سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:10 

 ان ڊپ ۽ خوف ۾ منھنجي طبيعت به ڪافي خراب ٿي پيئي ۽ بيمار ٿي پيس پيٽ به ننڍو پيئي لڳو، سڀني اھا راءِ ڏني ته حيدر آباد ھليا وڃو، اتي ڊاڪٽرن جي مشوري سان ويم ڪرايو، ٻن مھينن کان پوءِ اسين حيدرآباد قاضي احمد صاحب جي گھر وڃي رھياسون. اسان سان گڏ امان، روشن، خالده ۽ قاضي صاحب پاڻ ھئا. بُوا ۽ چاچي مولوي محمد جي ڪمري ۾ رھي پياسون. ڊاڪٽر صالح صاحب جي مشوري سان ڊاڪٽر سالار کي ڏيکاريو سون، چيائين ٻار بلڪل ڪمزور آھي ڪم از ڪم ٻه مھينا پيٽ ۾ رھڻ گھرجي. طاقت جون دوائون کائو. تمام سٺو کائڻ لاءِ چيائين جو اسان شروع ڪيو. منھنجي امان صبح جو سوير نماز مھل منھنجي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه مٺو ٺاھي وٺندي ھئي. پوءِ ادا قاضيءَ وارا گھر ۾ دستور موجب جيڪو ٻچن سنئون کاڌو ھوندو ھو، اھو عزت مان سان ڏيندا ھئا. مڙئي اسان جو وقت خير سان پي گذريو. اُن وچ ۾ ڇا ٿيو جو ٻارن راند پيئي ڪئي. انجمن ۽ خالده گڏ  ھيون. روشن گڏ ڪونه ھئي. کيڏندي کيڏندي فردوس سينيما وٽ پھتيون. خالده ننڍڙي ھوندي سھڻي ۽ وڻندڙ ھئي. ڪنھن پٺاڻ تاڙي ورتو، انجمن پنھنجي ڪنھن خيال ۾ رھي ايتري ۾ پٺاڻ خالده کي ٽافي آڇي ھنج ۾ کڻي ورتو ۽ ٿورو آڏو ٿي ويو. الله سائين وري بندي جو وڏو نگھبان آھي. تنھن روشن ادا قاضي صاحب جي ڌيءَ ۽ بي بي گلشن کي اڳيان آڻي ڇڏيو. اسڪول مان موٽيون ھيو ن ۽ ٽانگي ۾ ويٺيون ھيون جيئن ئي ٽانگي مان لٿيون ته خالده جي شڪل ڏسي ورتائون پاڻ ۾ چيائون ته ھيءَ ته بُوا فاطمہ جي ڌيءَ خالده آھي . يڪدم سامھون اچي ويون ۽ ان پٺاڻ کي دٻائي چيائون ته ھي ٻار ته اسان جو آھي ان کي لاهه نه ته اسان پوليس کي ٿيون سڏيون. پنھنجي پيءُ جو به دڙڪو ڏنائون، ايتري ۾ ھڪ ٻه ماڻھو ٻيا به اچي ويا. پٺاڻ به اھو سڀ ڪجھه ڏسي ڇڏيندي ڇوڪري، جان ڇڏائي ڀڄي ويو. ھي گھر آيون. خالده ھنج تي، انجمن پويان چيائون بُوا اڄ ھيءَ تو واري خالده الاجي ڪٿي ھجي ھا. الله سائين اسان کي مدد لاءِ موڪليو پوءِ ساري حقيقت ڪيائون. اسان به شڪرانا بجاءُ آندا. بيشڪ الله سائين وڏو مھربان مالڪ آھي. ان جي ڪرم ۾ ڪا ڪمي ناھي. ٻيو ته ادا قاضيءَ  جون ڌيئرون ته ھونءَ به ھوشيار ھونديون ھيون. انھن ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان تي ٻارن جي ٻاري پروگرام ھلندو ھو. ان ۾ ھي ڇوڪريون وينديون ھيون. منھنجي روشن به ننڍي ھوندي ڏاڍي چالاڪ ۽ ھوشيار ھئي. عمر ته پنج سال ھيس مگر تمام ذھين ھئي ۽ اڃا به آھي الحمدلله، ھڪ ڏينھن مون کي چيائون بُوا اسين روشنيءَ کي وٺي ٿا وڃون. اسان به اجازت ڏني ڇاڪاڻ ته آءٌ پاڻ به انھن ڳالھين جي شوقين ھيس ۽ اڃا به آھيان سو روشني گڏ ويئي. اتي انھن کائنس پڇيو ته ڇا ٻڌائيندين؟ روشن قائد اعظم تي ھڪڙو خوبصورت بيت ٻڌايو. سڀ خوش ٿيا . تعريف به ڪيائون.       

