منهنجي لاءِ هي مسودو، ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم
هو. هڪ، ته هي تحرير اهڙي سنڌ جي عورت جي قلم مان
نڪتل هئي، جنهن کي ورهاڱي کان اڳ، اسڪول وڃڻ جو
موقعو مليو هو. هُن بنيادي تعليم حاصل ڪئي ۽ نه
صرف ايترو، بلڪه اڳتي هلي، ان جو فائدو هن پاڻ
جهڙين ٻين نياڻين تائين پهچائڻ لاءِ ساڳي اسڪول ۾
پڙهايو پڻ. اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟ اسان جي هن روايتن
جي اسير معاشري ۾ عورتن مٿان اها مهرباني ڪرڻ وارا
اِهي دلير مرد ڪير هئا، جن پنهنجي اولاد؛ سا به
نياڻي کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو ڪشٽ ڪيو ۽ وري
نوڪري به ڪرڻ ڏنائون. ڇا ان مهل اسان جو سنڌي
معاشرو ايترو سجاڳ هيو، جنهن فاطمہ زهره جهڙين
نينگرين تي علم جا دروازا کولي ڇڏيا؟ اِهي ۽ اهڙا
ڪيترائي ٻيا سوال منهنجي ذهن ۾ هئا، جن جا جواب
ڳولهڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو ڪيم. پڙهڻ کان پوءِ،
شاهد قاضيءَ صاحب کي چيم ته پنهنجي والد صاحب جي
يادگيرين وارو ڪتاب ڇپرائي توهان پنهنجو فرض ضرور
پورو ڪيو آهي ۽ يقينا اُهو ڪتاب سوانح نگاري ۾
پنهنجي جاءِ ضرور پيدا ڪندو؛ پر توهان جي والده جي
ساروڻين تي مشتمل هي ڪتاب، ماڻهن جي هٿن ۾ اچڻ
ڏاڍو ضروري آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اهڙي قسم جو
ڪتاب، رڳو هڪ انسان جي ڪهاڻي ناهي هوندو بلڪِ اهو
ان دور جي سماج جو احوال ۽ هڪ دستاويز ٿئي ٿو،
جنهن ۾ اهو شخص پنهنجي زندگي گذاري مٿي چڙهيو آهي.
پر جي اِهو داستان هڪ عورت بيان ٿي ڪري ته ان جي
اهميت اڃا به وڌي ٿي وڃي.
اها حقيقت آهي ته عورت پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽
پنهنجن رشتن کي مرد جي مقابلي ۾ ٻئي نگاهه سان
پرکي ٿي جيڪو مرد جي نقط نظر کان بلڪل مختلف ٿئي
ٿو. عورت جي دنيا، سندس گهر جي اندر جي دنيا آهي،
جنهن کان مرد گهٽ واقفيت رکي ٿو. بلڪه ايئن چوان
ته غلط نه ٿيندو ته ’گهر واري دنيا کان واقفيت به
کيس عورت ئي ڪرائي ٿي.‘ جي اِها واقفيت ۽ حال
احوال ٻاهرين دنيا جا معاملا نبيري گهر اندر
گهڙندڙ مرد کي مثبت نموني ٻڌائبا ته سندس زندگي پر
سڪون رهندي. پر جي گهر اندر ئي ممڻ مَتل هوندو ته
مرد جي زندگي به دوزخ بڻجي ويندي.
