سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:5 

مان اڃا اُن بابت ويچاري ئي رهيو هوس ته ياد آيو ته گذريل سمورن اجلاس ۾ بغير ڪنهن خاص سبب جي هڪ نوڪريءَ جو حقي عرصو کاڌل رٽائرڊ ۽ ڪنهن وڏي نوڪريءَ جي آسري ۾ ويٺل هڪ شخص جي منتظمين جنهن طريقي سان تعريف ڪري رهيا هئا، اها بغير سبب جي ڪو نه هوندي ۽ هن ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ سندس راءِ ۽ صلاح کي يقيناً اهميت حاصل هوندي ۽ هي صاحب ڪنهن به ڪانفرنس ۾ سوال جواب جي سلسلي جو سخت مخالف رهيو آهي. ايتريقدر جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي منعقد ڪرايل ’قومي تعليمي ڪانفرنس‘ جي هڪ اجلاس ۽ خيرپور ڪانفرنس جي هڪ اجلاس ۾ سندس صدارت هيٺ پڙهيل منهنجي مقالي بابت سوال پڇڻ ۽ اٿاريل مختلف معاملن تي بحث ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪيترا ماڻهو اُٿي بيٺا ته موصوف پنهنجا صدارتي اختيار استعمال ڪندي، ڪنهن کي سوال پڇڻ جي اجازت ڪانه ڏني هئي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اها ڳالهه ڇيڙي علم ادب جي واڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ اجائي سمجهيم، جو هنن وٽ اهڙين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جو مقصد ڄاڻ ۽ علم جي روشنيءَ جي پکيڙ نه، پر معتبري ماڻي صدارت ڪري ڪٿي پاڻ وڻائڻ ۽ بايوڊيٽا ٺاهڻ هوندي آهي. تنهنڪري، مٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ سمجهي، اهڙو ويچار منتظمين سان ڪونه ونڊيم ۽ پنهنجي اجلاس جو انتظار ڪيم.

هن اجلاس ۾ پيش ڪيل مقالن بابت ڪو به تبصرو نه ڪندس، جو هڪ ته مان پاڻ پڙهندڙن ۾ شامل هوس، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته راءِ ڏيڻ ۽ تبصرو ڪرڻ ۾ انصاف نه ڪري سگهان، ٻيو ته صدارت ڪندڙ محترم سراج صاحب هر هڪ مقالي کي غور سان ٻڌي، نوٽس وٺي آخر ۾ جامع تبصرو ڪيو ۽ اُن جو ڪجهه حصو پنهنجي ڪالم

’رتيءَ جي رهاڻ‘ روزانه ’سچ‘ ۾ شايع به ڪرايو. سراج نه پروفيسر آهي، نه وري پاڻ کي عالم يا نام ڪٺيو دانشور سڏائيندو آهي. هو هڪ خاموش ۽ گهٽ ڳالهائو ڪارڪن وانگر جاکوڙيندو، سنڌي سماج کي گهڻو ڪجهه ڏيندو رهيو آهي.

پنهنجي صدارتي تقرير ۾ به سڀ کان اول پنهنجي ٻوليءَ تي ڪيل ڪم جي وضاحت ڪندي چيائين ته ٻوليءَ بابت لکيل سندس ڪتاب جا چند باب نهايت اهميت وارا آهن، باقي ڪجهه نتيجا هن ڪنهن خاص مقصد کي اڳيان رکي ڪڍيا آهن، جن تي تنقيد ۽ بحث جي گنجائش آهي. اهڙيءَ طرح مقالن پيش ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي علميت کي گهٽ ڪري ڄاڻايائين.

