اجاري
اڇو ڪيو نيئر منهنجو نينهن
ان وچ ۾ ڇا ٿيو جو سال 1943ع
شروع ٿي چڪو ھو . قاضي صاحب جو پٽ جنھن جو نالو
عبدالرحيم ھو، اھو ويھن مھينن جو ٿي وفات ڪري ويو
ھو ۽ سڀني ماڻھن توڙي سندس ڀينرن ۽ سائين مولوي
عمر جوڻيجو جو سندس تمام گھرو دوست ھو، انھن چيو
ته تون ٻي شادي ڪر مگر قاضي صاحب اصل نه مڃي.
انھن حيلا ڪيا آخر سندس زال ادي چاڳٻائي به چيو ته
ھاڻي آءٌ ٻار پيدا ڪرڻ کان وڏي ٿي ويئي آھيان.
توھان ڀل شادي ڪريو. من توھان جي وٿين جو وارث
توھان کي ملي وڃي. آءٌ بلڪل راضي ٿي چوان ٿي.
ويچاري کي دل ۾ ڏک ھوس پنھنجي پٽ جو، مگر پنھنجي
مڙس سان ھن جو پيار به دل جو ھو. چاھيائين ٿي ته
ٻين کان وري به ھن جو پنھنجو اولاد مون کي توڻي
کيس وڌيڪ ڪمائتو ٿيندو. تڏھن قاضي صاحب ھا ڪئي.
مگر جيڪي گھر انھن ڏسيا اھي کيس پسند نه آيا ۽ ماٺ
۾ رھيو. ڪافي سمجھائڻ جي باوجود به انھن لاءِ ھا
نه ڪيائين. ھُنن چيو ته ادا تو وٽ ٻي زال ويٺي
آھي. آخر اھڙن غريب گھرن جي وڏي عمر جي ڇوڪرين کان
سواءِ توکي سڱ ڪير ڏيندو؟ ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو جڏھن
سڀ سمھي پيا ھئا ته وجھه وٺي پنھنجي ڪاڪي سکٻائي
کي اچي چيائين ته چاچي ھڪڙي ڳالھه چوان ۽ واعدو به
ڪر ته الله سائين ته ھر ھنڌ حاضر۽ ناظرآھي مگر ان
کان سواءِ پاڻ ٻه آھيون ٽيون ڪير به نه ٻڌي. سيٺ
گل محمد جي ڳالھه آھي. ٻيو ڪن نه سُڻي. بُوا چيو
ابا ڳالھه ڪرڻ منھنجي وس. جي الله سائين به گھريو
ته ٺيڪ نه ته جيڪا ڳالھه ھوندي توکي ٻڌائينديس مگر
مون کي خبر ته پوي ته ڳالھه ڇا آھي؟ تڏھن بيان
ڪيائين ته سيٺ صاحب جي ڌيءَ فاطمہ جو سڱ مون کي
ڪرائي ڏيو. بُوا جي چوڻ موجب ته کيس پگھر وھي ويو.
چيائين ته ڳالھه ته ويھه ويسوا آھي مگر ھڪڙو ته
حور ان وٽان اڃا ڪلھه ويئي آھي ٻيو ته وسو پھاجن
جي ماريل، ٽيون وري ان جي ڌيءَ ننڍڙي ۽ دادلي!
ڳالھه ته ڏاڍي ڏکي آھي مگر آءٌ تنھنجو چوڻ نٿي
موٽايان. قاضي صاحب چيو ته چاچو سيٺ گل محمد ھڪڙو
داناءُ، قدردان ۽ سمجھدار انسان آھي ۽ مون کي ھو
چڱي طرح سڃاڻي ٿو. انڪار اميد آھي ته اصل نه ڪندو.
آءٌ بِه ماڻھو کي سڃاڻي وڏي غور ويچار کان پوءِ
توھان وٽ آيو آھيان. باقي ادي وسنديءَ کي سيٺ صاحب
سنڀالي وٺندو. توھان توڪل ڪري وڃو ۽ آءٌ توھان جي
انتظار ۾ رھندس. اميد اٿم الله سائينءَ ۾ ته توهان
مون کي خوشخبري ڏيندا. بُوا به بروقت آئي.
