سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: مڪليءَ کان ملاڪا تائين

باب:

صفحو:5 

سنگاپور ايئرلائين جي جهاز ۾ جڏهن ڪوالالمپور پهتاسين ته وقت اٺ ٿيو هو. سوا پنجين بجي اسان کي وٺڻ وارا همراهه اچي هليا ويا هئا. اميگريشن وارن کي به چيوسين ته هونءَ اسان نوڪريءَ جي سلسلي ۾ آيا آهيون ۽ ٽن سالن جي گهٽ ۾ گهٽ ويزا کپي پر في الحال ڀلي جيترن ڏينهن جي وڻيو ويزا ڏيو. باقي پوءِ اسان جا همراهه جن گهرايو آهي، اهي خانه پوري ڪندا رهندا.

ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ٻيو ته ڪو به ميدان تي نه هو، هڪ پاڪستاني پراڻو چيف انجنيئر دوست ابراهيم شريف ٻار سان بيٺو هو. جنهن کي پڻ لکيو هوم ته اسان فلاڻي اڏام ۾ اچون پيا. اهو سوچي ڪلاڪ کن ٻيو به بيٺو رهيو ته متان اسان ٻي اڏام ۾ اچي نڪرون. پاڻ هتي ملائيشيا انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن MISC ۾ گذريل چئن سالن کان سپرنٽنڊنٽ انجنيئر آهي. ان کان اڳ ٻه سال کن گوڪل جي جهازن جو پڻ هانگ ڪانگ واري آفيس ۾ انچارج رهي چڪو آهي. تنهن کان اڳ پاڪستان ۾ هو. ڪنهن زماني ۾ سندس چيف انجنيئريءَ ۾ ساڳي جهاز تي آءُ نمبر ٽو ٿي ڪم ڪري چڪو هوس. انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو روٽ هي پاسو- ڏکڻ ايشيا هو. يعني ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ، فلپين، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ وغيره. پُر سحر ڏور اوڀر جي جادوءَ هن تي اهڙو اثر ڪيو جو پوءِ پاڪستان جي جهازران ڪمپنيءَ مان استعيفيٰ ڏئي، هن پاسي جي ملڪن ۾ ڪناري جي نوڪريءَ کي لڳي ويو.

پاڻ اسان کي زور ڀريائين ته اسان هن وٽ هلي رهون. آصف کي چيم: ”ڪنهن پر به ”ها” نه ڪجانءِ، سخت ٿڪل آهيون. ابراهيم شريف صاحب وٽ هلو ته ماني کارائي چوندو ته اچو ته برج (پتي راند) کيڏون، سڄي رات سمهڻ نه ڏيندو.“

مون کي ايتري ته خبر هئي ته اسان جي رهڻ لاءِ فوروما هوٽل ۾ بندوبست ٿيل آهي، سو آصف کي چيم ته اڄ رات ڪيئن به ڪري ننڊ ڪرڻي آهي. پوءِ جي هوٽل ۾ پاڻ لاءِ بندوبست نه ڪيو اٿن ته پنهنجي خرچ تي ئي هلي رهبو. جيئن سڪون سان اڄ رات ننڊ ڪري سگهون.

