سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:3 

پنهنجي پاران

سکر سيئي ڏينهن جي مون گهاريا پرينءَ سين

آه! هيءَ زندگي ۽ هيءَ 65 سالن جي سهڻي رفاقت. آءٌ پنهنجي والدين جي هڪ لاڏلي 17 سالن جي ٻار- سوچيم ته ڪيئن هي سفر عزت ۽ احترام سان گذري سگهندو. مگر ڇا منهنجي سوچ ۾ ٻڏل خيال ۽ ڇا هن چندن جي خوشبوءِ سبحان الله! جنهن منهنجي زندگي ۾ جيڪا نواڻ آندي سا بيان ڪرڻ جي ڳالهه نه آهي، نه اصل نه. اسان جي مهربان ۽ شفيق رفيق حيات جناب قاضي صاحب هن ناچيز تي پنهنجي پيار ۽ محبتن جي نڇار جا اهڙا ته گُل کلايا جو  آءٌ ته بيان ڪرڻ کان به قاصر آهيان. منهنجي والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن کي اِنهن محبتن ۽ قدر شناسين  حيرت ۾ وجهي ڇڏيو الحمدالله. ۽ منهنجي والد صاحب جو هي انتخاب صحيح ثابت ٿيو.

 پير نه ڇڏيان پرينءَ جو، جانسين ٿي جيئان
حرف لٿي هيڪڙي، هتي تان نه هُئان
کيرون کٿيرن کي، وڃي ڏيهه ڏيان
آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏيهان

منهنجي هيءَ دعا آهي ته کين الله پاڪ پنهنجي ابردرياءِ رحمتن سان اُتي جنت الفردوس جي برين باغن ۾ جاءِ عنايت فرمائي. آمين ثم آمين  

۽ مٺڙي پياري جيءَ  جياري شاهد پٽ جنهن هن ڪتاب کي پذيرائي ڏني ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ حوصلي افزائي ڪئي، پنهنجي بي حساب مصروفيتن جي باوجود مون کي سهارو ڏنو، ان جو اجر عظيم کيس الله سائين جي بارگاهه مان  حاصل ٿئي ان شاء الله. آءٌ ڪيترا شڪر پنهنجي پالڻهار رب پاڪ جا ادا ڪريان جنهن هن گنهگار ٻانهيءَ کي باهمت ۽ صالح نيڪ بخت فرزند عطا ڪيا آهن ۽ هر وقت ٻئي ڀائر ۽ سڀ ڀينرون انهيءَ سوچ ۾ هوندا آهن ته ”امي ڪيئن خوش رهي سگهي“. مگر اها منهنجي شڪر جي جاءِ آهي ته سڄو اولاد پٽ ڌيئرون ننهرون ۽ پوٽا سڀ انهيءَ فڪر ۾ هوندا آهن ته امي کي ڪنهن به ريت ڪو اَهنج نه رسي. ڇا ته شڪر بجاءِ آڻيان مالڪ سائين جا جنهن جا احسان منهنجي ڳڻڻ کان اَپار آهن پر لکڻ کان به نٿي رهي سگهان. هن ڪتاب لکڻ وقت منهنجو مٺڙو پيارو فرحان جاني مون سان گڏ رهندو هو ۽ آءٌ  ٿورو لکي کيس ٻڌائيندي هيس ته ڏاڍي پيار مان چوندو هو ”امي جان هي ته ڏاڍو سٺو آهي. ڀلي لکو.“ الله سائين سڀني کي خوش رکي. 

هنن اکرن لکندي آءٌ الله سائين جا اهي شڪر به بجاءِ آڻيان جو جڏهن بچي شاهد، آفتاب ابڙي صاحب سان مشورو ڪيو ته ”سائين هي ته ڏسو منهنجي اميءَ ڪتاب لکيو آهي“ آءٌ ٻڌايان ۽ ڇا بيان ڪريان ته ابڙي صاحب ايترو ته اونهي سوچ سان ڏٺو  ۽ هن ناچيز جي هن ڪاوش کي انتهائي گهري نظر ۽ پيار ۽ محبت جي پيماني ۾ رکيو آهي، جنهن جو بيان لکي نٿي سگهان. فقط ۽ فقط اهو ئي عرض الله سائين کي ڪريان ٿي الله سائين  ان جو کيس اجر عظيم عطا فرمائي. سندس  نالي کي روز روشن وانگر چمڪائي، ان شاء الله. آمين 

اسان جي پياري هر دلعزيز مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جا ته آءٌ احسان ڳڻي نٿي سگهان جنهن منهنجي ڌيئن وانگر هن ڪتاب کي  کڻي سيني سان لڳايو. مون کي چيائين ته امي! توهان جو هي ڪتاب ميدان تي اچڻ گهرجي. اسان جي قوم کي خبر پئي ته اسان جي پٺتي پيل علائقن ۾ به ڪي جوهر هئا جن جي چمڪاٽ هنڌ هنڌ جوت جڳائي. هاڻي وري منهنجي ڌيئن جهڙي مهتاب مون تي مضمون به لکي پيئي. آءٌ ته کيس دعائن جو تحفو پيش ڪري سگهان ٿي. بيشڪ دنيا جي هر چيز کان وڌيڪ آهي دل مان نڪتل ٿڌي هير. امان! تون پنهنجي اهل ۽ عيال سان خوش ۽ آباد هجين.

لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ٻيو به آهي مگر توهان سڀني کي مبارڪ ۽ مرحبا چئي اڪتفا ڪريان ٿي. هيءَ منهنجي زندگي جي آتم ڪهاڻي آهي ۽ هن ۾ جيڪي مون ڏک سک بيان ڪيا آهن، سي آهن ته منهنجا، پر انهن ۾ مون راڄ نياءَ جون به ڪي ڳالهيون اوريون آهن، جن جي پڙهڻ ۽ پرجهڻ سان، نئون نسل سبق حاصل ڪري سگهي ٿو.    

فاطمھ  زھره قاضي
 

آءٌ جي اهائي ذات
 

آءٌ جي اِھائي ذات

 

الله تبارڪ و تعالى هر انسان کي ڪانه ڪا خوبي ڏئي ھن دنيا ۾ موڪليو آھي- مون کي ڪافي وقت کان دل ۾ اھو جذبو پيدا ٿيو ته آءٌ پنھنجي ناقص عقل ۽ سمجھه موجب پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي باري ۾ ڪجھه لکان. اِھو به خيال هو ته اسان جي مائٽن يا اسان جي ڏاڏا ۽ بابا سائين جي ڪارنامن جي باري ۾  اسان جي اولاد کي متان خبر نه ھجي. جيڪي خوبيون انھن کي الله سائين کان  مليل ھيون، انھن جي باري ۾ پنهنجي اولاد کي ۽  ٻين عزيزن کي ڄاڻ ڏيان- ان شاءالله آمين. شال رب پاڪ مون کي اھا توفيق عطا ڪري جو صحيح نموني لکي سگھان، جنھن ۾ ڪو وڌاءُ به نه ھجي . شال اھو سائين مون تي اھا مھرباني ڪري ڇاڪاڻ ته صحيح لکڻ جي ڪري ھڪ ته اسان جو اولاد يا پڙھندڙ ان مان نصيحت حاصل ڪري سگھندا ٻيو ته سندن حوصلا افزائي ٿيندي.    

انسان جي زندگي  هن ڪائنات ۾ ھڪ عظيم سرمايو آھي ۽ قدرت جو ڏنل ھڪ شاندار رتبو آھي. انسان کي الله تبارڪ وتعالى اشرف المخلوقات جو لقب ڏنو آھي. يعني پوري مخلوق تي شرف ڏنو اٿس. اھو قدرت جو شان آھي.انسان کي هر شيءِ ۾ ممتاز رکيو ويو آهي. کيس عقل سمجهه حوصلو، چڱي بري جي سڃاڻ، مطلب ته سڀ ڪجھه ڏيئي کيس موڪليو ويو آھي. موڪلڻ کان پوءِ اسان انسانن جي اڳيان ٻه رستا به ڏنائين: خير۽ شر. ھاڻي اھو اسان انسانن تي منحصر آھي ته ڪھڙو رستو ٿا اختيار ڪريون. رب پاڪ جي حُڪمن تي ھلي ۽ پڻ نبي ڪريم جي ھدايتن تي ھلي ڪيئن ٿا پنھنجي دنيا ۽ عقبى سڌاريون ۽ سنواريون. بيشڪ اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي ته جنھن کي جيڪي به مليو آھي، اھو مالڪ سائين جو ڏنل آھي ۽ سڀ انسان برابر به نه آھن. جيڪڏھن برابر ھجن ته پوءِ آزمائش ڪيئن ٿي سگھي ٿي! چڱن کي چڱن عملن ۽ برن کي بد عملن جو نتيجو ڪيئن ملندو؟  ظاھر ۽ باطن رب تعالى جي وس آھي.