قاضي صاحب جو مون لاءِ رشتو آيو. ان پنھنجي بدلي
۾ جانو ڏيڻ جي آفر به ڪئي- منھنجي لاءِ رشتن جي ته
کوٽ ڪا نه ھئي، ڪافي ماڻھو اميدوار ھئا نالا لکڻ
جائز نه آھن مگر بابا سائين وٽ قاضي صاحب جي نالي
اچڻ کان پوءِ ڪنھن ٻئي جي جاءِ اصل رھي ئي ڪانه!
ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ کان ئي بابا کانئس متاثر ھو. جيئن
پوءِ تيئن قاضي صاحب جو نالو ته ڏيپلي جي تاريخ ۾
تمام سھڻي ۽ شريف ماڻهو جي حيثيت ۾ مشھور ٿيندو
ويو. ايتري قدر جو اسان جي شھر ڏيپلي ۾ مختيارڪار
ڪلھوڙو آيو ھو، ان به اھو نالو ڪنھن ڏاڍي عزت واري
انداز ۾ ٻڌو. سو چاچي مولوي محمد کي چيائين جو ان
وقت سيڪنڊ منشي ھو ته توھان جي شھر ۾ ھڪڙو بزرگ
قاضي علي محمد نالي ٻڌڻ ۾ پيو اچي. ان جو مون کي
ديدار ڪراءِ- چاچو پھريائين ته حيران ٿي ويو. پوءِ
چيائين ته سائين، منھنجو ڀائيٽيو ته آھي. اھو ته
نوجوان ڇوڪرو آھي. چيائين ته جيڏو به آھي، مون سان
ان کي ملاءِ. قاضي ايترو ننڍو به ڪونه ھو، چوٽيھه
سال عمر هيس. چاچو وٺي آيس. ھو صاحب ڏاڍو خوش ٿيو
ساڻس ملاقات ڪري ـ پوءِ دوستي جو ھٿ وڌايو. ٻيو
وري مولوي حافظ ڊپٽي ڪمشنر به ڏيپلي ۾ آيو ـ ۽
دستور موجب پنجائت جا ماڻھو ساڻس ملڻ ويا. انھن ۾
بابا قاضي صاحب کي زوري وٺي ويو ھو. اتي ھن صاحب
ماڻھن لاءِ فروٽ گھرايو. ھو به ڪو وڏو پارک انسان
ھو. تنھن سڀني وڏن کي ڇڏي قاضي صاحب کي چيو ته
بابا ھي فروٽ سڀني کي ورھائي ڏي، ته قاضي صاحب ھر
ماڻھو کي ان جي حساب سان، لياقت موجب، عھدي موجب
جيئن موزون سمجھيو، تيئن ڏنائين. جڏھن فارغ ٿيا،
تڏھن حافظ صاحب چيو ادا ڪيئن مون ماڻھو سڃاڻي اھو
فيصلو ڪيو ته ھن انسان ۾ اھي ڳڻ آھن جو صحيح نموني
ورھاست ڪندو ته سڀني ھا به خوشي سان ڪئي. سڀ ڏاڍو
خوش به ٿيا، آفرين به ڏنائون ۽ ائين به چيائين ته
توھان جي ھيءَ سرزمين خوش نصيب آھي جنھن ۾ ھھڙا
انسان پيدا ٿين ٿا. توھان کي مبارڪ ھجي. ھا ڪچھري
ته برخاست ٿي مگر بابا کي قاضي صاحب جو جيڪو اڳ
اثر ھو ان ۾ به وڌيڪ اضافو ٿيو سو جيئن رشتو آيو
ته امان جي پڇڻ جو خيال ته ضرور ٿين مگر بُوا کي
ھا ڪري ڇڏيائين. بُوا چيس ته ادا وسو ھڪڙو ته سوڪن
جي ماريل آھي احسان به ڪو سوڪن کان گھٽ ڪونھي، ان
جي پٽ جو بدو ھاڻي وري ٻي ڌيءَ سان ٿو ڪرين . اڳي
حور جو به بدو ڪيئي اھو ڪم به احسان جو ٿيو، وري
به ھي فيصلو ھڪ ته احسان جي فائدي ۾ ويندو ٻيو
سوڪن جو قصو اتي قاضين ۾ به آھي. ڇا ھي فيصلو وسو
قبول ڪندي؟مون کي ٿو پِٽَ ۾ وجھين. بابا چيو ته
