ڪڏھن وري دلاسو ڏيندو ھو
”جو
اوکي آگي سو مون کي ڪين ڇڏيندو“.
آخر ھڪ ڏينھن ڪاڪو عمر پرتاڻي جيڪو بابا جو
پاڙيسري به ھو. ۽ مائٽن ۾ به ويجھا ھئا امان سڦيان
جي ڪاڪي جو پٽ ھو. ان چيو ميان گل محمد ھي ڪاڪو
لائقڏنو آھي ان جي ڌيءَ والھٻائي سٺي آھي غريب
برابر آھن پر ڌيءَ بدي ۾ احمد کي ڏيندين ته
احسان لاءِ سڱ ڏيئي ويندا . اھو ڪم تو کي
آءٌ ڪرائي ڏيان. بابا به ٿڪجي پيو ھو کڻي
ھا ڪيائين. ڏينھن ٻن ۾ ھاڪار ٿي بابا ته خوش ٿيو
مگر ڏاڏا چيو گل احسان ته پرڻائي ايندين، حور جو
ته سوچيوئي ڪونه اٿيئي. اتي به بک پيئي واڪا ڪري.
چيائين ابا حور کي احسان مٿان ته ھونءَ به قربان
ڪري آيو آھيان. ان شاديءَ ۾ ٻيو ھڪڙو واقعو ٿيو جو
ادا احسان جي شادي ڏاڍي سڪ مان پئي ٿي سو سڄي
پاڙيوارن ڪپڙا ٺھرائيا ۽ ان وقت جي رواجن پٽاندر
جوڙا معنى ٻانھيون مايون پائينديون ھيون. عمر ڪوٽ
مان عاج جون ٻانھيون اينديون ھيون. ڪنوار
لاءِ به آئي مگر امان لاءِ ادا احسان نه گھرائي
. سڄو پڙو ته منھنجي ماءُ پنھنجي ھٿن سان ڀري
تيار ڪيو ۽ ڏاڍي ڪوڏ مان پيئي شادي جو ڪم ڪيائين
تانجو ست ڏينھن اڳ ۾ اڳئين رواج موجب ٻڪي وجھندا
ھئا يعني شادي شروعات ۾ ۽ ان رات گيت به ڳائبا
ھئا. شادي جو پھريون سوڻ آھي.
بوا رحيمان بابا جي بوا لالٻائي جي ڌيءَ جيڪا سري
پرڻيل ھئي اھا به ڪوٺجي آئي، سڀ نياڻيون ڪوٺبيون
ھيون سڀ آئيون. سڀني اسان جي گھر اچي ڏاڍي خوشيءَ
سان ٻانھيون به چاڙھيون. ڏاڍو خوشيءَ جو
سمان ھو. اھا خبر بابا کي به ڪونه ھئي ته وسو لاءِ
احسان ٻانھي نه گھرائي آھي-
تڏھن بوا ڏٺو ته سڀني واري واري ٻانھيون چاڙھيون
پر امان کي نه ملي- چيائين ادا گل ھيءَ وسو ٻانھن
ٺلھي پيئي ھلي، ان جي ٻانھين ڪٿي آھي، چيائين ته
ادي احسان کان پڇ مون کي خبر ڪانھي. تڏھن سائين
محمد احسان صاحب کان پڇيو ويو چيائين ڇاجي ٻانھين!
وسو جي ٻانھين ته اڃان سٺي پيئي آھي. بوا کي ڏاڍي
ڪاوڙ آئي چيائين ته ادا گل ھيءَ ھيڏي بي انصافي!
آءٌ ھيءَ مون کي مليل ٻانھين لاھيان ٿي.
اسين ڪھڙي نڪ سان ھلنديوسين ؟ ماڻھو ڇا چوندا.
پوءِ عاج ته رھيو عمر ڪوٽ ۾ تنھنڪري ڏيپلي مان
حاجي اوڀائي جي دڪان تان رٻڙ جي ٻانھين آئي اھا
منھنجي امان پاتي. تڏھن به ويچاري خوش پي ٿي، چوي
ناراض ڪيئن ٿيان، گل جو مو ڀي پٽ ٿو پرڻجي .
گل بي راحتو ٿيندو . اسان ۽ ڏکن ڪين وڃايو آھي
”سسئي
۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾“.
وري چوي
سورن سانڍياس پورن پالي آھيان،
سُکن جي سيد چئي پُکي نه پياس،
جيڪس آءٌ ھُياس، گُري گوندر وَل جي.
ويچاري منھنجي ماءُ ته سور به سسئي وانگر پينگھي
۾ پرايا ھئا. پر
”تنھن
کي ڪوهه ڪندو ڪوهه جنھن جو پيچ پنھون ڄام سان“.
بابا سائين جي اشاري تي ھوءَ ڪٺل ھئي سا لوڪ ڪيئن
ٿي لک ڏي. محمد احسان صاحب گھوٽ ٿي گھر آيو. امان
۽ امان سڦيان ته ويچاريون بابا جي جيئري احسان جون
محتاج ھيون. مٿان جو ادي والھٻائي آئي. تنھن ته
سوني تي سھاڳو ڪيو . ٿوري وقت ۾ اَنَ واري ھٽ کي
تالو لڳو . اَنُ به تڪجي ملي. ماني ڳٽي لاءِ به
لاچار. سماني ٻائي وڏي ٿي اھا والھٻائي جي ٻارن
پالڻ ۽ ان جي خدمت ۾. والھٻائي ميرـ مير کٽ ٿي. ھي
ويچاريون ڪم به ڪن ۽ ھُلُ ھانڀاھه به سھن! پئسو
ٽڪو به سائين ڏي تڏھن ڦڻي صابڻ اچي. ھلندي ھلندي
سماني ۽ حور وڏيون ٿيون، شاديون به ٿيون. مڙيئي
حال آھر ڏيج وغيره ڏئي گھر پھتيون. سماني وري به
بھتر ھنڌ تي وڃي پھتي، مگر حور ويچاري لاءِ وري به
اھائي غربت. امان لاءِ ويتر ڏک! وڏي دل سان پيئي
ھلي. بابا سائين وٽ شاباس جي ته کوٽ ھئي
ڪانه. امان ھٿن جي سڄي ھئي پنھنجي ڀرت وغيره مان
پيئي پنھنجو وقت پاس ڪندي ھئي. حور جو ھڪڙو ٻار
زيان ٿيو، وري ٻيو به ٽن مھينن جو زيان ٿيو. اھو
به ڏک . وچ ۾ ماما احمد بيمار ٿيو. ٽي.بي
ھيس نيٺ 1942 ع ۾ جنوري مھيني ۾ وفات ڪيائين.
