هتي ملاڪا (ملائيشيا) ۾ اسان Expatriates (ڌارين)
کي جيڪي فرنيچر سميت گهر مليل آهن سي نه فقط سٺي
نموني جا ٺهيل آهن- يعني ڪشادا ڪمرا باٿ رومن سان
گڏ، گهر اڳيان پويان جپاني نموني جا ورانڊا- پر هي
گهر جنهن هنڌ تي آهن اهو هنڌ به دنيا جي خوبصورت
علائقن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. ننڍي هوندي مائٽن
کان اسان رڻ پٽن جا رهاڪو سنڌي ٻڌندا آيا آهيون ته
جنت ۾ درياءَ ۾ باغ هوندا. منهنجي خيال ۾ هي
علائقو زمين جو بهشت آهي. جتي پاڻي، باغ، ساوڪ ۽
جهڙ ئي جهڙ لڳو پيو آهي. گهر جي پوين دڪين کان وٺي
پري پري تائين ملاڪا نار جو ماٺو سمنڊ ڍنڍ جي
پاڻيءَ وانگر سانتڪو نظر اچي ٿو- جنهن ۾ چوويهن
ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا وير چڙهڻ تي اٿل پٿل اچي
ٿي.سنگاپور کان هندي وڏي سمنڊ ڏي ويندڙ يا يورپ ۽
آمريڪا کان جپان- چين ڏي ايندڙ جهازن جي پري کان
هر وقت اچ وڃ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪجهه ويجهو ڪناري
ڀرسان ملئي مهاڻا ٻيڙين ۾ مڇيون ماريندا نظر
ايندا. سمنڊ جو ڪنارو نگاهه کٽڻ تائين ناريلن جي
ڊگهن وڻن سان ڀريل آهي. سمنڊ جي سيني مان روزانو
صبح جو سج اڀري انهن ناريلن شام جو غائب ٿي ويندو
آهي. گهر جي اڳين دڪين کان وٺي ميلن تائين ساوڪ ئي
ساوڪ ۽ باغ باغيچا آهن. چوڌاري ٽڪريون ۽ ماٿريون
رٻڙ، انب، پام آئل، ناريلن ۽ پپيئن جي وڻن سان
جهنجهيون پيون آهن. يعني گهر جي پٺين درين مان
نهار ته رڳو پاڻي پاڻي ئي پاڻي ۽ اڳيان وڻ ئي وڻ.
گذريل سال اسان جو ڊاڪٽر عابد ميمڻ سنگاپور کان
ڪوالالمپور باءِ روڊ ويندي، هتي ملاڪا ۾ منجهند جي
مانيءِ لاءِ ڪجهه دير ترسيو هو. وطن موٽڻ تي کانئس
پڇيو هوم ته ملائيشيا ۽ ان جو شهر ملاڪا ڪيئن لڳو.
وراڻيائين: ”جهڙو ڪشمير.“
سو مخدوم کي چيم ته پاڻ به جهڙا ڪشمير ۾ ويٺا
آهيون، جتي جي هر شيءَ هتي موجود آهي وڏو سمنڊ-
جيڪو اتي ناهي ۽ ڪاٽو سيءُ- جيڪو هتي ناهي.
آصف کي چيم ته ملاڪا اچڻ کان اڳ احمد حسين مخدوم
جي ڀاءُ خالد کان پڇيو هوم ته ملاڪا ۾ رهائش لاءِ
گهر ڪيئن آهن ۽ احمد ان بابت ڇا ٿو لکي. هن سوال
انجنيئر رڳو ڪمرن جي گهڻائي ۽ وڌائي ٻڌائي پئي
تعريف ڪئي. هاڻ خالد ملي ته ٻڌايانس ته ههڙا گهر
ته ورهاڱي کان اڳ انگريز حاڪمن کي نيني تال ۾ به
نصيب نه ٿيا هئا.