نه آءٌ وسوءَ کي راضي ڪري وٺندس. مون کي منھنجي
ٻچڙيءَ لاءِ ھھڙو رشتو اصل نه ملندو. وڏي ڳالھه
آھي ته قاضي ماڻھو تمام قدر شناس، ڏک سک جو
ڀائيوار، ھمدرد ۽ ھم خيال آھي . ڇا ٻيا ھي جيڪي
ڀورا ڀورا ڇوڪرا آهن سي هن جو مٽ ٿي سگھندا؟ اصل
نه! ان شاء الله اھو ڪم ٿيندو. تون قاضي صاحب کي
خاطري ڏيئي ڇڏ. آءٌ وسوءَ کي راضي ڪري پوءِ توکي
مبارڪ ڏيندس. ان شاءالله. بُوا کي امان جو ڊپ به
ھو ۽ حور کي به پنج مھينا مس ٿيا ھئا وفات ڪئي.
امان ته اھو ڏک ئي نه لاھي سگھي ھئي. بابا امان کي
اسان جي ھيٺئين ھٽ تي جتي بابا ٻنپھرن جو آرام
ڪندو ھو، اتي چيائين وسو ھڪڙي ڳالھه چوان پنھنجي
ڦاتوڙي جو ته نصيب کليو آھي ۽ ان شاءالله ھميشه
چمڪندو. ايئن ٻه ٽي دعا جا لفظ چئي امان سان سڱ جي
ڳالھه ڪيائين، امان ڏاڍو ڇرڪي ويئي. چيائين ميان
ھي تون مون مسڪين سان ڪھڙو ٿو ويل ڪرين. آءٌ پھاجن
جي ماريل، منھنجو ھڏ ھڏ ھنن پھاجن کائي خاڪ ڪري
ڇڏيو آھي. منھنجي ماءُ وٽ پھاج، وري سس به ماٽيجي
ھئي. پاڻ به انھيءَ سورن ۾ پلي آھيان. احسان انھن
سڀني کان مٿي. حور جو سور مون وساريو ڪونه
آھي. سو وري منھنجي ھن ننڍڙي سڪي لڌي معصوم
دادليءَ سان به انھيءَ احسان جو پيو ڪم ڪرئين.
رشتو وري اھو جنھن جي نالي وٺڻ سان رونءَ رونءَ
پيو ڪنبي. ميان الله جو خوف ڪر! اُھا سرڪار ڏاڍي
آھي. امان کي جيڪو چوڻو ھو اھو چئي کڻي ڍوءُ
ڪيائين. بابا به چپ ڪري ويٺي ٻڌو، ھڪ لفظ به ڪونه
ڪڇيو. آخر ۾ چيائين ته تڪڙ ڪانھي تون تمام ٿڌي دل
سان سوچ ڪري ٿڌي مغز سان ڳالھه کي ھنڍاءِ. ھي جيڪي
تون رشتا چئين ٿي اھي به خراب ڪونه آھن. مون به
غور ڪيو آھي . مگر پاڻ جي ڌيءَ ننڍڙي اکين اڳيان
پيئي ڦرندي . حور به ويئي ھلي. ھي ڇورا لورا
الائجي نوڪري جي سٺي ڪٿي کڻي وڃي پڄندا پوءِ آءٌ
ته ھاڻي پڳو پيو آھيان تون ڪٿي پيئي ھٿ ھڻندين
”ڪٿ
ٿيو ڪوھيار ـ ڪٿ پيئي ھٿ ھڻندين“
چري نه ٿي سوچ ڪر. آخر ھڻي ھڻي ڳاھون ڏيئي، امان
کي مڃايائين. چيائين ته توکي اھا دعا ٿو ڪريان ته
ھي فرمانبردار نيڪ بخت قاضي توکي پنھنجي ڌيءَ کان
مٿي سڏ ڏيندو. تون ڦاتوڙيءَ کي ھڪ سڏ ڪندين ھو
توکي ست سڏ ڏيندو. ھو اھڙو ئي آھي ـ آخر فيصلو
ٿيو. مون کي به ايتري ڳالھه وڻي ڪان ھئي ڇاڪاڻ ته
مون کي پاڻ جيڏا نوڪرين وارا ٺھيل ٺڪيل ماڻھو وڻيا
ٿي. جيڪا اکين اڳيان سھڻي شيءِ نظر ايندي آهي اھا
وڌيڪ اک ته ڀرائيندي آھي! مگر بابا جي سوچ جو
دائرو پنھنجي حساب سان ھو. بھرحال جيڪي نصيب ھو ۽
قدرت جي منظوري به ائين ھئي.
