳاري ثابت ڪيو ويو ته آخر ۾
آئسوپرين وڃيو ٿي بچي.
دنيا جي ڪن ملڪن ۾ اڄڪلهه ان ڪيميائي معلومات جي
مدد سان هٿرادو (Synthetic)
رٻڙ پڻ ٺاهي رهيا آهن- جنهن موجب وڻن مان کير ڪڍي
رٻڙ ٺاهڻ بدران سندس ڪيميائي جزا- ڪاربن ۽
هائيڊروجن وغيره قدرتي رٻڙ واري نموني موجب ملائي
رٻڙ ٺاهيو وڃي ٿو. ان هٿرادو رٻڙ ملائيشيا جهڙن
رٻڙ پئدا ڪندڙ ملڪن لاءِ چڱو خطرو پيدا ڪيو آهي.
پر ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هتي جا ماڻهو ان ڪوشش ۾
لڳا پيا آهن ته ڀلي کان ڀلا وڻ پوکي انهن کي
بيمارين ۽ خرابين کان بچائي صحيح طرح رٻڙ ڪڍجي
جيئن رٻڙ جي پيداوار ايتري ته گهڻي، سٺي ۽ سستي ٿي
پوي جو ماڻهو نقلي رٻڙ کي ڇڏي قدرتي رٻڙ کي ئي وٺن
۽ ان ۾ هي ملئي چڱي حد تائين ڪامياب به ويا آهن.
پتر گهسيڙو ۽ پيتي سيجوڪ
ملئي باشا (ٻولي) جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ڀهاسا
ملايو“ سڏجي ٿو، پهرين عربي رسم الخط ۾ هئي، جنهن
کي ”جوي“ سڏجي ٿو، پر پوءِ ترڪي زبان وانگر عربي
نموني مان ڦيرائي رومن ۾ ڪئي ويئي ۽ اها ”رومي“
لکڻي سڏجي ٿي انگريزي واري الفابيٽ (اي بي سي) ڪري
هر اهو ڌاريون جيڪو بين الاقوامي زبان انگريزي
پڙهي سگهي ٿو. ملئي ٻولي به گهٽ ۾ گهٽ پڙهي
سگهندو- پوءِ کڻي مطلب سمجهي نه سگهي. پر ڪنهن کي
جي اڙدو، هندي، عربي، سنسڪرت، انگريزي تامل
ڳالهائڻ اچي ٿي ته هو ڪيترائي ملئي لفظ سمجهي به
سگهندو- ڇو ته ملائيشيا تي صدين کان انڊين، عرب ۽
انگريز تهذيب، ثقافت، مذهب ۽ زبان جو گهڻو اثر هئڻ
ڪري انهن جي ٻولين جا ڪيترائي لفظ اصلي صورت ۾ يا
ٿوريءَ ردبدل سان ملئي زبان ۾ ملي جلي ويا آهن.
جيئن ته سنسڪرت، هندي ۽ اڙدو جا لفظ Isteri (استري)
معنيٰ زال، Rupa (روپا)
معنيٰ روپ، مکڙو، Raja (راجا)
معنيٰ حاڪم يا شهزادو، Penrara معنيٰ
پڃرو يا قيد خانو جيل، Guru (گرو)
معنيٰ ماستر يا استاد، Bapaمعنيٰ
پيءُ، Maha (مها)
معنيٰ تمام گهڻو- (ٽي. ويءَ تي ٻانگ وقت ترجمي ۾
الله اڪبر جي ملئي معنيٰ Allah
Maha Besar هوندي
آهي. بيسار معنيٰ وڏو ۽ مهابيسار معنيٰ تمام گهڻو
وڏو.) اهڙي طرح سينئر ليڪچرر مهاگرو سڏيو وڃي ٿو.
سري معنيٰ جناب،Inggeris (انگريس)
معنيٰ انگريز ۽ Topi ٽوپي، Almari الماري
معنيٰ ڪٻٽ، Bandar بندر
معنيٰ شهر، Tangki (ٽانگڪي)
معنيٰ ٽانڪي حوض، Roti (روٽي)
معنيٰ ڊبل روٽي يا اڦراٽو. هتي اڦراٽو عام هلي ٿو-
ست پڙي اڦراٽي جهڙو، خاص ڪري ملئي ۽ ڏکڻ هندستاني
هوٽل تي نيرن جو اڦراٽو ۽ دال (روٽي چنائي) عام
هلي يا روٽي تيلور (اُڦراٽو بيضو) يا ٺلهو اڦراٽو
کائين- روٽي ڪوسونگ (ڪوسونگ معنيَ ٻڙي، زيرو، ڪجهه
به نه، خالي.)