اسان ھر ھفتي ڊاڪٽر سالار کي طبيعت ڏيکارڻ ويندا ھياسون. منھنجي طبيعت به سڌرڻ لڳي ۽ ٻار به تمام صحت مند ٿيندو ويو، ڊاڪٽر تمام مطمئن پي ٿيو، آخر الله الله  ڪري ٻه مھينا گذريا، سردين جي موسم ھئي، امان قاضي صاحب کي چيو ابا ننڍڙي ٻار لاءِ گرم ڪپڙن جي ضرورت پوندي. قاضي صاحب به الله سائين جو آسرو ڪري بازار مان ٻه سئيٽرن جا سيٽ ۽ ھڪ تمام سھڻو ۽ ننڍڙو بسترو وٺي آيو. اسين خوش ته ڏاڍا ٿيا سون مگر خوف ۽ اميد جي وچ واري ڪيفيت ھئي. اتي قدرتاً ماسي راڄٻائي ۽ ماما ابوطالب به اسان وٽ آيا. ھميشه اسان جي لاءِ ايندا رھندا ھئا. ماسي راڄٻائي پڪاريو ته الله سائين ھنن جو ڀرم رکج. ويچارا وڏي اميد تي آيا آھن. کين شرمسار نه ڪج. ان ھفتي جيڪو شاھد جي آمد وارو ھفتو ھو ته ڀاڄائي جانان جي دائي گھر آئي جا ڪوٽڙي ۾ رھندي ھئي ان کي ڀاڄائي چيو ته ڏس ھي منھنجي نڻان آھي، ان ڏٺو چيائين امان توکي مبارڪ ھجي پٽ پيو لڳي، باقي کٽي اوھان جو ڀاڳ! ٻار آھي به نارمل، آرام سان گھر ۾ ويم ٿي سگھي ٿو. اسان جو ته ارادو اصل ڪو نه ھو مگر اسپتال جو پھريون ويم ھو تنھنڪري ڊپ به ھو. پلس مائنس ھئاسون. ھونءَ پريشان ته دل ۾ ھئاسون  مگر الله تي رکي ويٺا ھئاسون،  شام جو ادا عبدالرحمٰن آيو چيائين  نسيم کي ڏيپلي مان وٺي اچان ٿو ڇاڪاڻ ته سندس مئٽرڪ جو امتحان آھي. اسان کي ٿورو اھو به آسرو ٿيو ته نسيم منھنجي ٻارن کي سنڀالي وٺندي. اسين ھونءَ به الله جي آسري ويٺا ھئاسين. شام جو قاضي صاحب چيو ته مامي ڦاتو جو پتو آھي ڪونه، مٿان خرچ به نه آھي، منھنجي  کيسي ۾ ست روپيه پيل آھن. اھو ته ڪو قدرت جو شان ھو جو مالڪ اسان کي دل ۾ ايترو سڪو ن ۽ اطمينان ڏنو ھو،  جو ڪا به ڳالھه وڏي لڳندي ئي ڪونه ھئي. توڪل جو ترھو ۽ سائين جو آسرو ھو ڇاڪاڻ ته اھو يقين ھو ته بندي لاءِ مالڪ مھربان ڪافي آھي. اھو سڀني مھربانن کان وڌيڪ مھربان آھي، بندو دل گير اصل نه ٿئي. رات جي ماني کائي ويٺاسون، ادا قاضي صاحب آيو. پڇيائين ته ويم جو ارادو اسپتال ۾ ئي آهي نه؟ امان چيو ته ابا اسان ته داخلا به وٺي ڇڏي آھي. توھان جي مھرباني جو اسان کي پنھنجي گھر ۾ رھايو آھي. انجو توکي الله اجر ڏيندو ۽ اسان کي به دعا ڪر ته اسان  غريبن ۽ ڏتڙيلن جي مدد ڪري. من ڪا اسان جي واھر ٿئي من وَلھو اسان کي ورچي  وارو ڏئي. بس ادا ھليو ويو سڀ سمھي پيا مگر مون کي ايترو ڏک ٿيو ته منھنجا رب تون جو ھيڏو مھربان آھين، ھيڏو وڏو ڪارساز آھين سو اسان تان ڪيئن ٿو ھٿ کڻي سگھين. اسان ديس ڇڏيو، ويس ڇڏيو ھاڻي اسان جي قسمت تون بدلاءِ ۽ غريب گنھگارن ٻانھن تي والي رب ڪو وڙ ڪر. مگر ڇاڪريان لڙڪ جھلي جَھلَ نه ڏين جيڪي صرف ۽ صرف ان سائين پئي ڏٺا ۽ ان قادر ڪريم چيو ته غم نه ڪر گرھئي  بادل گھنيراـ ڪِس ڪي روڪي رُڪا ھي سويرا.  رات جي ٻارھين ھڪ بجي جي وچ ۾ شاھد بچي شال، جي آمد جا امڪان شروع ٿي ويا. آءٌ ته سمجھي ويس ڇاڪاڻ ته اڳي به ڪافي تجربو ھو، نارمل ڳالھه ھئي. اھڙي خاص تڪليف به ھن پياري ٻار اصل نه ڏني. آرام سان پئي سور کاڌا. تانجو چار بجي قاضي اٿيو جيمس آباد وڃڻ لاءِ. ھونءَ به قاضي چار بجي اٿي پنھنجي رب جي اڳيان نمندو ھو. اھو ان جو دستور ھو. مون کي ڏسي حيران ٿي چيائين ته ڇا ڳالھه آھي؟ ڪجھه تياري آھي ڇا! مون چيو اھڙي ڳالھه نه آھي. قاضي صاحب امان کي سڏ ڪيو. امان اٿي آئي ۽ منھنجي حالت ڏسي چيائين ابا اسپتال جي تياري ڪريو. پاڻ اقبال کي سڏي چيائين ابا اسان جي مدد ڪر، اُن ھڪدم وڃي ڪري ٽانگو آندو. اسان جي آواز تي ڀاڄائي جانان ۽ نسيم سڀ اٿي ويا. منھنجون ننڍڙيون ٻئي ستل ھيون. امان ڏاڪڻ تان لھندي چيو ته الله سائين اسين ست مٿي اگھاڙيون آھيون. تون اسان جا مٿا ڍڪج. ھنن ڌيئن جي ڌڻ کي ڌنار ڏئي. الاجي ڇاڇا پئي چيائين. آخر سول اسپتال ۾ پھتاسون. ڏاڍي رش ھئي. اُن رات چويھه ٻار ڄمي چڪا ھئا. شام کان وٺي پنجويھون اسان جو ٻار ھو جنھن جي اچڻ اسان کي اُجاري ڇڏيو.  وارڊ ۾ داخل ٿياسون  بر وقت ڊاڪٽر چيو ته باقي دير نه آھي. قاضي صاحب ٻاھر ڏاڪڻ تي بيھي رھيو. سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏھن نه پوان. ويچاري مجبور پيءُ اميد ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ پئي پنھنجي مالڪ کي ستايو. مالڪ مھربان ايترو ته پنھنجي ٻانھي تي مھربان آھي. جو ان جي حد نه آھي. ان سائين گھڻو انتظار نه ڪرايو جو ڇھين بجي اذان پئي آئي ته شاھد بچي شال، الله سائين کيس وڏي حياتي عطا ڪري. اچي ويو ۽ پوڙھي بابا کي مبارڪ جو مٺو آواز ٻڌايو الحمدلله شُڪرالله الحمدلله.

وڏي سگھه سندياءِ تون ٻاجھن ڀريو آھين،
مون تان مھر نه لاهه آءٌ تنھنجي آھيان.

ڪيڏو رب ڪريم آھي جو اسان جي ورھين جي سڪ ۽ سالن جو وڇوڙو دور ڪري اسان جي ٽُٽَلَ دلين کي آٿت ڏيئي ڇڏي. ۽ اسان کي دلاسو ڏنائين  ته اي عاجز بندا منھنجي رحمت مان ڪڏھن به نا اميد نه ٿجو. آءٌ توھان جي شھه رڳ کان به وڌيڪ ويجھو آھيان.  اھا صبح اسان کي ايتري ته روشن لڳي جو اڃابه ان صبح کي ياد ڪندي اسان جي رڳ رڳ ۾ ، ھڪ ھڪ ساهه ۾ ايترو ته سرور ھوندو آھي، جنھن جو بيان ڪرڻ کان قاصر آھيان ۽ الله سائين جا احسان مڃيندي ھڪدم دل مان اھو آواز نڪرندو آھي ته:

پَکنِ پوءِ پَچارَ اڄ تماچي آئيو،
مرڪن ملاحن جا مٿي ٻانڌيءَ ٻار،
وڏي ڄام ڄمار، جنھن مُھاڻيون موکيون.