ناھيد منھنجي ڀيڻ نون ڏينھن جي ھئي، ان ڏينھن وفات
ڪيائين . چيائين
”ادي
آئي اسين ويا سين اوھين اوتيڪا اوتا“.
وري حورٻائي کي ٻار ٿيو. ھڪڙو بک ۽ تڪليف ٻي ٻارن
جي وٺ . آرام ڪٿان ٿو نصيب ٿئي، الله الله ڪري نو
مھينا پورا ٿيا. 1943ع جي اپريل ۾ نسيم ادي
سمانيءَ کي پيدا ٿي ۽ ويھن ڏينھن کان پوءِ حور کي
پٽ ڄائو. آءٌ ان وقت فائنل جي امتحان لاءِ مٺيءَ ۾
ويل ھيس. ان وچ ۾ ڇوڪرو ڄائو. سڀ ڏاڍو خوش ٿيا.
بابا، امان ۽ حور ڄڻ مئل ڏيڏريءَ ۾ پساهه پيو. مگر
افسوس جو اھا خوشي فقط ٽن ڏينھن لاءِ ھئي، مون کي
ته خبر به ڪانه ھئي ته ھي ڪو خوشيءَ جو موقعو آيو
ھو يا ھوا جو ڪو جھونڪو ھو، جو ختم به ٿي ويو. سو
امتحان ڏيئي بازار مان ٻه ھڪڙا مٽيءَ جا ٺھيل
رانديڪا طوطي جي شڪل جا جيڪي مون کي ڏاڍا پسند آيا
سي ھڪ نسيم ڀاڻيجي لاءِ ۽ ھڪ آس ڪري حور جي ٻار
لاءِ وٺي آيس. اھا خبر نه ھئي ته چنڊ جو ٽڪرو
پنھنجي ماءُ ۽ ناني کي سڪائي ۽ ويتر ماءُ کي به گڏ
وٺي ويندو!
مون سان گڏ ادا عبدالرحمٰن ھو ڇاڪاڻ ته ان کي بابا
موڪليو ھو ته حور کي پورا ڏينھن آھن ۽ آءٌ نٿو ھلي
سگھان تون ڦاتوڙيءَ کي وٺي وڃ. ڀاڻيجا پنھنجي مامي
جو خيال ڪندا ھئا سو مون سان گڏ ھليو ھو.
بھرحال اسان مٺيءَ مان روانا ٿي ڏيپلي ۾ وچين نماز
مھل جتي وٿاڻ ۾ کوهه ھئا اتي پھتاسون، پنھنجي ڀيڻ
جي نڻان وسو ۽ آسو پرتي جي زال جيڪي پاڻي ڀري
رھيون ھيون، انھن کي ڏسي مون اتان اُٺ تي ويٺي ئي
کانئن پڇيو ته ادي منھنجي ڀيڻ جو ڪو ٻار ڄائو؟
چيائون ھا پٽ ڄائو آھي. مگر مون کي انھن جي منھن ۾
خوشي محسوس نه ٿي، پڇيم ڇو توھان مون کي ايئن پيا
ٻڌايو. انھن جواب نه ڏنو . مون کي ڊپ ته ضرور ٿيو
آخر گھر پھتاسون. اٺ جي رڙ تي امان سڦيان ۽ ناني
مڪان نڪري آئيون ۽ بابا به کٽ تان سنئون ٿيو .
ٻڌايائون ته پٽ ڄائو آھي. امان اتي آھي توکي وٺي
ٿا ھلون، ھڪدم بنا دير وڃي پھتيس، ڇا ڏسان ته امان
بخار ۾ ورتل ۽ حور بستري داخل! مون کي ڏسي ڀاڪر
پائي چيائين ادي فاطمہ تنھنجو ڀاڻيجو مون کي ڇڏي
ھليو ويو . ايئن ڪري ڏاڍي رني ته منھنجو چنڊ جھڙو
........... اکر نٿي لکي سگھان.آخر ايترو
چيائين ته
”پرين
ھليو ويو منھنجو ساهه ساڻ وٺي ويو.“
ٻئي ڏينھن کيس به بخار اچي ويو، تمام زوردار 107
ڊگري. ڊاڪٽر شھر ۾ ھوئي ڪونه . ھڪڙو ڪمپائونڊر ھو
چيائين ته ھي ٻئي مايون گڏ نه رکو. حور پيئي چوي
امان ڪيئن آھي ۽امان پيئي چوي حور ڪيئن آھي، سو ھي
ٻئي مري وينديون. امان کي ڊبل نمونيا ۽ حور کي
شايد گائني جو انفيڪشن ھو. بھر حال امان کي زوري
وٺي آياسون. حور
”ڪٺل
پيئي ڪوڪون ڪري“
خبر نه پيس ته ھي وڇوڙو ڪو ورھين جو وڇوڙو آھي.
ڀيڻ ويچاري ٽن ڏينھن کانپوءِ پنھنجي سفر جو
سانباھو ڪري ھلي ويئي. امان کي خبر به نه پيئي .
منھنجي ۽ بابا جي حالت ته آءٌ ڇا لکان! ھن پل به
اھو داستان ھلندي اھا ڪيفيت اکين جي آڏو اچي ويئي
آھي ته اکيون ۽ دل ڀر جي آئي آھي . لڙڪ رڪجن نٿا .
”اکين
کي آءٌ ڪھڙيون جھلون پائيان.“
آخر ڪار ماءُ ھئي جڏھن ڪجھه بيماري مان ھوش بحال
ٿيو ته چيائين امان ڀيڻ ڪيئن آھي؟ مون کي وٺي ھل
آءٌ سڪان ٿي منھنجي ٻچڙي ڪيئن آھي .آءٌ ڇا
چوان. بابا کي چيائين ميان مون کي حور ڏيکار جي
مون کي نه ڏيکاريندين ته
”دريا
توتي دانھن ڏينديس ڏينھن قيام جي.“
وري مون کي چوي: امان مون کي ماني نٿي وڻي ڀلائي
ڪري مون کي وٺي ھل. تڏھن ويچاري بابا چيو ته حور
ھاڻ محشر جي ميدان ۾ ڏسندين. امان نه سمجھي سگھي،
چيائين امان تنھنجو بابا ڇا پيو چئي. نيٺ مون دل
جھلي چيو امان حور ويئي ھلي . ھينئر منھنجي
اکين ۽ دل ۾ لڙڪ آھن جي آءٌ روڪي ويٺي آھيان .