Negeri (نگري)
رياست کي چون، Minta (منتا)
منٿ، Nanas (ناناس)
انناس، Malang(ملنگ)
بدنصيب، Kaca (ڪاچا)
معنيٰ ڪانچ يا شيشو، ملئيءَ ۾ چ جي اچار لاءِ CHلکن.
ڪ ۽ ق لاءِ K پر
قرآن Q سان
لکن. انگريزيءَ جا سڀ اکر اي بي سي وغيره ملئي
الفابيٽ ۾ استعمال ٿين- سواءِ X,
Q ۽ Vجي. Cadar (چادر)
معنيٰ چادر، Curi چوري
لاءِ،Baldi (باندي)
باردي، Alat (آلات)
اوزار، Bahasa (بهاسا)
معنيٰ ٻولي، Badan بدن،Suwami (سوامي)
مڙس، Baki (باقي)
معنيٰ بچيل، رهيل، Cuti (چوٽي)
معنيٰ ڇُٽي موڪل، وغيره شادي ڪارڊن يا ٻين دعوت
نامن ۾ مٿان ئي لکيل هوندو پئان/ تئان....
فلاڻو..... ۽ استري/سوامي- معنيٰ مسز/مسٽر فلاڻو ۽
زال/ مڙس. (پئان معنيٰ مسز يا محترمه ۽ تئان معنيٰ
جناب يا محترم.)
انگريزن جي حڪومت رهڻ ڪري انگريزيءَ جا به ڪيترائي
لفظ ملئي ۾ آهن- بلڪ انگريزيءَ جا ته اڃا تائين
ڪيترائي لفظ طهر ڪرايو ملئي ٿيندا وڃن- يا ته ڪي
بنا وڍڪٽ جي هوبهو ساڳي شڪل ۾ داخل ٿيندا وڃن.
مثال طور، گلاس، پينسل، ڊاڪٽر، بئنڪ، بس، جئم،
جيلي، فئشن، ڪئمپ، ڪئبن، سرڪس، بئگ، بلاڪ، رش،
البم، ڪاربن، سيمنٽ، ڊرائيور، گورنر، جوڪر، لاري،
مئجسٽريٽ، پروفيسر، ٽائر، ٽيليفون جهڙا لفظ ته ڄڻ
اصل کان ملئي زبان ۾ هئا جيئن سنڌيءَ ۾ پڻ اهڙا
لفظ لڳندو آهي ته انگريزيءَ جا نه پر ڄائي ڄم کان
سنڌي هجن. ٻئي نمبر تي انگريزيءَ جا اهي لفظ آهن
جن کي ٿورو مروڙو ڏيئي ملئي ڪيو ويو آهي، جيئن
سنڌيءَ ۾ انگريزي لفظ جگ جڳ ٿي ويو يا اسٽيشن ٽيشن
ٿي وئي ۽ پسٽل پستول ٿي ويو آهي، تيئن انگريزي لفظ
بُڪ ملئيءَ ۾ بوڪو، لئمپ لئمپو. ٽي تيح، سينٽ سين،
ايجنٽ ايجن ٿي ويو آهي. ڪي ڪي لفظ ته کلي عام کنيا
ويا آهن ۽ لڳي ٿو ويجهڙائيءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
مثال طور ائسٿيڪ، ڪامپليڪس، ڪريڪيوليم، امينسيشن،
ايڪسپلائيٽيشن، فئنٽاسٽڪ، گريجئوٽي، فارمولا،
ماراٿان، مسڪارا، فوٽو جينڪ، ائپول وغيره وغيره.
خير ائپول (ائپل- صوف) ته کڻي ٺهيو جو اهو ميوو
هتي ملائيشيا ۾ ناهي ۽ هنن کي ان لاءِ پنهنجو نالو
ناهي، جيئن پڪوڙن کي انگريز پڪوڙا ئي چون ٿا، پر
ٻيا لفظ اهڙا آهن جن هروڀرو کنيل آهي. اها ٻي
ڳالهه آهي ته اهڙا مشهور ٿي ويا آهن جو ڳوٺن ۾
پوڙهيون جهور عورتون به چونديون وتنديون:اني
گئمبار فئنٽاسٽڪ، (هي فوٽو واهه جو آهي.) يا ”جنگن
پتاح فيلنگ سايا“ (منهنجي جذبات کي نه ٺڪراءِ).
وغيره.
ملئي ماڻهو ف ۽ پ کي هڪ ٻئي سان منجهائيندا رهن
ٿا. کين ف جي مقابلي ۾ پ سولو ٿو لڳي. ان ڪري
ڪافيءَ کي ڪاپي چون ۽ فڪر کي پڪر. ويندي نالن ۾ به
گهپلو ڪن. مثال طور: ڪيترا ملئي يوسف بدران يوسپ
لکن. معروف بدران معروپ. اسان جي آفيس جي ٽيبل
ٽينس جي ڪئپٽن رڌ پچاءَ سيکاريندڙ ليڪچرار شريپان
آهي (ظاهر آهي سندس صحيح نالو شريفان هوندو).