پوءِ مس مس ابراهيم شريف سان واعدا ڪري، جيڪي هن سمجهيا پئي ته ”مردن“ جا نه پر ”جهازين“ جا واعدا آهن. موڪلايوسين ته هاڻ ته آهيون ئي هتي ملائيشيا ۾. پيا ملنداسين، آصف کي پوءِ کلي ٻڌايم ته ابراهيم شريف صاحب نيڪ، يارويس ۽ بااخلاق ماڻهو آهي، پر کيس پتي راند ۽ ڪچهري جي ڏاڍي عادت آهي. هڪ جهاز تي اسان ڏاڍيون ڊگهيون ڊگهيون Voyages (مسافريون) ڪيون. پاڻ منهنجو باس چيف انجنيئر هو ۽ آئون جهاز جو نمبر ٽو انجنيئر (سيڪنڊ انجنئير) هوس. انجن روم مان ڊيوٽي ڪري کيس رپورٽ ڏيڻ لاءِ ايندو هوس ته چانهه جي بهاني ويهاري پوءِ ويٺو خبرون ڪندو هو ۽ اٿڻ ئي نه ڏيندو هو. ننڊ مونکي به ٿوري ايندي آهي، پر  هن کي ته بنهه ٿوري ايندي آهي. رات جو ٻارهين بجي انجن روم مان اچان يا ٽين چئين بجي صبح، جو سندس ڪئبن جي بتي ٻرندي رهندي هئي ۽ چانهه جي ڪٽلي تي هر وقت پاڻي اٻرندو رهندو هو. دل صاف، سخي ۽ همدرد، انجنيئر کڻي سٺو نه به هجي، پر هر هڪ مڃيندو ته سٺو انسان آهي.

ٽئڪسي ڪري هوٽل فوروما ۾ آياسين-جيڪا هتي جي چائنا ٽائون ۾ آهي. چيني لوم بواءِ (روم بواءِ) وڌي ٽئڪسي تائين آيو ۽ هن هوٽل ۾ اسان لاءِ ڪمرا الڳ واٽ رزروڊ هجڻ جي خوشخبري ٻڌائي. گرم پاڻيءَ سان وهنجي، ”ناسي گورينگ“ (ملئي نموني جا فراءِ ٿيل چانور) چڪن ڪريءَ سان کائي، لت کوڙي سمهي رهياسين.

ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فرق

نقشي ۾ پاڪستان جي ساڄي پاسي اوڀر ۾ هندستان آهي. وڌيڪ اوڀر پاسي هلبو ته وڃي بنگلاديش کان نڪربو.

اتر ۾ اسان جي پنجاب سان انڊيا وارو اوڀر پنجاب مليل آهي ۽ هيٺ سنڌ سان هندستان پاسي وارو صوبو راڄستان آهي- جيڪو پڻ سنڌ وانگر ڪافي رڻ پٽ آهي. سنڌ جي ڏکڻ ۾ وڌيڪ هلبو ته ٻيو ڪو ملڪ شروع ٿيڻ بدران سمنڊ- عربي سمنڊ شروع ٿي ٿو وڃي، پر هندستان جي صوبي راجستان جي ڏکڻ ۾ ڪافي ڌرتي آهي ۽ مهاراشٽرا (بمبئي ۽ ڪڇ)، ڪرناٽڪ ۾ آنڌرا پرديش کان پوءِ هندستان جا آخري ڏاکڻا صوبا- تامل ناڊو ۽ ڪيرالا ٿا اچن. جنهن کان پوءِ سريلنڪا جي ٻيٽ بعد هيٺ ۽ ساڄي کاٻي پاسي سوين ميلن تائين هندي وڏو سمنڊ پکڙيو پيو آهي.

هوڏانهن ساڄي پاسي اڃا اوڀر ۾ وڃبو ته بنگلاديش بعد برمان مان وڃي نڪربو. برما بعد ٿائلينڊ آهي. جيڪو نه فقط اڳتي اوڀر ۾ وڃيو ڪئمپوچيا ۽ لائونس وغيره سان ملي، پر هندستان وانگر هيٺ ڏکڻ ڏي به هليو ٿو وڃي ۽ سنهي پٽي ٿو ٺاهي. هندستان ته هيٺ ڏکڻ ۾ وڃيو ختم ٿئي ۽ ٿورو سمنڊ بعد سريلنڪا جو ٻيٽ آهي، پر ٿائلينڊ جتي هيٺ ختم ٿئي ٿو اتان سهي جي ڪن جي شڪل جهڙو ملڪ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ويسٽ ملائيشيا آهي. اڃا به هيٺ هلبو ته جتي ويسٽ ملائيشيا ختم ٿئي ٿو. اتي سريلنڪا وانگر- پر ايراضيءَ ۾ سريلنڪا ٻيٽ جي ويهين پتيءَ جيترو هڪ ننڍڙو ٻيٽ سنگاپور آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ته سياسي طرح ملائيشيا جو ئي حصو هو، پر 1965ع کان ڌار ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. سنگاپور جو هي ٻيٽ سمنڊ مٿان سنهي پل (Cause-Way) ذريعي ويسٽ ملائيشيا جي پڇڙي واري رياست جو هور سان ڳنڍيل آهي.