احمد اهو ٻڌي چيو: ”ها، اها ڳالهه آهي، پر گهر ۽
وطن کان هيڏو ڏور ۽ دربدر- اهو به ته ڪير سوچي ته
ڪيڏي سماجي قرباني ڏيڻي پوي ٿي، سا به سالن جا
سال. ويجها مائٽ-زال ۽ ٻار کڻي گڏ ٿا رهن، پر ماءُ
پيءُ، ڀيڻون ڀائر، مٽ مائٽ، دوست يار، ڄاڻو سڃاڻو-
جن سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ چرچا ڀوڳ، ڳالهيون ٻولهيون
ڪبيون هيون ۽ سندن سمجهبيون هيون سي ته نه آهن. ٽن
ٽن سالن بعد فقط مهيني ٻن جي موڪل ڪا هميشه جي سڪ
ته نٿي لاهي.“
آصف چيو: ”اهو ته بلڪل صحيح آهي، پر انهن ڳالهين
سوچڻ سان ورندو ڪجهه به نه. ويتر ماڻهو وڌيڪ
جذباتي ٿو ٿئي ۽ اجايو پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ رنڊڪ پيدا
ٿيندي. اهو به شڪر ڪرڻ کپي ته جنهن ملڪ ۾ آهيون نه
فقط اتي جا ماڻهو سٺا آهن، پر جيڪي ڌارين ملڪن کان
هتي آيل آهن. سي پڻ سٺا آهن ۽ سڪون جي زندگي پيئي
گذري. ٻيو ڇا کپي. وڏي ڳالهه ته ٻي Choice به
ته نه آهي. دربدر ٿيڻ يا هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ وڃڻ کان
شڪايت ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪو سرجن چئي ته آپريشن
ٿيٽر ۾ نه ويندس. ڪو وڪيل يا جج چئي ته ڪورٽ ۾ نه
ويندس.“
ايتري ۾ در جو بيل وڳو. مخدوم اٿي در کوليو ته
ڪئپٽن پوري ٻارن ٻچن سميت پي اچي. ڪئپٽن پوريءَ
اسان کي ڏسي چيو: ”يار ڪمال آهي. منهنجي زال چيو
ته آصف ۽ الطاف وارن وٽ به هلجي، پر توهان ته هتي
ويٺا آهيو.“
اسان به کين ٻڌايو ته اسان جي دل ۾ به اڄ اهوئي
خيال آيو هو ته توهان وٽ اچجي. مخدوم چيو ته بس
هاڻ سڀ هتي ئي ويٺا هجو. ماني کائي پوءِ وڃجو.
مخدوم جي زال مونا چانهه ۽ پڪوڙا آڻي سڀني اڳيان
رکيا ته ايتري ۾ وري بيل رڳو ۽ ڪئپٽن ذوالفقار به
ٻارن سان اچي سهڙيو.
ڪئپٽن ذوالفقار به پاڪستان جو آهي ۽ ڪوه مري پاسي
جو رهاڪو آهي. هو به ڪجهه مهينا ٿيندا هتي آيو
آهي. هتي ڊيڪ آفيسرن کي جيڪي اڳتي هلي جهازن جا
ڪئپٽن ٿيندا تن کي چارٽ ورڪ (سمنڊ جي نقشي تي پهچي
منزل۽ رستو ڳولڻ ۽ ٺاهڻ) ۽ نيول آرڪيٽيڪچر (جهاز
جي ائناٽامي-جوڙجڪ) پڙهائي ٿو.
ڳالهه مان ڳالهه ٿي نڪتي ۽ سڀني پنهنجي راءِ ٿي
ڏني. ڪئپٽن پوريءَ چيو ”اڪيڊمي شهر کان الڳ ٿلڳ
ٺاهي اٿن. ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي ته شهر جي وچ ۾ هجي
ته سٺو. آئون ته وڃيو ٿو ملاڪا جي وچ شهر ۾ رهان.
الطاف توهان به هلندائو؟“
مون هٿ ٻڌي چيومانس: ”نه سائين منهنجا. آئون ته
ڪونه هلندس. آئون شهر جي گوڙ شور کان في الحال پري
هن خاموشيءَ ۽ سڪون واري هنڌ رهڻ ٿو گهران.“
احمد چيو،”هتان کان 18 ميل پري آرمي وارن جي ڪئمپ
آهي. انهن جي آفيسرس ڪلب جو آئون به ميمبر آهيان.
ڪئپٽن نندڪر سان هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا اتي ويندا
آهيون.“
”آهي ڇا اتي؟“ ڪئپٽن پوريءَ پڇيو.
”ٽينس آهي، سئمنگ پول آهي، سئنيما آهي- ۽ توهان کي
ٿڌي بيئر جو گلاس به ملي ويندو.“
”اهي شيون ته هتي به آهن. پوءِ روز ارڙهن ميل پنڌ
جا ڪري اوڏانهن ڦاهو ڇو کائڻ هلجي.“ ڪئپٽن پوريءَ
چيو.