دانھون ڪندي ، ڪو ڪون ڪندي، چلھڻوچان ھلي ويئي.
مقام ڏانھن چوندي ويئي ھاري ناري پاسي ٿيو، آءٌ
حور ڳولڻ پيئي وڃان. الاجي ڇا ڇا چوندي اُتي پڳي.
آءٌ، ناني مڪان، امان سڦيان، ڀاڀي سڀ پويان تي
ٿيونسين پر احسان نه ڇڏيو . اچي پوءِ احسان کي
چيائين ته
’توکي
قدر نه پيو منھنجي ياريءَ جو مون نينھن رکيو عمر
ساري جو.‘
بابا کي چيائين ته مون ساري عمر تنھنجي چوڻ تي ھن
احسان جو ري سينھين پاڻي ڀريو مگر ھن ڏک ۾ به ھن
منهنجو ساٿ نه ڏنو. وري چيائين:
مون کي منھنجي حور جو وڇوڙو آھي،
من منھنجو ماندو آھي،
ھاڻي ڪيئن ٿي چوان عمر ڪوڙو آھي،
منھنجي منٿن تي نٿو ڌيان ڌري،
منهنجي مارن جو آھي ملڪ پري.
اھڙو قاصد ڪونھي جيڪو جلد وري ....... (ھي بيت
يا ڪافي پوري ياد نه آھي . ياد آئي ته لکي
وٺنديس-
ڇاڪاڻ ته ھي اسان جي دک جو ھڪڙو وڏي ۾ وڏو داستان
آھي). پوءِ چيائين :
آءٌ نه گڏي پرين کي تون ٿو ھلين سج،
آءٌ جي ڏيئين سنيھا نيئي پريان ڏج،
وڃي ڪيچ چئج، ته ويچاري واٽ مئي.
***
آءٌ نه گڏي پرين کي عمر تان ويئي،
ڏکيءَ ڏينھن وڃائيا سرتيون سڀيئي،
پيريءُ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻي.
***
آءٌ نه گڏي پرينءَ کي ھي پڻ ڏينھن ويو،
نھوڙي نانڀ سين مون کي نينھن نيو،
مٺيءَ موت ٿيو، پي پي ڪندي پنڌ ۾.
***
آءٌ نه گڏي پرين کي ڪاري ٿي قيام،
ھٿن ھاج ڦٽي ڪئي نيڻن ننڊ حرام،
ماريس تنهن ماءُ، ھوت ھلندي جا چئي.
اھڙي طرح بابا ۽ امان ٻئي سارو ڏينھن ۽ رات حور
حور ڪندي، شاهه سائين کي پَچاريندي ويٺا پنھنجو ڏک
وندرائيندا ھئا. ھو ته نه ورڻي ھئي نه وري. اھو
وقت به ويو گذري. حور کي ٻه ٽي مھينا ٿيا ئي مس
ھئا ته اچي بابا کي وسوسا پيدا ٿيا. اھو به ممڪن
ھو ته ادا احسان کيس ان ڳالھه لاءِ چيو ھجي والله
اعلم سچ يا ڪوڙ جي اندازي کي ڌڻي معاف ڪري، بابا
چيو ته آءٌ الا جي ڪيترو جيان حور جي سور ماري
ڇڏيو آھي- ائين نه ٿئي جو وسو عمر سان ملي ڪو
پنھنجو حق ڇڪي ۽ احسان کي تنگائش ٿئي سو ھڪ ڏينھن
ماٺ ميٺ ۾ جمعي جي ڏينھن جامع مسجد ۾ نماز پڙھي
اھو اعلان ڪيو ته سڀئي ويٺل مسجد وارا ٻڌن مون
پنھنجي سڄي ملڪيت ٻنين توڙي گھر جي پنھنجي پٽ
احسان جي حوالي ڪئي آھي. پنھنجي زال ۽ ڌيءَ جو ڪو
به واسطو ان ۾ ناھي- ماڻھو ته سڀ حيران ٿي ويا ته
مکي جھڙو داناءُ ۽ عقلمند ھي ڇا پيو ڪري مگر ڪنھن
جو ڇا ٿي ويو- چاچو مولوي محمد گھر آيو ۽ بُوا کي
چيائين ته مکي گل محمد ھڪ ڏاڍو قھر ڪري آيو آھي .
ٻن حقدارن کي حق کان محروم ڪري آيو آھي- ھي اعلان
ڪري آيو آھي . بُوا کي به ڏاڍو ڏک ٿيو-
امان کي ته خبر به ڪانه ھئي ويچاري کي حور جي ڏک
بي حال ڪري ڇڏيو ھو، تنھن کي ته نه ڪا ملڪيت ياد
ھئي نه ڪو دنيا جو ھوش ھو. تاڙي تنوار اھائي ھئي-
”جيجل
جتن جي لڳي جيءَ ۾ جھوري“
آخر بابا شام جو دستور موجب بُوا وٽ آيو، بُوا کيس
چيو ته ھي تون ادا ڇا ڪري آيو آھين ؟ منھنجي ته
زمين پيرن ھيٺان نڪري وئي آھي- ھيءَ وسو ويچاري
مسڪين ڏکن جي ماريل ڪيڏانھن ويندي. اھو احسان توکي
ڪٿي آخرت ڇڏائيندو- قيامت جو ڏينھن ڏاڍو اُھکو
آھي. معافي وٺ الله کان ۽ پنھنجي زال کي راضي ڪر-
اھا بيوس ڇا ڪندي. پٽ ته شال خدا ڪري توکي کارائي-
پوءِ واقعي ٿيو به ائين بابا ڪجهه وقت کان پوءِ
پاڻ ٻنين تي وڃڻ به ڇڏي ڏنو - سائين شير ٿي ويو.