پَکا پکاريو  ڄام تماچي آئيو،
گوندر لاھيو  گندريون آتڻ اُجاريو،
ڪينجھر قراريو، سمي سام بخشي.

 ڇا لکان ۽ ڇا چوان ته منھنجي پالڻھار پاڪ ھنن نماڻن تي ڪيڏا واليءَ وڙ ڪيا. پرديس ۾ ڀٽڪيل ٻانھن تي پنھنجو ڪرم ڪري ڏيکاريو ته عاجز ٻانھا منھنجي رحمت مان نا اميد اصل نه ٿيو. الحمدلله شڪرالحمدلله. شاھد بچي شال جو ھڪڙو ھڪڙو لمحو سندس پينگھي ۾ کيڏڻ اسان جي لاءِ ڇا ھو. طاھراڻي صاحب جڏھن ٻڌو ته قاضي صاحب کي فرزند ارجمند تولد ٿيو آھي ته چيائين ته قاضي جي ڏهه سال عمر وڌي آھي.  اسان ته بس خالق اڪبر جا احسان ڳڻڻ کان قاصر آھيون. ھن وقت به انھيءَ شڪر ۾ ڏينھن رات ھر ساعت ھر گھڙي پيئي گذري. نو ڏينھن اسپتال ۾ رھي پياسون. ڊاڪٽر صالح صاحب جيڪي اسان جي مدد ڪئي ۽ رھنمائي ڪئي، ان لاءِ کيس الله سائين اجر عظيم عطا فرمائي،  ۽ پڻ ادا قاضي صاحب جن به بي انتھا اسان جي مدد ڪئي. انھن کي به الله سائين اجر عظيم عطا فرمائي. مالڪ وٽ ڪرم جي ڪا ڪمي ناھي.  ادا قاضي احمد جي گھر اچي دستور موجب سيرو رڌي پوءِ اسان خير سان جيمس آباد آياسون. اتي به پنھنجو گھر ھو. آنند لڳا پيا ھئا. خط ۽ تارن جو سلسلو جاري ھو . شاھد بچي شال جڏھن سوا مھيني جو ٿيو ته عيد رمضان جي ٿي. ماما صاحبڏنو پنھنجي پٽ نظير کي وٺي آيو ۽ شاھد بچي شال جا فوٽو ڪڍرايا ۽ پنھنجي گھر سيرو رڌرائي مٺائي کوپرا گھرائي مون کي ڏنا- سڀ ڏاڍو خوش ٿيا. شاھد جي ڄمڻ تي وڻ به سرھا ٿيا ھئا. ماما عمرعيد ڪري موٽيو ته ساڻس گڏ عزيز منھنجي ڌيءَ  به آئي ته وڏيون ڀيڻون گھر سنڀالي ويٺيون  ھيون  . خوشي سڀني کي ڏاڍي ٿي. خط اھڙا لکيا ھئائون جو اسان جي اکين جا لڙڪ نه رُڪبا ھئا ۽ شاھد نالو به نسيم جي چوڻ تي رکيو ھو نه ته چاچي مولوي محمد جمعي جي ڏينھن خواب ڏٺو ھو ۽ صبح جو بُوا فاطمہ کي چيائين ته امان توکي مبارڪ ھجي ادا الھرکيو پيو اچي . علي محمد کي پٽ ڄمندو. مون کيس پڇيو اُٺ تي ھو؟ پڇڻ تي چيائين ته منھنجو پٽ علي محمد ڏاڍو ولکو آھي. آءٌ ان وٽ ٿو وڃان. اھو جمعي جو ڏينھن ھو. شاھد بچي شال آچر ڏينھن خيرن سان آيو الحمدلله. ھا عزيز جي اچڻ جي ڳالھه پئي ھلي . آئي سا  سڌي اندر ڪمري ۾ ھلي ويئي. شاھد پينگھي ۾ ستل ھو ۽ اسان وٽ ان وقت نجمه ماسترياڻي ۽ ان جي ماءُ ويٺيون ھيون. عزيز ڳائڻ جي ھونءَ به ماشاءَ الله ڀڙ ھئي مگر ھي سڪ ته ھن کي غلام محمد ڏيئي ويو ھو. جو ان جي وڃڻ کان پوءِ بيمار ٿي پئي ھئي ۽ جنسي چري ٿي پئي ھئي. بيماري دوران چوندي ھئي ته منھنجو رتڙو گلابي محمد ڪڏھن ايندو. ايتري قدر جو جڏھن روشن ڄائي تڏھن ڏاڍي اُڪنڊ مان اچي ڏٺائين ڏسي چيائين ائي! ھيءَ ته  ڀيڻ آھي. سو شاهد جي پينگھي ۾ وھندي ئي ھي شاه سائين جو بيت ڳايائين جو اڃاتائين اسان جي ذڪر ۾ ھميشه ھلندو رھندو آھي:

دوست پيھي در آيو ٿيو ملڻ جو سعيو،
ڏينهن پڄاڻون آڻي اسان کي مو
لى محب ملائيو.

***

ويو وڇوڙو ٿيو ميلاپو واحد واِءُ ورائيو،

ھو جنھين جو ڏسڙو ڏوراھون اوڏو اڄ سو آيو،
شاهه لطيف چئي اچي عجيبن پاڻ فضل فرمايو.