”بس ائين مڙيئي آئوٽنگ لاءِ،تبديليءَ خاطر. ڀلا
توهان هتي ملائيشيا ۾ پاڪستاني اڦراٽا ۽چڪن ڀرياني
کائنيدؤ؟“ مخدوم پڇيو.”ڪٿي ٿي ملي؟“ اسان پڇيس.
”هتان سٺ ميل کن پري جوهور بار واري پاسي هڪ شهر
آهي، اتي هڪ انڊين هوٽل ۾ ٿي ملي.“
”يار سٺ ميل واري هوٽل ته پري ٿي.“ ڪئپٽن پوريءَ
وراڻيو. ”سٺ ميل پري آهن؟“ مخدوم جي زال مونا سوال
واري نموني ۾ پڇيو ۽ پاڻ ئي جواب ڏنو:”ڪلاڪ ڏيڍ جو
ته پنڌ آهي. احمد جو ته ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيندو آهي
ته اسان چڪن تڪا کائڻ لاءِ سڌا ڪوالالمپور هليا
ويندا آهيون. ۽ وري ان ئي ڏينهن سئو ميل واپسيءَ
جا ڪري موٽندا آهيون.“
”شابس هجيو.“
”ڪوالالمپور ۾ شيزان هوٽل هڪ پٺاڻ جي آهي، جتي هر
انڊين پاڪستاني کاڌو ملي ٿو، ڀلا هتي ملاڪا واري
گجراتي هوٽل جي خبر اٿانو؟ جتي ڏوسا، چپاتي ۽ ٻوڙ
ملي ٿو. مدراسي سيڌي واري- منجي رانا جي لائين ۾.
سيوا سئنيما جي سامهون.“احمد پڇيو.
”ها ان تي هڪ دفعو ويا هئاسين.“ ڪئپٽن پوريءَ
ٻڌايو، ”پر پليٽ بدران ڪيلي جي پنن تي ڀاڄي رکي
ڏنائون، سو منهنجا ٻار کائي نه سگهيا، چون ته
پليٽون کپن، ان ئي ڏينهن هڪ سنڌي هندو فئملي ان
هوٽل تي ملي هئي، ڪئپٽن دادلاڻيءَ کي به سڃاتئون
ٿي- انهن چيو ته انهيءَ روڊ- جالان بندر هارا تي
اڳيان هڪ ٻي به هوٽل آهي- حميده ريسٽوران نالي.
اها آهي ته هڪ ملئي جي پر ان تي انڊين کاڌو به ملي
ٿو. سو اسان ٻه چار چڪر ان روڊ تي هنيا. اسان کي
ته نظر نه آئي.“
ڪئپٽن پوريءَ جي زال چيو: ”هتي سڀ ڪجهه پاڻ ٿو
ڪرڻوپوي. بمبئيءَ ۾ ته ڪئپٽن پوريءَ جي بريف ڪيس
به نوڪر کڻي ڪار ۾ رکندو هو. بهرحال ڪم ته اتي به
ڪرڻو پوندو هو، پر اتي پنهنجي گهر جي ڪجهه راڻي ته
ڪجهه نوڪرياڻي هيس. هتي رڳو نوڪرياڻي ئي نوڪرياڻي
آهيان. پر اهو آهي ته هاج ۾ ڪئپٽن پوري ۽ ٻار به
هٿ ونڊائين ٿا ۽ هتي ملائيشيا ۾ سڀ کان وڏو سک اهو
آهي جو ڌوڙ يا مٽي ناهي. ان ڪري مهينو مهينو گذريو
وڃي ته به ٻهاري يا ڇنڊ ڦوڪ جي ضرورت نٿي پوي.“
ڪئپٽن ذوالفقار جي زال رڙ ڪري چيو: ”مون کي ته
اڪيلي سر سڄو ڪم ڪرڻو ٿو پوي. هي ته ڪم ۾ صفا هٿ
نٿو وجهائي. ٻار پيو روئيندو ته اهو به نه کڻندو.
هڪ ته آفيس ۾ ئي ڪم ايترو اٿن جو بس.“
”خبر ناهي ته آفيس ۾ ڪم اٿن به يا نه؟“ پوريءَ جي
زال مسز ذوالفقار کان پڇيو.
”خبر ناهي. شروع ۾ ته موڪل مهل گهر لاءِ به فائيل
کڻي ايندو هو.“ ذوالفقار جي زال ڊاڪٽر شاهده
ٻڌايو.