مانيءَ جا به لالا اچي لڳا، تڏھن ارباب ڪاڪو تاج
محمد، ادا محمد ھارون منھنجو ڏير ۽ قاضي
عبدالرحمٰن انھن کي ويھاري پنج ٻنيون پنھنجي حوالي
ڪيائين. لک پڙهه ڪري انھن جون صحيون وٺي شاھديون
ڪري ارباب کي پارت ڪيائين. منھنجي مرڻ کان پوءِ به
کاتا احسان جا آھن مگر اَنُ وسو کي ملندو. ان ۾
احسان جيڪڏنھن گڙٻڙ ڪري ته منھنجي گھر واري جي
واھر ڪج. ارباب تاج محمد تمام وڏي دل سان
دلداري ڏني ته سائين مُکي صاحب امان منھنجي ڀيڻ،
ماءُ آھي، حڪم ڪندي ته سائين محمد احسان ان ھنڌ
مان لنگھي به نه سگھندو. بس جيڪا قسمت ھئي اھو
مليو. دنيا جا حيلا سڀ جيڪي ھئا سي ڪيائين . ڪنھن
کي ڪا خبر آھي ته اڳي ڇا ٿيندو.
نڪا خبر نڪو خواب نڪو اوٺي آيو،
ھميراڻو حساب نه ڄاڻان ڪيئين ٿيو.
ھي دل ڏکوئيندڙ ڳالھيون نه لکڻ کپنديون آھن مگر
اھو به آھي ته لکڻ مان خوف خدا پيدا ٿئي ٿو، جو ھر
انسان کي رکڻ گھرجي ڇا ڪاڻ ته شاهه صاحب چيو آھي
ته:
ھي جي ٿوريون تون ڀورا پسي ڀلئين،
راتيون سي سنڀال جي اينديون ھيڪلي.
اھو سبق ھر انسان کي پنھنجي تجربن مان ملندو آھي ۽
رکڻ گھرجي. جولاءِ 1949ع
۾ منهنجي عزيزه پيدا ٿي. بابا ويچارو ان انتظار ۾
ھو ته منھنجي ڌي کي پٽ ملي سو آس رکي ويٺو ھو.
امان ٻڌايو ته ڦاتوڙي کي ته ھينئر به نياڻي ڄائي
آھي. ويچاري بابا جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، چيائين
وسو تو ته مون کي ماري وڌو، ھاڻي نه جئيندس مگر
”آءٌ
وندر وڃي وڙول وجھندم ڪو دم ڪيچين لاءِ“
انھيءَ
ڏينھن بابا کي بخار اچي ويو. ادا احسان ڪا ٽوڪ
هنئي ان تي چيائين ته احسان تون ڀلي ائين ڪر مگر
آءٌ به پنھنجي خدا کي ستايان ٿو. اھو رب تمام وڏو
آھي منھنجي ڌيءَ جو جوڙو پٽن جو ٿيندو. عمر دراز
نيڪ بخت ۽ صالح ٿيندا. منھجي ڌيءَ جو نالو روشن
ڪندا. ان شاءالله، الله سائين وڏو ڪريم آھي. امان
کي چيائين ته دلگير اصل متان ٿئين، الله ڪندو تون
ڏسندين مگربس مون نه ڏٺا. بابا جي بيماري طول پڪڙي
ويئي ۽ عزيز ٽن مھينن جي ٿي ته بابا آڪٽومبر 1949ع
- 10 تاريخ حج جو مھينو ۽ عيد جي ڏينھن فجر مھل
اسان کان موڪلائي ھليو ويو. امان چيو ته ميان
منھنجي ڪنھن کي ٿو پارت ڪرين ته آڱر مٿي ڪري الله
ڏانھن ڏٺائين. امان چيو ته تو ته مون سان واعدو
ڪيو ھو.
”مھند
نه مرڻ ھوءِ پوءِ نه جيئان جيڏيون- سبب پريان سو
جو ھلڻ ھيڪاندو ٿئي“-
پوءِ امان چيو ته،
”وينديس
ڪيچ ڪھي، سيڻن ساڻ سھي-
آءٌ جيئندس ڪانه جتن ري.“
ويچاري منھنجي مسڪين ماءُ کي احسان جي رحم ڪرم تي
ڇڏي بابا ته ھليو ويو. معافيون امان کان بيماري جي
وقت جام گھريائين. وسو مون کي معاف ڪر نيٺ امان
چيو ميان منھنجي قسمت، مون توکي معاف ڪيو، مون وٽ
ھڪڙو پٽ ھجي ھا ته تون ائين نه ڪرين ھا مگر ڇا
ڪريان اھا پٽ جي ملڪيت مون کي نه ملي، تنھنجو ڪھڙو
ڏوهه-
”ڪنھن
کي ڏيان ڏوهه امر مون سان ائين ڪيو.“
ھي داستان جيڪڏھن لکڻ تي اچان ته جيڪر ڏونگر ڏري
پون. سسئي چواڻي ته:
حقيقت ھن حال جي ظاھر ڪريان ذري،
ته لڳي ماٺ مرون کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ سڙي، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي.
پوءِ ته امان جيڪي اُڀ
ڏاريا سي آءٌ ھتي نٿي لکي سگھان جو دل ڏري ٿي پوي،
جگر پاش پاش پيو ٿئي. ڇا لکي ڇا لکان.
ڪڏھن ڪڏھن بابا کيس گھڻو ياد ايندو ھو ته پار
ڪڍندي ھئي. ھن ۾ به وڌاءُ ذرو نه آھي. امان جا
اھي لفظ ھئا جيڪي مون کي اڄ به ياد آھن:
ڪارون وس ڪيام
منھنجو ھوت نه موٽيو
ڪارون وس ڪيام
ٻنڌڻ ٻاروچل جا پينگھي منجھه پيام
ڪئين قاصد ڪيچ ڏي محبن لاءِ مڪام
سدا سپرين جا سانڍڻ سور پيام
اديون عبداللطيف چئي آرياڻي ايندام
وقت به وقت پئي جھونگاريندي ھئي. ان سسئي ته سور
پينگھي ۾ پرايا ھئا. لکڻ ليکو ناھي ڪو، آگو عرض
اگھائي ۽ منھنجي ٻنھي والدين کي جنت الفردوس جي
برين باغن ۾ جاءِ ڏي ۽ سندن ڪوتاھيون قصور غلطيون
گناهه جيڪي انساني حالتن پٽاندر کانئن ٿيون
ھونديون سي معاف ڪري. ڇاڪاڻ ته انسان ته ھر وقت
خطا ڪار آھي غلطيون ھميشه ٿينديون رھنديون آھن.