قاضي صاحب کي بوا ٻڌايو، ڏاڍو خوش ٿيو. پنھنجي گھر
واريءَ کي راضي ڪيائين. ايتري قدرجو خود ڪاڪو صلاح
محمد ۽ ناني ملوڪان جيڪي سندس سس ۽ سھرو ھئا، اھي
ھاڪاري ۾ گڏ آيا ۽ ڪاڪي صلاح پاڻ بابا کي چيو ۽
گُھرَ ڪيائين. صبح جو ادي (منھنجي ٻارن جي وڏي
امان) منھنجي لاءِ جيڪي ڏيڻو ھو اھو پاڻ کڻي آئي.
اھا به ھڪ صابر ۽ نيڪ انسان ھئي. جنھن جي به جيتري
تعريف ڪجي اوتري ٿوري آھي. اصل تعريف جي لائق ته
الله سائين جي ذات پاڪ آھي مگر انسان کي به جيڪڏھن
سٺو ڪري ٿو ته قدرت جو ڪمال آھي. ادا احسان جون
ويھه ئي گيھه ۾. ٻه پٽ مليا ٻيلي ۾ وري ٽئين پٽ
جي اھا واڌائي. اھو ته قدرت جو شان آھي. ڪنھن کي
دنيا ۾ ڪيتريون نعمتون ڏئي ٿو، فيصلو ته وٽس آھي.
پوءِ قاضي صاحب اُڀ توري ڇڏيا. بابا، امان ۽ آءٌ
سندس مرڪز ھئاسين، اسان جي ايتري قدر شناسي ڪيائين
۽ رک رکان جو دنيا وائڙي ٿي ويئي. امان بابا کي
ته حور به وساري ڏنائين، ڇاڪاڻ ته محبت، پيار، قدر
شناسي ھر بيماري ھر مرض جو علاج آھي. ڇا چئجي ڇا
تعريف ڪريون! ان حقيقي مالڪ جي جنھن ھن انسان کي
اھڙو پيدا ڪيو جو درد مندن جي دوا
۽
بي واھن جو وسيلو ٿي بيٺو. منھنجي امان ۽ بابا کي
جواني ڏيئي ڇڏيائين. ايتري قدر جو سندس گھر واري
توڙي سندس ساھرا۽ پاڙي وارا اسان تي جان فدا ڪندا
ھئا. سبحان الله! وري مڱڻو به ايڏي شوق سان
ڪيائين. زيورن لاءِ تار ڪري ڪراچيءَ مان سون
گھرايائين. تمام بھترين زيور ٺاھرايائين. ٻالو
سونارو سندس دوست ھو،
ايڏا سٺا ۽ سھڻا زيور ٺھرايائين جو مون پنھنجي وڏي
ننھن شاھده پروين کي ڏنا آھن. وري گھر ۾ گھرائي
منھن ايٺائڻ جي رسم به ڪيائين. ھن اسان جي خوش ڪرڻ
لاءِ جيڪي حيلا ڪيا انھن جو کيس الله سائين اتي
اجر عظيم عطا فرمائيندو ۽ جنت جي برين باغ ۾ اعلى
درجي تي ويھاريندو ان شاءالله. اھو منھنجي اندر جو
آواز آھي. ۽ پڻ منھنجي والدين جو به ھو . ھن ۾ ڪو
به وڌاءَ نه آھي. ڏيڍ سال مڱڻو ھليو. تمام سٺي
نموني خوش اسلو بيءَ سان. آخر بابا کي قاضي صاحب
عرض ڪيو: سائين مھرباني ٿئي نوازش ڪريو. بابا به
مناسب سمجھيو ٻنھي امان بابا خوشيءَ سان اجازت ڏني
۽ تياري ڪئي. مون به پنھنجي پاڻ کي ان لاءِ تيار
ڪيو. پنھنجي ڏاج جا سڀ ڪپڙا پنھنجي ھٿن سان ڀريا.