ادب توڙي ٻولي انسان ذات جو اهم ورثو آهن، جن بابت غيرجانبداريءَ سان تحقيق ڪري نتيجا ڪڍڻ نهايت مشڪل آهي. سراج صاحب اڪثر موقعن تي اهو چوندو ۽ لکندو رهيو آهي ته ٻوليءَ بابت پيش ڪيل سندس ويچار سنڌي ٻوليءَ خلاف مهم جي موٽ ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي مٿانهون ڪري ڏيکارڻ جي هڪ ڪوشش هئي، يعني هن جانبداريءَ سان نتيجا ڪڍيا. ٻولي ۽ ادب جي باري ۾ جانبداريءَ سان ويچار ۽ نتيجا پيش ڪرڻ قدرتي آهي. اهڙي طرح لسانيات بابت پيش ڪيل ڪيترو علمي مواد ۽ رايا پڻ جانبداريءَ تحت پيش ٿيندا رهيا آهن. اهو ته ڪجهه عرصو اڳ کان عالمن مختلف تحقيقي ۽ تربيتي مرحلا طئه ڪري ٻوليءَ، ادب توڙي ٻين ڪيترن موضوعن تي سائنسي انداز سان سوچ ويچار ڪري غيرجانبداريءَ تحت نتيجا اخذ ڪيا آهن، جن جي نتيجي ۽ آڌار تي ئي اڄ سموري دنيا هڪ ڳوٺ مثل ٿي وئي آهي ۽ دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود ڪنهن ننڍي آباديءَ يا گروهه جو مسئلو عالمي مسئلو بنجي ويو آهي. تنهنڪري، اڄ کان چار ڏهاڪا سال اڳ سراج جا غيرجانبداريءَ سان پيش ڪيل دليل ۽ نتيجا به نهايت اهم آهن ۽ قومن جي جدوجهد جي تاريخ ۾ اهڙن دليلن جي هميشه ضرورت رهي آهي.

سراج پنهنجي سماجي ۽ علمي روين ۾ سنڌ ۽ سنڌي علم ادب جي سلسلي ۾ جانبداريءَ سان هڪ سچي سنڌ دوست، عالم ۽ اديب جو ڪردار نڀايو آهي. ناول جي صنف ۾ جڏهن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيائين ته ڪيترن ئي تاريخ جي شاگردن کي اُن انداز سان سنڌ جي ان مخصوص دور کي تاريخ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندڙ ڪردارن جي منظرڪشي ۽ سٽاءُ غير حقيقي لڳو، پر سراج کي ان خاص پس منظر ۾ ناول لکڻ لاءِ هڪ قسم جو سبب هو. هو سنڌ جي ماڻهن ۾ اهڙي قسم جا ڪردار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيئن مئڪسم گورڪي ”ماءُ“ ناول ۾ پاويل ۽ سندس ماءُ جي روپ ۾ اهڙا ڪردار پيش ڪيا، جيڪي ان وقت جي روسي سماج ۾ موجود ڪونه هئا؛ پر پوءِ روسي سماج ۾ اهڙا ڪردار پيدا ٿيا، جن روس ۾ مارڪسي انقلاب برپا ڪيو. سراج اڄ سوڌو پنهنجي هر عمل ۾ سنڌ لاءِ، سنڌ جي ماڻهن لاءِ اکين ۾ خواب کنيو، سنڌ دوستيءَ واري جانبداريءَ سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شيخ اياز سان آخري دور ۾ نظرياتي اختلاف رکندي به سندس شاعريءَ کي غير ملڪي ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ جي ڪوشش سندس سنڌ دوستيءَ ۽ سنڌ جي مسئلن کي اياز جي شاعريءَ ذريعي دنيا سان روشناس ڪرائي، مڃتا حاصل ڪرائڻ جي ڪوشش، سندس ڪردار کي چٽو ۽ سگهارو بڻائي ٿي.