اھو مالڪ مھربان جيڪو الرحمان الرحّيم، آھي اسان
جون خطائون ڏسي به بخش ڪري ڇڏيندو آھي. اھو مٿن
ٻاجھه ۽ ڪرم ڪري، مغفرت جي نظر رکي. روز محشر جي
داروگير کان انھن کي پنھنجي حفظ ۾ رکي ۽ نبي ڪريم
ﷺ
جي شفاعت جا حقدار ڪري اٿاري ۽ مومنن جي سٿ ۾
مرڪائي، ان شاءالله آمين.
ٿي ھيءُ دعا بھشت ۾ انھن جو مقام ٿئي،
ان جي شفيع سرور عالم جي ذات ٿئي،
محشر جي داروگير کان انھن جي نجات ٿئي،
_ آمين ثم آمين.
سيدالمرسلين، رحمت اللعالمين، امام الامتين، راحت
العاشقين انھن جي شفاعت ڪري، جو ھو ٻئي مرڪندي
منھن اُٿن. آمين آمين ثم آمين ان شاءالله. عاجزاڻو
عرض قادر ڪريم پنھنجي ڪرم سان اگھائيندو آمين.
ڏيپلي ۾ ٿو سُڄي
مانجهي مُکي مڻيادار
اسان جي ڏيپلي شھر ۾ اصل کان پنچائت جو رواج ھو.
ٽي مکيه پاڙا ھئا: مکي محمد احسان، مکي
ورائن جو پاڙو جنھن جو مکي احمد هو ۽ واڻين يا
ھندن جو پاڙو جنهن جو مکي ٻالو مل ۽ تلوڪچند هو.
ڪنھن غريب ماڻھوءَ کي ڪو اھنج ايذاءُ يا ڪنھن ڏاڍ
ڪندڙ کان ايذاءُ رسندو ھو ته سڀئي گڏجي فيصلو ڪري،
ان جي دانھن (جيڪڏھن صحيح ھوندي ھئي ته) جي دادرسي
ڪندا ھئا مگر رفته رفته اسان جي ڏاڏا وارن جي عزت
وڌندي ويئي ڇو ته هو ترجا واڏا زميندار ھئا- پوري
ڏيپلي تعلقي ۾ اُھا ديھه نه ھئي، جنھن ۾ انھن جي
ٻني نه ھئي. وٽن پئسو به زور ھو- باقي ٻيا مکي
انھن ڳالھين ۾ ڪمزور ھئا. انھيءَ سبب ڪري، اسان جي
ڏاڏا سائين جي اھميت وڌي ويئي . ڏاڏا سائين وٽ
ماڻھو زياده ايندا ويندا ھئا- کين اوڌر، سوڌر به
انھن کان ملندي ھئي ڇاڪاڻ ته اهي تقريباً سندن ئي
ھاري ناري ھوندا ھئا. انھيءَ سبب ھندو مکين ۾ ته
نه مگر اسان جي پنھنجي برادري ۾ ٿورو حسد به پيدا
ٿي پيو. ايتري قدر جو منھنجي ڏاڏي مصري کي پٽ ڄائو
ته مکي احمد مرحوم سڀني ماين کي مبارڪ لاءِ موڪليو
مگر کين چيائين ته مکي توھانکي ڪوپرا ڏيندو. (ان
وقت جي رواج موجب پٽ جي ڄمڻ تي ماڻھو ڪوپرا
ورھائيندا ھئا). کڻجو ڀلي، مگر اٿڻ وقت سڀ ڇڏي
اچجو. ڀلي مکي مصري جا خار وڃن، ڪڇي به نه سگھندو.
انھن ايئن ئي ڪيو. ڪجھه وقت کان پوءِ وري مکي احمد
وارن ۾ پٽ ڄائو . اسان جي ڏاڏي مصري ڇاڪيو
جو اوڙي پاڙي جون مايون ڪٺيون ڪري سڀني کي چيائين
ته مکي وڏ ماڻھپي لاءِ ڪري چار چار ڪوپرا ڏيندا.
اوھين جھلينديون اچجو آخر ھڪڙي ڄڻي جيڪا سڀني ۾
چالاڪ ھوشيار ھئي، ان کي چيائين ته سڀني کي اشارو
ڏج ته يڪايڪ سڀ ڪوپرا کڻي ھليون اچجو ته ان تي ھو
پاڻھي شرمسار ٿيندا ۽ اهو به چيائين ته پاڻ ڇو
ڏنا ڏان موٽايون. پوءِ ته مکي احمد وارن اھڙي حرڪت
ڪڏھن به نه ڪئي اھو به ھڪڙي قسم جو سبق آھي.
ڏاڏا سائين جن ايترا ته ھوشيار ھئا جو ڪڏھن به
ڳالھه ھٿان وڃڻ نه ڏيندا ھئا . ڌڪ به ھڻندا پر ڪا
غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ کانسواءِ مخالف کي سبق سيکاري
ڇڏيندا. اھڙا اسان جي ڏاڏي مصري جا گھڻائي مثال
آھن.
ڏاڏا سائين جن جي وفات ٿيڻ کان اڳ۾ پنھنجي پٽن جن
۾ ھڪڙو منھنجو ڏاڏا محمد مانجھي ۽ ٻيو منھنجو نانا
جان محمد هو انھن کي پارت ڪيائين ته ابا ھي عمراڻي
جيڪي ھاڻي قاضي سڏبا آھن تمام نيڪ ۽ صالح ۽ نھٺا
آھن، انھن کي ھٿ مان نه ڪڍجو يعني پنھنجي ڌين پٽن
۾ ھنن سان ڳانڍاپو رکجو. ھي توھان سان ڪڏھن به نه
وڃائيندا. اھو وڏو مثال آھي جو اسان جي گھر
جون يارنھن نياڻيون ھنن قاضين ۾ آيون آھن .ھُن
جي تدبر ۽ مردم شناسي جو جوھراھو ھو.