محترمه فاطمہ قاضي جي ڪتاب کي پڙهندي، اِن ڳالهه
جو احساس بار بار ٿئي ٿو ته، گهر ۾ سڪون جي فضا کي
برقرار رکڻ لاءِ عورتن کي جن پيڙائن مان گذرڻو پوي
ٿو، ان جو اندازو مرد کي شايد گهٽ ئي ٿئي ٿو. شاهد
جي هن ڪتاب کي ڇپرائڻ يا نه ڇپرائڻ جي باري ۾ هٻڪ
کي محسوس ڪيم. سندس چوڻ ته هي سندن خاندان متعلق
ڪتاب آهي، جنهن ۾ والده محترمه صرف تمام سادگيءَ ۽
سچائيءَ سان مٽن مائٽن جو ذڪر ڪيو آهي، بلڪه
ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون قلمبند ڪيون آهن، جيڪي
عام طرح سان ماڻهو پاڻ تائين ئي محدود رکندو آهي ۽
ٻين کي ان جي لکا ئي نه ڏيڻ چاهيندو. ڪنهن مٽ مائٽ
جو نالو سُٺي پيرائي ۾ آيو هوندو ته ڪنهن سان ڪا
کِٽ پٽ به ضرور ٿي هوندي. هو اِن کي ڪيئن محسوس
ڪندا؟ ۽ ٻيو اِهو ته ڀلا پنهنجي گهر ۽ خاندان جا
قصا ٻين کي ٻڌائجن به ڇو؟ ٻين کي ان ۾ ڪهڙي دلچسپي
ٿي سگهي ٿي؟
منهنجي ان سلسلي ۾ راءِ اِها هئي ته جهڙي نموني
امان فاطمہ، هي ڪتاب لکيو آهي، اُهو توهان کي سنڌ
جي هڪ پسمانده علائقي ٿر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ‘ڏيپلي’
جي ان ماحول ۽ حالتن کان واقف ٿو ڪرائي، جنهن
کان اسان عام طرح نا واقف آهيون، سوبه اڌ صدي کان
به وڌيڪ عرصو اڳ وارو ٿَرُ ۽ ڏيپلو!!؟ اُتي جي
ماحول ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ اتي 87 سال اڳ پيدا ٿيندڙ
عورت ڪيئن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪئي! اُٺن جي
سواري کان وٺي جيٽ جهازن تائين ڪيئن پهتي؟ ڪهڙي
ماحول ۾ وڏي ٿي! اِها ٻي ڪنهن لاءِ هجي نه هجي،
سنڌ جي عورتن لاءِ هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي پڙهڻي ضرور
ٿيندي.
ٻه چار سال اڳ، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس هڪ سنڌياڻي
غلام فاطمہ شيخ جي ساروڻين تي مشتمل هڪ ڪتاب ’Foot
Prints in History‘
ڇپرايو هو، جنهن جي مهورت واري تقريب جي
ڳالهائيندڙن ۾ هڪ مان به هئس. سندس هڪ نياڻي رشيده
اخلاق صاحبه ان ڪتاب کي وڏي جاکوڙ سان ترتيب ڏئي
پڌرو ڪرايو هو. اهو ڪتاب ته ڇپجڻ اڃان به ڏکيو هو
جو غلام فاطمہ شيخ ته هڪ اکر به پڙهيل نه هئي، پر
جهڙي نموني هن عورت پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد ۾
پنهنجي مڙس جو ساٿ ڏنو، جنهن نموني پنهنجو ملڪ
ڇڏي، ترڪي، سعودي عرب ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ جهاڳي،
پاڻيءَ جي جهازن جا سفر ڪري، پاڻ، پنهنجي گهرواري
۽ اولاد کي سنڀاليو، ڪيئن هن سندن تعليم ۽ تربيت
ڪئي. پاڻ اڻ پڙهيل هئڻ جي باوجود، ڌيئرن کي اعليٰ
تعليم ڏياريائين. اهو سڀ ڪجهه هڪ افسانوي داستان
ٿو لڳي. اِهو ڪتاب ممڪن بنائڻ ۾ سندس نياڻي رشيده
اخلاق جو وڏو ڪردار آهي، جنهن پنهنجي والده جون
يادگيريون زباني رڪارڊ ڪيون، هوءَ ڳالهائيندي وئي
۽ اُهي رڪارڊ ۽ قلمبند ٿيون ۽ پوءِ ان کي ڪتابي
شڪل ۾ آندو ويو. اُن غلام فاطمہ جي اولاد به
زندگيءَ ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. سندس اولاد مان
ڪي ڊاڪٽر، ڪي سفارتڪار ٿيا. نياڻيون سٺن گهرن ۾
پرڻجي ويون، هڪ نياڻي، علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي جي
گهر واري ٿي ۽ هڪ عرصي تائين عورتن لاءِ وقف ٿيل
ماهوار رسالي ”اديون“ جي سرپرست اعلى رهي ۽ انجي
اولاد ڊاڪٽر عيسيٰ دائود پوٽو اڄ به علم جي ترويج
۾ مصروف آهي. منهنجي سامهون ان ڪتاب جو مثال
موجود هو. شاهد به قائل ٿيو ۽ اڄ هي ڪتاب توهان
جي هٿن ۾ آهي.
پڙهندڙ هڪ ڳالهه جو خيال رکن ته، هي ڪتاب پنهنجي
ترتيب ۽ لکت ۾ کين ٻين ڪتابن کان مختلف ملندو. هن
کي بلڪل ايئن ئي رکيو ويو آهي، جيئن محترمه فاطمہ
زهره چاهيو پئي. هُن اِن ڪتاب ۾ ڪنهن ڦير ڦار جي
اجازت ئي نه ڏني آهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي
ڳالهين ۽ واقعات جو ورجاءُ به ملي ٿو. ڪٿي ڪٿي
اوچتو ڪنهن ڪردار جو ذڪر اچي ٿو وڃي، جنهن کان
پڙهندڙ اڳ ۾ واقف ناهي. پر اڳتي هلي هن کي لکڻ
واريءَ سان سندس تعلق جي خبر پوي ٿي.
