ڇپائيندڙ پاران
هيءُ ڪتاب
”
آءٌ جي اِهائي ذات“
ڏيپلي شهر جي مثالي عورت
مرحومه
فاطمه زهره قاضي صاحبه جي
آتم ڪٿا
آهي. جنهن ۾
پاڻ پنهنجي خاندان جو احوال ۽ پنهنجي زندگيءَ جي
ڪٿا تمام سهڻي انداز ۾ لکي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ کي بجا طور
اِهو
فخر حاصل
رهيو
آهي ته،
سنڌي ادب جي هر موضوع تي تمام اهم ۽ لاڀائتا ڪتاب
هِن اداري طرفان شايع ٿي منظرعام تي آيا آهن. خاص
ڪري آتم ڪٿا جي حوالي سان سنڌ جي هاڪاري هَستين
جون سوانح عمريون ڇپجي منظرعام تي آيون آهن، جن
مان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”سائو پن
يا ڪارو پَنو“، سيد حسام الدين راشدي جو ڪتاب ”هُو
ڏوٿي هُو ڏينهن“
سائين جي. ايم. سيد جو ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۽
پير علي محمد راشدي جو ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي
شينهن“
سرفهرست آهن ۽ هاڻي
هي
ڪتاب ”
آءٌ جي اِهائي ذات“
به آتم ڪٿا جي سلسلي ۾
تاريخي
۽ معلوماتي اهميت رکندڙ آهي.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي
شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان
رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي
رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان
نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي
آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن.
ان کانسواءِ سندن هدايتن تحت
هڪ سؤ
کان ڏيڍ
سؤ صحفن واري اشاعتي اسڪيم
به
شروع ڪرائي
وئي آهي ۽ خاص ڪري سنڌ جي اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي
ادبي پورهيي کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪرائڻ، جن
جو ادبي پورهيو اڳ منظرعام تي نه آيو هجي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان هِن ڪتاب ”
آءٌ جي اِهائي ذات“
جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
سرپرستيءَ
۾ شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع
آهي
ته،
اسان جي هيءَ ڪاوش
ادبي حلقن سان گڏوگڏ، مانائتن ادب دوستن
۽
پڙهندڙن
وٽ مانُ
ماڻيندي.
23-
ربيع
الثاني
1443هه
سيد سڪندر علي شاهه
29-
نومبر
2021ع
سيڪريٽري
انتساب
آءٌ پنهنجي هيءَ ادنى ڪاوش پنهنجي پياري، جيءَ
جياري شاهد پرويز ۽ جاني ٻچڙي فرحان کي منسوب
ڪريان ٿي، جن منهنجي قدم قدم تي همت افزائي ڪئي ۽
مون کي حوصلو ڏنو ته آءٌ پنهنجي زندگي جو احوال
لکان.
شالَ
الله پاڪ جي ڪرم جي مٿن پالوٽ ٿئي ۽ هُو پنهنجي
اهل عيال سان ۽ پنهنجي سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻن جي محبت
ڀريل ڀاڪرن ۾ ۽ دعائن جي سائي ۾ سدا سلامت هجن.
فاطمھ
زهره قاضي
پهرين ڇاپي بابت
پيش لفظ
’ماءُ‘ جو ته نالو ئي مٺو آهي. ايترو مٺو، جو
ماکيءَ جي مٺاس به ان جي اڳيان هيچ آهي. انسانن کي
الله تعالى مختلف وصفون ڏيئي پيدا ڪيو آهي. هر
انسان جو رَويو ٻئي انسان سان مختلف هوندو آهي
ڪنهن لاءِ مٺو ته ڪنهن لاءِ ڪڙو! اسان ڪنهن به
انسان جي باري ۾ اهو ئي تاثر رکندا آهيون، جهڙو هن
جي رويي بابت اسان جو احساس هوندو آهي. قدرت جي
انهي جوڙ جڪ کان ظاهر آهي ته عورت جي ذات به مبرا
ناهي. هن لاءِ به ڪو انسان هڪ رايو رکندو ته ڪو
شخص وري ٻيو. مگر قدرت جو شان ڏسو، ته هر ٻار
پنهنجي ماءُ جي لاءِ صرف هڪ ئي تاثر رکي ٿو ته
”منهنجي ماءُ جهڙي ته ٻي ڪا ٿيڻي ئي ناهي!“ ڪمال
آهي! گويا عورت جڏهن ماءُ جو روپ ٿي اختيار ڪري ته
هُن جي هڪ عام انسان واري شخصيت جا ٻيا سڀ متضاد
پهلو موقوف
ٿا ٿي وڃن ۽ هوءَ صرف ”ماءُ“ ٿي رهجي وڃي، جيڪا
سراپا شفقت، سراپا قرباني ۽ سراپا دعا آهي! جيڪا
جنت جي هوا آهي ۽ جيڪا دنيا جي ٿڌيءَ ڪوسيءَ ۾ ڇپر
۽ ڇانوَ.