”ڇا ڪن آفيس ۾ جو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ وقت نه اٿن.“
مونا چيو، ”منهنجي خيال ۾ آفيس ۾ سڄو ڏينهن ڇوڪرين
سان ڪچهريون ٿا ڪن. هر سيڪشن ۾ ٻه يا ٽي مرد آهن
ته اٺ ڏهه ڪلارڪ ڇوڪريون- ٽائيپ ڪرڻ لاءِ الڳ.
فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ٺاهڻ لاءِ الڳ، سيڪريٽري الڳ،
ته چانهه ٺاهڻ واري الڳ، ڊرائنگون ۽ نقشا ٺاهي رکڻ
واري الڳ، ته وڊيو ۽ پروجيڪٽر تي فلمون ڏيکارڻ
لاءِ الڳ.....“
ذوالفقار جي زال ٺهه پهه وراڻيو:”هڪ ڏينهن آئون سڀ
ڇوڪريون چڱيءَ طرح ڏسي آئي آهيان. ڪنهن ۾ به ڪو
اهڙو ٻڪ سونهن جو سرس ناهي جن تي هي عاشق ٿين، پر
ان هوندي به سندن پسند جو اهو معيار آهي ته وڃي
ڌوڙ پائين.“
”ان غلط فهميءَ ۾ ڀاڀي نه پئجو،“ مخدوم چيو:
”توهان سڀ ڇوڪريون هرگز نه ڏٺيون هونديون- خاص ڪري
هيڏانهن Post-Sea ٽريننگ
واري پاسي جون. انهن کي اسان جڳ جي نظرن کان بچائي
پاسيرو ڪري رکيو آهي.“
سڀ اچي کل ۾ پيا. مخدوم جي زال جيڪا سلائي ۽ ڀرت
جي ڪم ۾ ماهر آهي تنهن ڀرت جا ڪجهه نوان نمونا اچي
زالن کي ڏيکاريا ۽ اسان پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي
وياسين. مخدوم چيو ته دراصل هتي ڪم ايترو آهي جو
اسان پاڪستاني هندستان- يعني ايشيائي منهن ڏيو
ويٺا آهيون. يورپ جو ڪو هجي ها- يا خاص ڪري انگريز
ته ڏهه نخرا ڪري ها. بحرين، ڪويت ۽ سعودي عرب ۾
جيڪي گورا ڪم پيا ڪن سي اهڙا ته نخرا ٿا ڪن جو بس.
سال جا اٺ مهينا ڪم ڪندا ته چار مهينا پنهنجي ملڪ
وڃي آرام ڪندا. پاڻ کي ٽن سالن بعد موڪل ٿي ملي.“
آصف چيو:”ايران ۾ خمينيءَ کان اڳ يورپين اهڙي باهه
ٻاري هئي جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اسان ايشيائي ڪارن جي
دماغ ۾ اها ڳالهه آهي ته جهاز رڳو انگريز هلائي
سگهي ٿو. هو پگهار به ٻيڻو ٽيڻو وٺندا هئا ۽ رڳو
نمونو رکيو ويٺا هوندا هئا. پوءِ چڱو جو خميني آيو
۽ هاڻ ساڳيو ڪم اسان پاڪستاني ڪريون ٿا. نه ڪڏهن
هنن جي سياست ۾ پئون ٿا، نه ڦڏو فساد ٿا ڪريون!“
”۽ آهن وري اهڙا.“ ڪئپٽن پوريءَ هن جي ڳالهه وزن
وٺرايو، ”ٽٿ پيسٽ وٺڻي هوندن تڏهن به چاهيندا ته
انگلينڊ مان وڃي وٺون. ٻئي ملڪ مان ڇو وٺجي. اهو
ڏهه شلنگن جو فائدو به انگلينڊ ۾ انگريز کي ٿئي.
بس رڳو پنهنجو ملڪ جي اٿن.“
احمد حسين مخدوم چيو: ”آئون جڏهن ڪئپٽن جي امتحان
لاءِ پوڙهيءَ انگلينڊ ۾ رهيل هوس ته هڪ دفعي آڌيءَ
رات جو منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ پوڙهيءَ اچي در
کڙڪايو. در کولي پڇيومانس: ”خير ته آهي؟“ چوڻ
لڳي:”رات جا ٻه ٿيا آهن تون اڃا تائين بتي ٻاري ڇو
ويٺو آهين؟” چيومانس محترمه، ”منهنجا امتحان ويجها
آهن، منهنجي مرضي، لائيٽ جو بل به آئون ٿو ڏيان.