هي ڪتاب مروجه طريقه ڪار کان هٽي لکيل آهي. ڇو ته
مصنفه، مستند اديبه ناهي، ان ڪري هوءَ مروجه طريقه
ڪار کان ناآشنا به آهي، پر هن جا لفظ، احساسات ۽
اظهار، انتهائي واضح، ساده ۽ اثر انگيز آهي. غلام
فاطمہ شيخ جي برعڪس؛ جنهن جي آتم ڪهاڻيءَ کي لفظ
ڪنهن ٻئي ڏنا؛ فاطمہ زهره ان معاملي ۾ خوش قسمت
آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي پنهنجي قلم سان
پاڻ قلمبند ڪئي آهي. ۽ قارئين، ڇا ته ڪهاڻي آهي!
توهان سن 1927ع جي ان وقت جو تصور ڪيو، جڏهين 4-
اپريل تي جمع جي ڏهاڙي ڏيپلي جي زميندار گهراڻي،
وڏيري گل محمد مُکيءَ جي گهر ۾ هڪ نياڻي پيدا ٿي
ٿئي. جنهن جي ماءُ سندس والد جي ٻي گهرواري هئي،
جنهن جو نالو، سندس والد صاحب فاطمہ زهره رکيو ۽
ڏاڏي کيس پيار مان ”پَنِلَ“ ڪوٺيو، جو اُهو سندس
اُن ڀيڻ جو نالو هو، جيڪا گذاري وئي هئي. اُن
ڏاڏي، هن لاءِ سندس ننڍپڻ ۾ اها پيشن گوئي ڪئي هئي
ته، “ننڍڙي پَنِلَ وڏا سفر ڪندي، هن جي پير ۾ پدم
آهي، وڏي ڀاڳ واري آهي.” ڀاڳ واري ته فاطمہ زهره
يقيناً آهي، ڇو ته هن جيڪو زندگيءَ ۾ حاصل ڪيو،
اُهو خوش قمست عورتن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. پر
اِهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هن عورت جيڪا جاکوڙ
ڪئي آهي، جيڪي ڪشالا ڪڍيا اٿس. اهڙي جدوجهد وري ڪا
عورت ورلي ئي ڪري سگهي ٿي.
هن ڪتاب جي لکڻ واري، نهايت سڌي ۽ سچار آهي. مجال
جو ڪا ڳالهه لِڪائي هجائين. هوءَ پنهنجي خاندان
کان وٺي پاڻ سان لاڳاپيل هر هڪ ڳالهه جو ذڪر
نهايت سچائيءَ سان ڪري ٿي. هوءَ پنهنجي متعلق اِهو
چوڻ کان نه ٿي گُسائي ته ”آءُ ننڍي هوندي ڏاڍي
چالاڪ هوندي هئس. آءُ تمام دادلي منهن چاڙهه ۽ اڻ
سهندڙ هيس.“ ۽ پنهنجي ڀيڻ حور کي پنهنجي ڀيٽ ۾
سمجهدار ۽ سنجيده ڪوٺي ٿي. پيءُ جي لاڏلي، جيڪا
سندس پيٽ تي به ليٽي ته هن وري کيس هٿ تِريءَ تي
رکي لاٽونءَ وانگر گهمايو جنهن اک کوليندي ئي
پنهنجي گهر ۾ خوشحالي ڏٺي، جتي ڏهه ٻارنهن ڍڳيون ۽
ٻه ٽي مينهون هر وقت هونديون ئي هونديون هيون. مکڻ
۽ ڌونئرا جام کائبا هئا، ٻاجهريءَ جا ڍير گهر ۾
پيا هوندا هئا. مِينهن جي مُند ۾ ”پپون ۽ ڪونڍير“
وٺڻ لاءِ ”اَن جي ڦانڊ“ ڀري دُڪان تي وڃبو هو ته
جهلڻ پلڻ وارو ڪو به نه هوندو هو. وسڪاري جي ڏينهن
۾، ننڍڙا گابڙا به جهليندي هئي ته انهن سان گڏ
ڊوڙندي هئي ته ماڻهو چوندا هئا ته ڇوڪري آهي يا
هرڻي! امڙ فاطمہ جي ياداشت غضب جي آهي. هن کي
پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ هڪ شيءِ هڪ هڪ ماڻهو ياد آهي.