ويسٽ ملائشيا جي هيٺان ۽ کاٻي ساڄي پاسي ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ آهن. جن مان هڪ ته تمام مشهور  اهم ٻيٽ بلڪل سندس ڀرسان آهي، جنهن جو نالو ”جاوا“ آهي. جاوا جي هيٺان ٿورو ساڄي پاسي اوڀر ۾ هڪ ٻيو مشهور ٻيٽ ”سماترا“ آهي. ويسٽ ملائيشيا جي ساڄي پاسي ۽ سماترا جي مٿان هڪ ٻيو تمام وڏو ٻيٽ آهي، جنهن جو نالو ”بورنيو“ آهي.

بورنيو جي اتر حصي جون ٻه رياستون ”صباح“ ۽ ”سرواڪ“ ايسٽ ملائيشيا سڏائين ٿيون ۽ ملائيشيا جي حڪومت هيٺ آهن ۽ ڏکڻ وارو باقي بورنيو ٻيٽ ڪليمنٽن، سڏجي ٿو. جاوا، سماترا، ڪليمنٽن ۽ ٻيا سوين ننڍا وڏا ڀر وارا ٻيٽ گڏجي انڊونيشيا سڏائين ٿا.

سماترا ۽ ويسٽ ملائيشيا جي وچ ۾ سامونڊي رستي جي پٽيءَ ملاڪا نار ائين آهي جيئن ڪناري تي ٻن وڏين عمارتن جي وچ ۾ هلڻ لاءِ رستو. ۽ جيئن ميدان يا رڻ پٽ جي ڌوڙ، مٽي، اس ۽ هوا کان بچڻ خاطر هرڪو ٻن عمارتن جي وچ وارورستو وڌيڪ پسند ڪري ٿو، تيئن هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي سامونڊي بيابانن کان نڪري، هنن ٻن ملڪن جي وچ واري سمنڊ- ملاڪا نار- ۾ گهڙڻ سان ئي جهاز ۽ مسافرن لاءِ فرحت ٿيو وڃي.

هندي وڏي سمنڊ يا ڏکڻ چيني سمنڊ جي سٽيل جهازيءَ لاءِ ملاڪا نار ائين آهي جيئن صحارا رڻ پٽ جي مسافر لاءِ خيابان. ملاڪا نار جي سانتيڪي سمنڊ ۾ جهاز جي گهڙڻ سان ئي لوڏا، الٽيون ۽ سي سڪنيس سان گڏ انجڻ ۽ نيوگيشن جا سڀ مسئلا پڻ في الحال دور ٿيو وڃن. نه ته کليل سمنڊ جي جوش، ڌنڌ ۽ لوڏن ڪري انسان ته انسان، پر انجڻ به ساٿ ڇڏيو وڃي. انجڻ روم ۾ مشينريءَ جا فلٽر چوڪ پيا ٿيندا. آئل پريشر پيو گهٽجندو وڌندو. سمنڊ کان پروپيلر (پنکو) ٻاهر نڪرڻ ڪري مين انجڻ پئي اوورلوڊ ٿيندي. ڪارگو جا رسا کلڻ ڪري هئچن ۾ سامان ڀڄڻ جو نقصان ۽ ڏيک گهٽ هجڻ ڪري تارا يا صحيح رستو نظر نه پيو ايندو. پر ملاڪا نار جي ٻن ڏينهن کن جي پنڌ ۾ جهاز توڙي مسافر هندي وڏي سمنڊ جو ٿڪ ڀڃندا آهن ۽ اڳيان اٿاهه چيني سمنڊ ۾ گهڙڻ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪندا آهن. ان ڪري جهازين لاءِ ملاڪا نار صدين کان خوشي، آرام ۽ سڪون جي علامت پئي رهي آهي.