توھان جي بابا ته خاموشيءَ سان پئي ٻڌو ۽ اکين مان آب جاري ھو مگر ھوءَ جا مائي ويٺي ھئي ان ته حيرت مان پڇيو ته امان ھيءَ ننڍڙي ٻار ۽ ھي آواز ۽ ھي سڪ! ڇا ته ھي آواز آھي. ڇا ته لفظ آھن مگر ھي ھن کي آيا ڪيئن آھن. توھان ھن کي سيکاريا آھن ڇا؟ اسان ته پاڻ به اھو تصور به نٿي ڪري سگھياسون ته ھنن ٻارن کي ھيڏي سڪ آھي، پوءِ ٻاھر آئي شاھد شڪل جو البت ارونکو ھو سو امان کي چيائين ھي ڪوه ھھڙو ! ھن ڏٺو ھو محمد. امان کلي چيو ته امان مون گھريو ئي اھڙو ھو سو الله سائين پاڻ کي ڏنو آھي. ھاڻي دعا ڪر ته اھو وڏي حياتي ۽ تندرستي سان نيڪ صالح ٿي توھان جون سڀ سڪون لاھي ان شاء الله آمين . اسان کي ته برابر اھڙو سھڻو ٻيو ڪو لڳو ئي ڪو نه. جنھن لاءِ توھان جي بابا جيڪي غزل لکيا آھن اھي ھتي ته نٿي لکان جو اڳيئي يادگار آھن . اسين پنھنجي ان پالڻھار جا ڪيترا احسان بجا آڻيون، صرف ۽ صرف اھو ئي آواز آھي الحمدلله الحمدلله شاھد بچي شال ٻن مھينن جو ٿيو ته ڀيڻن  جي سڪ وڌي ويئي. ڏسڻ جو اشتياق وڌي ويو، بُوا حليمان به سندس ڏسڻ لاءِ پيئي دعائون گھريون، سڀني عزيزن قريبن ۽ شاھد جي امان وڏي به چوائي موڪليو اھي به سڀ خوش ھئا، دعائون پئي ڪيائون، آخر گھر به اچڻو ھو سو آياسون سڀئي گھر وارا اوڙي پاڙي وارا مگر شھر جي ھر فرد اچي مبارڪ باد ڏيڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي .  ادي سڦو کي ڏيکارڻ وياسون، اھا ته ڏاڍي خوش ٿي ۽ تاڪيد ڪيائين ته ھن کي نظر کان پاسو ڪرايو، ھر وقت مشورو ڏيندي رھندي ھئي ۽ کيس دعائون ڏيندي رھندي ھئي. بُوا حليمان شاھد کي ڏسي چيو ته:

ماڙھو گھرن مال آءٌ سڀ ڏينھن گھران سُپرين،
دنيا تنھن دوست تان  فدا ڪريان في الحال،
ڪيو نام نھال، پسڻ تان پري ٿيو.

 ھي بچي شال به اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو. سٺي نموني پئي وڌيو. تمام نرو نمرو صحت مند. صبح جو ننڊ مان جاڳندو ھو ته ڪڏھن به روئي نه جاڳيو ھو. سندس بابا ڏاڍو خوش ٿيندو ھو. سندس ڀر ۾ کٽ ھوندي ھئي. مھاري ۾ اسان جي کٽ ھوندي ھئي. ان مان منھن اندر وجھي پيو کيس ڏسندو ھو ۽ شڪر مڃيندو ھو. ايتري ۾ امان به اچي ويندي ھئي. ايندي ئي پڇندي ھئي ته امان بچي شال جاڳيو آھي. ڀينرون سڀئي به شاھد صاحب جو ديدار ڪري پوءِ ڪم کي لڳنديون ھيون . مطلب ته ھي ٻار سڀني لاءِ الله سائين جي نعمت ٿي پيدا ٿيو الحمدلله الحمدلله الحمدلله. اسان به ھر ويڪيشن ۾ جيمس آباد ويندا ھئاسون . اتي رحمون کي مون مشين جو ڪم به سيکاري ورتو. نسيم وري ڀرت جي ڪم ۾ ھوشيار ھئي. عزيز به ھر ڪم ڄاڻيندي ھئي. منھنجو دستور ھو ته آءٌ پنھنجي ڌين کي واندو نه ويھڻ ڏيندي ھيس. ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندي ھيس.ھي به سپوٽ صالح ڇوڪريون ڪڏھن ائين نه چونديون ھيون ته اسان ھي نٿيون ڪريون . اتي جيمس آباد ۾ اسان جي پاڙي ۾ ڀت ڀرسان پنجابي رھندا ھئا. ان جي ماءُ جو نالو حسنه ھو. سندس ڌيءُ جو نالو بشيران ھو. ڏاڍيون ھنرمند ھيون. انھن وٽ رحمون مشين جي ڀرت جو ڪم سکي ۽ نسيم وري اڳٺ ٺاھڻ سکيا. ڏاڍا سٺا اڳٺ ريشمي ڌاڳي جا ٺاھيندي ھئي. ان سان گڏ کجيءَ جي ٽارين مان مانيءَ جن دٻڪيون به ٺاھيندي هئي. ان وقت اھو رواج به ڪو اچي پيو ته پلاسٽڪ جي ڏوريءَ مان ٽوڪريون ۽ ننڍابريف ڪيس ٺاھبا ھئا. اھي به رحمون، عزيز ۽ نسيم ٽيئي ڏاڍيون سٺيون ٺاھينديون ھيون. سندن باباکي ھنر وارو ماڻھو ڏاڍو پسند ھوندو ھو ۽ الله سائين شل رحمت جا عظيم دروازا کولي ڏيس ڇاڪاڻ ته اسان جي ھر ڪم ۾ ايتري ته واکاڻ ڪندو ھو جو اھا محنت اسان کي محنت ئي نه لڳندي ھئي. قاضي صاحب اسان جي لاءِ توڙي سڀني ٻارن لاءِ ھڪڙي الله سائين جي ڏنل نعمت ھئي.

ڇا ٻڌايان ته اھو بابا جو انتخاب ڪيترو نه صحيح ثابت ٿيو. اسان کي خوش رکڻ ۾ ھن انسان ڪا ڪسر نه ڇڏي. اسين الله سائين مھربان جي تعريف ڪريون، جنھن کيس اھڙو شفيق ۽ مھربان ڪري پيدا ڪيو ھو . اسان ته بجاءِ خود مگر قاضي صاحب ته پنھنجي اوڙي پاڙي ، دوست يار ھر غريب امير ۾ ڪڏھن فرق نه رکيو. اھو ته قدرت جو ڪمال چئبو جو جنھن به بندي کي جيڪي ڪجھه به ڏنل آھي اھو ان پاڪ پروردگار جو ڏنل عطيو آھي. آءٌ  تمام دادلي ۽ منھن چاڙهه ۽ اڻ سھندڙ ھيس ان کي به ڏاڍي توجھه ڏنائين. مون به  ھن چندن سان گڏ رھي اھي ارڏايون  ڇڏي ڏنيون.  طبيعت ته شايد پھريائين به نرم ھئي جو ڪنھن جو دک نه سھي سگھندي ھيس. اھا ھن صحبت  ۾ رھي رچي ويس. اھو به مالڪ جو احسان. ھتي اھو لکڻ تمام ضروري آھي ته شيخ سعديءَ جو ھڪڙو مقولو آھي، ته ھڪڙي حمام خانه ۾ ھڪڙو ميٽ جو ٽڪرو پيو ھو ان ۾ ڏاڍي خوشبوءِ ھئي. ان کان ڪنھن ماڻھوءَ پڇيو ته اي مِٽي تو ۾ ھيءَ خوشبوءِ ڪٿان آئي؟ ان مٽيءَ وراڻيو ته ادا ڪافي وقت ٿيو آھي ته آءٌ ھڪ گل جي ڀرسان پيئي ھيس، ان جي خوشبوءِ مون کي معطر ڪري ڇڏيو، سبحان الله! اسان به ھن گل سان گڏ رھي پنھنجي اڀري حال آھر ڪجھه پرايو آھي. الاجي جيترو پرائڻ گھربو ھو اوترو پرايو آھي يا نه . مگر ان ھوندي به شڪر الحمدلله وري به دل رحم واري آھي. ٻئي لاءِ ھمدردي آھي. ۽ اھا ڪوشش اڃابه آھي  ته اسان جي ھٿان يا اسان کان ڪنھن کي به تڪليف نه پھچي! وڌيڪ ته الله سائين ھر انسان کي ايمان جي سلامتي عطا فرمائي. انسان ڪوشش ڪندو آھي مدد مولى ڪندو ـ ۽ اڳيان به ڪي قدرشناسن سان پالئهه پوي. ڇاڪاڻ ته انسان تمام ڪمزور خمير مان پيدا ٿيو آھي. ايترو دم به نه ھڻي ۽ شيطان به گڏ گڏ پيو ھلي. شال مالڪ مھربان پنھنجي ڪرم ۽ ٻاجھه سان ھن ٻيڙي کي ھلائي. ان شاءالله آمين.