مون کي پڙهڻو آهي.
”اتي ڪاوڙ مان چوڻ لڳي: ”توکي خبرناهي ته انگلينڊ
۾ تيل مهنگي ٿيڻ ڪري Electric-
Crisis (بجليءَ
جو بحران) لڳل آهي. تنهنجا امتحان ويجها آهن ته
ڏينهن به ته جبل جيڏو ٿو ٿئي. ان ۾ پڙهي سگهين ٿو.
”ائين چئي هلي ويئي. آئون هڪو ٻڪو ٿي سوچيندو رهيس
ته رن ته ڏسو. اسان جي ملڪ مان خزانن جا کوهه لٽي
ويا ته ڪجهه به نه. اسان رڳو بتي ٻاري آهي ته باهه
لڳي ويئي اٿس.”
اسان مخدوم جي معصوميت کي ڏسي ۽ سندس ان وقت جي
حالت جو سوچي کلڻ لڳاسين.
ڳالهين ڪندي رات جا سوا اٺ اچي ٿيا. جلدي جلدي
ماني کائي مخدوم کي چيم ته يار هاڻ موڪلايون ٿا.
مخدم مو لاءِ آصف کي چيوِ ”يار هن کي سمجهاءِ.
ڪچهري ته اڃا هاڻي ٿي مچي.“ پر آصف به چيس: ”نه
ادا هيڏي دير ته ويٺاسين. هاڻ وڌيڪ ڪچهري ”تداق
ٻولي“ (ممڪن
ناهي.)“
”چڱو ڀلا ڪئپٽن ذوالفقار وارن کي ته هتي ڇڏي وڃو.“
ڪئپٽن ذوالفقار ويهڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. اسان کي در
تائين ڇڏڻ لاءِ احمد ٻاهر آيو. ٻاهر نڪري آصف کي
چيم ته ٻيلي اڄ ذوالفقار پنهنجي جان ڇڏرائي نه ته
اڃا الائي ڪيتري دير لاءِ ويهڻو پوي ها.
هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا
ملائيشيا توڙي سنگاپور جي اها عجيب ڳالهه آهي ته
هتي توهان کي مختلف مذهبن، زبانن ۽ رسمن رواجن جا
ماڻهو امن امان ۾ رهندي نظر ايندا.
پاڻ وٽ هندو مسلمان يا ڪرسچن سک ته پاڻ ۾ پيا
وڙهندا، پر شيعا سني جيڪي هڪ ئي مذهب جا مسلمان
ٿيا اهي به پيا ڪڏهن ڪڏهن ڏندين پوندا. خاص ڪري
عراق، ايران ۽ گلف جي ٻين ملڪن ڏي ته اهو چڪر
هيڪاندو آهي. پر هن پاسي ڏي بنهه ناهي ۽ مختلف
مذهبن ۽ ٻولين جي ماڻهن کي ائين گڏ رهندو ڏسي
واقعي تعجب لڳي ٿو.
اسان وٽ- ننڍي کنڊ ۾ چيو وڃي ٿو ته هر ٻن سئو ميلن
بعد ٻي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي- خاص ڪري ڏکڻ هندستان
پاسي ته اهو ڪم هيڪاندو آهي- پر هتي ملاڪا،
ڪوالالمپور، جوهوربارو- يا خاص ڪري سنگاپور ۾ ته
ان کان به وڌيڪ زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. توهان
کي هڪ ئي وقت، هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ
وارا ماڻهو ملندا- هندي، اڙدو، سنڌي، تامل، تيلگو،
مليالم، بنگالي، ملئي، انگريزي، چيني وغيره. ۽
چيني به وري فقط مئنڊرين نه پر ڪئنٽونيز، هوڪين Hokkian, تيوچيو Techew،
هاڪا ۽ هائينانيز وغيره آهن.