آءٌ ڪا پاڻ وھيڻي واڳ ڌڻي تو وس الا،

ھلائين تان ھلي ھلان  بيھارين تان بس الا

انسان ويچارو وس آھر ڪوشش ڪندو آھي. پنھنجي رب پاڪ جو سھارو وٺي هلندو رهي ٿو. جيڪو درس اسان کي ھادي بر حق کان مليو آھي. ھزارھا ڪروڙھا ڪرم ان سائين مھربان جا آھن، جنھن اسان کي نبي
پاڪ جي امت مان پيدا ڪيو الحمدلله، شُڪر الحمدلله.

جيڪي منجھه جھان سا سڀ صفت تنھنجي،
قادر جي قدرت جا مڙيئي ڪمان
 پدمن کان پري ٿيا آگي جا احسان
ظاھر ساڻ زبان، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا

ڌڻي در اھا دعا آھي ته اھو سائين اسان کي ھن دنيا ۾ به عزت، امن ۽ سلامتي سان ۽ نيڪ اخلاقن سان  پنھنجي محبوب جي ھدايتن تي ھلڻ جي توفيق عطا ڪري. آخر ھڪ ڏينھن اتي به حاضر ٿيڻو آھي ته مرڪندي منھن اٿاري ۽ حضور جي اڳيان شرم سار نه ٿيون. ان شاءالله

 ياالله تون ٻنهي جهانن جو مالڪ آهين، آءٌ نڌر نماڻي. پنهنجي عملن سان ڇٽي ڪين سگهنديس، مون تي ڪو فضل جو ڦيرو ڪج.

 ھاڻي آءٌ اصل مطلب تي اچڻ چاھيان ٿي. ڪافي عرصي کان مون کي دل ۾ اھا چاھت هئي ته آءٌ پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي باري ۾ ڪجھه لکان. سوچيندي سوچيندي به ڪافي وقت گذري ويو - اڄ ھن وقت لکڻ مھل منھنجي عمر پنجھتر سال ٿي ويئي آھي. زندگي جو ھڪ ھڪ لمحو، ھڪ ھڪ ساعت، ھڪ ھڪ ڏينھن، مھينا، سال خواب وانگر پيا نظر اچن . اسان کي ان زندگي ڇا ڏنو! ان مان اسان ڇا پرايو! ڪھڙا سبق حاصل ڪيا!!  نفعا ۽ نقصان گڏو گڏ ھڪ ٻئي سان کيڏندا رھيا. اسان به انھن سان گڏ ھلندا رھيا سون. ماضي ۾ اسان ڇا ڏٺو، اھو لکڻ چاھيان ٿي. شال بتوفيق رب سائين جي لکي سگھان جنھن مان منھنجو اولاد ۽ پڙھندڙ صحيح معنى ۾ سبق حاصل ڪري سگھن، ان شاء الله. آمين

ٻالڪپڻ- بي فڪريءَ جا ڏينهن

 آءٌ اپريل جي 4 تاريخ تي ڏيپلي شھر ۾ ڏينھن جمعي جي پيدا ٿيس. اهو سال 1927ع هو. منهنجا مائٽ ڏيپلي تعلقي جا وڏا زميندار ھئا ۽ شھر جا مکي ھئا، سندن نالو اڃا تائين قائم آھي ۽ رھندو ان شاءالله. منھنجو بابا ھميشه پنھنجي اوطاق جنھن کي اسان ڪُڙه چوندا ھئا سون اتي وٽن ماڻھن جا ميڙ ھوندا ھئا. نوڪر چاڪر ڌنار وغيره. هڪڙي وڏي  رس رھاڻ ھوندي ھئي! جمعي ڏينهن صبح جو اٺين  وڳي  مھل ماسي رحمت بابا کي ٻڌايو ته ادا توکي پٽ ڄائو آھي. ابراھيم منھنجو مامون مون کان پنج ڏينھن وڏو ھو ، سو ماسي رحمت ٻار ھئي. تنھن سمجھيو ته مايون سڀ پٽ ڄڻينديون آھن. سوبابا کي به اھوئي ٻڌايائين . بابا خوش ٿي گھر آيو  اچي ڏٺائين ته ڇوڪري آھي مگر تڏھن به  ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ماءُ جي پيٽ ۾ ڌيءَ ھوندي يا پٽ اھوئي قدرت جو دستور آھي. اچي مون کي ڏاڍو پيار ڪيائين. امان کي چيائين ته ھيءَ منھنجي ننڍڙي پُتلي آھي. ھن جو نالو آءٌ فاطمہ زھره رکان ٿو. الله سائين مھربان مالڪ ھن کي تمام اعلى صلاحيتن واري نيڪ بخت ڪندو. سندس وڏي عمر ٿيندي. ان شاءالله-ڏاڏاکي ٻڌايائون اھوبه نالو ٻڌي خوش ٿيو. بابا کي چيائين ابا ھن ٻچڙيءَ جو نالو تو ڏاڍو پيارو رکيو آھي. الله ان نالي کي شرف ڏيندو. ان شاءالله آءٌ ھن کي  “پَنِلَ” چوندس ڇاڪاڻ ته منھنجي بوئا پنل جيڪا ماما احمد جي زال ھئي، اھا وفات ڪري ويئي ھئي. ان جو نالو ڏنائين _ بھرحال واقعي ڏاڏا مون کي ڏاڍو پيار ڪندو ھو.  ٻار اَڄُ ننڍو آھي سڀاڻي وڏو مون کي ھڪَ ڀيڻَ به اڳي ھئي جنھن جو نالو حور ٻائي ھو. آءٌ ڇھن مھينن جي ھيس ۽ پينگھي ۾ راند پئي ڪيم ته ڏاڏا اتان اچي لنگھيو، امان کي چيائين مائي وسي ھيءَ ته ننڍڙي پنل وڏا سفر ڪندي. امان چيو ته ڪاڪا ماڻس ته پڙھياري به ڪونه ڏٺي آھي ۽ ڌيءَ وري وڏا سفر ڪندي! ڏاڏا چيو ته ھن جي پير۾ پدم آھي. وڏي ڀاڳ واري آھي. آءٌ ننڍي هوندي ڏاڍي چالاڪ ھوندي ھيس. ڀيڻ حور به  سمجھدار ته ڏاڍي ھئي، مگر سنجيده ھوندي ھئي. آءٌ  اُنَ جي ڀيٽ ۾  چالاڪ ھيس، ھر ننڍي وڏي گھروارن جي ۽ پاڙي وارن جي نظر ۾ ھوندي ھيس. بابا امان جي گھڻي پيار جي ڪري سڀني جي توجه جو مرڪز ھوندي ھيس. ڪڏھن دادلپائي ۾ بابا جي پيٽ تي ليٽندي ھيس ته بابا مون کي پنھنجي ھٿ تي رکي لاٽون وانگر ڦيرائيندو ھو. اھو مون کي بلڪل ياد آھي. امان چوندي ھئي ميان تون ڇوڪريءَ کي کاري ٿو ڇڏين، اسان کي ته جواب به ڪونه ڏيندي. بابا کلي پوندو ھو . ڪنھن مھل  بابا پاڻي گھرندو ھو ته چوندي ھيس بابا تون سڄو ڏينھن ويٺو پاڻي پاڻي ڪرين آءٌ ڪونٿي ڏيان ته کلي  پوندو ھو. ادا احسان چوندو ھو ابا ھن ڇوڪريءَ کي اھڙو کاريو اٿئي جو سورَ ڏيندي. بابا چوندو ھو ته ابا ھيءَ  منھنجي ڌيءَ وڏا ڪم ڪندي. اوھان جا خار ڇوٿا وڃن؟ ننڍڙي آھي لاڏ  ٿي ڪري.