 ھاڻي شاھد صاحب تي وري ٿا اچون. ڏاڍو سٺو، سٻاجھو ۽ وڻندڙ ٻار پيدا ٿيو جنھن کي ڄاپندي ڄام چئجي. بچي شال ڏاھو ته اھڙو ھو جو روئڻ جو نالو به نه وٺندو ھو کيس کير به زوريءَ پياريندي ھيس. خالده ته شاھد جي جھڙو باڊي گارڊ ھئي. ھر وقت ساڻس گڏ گڏ پيئي ھلندي ھئي. اسان به ھر سال دستور موجب ويڪيشن تي جيمس آباد ڀڳا بيٺا ھوندا ھئاسون. امان به گڏ. ڏاڍا خوش ھوندا ھئاسون جو شاھد صاحب جي اچڻ ڪري جيڪي غم جا اندوه چڙھيل ھئا سڀ سائين لاھي ڇڏيا ھئا. شام جو قاضي صاحب عصر نماز لاءِ دڪان تان ايندو ھو ۽ شاھد کي ڏسي ڏاڍو خوش پيو ٿيندو ھو. ھي به مڙيئي آھستي آھستي پڳلا ڏيڻ سکيو. قاضي صاحب دڪان جي سامان لاءِ ڪراچي ويو ته اتان ھڪڙو بوٽ ڏاڍو سٺو ۽ وڻندڙ جين جي ڪپڙي جھڙو لڳندو ھو ۽ مٿي ننڍڙا پٽا ڳاڙھي بلو رنگ جا ھئا سو  وٺي آيو. پورو به ٿيس. خوش ٿي اسان پارايو، ان ڏينھن به امان شام جو ڀرت پئي ڀريو ۽ اسماعيل نوڪر حقو ڀري امان اڳيان اچي رکيو. قاضي صاحب به نماز پڙھڻ لاءِ آيو، آءٌ به ويٺي ھيس، ھي جو ننڍڙو بوٽڙيو وجھي پئي آيو ته سندس بابا ھن کي ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو مون کي چيائين ڦاتو مون کي پين پنو ڏي.  مون به بر وقت کڻي ڏنو . اتي جو اتي انھيءَ مصلي تي ويھي ھي بيت لکيائين جو سندس ڪتاب سفر زندگيءَ جو ۾ درج آھي آءٌ به ٻه ٽي اکر نموني طور لکان ٿي:

مرحبا صد مرحبا منٺار اڄ ياد آيو ھلي،
حمدلله ھوت ھينئڙي ٺار اڄ آيو ھلي.

***ء

سو شڪر سبحان جا ساراهه سائين کي جڳائي،
سان عنايت اندر جو آڌار اڄ آيو،

***

دل منجھان نڪتي دعا تان عرش تي آمين ٿي،
وھر واليءَ جي مٿس وسڪار اڄ آيو ھلي.

***ء

پرت مان پرويز پيارا تون اجارين شل اڱڻ،
ھِن سڪايل ساه جو سينگار اڄ آيو ھلي.

***ء

توتي بارِيءَ جون  ڀلايون شل وسن دائم مدام،
نيڪ بختيءَ سان رھين نروار  اڄ آيو ھلي.

***ء

توتي ھاديءَ  جي حمايت جو ھجي ھٿ رات ڏينھن،
بخت تنھنجو بيشتر بسيار اڄ آيو ھلي.

***ء

حمد ھاديءَ جون  ھزارين  ڪر علي محمد ادا،
غرق غمگينيون ٿيون  غم خوار اڄ آيو ھلي.

 ان وقت شاھد بچي شال ارڙھن مھينن جو ٿيو. ھو الحمدلله واقعي اسان جي لاءِ ھن جو ھلڻ ڦرڻ دوستن سان گڏ کيڏڻ مطلب ته ھر ڳالھه ڏاڍي مثالي ھوندي ھئي. الله سائين جا اٿندي ويھندي ھزارھا شڪر بجا آڻيندا ھئاسون. الحمدلله. مالڪ جا احسان جڏھن وڏو ٿيو ۽  سندس دوست ايندا ھئا ته ھڪدم انھن لاءِ شربت ٺھي ويندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن موڪل ھوندي ھئي سوير اچي ويندا ھئا ته سيرو رڌي انھن کي ڏاڍي شوق سان کارائيندا ھئاسون. جڏھن ارڙھن مھينن جو ٿيو ته کير مٺو ڪرايو. ٻار آرو ڪندا آھن ھي ته بچي شال صالح نيڪ بخت ھو . ذرو به نه گُھرَ ڪيائين. امان ته پنھنجي شوق ۾ ھن لاءِ رتا لولا پچايا. سندس امان وڏيءَ  به جام اٽا پڪان ٺاھيا، پاڙي وارن به جام ڏنا چي  شاھد ادا علي محمد جو سڪي لڌو پٽ آھي. ڀائي کير مٺو ڪيو اٿس ھي ته مولائي، اچي خالده ۽ ٻين ڀينرن جو مڪو متو!       