کيس پنهنجي ڪڙه ۾ ڪم ڪندڙ ’ناٿو ڌنار‘ به ياد آهي
ته پنهنجي والد مکي گل محمد جا ساٿي، عالم درس،
پيرو راهمون، ڀورو منگهواڙ ۽ ڪاروڀيل به چٽيءَ ريت
ياد آهن.
کيس اِهو به ياد آهي ته، جڏهين هوءَ ڇهن سالن جي
ٿي ته سندس والد صاحب کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو
ته، ڇوڪرا ته اسڪول به وڃن ٿا، پڙهن به ٿا،
انگريزيءَ ۾ به ماهر ٿيندا ٿا وڃن، کين نوڪريون به
ملن پيون، پر ڇوڪرين لاءِ ته سواءِ قرآن پاڪ جي
تعليم جي ٻيو ڪجهه ناهي. اِهو ضروري آهي ته کين
زماني آهر تعليم ڏيارجي، ”ڇاڪاڻ جو اڳتي هلي اِها
ڳالهه ڏکي ثابت ٿيندي، ۽ اسان جون نياڻيون بي علم
رهجي وينديون. ڇوڪرن جي خيالن ۾ فرق اچي ويندو.“
ان مهل وڏويرو گل محمد مکي ”سينيٽري بورڊ“ جو
چيئرمين هو، سو پنهنجي ساٿي ميمبرن مکي سومار، مکي
تلوڪ چند، مکي ٻالو مل، مکي هيمنداس، ماما ابو
طالب کي ساڻ ڪري، ڪوششون ورتيون ۽ 1933ع ۾ ڇوڪرين
جو اسڪول منظور ٿيو، جيڪو ابتدائي طور تي ڪاڪي
هيمنداس جي گهر ۾ ٻن ڪمرن ۽ سندس اڱڻ ۾ شروع ٿيو ۽
مٺيءَ مان چاچو دُوارڪو مل هنن جو استاد ٿي آيو،
ڇاڪاڻ ته ڏيپلي ۾ ته ڪابه عورت استاد ته هُئي
ڪونه. ان اسڪول ۾ فاطمہ ۽ سندس وڏي ڀيڻ حور داخل
ٿيون ۽ پوءِ ”مکي صاحب جي گهر گهر وڃي، آگاهي ڏيڻ
کان پوءِ چڱي تعداد ۾ ڇوڪريون اسڪول ۾ داخل ٿيون.“
اتي مون کي پنهنجو والد صاحب به ياد ٿو اچي، جنهن
به پنهنجين نياڻين کي علم جي روشنيءَ سان مُنور
ڪرڻ لاءِ اهڙائي ڪشٽ ڪيا. ۽ اسان کي تعليم جو اهڙو
زيور ڏنائين جو اڄ اسان کان وڌيڪ امير شايد ئي ڪو
هوندو.
مان جيڪڏهين هن ڪتاب تي تفصيل سان لکڻ ويهندس ته
شايد اهو مهاڳ اڌ ڪتاب جيترو ٿي ويندو. ان ڪري
ڪوشش اها ڪندس ته مان توهان جي توجه اهڙين اهم
ڳالهين ڏانهن ڇڪايان جيڪي اسان جي سماجي تاڃي پيٽي
۾ اڃا به موجود آهن ۽ سنڌي عورت اڄ به انهن سان
ايئن ئي ويڙهاند پئي ڪري، جيڪا ويڙهاند، ڪتاب جي
ليکڪا اڄ کان پنجاه- سٺ سال اڳ ڪئي هئي. هتي، اِهو
ذڪر ڪرڻ ضرور ٿي سمجهان ته عورت جي زندگيءَ ۾
تبديلي ان مهل تائين ممڪن ناهي، جيستائين هن جي
زندگيءَ جي رشتن جي ڏور ۾ ٻڌل مرد، هن جو ساٿ نه
ڏين. فاطمہ زهره جي زندگيءَ ۾ ٻن مردن جو اهم
ڪردار نظر اچي ٿو. هڪ سندس والد صاحب ’وڏيرو مکي
گل محمد‘ ۽ ٻيو سندس گهروارو ’قاضي علي محمد.‘
سندس والد صاحب کيس حرف جي عظمت کان آشنا ڪرايو ۽
علم جي روشني سندس اندر ۾ اوتيائين ۽ کيس اسڪول جي
چانئٺ تائين پڄايائين، باقي ڪم ننڍڙي فاطمہ پاڻ
ڪيو. امتحانن ۾ پهريون نمبر به ايندي رهي ته
اسڪالرشپ جا امتحان به پاس ڪيائين. ست درجا پاس
ڪري ساڳي اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي. ڄڻ ته جيڪو
ڪجهه هن، اِن اسڪول مان پرايو، سو مُور سوڌو
موٽائي ڏيڻ لاءِ موٽي ان اسڪول ۾ آئي.