آخر ڪجھه وڏي ٿيس. مال ته اسان وٽ تمام گھڻو ھو: ڏهه ٻارنھن  ڍڳيون،  ٻه ٽي مينھون ھر وقت ھونديون ھيون. کير جا انبار ھوندا ھئا. گھر ۾ ھلٽ پيا ھلندا ھئا کير جا، ٻه ٽي ڦُڙا ولڙندا ھئا جيڪي امان ۽ امان سڦيان ولوڙينديون ھيون. نماز مھل ئي لڳي وينديون ھيون.  روزانو مکڻ ۽ ڌونئرو جام کائيندا ھئاسون. ان  کانپوءِ به ھڪ سير گيھه نڪرندو ھو. جنھن مان وسنان ٺاھيندا ھئاسون. ٻاجھريءَ جا اسان جي گھر۾ ڍير ھوندا ھئا. ٻورين ۾ ڪونه وجھندا ھئاسون. ڏاڏا جو ھيٺيون ھٽ ھو. ڍِڳن جا ڍڳ ھوندا ھئا. مينھن جي موسم ۾ پپون ۽ ڪونڍير  وٺڻ لاءِ بازار ويندا ھئاسون. اَنَ جي ڦانڊ ڀري کڻي ويندا ھئاسون. ڪو جھلڻ پلڻ وارو ڪونه ھو. وسڪاري جي ڏينھن ۾ آءٌ ننڍڙا گابڙا جھلڻ ويندي ھيس. انھن سان گڏ ڊوڙندي ھيس. ماڻھو چوندا ھئا، ھيء ڇوڪري ته جھڙي ھرڻي ھجي! لوھارين گابن ڀيڙي پيئي ڊوڙي! صبح جو امان چروڙيون  ملي سون جھڙيون ڪري ڏيندي ھئي، ٻه –ٽي مٿي تي رکي لڏندي لمندي پيئي ويندي ھيس. اسان جي ڪڙه ۾ اسان جو ڌنار ناٿي نالي رھندو ھو. اھو مون کي چيڙائڻ لاءِ چوندو ھو: مکي صاحب چروڙيون اچن پيئيون ماڻھو ھيٺ آھي ئي ڪونه! بس چوڻ جي دير ھوندي ھئي  چروڙيون اڇلائي چوندي ھيس بابا ھن مُئي کي سمجھائي مونتي کلي ٿو. بابا چوندو ٻيلي  ناٿا ڦاتوڙي کي نه ڇيڙ، توکي خبر آھي ته به رھين نٿو. پوءِ مون کي پرچائيندو ھو ته آءٌ ناٿي کي ٿو ماريان. بس وقت ويچارا ويا گذري. گڏوگڏ انسان به پيو ھلي وقت جي وھڪري ۾ . بابا اسان جو تمام سمجھدار ۽ وقت سان گڏ ھلڻ وارو اعلى دماغ جو مالڪ ھو. ھڪڙي ڳالھه ڪريان ته  اسان جا مائٽ: ماءُ پيءُ ٻئي ڪھڙا ھئا ۽ ڪيئن وٽن جڳ نمندا ھئا ۽ جڳ مشھورھئا . رھاڻ جا رس ھئا. سو آءٌ ڇھن سالن جي ٿيس ۽ حور  اَٺن  سالن جي ٿي ته بابا کي خيال آيو ته ڇوڪرا ته وڌي ويا انگريزي تعليم ۾ به ماھر ٿي ويا آھن نوڪريون به ملنديون پيئيون وڃن ڇوڪرين جي تعليم سواءِ قران شريف جي ٻي ڪابه ڪانھي! اھا ته برابر ھر مسلمان لاءِ تمام ضروري آھي مگر ھلندڙ وقت موجب ھيءَ تعليم به ضروري آھي ڇاڪاڻ جو اڳتي ھلي اھا ڳالھه تمام ڏکي ثابت ٿيندي ۽ اسان جون نياڻيون بي علم رھجي وينديون. ڇوڪرن جي خيالن ۾ فرق اچي ويندو. پاڻ ان وقت سينيٽري بورڊ جو چيئرمن ھو سو پنھنجي ساٿي ميمبرن ۾ ڪاڪو مکي سومار، مکي تلوڪ چند،  مکي ٻالو مل، مکي ھيمنداس، ماما ابو طالب کي ساڻ ڪري ڪوشش ڪيائين. اسان وارو قاضي صاحب  جو ان وقت ملان مڪتب جو مينيجر ھو. اھي اسلامي تعليم ڏيندا ھئا، سيمي گورنمينٽ  ادارو ھو .ان جي گرانٽ به ھئي، اھا مون کي خبر ڪانه ھئي جا اَڄُ مون قاضيءَ جي ڪتاب مان معلوم ڪئي آھي. انھن به اھو مشورو ڪيوته ھتي زناني تعليم تمام ضروري آھي. اهو ڪم ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪرڻ جو ته ھو ڪونه، جيئن چوندا آھن ته ججھن جو کنيو ڇپر به کڄيو وڃي، سو سڀني يڪراءِ اھا ڳالھه بحال ڪئي تڏھن  وفد  ڪري ميرپور خاص ويا ۽ اسڪول منظور ڪرائي آيا. ڏاڍو خوش ٿيا. بابا جي ڪوششن جي سڀني پڙھيل سڌريل ماڻھن تعريف ڪئي.

 1933ع ۾ اسڪول منظور ٿيو. اسان جي پاڙي ۾ مکي ھيمنداس جي جاءِ ھئي تمام سٺي ،  پڪي ٺھيل ھئي ۽   اسڪول جي ڪم جي به ھئي.  اسڪول جا ٻه ڪمرا ۽ ھڪ مٿي اڱڻ تي به ڪمرو ٺهيل ھو. اھو بابا ڪاڪي ھيمنداس کي چئي اسڪول لاءِ خالي ڪرايو، مٺيءَ مان  ماستر به آيو ڇا ڪاڻ ته اسان وٽ ته ڪا ليڊي ٽيچر ڪونه ھئي. ھُن جي زال به ٽيچر ھئي، چاچو دُوارڪو مل تمام ھوشيار ۽ وڏي دماغ وارو ۽ سمجھدار ماڻهو ھوندو ھو. ڪراڙ ذات جو ھو ڇا چئجي ته ڪيڏو نه سمجھدار ھو.  پڙھائڻ ۾ ھوشيار ھو بابا جو ھُن کي فل تعاون ھو. جاءِ به انھيءَ ۾ رھڻ جي اجازت ڏنائين سو ڏاڍو خوش ٿيا. پٽيوالي  به رکي ڏني. پھريائين اسان ٻنھي ڀينرن ۽ ماسي رحمت کي داخل ڪرايو ويو.  حليمان ماسترياڻيءَ جي ماءُ  ماسي  وير ٻائي به ھڪ ڪڙاڪيدار زال ھئي. ان جو ٻڌو ته اسڪول کليو آھي. اُنَ پنھنجي ڌيءَ داخل ڪئي. بابا ته ھر گھر ۾ وڃي ماڻھن کي سجاڳي ڏني ۽ علم جي روشنيءَ سان ماڻھن کي روشناس ڪيو. آھستي آھستي جوق در جوق ٻار اچڻ لڳا. علم جو شوق تمام سٺو وڌي رھيو ھو. وري اسان جي اسڪول لاءِ هڪ قرآن ٽيچر منظور ٿي. اھا منھنجي ناني قرآن شريف ۾ تمام ھوشيار ھئي. ٻارن کي اسڪالرشپ به ملي. اھا ڪوشش به گڏو گڏ پئي ھلي. ھڪڙي ته نارمل اسڪالر شپ ھئي ۽ ٻئي بانڊ اسڪالر شپ ھئي جنهن ۾ شرط ھو ته پنج سال اسان وٽ نوڪري ڪندي. بابا اھا پسند ڪئي. اھا مون کي ملي. هوءَ 3 روپيه مھيني ۾ ھئي ۽ ھيءَ 9 روپيه مھيني ۾ ھئي. ان شوق ۾ مون پڙھڻ تي وڌيڪ توجهه ڏني. ٽن  سالن کانپوءِ اسان جو ماستر دوارڪومل ۽ متي ٻائيءَ جي بدلي ٿي. ان جي جاءِ تي سيتا ٻائي آئي. اھا به تمام قاعدي واري ۽ بيحد ھوشيار ھئي.  ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙھيل، ان جي ڀيٽ ۾ متي ٻائي فائينل  پاس ھئي. بابا جي عادت ھوندي ھئي ته مون کان سواءِ  ماني ڪونه کائيندو ھو. اسان جي گھر جي ڀت ۽ اسڪول جي وچ ۾ اھائي ھڪڙي ڀت ھئي جا اڃا به قائم آھي. بابا اتان بيھي سڏ ڪندو ھو. ڦاتوڙا بابا  اچو ته ماني کائون ۽ آءٌ وري نخرو ڪندي ھيس ته مونتي جيڏيون کلنديون ته سيتاٻائي چوندي ھئي فاطمہ جا! وڏيرو سڏ ڪري ٿو منان مارسي. ھندي ٻولي ڳالھائيندي ھئي ته آءٌ مس مس ويندي ھيس. بابا چوندو ھو امڙي ڇا ڪريان تنھنجي بابا کي ماني نٿي وڻي ڏاھي ٿي. وري جو ھيٺئين ھٽ وٽان لنگھندي ھيس ته ڏاڏا  اتي ويٺو ھوندو ھو.  اھو سڏ ڪندو ھو اڙي ھيءَ ته پنل آھي. آءٌ ھلڻ جي لوڏ ٿو سڃاڻان. ابا ڏاڏا کي حقو ته ڀري ڏئي.آءٌ چوندي ھيس ته آءٌ پنل ڪونه آھيان. آءٌ کتياڻي آھيان (ٿِٿِي ٻوليءَ ۾ چوندي ھيس). ائين ڪندي ڊوڙي ڀڄي ويندي ھيس. اھو ڊپ ڪونه ٿيندو ھو ته بابا ناراض ٿيندو يا ڏاڏا رنج ٿيندو. آخر چوٿين  درجي ۾ آيس ته ادي سمانيءَ جو مڱڻو ادا عبدالرحمان سان ٿيو . ۽ ادا قاضيءَ جو مڱڻو صديقا ڻين  ۾ حاجي صديق جي ڌيءَ جانان ڀاڄائيءَ سان ٿيو. ٻنھي ڄڻين کي حال آھر زيور به مليا ۽ حور کي به سندس ساھرن بُندا ڪنن لاءِ ڏنا. اسان جو رواج ھوندو هو ته مايون ڪنوار کي ڏسڻ لاءِ اينديون ھيون سو واڻياڻيون ۽ کٽياڻيون اسان جي پاڙي ۾ رھندڙ هيون سي به آيون. حور اھي بُندا پاتا ته اسان جي پاڙي واري مائي ڪستوري جيڪا ڏاڍي چالاڪ ھوندي ھئي، چي ڏيکڻاهي ته حور نا ڏيکو. مطلب ته حور ڏاڍي حسين پئي لڳي. حور منھنجي ڀيڻ جنھن اسڪول ۾ چار درجا پڙھي ورتا ھئا، تنھن کي اسان ڀرت ڀرڻ تي ويھاريو. سا ته مڪي جو ڪم ۽ ڀرت اھڙو ڀريندي ھئي جو ماڻھو ھٿ وجھي ڏسندا ھئا. منھنجو به  چولو مڪي سان ڀريائين. حور ٻائي شايد اھي سڀ ٿوري حياتيءَ  لاءِ  يادون ڇڏي ويئي. ان  وقت اسان کي قدر به ڪونه ھو، بي سمجھائي ۾ ويچاري ھلي ويئي. اسان سان پاپڙ ٺاھيندي ھئي. اھڙا پاپڙ اڄ تائين ڪنھن نه ٺاھيا.