پنهنجي اميءَ جي باري ۾ به ظاهر آهي ته آءٌ اهوئي
چوندس ته ”منهنجي ماءُ جهڙي ته ڪا ماءُ ٿيڻي ئي
ناهي!“ پر محض انهي انديشي کان پنهنجي ماءُ جي
باري ۾ پنهنجو تاثر ڏيڻ کان لنوائي به ته نٿو
سگهان ته ماڻهو چوندا ته ڪهڙي نئين ڳالهه ڪئي اٿس؟
سچ اهو آهي ته جيئن گل کان خوشبو کي جدا نٿو ڪري
سگهجي ۽ جيئن ماکيءَ کان مٺاس کي جدا نٿو ڪري
سگهجي، تيئن ئي اميءَ جو پيار منهنجي دل کان جدا
نٿو ڪري سگهجي! امي ته منهنجي وجود جو حصو آهي؛
منهنجو روح آهي. امي آهي ته آءٌ به آهيان، نه ته
بس!! بقول استاد بخاري ”ها، مان تنهنجي بنا ڪجهه
به ته ناهيان“.
اميءَ پنهنجي زندگي جي باري ۾ اسان کي هميشه هر
ڳالهه بار بار پئي ٻڌائي آهي. ارڙنهن سالن تائين
پيءُ ۽ ماءُ جي بي انتها لاڏ ۽ پيار ۾ پليل منهن
چاڙهه ڇوڪري جڏهن ستٽيهن سالن جي هڪ جهان ديده شخص
جي گهر اچي ٿي ته هن جي روين ۾ ۽ هن جي شخصيت ۾
هڪدم ايتري تبديلي اچي وڃي ٿي جو هوءَ هڪ ذميدار
عورت بنجي وڃي ٿي. ڪٿي پيءُ جي نصيحت ته ”امان هي
پڙو منهنجي ’حور‘ جي نشاني آهي. پاءِ ڀلي نه، پر
وڪج به نه!“ ۽ ڪٿي بوا حليمان جي محض هڪ معمولي
اظهار تي اهو ئي پڙو، گج ۽ چنيءَ سميت بوا لاءِ
حاضر! ڀلا آهي ڪو ٻيو انسان جيڪو ايترو سليم
الفطرت هجي؛ ايترو معامله فهم هجي؛ ايترو وسيع
القلب هجي؟ پوءِ ڀلا اسان جو بابا سائين اميءَ جو
حد درجه قدر شناس ڪيئن نه ٿيندو؟ بابا پاڻ به ته
الله تعالى جي شانِ تخليق جو هڪ عظيم شاهڪار هو.
پر ياد رهي! ته محبت ۽ قدر شناسيءَ جي هن مثالي
رشتي ۾ خود فراموشي ۽ خود قرباني جي ابتدا اميءَ
ڪئي هئي!
شايد الله تعالى اميءَ کي آئينده زندگي ۾ ايندڙ
مرحلن لاءِ تيار پئي ڪيو. واقعي بس. پوءِ ته
امتحانن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. ڌيئن مٿان
ڌيئون. ڪي ملن ته وري وڇڙي وڃن؛ ٻه پٽ لڳاتار، هڪ
ٻئي پويان هنج ۾ اچن ۽ وري جدائي جا زخم ڏيئي هليا
وڃن. پاڙي وارن جون ڳالهيون تازن زخمن تي ڄڻ لوڻ!