ان کان علاوه هي ملاڪا نار وارو سنهو سامونڊي رستو چين جپان کان هندستان عربستان ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ شارٽ ڪٽ آهي جنهن جي اهميت فقط هزارين سال اڳ هئي. پر هنيئر به آهي. چيني ماڻهو هن رستي کان هندستان، آفريڪا، عربستان آيا ويا. سنڌباد ۽ ابن بطوطه جا سفر هن رستي کان ٿيل آهن. ٻي عيسويءَ صديءَ ۾ هندستاني هن نار ذريعي ملئي علائقن ۾ آيا. ان بعد عرب، پورچوگيز، ڊچ ۽ انگريز واپار، تبليغي ۽ حڪومت ڪندڙ ۽ اڄ جو ماڊرن مئرينر (جهازي) هيڏي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس هوندي به، هن سامونڊي نار- ملاڪا نار، جو قدر ڪري ٿو ۽ کيس اهم سامونڊي رستو مڃي ٿو.

ملاڪا نار تي اهو نالو ملاڪا شهر جي ڪري پيو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ملائيشيا جو مشهور شهر ۽ بندرگاهه آهي. صدين کان سندس هن سڄي علائقي ۾ سياسي، واپاري، مذهبي ۽ تواريخي اهميت رهي آهي. ان ملاڪا شهر ۾ ملائيشيا جي نوجوانن کي سامونڊي زندگي ۽ جهاز هلائڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ تمام وڏي مئري ٽائيم اڪيڊمي سال ڏيڍ کان کولي ويئي آهي. جيئن هن ملڪ ملائيشيا جا نوجوان جهازن جا ڪئپٽن، چيف انجنيئر ۽ ريڊيو آفيسر ٿيڻ لاءِ تعليم خاطر پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، جپان يا انگلينِڊ ۾ وڃڻ بدران پنهنجي ئي ملڪ ۾ تعليم وٺي پنهنجا جهاز هلائين ۽ ملڪ جون اهم گهرجون پوريون ڪن.

هن اڪيڊمي ۾ مختلف ناٽيڪل ۽ انجنيئرنگ سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن چونڊي هتي رکيا ويا آهن جيئن اهي هتي جي ملئي ڪئڊٽن ۽ جهازين کي Pre-Sea ۽ Post-Sea جا مختلف ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل (جهاز هلائڻ جا) ڪورس ڪرائين. انهن ڌارين چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن مان هڪ منهنجو سر به آهي ۽هتي جي ماحول ۽ موسم ۾ هتي جي ماڻهن سان گڏ گهارڻو آهي. جيئن منهنجا هي اڄ جا ملئي شاگرد سڀاڻي قابل جهازي بنجي، دنيا جي هر سمنڊ تي بنا ڪنهن خوف خطري جي جهاز هلائي سگهن.

منهنجي لاءِ به هي هڪ نئون تجربو ٿيندو ته فقط بندرگاهه جي ٻاهرين رونق ڏسڻ بدران، هي جادو ڀري اوڀر جي ملڪن جا شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، وستيون واهڻ ڏسي سگهبا. هتي جي ماڻهن- شهري توڙي ڳوٺاڻن جي مذهب، عادتن، زبانن، رواجن، ڪپڙن گندين، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي بابت چڱي طرح معلومات حاصل ڪري سگهان.