سندس ننڍپڻ، هر ٻار وانگر بي فڪري وارو ئي گذريو.
خوشحال گهراڻو، پيار ڪندڙ ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا ۽ گهور
ويندر ماءُ ۽ پيءُ. پر سندس مشاهدي ۽ تجربي ۾
ايندڙ سندس آسپاس گذرندڙ واقعن مان اِهو اندازو
پئي لڳيايان ته، هوءَ هڪ بيدار ذهن عورت هئي، جنهن
تي پنهنجي والد ۽ والده جي تربيت جو وڏو اثر رهيو.
پيءُ جي بي انتها محبت کي هوءَ وساري نه ٿي سگهي،
جيڪو هن کانسواءِ ماني نه کائيندو هو. پر جي مون
کان پڇو ته مون کي سندس والده وسندي ٻائي، سندس
زندگيءَ ۾ وک وک تي ساٿ ڏيندي نظر ٿي اچي. هُن
عورت جي زندگيءَ جو ته وري داستان ئي عجيب آهي. هڪ
ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جي شادي، اڳواٽ پرڻيل ۽ ٻن ٽن
ٻارن جي پيءُ سان ٿئي ٿي. ۽ شاديءَ جي پهرين رات
ئي وڏيري گل محمد مکي نوجوان زال تي پنهنجن پهرين
زال مان ڄايل اولاد لاءِ، اهو واضح ڪري ڇڏيو ته،
”منهنجي بدن جو ماس ڇلي کائج پر احسان (پٽ ) ۽
سکياڻي (ڀيڻ) جي ڳالهه شڪايت طور مون سان نه
ڪجانٰ.‘ ان کان پوءِ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي
ته، وسنديءَ جي اُن گهر ۾ ڪيتري هلندي هوندي؟ جيئن
پڙهندڙ هن ڪتاب ۾ پڙهندا ته گهر تي سڄي عمر
‘احسان’ جو ئي ڌاڪو رهيو. مُکي صاحب ته پٽ اڳيان
مجبور نظر آيو ۽ احسان ته ڪنهن ريت به نه ته
پنهنجي ٻي ماءُ سان ڪو احترام جو رشتو نڀائڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي وري ڀيڻ جي مٿان هٿ رکيائين.
امڙ فاطمہ جي والده وسندي، هڪ غير معمولي عورت ٿي
ڏسجي! سگهڙ پائي ۾ هن جو ڪو مٽ ڪونه هو. ڪمن ۾ ڀڙ،
محنت ۽ مشقت ۾ زور، ٻه ٻه دلا پاڻيءَ جا مٿي تي ۽
هڪ دلو ڪَڇ تي کڻي ايندي هئي. ڀرت ڀرڻ ۾ ڀڙ. رسم و
رواج مطابق پنهنجي ڌيئرن کي شاديءَ ۾ پنجويهه گج،
پنهنجن هٿن سان ڀري ڏنائين. سڄي پاڙي جي عورتن جي
هلڪين ڦلڪين بيمارين ۾ پئي علاج ڪندي هئي. ايتري
قدر جو هڪ دفعي احسان کي هڏڪيءَ جي تڪليف ٿي پئي
ته گهرو ٽوٽڪن سان ان جو به علاج ڪيائين. سندس
تعريف ڪندي، ڊاڪٽر حامد چيو ته ”هيءَ مائي ستن
مردن جو مٽ آهي، ڏيپلي جي شهر ۾ اڃان ڪنهن ماءُ
اهڙي ڌيءَ نه ڄڻي آهي.“ دلير اهڙي جو اڃان ڪنهن
نانگ ڏسي رڙ ڪئي ناهي ته؛ مردن کان اڳ وسندي اتي
پهچي اچي بلا کي ماريندي. آواز جي سُريلي. مُکي
صاحب سامهون ويهاري يا سفر دؤران (جيڪو اُٺن تي ئي
ٿيندو هو) کائنس پنهنجي پسند جا راڳ ڳارائيندو
هو. امان وسنديءَ جي قسمت ۾ پُٽ جو اولاد ڪونه
هو، هن جي هڪ ڌيءَ حور، ننڍي عمر ۾ شادي کان پوءِ،
پهرين ٻار پيدا ٿيڻ سان ئي گذاري ويئي، ٻار به نه
بچي سگهيو. هيءُ سڀني لاءِ وڏو صدمو هو، پر ماءُ
کي ته حور جي وڇوڙي جهوري ڇڏيو. پر ان کان پوءِ
فاطمہ زهره جي شاديءَ کان وٺي، پنهنجي آخري ساه
کڻڻ تائين هن پنهنجي هن لاڏلي ڌيءَ جو ساٿ نه
ڇڏيو. هر ڏکي ۽ سکي گهڙيءَ ۾ ڌيءَ سان ٻانهن ٻيلي
رهي.