خيرن سان شاهد بچي شال اچي اڍائي سالن جو ٿيو ته سندس ٻئي ڀاءُ جي اچڻ جو سعيو ٿيو. سائين مولوي عمر روزانو امان کي چوندو ھو: ادي شاھد جو مشھود اچي پيو. اٺ مھينا ٿيا ته برابر مون کي تڪليف ٿي. ساڳئي نموني جھڙي پھرئين اٺڙي ٻار واري ٿي ھئي. منھنجي اھا تڪليف واري حالت ڏسي روشن جيڪا ان وقت فقط  اٺن سالن جي ھئي مگر الله تعالى ھن کي تمام اعلى صلاحيتن وارو ڪري پيدا ڪيو ھو، تنھن اھا منھنجي تڪليف ڏسي پنھنجي ھڪ ننڍڙي ڊائري ۾ لکيو ته ڪاش جي آءٌ ڊاڪٽر ھجان ھا. ھن ٻارڙيءَ ڪنھن اھڙي درد مان چيو يا لکيو جو ان اھو رنگ لڳايو جو اڄ اھا ڊاڪٽر روشن وڏي پروفيسر آھي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪم پئي ڪري. اسين به پريشان ٿي وياسون جو قاضي صاحب به گھر ۾ ڪونه ھو. ٿيلھي به ٽٽي پئي پاڻيءَ جي، تڪليف وڌي ويئي. سڀني کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ته ڪير به گڏ ڏيپلي مان نه ھليو. وري ڪو ڊاڪٽر به ڪونه ھو. ڏاڍو لاچار ٿي پياسون. اوچتو رات جو ماما محمد عمر آيو. ان کي امان چيو، ويچارو بروقت تيار ٿيو. قاضي کي اطلاع ڏنو، ان چيو ته آءٌ نئون ڪوٽ تائين اچان ٿو توھان اچي پھچو . اسان پھچي سڌو حيدرآباد جو رخ ڪيو. شام جو ناني مڪان جن جي گھر آياسون. ڊاڪٽر صالح سان مشورو ڪيوسون. ان چيو ته نجيب جو دورآھي. ان سان البت منھنجي صحبت گھٽ آھي باقي ڊاڪٽر قمر ھائوس جاب ڪري پئي، ان کي پارت ڪريان ٿو. اسان بر وقت اسپتال وياسون. ڊاڪٽر بر وقت ملي ويئي چيائين ڪابه گنجائش ڪانھي، ھڪدم داخل ٿيو. اسان کي داخل ڪرائي پاڻ ھلي وئي. وقت جي نرسن ۽ ڊاڪٽر کي پارت ڪيائين. قاضي صاحب کي مٿي اجازت نه ملي باقي امان کي ويھڻ نه ڏنائين. اھا به ھلي ويئي. ٻار خالده ۽ شاھد به ھليا ويا پوءِ ته ھيءَ اڪيلي جان ھئي ۽ الله نگھبان ھو، تڪليف پنھنجي جاءِ تي تمام گھڻي ھئي. مٿان ٻين بجي رات جو بخار به تيز اچي ويو، ڪو دانھن ٻڌڻ وارو به ڪونه ھو. پاڻيءَ جي گھُگھي اڳيان پيل ھئي. پل پل ان مان پاڻي پي پيتو. الله ته مھربان آھي مگر ماڻھو ٻڌڻ وارو ڪوبه ڪونه ھو. ويتر ڀر ۾ ھڪ جڏي مائيءَ جو بسترو ھو. ان جو ٻانھون پلنگ ۾ ٻڌل ھيون ۽ سندس رڙيون ۽ ڪوڪون  بَس بي وس بندو ڪري به ڇا ٿي سگھيو! اتي ھڪڙي مائي کي رحم اچي ويو پڇيائين امان تون ڪير آھين؟ مون کيس ٻڌايو. پوءِ ته ان ويچاري منھنجي ڏاڍي خدمت ڪئي، زور ڏنائين. مٿي ۾ تيل به ھيائين. تان جو ٻين ٽين  بجي سور شروع ٿيا. وري نئين تڪليف. الله الله ڪري رات گذاري، صبح ٿيو. اٺين بجي ڊاڪٽر قمر آئي چيائين ڇا حال آھي؟ مون ساري رات واري تڪليف کيس ٻڌائي. ڏسي چيائين ته اھي سور ڪچا آھن. وڌي به سگھن ٿا پوءِ آءٌ وري اچي ڏسان ٿي. وري نه آئي. مون به پئي سور کاڌا. گھر وارن کي اجازت نه ملي جيڪڏھن آيا به ھوندا ته واپس ھليا ويا هوندا. ڊاڪٽر ياڻيون پيون ھلن، چون اڃا دير آھي تان جو ٻارھين بجي ھڪڙي ڊاڪٽر رُقيه آئي اھا به ھائوس جاب واري ھئي مگر ٿوري رحمدل ھئي سو ليبر روم وٺي ويئي، وري به پڇا نه ڳڇا، تان جو شام جا ڇھه ٿيا. ھڪڙي سسٽر لنگھي، ان کي مون زوري بيھاري چيو ته آءٌ ڊاڪٽر صالح جي ڪزن آھيان. منھنجي حالت تمام خراب آھي ۽ پيٽ ۾  ٻار به مرڻ وارو آھي ۽ آءٌ پاڻ به مري وينديس، لکي ٿي وڃان ته ھن اسپتال ۾ ڪو به ڊاڪٽر ذمه دار نه آھي. ان ھڪدم ڊاڪٽر شفقت کي آندو. جنھن چيو ته برابر ٻار ڪمزور ٿي چڪو آھي. يڪدم سڀ نرسون ڊاڪٽر ياڻيون ڪٺيون ٿيون. پنجن منٽن ۾ ڇوڪرو ڄائو. ان وقت ساڍا ڇھه  ٿي ويا ھئا ٻار رڙ نه ڪئي. ان کي آڪسيجن لاءِ وٺي ويا. مون کي  بخار ته بدستور ھو مگر ھوءَ تڪليف لٿي. ٿوري دير ۾ مبارڪ ڏنائون ته ٻار ٺيڪ آھي ۽ پٽ آھي. ڀلي گھر وارن کي اطلاع ڏيو ته ڪپڙا وغيره کڻي اچن. ھاڻي ڪنھن کي چوان. شڪر ٿيو جو شاھد جي وقت اسان وٽ ھڪڙي دائي مريم نالي ھئي. اھا ڊيوٽيءَ تي اچي ويئي، مون کي سڃاڻي چيائين امان ڏي خبر. مون ساڻس ڳالھه ڪئي ۽ چيم ته ٻاھر ڏس من منھنجي گھر وارن مان ڪو ھجي! ڇاڪاڻ ته اھا امان ۽ ماما مصري کي سڃاڻيندي ھئي. اھا ويئي ته برابر ماما مصري بيٺو ھو. ان کي ٻڌايائين ۽ منھنجي لاءِ کير به کڻي آئي. کير پيٽ ۾ ويو ته آءٌ ڪجھه ھوش ۾ آيس. ماما مصري  يڪدم ويو مبارڪ ڏيئي امان ، قاضي صاحب ۽ ماسي سڪان کي وٺي آيو.  اُھي  مٿي آيا، مون کي به ڏٺائون ۽ ننڍڙي کي به گھرائي ڏٺائون. اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته ھُل پئجي ويو ته ڊاڪٽر صاحب رائونڊ تي پيو اچي. امان منٿ ڪئي ته منھنجي ڌيءَ بيمار آھي رات رھڻ ڏيو. اھا اجازت بھرحال ملي. مون امان سان ساري حقيقت ڪئي. امان به ٻارکي ڏسڻ ويئي چيائين ته ٺيڪ آھي. صبح جا چار  ٿيا ته ٻار ڏاڍيون  دانھون ڪيون. مون کي دل ۾ ٿيو ته ھي ٻار اسان جو آھي. مون امان کي چيو ته ڏسي اچ.  امان بروقت ويئي ڏٺائين ته ٻار جي حالت ٺيڪ نه ھئي. گھڙيءَ ۾ بلو ٿيو وڃي ۽ گھڙيءَ ۾ وري ٺيڪ. امان نرس کي چيو ته  ڪنھن وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. انھن ڊاڪٽر رضيه انصاري کي سڏيو. ان وقت اھا رجسٽرار ھئي. آئي، ٻار جي حالت ڏسي کين ڏاڍيون گاريون ڏنائين ته ھي ٻار پري ميچور ھو توھان مون کي ڇو اطلاع نه ڪيو، بھرحال، ان پنھنجا حيلا ڪيا مگر سندس حيلو نه ھليو ايتري ۾ صبح ٿي. اٺين  بجي ڊاڪٽر سالار آيو. اسان به صالح صاحب کي چوائي موڪليو ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب ھيٺ ويٺو ھو. ان کي امان ٻڌائي آئي. اھو به آيو سالار سان گڏجي، ٻار کي ڏسڻ لاءِ ويو .  سالار به رضيه سان ڏاڍي جُٺ ڪئي ۽ ايڪسري وغيره جيڪو حيلو ان کي ڪرڻو ھو اھو ڪيائين مگر حيلا تڏھن ھلن جڏھن مٿان وسيلو ٿئي. ان  ننڍڙي به ڪن ڪلاڪن جي عمر آندي ھئي. ڏينھن جو ھڪ ٿيو ۽ اسانکان موڪلائي ھليو ويو. مجبور ماءُ پيءُ ۽ ناني ٻه لڙڪ سندس مٺڙي پياري منھن تي ھاري چپ ٿي ويا. ٽپڙ کڻي ماما مصري سان گڏ سندن گھر آياسون . شاھد ۽ خالده ڊوڙندا آيا مگر ڏسي چيائون ڇو اسان جي ڀاءُ کي ان اڇي ڪپڙي ۾ کڻي ٿا وڃن. آءٌ ته اڳي ئي اھي صدما سھي سھي ڏاڍي ٿي ويئي ھيس. پر وري به شڪر ڪيم جو شاھد بچي شال اکين اڳيان ھو .دک دور ٿي ويا. چيوسون اھو به مالڪ جو شڪر.بس ڇا لکان! قلم رڪجي ويو آھي. ھٿن ۾ سگھه نه آھي  جو وڌيڪ لکي سگھان.