پهرين ڏينهن جڏهن ڪوالالمپور کان ملاڪا ڏي ڪار ۾ اچي رهيو هوس ته مون سان گڏ ويٺل ٽيويهن چوويهن ورهين جي ڄمار جو نوجوان ڪلارڪ عبدالرحمان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندو آيو. کيس مادري زبان ملئيءَ کان علاوه انگريزي به آئي ٿي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد سپر هاءِ وي جهڙو رستو هو. چوڌاري نگاهه کٽڻ تائين ساوڪ ئي ساوڪ هئي. هيٺ زمين تي ڇٻر ۽ گاهه ٿي نظر آيو ۽ مٿي نگاهون کڻڻ سان ناريل، پام ۽ رٻڙ جا وڻ، رستي تي ٿوري ٿوري پنڌ بعد ملئي ڇوڪرا ڇوڪريون مختلف ميوا: پپيئو، چڪون، ليچي، رمبوتن، اسٽار فروٽ، انناس وڪڻي رهيون هيون. ڪٿي چانهه ۽ شربت جون ننڍڙيون ڪکائون هوٽلون هيون. هڪ ٻن هنڌ ترسي ڪوڪا ڪولا پيتيسين. چڪون ۽ رمبوتان ورتاسين. اسٽان واري هوٽل تان چانهه پي سندس پوڙهي چيني مالڪ ۽ فروٽ وڪڻندڙ ڇوڪرين کان سندن هوٽل، دڪان، گهر ۽ روز جي ڪمائيءَ جو پڇيوسين. کانئن جڏهن پاڪستان جو پڇيم ته ڪراچي ۽ اسلام آباد شهرن کان علاوه ڪجهه هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جي رانديگرن جا نالا به ورتائون. ملئي پاڻ رڳو فٽ بال راند گهڻي کيڏن. باقي ٻين ملڪن جون ٻيون هڙ رانديون شوق سان ڏسن. هتي جي روزنامي/اخبار ۾ پاڪستان بابت ڪا سياسي خبر هجي يا نه پر راندين جي ضرور هوندي.

رستي تي لڳل بورڊن تي ملئي زبان ۾ لکيل ڀليڪار، اطلاع ۽ چتاءَ:”سلامت داتنگ“، ”آواس“، ”برهنتي“ لفظن جي معنيٰ عبدالرحمان کان پڇندو هليس.

عبدالرحمان پڇيو: ”توهان کي هتي ملائيشيا ۾ اچڻ جو خيال ڪئين آيو؟“

وراڻيومانس: ”ان جو شايد ڪو چٽو جواب نه ڏئي سگهان جو مون کي خاطريءَ سان خبر نه آهي. اهو ئي سوال جڏهن مون کان منهنجن دوستن ڪراچيءَ ۾ پڇيو ته مون چيومان: ”مون کي ملائيشيا جي ساوڪ ۽ وڻ ٽڻ ٻوٽا وڻن ٿا” ته دوستن مون کي کلي چيو: وڻ ٽن کائڻ جو شونق ٿيو اٿئي ڇا؟“

۽ پوءِ جڏهن انٽرويو مهل به مون کان اهو ئي سوال پڇيو ويو ته ڪجهه دير سوچي وراڻيم:”خبر ناهي ڇو، پر منهنجي دل ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ لاءِ چوي ٿي. پڪ نه اٿم پر شايد ان ڪري به جو ملائيشيا ۾ مسلمان رهن ٿا.“

”پر ڪويت، سعودي عرب، ابوظهبي به ته مسلمان ملڪ آهن!“ منهنجي انٽرويوئر مرڪي چيو.

”واقعي اها ته ڳالهه آهي.“ مون دل ۾ سوچيو، پر ملائيشيا پاسي ڇو؟ مون ان جو ڇيد ڪرڻ چاهيو ٿي. مون پاڻ به فرق معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي. پوءِ وراڻيم: ”سائين ان ڪري جو آئون ملائيشيا ۾ Adjust ڪري سگهندس. ملائيشيا جي شهر توڙي ڳوٺ ۾ جڏهن اتي جي ماڻهن سان گڏ هلندس ته آئون پنهنجو پاڻ کي هڪ ئي پليٽ فارم، هڪ ئي ليول تي محسوس ڪندس.“