مڙس جي فرمانبردار زال، ٻارن جي لاءِ ساه گهوريندڙ
ماءُ، اوڙي پاڙي جي واهر ڪرڻ واري عورت سندس مڙس
جي خاندان جي اڻ بڻت سبب جڏهين جهيڙا شروع ٿيا ۽
معاملا وڃي ڪورٽن تائين پهتا ۽ وڏيرو گل محمد،
مالي پريشانين ۾ وڪوڙ جي ويو ته انهيءَ صورتحال ۾
هوءَ مڙس سان هڪ مضبوط پهاڙ وانگر بيٺي رهي. اوڙي
پاڙي جي ڪپڙن جي سلائي کان وٺي هٿ جو پورهيو ڪرڻ ۾
ڪو عيب نه ڄاتائين. زندگيءَ ۾ اڳتي هلي، جڏهين
مُکي صاحب پنهنجي سڄي ملڪيت پنهنجي پُٽ احسان جي
حوالي ڪئي ته بس ايترو ڏوراپو ڏنائينس ته، ”مون
وٽ هڪڙو پٽ هجي ها ته تون ايئن نه ڪرين ها. ڪنهن
کي ڏيان ڏوهه، اَمر مون سان ايئن ڪيو.“ پنهنجي
ڌيئرن کي بهترين تربيت ڏنائين. اُن زماني ۾
”تاريلو“ ٿيندو هو، يعني ڪنهن هڪ گهر ۾ گڏجي ويهي
ڀرت ڀرينديون هيون. کين اڳٺ ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ ۽
کجيءَ جي ٽاري مان مانيءَ جون دٻڪيون ٺاهڻ
سيکاريائين.” سندس ڏنل اِها تربيت، سندس ڌيئرن؛
خاص طرح ته فاطمہ زهره کي سڄي زندگي ڪم آئي. هوءَ
به پنهنجي زندگيءَ جي مختلف لاهن چاڙهڻ ۾، مڙس سان
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ايئن ئي بيٺل نظر اچي ٿي، جيئن
هن پنهنجي ماءُ کي ڏٺو.
مکي گل محمد به هڪ شانائتو، شاندار، پڙهيل ڳڙهيل ۽
دلير مڙس نظر اچي ٿو. جنهن شخص پنهنجي نياڻين کي
علم جي دولت سان ڍائي ڇڏيو، سو جنتي ته اڳ ئي ٿي
ويو. ڏيپلي شهر جو چڱو مڙس، شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جو عاشق هو. هر سال ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي جي
زيارت تي ويندڙ. ”شاهه جو رسالو“ بر زبان ياد
هوندو هئس. ان جو اثر، فاطمہ زهره تي به نظر اچي
ٿو، جو هوءَ هر صورتحال کي شاهه جو بيت ڏئي واضح
ڪري ٿي. ڪتاب ۾ توهان کي ان جو بار بار مظاهرو ڏسڻ
۾ ايندو. هو شاه جو ايترو ته مستند ڄاڻو هو، جو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه سائين جي بيت جي هڪ سٽ
کي اڻپورو ڀائيندي، قاضي احمد محمد جي چوڻ تي اچي
ڏيپلي پهتو هو ۽ مُکي صاحب کان ئي صحيح بيت ٻڌي،
مطمئن ٿي ويو. پر هڪڙي عجب ڳالهه هيءَ ٿي جو، هن
پنهنجي دادليءَ ڌيءَ جو هٿ پڻ، اڳ ۾ شادي ڪيل شخص
جي هٿ ۾ ڏنو. امڙ وسندي، اڳ ۾ ئي پهاڄ ۽ اڳ ڄائي
اولاد جا ڌڪ جهليل هئي، تنهن جو ته هيانوَ ئي وڃي
پيرن ۾ پيو. پر فاطمہ زهره پنهنجي پيءَ جي ان
انتخاب کي بيحد ساراهيو آهي. حقيقت ۾ شادي لاءِ
فاطمہ جو انتخاب قاضي صاحب جو ئي چئجي، جنهن
پنهنجي لاءِ ڏيپلي جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سليقه مند
عورت کي منتخب ڪيو ۽ شادي لاءِ سندس هٿ گهريو.