منھنجو
ڏاڏا مکي مانجھي تمام عقلمند، ھوشيار، نيڪ نمازي ۽
غريب نواز انسان ھو. خدا تعالى ھن کي
ايترو ته وڌايو جو پنھنجي پيءُ کان رزق ۾ ڪئي درجا
مٿي ٿي ويو، ايتري قدر جو اسان جي شھر ۾ ڪي غريب
گھر ھوندا ھئا يا ڪي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو وٽن ايندا
ھئا ته پئسا ساھميءَ ۾ توري انھن کي ڏيندا ھئا.
(ان وقت اڄڪلھه وارا ھي نوٽ نه ھئا چاندي جا روپيه
ھئا). غريب ماڻھو ٿورو وڻج واپار ڪري ٻھراڙيءَ ۾
پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذران ڪندا ھئا ۽ کين ڏاڍيون
دعائون ڏيندا ھئا. وڏي ڳالھه اھا ھئي جو
ٿورو به ڪنھن تي ڪونه رکندا ھئا. انھي سبب ڪري
غريب غربو دانھن کڻي به وٽن ئي ايندو ھو.
ڏھڪاءُ ايڏو جو ماڻھو ڳالھه مڃيندا به ھئا . ھڪ
دفعي جو واقعو ھو، اسان جي شھر ۾ ھڪ ھندو غريب
ھوندو ھو مگر دماغي طرح ڪافي ڪمزور ھو، جو ان کي
ماڻھو عام طور
”رام
چريو“
چوندا ھئا. اصل نالو به رام ھئس.
ڪانه ڪا اھڙي حرڪت ڪندو ھو، جنھن تان ماڻھو کيس
ماريندا به ھئا. ڏاڏا وري ھن کي ٿا ڌاري،
ماڻھن کي دڙڪو داٻ ڪري ھن کي راضي ڪري کارائي
پياري روانو ڪندو ھو. هڪ دفعي رام چريو واڻين جون
ڪي ريلون پيون ھيون اھي کڻي واڻئين جي کوهه، جنھن
کي اسين ٻاوي واري وائي چوندا ھئا سون جا اڃا به
آھي، ان ۾ اڇلائي آيو . ان تي واڻين ھن کي مار ڏني.
ھي ڊُڪندو آيو، اچي ڏاڏا کي ڪلھي تي کڻي ڀڳو.
منھنجي ڏاڏي جا سامهون ئي ويٺي ھئي تنھن بابا کي
رڙ ڪري چيو ابا گل تنھنجي پيءُ کي ته رام چريو کڻي
ويو . بابا چيو ماسي ڇاٿي چوين؟ ڊوڙندو آيو اچي
ڏٺائين ته برابر بابا ته آھي ئي ڪونه ! پڇڻ تي
چيائين واڻين جي گھرن ڏانھن کڻيو پئي ويو .بابا
چوي ٿو ته ڇا ڏسان ته ماڻھن جو ميڙ لڳو پيو آھي
. پڇڻ تي خبر پئي ته ڇا ڳالھه آھي، پوءِ چار
پنج ماڻھو ڪٺا ڪري ريلون ٻاھر ڪڍرائي واڻين کي
ڏنيون، پوءِ موٽي آيا . رام ويچاري کي داد مليو
خوشي ۾ پيو ٽپا ڏئي. چئي ته:
”مانجھي
مکي نامري منا بچايو. مانجھي مکي تون نامري“
( مکي مانجھي نه مري جنھن مون کي بچايو)ـ
ڏاڏا سخي اھڙو ھو جو صبح جو ناشتو تيستائين نه
کائيندو ھو جيستائين ڪنھن نه ڪنھن غريب کي پاڻ سان
گڏ نه کارائي - نيڪ نمازي ھو. صبح جو فجر جي نماز
پڙھي ( اھو مون کي به ياد آھي ) صديق نالي ھڪ درس
ذات جو ماڻھو ھو، کيس صدو درس چوندا ھئا، ان کي
گھڻو ڪري ماني گڏ کارائيندو ھو. اھو مون ڏٺو به ھو
ته ماني کارائيندي ڏاڏا ڏاڍو خوش ٿيندو ھو، جڏھن
ڪو سوالي کائي راضي ٿي ويندو ھو. پنجتن پاڪ تي به
ڏاڍو ويساهه ھوندو ھئن. ھر جمعي جي ڏينھن
مِٺو ڀت اسان جي گھر ۾ رجھندو ھو ۽ ڏاڏو پرتو درس
يا ٻيو به ڪو آيو ته ان کي گھر ۾ ويھاري
کارائيندا ھئا ۽ ٻين غريبن کي به ڏيندا ھئا.
ڏڪار
سڪار ته پيا ٿر ۾ ايندا ويندا آھن، جيئن انسان جي
زندگي ۾ به گرمي سردي ، لاھي چاڙھي پيئي اچي، اھي
سڀ انسان ذات سان پيئون کيڏين پر ڪي، ڪي ڳالھيون
يا يادون اھڙيون ھونديون آھن جن جي ٻڌڻ يا ڏسڻ
سان وڏا سبق ٿا ملن. واقعو ھيئن ٿيو جو ھندستان ۾
تمام گھڻو ڏڪار پيو. ماڻھو بک وگھي مرڻ لڳا. ماڻھن
وڻن جا پن کاڌا. آخر اتان تنگ ٿي ڪڇ ڀُڄ کان اسان
جي شھر ڏيپلي ۾ آيا ڇاڪاڻ ته اھو ھنن کي ويجھو ھو.