ڪئڊٽن جي مانيٽر جي نالو محمد عارب اهي. جيڪو محمد
عارف هجڻ کپي. جوي زبان ۾ نڪرندڙ ملئي اخبار ۾ فلپ
کي پلپ لکن. (هونءَ Pجي
اچار لاءِ هو اسان وانگر پ نه لکن، پر ف مٿان هڪ
نڪتو ڏيڻ بدران ٽي نڪتا ڏين ۽F جي
اچار لاءِ جويءَ ۾ ڪو اکر نه اٿن.)
ملئي زبان تي عربي زبان جو تمام گهڻو اثر رهيو
آهي، جو هتي جا ماڻهو- خاص ڪري ملئي سڀ مسلمان
آهن. هتي اسلام محمد بن قاسم جهڙي جرنيل شرنيل ملڪ
فتح ڪري نه آندو، پر ملاڪا نار جي سانتيڪي پاڻيءَ
چين ويندڙ جن عرب واپارين کي پاڻ ڏي ڇڪيو، انهن
جون سٺيون ڳالهيون، خيال ۽ عمل ڏسي هتي جا ماڻهو
مسلمان ٿيا. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا تمام مشغول ۽
مشهور شهر هو ۽ بغداد، بصري، ٺٽي (ديبل)، ممباسا،
دارالسلام، سڪندريا وانگر بلي بلي هو. جيئن ته اهي
واپاري عربي ڳالهائيندا هئا ان ڪري ملئي زبان تي
عربيءَ جو وڏو اثر ٿيو.
اسان وٽ عربيءَ کان علاوه ايرانيءَ (فارسيءَ) جو
به وڏو اثر آهي- بلڪ ڪنهن زماني ۾ فارسيءَ کي
سرڪاري زبان جو درجو رسيل هو ۽ فارسي ڳالهائيندڙن
جو وڏو مان هو ۽ مثال مشهور هو ته ”فارسي گهوڙي
چاڙهسي“ يعني فارسئي ڄاڻندڙ کي وڏو رتبو/ نوڪري
ملندي هئي. فارسيءَ جو سياسي اثر هجڻ کان علاوه
ادبي ۽ مذهبي طور پڻ اسان وٽ اهم سمجهي ويندي هئي.
(بلڪ 1960ع تائين فارسي ۽ عربيءَ جو اسڪولن ۾
برابر جو درجو هو.) ان ڪري اسان وٽ ماڻهن جا نالا
پڻ ٺيٺ سنڌي (صوبائي زبانن) کان علاوه عربي ۽
فارسيءَ ۾ آهن. جيئن منهنجي نالي جو اڌ (الطاف)
فارسيءَ جو آهي ته ”احمد“ عربيءَ جو. يا اسان جي
ٻئي چيف انجنيئر ساٿي- محمد آصف جو پڻ اڌ عربي ٿيو
ته اڌ فارسي. پر هتي ملائيشيا ۾ ماڻهن جا نالا
ملئي زبان کان علاوه باقي ٻين زبانن جا آهن. هتي
فارسي نالا بنهه نه ملندا ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ
جنهن جو نالو عربي آهي اهو مسلمان ٿيو. هنن جا
نالا گهڻو ڪري عبد سان آهن جئين ته: عبدالرحمان،
عبدالرزاق، عبدالغني، عبدالستار وغيره. ٻئي نمبر
تي ذوالفقار، حمزو، تاج الدين، محمد اسحاق، صبر
الدين، محمد ڪامل، محمد نعيم، زين العابدين نموني
جا آهن. ٽي نمبر تي ڏينهن مهينن جا اسلامي نالا:
رمضان، جمعو، شعبان وغيره آهن. ملئيءَ ۾ خميس جي
ڏينهن کي خميس ئي چون ۽ ڇنڇر کي سبتو- ۽ اهي ٻئي
نالا:خميس ۽ سبتو مردن جا اهن ۽ تمام عام نالا
آهن. اسان جي هڪ بس ڊرائيور جو نالو سبتو آهي ۽
خلاصين کي ٻيڙي هلائڻ سيکارڻ واري استاد جو نالو
انچڪ خميس آهي. (انچڪ معنيٰ مسٽر. ٺلهو چڪ Cik معنيٰ
مِس ۽ پئان معنيٰ مسز.) ڪجهه ملئي نالا گلن، موسمن
۽ ميون تي به آهن. جيئن سنڌ ۾ انب، ڪرڙ، چڀڙ،
ليمون، صوف نالا ڪنهن زماني ۾ مشهور هئا. هينئر به
ڳوٺن ۾ ڪوڏائڻ طور اهي نالا رکيا وڃن ٿا. |