قاضي صاحب جا ڳُڻ، امڙ فاطمہ بار بار ڳايا آهن.
”قاضي صاحب اسان جي لاءِ توڙي سڀني ٻارن لاءِ هڪڙي
الله سائين جي نعمت هئي. اسان کي خوش رکڻ ۾ هن
انسان ڪا ڪسر نه ڇڏي. اسين الله مهربان جي تعريف
ڪريون، جنهن کيس اهڙو شفيق ۽ مهربان پيدا ڪيو هو.
اسان ته بجاءِ خود، مگر قاضي صاحب ته پنهنجي اوڙي
پاڙي، دوست يار هر غريب امير ۾ ڪڏهين فرق نه
رکيو.“
فاطمہ قاضيءَ جو هيءُ ڪتاب، زندگيءَ جي ان فلسفي
تي مبني آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ کي چئلينج
سمجهڻ بجاءِ هڪ چئلينج طور ئي گهاريو آهي. سنڌي
معاشري جي پس منظر ۾ هن ننڍڙي عمر جي ڪنوار، جنهن
جي شادي 18 سالن جي عمر ۾ 37 سالن جي شادي شده، ۽
ٻارن ٻچن جي پيءُ سان ٿي. تنهن لاءِ انهن سڀني
رشتن سان نباه ڪرڻ ڪا مذاق نه هئي! فاطمہ قاضي
صاحبه ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي هڪ سادي سودي
انداز ۾ بيان ڪئي آهي. هن هر تڪليف کي رب طرفان
آيل ڏکيو وقت سمجهيو. صبر ۽ شڪر سان گهاريو ۽ هر
خوشي، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ تي ’الحمدالله‘ چئي
پالڻهار آڏو سوين سجده بجا آندا آهن.
شاديءَ کان پوءِ پُٽَ جي تمنا ۾ ڌيئرن مٿان
ڌيئرون ڄڻيائين. ڏيپلي ۾ ڊاڪٽرن ۽ دائين ۽ اسپتالن
جي نه هئڻ سبب اُتي جي عورتن جي ڀوڳنائن کان اسان
کي فاطمہ قاضي واقف ڪرايو آهي. انهن عورتن لاءِ
اهو ڪيڏو نه عذاب هوندو جن جا صحتمند پيدا ٿيل
ٻار، صحت جي سهولتن جي کوٽ سبب مائرن جي هنجن ۾ دم
ٽوڙي ڇڏيندا هوندا. فاطمہ قاضي به اهڙا پنهنجا ٻه
پٽ ۽ ٻه ڌيئر وڃايون. ماشاءَ الله هن جون پنج ڌيئر
۽ ٻه پٽ حال حيات آهن. رب پاڪ هنن کي وڏي زندگي
ڏي، پر ان سڄي هڻ هڻان ۾ چار ٻار پيدا ٿيندي يا
ٿورو عرصو جيئري رهڻ کان پوءِ گذاري ويا. انهن جي
وڃڻ جو غم سندس اندر ۾ اڄ به تازو آهي. پر اِها
صورتحال ان دؤر جي تقريباً هر عورت سان لاڳو هئي.
سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته صحت جون سهولتيون نه هئڻ
سبب شايد هڪ اهڙو ڪارڻ هو جو هر عورت يارنهن کان
پندرهن ٻار ڄڻڻ لاءِ به تيار هئي، ته من ڪي ٻچا
بچي پون. پر توهان سنڌ جي عورت جي قسمت ته ڏسو؟
اڄ کان سٺ سال اڳ به ٿر جي عورت انهيءَ اذيت مان
پئي گذري ۽ اڄ به صورتحال ساڳي آهي. ان جو مثال
پنج مهينا اڳ، ٿر ۾ آيل ڏڪار جي وقت ڏسڻ ۾ آيو،
جڏهين ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي سلسلي ۾ هڪ ڀيانڪ
صورتحال سامهون آئي، يا حڪومت جي بي حسيءَ پڌري
ٿي سامهون آئي. اڄ به ڌيئرون ڄڻڻ تي مرد، عورت کي
ئي قصور وار قرار ڏئي ٿو. فاطمہ صاحبه تمام سٺي
زال هئي، پر قاضي صاحب جهڙي فهميدي انسان به چوٿين
پنجين ڌيءَ ڄمڻ تي مهينو ڏيڍ کائنس ڪناره ڪشي
ڪندي ڪمري ۾ اچڻ ئي بند ڪري ڇڏيو هو!