هڪ دفعي ڪي. ايل (ڪوالالپور) پئي ويس. (ڪي. ايل جو
شهر سلينگر رياست ۾ آهي جنهن لاءِ وچ ۾ ايندڙ
نينگري- سيمبيلان، رياست ٽپڻي پوي ٿي) نينگري
سيمبيلان رياست جي وڏي شهر سريمبان ۾ اسان جي
اڪائونٽ آفيسر مسٽر گونا راجا پنهنجو ننڍڙو گهر
ٺهرايو آهي. گونا راجا پاڻ بنيادي طرح ڏکڻ هندستان
جو تامل آهي، پر سندس پڙ ڏاڏن يا تڙ ڏاڏن خبر ناهي
ڪڏهن پنهنجو اباڻو ديس ڏکڻ هندستان ڇڏي سريلنڪا ۾
اچي پنهنجا ڪک اڏيا، جتان پوءِ سندس ڏاڏو انگريزن
جي حڪومت ۾ سريلنڪا کان هتي ملائيشيا آيو، جتي جا
پاڻ اڄڪلهه شهري آهن.
سندس پوڙها ماءُ پيءُ ڪجهه ڪجهه پنهنجي اباڻي ٻولي
تامل ڳالهائين، پر گونا فقط ملئي ۽ انگريزي
ڳالهائي، گونا جهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ اڃا به ”انڊين“
سڏجن ٿا، پر دل جان سان ملئي آهن. هو هر حال ۾ هتي
جا ٿي چڪا آن. جيئن اسان وٽ بلوچ قومون يا شڪارپور
جا پٺاڻ وغيره، جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا کڻي ڪنهن زماني
۾ بلوچستان، سرحد يا ڪابل قنڌار کان آيا، پر هاڻ
سندن اولاد سنڌي ڳالهائي ٿو. سنڌي سڏائي ٿو-
جيتوڻيڪ ڪيترن گهرن ۾ هو اڃا به پنهنجي اصلي زبان،
بلوچي، سرائڪي يا پشتو پنجابي به ڳالهائين ٿا.
اهڙي طرح ئي اسان جو هي اڪائونٽ آفيسر گونا راجا
آهي. ساڳئي وقت سندس مذهب عيسائيت آهي جو ڏکڻ
هندستان جا تامل سڀ هندو نه آهن پر مسلمان ۽
عيسائي پڻ آهن ۽ انهن تامل عيسائين ۽ ٻين عيسائين
۾ به وري فرق آهن جيئن ته ڪئٿولڪ (جيڪي پاڪستان ۾
گهڻا آهن)، پروٽيسٽنٽ، ميٿاڊسٽ، سيونٿ ڊي
ايڊووينٽسٽ وغيره وغيره جيڪي پنهنجن مختلف گرجا
گهرن ۾ عبادت لاءِ وڃن ٿا.
اسان جو گونا راجا پروٽيسٽنٽ آهي ۽ ملاڪا پوسٽ
آفيس جي ڀرسان سينٽ زئويئر چرچ ۾ وڃي ٿو. سندس زال
پشپا، جنهن جا وڏا پڻ اصل تامل نادو- ڏکڻ هندستان
جا هئا سا هندو مذهب جي آهي. پاڻ ملئي ۽ انگريزيءَ
سان گڏ تامل به لکي پڙهي ڄاڻي ٿي- جو سڄي ملائيشيا
۽ سنگاپور ۾ ملئي ۽ انگريزي کان علاوه تامل ۽ چيني
اسڪول به آهن. کين ٻه ننڍا ٻار آهن:هڪ پٽ ۽ هڪ
ڌيءُ، پٽ جو هندو نالو ”ڌرميندرا راجا“ رکيو اٿن ۽
ڌيءَ جو ڪرسچن نالو ڪرسٽينا. (گهر ۾ ڪوڏائڻ ۾ ٽينا
سڏينس.)
هتي ڏياريءَ جي موڪل ٿيندي آهي ته اسان جو يار-
گونا راجا زال جي مائٽن ڏي ڪوٽا ٽرينگانو هليو
ويندو آهي. جو سندس زال جا هندو مائٽ اتي ئي رهن
ٿا ۽ جڏهن ڪرسمس جي ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي آهي ته
زال سميت پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر جوهور بارو
ويندو آهي جو اهي هن وانگر عيسائي آهن- بلڪ سندس
پيءُ ته عيسائيت جو وڏو تبليغي ليڊر آهي. انهن ئي
موڪل جي ڏينهن ۾ گونا راجا جو ٻيو ڀاءُ جيڪو
آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو، اهو به پنهنجي چيني زال
کي وٺي جوهور بارو ايندو آهي. سندس چيني زال
ملائيشيا جو پاسپورٽ ۽ قوميت رکي ٿي. جيتوڻيڪ ان
جا چيني ڏاڏا يا پڙ ڏاڏا ڪنهن دور ۾ ضرور چين کان
آيا هوندا. پوءِ سڌو کڻي ملائيشيا نه آيا هوندا ته
رستي تي انهن جا وڏا تائيوان ڪمبوڊيا يا هانگ ڪانگ
ويٽنام ۾ رهندا رهندا هتي پهتا هوندا ۽ هاڻ وري ٿي
سگهي ٿو ته گونا جي هيءَ چيني ڀاڄائي ۽ ان جو
اولاد آسٽريليا ۾ ئي هميشه لاءِ رهڻ پسند ڪن اڳتي
هلي آسٽريلين سڏائين.