ڪي آزمائشون به آزمائشن جهڙيون! ته به صبر، ته به
ضبط، ته به حوصلو، ته به الله ۾ اميد.
اهي ڳالهيون اسان ته ٻڌيون، پر اسان جي ٻارن به
جڏهن ٻڌيون ته انهن جي دلين تي به انهن جو بي
پناهه اثر ٿيو ۽ آءٌ سمجهان ٿوته انهن جي شخصيت ۽
ڪردار جي تعمير ۾ انهن ڳالهين جو تمام گهڻو حصو
آهي.
اڄ اميءَ جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي.
سچي ڳالهه اها آهي ته مون هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو
فيصلو اَمي جي تعريفن ۽ پنهنجي سعادتمندي ظاهر ڪرڻ
لاءِ نه ڪيو آهي، بلڪه آءٌ صدقِ دل سان سمجهان ٿو
ته امي جي زندگيءَ جا واقعا، اميءَ جا تاثرات،
آزمائشن ۾ اميءَ جو ضبط ۽ حوصلو ۽ زندگيءَ کي
هرحال ۾ تعميري انداز ۾ گذارڻ. اهي سڀ ڳالهيون
اسان جي نوجوان نسل توڙي پڙهندڙن جي لاءِ هڪ
’مشعل راهه‘ ٿي سگهن ٿيون.
اَميءَ جڏهن هي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو هو ته هُن
سڀني کان پهريائين مون سان حال اوريو هو. مون ان
وقت سوچيو هو ته واقعي حڪمت ۽ دانش جو هي املهه
خزانو ڀلي ته اسان لاءِ محفوظ ٿي وڃي. پوءِ امي
انهن مان ڪي ٽڪرا ۽ واقعا ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڙهي
ٻڌائيندي به هئي. آءٌ اميءَ جي همت افزائي ڪندو
هئس. ڪڏهن ڪڏهن ڀيڻن کي ۽ ڀاءُ مشهود کي فون تي
يا روبرو به ڪجهه احوال ٻڌائيندي هئي. سڀني جي دل
۾ جذبو هو ته امي ضرور لکي. اهو اسان جو خزانو
هوندو. پر امي جو سچو همدم ۽ همراز منهنجو پٽ
فرحان هو. جيڪو اميءَ جي ڪمري ۾ رهندو هو. رات جو
سُمهڻ کان اڳ امي هُن کي سڄي ڏينهن دوران لکيل
ڳالهيون پڙهي ٻڌائيندي هئي. فرحان ٻڌي پوءِ چوندو
هو ته ”ڏاڍو سٺو امي جان! پوءِ ڀلا ڇا ٿيو؟“ فرحان
خاندان ۾ جيترو اڄ هر دلعزيز آهي، ان ۾ اميءَ جي
تربيت جو حقيقتاً وڏو عمل دخل آهي.
بهرحال، ڳالهه پئي ڪيم امي جي ڪتاب جي. شروع ۾ ته
اهو خيال هو ته هي هڪڙو ننڍڙو ’ياداشت نامو‘
هوندو، پر جڏهن ترتيب سان پڙهيم ته الائجي ڪيترن
هنڌن تي لڙڪ جهلي نه سگهيس. ڪيترائي اڳ ۾ ٻُڌل
واقعا جڏهن پڙهيم ته لڳو ائين پئي ڄڻ سڀ ڪجهه
منهنجي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. ايترو ته اثر هو
امي جي لکڻ ۾.حقيقت نگاري، جذبات جي گهرائي، خيالن
جي پختگي، سچائي سان لبريز دل کي ڇُهندڙ اندازِ
بيان. محسوس ڪيم ته هي خزانو صرف هڪ ڊائريءَ جي
صورت ۾ نه هئڻ گهرجي بلڪه اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻن
جي اساس هئڻ کپي. تڏهن شاهد ميمڻ جيڪو خيرپور ۾
هوندو هو، ان کي چئي ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرايم. رات
جي ماني کان پوءِ امي جي ڪمري ۾ بيڊ تي ويهي
رهاڻيون به ڪيون ۽ ڪتاب به ايڊٽ ڪيو. ڪيترن ئي
راتين جو ڪم هو مگر وقت ڏسڻ ۾ ئي نه پئي آيو.