مڻيا موتي مُڪي جو ڪم توڙي ڀرت امان ۽ مون گڏجي
ڪيو، تمام سٺو. ان وقت جي حالتن ۽ رواج موجب قاضي
وارن به ڀلا ڀلي ڪئي. پِڙو سڄو ادي يعني ٻارن جو
وڏي امان پنھنجي ھٿن سان ڀريو جنھن ۾ ڪنجرو ۽
پَڙو، اڇي چني پنج صوتي جي پاڻ ڀري ھئائين. اھا ھن
جي وڏي عظمت ھئي . تمام پيار ۽ محبت سان ماڻھن کي
حيران ڪري ڇڏيو ھئائين. اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي.
الله سائين ان کي اعلى درجو عطا ڪري. نه ته ھي
تمام ڏکيو مرحلو ھو. ھڪ عورت لاءِ. بھرحال
19-03-1945ع
تي شادي ٿي. نئين گھر جو مون کي وچ وارو ڪمرو،
ورانڊو ساڳيو ۽ چودرو مليا. گينان وارن چوائس ڪري
اڀرندي پاسي وارو ڪمرو کنيو ته سَھائي وارو آھي.
اچڻ سان منھنجي ھنن ڏاڍي بھترين نموني سان مرحبا
ڪئي جيڪا ھنن جي وس ۾ ھئي. قاضي جي ڳالھه ته اصل
بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي، مون کي به ڌڻي تبارڪ و
تعالى توفيق ڏني، ان پنھنجو ڪرم ڪيو جو موٽ ۾ مون
پنھنجي وت آھر ھر ممڪن ڪوشش اھا رکي ته بابا، ھنن
وٽ پاڻ کي وڇائي ڇڏڻو آھي. جيئن ھي سڀ گھروارا مون
مان راضي ۽ خوش رھن. جھڙو خواب قاضي صاحب ڏٺو ھو
ان جو صحيح معنى ۾ تعبير ٿيڻ گھرجي، جِي کان سواءِ
ٻي زبان اصل ھئي ڪانه، اديءَ کي کلي ڪري چيو ته
توھان منھنجي امان جي برابر آھيو، رشتو ته برابر
نازڪ آھي، مگر منھنجو توھان سان اُھو نه ھوندو.
توھان وڏن وارو ڪم ڪندا جيئن اسان جي رواج موجب سس
۽ ننھن وارو ڪم. ننھن رڌي پچاءِ رکندي ھئي
يعني ڪچن جي ذميواري ۽ مال جو ڪم ۽ کير ولوڙڻ
وغيره وڏن جو ڪم ھوندو ھو. اھو توھان مھرباني ڪري
قبول ڪريو، باقي ننھن وارو ڪم آءٌ ڪنديس. ھفتي
اندر مون ڪم سنڀالي ورتو. حالانڪ آءٌ ڄاڻندي ڪجھه
به نه ھيس، ڀت به رڌي ڪونه ڄاڻندي ھيس. مگر مون کي
اھا پڪ ھئي ته ھي ڪم مان ڪچو ڪونه ڪڍندا. ٿيو به
ائين. اديءَ مون کي ماءُ وانگر ڪم سيکاريو. ان ۾
قاضي صاحب به ڏاڍو خوش ٿيو. پاڙي وارا به حيران ته
علي محمد جي گھر ۾ رس رھاڻ لڳي پئي آھي.