گونا جي گهر ۾ پاڻ ۽ سندس زال هڪ ٻئي سان انگريزي
ڳالهائين. پٽ ڌرميندرا (ڪوڏائڻ جو نالو راسا)
اسڪول ۾ ملئي پڙهي ۽ ملئي ڳالهائي پر ماءُ پيءُ
ساڻس انگريزي ڳالهائين ۽ کين شوق آهي ته هو اڳتي
هلي انگريزيءَ ۾ گهڻو هوشيار ٿئي. گونا جو اهو
اڀياس آهي ته اڄڪلهه جيئن ته ڪمپيوٽر ۽ دنيا جي
زبان انگريزي آهي سو ڪنهن به ماڻهو يا ملڪ کي دنيا
۾ ترقي ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ جو سهارو وٺڻ بيحد
ضروري آهي- پوءِ ڀلي پنهنجي ملڪ ۽ مذهبي ٻولي پڻ
سکي.
سندس ٻن سالن جي ڌيءَ ٽينا اڃا تامل ٿي ڳالهائي جو
هوءَ گهر ۾ گهڻو وقت پنهنجي ماءُ کي نوڪرياڻيءَ
سان تامل ڳالهائيندو ٿي ٻڌي. ڏهن سالن جي اها
نوڪرياڻي- پرمس نالي فقط تامل ئي ڳالهائي ٿي جو
سندس غريب ماءُ پيءُ اهڙي هنڌ ڪم ڪن ٿا جتي هنن کي
ملئي، چيني يا انگريزي ڳالهائيندڙن سان واسطو نٿو
پوي جو سکڻ جي ڪوشش ڪن.
ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن ۽ وڻواهه جي وچ ۾ رهي رٻڙ
ڪڍڻ، پام آئل جي وڻن مان تيل جون ککڙيون چونڊڻ يا
گهاٽن ٻيلن کي عمارتي ڪاٺ لاءِ وڍڻ ڪٽڻ جو ڪم گهڻو
ڪري هي غريب ڏکڻ هندستاني يا انڊونيشي ڪن ٿا- جن
جي اڳيان موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪا نالي ماتر وٿي
آهي، ههڙي ڏکي زندگي ڪڏهن ڪڏهن هنن لاءِ موت برابر
آهي. موت سندس لاءِ آئيندي جي خوشحال زندگيءَ جي
اميد آهي. ٻيلن ۽ جهنگلن جي گرمي ۽ اونداهي، گپ ۽
گاهه، جيت جڻن ۽ نانگ بلائن جي وچ ۾ هي غريب ۽
محنتي ماڻهو ئي پورهيو ڪري سگهن ٿا.
جيئن اسان وٽ چونڊي جو ڪم گهڻو ڪري باگڙي ڀيل ڪن
ٿا ۽ اهڙن ڪمن ۾ اهي وڏي مدد آهن. تيئن هتي غريب
ڏکڻ هندستاني، مدراس جي چوڌاري ڳوٺن جا غريب ۽ اڻ
پڙهيل اهڙا ڪم ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن بنا سچ پچ ته هن
ملائيشيا جي ملڪ جي وڻن مان ڦڙو ڦڙو ڪري رٻڙ ڪڍڻ ۽
ٻيلن مان ڪاٺ آڻڻ مشڪل ڪم آهي ۽ اهو سڀ هتي جي
رهاڪو چيني ۽ ملئي ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي-
جيڪي واپار وڙو، دڪانداري، سرڪاري نوڪرين ۽ سياست
جهڙا ڪم دل وٽان ڪري سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
جيئن پنهنجي ملڪ ۾ واپار وڙي تي پهرين هندو ڇانيل
هئا ۽ هاڻ ميمڻ، خوجا ۽ بوري تيئن هتي جو سڄو
واپار چينين جي هٿ ۾ آهي. هتي جي چينين جو ٻچو ٻچو
ڪراچيءَ جي ميمڻن وانگر پورهيت، محنتي، حساب ڪتاب
جو پڪو ۽ سياڻو نظر ايندو. چيني ننڍي هوندي کان
پنهنجي اولاد کي آرام کان پري رکن ٿا. واپاري جي
اٽڪلن. Tricks
of Trade کان
وٺي واپاري ٺڳيون، مقابلا ۽ ڏنگايون چيني ڄاڻي ٿو.