اهڙيءَ طرح اڄ جي حالتن ۾ جتي عام ماڻهوءَ کان ويندي سياستڪارن تائين ۽ سماجي خدمت ڪندڙن کان عالمن، اديبن ۽ دانشورن تائين هر ڪو پنهنجن اقتصادي مفادن کي ترجيح ڏئي، قومي ۽ سرڪاري وسيلا پاڻ کي ٺاهڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي، اُتي سراج پنهنجي لکن جي ملڪيت ’سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ‘ جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن جون علمي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ارپي رهيو آهي؛ جيڪا ڳالهه ڪنهن به طرح سندس سنڌين ڏانهن جانبداريءَ واري رويي کي لڪائي نه ٿي سگهي. هو نه رڳو ذاتي طرح پنهنجي جمع پونجيءَ مان خرچ ڪري سنڌي ماڻهن جي اجتماعي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي، پر جڏهن به ڪنهن سرڪاري علمي، ادبي اداري لاءِ سندس راءِ کي اهم سمجهي کانئس مدد ورتي وئي آهي ته پنهنجي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي، بهتر تجويزون ڏئي، هن مناسب ماڻهن جا نالا تجويز ڪيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جن اميدن کي نظر ۾ رکي، هن اهي نالا تجويز ڪيا هجن، اهي سندس اميدن مطابق ڪم نه ڪري سگهيا هجن ۽ ذاتي مفادن ۽ آسائشن جي ڪري گڏيل ڀلائيءَ لاءِ ڪم نه ڪري سگهيا هجن، يا هينئر ان لائق ئي نه رهيا هجن.

بهرحال سراج سنڌ جي انهن ٿورن شخصن مان آهي، جيڪي هميشه سنڌ ۽ سنڌي علم ادب جي ساڀيان جا سپنا سرجيندا رهن ٿا. هو جڏهن بين الاقوامي معيار جي عالمن- برطانيا جي ڪرسٽوفر شئڪل ۽ آمريڪا جي مسز هلٽن سان لسانيات جي علم جي ترقي ۽ سنڌي زبان جي مسئلن تي ويچار ونڊي ٿو ته سندس اکين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ مستقبل ۾ مڃتا جي ڪوشش بابت چمڪ ۽ اميدن واري سرهائي بکڻ لڳي ٿي- ۽ چئي ٿو ته اڄ اسان وٽ بين الاقوامي معيار جو ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پيدا ٿي چڪا آهن ۽ جلد ئي علمي ترقيءَ جو دور شروع ٿيندو. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ وقت جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم اخبار سان هڪ سياسي پارٽيءَ جا اختلاف وڌي ڪردار ڪشي، انساني جانين ۽ اخبار جون ڪاپيون سڙڻ تائين پهچن ٿا، تڏهن هڪ ننڍڙي ڪوشش جي موٽ ۾ مڙئي ترجيحون ڇڏي، ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي اچي ٿو ته جيئن سنڌي سماج کي ناڪاري روين کان بچائي سگهي.

هو جڏهن سنڌ جي تاريخ کي ڌارين هٿان مفروضن جي آڌار تي لکجندي ڏسي ٿو ته، سنڌ جو علمي آواز بڻجي، اها ذميواري به پاڻ تي کڻي، سنڌ جي تاريخ حقيقي ۽ جديد انداز سان لکڻ جي شروعات ڪري ٿو. ٻوليءَ کي پيش ايندڙ ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن جي ناڪامي ڏسي، اڪيلي سِر شاهه جي لغت ترتيب ڏيڻ جو ڪم شروع ڪري ٿو. هاڻي اها سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي ذميواري آهي ته، هن سنڌ دوست عالم جي ڄاڻ ۽ نيڪ نيتيءَ تحت شروع ڪيل ڪمن کي منطقي نتيجي تائين پهچائڻ لاءِ اڳتي وڌن ۽ سائنسي طريقي سان سندس ڄاڻ ۽ محنت کي حاصل ڪري، سنڌي سماج جي لاڀ لاءِ عام ماڻهن کي مهيا ڪري ڏين.