ٽائٽل ۽ عنوان جوڙياسون. هر ڳالهه ۾ اسان ٻئي هم
خيال هوندا هئاسون. يارنهن ڪاپيون ٺهي تيار ٿيون.
ڀيڻن ڀائرن ورهائي کنيون.
ڇهه سال ايئن ئي گذري ويا. منهنجي ڀيڻ عزيز خاص
طور تي هن ڪتاب کي دل ۽ جان سان هنڊائيو. بار بار
پڙهيائين
۽ ان جو ايترو ته اثر قبول ڪيائين، جو پاڻ به لکڻ
شروع ڪري ڇڏيائين. ٻين ڀيڻن توڻي ڀاءُ مشهود هن
ڪتاب کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائي ڇڏيو.
سال 2014 جي 5 جنوري تي جڏهن بابا سائين جي ڪتاب
”سفر زندگيءَ جو“ جي رونمائي ٿي، ته ان پروگرام جي
مک مهمان اسان جي مانواري محترمه مهتاب اڪبر راشدي
صاحبه هئي. ان وقت اسٽيج تي اَمي اهو ڪتاب کيس
ڏنو. امي جو ڪتاب ڏسي، ميڊم مون کي حڪم ڏنو ته
”شاهد! تنهنجي آئنده اسائنمنٽ اها آهي ته امي جو
ڪتاب ڇپرائيندين.“ مون ادب سان ها ڪئي.
اڄ وڏا وڙ ڪري ميڊم صاحبه ڪتاب جي ’مهاڳ‘ طور جيڪو
امي ۽ اسان جي خاندان بابت لکيو آهي ۽ ڪتاب جي
مطالعي مان جيڪي نُڪتا نروار ڪيا اٿائين تن بابت
لکڻ کان قلم قاصر آهي، حقيقت اها آهي ته هن ڪتاب
جي اشاعت ۾ ميڊم جنهن انهماڪ سان حصو ورتو آهي ۽
سهڻيون صلاحون ڏنيون آهن، اهي ڳڻ ڳائڻ کان مٿي
آهن. الله پاڪ کين ان جو اجر عطا فرمائيندو.
اسان جو پيارو ڀاءُ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب بابا
سائين جي ڪتاب وانگر هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ به
ڪمر بسته ٿيو. ان جي شب و روز محنتن ۽ بي پايان
ڪاوشن جو ثمر اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. آءٌ ڊاڪٽر
آفتاب ابڙي صاحب جو تهِه دل سان ٿورائتو آهيان.
الله تعالى کيس پنهنجي امان ۾ رکي ۽ کيس ڪڏهن به
ڪو لوڏو نه اچي.
مون کي يقين آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ توهان
جي دل تي اهو اثر ضرور ٿيندو ته زندگي کي مقصديت
تي گذارڻ جو اِهو به هڪ قابل قدر انداز آهي ۽ آءٌ
سمجهندس ته اسان جي قابل احترام ڀيڻ محترمه مهتاب
اڪبر راشدي صاحبه جي هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ
بابت هدايت، مانواري ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي رات
ڏينهن جي عرق ريزي ۽ منهنجي ادنى ڪاوش کي ڄڻ ته
توهان جي طرفان پذيرائي ملي ويئي.
اَميءَ جي پيرن جي پڻي
قاضي شاهد پرويز
ٻئي ڇاپي بابت
ٻه اکر
ڪتاب جي پهرئين ڇاپي کي سنڌ جي انتهائي احترام
لائق علمي ۽ ادبي حلقي ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي.
ڪيترن ئي دانشورن جا خط موصول ٿيا. گهرن ۾ هن
ڪتاب عورتن توڻي مردن ۾ يڪسان مقبوليت ماڻي.
زندگيءَ جوسفر جاري رهيو، تان 13- سيپٽمبر 2021ع
جو اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن ازل اسان کان
اسان جي امي جدا ڪري ڇڏي. اِنالله وَاِنااليـﮧ
راجعون.