خبر جي ھجي ھاته وڃن ٿا ويراڳي
 ته ڪي ھوند ڪريان ها ريھاڻيون تن سان جاڳي
  ڇپر ۾ ڇڏي ويا ڇپر ۾ ڇڏي ويا گوندر ۾ گڏيائون

بس وري ،وري ياد ڪريون ته به انھن جون  يادون نه وسرن. ان وقت ترت اسان جي پاڙي ۾ ادا محمد اسحاق جي پٽ ادا احمد جي شادي 1941ع ۾ ادي سماني سان ٿي. جنھن کي آءٌ اڄ ڏينھن تائين ڀيڻ سڏيندي آھيان ڇاڪاڻ ته حور کان پوءِ بابا ان جي مٿي تي ھٿ رکي چيو ھوته امي تون اسان جي حور آھين ۽ ھن به اسان سان ائين  ئي نڀايو. الله سائين کيس جنت فردوس جي برين باغ ۾ جاءِ عنايت ڪري (آمين) ان جي شادي ھئي ۽ اسان جي چوٿين درجي جو امتحان ھو.ان وقت امتحان وٺڻ لاءِ ميرپور خاص مان صاحب ايندا ھئا  ۽ اسان وٽ محمد اسماعيل عرساڻي ھڪ تمام قابل، باصلاحيت ۽ قدردان انسان ھو سندس جيتري تعريف ڪجي اوتري ٿوري آھي. سو آيو. مرحوم محمد اسماعيل عرساڻي جڏھن امتحان وٺندو ھوته مسافر خاني ۾ ترسندو ھو. ماني اسان جي گھران ويندي ھئي. شادي به ھلي پئي ۽ مسافر خانو به ويجھو ھو، شادي به ڏاڍي مشغلي سان پيئي ٿي. ان ڏينھن اسان جي سنڌي مضمون جو پيپر ھو . چيائين ته لکو ته توھان جي پاڙي ۾ شادي ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون رسمون ٿين ٿيون. ھونءَ ته سڄي شادي پاڙي ۾ ھئي سو مون نقشو  چٽيو، صاحب کي ايترو ته پسند آيو جو مون کي سڏي پاڻ وٽ بيھاري چيائين بابا توھان کي ڪيئن خبر آھي ته ھيئن شادي ٿيندي آھي ۽ ھي رسمون آھن. مون وري جواب وضاحت  سان ڏنو. لکيو ته ٻين به پنھنجي حال آھر سٺو ھو مگر منھنجو نقشو گھڻو پسند آيس. 25 مارڪون رکيل ھيون پوريون 25 ڏنائين ۽ شاباس به ڏنائين. ساڳئي سال ۾ منھنجي ڀيڻ حورٻائي، ادي سماني ۽ ادا قاضيءَ جي شادي ٿي. ادا قاضي به شوق مان ٿي شادي ڪئي. پاڻ ڏيپلي ۾ ٽيچر به ھو انگلش جو، ڪراچيءَ مان بي.اي به ڪئي ھئائين سوته پنھنجي زال جا ۽ گڏ ادي سماني لاءِ ڪپڙابه سٺا ۽ ان سان گڏ ڪجھه موتي مڻيا به وٺي آيو ھو. ھاڻي انھن جا موتي ڀري ڪير! ان لاءِ نانيءَ ۽ مامي وسوءَ جي ضرورت ھئي. حور ٻائي کي ادا قاضي ناني چوندو ھو سو مڙيئي ٿورا موتي ڏيئي نانيءَ کي راضي ڪري اھي ڪپڙا ان کان ڀرايائين .ڀيڻ ته ھٿن جي سڄي ھئي  تنھن انھن جا ته ڀريا مگر جيڪي منھنجي مامن جيڪو ھن کي نانا ھٽ ڏنو ھو، ان مان پنھنجا ڪپڙا به ٺاھي ڇڏيائين ۽ جو ان وقت منھنجا ماما به ماشاءَالله پئسن ۾ ٺهي ويا ھئا، سو چاھيائون ته ادي سماني ۽ ادي جانان کان اسان جي حور گھٽ نه ٿئي. حور کي برابر اھا احساس ڪمتري ته ھئي ته سندس ساھرا غريب ھئا اھو ته ظاھر ظھور نظر آيو پئي. آخر شادي ٿي، منھنجي ڀيڻ جو ڏيج ڀرت ۽ سجاوٽ ۾ تمام سھڻو ۽ سٺو ٿيو. چولو جيڪو مڪي سان ڀريو ھئائين ان ۾ ته ڪمال ٿي ويو ھو.  اھو مون کي اڄ به ياد آھي. ويچاري ارڙھن مھينن جي قليل عرصي ۾ ڇا پاتو!  ۽ وري  صديقاڻين جي دڪان تي چڪنا آياھئا ھندستان مان، نون رپين ۾ مليا ٿي، اھي به ماما احمد وٺي آيو. ان جي ڪور تي موتين جي ڄاري لڳائي ھئائين ۽ ساٽن جي سلوار تي اھو وڳو جڏھن  پائيندي ھئي ته واقعي ۾ به حور  نظر ايندي ھئي. اھي ڪپڙا ھڪڙو ٻه ڌوپ به نه ڌوتا ته ويچاري ھلي وئي. اھو چڪنو اسان مٿانئس وڌو ھو. روئيندي روئيندي مون ۽ بابا کيس خدا حافظ ڪيو . ڪي ڪي ويلون وسرڻ جون نه آھن. ڪپڙا اسان مٺي ماءُ جيڪا سندس استاد ھئي قرآن شريف جي، ان کي ڏنا. تنھن وقت اھا اھڙي اندوهه ناڪ حالت ھئي جو اھو به ڪونه اڪليوته سندس نشاني اسين پاڻ وٽ رکون. مون ۾ ته ساهه پيل ھيس. فاطمہ فاطمہ ڪندي ساهه ڏنئين. سندس سَسُ ماسي رحيمان جي عادت ھوندي ھئي ته اھا پنھنجي کيسي ۾ بوهي مڱ رکندي ھئي. اھي کيس کائڻ لاءِ ڏيندي ھئي ته ويچاري اھي کيسي ۾ وجھي اسڪول ۾ منھنجي لاءِ کڻي ايندي ھئي ۽ آءٌ وري ھڪلون ڏيندي ھيس ته ڇوڪريون مون تان کلنديون جو ڀيڻ شيءِ کڻي آئي آھي. چوندي ھئي ڇوري آءٌ ٿي پڇان ٻيو ڪير ڪونه پڇندو ۽ واقعي ائين ئي ٿيو، مون کي ڪھڙي خبر ته ھي ڪو سڱ ٿوري وقت لاءِآھي. پوءِ ساري عُمَرِ ان سڏ کي سڪنديس! اسان کي گھر۾ شيون ملنديون ھيون: ڀڳڙا، سوپاريون، ڪجھه کٽمٺڙا، اُھي به آءٌ سماني وٽ رکندي ھيس. ڏاڍو ڏک ٿيندو ھيس. امان کي چوندي ھئي امان فاطمہ مون کي شيءِ به رکڻ لاءِ نٿي ڏئي. سميءَ کان گھڻو آءٌ ھن لاءِ مران پيئي آءٌ البيلي واقعي پرواهه ڪونه ڪندي ھيس. اھائي سوچ ڪندي ھيس ته ويچاري سميءَ جي ڀيڻ نه ڪو ڀاءُ ھو، ان جو من ڪير رکندو. مگر حور جي وڃڻ کانپوءِ مون کي خبر پئي ته اھا منھنجي ڀل ھئي. افسوس حور مون کان ھلي ويئي، اسانکان رسي ويئي.

 جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
 وڃي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

ان ايڏي پيار ھوندي به مون کي ھڪڙي عادت جا ھئي اھا ھيءَ ھئي ته جيڪڏھن گھر ۾ ڪابه ڳالھه ٿيندي ھئي ته ڊوڙي اچي امان جي منھن تي ھٿ رکندي ھيس ته تون  وڏي سڏ نه ٻول، بابا توکي ماريندو. حالانڪه بابا ماريندو ته ڪونه ھو مگر سندس ڏھڪاءُ سڄي گھر ۾ اھڙو ھو جو اسين سڀ کانئس ڊڄندا ھئا سون.

 آءٌ جيئن ڪجھه وڏي ٿيس ته الاءِ جي ڇو مون کي ھميشه اھو خيال رھندو ھو ته آءٌ ڪنھنجي ڪم اچان. الله سائين مون کي اھڙو ڪري جو ڪنھن اڙي اُڌي جي ڪم اچان! دل ڏاڍي رحم واري ھوندي ھئي. پڙھڻ وقت جيڪو سبق پڙھندي ھيس اھو ڏاڍي غور سان پڙھندي ھيس. ھڪڙو سبق پنجين درجي جو ھو ته تڪڙ ڪم شيطان جو آھي. ان ۾ مائي پنھنجي پاليل نور کي ماري وڌو. ھوءَ ٻار پينگھي ۾ ستل ڇڏي پاڻ پاڻي ڀرڻ ويئي ھئي ۽ ٻار جي   پينگھي جي ڀر ۾ نانگ اچي ويو، نور ته نانگ کي ماري وڌو. مائي جو ڏٺو نور ويٺو آھي، پينگھي جي ڀر ۾ نانگ پيو آھي سو نڪا ڪيائين ھم نڪا ڪيائين تم پاڻيءَ جو دلو نور تي اڇلائي وڌائين. نور مري پيو. آخر ۾ مائي ڏٺو ته نانگ مئو پيو آھي. پوءِ ته ڏاڍو پڇتايائين. اھو سبق مون کي ياد به آھي اثر به ڏاڍو ڪيائين. ٻيو ڪتاب ۾ هڪ بيت ھو اھو به مون کي ڏاڍو وڻندو ھو ۽ ھر وقت جھونگاريندي ھيس ۽ اڃا به ڪنھن ڪنھن وقت دھرائيندي آھيان _

ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنھنجو ٿيندو، ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو؛
جڏھين ڪوبه توسان ڀلائي ڪري ٿو، تڏھين توکي آرام ڪيڏو اچي ٿو
تڏھين پڻ ٻين کي خوشي ڇونه ٿيندي،  ڀلائي جي ساڻن ڪرڻ ۾ ڪا ايندي.

ء ته اھي ڳالھيون ياد رکندي ھيس ۽ اڃا به اھا ڪوشش ھوندي آھي ته ڀل اسان جي ھٿان ڪنھن کي فيض ملي ۽ پِڻُ پنھنجي اولاد کي به اھو درس ڏيندي آھيان. ھو ڪوبه چڱو ڪم ڪري ايندا آھن ته ڏاڍي خوشي ٿيندي آھي ۽ کين دعائون ڏيندي آھيان. اميد اٿم ته اڃا به منھنجي ھٿان ڪنھن کي فيض ملي ته جيڪر رب پاڪ جا شڪرانا بجاءُ آڻيان. پنھنجي سڀني ٻچڙن جنھن ۾ منھنجا پُٽَ ، ڌيئر، پوٽا، ڏوھِٽا ۽ انھن سان جيڪي وابسته آھن انھن سڀني کي الله سائين نيڪ ۽ صالح  ڪري ان شاءالله آمين.

 پنھنجي ننڍ پڻ جي ڳالهين لکندي وري الا جي ڪٿي پھتي آھيان! ستن سالن جي ٿيس ته روزا به رکندي ھيس ۽ اسان جي اجھان جنھن کي اڄ ڪلھه ورانڊو يا لائونج چوندا آھيون ان  ۾ منھنجو پينگھو ھوندو ھو. اھو اڃا به نشاني طور انھيءَ اجھان ۾ پيل آھي ، ان ۾ سارو ڏينھن جيستائين روزو کلندو ھو تيستائين امان فراسي وڇائي پيئي مون کي لوڏيندي ھئي ۽ بابا بار بار پڇندو ھو ته منھنجي امڙي ڪيئن آھي روزو لڳو ته ڪونه آھي؟ ھي لکندي انھن جا قرب ياد ٿا اچن ته دل ڀرجي ٿي اچي  ته اڙي مون ته ھنن املھه خزانن جو قدر ئي ڪونه ڪيو. ٻاراڻيءَ ۾ ھليا ويا. جيڏين سان کيڏندي ھيس ته سڀني ۾ سردار ھوندي ھيس. جيئن چوان تيئن ڪن.  برسات جا ڏينھن ھوندا ھئا، آھڙ جو مھينو، گرميون تمام گھڻيون، اسڪول مان موڪل ملندي ھئي، سھيلين کي چوندي ھيس منھنجي گھر ھلو. ڪڙهه ۾ ڌنار جام ويٺا ھوندا ھئا. بابا کي چوندي ھيس بابا لوڏ (پينگهه) ٻڌرائي ڏئي  ته حڪم جي دير ھوندي ھئي. اسان جي اوطاق ۾ نم جا ٻه وڻ هوندا هئا، جيڪي اڃا به آھن. انھن ۾ لوڏ ٻڌبي ھئي، اسان نچندي ڪڏندي ڊڪندي پھچنديون وينديون ھيوسون جن ۾ ھڪ (حلو) حليمه نواز ملاراڻي جي ماءُ، مڪان ڊاڪٽر اڪبر موليڏناڻي جي ماءُ، ادي ڦاتو مامي ابوطالب جي ڌيءَ، ادي حليمان پرتاڻي ادا صديق وڪيل جي زال ۽ ادي ڪريمان اسان جي قاضي صاحب جي ڌيءَ، ان کي ان  ڪري کڻندي ھيس جو ان جي دڪان تان سٺين شين جو آسرو هوندو ھو! ھڪ دفعي شام جو ڪرو (ڪريمان) سان گڏ دڪان تي شيءِ لاءِ ويا سون. آءٌ لڪي ھڪڙو کوکو پيو ھو ان ۾ ويھي رھيس. ڪرو ويئي شيءِ کڻڻ. ڇاٿيو جو ان کوکي ۾   ڀٽون ويٺو ھو جو مون کي لڳي رھيو. اتان ٿي دانھون ڪندي ڀڄان قاسماڻين جي گھر وٽان وٺي گھر تائين رڙ مٿي رڙ!  بابا جو ٻاھر کٽ تي ويٺو ھو امان کي چيائين وسو ھيءَ دانھن ته ڦاتوڙيءَ جي پيئي لڳي. امان ڊڪندي دروازي تائين اچي وئي ڇاٿيو ڇاٿيو ڪڄاڙو ٿيو!! ڪڄاڙو ٿيو! مون چيو ته کوکي ۾ مون کي الاءَ جي ڇاٿيو. ويچارا پريشان ٿيا خبر پئي ته ڀٽون ھو. يڪدم ماما مھراڻ آيو جھاڙ وڌائين. سور ڇڏي ويو. اھو سور ته لٿو مگر ڏنگه موجود رھيو، پوءِ سڄي رات امان ويچاري پينگھي ۾ لوڏي رات گذاري. اھي پيار ۽ قرب اڄ به دل تي نقش آھن ۽ ياد رھندا تا دم زندگي.    

اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات،
ساري س
َناسين کي رَنس ساري رات،
مون تن جنين جي تات، سي لاھوتي لڏي ويا.

اھي ڳالهيون آءٌ ڪيتريون ڳڻي ڪيتريون ڳڻيان! ھونءَ ته ھر مائٽ کي پنھنجو اولاد پيارو ھوندو آھي مگر ھيءَ سڪ سبيل الا جي ڪٿان آئي ھئي؟ آءٌ جڏھن پنھنجي ٻارن سان امان بابا جون ڳالھيون ڪندي آھيان، تڏھن راتيون گذري وينديون آھن مگر ڳالھيون نه کٽنديون آھن. منھنجا ٻار به اھڙا صالح ۽ نيڪ بخت آھن جو ڏاڍي شوق ۽ پيار سان ٻڌندا آھن. جو آءٌ پنھنجي ربَ جا ڏاڍا شڪرانا بجا آڻيندي آھيان (الحمدلله). منھنجون جيڏيون اينديون ھيون ته منھنجا مائٽ پنھنجا ساهه پيا صدقي ڪنداھئا. ڀائيندا ھئا ته ھنن کي ڪٿي ويھاريون.  

هاڻي پڙھائي جي باري ۾ ڪجهه لکڻو آھي. پنجون درجو پاس ٿيو ڇھون  درجو شروع ٿيو. 1941 ۾ حور ٻائي ۽ ادي سماني جي شادي ٿي، ان دوران فائينل امتحان به ڏيڻو ھو. اھا شادي به سٺي نموني ٿي. منھنجي مامن به پاڻ ملھايو. تمام سٺو ناناھٽ ڏنائون. ڀيڻ کي پھريون ٻار ٿيو، ٽن مھينن جي ڇڪي آئي وري به ٽن مھينن جو ايبارشن وري ادي سماني ۽ حور ٻنھي کي ٻار ٿيو. ان وچ ۾ ماما احمد ويچارو وفات ڪري ويو. ان جون نماڻيون اکيون مون کي اڄ به ياد آھن ڇاڪاڻ ته پويان ڪو ياد ڪرڻ وارو پنھنجي پيٽ مان نه ڇڏيائين. امان کي ته ڀاءُ جو ڏاڍو  ڏک ھو مگر حور جنھنجا ماما احمد ۾ ساهه پساهه ھئا ان کي بيحد ڏک پھتو. وڃڻ مھل منھن به نه ڏسي سگھي.  ٻار جي ڪري. آءٌ ته پنھنجي پڙھائيءَ ۾ مشغول ھيس. اسان جي ڇھين درجي جا جيڪي سبق ۽ بيت ھئا اھي ڏاڍا نصيحت آميز ھئا ۽ منھنجي ذھن ۾ گھر ڪري ويٺا ھئا، ايتري قدر جو آءٌ اڃا به پنھنجي ڪچھريءَ ۾ وقتاً فوقتاً شوق مان ٻڌائيندي آھيان. سبق اھي مليا ته  سٺو خيال انسان کي وڏي درجي تي رسائي ٿو. ٻيو ميويدار وڻ ميوي سبب نمي بيھي ٿو. ٽيون ھڪڙو مارئيءَ جو بيت جو اڪثر منھنجي ڀيڻ ڳائيندي ھئي بابا کانئس ڳارائيندو ھو. ھن جو آواز ته نه ھو جھڙي ڪونج! جھڙو نالو ھئس تھڙوئي آواز ھيس؛

عمر لانڍين ۽ لوڙھين سان نه ماڙيون تو مٽائينديس،
لَيَن لاڻن ۾ پکا پنھنجا وسائينديس،
پائي پٽ پٽيهر لاکه جي لوئي نه لڄائينديس،
ڪکن ۽ ڪرڙن ۾ پکا پنھنجا وسائينديس.

 بيت ڪافي وڏو آھي مگر ياد ڪڏھين ڪڏھين اچي ويندو آھي مگر ھن وقت فقط ايترو ياد آھي. 

 چوٿون اھو سبق ھو ته زبان پنھنجي وس رک. اھو عنوان ھو ان سبق جو،  جيڪو مون کي اڄ به ياد آھي.  ان ڏينھن کان وٺي اڄ تائين بلڪل اھا ڪوشش ڪندي رھندي آھيان ۽ پنھنجي ٻارن کي به اھا نصحيت ڪندي رھندي آھيان ته ڪوشش ڪري پنھنجي زبان کي  وس ۾ رکو، ڇاڪاڻ ته اھا زبان وڏا ڪم ٿي ڪري. اھائي زبان آھي جا دوست کي دشمن ڪري ٿي  ۽ دشمن کي دوست ڪري ٿي. ڪيڏا نه اُڀَ ٿي ڦاڙي زبان! جنھن وس رکي اھو ڄڻ ته ڪامل ٿي چڪو.  