سراج جي جانبداريءَ وارو اهو رويو ئي آهي، جيڪو کيس سنڌ جو مانُ مٿانهون ڪرڻ لاءِ محنت تي اُڀاري ٿو ۽ ڪنهن به موقعي کي هلڪڙائيءَ سان وٺندي ڪم ٽپائڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي ته ’شاهه لطيف قومي ڪانفرنس‘ جي سندس صدارت هيٺ پڙهيل مقالن تي ڇنڊڇاڻ ڪندي، مقاله نويسن سان پنهنجي اختلافن جو اظهار ڪندي، تجويزون ڏنائين. ڊاڪٽر طارق رحمان جي علمي طرح ترتيب ڏنل مقالي بابت راءِ جو اظهار ڪندي، سندس نتيجن کي هڪ طرفو ۽ مطالعي جي کوٽ تي آڌاريل قرار ڏئي، سنڌي سوچ جي اپٽار ڪندي، سندس تصحيح ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي مقالي ۾ پيش ڪيل نتيجن سان پوريءَ طرح سهمت نه هجڻ جو اظهار ڪيائين. سندس اهڙن راين ۽ تجويزن مان خبر پوي ٿي ته هو ڪيترن ئي ڊگري يافته ۽ نوڪري يافته عالمن کان وڌيڪ علمي مسئلن جي سمجهه جو ادراڪ رکي ٿو ۽ کيس سنڌ جي ’علمي ڏڪار‘ جي پوريءَ ريت پروڙ آهي ۽ ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ذريعي ان ڏڪار کي سڪار ۾ تبديل ڪرڻ جي سڌ ۽ اميد رکي ٿو. کيس پوريءَ طرح ڄاڻ آهي ته سيمينار ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو مقصد نوجوانن ۽ شريڪ ٿيندڙن جي تربيت سان گڏ منجهيل مسئلن کي چونڊيل گروهه جي اڳيان پيش ڪري نتيجا ڪڍڻ هوندو آهي، جن جي روشنيءَ ۾ مستقبل جو سماج اڏبو آهي ۽ تحقيق کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سوچ ويچار ڪري، انسان لاءِ ڪارائتو بنائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي.

خدا تعاليٰ اهڙين ڪانفرنسن ۽ سيمينار منعقد ڪرڻ وارن ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي واڳ ڌڻين کي سمجهه ۽ عقل ڏئي، جو اهڙن علمي ڪمن جي مقصد ۽ مفهوم کي سمجهن ۽ صِرف ڪن خاص ماڻهن يا ڌرين جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تباهه حال علمي ماحول کي وڌيڪ تباهيءَ ڏانهن ڌِڪڻ کان پاسو ڪن.

(ڪتاب: ’شخص ۽ عڪس‘ (2012ع) تان ورتل)

 

ٽالسٽاءِ کان سراج تائين

(علم، ادب- بغاوت ۽ انڪار)

امان الله شيخ

مون کي تازو ٽه ماهي ڪونج (سيپٽمبر کان ڊسمبر 2011ع) جي شماري ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب متعلق تحقيق ۽ کوجنا ۾ مڃتا ماڻيندڙ، تاريخ جي غير منطقي ۽ مفروضن کي رد ڪندڙ هڪ قدآور هستيءَ سراج ميمڻ جو هڪ ليک ”لڇمڻ جي زندگيءَ جو سفر“ پڙهڻ جو موقعو مليو. پاڻ رسالي جي 35 صفحي تي تپرس ۾ وجهندڙ هيٺيون سٽون لکيون اٿائين:

”اڄ ڪلهه آءٌ سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ لکڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان، جيتوڻيڪ آءٌ سموري زندگي سنڌيءَ ۾ لکندو رهيو آهيان. ڪهاڻيون، ناول، تبصرا ۽ مضمون سنڌيءَ ۾ لکندو رهيو آهيان. هاڻي انگريزيءَ ۾ اُن ڪري لکان ٿو، ڇاڪاڻ ته آءٌ جذباتي طوفانن کان پاڻ کي بچائڻ گهران ٿو. سنڌي بنيادي طور هڪ جذباتي زبان آهي، اُن جي مقابلي ۾ انگريزي هڪ غير جذباتي ۽ غير جانبدار زبان آهي.“