غم ۽ اندوهه جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جي برادريءَ سان
گڏ بي انداز دوستن ۽ اديبن اسان جو ڏک ونڊائيو.
الله تعاليٰ شل انهن سڀني جون دعائون امي جي حق ۾
پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي.
سڀني کان وڌيڪ قابلِ ذڪر هستي جن منهنجي دل کي آٿت
ڏني، اهي هئا سروري جماعت جا روحاني پيشوا، عوام
دوست، سياستدان، علم دوست ۽ ادب نواز هستي جناب
مخدوم جميل الزمان صاحب جيڪي پنهنجي لائق فرزند
جناب مخدوم محبوب الزمان ريوينيو منسٽر سان گڏ
منهنجي گهر تشريف فرما ٿيا.
انهي موقعي تي انهن پنهنجي علم دوستيءَ
جو ثبوت ڏيندي فرمايو ته توهان جي والده محترمه جو
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائڻ گهرجي. انهيءَ جي
ڪجهه ئي ڏينهن اندر مون کي جناب سيد سڪندر علي
شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جو خط مليو، جنهن ۾
انهن مون کي آگاهه ڪيو ته لائق صد احترام جناب
مخدوم سعيدالزمان’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي
خواهش تي ’بورڊ‘ منهنجي والده محترمه فاطمه زهره
قاضي جو هي ڪتاب ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. منهنجو
۽ منهنجي خاندان جو ته ڄڻ ڏک ئي لهي ويو! سنڌ جون
ٻه انتهائي مانائتيون هستيون ۽ سنڌ جو عاليشان
ادبي ادارو اميءَ جي ڪاوش کي پذيرائي بخشي، ٻيو
اسان کي ڇا کپي؟
سنڌي ادبي بورڊ منهنجي سوچ کان به وڌيڪ تيز رفتاري
سان ڪم ڪيو آهي. اڄ هي ڪتاب ڇپائيءَ جا مرحله طئه
ڪري خوبصورت ٽائيٽل سان اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾
آهي.
آءٌ هڪ دفعو وري جناب مخدوم جميل الزمان صاحب ۽
جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب چيئرمين سنڌي
ادبي بورڊ
جو
پنهنجي طرفان، اميءَ جي سڄي اولاد طرفان بلڪه سنڌ
جي هر فرد جي طرفان ٿورو مڃيان ٿو، جن هن ڪتاب کي
عوام جي اڳيان وسيع پيماني تي آڻڻ جي سعي ڪئي آهي.
اميءَ جي زندگي جي حالات مان ۽ انهن حالتن کي
گذارڻ جي سليقي مان جنهن جنهن انسان جي زندگيءَ ۾
ڪو مثبت موڙ آيو، ان جو اجر الله تعاليٰ انهن
هستين کي عطا فرمائيندو. آمين.
اَميءَ جي پيرن جي پڻي
قاضي شاهد پرويز
26- نومبر 2021
سنڌ
جي اَڏول عورت
پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ لکڻ جو
موقعو مليو آهي، ڪن تي تبصرو، ته وري ڪن جو تجزيو
به ڪيو هوندم، اِهي علمي نوعيت جا ڪتاب هوندا آهن،
ادب جي مختلف صنفن سان انهن جو تعلق هوندو آهي.
شعر و شاعري، افسانه، ناول، سفر نامه ۽ سوانح
حيات. پر هي ڪتاب جيڪو منهنجي هٿ ۾ آهي، سو پنهنجي
نوعيت جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. نه ته ان جي ليکڪا ڪا
معروف اديبه آهي ۽ نه ئي وري هن ڪڏهين به پنهنجي
لکڻي ڇپائڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪئي آهي. هي تحرير يا
مسودو، جيڪو هاڻ هڪ ڪتاب جي صورت اختيار ڪري چڪو
آهي ۽ ڇپجڻ لاءِ تيار آهي، سو در اصل هڪ عورت جي
ڪهاڻي آهي، جنهن؛ عورت جي تخليق ۽ وجود جي اُتم
درجي ”ماءٌ“ واري منزل ماڻڻ کان پوءِ، پنهنجي
حياتي جا گهاريل سڀ مهينا ۽ سال پنهنجي زندگيءَ جي
يادگيرين ۾ واپس موٽايا آهن. هي ڪهاڻي فاطمہ زهره
قاضي جي آهي، جنهن هن ڪتاب کي ”آءٌ جي اِهائي
ذات“ جو عنوان ڏنو آهي.