۽ پوءِ چيف انجنيئر آصف غيور سان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هوم، جيڪو پڻ مون سان گڏ هتي چونڊجي آيو آهي. آصف ڪويت، ايران ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ نوڪري سانگي توڙي جهاز کي وٺي وڃڻ جي ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ ڪيترا دفعا وڃي چڪو آهي. آصف چيو: ”مون کان به اهوئي سوال ڪيائون ته آئون ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس ته ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾، گهٽ پگهار هوندي به ڇو رهڻ پسند ٿو ڪريان؟ خير کين ته مون اهو ئي چيو ته ملائيشيا مسلمان ملڪ آهي. پر خبر اٿئي ڪهڙو فرق آهي؟ فرق اهو آهي جو هتي ملائيشيا هر ڌارئين پورهيت يا هنرمند جو مانَ مٿانهون آهي. هي اسان جي مهرباني ٿا سمجهن ته اسان اچي سندن ماڻهن ۽ ملڪ جي حالت سٺي ڪرڻ ۾ مدد پيا ڪريون. اسان کي جن سندن پگهار جوکپ آهي ته کين اسان جي هنر ۽ تعليم جو کپ آهي. ۽ اهو هي نه فقط سمجهن ٿا. پر قدر به ڪن ٿا. اسان جو مسلمان هجڻ جو ٻڌي. هي ملئي ماڻهو خوش ٿين ٿا. ڏورانهين ڏيهن جا هوندي به ڪنهن ڳالهه ۾ هڪجهڙائي آهي. پر عرب، گستاخي معاف، ڌارئين ملڪ جي ماڻهن کي –خاص ڪري هندستان ۽ پاڪستان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي ته ماڻهو يا مسلمان سمجهڻ ته پري جي ڳالهه، ويتر زرخريد ٻانهون سمجهن ٿا- يا اسان سان سندن برتاءُ اهڙو آهي جو اسان جي ماڻهن جو گهڻو حصو پاڻ کي مسڪين ۽ ويچارو محسوس ڪري ٿو. پر هتي ملائيشيا ۾ اها ڳالهه ناهي. پئسو هتي به آهي، رٻڙ آهي، تيل آهي، ڌاتو آهي، سڀ ڪجهه آهي ۽ ايشيا ۾ ته جپان، سنگاپور بعد ٽيون نمبر تي ملائيشيا جي طاقتور ايڪانامي آهي.“

”ان جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو جو هتي جا ماڻهو امير هوندي به مفرور نه آهن ۽ منجهن نهٺائي آهي؟“ مون سوال ڪيو.

”شايد اهو هجي ته ان پٺيان سندن صديون پراڻي تهذيب ۽ ڪلچر آهي.“ آصف پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو. ”عرب ملڪن ۾ پئسو ته اچي ويو آهي، پر ڪلچر يا تعليم نه آهي.“

بهرحال پاڻ سان گڏ سفر ڪندڙ ملئي ڪلارڪ عبدالرحمان- جيڪو جيتوڻيڪ عمر ۽ نوڪريءَ جي لحاظ کان ته ننڍو هو، پر ڪافي ذهين ۽ پاڙهو نموني جو ٿي لڳو، تنهن کي چيم: ”بس هتي تنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ ان ڪري آيو آهيان جو ڪيترائي دفعا منهنجي فئملي هتي اچي چڪي آهي ۽ هنن کي به هي ملڪ وڻي ٿو. هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي ڄاڻو سڃاڻو اٿم ۽ ملائيشيا جا ماڻهو، ماني ٽڪي توڙي ماحول ۽ موسم وڻيم ٿي.“

ڪجهه رستو اڳتي هلي چيائين: ”مون توهان لاءِ ٻڌو آهي ته ليکڪ آهيو. ڇا اهوصحيح آهي.”