هتي اهو پهاڪو عام آهي ته چينيءَ جي مٿي جو وار
فقط سڌو ٿئي ٿو. چيني هتي جي معاشي نظام کي ائين
جام ڪري سگهي ٿو جيئن ڪراچيءَ ۾ پٺاڻ ٽرئفڪ کي.
سياست ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ گهڻائي ملئي ماڻهن جي
آهي. زمينون پڻ ملئي ماڻهن جون آهن پر ڪم ٻيا
هلائين ٿا. مثال طور:ڪنهن ملئيءَ کي رٻڙ جي پوک
آهي ته ان پوک کي ڏينهن رات رهي رٻڙ ڪڍائڻ وارو
ڪمدار يا مئنيجر چيني رکيل هوندو- جيڪو روزانو وڻن
مان رٻڙ ڪڍڻ جو ڏکيو ڪم هندستان جي ڪارن انڊين-
يعني مدراسين يا انڊونيشن کان ڪرائي ٿو.
بهرحال اسان جي ڪليگ گونا راجا جي هيءَ نوڪرياڻي
پرمس به ٻيلن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙيءَ انڊين فئملي سان
تعلق رکي ٿي. ۽ هن کان اڳ يڪو اهڙن هنڌن تي رهي
آهي جو فقط تامل ئي ڳالهائي سگهي ٿي، جيڪي سندس
ڪڙم قبيلي جا ماڻهو ڳالهائيندا هئا ۽ کيس جيئن ته
هتي آئي اڃا ٿورا ڏينهن ٿيا آهن سو اڃا ٻي ڪا زبان
نٿي اچيس.
يعني هڪ ئي گهر ۾ جيتوڻيڪ زال مڙس ٻار ۽ نوڪرياڻي
انڊين نسل جا آهن، پر سندن مذهب به جدا آهن ته
زبانون به جدا جدا ڳالهائين ٿا. هتي مون وانگر،
آفيس طرفان مليل گهر ۾ رهن ٿا. سندن پنهنجو گهر
جيڪو نينگري سيمبيلان Negri-
Seblian رياست
جي شهر سريمبان Sremban ۾
ٺهي راس ٿيو آهي، اهو هڪ ٽڪريءَ تي نئين اڏيل بستي
”تمن راسا“ ۾ آهي. (تمن ملئي لفظ آهي معني چمن يا
باغيچو) جيئن پاڻ وٽ گلشن اقبال، گلستان جوهر
وغيره آهي، تيئن هتي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ”تمن“ لفظ
سان شروع ٿيندڙ علائقا نظر ايندا، جيئن اسان جو هڪ
ٻيو ڪليگ ڪئپٽن ستيش هرداس ملاڪا جي جنهن علائقي ۾
رهي ٿو، ان جو نالو تمن محبا آهي. اهڙي طرح تمن
جايا، تمن ڪيمونچاڪ، تمن راس، وغيره.
مون کي ان پاسي ويندي ڏسي گونا راجا ڪجهه ڪم ڏسيا
ته رستي تي دڪان تان ڪجهه بلب ۽ پنکا وٺي سندس ان
نئين گهر ۾ ڇڏيندو وڃان، جيئن ٻئي آچر تي لائيٽ
وارو اتي انهن جي فٽنگ اچي ڪري وغيره.
(BOLEH ملئي
جو عام لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ڀلي“،
”موڪل اٿانو“ يا ائين ڪري سگهو ٿا. جيئن
انگريزيءَ ۾ پئجي With
Pleasure, O.K شوق
سان يا جيئن جپاني ۾ DOZO”دوزو“
آهي ۽ TIDAK منعنيٰ
نه. ۽ TIDAK
BOLEH معنيٰ
”ناممڪن“ آهي. نٿا ڪري سگهو. ڪڏهن ڪڏهن
تداق چوڻ بدران فقط TAK چيو
وڃي ٿو.)
|