’جي
سائين‘،
’جي
سائين‘
لڳو پيو آھي. واهه ڀائي واهه!
آءٌ پنھنجي ناقص سمجھه ۽ عقل موجب پنھنجي گھر وارن
سڀني کي خوش ڪرڻ ۾ پنھنجي خوشي محسوس ڪندي ھيس ۽
منھنجا عظيم ماءُ ۽ پيءُ ڏاڍو خوش ٿيندا ھئا ۽
قاضي صاحب جي ته خوشيءَ جي حد نه ھئي ۽ ان سان گڏو
گڏ اھو جيڪو ننڍپڻ جو جذبو ھوته ڪنھن جي ڪم اچان
سو شھر ۾ ڪو به غريب غربو ڪو ڪم وجھندو ھو ته دل
سان انھن لاءِ چندو وغيره ڪري به ڪم ڪندي ھيس. رات
جو قاضي صاحب کي زور ڏيندي ھيس. اديءَ صاحبه کي
به ڪڏھن ڪڏهن ٻه ٽي زور ضرور ڏيندي ھيس. بُوا
حليمان جي خدمت ۽ ان جو خيال ڪرڻ اھي سڀ منھنجي
فرضن ۾ شامل ھئا. بُوا حليمان جو خاص طور تي خيال
رکندي هيس ڇو ته بابا مون کي نصيحت ڪئي ھئي. بُوا
حليمان پڙا پائيندي ھئي. مون کي منھنجي مائٽن ڏيج
۾ پڙا ڏنا ھئا جي ان وقت جي رواج موجب تمام سٺا
ھئا. پَنگري شھر ۾ مھڙا نالي ڳوٺ ھو، ٿي سگھي ٿو
ته ھاڻي به ھجي. ان جو رنگاٽ ھو. اتي تمام پڙا سٺا
۽ ڀلي ۾ ڀلا ٺھندا ھئا، جيڪي بابا وارن حور کي به
ڏنا ھئا ۽ منھنجي لاءِ به رکيا ھئا. حور ته ترت
وفات ڪري ويئي. سو بابا کي ڏاڍو ڏک ھو. منھنجي
شادي وقت انھن جو رواج قدري گھٽجي ويو ھو،
تنھنڪري پيا ھئا مگر بابا پارت ڪئي ھئي ته امان
تون نه وجھين ته نه وجھه مگر وڪج اصل نه. اسان کي
حور جو سور ڏاڍو آھي. اسان کي به ضرورت ڪونه ھئي
ته وڪڻون، پيا ھئا. ذڪر بُوا حليمان جو پيو ھلي
اھا به اھي
’مھڙا‘
جا پڙا پائيندي ھئي مگر منهنجي شادي وقت تائين
انهن جي ڪم ۾ اُها خوبصورتي نه رهي هئي. ڀاءُ
يعني قاضي صاحب کي چيائين ته ھاڻي
’مھڙا‘
ته ويئي اھي پڙا ته ڪنهن جي ڪم اچن ڪونه ٿا مون کي
ڄيٺي کٽيءَ کان ھتان ئي رنگائي ڏي ته پائيان. ڀاءُ
کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته حليمان ڀيڻ ڪيئن ڄيٺي کٽيءَ جو
رنڱيل پڙو پائي. آءٌ جو ٻنپھرن جي ماني کائي آيس
ته ڏٺم ته قاضي صاحب جو منھن لٿل ھو. آءٌ قاضيءَ
جو ارھو سرھو منھن نھاريندي ھيس. جيئن قاضي صاحب
پڻ منھنجو ائين ئي منھن نھاريندو ھو. ڇاڪاڻ ته ھي
ھڪڙو تعاون آھي. ان سان ئي ته ھي زندگي جو ٻيڙو
ھلي ٿو. جنھن ۾ پيار ۽ محبت جو جذبو به ھجي.