انهن مٿين سٽن پڙهڻ کان پوءِ مون جهڙي سياسي ورڪر ۽ سنڌي ٻوليءَ سان فطري لڳاءُ ۽ محبت هئڻ جي ناتي هڪ ڌارا ۾ وهي وڃڻ لاءِ اڪيچار دليل هئا ۽ آهن، پر سراج جي راءِ هڪ اڻ کٽندڙ سوالن جي انڊلٺ وانگر ڦيراڪا ڏيندي رهي ته ڇا دنيا جون شاهوڪار لکڻيون، جن سياست ۽ سماج ۾ ردوبدل لاءِ مينهن ۽ واءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙن اديبن، شاعرن، فيلسوفن پنهنجن لکڻين وسيلي بغاوت جو ٻج ڇٽيندي مُدي خارج تشريحن ۽ تاويلن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڇا سندن بيش بها لکڻيون انگريزي زبان جون محتاج ۽ دست نگر رهيون آهن؟ جواب ناڪار ۾ هو، ان کان اڳ جو سراج جي راءِ جو احاطو ڪري ڪنهن مول ۽ مقصد تائين رسائي حاصل ڪريان، مان چاهيان ٿو ته پڙهندڙن سان هڪ اهڙي عالمي مڃتا ماڻيندڙ اديب، فيلسوف ۽ ليکڪ بابت چار چونڪ ڳالهين جا ڪريان، جنهن پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکيو ۽ اُن ۾ هڙئي اُهي خوبيون ۽ خصلتون موجود هيون، جيڪي هڪ آدرشي انسان ۾ هئڻ گهرجن. اهو اديب، باغي ۽ انڪاري ليو ٽالسٽاءِ آهي، جيڪو هڪ سؤ هڪ ورهيه اڳ 20 نومبر 1910ع ۾ گذاري ويو هو.

جيتوڻيڪ ٽالسٽاءِ کي عالمي سطح تي هڪ ناول نگار سمجهيو وڃي ٿو ۽ لاشڪ ته هڪ مهان ناول نگار هو، پر پاڻ ساڳي ئي وقت گهڻ پاسائون ذهانت جو ڀنڊار هو. هو مضمون نگار، ڊرامه نگار/ ناٽڪ نويس، مذهبي اصلاح پسند، عدم تشدد جو حامي ۽ فڪري طور نراج وادي(Anarchist) هو.

ٽالسٽاءِ روسي زبان ۾ سياسي، سماجي ۽ تاريخي پس منظر ۾ اهڙا شاهڪار ناول لکيا، جن کي اڳتي هلي عالمي شهرت حاصل ٿي. ورجينا وولف جي راءِ موجب ته ٽالسٽاءِ هر زماني جو عظيم ناول نگار آهي. ائين کوڙ سارا ليکڪ ۽ ناول نگار ٽالسٽاءِ جا پاڇولا آهن. انهن ۾ چيخوف، مارشل پروست، ولاديمير ميرنوڪوف ۽ وليم فاڪنر تائين سهمت آهن ته سندن لکڻين تي ٽالسٽاءِ جو اثر آهي.

هن جو شاهڪار ناول ”جنگ ۽ امن“ (War and Peace) عالمي ادب جو اهو فنپارو آهي، جنهن جي ٻي ڪنهن لکڻيءَ سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ مثال پيش ڪرڻ به محال آهي. انهيءَ ناول ۾ پاڻ سچيتائيءَ سان هيڪاندا ڪردار تخليق ڪري انهن کان چابڪ دستيءَ سان ڪم ورتو اٿس. اهڙو ڪارج ٽالسٽاءِ جو ئي چئي سگهجي ٿو. ان تاريخي نقطه نگاهه کان لکيل ناول ۾ نيپولين بوناپارٽ جي جنگي مهم جوئي ۽ تباهڪاريءَ کي جنهن رنگ ۽ ڍنگ سان اجاگر ڪيو ويو آهي، سو سندس قلم جو ڪمال آهي. ٽالسٽاءِ بنا ڪنهن رياڪاريءَ جي حقيقتن کي بجنسي ايڏو ته نروار ڪري بيهاريو آهي، جو ان ۾ سندس ڪردارن کي عروج ۽ زوال جو بيان ڏاهپ ۽ خبرداريءَ سان ڪيو ويو آهي.