”ها. ڪجهه ڪجهه. مون تنهنجي ملڪ جو به هڪ ٻن ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري اڄ کان ٻارهن تيرهن سال اڳ جون ڳالهيون جڏهن ننڍو انجنيئر هوس ۽ پهريون دفعو ملائيشيا جا بندرگاهه گهميو هوس.“

وائڙو ٿي چيائين؛ ”واقعي!“ پوءِ ٿوري دير گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. شايد ملئيءَ ۾ سوچي انگريزيءَ ۾ جملو ٺاهڻ لاءِ وقت لڳايائين: ”پر مسٽر الطاف مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايتري ٿوري عرصي ۾ منهنجي ملڪ بابت ڇا لکي سگهيو هوندين؟“

مون سندس ڳالهه کي واکاڻيندي چيو:”اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. ان ڪري ته آئون تنهنجي ملڪ ۾ لڳاتار رهڻ لاءِ هلي آيو آهيان. جيئن هن ڀيري چڱيءَ طرح ڏسي وائسي، ماڻهن سان ملي جلي پوءِ ڪجهه لکان. ان ڪري ئي ته آئون جنهن تنهن کان انٽرويو ۽ سوال پڇندو اچان. باقي هن کان اڳ جيڪي ڪجهه مون ملائيشيا بابت لکيو آهي، ان جي پنهنجي اهميت آهي. اهو منهنجو پهرين ۽ مٿاڇري نظر ۾ ملائشيا هو ان لکڻيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪو به ماڻهو مون وانگر ڪجهه ڏينهن لاءِ هتي ايندو ته ان کي ملائيشيا ڪيئن لڳندو.“

عبدالرحمان کلي خوش ٿيو. ان کان پوءِ اڄ تائين عبدالرحمان هميشه ان مرڪ سان ملندو آهي جيڪا مرڪ ٻين ڪيترن اميرملڪن ۾ ڪنهن قيمت تي به اتي جي رهواسيءَ کان حاصل ڪري نٿي سگهجي. هر روز آفيس ۾ ايندي وقت ملئي سيڪيورٽي آفيسر مسٽر هارون کيڪار وقت جڏهن سڄو سلام: اسلام عليڪم ورحمته الله وبرڪاته چوندو آهي ته عجيب پنهنجائپ لڳندي آهي. منهنجا مئرين انجنيئرنگ جا نوٽس ٽائيپ ڪرڻ واري گڏيءَ جهڙي ملئي ڇوڪري سالميا ۽ سلائيڊون (ٽرانسپيئرنسون) ٺاهڻ وارو گول منهن وارو ناصر هميشه قربان ٿيندي نظر ايندا آهن. فون جو اطلاع ڏيڻ واري ظهرا بنتي يوسف ۽ ملئي زبان ۾ آيل سرڪاري خط انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيڻ واري پهانگ رياست جي ملئي ڇوڪري فاطمه بنتي عيسيٰ هميشه اهو احساس ڏياريندي آهي ته آئون هتي جي اهم ماڻهن مان هڪ آهيان. اسان جي ڪري سندن قوم جا ڀائر جهاز هلائيندا ۽ ملڪ جو نالو مٿي ڪندا. پگهار اسان کي سندن سرڪار ڏيندي آهي. ان سان گڏ ٿورائتا ٿيندا آهن، ڄڻ اسان هتي رهي هنن تي ڀال- ڀلايون پيا ڪريون. آفيس ۽ گهر جي سنڀال لهڻ واري انچارج عبدالغنيءَ کي شل نه خبر پوي ته مون کي وڌيڪ ڪرسي يا ڪوچ کپي. ميز يا مٽجي کپي. هڪدم پهچائي ويندو- ڪڏهن به پئسي خرچ ڪرڻ ۾ دل ننڍي نه ڪندا- بس آيل مهمان کي خوش رکڻو آهي- اهو ئي سندن لاءِ اهم اصول آهي. ٻئي شهر ۾ ميٽنگ يا جهاز جي دوري تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهڻ، ويزا ۽ پاسپورٽ جو ڪم، گهر جي ڀاتين کي ڊاڪٽر کان دوا درمل وٺي ڏيارڻ پئان (مسز) صائمه بنتي خميس جو ڪم آهي ۽ ٽيليڪس تي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ جپاني مهانڊي جهڙيءَ ڇوڪري چڪ (مس) عزيزه جو ڪم آهي. ڪڏهن ڪم جي گهڻائي ڪري دير ٿي ويندي ته به مرڪندي چوندي آهي؛”مڙئي خير آهي. منهنجي ٻي ساهيڙي جنهن سان گڏ رهان ٿي اها مون لاءِ به ماني تيار ڪري ڇڏيندي“ هتي جي ڳوٺ جو ملئي ڇوڪرو محمد دين- جيڪو فٽ بال راند ۾ پڻ اسان جو ڀيچي ٿيندو آهي. ان جو ڪم: چانهه ٺاهڻ، اخبار آڻڻ ۽ هڪ آفيس مان ٻيءَ تائين ڪاغذ پهچائڻ آهي. هميشه پابنديءَ سان آفيس ۾ ايندو آهي ۽ سڀ کان آخر ۾ مڙني آفيسن جون بتيون ۽ ايئرڪنڊيشنر بند ڪري پوءِ ويندو آهي. کيس هميشه کلندي ئي ڏسندو آهيان.