مصنوعيت گھڻو جٽاءُ نه ڪندي آھي. اھا ڪنھن به مھل
ڪنھن نه ڪنھن ھنڌ ظاھر ٿي پوندي آھي. ان ڪري آءٌ
پنھنجي ٻارن جنھن ۾ منھنجون ڌيئرون، پٽ، ڏوھٽا،
ڏوھٽيون ۽ پوٽا ۽ ننهرون به شامل آھن انهن کي به
چوندي آهيان ته ان تي عمل ڪنديون ته سڀني جي لاءِ
ان ۾ ڀلائي آھي. مگر ھر سمجھدار ماڻھوءَ لاءِ اھا
نصيحت آھي ته پنھنجي محسن سان سچو پيار ڪجي ته پاڻ
به خوش گذاري ۽ ٻين کي به سڪون ڏئي سگھي. سو ڳالھه
ان مٿان ھئي ته مون قاضي صاحب کان پڇيو ته اڄ
توھان مون کي ٿورو مڙيئي ويچار وارا پيا لڳو. قاضي
صاحب به مون کان ڪابه ڳالھه ڇلڪائيندو ڪونه ھو ڇا
ڪاڻ ته ڪافي وقت کان اسين ھڪ ٻئي جي طبيعت کان
واقف ٿي چڪا ھئاسون، سو اھا ڳالھه ڪيائين ته ادي
حليمان کي تون جيڪڏھن پنھنجو مھڙا وارو پڙو ڏئين
ته ھوءَ توکي ڏاڍيون دعائون ڏيندي. مون تمام خنده
پيشاني سان چيو ته اھا ڪا به وڏي ڳالھه ڪانه آھي.
منھنجا پڙا ڀلي ڏيو آءٌ تمام خوش ٿينديس.
قبوليم ڪيچ ساري جون مٿي سر سينهيون سرتيون،
جتن جي، ذات کي جيڏيون، ڀري پاڻي پيارينديس،
پنهل کان پوءِ پاڙيچيون، ڪٿي ڪهڙو ڪاڄ سارينديس.
نٻل آهي نينهن مون جو آريءَ ڄام سان اصلي،
حوالي هوت جي ٿينديس، پنهل سان پيچ پاڙينديس.
جيڪڏھن توھان ۽ بُوا راضي ٿيندا، اھا منھنجي وڏي ۾
وڏي خوشي آھي. ان کان مٿي مون کي ڇا گھرجي! قاضي
صاحب چيو ته سيٺ صاحب جو اھو لفظ مون کي ياد آھي
ته ھنن کي نه پايو ته نه سھي مگر وڪجو اصل نه. مون
تسليءَ سان چيو ته اُھا وڪڻڻ جي ڳالھه ھئي ھيءَ
اسان جي خوشي جي ڳالھه آھي. بابا کي آءٌ راضي ڪري
ٿي اچان. اھا منھنجي لاءِ ڪابه وڏي ڳالھه نه آھي.
قاضي صاحب کي زور ڏنم جڏھن سمھي رھيو ته آءٌ بابا
وٽ ويس، جيڪو دستور موجب ھيٺين ھٽ تي ستل ھو ۽
امان بابا کي زور پئي ڏنا. ھنن کي ڏاڍو عجيب لڳو
ته امي تون ھينئر ڪُٽاڻي ڪيئن آئي آھين؟ مون کلي
کين چيو ته اڄ آءٌ پنھنجي بابا سان ڪچھري لاءِ آئي
آھيان. پوءِ ڳالھين ڳالھين ۾ مون بابا کي اھڙي
انداز ۾ چيو جو بابا ايڏو ته متاثر ٿيو جو چيائين
ته امي ان تي قاضي صاحب خوش ٿيندو ته ھو اسان جي
دل جو ٺار آھي. اکين جو نور آھي ۽ اسان جو الاھي
ميوو آھي. آءٌ به خوش ٿيس. امان کي چيائين ته وسو
ھن پل وڃ ڦاتوڙيءَ سان گڏجي پڙو کڻي سبي اڳٺ وجھي
ڏي، ڪنوڪن ڪنھن کي سُر به نه پوي. جڏھن پاڻ صبح جو
ڦاتوڙي وٽ ھلندا سون ۽ ادي حليمان ايندي تڏھن
ڦاتوڙي کيس اھو پارائي ته آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندس.
توکي دعا به ڪندس. |