ادي حليمان ۽ ادي ڦاتو جيڪا ماستر ڀليڏنه جي ڀيڻ ھئي، اھي مون کان ھڪڙو درجو مٿي ھيون اڳئين سال فائينل امتحان ڏيئي آيون ھيون. انھن کي به نوڪري ملي وئي ۽ مٺيءَ مان ماستراڻيون اچڻ بند ٿيون. پڙھائي ءَ دوران ماستري به ھلي پيئي ڇاڪاڻ ته اَنڪواليفائيڊ ٽيچر ھيس، پڪي نوڪري ته فائنل پاس ٿيڻ وقت ملندي ھئي مگر مون کي ادا قاضيءَ ۽ بابا جي ڪوششن سان انڪواليفائيڊ ٽيچر ڪري رکيو ويو ھو. اھو پگھار ۽  اسڪالر شپ . قران ٽيچر به ھيس ته ٽوٽل مڙيئي چوويھه رپيا ملندا ھئا. امان بابا ڏاڍا خوش ٿيندا ھئا جو سندن ته ڏاڍي ڪارسازي ٿيندي ھئي. آخر امتحان لاءِ  ويس ان کان ويھه ڏينھن اڳُ  نسيم  ڄائي يعني ادي سماني کي ته ٻار ڄائو ھو مگر حور جو ٻار اڃا نه ڄائو ھو. وقت ته پورو ھو ان سبب ڪري بابا نه ھلي سگھيو. ادا عبدالرحمان کي چيائين ابا تون ڦاتوڙيءَ کي  وٺي وڃ. ان وقت مون سان گڏ حليمان ڪاڪا پرتي جي ڌيءَ شامل ٿي. اسڪول ۾ پھچڻ سان سيٽ نمبر ھٿ ڪرڻ لاءِ وياسين ته سڀ ٽيچر گڏ ويٺيون ھيون. اسان جي سٺي مرحبا ڪيائون. ڇا ٿيو جو ھڪڙي ماستراڻي جو ڪجھه وقت اڳُ مڙس وفات ڪري ويو ھو، ھندو چوندا آھن ته دھانت ڪري ويو آھي، ھن ويچاريءَ کي ڪارا ڪپڙا پاتل ھئا، حلو  اٻهراڻي مان چيو ته ڦاتي ھيءَ نوڪرياڻي آھي ڇا؟ ھن اھو لفظ ٻڌي ورتو ۽ مون جيڪو حلو کي اشاري سان ماٺ ڪرايو اھو به ڏسي ورتائين ۽ ٻين سڀني به اُھو به  ڏٺو. ھن اکين مان پاڻي آڻي چيائين ٻائي منان نوڪرياڻي قسمت ڪيو نه ته منان ڪوڻ نوڪرياڻي ڪھي. ھندي ٻوليءَ ۾ چيائين. ايتري ۾ ٻي جيڪا ڀر ۾ ويٺي ھئي ان  مون ڏانھن اشارو ڪري چيو ته ھيءَ جا ڇوڪري بيٺي آھي ڪا وڏ گھراڻي آھي. تبصرا ڪرڻ لڳيون. ايتري ۾ اسان جي سيتا ٻائي جا ان وقت  مٺيءَ ۾ ھيڊ مسٽرس ٿي اچي ويئي ھئي. ان ٻڌو چيائين ھي ته ڏيپلي مان آئي آھي وڏيري گل محمد مکي جي ڌيءَ آھي. اھا ڳالھه مون بابا سان ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو اسان امتحان ڏيئي واندا ٿياسين ته  بازار وياسون، اتي مون مٽيءَ جا ٺھيل طوطا ڏٺا رنگين ۽ سھڻا ھئا سي ورتا پوءِ صبح جو روانا ٿيا سون. رستي ۾ مالھيار وٽ ڊاٻو ڪيو سون، اتي اسان جا ھاري ھئا اتان تازو توانو ٿي پوءِ اڳتي ھلياسون. اتي ڏسان ته ھڪڙي طوطي جو ڪنڌ ٽٽي پيو، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھڪ دم شڪ ٿيو ته الله خير ڪر ايتري به ننڍي ڪو نه ھيس چوڏھن سالن جي ھيس. بس دل ۾ رکي ھلياسون تان جو ڏيپلي جي وٿاڻ ۾ اسان جي کوھه تي جو اڃا به قاضي الھه رکيو جو کوهه سڏبو آھي، اتي پھتاسون ته منھنجي ڀيڻ جي نڻان وسو جيڪا نواز پرتاڻي جي ماءُ ھئي  ۽ ادي آسو  حلوءَ جي ماءُ اھي مليون. مون انھن کي ڏسي پڇيو ته ادي منھنجي ڀيڻ جي خبر ڏيو؟ ڪو ٻار ڄائو ته وسو چيو: ھا ادي پٽ ڄائو آھي مگر ان جي منھن ۾  سرھائي ڪانه ھئي. اتي وري ڇا ڏسان ڪجھه ماڻھو مقام تان پيا اچن ۽ منھنجا شَڪَ وڌڻ لڳا آخر گھرپھتاسون. مون سامان جي خبرئي ڪونه ورتي، يڪدم گھر ھلي ويس. بابا کٽ تي ليٽيو پيو ھو. امان سڦيان ۽ ناني مڪان مون کي ڏسي اچي ويٺيون. بابا کان امان جو  پڇيم بابا چيو امان تنھنجي ماءُ حور وٽ آھي، حور کي ڇوڪرو ڄائو آھي مگر ٺيڪ ڪونھي. ائين مون سان امان سڦيان ۽ ناني مڪان گڏ ٿيون. بابا ته آھستي آھستي اچي رسيو آءٌ ته انھن کان اڳ ۾ پھچي ويس. ڀيڻ مون کي ڏسي ڀاڪر پائي جيڪو ڪجھه چيو اھو منھنجي بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي! ڇا لکان دل ڀِرجي ٿي اچي. ادي فاطمہ تنھنجو ڀاڻيجو  عطا محمد مون کي ماري ھليو ويو  مونتي ڪا ڪھل ڪانه ڪيائين. ھي پيو وڃي تو رستي ۾ ڪونه ڏٺو. ويچاريءَ ڏاڍا وِلواٽ ڪيا.

 امان به رني پئي. ٻنھين ماءُ ڌيءَ اھڙو ڪم ڪيو جو بيان ڪرڻ جي طاقت ھينئر به نه رھي آھي. صبح جو ٻنھي کي بخارجا اڙا- ڊاڪٽر کي بابا وٺي آيو، امان جي نالي چيائين ته ھن مائيءَ کي ڊبل نمونيا ٿي پيئي آھي، باقي حور کي ته ويم ڏکي ٿيڻ ڪري ٿيو آھي مگر ٻنھي کي الڳ رکو نه ته ٻئي ھڪ ٻئي کي ڏسي مري پونديون. ھوءَ پيئي چوي حور ڪيئن آھي ھوءَ پيئي چوي امان ڪيئن آھي. آخر امان کي منٿون ميڙون ڪري گھر وٺي آياسون. آءٌ ۽ بابا اچي حيران ۽ پريشان ٿياسون. ٽيون ته ھمدرد ڪير ھوئي ڪونه! ٻنھي اسان ڏک پي ڏرياسون. ھي لڙڪ آھن جيڪي توھان ھتي ڏسو پيا ان وقت جي ڪيفيت ڇا ھوندي اھو ته ھر دل وارو ڄاڻندو. ويچاريون ٻئي ھڪ ٻئي لاءِ پئي تڙپيون. حور چوي امان ڪيئن آھي امان چوي منھنجي حور ڪيئن آھي ۽ بابا وچ ۾ پنھنجي سورن ۾. ادي ڀاڻٻائي اسان ٻنھي سان ۽ امان سان اُٻَ توري ڇڏيا.۽ ادي سماني سندس ڌيءَ، روز دوا جو خيال ڪرڻ ۽ ھمدردي جيڪا انھن کان پڳي ان ۾ ھنن ڪا ڪسر نه رکي. چوٿون ڏينھن سو اُڀريو جنھن اسان کان حور کسي ورتي.آءٌ ۽ بابا وياسون. ڏينھن جا ٻارنھن  ٿيا ھئا تاريخ 21 اپريل (چيٽ) مھينو. ڏينھن به چوي اڄ نه تپان ته ڪڏھين نه تپان. آءٌ بيٺي رھيس اکربه ڪڇڻ جي گنجائش ڪونه ھئي. نھاري چيائين بابا توھان اچي ويا. وري چيائين بابا ھي ماڻھو ڪير آھن؟ بابا ته ويچارو سمجھي ويو، امي ھتي ته ڪير به ڪونه آھي دل ۾ چيائين ته امي ھي اھي اوٺي آھن جن سسئي کان پنھون کسيو ھو. ھي اسانکان اسان جو جت پيا نين – چيائين ته بابا ھنن کي پري ڪريو. پوءِ پنھنجي ساھيڙين کي ادي وسو، ادا حبيب الله صاحبڏناڻي جي زال ۽ ادي وسو حاجي سڄڻ جي ڌيءَ جانالا ورتائين. بابا ھڪدم ماڻھو موڪليو. ادي وسو به بروقت اچي ويئي، ٻيون ساھيڙيون به اچي ويئيون . سندن اچڻ جي دير ھئي. انھن چيو ادي حور تون ٿي وڃين اسان جو ھيئون ٿو ھيڻون ٿئي. بس ويچاريءَ انھن  کي ڏسي کڻي بس ڪيو. اسين ڏسندا رھجي وياسون. بابا چيو:

ڏونگر تون ڏاڍو ڏاڍايون ٿو ڪرين،

وري چيائين ته:

اکڙين ڪي نه ڪيو رت نه رُنائون،
اُڀي ڏٺائون  ڦوڙائبا سپرين.

ظالم موت تو اسان جي امان کي پنھنجي حور جو منھن ڏسڻ لاءِ سڪايو. اسين کيس ڪھڙو منھن ڏيکارينداسين ۽ کيس ڇا چونداسون  ته حور تو سان  رسي ويئي آھي. افسوس صد افسوس مگر موت تو کي ڪھڙو ڏوهه ڏيون تون به پنھنجي مالڪ  جي اڳيان مجبور آھين  ۽ اسين به مجبور  ھئاسون. بس ھڪ سرد آه نڪتي  ۽ حور کي خدا حافظ ڪيو سون. بابا ويچاري وري ڏونگر کي ڏک مان چيو ته :

تپي ڪندين ڪوهه ڏونگر ڏکوين کي،
تون جي  پھڻ پٻ جا ته لڱ منھنجا لوھه،
ڪنھن جو ڪونھي ڏوهه اَمِر مون سان ايئن ڪيو.