اھي ماڻھو ذات جا مواڙا ھئا. ٽولن جا ٽولا
اچي اسان جي وٿاڻن ۾ لٿا. ڏاڏا کي جڏھن به
اھا خبر پئي ته ھي ماڻھو بک ۽ بدحالي ۾ آيا آھن
ته ھڪدم پنھنجا ماڻھو گھرائي چانورن جون ديڳيون
چاڙھايون ۽ عام اعلان ڪرايو ته بابا جيڪو ماڻھو
اچي ، ان کي کارائي ڍوءُ ڪرايو. سراسر تيرھن ڏينھن
اھو سلسلو جاري رھيو. ماڻھو کائيندا ٻچن کي
کارائيندا، ٻين علائقن ۾ ھلندا پئي ويا ۽ دعائون
ڏيندا پئي ويا. وڃڻ مھل ھي بيت ڏنائون (اھو
وڪرماجيت جي سن موجب ڇَپَن جو سال ھو جنھن کي پاڻ
ڇاونجاهه چوندا آھيون) “ڇپناري ڪال متان اچين ھن
دنيا ۾
”ڏيپلي
۾ ٿو سُڄي مانجھي مکي مڻيادار-
ڀري ٿو بکين را پيٽِ - ڇپناري ڪال.“
بيت
ته ڪافي وڏو ھو مگر مون کي اهي لفظ ياد آھن جيڪي
امان ۽ بابا جي واتان ٻڌندي ھيس . منھنجي
ڏاڏي کي ٻه زالون ھيون. جن ۾ منھنجي بابا جي امان
جنھنجو نالو حور ٻائي ھو. ان مان ھڪ بابا سائين ۽
ھڪ منھنجي بوا سکٻائي ھئي، جنھن کي بابا پيار مان
سُکياڻي چوندو ھو . ڏاڏا جي ٻئي زال جنھن
جو نالو وير ٻائي ھو، ھيءَ محمد عثمان ڏيپلائي جي
بوا (پڦي) ھئي ۽ سندس ماءُ جنھن جو نالو تاج ٻائي
ھو، اھا به ڏاڍي ھوشيار مائي ھئي، مون ان کي ڏٺو
به ھو. وڏي سمجھدار، عاقل ۽ داناءُ ھئي مگر
پنھنجي شاديءَ ۾ خوش نه ھئي. سندس مڙس اھڙو
خانداني به نه ھو ٿورو جاھلاڻي نموني جو ماڻھو ھو
مگر نياڻين جون قسمتون آھن الا جي ڪٿي ٿيون وڃيو
اٽڪن- مگر وڏي عزت واري مائي ھئي. پنھنجو وقت عزت
سان گذاري ھلي ويئي. اسان جي ڏاڏي به چڱي سمجھدار
ھئي. غريب ماڻھو ھئا پر انھن ۾ ھيءَ سٺي سمجھدار
ھئي. منھنجي امان ڳالھه ڪندي ھئي ته ڪاڪي چوندي
ھئي ته امان ڳالھه جيستائين پيٽ ۾ آھي تيستائين
ماڻھو مٿي آھي ۽ ڳالھه ھيٺ آھي، مگر ڳالھه ٻاھر
نڪتي ته ماڻھو ھيٺ ٿيو ڳالھه مٿي ٿي يعني پنھنجي
اندر جي ڳالھه ڪنھن تمام دل گھري سان به نه ڪجي،
بنهه نه سري ته به اھڙي سان ڪجي جتان ڪاچڱي واٽ
نڪري.
سنڌيءَ
۾ چوندا آھن ته
”نڱين
جوڙا ته پيس گھوڙا“
معنى
’زبان
مان نڪتي، ويئي واءُ کڻي‘
”قديم
سنڌي“
شعر آهي ته:
”مُٺ
ڀيڙيائي ڀلي-
اُ پٽي ته واءُ، پڌر وڌي ڳالھڙي-
ته ڇڏي ويندي ساءُ.
ڏاڏي وير ٻائي مان اسان جي ڏاڏي کي ھونءَ ته ست
نياڻيون ڄائيون، پٽ به ڪونه ٿيو.
مگرٽي ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪري ويون، چار وڏيون ٿيون
جن مان وڏي منھنجي بوا ڪريمان، بوا آسيت،
بوا ڀاڳل جيڪا منھنجي مامي محمد عمر جي زال ھئي ۽
بوا ڪريمان مامي غلام محمد جانواڻي کي ڏنائين جو
سندس ڀاڻيجو ھو. بوا آسيت منھنجي ڏير ادا
محمد ھارون کي ڏنائين.
منھنجا ماما احمد ۽ محمد عمر ٻنھي کي ٻه ڌيون
ڏنائين. وڏي ڌيءَ جنھن کي پَنِلَ چوندو ھو مون کي
بعد ۾ ان جي نالي پٺيان پَنِلَ سان سڏيو ويندو
ھو. ۽ منھنجي بوا سکياڻي بابا سائين جي پياري ڀيڻ
اھا وري چاچي مولوي محمد کي ڏنائون.اُھو به
خدا پاڪ جي مھربانين سان اعلى صفتن جو مالڪ ھو.
نيڪ نمازي، تمام سادهه لوح، نوڙت ۽ نهٺائي ۽ حق
شناسي وارو مطلب ته درويش صفت ھوندو ھو. جيئن
اھو چئي سگھجي ٿو ته
”سمي
سڃاڻي ٻيڙو ٻڌو ٻانھن ۾“،
جھڙي ھئي مکي مانجھي جي ڌيءَ سمجھدار، عاقل،
داناءُ خدا ترس، تھڙو ور مليس. اھو وڏو نصيب ھو
جو ھن کي الحمدلله نيبھه ٿيو.
منھنجي
ڏاڏا ۽ ناني جو ڪجھه ملڪيت تي تنازعو ٿيو. مائٽاڻي
ملڪيت ته ڪيتري ھئي اھو مون کي اندازو ڪونھي مگر
ڏاڏا سائين پاڻ تمام گھڻي وڌائي هئي- جڏھن ملڪيت
جي ورھاڱي جو وقت آيو ته نانا چيو ته مون کي پورو
اڌ ڏي -ٽوٽل سٺ ٻنيون ھيون. ڏاڏي سائين جي
مرضي ھئي ته ڏهه ٻنيون پنھنجي مکيپ جي ڪري رکان
ٿو، باقي اڌو اڌ ڪريون ٿا. نانا اھا ڳالھه نه مڃي
آخر ڪار پير ڀاون شاهه بدين وارو (ان کي ڀاون شان
بُحري جو سواربه چوندا ھئا) ان وٽ اھا ڳالھه فيصلي
لاءِ ويئي. نانا کي سائين ڏاڍو سمجھايو ۽ دعا به
ڪيائينس ته تون وڏي ڀاءُ جي ڳالھه مڃ. پنچائت به
اھو فيصلو ڏنو مگر نانا اصل نه لٿو. آخر عاجز ٿي
پير سائين چيو مکي مانجھي توکي سڀ ٻنيون مٺيون
موچاريون ۽ ست پيڙھيون مٺيون موچاريون، جاني نٿو
مڃي ته ٺيڪ آھي نه ته قصو ختم ٿيو. ڏاڏا ڪجھه اَن
وغيره موڪليندو ھو نانا واپس ڪندو ھو بھر حال وري
ڪجھه عرصي کانپوءِ سرچاءُ ٿيو، ان ڳالھه تي ته
ادا مون نه کاڌو ته ڀلي پر منھنجون ڌيئرون ته
کائن، اھو خيال ڪري ڏاڏا نانا پاڻ ۾ سيڻ ٿيا ٻه
ڌيون ھڪ منھنجي امان جي سوٽ ۽ منھنجي نانا جي
ڀائٽي ھئي جيڪا نانا موليڏني جي ڌيءُ ھئي، ان جو
نالو راڄٻائي ھو اھا پنھنجي پوٽي احسان کي ڏنائين
۽ منھنجي امان منھنجي بابا کي ڏنائون. ڏاڏا کي ڏک
ته ڏاڍو ھو ته ملڪيت ڀاءُ جاني نه کنئي. الله جي
اڳيان جوابداري آھي. اتي پاڻ عمر جي آخري وهي ۾
اچي پھتو تنھن ڇا ڪيو جو پنھنجي ٻنين مان ھر ھڪ
ڌيءَ جي نالي ٻه ٻه تمام ڀليون ٻنيون جدا ڪيائين.