 ناني مڪان وارن جي گھر يارنھن  ڏينھن رھياسون. انهن جي گهر ۾ ڀاتي گهڻا هئا. سوڙهه  ته برابر ھئي. اسان به پنھنجي ويچار ۾ ھئاسون. ڀلو سمجھيوسين ته ھليا وڃون، جو ڪم به نه ھو. اتان روانا ٿي ميرپورخاص وٽ پھتاسون ته برسات اصل ڪم لاھي ڇڏيو. ڪنريءَ وٽ ته گاڏي بلڪل ھلي نه پيئي سگھي. جيئن تيئن ڪري جيمس آباد پھتاسون ته گھر جي ڀت ڪري پيئي ھئي، سڄو گھر پاڻي پاڻي ٿيو پيو ھو.  پيتيون پاڻي مٿي پيئي تريون. حاجي احمد خليفي وارا اتي رھندا ھئا. انھن جي گھر رات رھي پياسون. صبح جو ڏيپلي لاءِ روانا ٿياسون. قاضي صاحب اسان کي ڇڏي اچي گھر ٺھرايو . مڙيئي جيئن  تيئن ڏينھن راتيون گذريون. ڪافي تڪليفن جي وقتن مان لنگھيا آھيون مگر وري به شڪر ٿا ڪريون جو مولا پاڪ پنھنجي مھربانين سان سڀ غم دور ڪري ڇڏيا. شڪر الحمدلله. اسان جي ھڪڙي ھن سوڍي جي سھاڳه ڍٽ سارو ڍڪي ڇڏيو.  ان وچ ۾ ادا قاضي احمد صاحب ۽ ادا خان صاحب جي وچ۾ طاھراڻي صاحب ۽ ميمبر شپ وغيره تان ڪافي ڇڪ تاڻ ھلي پئي. اسان جو قاضي صاحب وري ٻنھي کي سمجھائيندو ھو مگر ھو به ٻئي جوان پنھنجي نالي سان ھئا. جنھن کي چوندو اھو چوندو، ته اسان ٺيڪ آھيون آخر ادا خان صاحب چيو ته توھان ھڪڙو طرف وٺو اسان چيو ته اھو اسان کان ڪو نه پڄندو. ادا قاضي به الاجي ڇاڇا چوندو ھو، ھڪڙي ڏينھن قاضي صاحب کي ايترو ته ڏک ٿيو جو وچين نماز مھل ڏاڍو مايوس ٿي چيائين ته آءٌ ھنن کي گھڻئي ڀاڪر وجھي پيو ڀائر ڪريان مگر ھو منھنجا نه آھن. منھنجا ڀائر گھڻئي سگاگر ھئا مگر منھنجي ٻانھن ٽوڙي مون کي ھيڪلو ڪري ھليا ويا. ھاڻي ته آءٌ پنھنجي رب پاڪ کي عرض ٿو ڪريان ته منھنجي شاھد کي اڪيلو نه ڪري. ھن کي جيئن حضرت موسٰي عليہ سلام کي الله تبارڪ تعالى حضرت ھارون عليه سلام ٻانهون ڪري ڏنو تيئن منھنجي شاھد جا ڪلھا مشھود سان مضبوط ڪري. سو برابر عصر نماز مھل ڏاڍو روئي رب کي ستايائين مالڪ سائين ڏاڍو مھربان آھي. ان سائين سو اسان جو عرض اگھايو الحمدلله. پوري نوين مھيني 13- مارچ  1966 ع تي اسان جو (بابو) موٽي آيو. قاضي صاحب جو مشھود خير سان الله پاڪ عنايت فرمائيو الحمدلله الحمدلله الحمدلله جيترا ٿورا جيترا احسان ان سائين جا مڃيون اوترو ٿورا آھن ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، ڀلي رب جا ڀال 