 بس ڪري ويھي رھياسون. جنھن جي شئي ھئي اھو پنھنجي امانت وٺڻ تي قادر ھو . بيشڪ الله جو امر غالب آھي پراڪثر ماڻھو نٿا سمجھن. بس حور کي روانو ڪري نماڻا نيڻ کڻي امان وٽ آيا سون اسان جي اچڻ لاءِ ويچاري پيئي تڙپي. ادي ڀاڻٻائي ويٺي ھئي ان پيئي دلاسا ڏنا ته مامو ۽ ڦاتو  حور ٻائي وٽ آھن اجھو ٿا اچن. امان ويچاري کي ڪھڙي خبرته ڪي ھيڏا پيا ھاڃا ٿين بري ھن ڀنڀور ۾! ڊاڪٽرسخت منع ڪئي ھئي ته ھن کي حقيقت اصل نه ٻڌائجو. نه ته اھا به گڏ ٿيندي سو دل جو سور دل ۾ رکي، امان وٽ آيا سون. اچڻ سان ئي پڇيائين اوھان ھيڏي دير ڇو ڪئي؟ حور ڪيئن آھي؟ بابا چيو  ته بخار اٿس ھاڻي ڪجھه بھتر ٿي آھي ته اسين اچي وياسون. چيائين توھان وڃو مون وٽ ڀاڻٻائي ويٺي آھي. منھنجي ڌيءَ اڪيلي آھي. امان کي ڪھڙي خبر ته اھا اڪيلاڻ  ھاڻ ازلي آھي، جنھن ڪيترن کي پنھنجي جانبن کان جدا ڪري ڇڏيو آھي.  اسان  ٻئي آءٌ ۽ بابا پيا اڪيلائي ۾ روئندا ھئاسون ۽ ڏک پيا ڏوريندا ھئاسون.تان جو ٽي ڏينھن ٿيا، امان ڪجھه بھتر ٿي، ان ڏينھن صبح جو مون کي منٿ ڪري چيائين امان مون کي  ڀيڻ جي خبر ڏي ڪيئن آھي، مون کي وٺي ھل.  مون امان کي جواب ڪونه ڏنو، ماٺ ڪري ناشتو کڻي آيس. بابا به ليٽيو پيو ھو.  وري  بابا کي چيائين ميان اڄ تون حور وٽ ويو ئي نه آھين، ماني گرھه کڻي چيائين: امان ڦاتي مون کي ماني نٿي وڻي گره اٽڪي پيوآھي،  ھيٺ وڃي ئي نٿو. ڌيءُ مون کي ڏيکار، منھنجي موتين جھڙن ڏندن واري منھنجي ڳاڙھن ڳلن واري حور ڀلائي ڪري ڏيکار، ھي تنھنجو پيءُ مون کي نٿو وٺي ھلي! اتي امان روئي ڏنو. ناني مڪان اچي ويئي. ان چيو گل ھن ويچاري کي ٻڌاءِ آخر ته ٻڌندي ساه ھڪڙو آھي. امان وري بابا کي چيو ميان سچي ڪر مون کي اندر ۾ باه پيئي ٻري، مون کي منھن ڏيکار. تڏھين بابا چيو ته ھاڻ حور جو منھن تون بھشت ۾ ڏسندين. امان نه سمجھي سگھي. مون کي چيائين ته تنھنجو بابا ڇا ٿو چوي. مون به دل تي پٿر رکي چيو  ته امان حور ھلي ويئي پنھنجي وطن. اڙي الله! ڇا اھا گھڙي ھئي ۽ ڇا منھنجي ماءُ جي حالت ھئي. حور ويئي جنھن اسان جي دلين کي پاش پاش ڪري ڇڏيو. امان ته بنا جتي جي ھلڻ لڳي نڪا سگھه ھئي نه سار ھئي الا جي اھا طاقت ڪٿان آئي. امان ھلڻ لڳي، اسان کيس نه رسي سگھياسون. ناني مڪان، امان سڦيان، آءٌ، بابا سڀ پويان . بابا کي چيائين تون ڏاڍو ظالم آھين مون کان ڇو لڪايئي.

تو جا ٻوڙي سھڻي، ٻيلي منھنجي ٻانھن،
دريا توتي دانھن، ڏينديس ڏينھن قيام جي.

الاءِ جي ڇا ڇا چوندي ھلي، حور جي گھر پڳي، ڪمري اندرويئي اڙي اوٺيا آن ڪا منھنجي حور ڏٺي“. ”ھاري ناري پاسي ٿيو، آءٌ پنھنجي حور ڳولڻ پئي وڃان. ڇا لکي ڇا لکان!! امان جي ڪھڙي حالت ھئي: پئي ڪپڙا کڻي، پيئي ھنڌ ڳولي، حور ڀلا ھجي ته ملي! بابا چيو  وسو تون چري نه ٿي ، تڏھن چيائين ته:

ڏونگر ڏوراپو پھرين ڏينديس پرينءَ کي،
پھڻ  پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيم تو،
ڪنديس واڪا وو  مون سان  جبل ٿو جاڙون ڪري!!

برابر واڪاڪندي  ويچاري ويھي رھي. ھوءَ ته نه اچڻي ھئي نه آئي، سو چيائين ڏاڍي ڪنھن ضَرورَ، ماروئن مُلڪ مٽيو، پوءِ ته ھئا سسئي ۽ سور.

 بابا جيستائين ھو تيستائين ان سان گڏ، پوءِ ويچاري پاڻ کي جڏھن پور چڙھندو ھوس تڏھن حور جون  ڳالھيون اسان سان ڪندي ھئي. ان جي گھر ويندي ھئي. تڏھن ويھي پار ڪڍندي ھئي.

اڄ پڻ ويٺو روءِ ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،
ڪوھياري جو ڪوءِ اچي سور اڌميو.

وري چوندي ھئي ته:

آءٌ نه گڏيس پرين کي تون ٿو لھين سج،
آءٌ جو ڏيئين سنيھو سو ساري سڄڻ ڏيج،
پرين گڏجن ته چئيج، ته ويچاري واٽ مئي.

***ء

آءٌ نه گڏيس پرين کي پويون ٿيو پساهه،
سڪان ٿي سڪرات ۾ رويو پڇان راهه،
شال مَ وڃيم ساهه، پسڻ ڌاران پرين جي.

آءٌ نه گڏيس پرين کي عمر تان ويئي،
ڏکي ڏينھن وڃائيا سرتيون سڀيئي،
پيريءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻي.

الاءِ جي ڇا ڇا ويٺي چوندي ھئي. ان کي تات ئي اھا ھئي. بابا جيستائين ھو تيستائين ٻئي گڏ پيا پار ڪڍندا ھئا. ادا احسان کي البت اها ڳالهه ڪونه وڻندي هئي. بابا کيس چوندو هو ته ابا! آءٌ توکي ڇا ٻڌايان ته حور جي سور اسان کي ماري  وڌو آهي. اسان کي بُت ڇڏيو اٿس بر ۾ ساهه کڻي ويئي آهي ساڻ.

 اتي ادا محمد احسان کي ته ٻيلو پٽن جو ڄائو. الله سائين جا عجيب فيصلا، اھو پنھنجي قدرت پاڻ ٿو ڄاڻي. امان ته ويچاري جنھن بابا جي گھر جو پورھيو سر تي کنيو ھو اھا ته حور کي وساري ادا احسان جي زال ۽ ٻارن جي خدمت ۾ لڳي ويئي. ادي سماني جو پنھنجو  ننڍڙو ٻار. امان سڦيان پيرسن، ان کي ڪھڙي خبر ته ھي جو ھيڏو ساٿ آھي سو ڪيئن ڏئي سگھبو. ڀاڀي جا ٻار ٻه ۽ تمام اجرا ۽ ٻئي گڏ اٿندا ھئا ۽ روئيندا به گڏ ھئا. ھر مھل ان جي ماني ۽ ٻارن جا تيل سرما. ڀاڀي جي ماءَ  ته ھئي ڪونه، ڀينرون شادي شده ۽ ادا احسان انھن کي اچڻ به نه ڏيندو ھو. مٿان ٻه ٻار، سارو ڏينھن امان کي پارت پيو ڪندو ھو ته وسو منھنجا ٻار ڪنھن کي نه ڏيکارج نظرجي پوندا. امان ٻار پالي به ڏئي ۽ گڏو گڏ ساهه به سڪائي ته احسان ناراض نه ٿئي. اھو مثال اڃا دنيا ۾ نٿو ٿي سگھي ۽ نه ٿيڻو آھي. آخر ٻار ڪجھه وڏا ٿيا. نسيم به ستن مھينن جي ٿي. تڏھن وري ادي سماني کي ڪوٺي آيا ته اھا به مدد ڪري. اھا به آئي، پنھنجي حال آھر ان به ڪردار  ادا ڪيو مگر ڀاڀيءَ جا ته اهي حال ٿي ويا ھئا جو ٻه ٻه ڏينھن وارن ۾ ڦڻي نه ڏيئي سگھندي ھئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org