هن ڪتاب جو سڀ کان روشن پهلو عورت جو اُهو عزم ۽
جدوجهد آهي، جنهن فاطمہ قاضيءَ کي سچ پچ ته عورتن
لاءِ هڪ مثبت مثال طور سامهون آندو آهي. قاضي صاحب
جي ڏکين معاشي ڏينهن ۾ ڪپڙا سبي، گهر جي حالتن کي
ٽيڪو ڏيڻ. پورهئي ڪرڻ کان نه گهٻرائڻ، اُٺن تي
سواري ڪري ڏيپلي کان ڪٿي به پهچڻ ۾ نه ڪيٻائڻ ۽
سندرو ٻڌي اهو ارادو ڪرڻ ته ڇوڪرين کي تعليم
ڏيارڻي آهي ۽ وقت اچڻ تي نوڪري به ڪيائيون ته ان ۾
به ڪو حرج ناهي، حالانڪه، مٽن مائٽن کين طعنن ڏيڻ
کان ڪين گهٽايو ته اُنهن ڇوڪرين کي کڻندو ڪير؟ ‘
پر فاطمہ ۽ قاضي صاحب ٻنهي عزم سان، پنهنجن ٻچن کي
نه صرف اعلى تعليم ڏياري، بلڪه بهترين تربيت سان
کين سنواريو. سندن ڇوڪريون تعليم ۽ ميڊيڪل جي شعبي
۾ موجود آهن. شاهد قاضي صاحب ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ،
سي.ايس.ايس ڪرڻ کان پوءِ هن مهل سنڌ گورنمينٽ ۾
سيڪريٽري آهي. مشهود، ڪمپيوٽر جي شعبي سان وابسته
آهي ۽ ڪئنيڊا ۾ رهائش پذير آهي. فاطمہ قاضي صاحبه!
اڄ هڪ بيحد مطمئن ماءُ آهي، پنهنجن ٻچن لاءِ هر
وقت دعاگو آهي ۽ سندس چپن تي هر وقت الحمدلله آهي.
رب جو شڪر ادا ڪندي، هن جو وات نه ٿو ٿڪجي. الله
سائين ان کي اولاد به صالح ڏنو آهي. شل بد نظر کان
بچيا رهن.
هي ڪتاب، ڪو ادبي شاهڪار ڀلي نه به هجي، پر هن کي
پڙهندي ڏيپلي جي ٻوليءَ جي چاشني ملي ٿي. موقعي جي
مناسبت سان، اُهي اُهي مثال ۽ پهاڪا موجود آهن،
جيڪي اسان کان اڄ نه صرف وسري ويا آهن بلڪه اسان
جي گفتگو ۾ سنڌي پهاڪن بجاءِ انگريزي لفظ داخل ٿي
ويا آهن. شاهه سائين جا بيت، هر ڪيفيت جي عڪاسي
لاءِ موقعي مهل جي حساب سان شامل آهن. ڪامياب
زندگي ڪيئن گذارجي؟ فاطمہ قاضي، پنهنجي اولاد لاءِ
اهي نصيحتون به لکي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن انهن مان ڪو
اصلاح وٺڻ چاهي ته کين ڪا جهل پل ڪانهي. رب جي
بارگاه ۾ بار بار جهڪڻ واري فاطمہ قاضي، پنهنجي
ايمان ۽ يقين مطابق دُعا جو تحفو به پيش ڪيو آهي.
ڪتاب پڙهڻ واري کي هن ڪتاب مان هر اُها شيءِ ملندي
جيڪا هو چاهي ٿو. مثلاً پراڻي سنڌ جو احوال، پدر
شاهي معاشرو، مرد جي حاڪميت، عورت جي محڪوميت،
تعليم جي فتح ۽ جِهِل جي شڪست، سنڌي عورت جو اڏول
هئڻ، ڪنهن به نموني آڻ نه مڃڻ. درحقيقت مختصر لفظن
۾ جيڪڏهين مان هن داستان تي تبصرو ڪيان ته هي
چوندس ته ”فاطمہ زهره قاضي، سنڌ جي عورت جو اُهو
روپ آهي، جيڪو باوقار، اَوِرچ، اَڏول ۽ قربانيءَ
ڏيڻ واري عورت جو روپ آهي. منهنجو يقين آهي ته سنڌ
جي عورت ڪالهه به اهڙي هئي، اڄ به اهڙي آهي ۽
سڀاڻي به اهڙي ئي رهندي. بس! هن کي پرکڻ واري نظر
۽ عزت ۽ تڪريم ڏيڻ واري کُليل ذهن جي ضرورت
آهي.
مهتاب اڪبر راشدي |