جر مٿي ٿر واري وھٽن مٿي وار
تنھا ئي اپار ڀال ڀلي جا ڀانئيان

 شڪرالحمدلله مالڪ سائين جا ٿورا . اھو به الله جو احسان جو ٻئي ڀائر ڌڻي پاڪ جي ڪرم ۽ فضل ، ٻاجھه ۽ احسان سان تمام نيڪ بخت ۽ صالح سپوٽ آھن. الحمدلله پاڻ ۾ توڙي پنھنجي سڀني ڀينرن سان توڙي اوڙي پاڙي سان ڏاڍي محبت ڪندا آھن. الله سائين جي ڏنل نعمت آھن . ماءُ جي ته ڳالھه ئي الڳ آھي. سائين تنھنجا شڪر بجاءَ آڻڻ جي ھن ضعيف زبان کي طاقت ناھي جنھن سان ان مھربان مالڪ ۽ خالق اڪبر جا ڳڻ ڳائي سگھان.ء

آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پَسي پَھرَ پنھونءَ جي نھن سيئن نيڻ ٺرِيامِ،
گُونَدر وسِريامِ سکن شاخون مُڪيون.

 الحمدلله مشهود جي اچڻ سان اسان جون سڀ ڪميون رب سائين پوريون ڪري ڇڏيون. مشهود کي وٺي آياسون. سڀ عزيز قريب ڏاڍا خوش ٿيا. بابا سميت جنھن به ڪڏھن دعا پئي ڪئي ته اھو ئي پئي چيو ته ادا توکي الله سائين ڪري جوڙي پٽن جي ملي. ان حد تائين جو قاضي صاحب جي والده سڳوري به پنھنجي آخري وقت ۾ اھائي دعا ڪندي ويئي ھئي. قاضي جي چوڻ موجب، ڪالهه سندس ڪتاب پئي پڙھيم ته ان ۾ به اھو ئي لکيل ھو. ھاڻي ڌڻي در اھا دعا آھي ته شال الله سائين مھربان مالڪ ٻنھي ڀائرن کي اھل عيال سميت سرھو ۽ خوشحال آباد برقرار رکي. سندن نالا روز روشن وانگر چمڪن. ان شاءالله آمين. اتي اسان جي ٻارن جي ڄمڻ جو سلسلو ختم ٿيو. 

 ھاڻي اسان پنھنجي ٻارن جي تعليم تي توجھه وڌيڪ ڏيڻ جي سوچ رکي. مشھود سال جو ٿيو ته خيرن سان شاھد بچي شال اسڪو ل ۾ داخل ٿيو ۽ خالده ٻئي درجي ۾ ھئي.  ٻارن جي پڙھائي باقاعده ھلي رھي ھئي. انگريزي تعليم به ھلي پئي. اسان وارو اسڪول ڏهه سال ته ھاءِ اسڪول جي شاخ ٿي ھليو، جنھن ۾ ادا محمد عثمان صديقاڻي اسڪول مان اچي ٻارن کي  پڙھائيندو ھو ڇو ته  اسڪول ۾ ڪلاس نه ھئڻ سبب پڙھي نه سگھن سو وري به ادا محمد عثمان ادا صاحبڏنو ھيڊ ماستر جي مشوري سان پنھنجي گھر ۾ پرائيويٽ طور پڙھائيندو ھو. رحمون کي شوق ته ھو مگر ساٿيءَ جي ڪري پڙھڻ ۾ وڌيڪ مزو به ھوندو آھي  ۽ دل به وڏي ٿيندي آھي سو زينت صديقاڻيءَ کي ادا محمد عثمان تيار ڪيو، ان صاحب اسان جي ان وقت جيڪا رھنمائي ڪئي پئي يا وقت بوقت  صلاح مشورا پئي ڏنا، ان لاءِ کيس الله سائين اجر عظيم ڏيندو. ادا قاضي احمد صاحب به ھر وقت مدد ڪندو رھندو ھو. آخر سال 1961ع ۾ ٻنھي ڇوڪرين مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، سٺي نموني سٺين مارڪن سان. سڄي شھر جا ماڻھو مبارڪن لاءِ آيا ۽ اسان به ٿاڌل جا مٽ ڀرائي ڇڏيا. ڏاڍا خوش ٿياسون. ماما محمد عثمان ڏيپلائي صاحب اخبار عبرت ۾ لکيو ته ڏيپلي جي ٻن ڇوڪرين پرائيوٽ ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آھي. ماڻھن جا خط، تارون وغيره ڏاڍا آيا. شڪرانا بجا آنداسون. پوءِ قاضي احمد صاحب کي چيو سون ته ھاڻي وارو ڪر ڇوڪرين کي نوڪريون ڏياريو، ڇاڪاڻ ته پاڻ ان وقت لوڪل بورڊ جو ميمبر ھو. اسڪول منظور ڪرائي ڏنائين، پنھنجي گھر جي جاءِ اسڪول لاءِ ڏنائين. اسان وري ھڪ نوڪرياڻي رکي جنھن کي پنھنجي گھران پگھار ڏنو، ڇاڪاڻ ته صفائي پاڻي ته ضروري هو. گھرجي ٻارن ۾ چاھه وڌيو ۽ مائٽن ۾ به دلچسپي وڌي. جيڪا جيڪا ڇوڪري پرائمري اسڪول مان نڪري اھا اتي داخل ٿئي، تانجو ڇوڪريون وڌڻ ڪري وڏي جاءِ جي ضرورت ٿي. تڏھن اسان واري  پرائمري اسڪول جي ٻئي پاسي کي منظور ڪرائي اتي اسڪول کي شفٽ ڪيو.ان وقت تائين رحمون بي .اي به ڪري ورتي. ۽ نسيم اسان جي، رضيه صديقاڻي ۽ نسيم ادا خان صاحب جي ڌيءَ انھن به مئٽرڪ پاس ڪيو. انھن کي به ادا قاضي نوڪري ڏياري. ادا قاضي صاحب  (قاضي احمد محمد)  الله سائين جي رحمت ھجيس کيس اجرعظيم عطا ٿئي، تمام ھمدرديءَ سان اسان جي نياڻين ۽ اسان جي رھنمائي ڪندو آيو پئي ۽ پڻ ادا محمد عثمان اھي ٻه شخص ۽ ادا صاحبڏنو انھن جي ڪري  اسان جي توڙي ٻين نياڻين جي مائٽن جي حوصلا افزائي پئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org