هن ڪتاب جو ’مهاڳ‘ لکڻ، منهنجي لاءِ هڪ انوکو
تجربو آهي. جنهن لاءِ نه ته مون کي پوين ادبي
حوالن ڏيڻ جي ضرورت ٿي محسوس ٿئي، ۽ نه ئي وري
فاطمہ زهره قاضيءَ جي لکڻيءَ جو ڪنهن سان ڪو
تقابلي جائزو پيش ڪرڻو اٿم. هي ڪتاب پنهنجي سِر هڪ
منفرد ڪتاب آهي. هن ڪتاب جا مخاطب؛ فاطمہ زهره جا
پنهنجا ٻار آهن. هن پنهنجيون سڄيون ساروڻيون، هڪ
هنڌ گڏ ڪري، پنهنجي ٻارن جي سامهون رکي ڇڏيون آهن.
مون کي خبر آهي ته فاطمہ قاضيءَ هي ڪتاب صرف سندس
نياڻين ۽ پُٽن لاءِ ئي سَرجيو هيو.
قاضي
علي محمد صاحب جي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي، هن
ڪتاب جي مسودي ڏسڻ جو موقعو مليو. سرسري نظر وجهڻ
سان ئي اندازو ٿيو ته، هن کي ڪتابي صورت ۾ پڌري
ڪرڻ جي ضرورت آهي. قاضي شاهد پرويز، هڪ لائق فرزند
جو فرض ادا ڪندي، پنهنجي والد صاحب قاضي علي محمد
صاحب جي حياتيءَ جو احوال، ”سفر زندگيءَ جو“ جي
عنوان هيٺ ڇپرائي پڌرو ڪيو. مون کي ذاتي طور تي
اها خبر آهي ته اُن ڪتاب ڇپرائڻ ۾، قاضي شاهد صاحب
ڪيتري دلچسپي ورتي هئي. سنڌ حڪومت جي هڪ اهم کاتي،
’ورڪس ۽ سروسز‘ جي سيڪريٽري هئڻ جي باوجود؛ شام ۽
رات جا ڪيئي پهر ان ڪتاب جي پرنٽنگ جي حوالي سان
”پيڪاڪ پبلشنگ هائوس“ ۾ گذاري، ان ڳالهه جو
اطمينان ڪيو ته هو پنهنجي والد صاحب جي مان ۽ شان
مطابق کيس هڪ سهڻي ڪتاب جو نذرانو پيش ڪري.
سندس والده جي هن ڪتاب جو مسودو منهنجي هٿ ۾ هو ۽
مان ان کي اٿلائي پٿلائي ڏسي رهي هئس. جنهن ۾
سندس ساروڻيون هيون، جيڪي هن پنهنجي اولاد جي
حوالي ڪيون ته جيئن هو پنهنجي خانداني پس منظر کان
آگاه هجن ۽ اِها به کين خبر رهي ته اڄ هو جنهن
منزل ۽ مقام تي پهتل آهن، کين اُتي پڄائڻ ۾ سندن
والدين ڪيتري جدوجهد ڪئي هئي.
ايئن ڪڏهين ٿيندو ناهي، خاص طور تي ڪنهن عام عورت
جي ئي حوالي سان؛ (پوءِ ڀلي ته هوءَ تعليم يافته
ڇونه هجي) ته هو پنهنجي زندگيءَ جا حالات اهڙي
نموني قلم بند ڪري يا ڊائري لکي. زندگيءَ جون هڙئي
لاهيون چاڙهيون بيان ڪري. پاڻ تي گذريل هر وارتا
بيان ڪري، دردن جا داستان به لکي ته خوشيءَ جون
ڪهاڻيون به ٻڌائي، ۽ پوءِ پنهنجي زندگي جي
لئبارٽيريءَ مان حاصل ڪيل تجربن کي پنهنجن ٻچن
لاءِ هڪ سبق جي صورت ۾ ڇڏي وڃي. |