باقي ٻيون پنھنجي پٽ جي نالي ڪيائين. وڌيڪ بوا
ڀاڳل کي زيورن جي سڄي ساهي ۽ ھنڍي ۾ سڀ ڪجھه (جيڪو
ان جي ماءُ جي حصي ۾ ھيو) اھو ان کي ڏنائين .ان
وچ ۾ حج به ڪيائين. نانا ان کان پوءِ وفات ڪري
ويو. وقت ته پنھنجي رفتار سان ھلندو رھيو، آخر
ڪجھه پيري ۽ بيماري ٻئي گڏ اچي ويئون عمر به
پنجاسي سال ٿي. ھڪ ڏينھن بابا سائين پوٽي احسان،
ننھرن کي، ڌين ۽ ٻين سڀني عزيزن قريبن کي گھرائي
ڪٺو ڪرائي وھاري چيائين:
”ابا
جيڪي ڪيچي ڪنين سُئا سي اڄ اکين ڏٺا ملائڪن“
ڏيٺارو ڏنو. پوءِ سڀني کان معافي گھريائين.
سڀي اکين مان پاڻي آڻي معافي ڏني مگر اسان جي ناني
تاج ٻائي جيڪا ڏاڏي جي بدي جي ڀيڻ ھئي، ان چيو ته
ادا آءُ معاف ڪونه ڪنديس.تو ته پري اُڏائي
(ڏاڏي ڪا شڪل جي سھڻي ھئي شايد ) مگر مون کي
اڇلائي ڇڏيئي . ويچارو ٻڌي ماٺ ۾ ٻڏي ويو. ڪڇيو
ڪجھه به ڪونه. چيائين ته ادي مون کي الله سائين
معافي ڏيندو ھر ڪنھن جو نصيب. ڪجھه دير کانپوءِ
ڪلمو پڙھي سڀني جي شھادت وٺي موڪلائي پنھنجي رب وٽ
وڃي پھتو. اھو وقت مون کي ياد آھي. آءٌ يارھن سالن
جي ھيس. آخر انسان ته ھلي ٿو وڃي ۽ وڃڻو به اٿس.
اھو ڏينھن مقرر آھي. ھر نبي ولي خدا دوست کي اھو
ذائقو چکڻو آھي.
’ڪل
نفس ذائقـﺔ
الموت‘
مگر ڪنھن کي ايمان جي سلامتيءَ ۽ ڪلمي سان، صالح
عملن سان پنھنجو ڪري ته اھو سوڀارو ٿيو. لکڻ لاءِ
ته ھي اسان جا مائٽ ايترا مشھور ھئا جو جيڪر ڪتاب
ڀرجي وڃي مگر پڙھڻ وارا ائين ته نه چون ته ھي ڇا
آھي تنھنڪري اتي ئي اڪتفا ٿا ڪريون.
ھيءَ ڏاڏا سائين جي سوانح عمري جي باري ۾ جيڪو مون
لکيو آھي، اھو در اصل ٻڌل حقيقتن موجب ڪوشش ڪري
صحيح لکيو اٿم مگر تازو ٻه ھفتا اڳ ۾ حليمان
(منھنجي ڀاءُ احسان جي ڌيءَ) ھڪ نئين ڳالھه ٻڌائي
جا منھنجي علم ۾ نه ھئي ته ڏاڏا مانجھيءَ کي
انگريز سرڪار ھڪڙو آفرين نامون ڏنو ھو جو حاجي
منھنجي ڀاءُ جنھن تي منھنجي ڏاڏا جو نالو رکيل
آھي، تنھن تازو انھيءَ کي ڳولي ھٿ ڪيو ۽ احسن
الاھي کي ڏنو، جنھن ان کي پلاسٽڪ ڪوٽ ڪرائي رکيو
آھي. مون کي به شوق ٿيو سو مون به اهو گھرائي پاڻ
پلاسٽڪ ڪوٽ ڪرائي سند طور رکيو آھي. انھيءَ لاءِ
جو اسان جي اولاد کي خبر پوي ته اسان جي امي جو
خاندان ڇاھو ۽ پبلڪ رليشن ۽ وقت جي حڪومت سان سندن
رَوَيا ڪھڙا ھئا ۽ اھي ڪيئن پنھنجي اخلاقي صلاحيتن
سان مشھور ٿيا آھن. اصل ۾ ته ھر انسان کي اھو ئي
مليل آھي جو ھو پنھنجي مالڪ حقيقي کان وٺي آيو
آھي. اھو سائين مھربان راضي آھي ته پوءِ سڀ ڪجھه
ھن جو ِشال اھو راضي ھجي.
”رسي
نه راڻو ته گھوريان ٻاجھه ٻين جي“
مگر
اھو به آھي ته انسان کي ھن دنيا ۾ موڪليو اٿس ته
اُن کي ھتي جي عزت جي به گھرج آھي اھا ھُنن کي
حاصل ھئي ھاڻي شال عقبه ۾ به انھن کي الله سائين
پنھنجي بخشش جي بحر بيڪران مان رحمت سان نوازي
،آمين ثم آمين . ڏاڏا چوندو ھو ته ابا:
جو دﻵ گيا سو لـﻶ
گيا،
جو ٻول گيا سو ڇوڙ گيا |