بهرحال مٿيان ته کڻي چئجن ته مون کان عهدي ۾ ننڍا ٿيا، پر اڪيڊميءَ جو ڪمانڊنٽ- ڪئپٽن حمزه بن نور به ايڏو پيو خيال رکندو جو ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آيا اسين ان جي لائق به آهيون يا نه. شل نه ٻڌي ته اسان ڌارين ملڪن مان آيل Expatriatesکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي يا ڪا تڪليف آهي. ور ور ڏيئي  پيو خبر چار لهندو.

منهنجي خيال ۾ اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ڌن دولت کان به وڌيڪ آهن ۽ هڪ ملڪ کي ٻئي کان منفرد ۽ مٿانهون ڪري ٿيون بيهارين.

ملائيشيا جو ملڪ

 

ملائيشيا خط استوائي ملڪ آهي- يعني هتي سيارو ۽ اونهارو هڪ جهڙو گرم ٿئي ٿو ۽ سڄو سال ڏينهن رات پڻ هڪ جيڏا- ٻارهن ڪلاڪن جا ٿين.

خدا استوا جي ويجهو هجڻ ڪري ملائيشيا ۾ پڻ آفريڪا جي خط استوائي ملڪن جهڙي گرمي ٿيڻ کپي، پر ڪن جاگرافيائي حالتن ڪري هتي جي موسم ايتري گرم ناهي. انهن مان ڪجهه هي آهن:هندي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ کان هر وقت چوماسي جون هوائون لڳن ٿيون (هي اهي هوائون آهن جيڪي اونهاري ۾- خاص ڪري سانوڻيءَ ۾ سنڌ ۾ لڳن ٿيون، جن لاءِ چئبو آهي ته ڏکڻ جي هير پئي لڳي.) سٺو سال هتي مينهن جهڙ لڳا پيا آهن، جيڪي ڌرتيءَ کي ٺارين ٿا. ملائيشيا سامونڊي سطح کان مٿڀرو آهي ۽ ڪن ڪن حصن تي ڪوئيٽا وانگر تمام مٿي هجڻ ڪري مٿن چڱي ٿڌ پوي ٿي. گهڻي مينهن وسڻ ڪري سڄو ملائيشِيا ڊگهن ساون وڻن سان ڀريو پيو آهي ۽ گهڻن وڻن ۽ ساوڪ ڪري به ملڪ ٺريل رهي ٿو. ان کان علاوه چوڌاري سمنڊ ڪري ڪناري واريون هوائون:سي بريز پڻ ٿڌڪار بخشين ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org