ٽالسٽاءِ جو هڪ ٻيو جڳ مشهور ناول آهي: ”اينا ڪرينا“ (Anna Kareninan)، جنهن ۾ هڪ عياش ۽ بددماغ عورت سماج جي مڪرو فريب ۽ دوکي دولاب جي ٻيڪڙ ۾ ڦاٿل، لُڇي ۽ ڦٿڪي رهي آهي. انهيءَ ناول جو هڪ ڪردار ليئون نالي سان آهي، جيڪو هڪ ڏاهو زميندار آهي. اهو ڪردار ڪنهن حد تائين سندس ئي حياتيءَ جو هڪ رُخ آهي.

ٽالسٽاءِ جي هڪ ناول نما مختصر ڪهاڻي ”اوان ايلڇُ جو موت“ (The Death of Ivanilych)جيڪا 1870ع ڌاري لکيل آهي، ان ۾ مکيه ڪردار هڪ جج جو آهي، جيڪو 45 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري وڃي ٿو. انهيءَ زماني ۾ ٽالسٽاءِ جي مذهبي ۽ فيلسوفيانه سوچ ۽ فڪر ۾ هڪ وقتائتي ردوبدل اچي رهي هئي، ڇو ته اُن جج جي ڪردار ۾ هڪ اهم نُڪتي جي اپٽار ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي ته عزت ۽ مان واري رهڻي ڪهڻي ۽ بودو باش جو دارومدار ذاتي مفادن جي بدران ٻاجهاري ۽ انسان دوست لاڙن سان واڳيل آهي. ائين کڻي چئجي ته هن ناول ۾ ٽالسٽاءِ جي فڪر جا ترورا چلڪندي نظر اچن ٿا. اهو هيئن ته گناهن سان ڀرپور حياتي جيئري ئي موت آهي. اهڙي موت جي ماٿريءَ مان آجو ٿيڻ سڦلتا آهي.

هونئن ٽالسٽاءِ جي گودڙيءَ ۾ لڳ ڀڳ هڪ درجن ڪهاڻيون آهن. انهن مان هڪ ڪهاڻيءَ جو ٽائٽل آهي: ’هڪ ماڻهوءَ کي ڪيتري زمين گهربل آهي؟‘ (How Much Land Man Does Need) انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪجهه ناٽڪ لکيائين، جن جو مول ۽ مقصد نظر پئي آيو ته ٽالسٽاءِ جو ذهن زمين کي شخصي ملڪيت ڄاڻڻ جي خلاف سوچي رهيو آهي.

ڪائونت نڪولائي وچ ٽالسٽاءِ 09 سيپٽمبر 1828ع تي روس جي هڪ نواب ۽ خوشحال گهراڻي ۾ ڄائو هو. هن جو ننڍپڻ کان وٺي تعليم ڏانهن چاهه نه هئڻ برابر هو، جنهن ڪري يونيورسٽيءَ جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِ حياتيءَ جو ڪجهه وقت ٺٺ ٺانگر ۽ عيش عشرتن سان ماسڪو ۽ پيٽرسبرگ ۾ گذاريائين. اهڙي رهڻيءَ ۾ کيس جواخانن جي به علت پئجي وئي ۽ ڏسندي وائسندي قرض ۾ ٻڏي ويو. ان حالت ۾ آمدنيءَ جو ذريعو وڌائڻ لاءِ 1851ع ۾ فوج ۾ شامل ٿيو.

اهو ساڳيو سال هڪ لحاظ کان سندس حياتيءَ جو ڪارائتو دور سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ٽالسٽاءِ وڌيڪ تندهيءَ سان لکڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن ڪري 1852ع کان 1856ع تائين پنهنجي آتم ڪٿا: ’ننڍپڻ، ڇوڪرائپ ۽ جواني‘ لکي ورتائين. ٽالسٽاءِ سيپٽمبر 1862ع ۾ صوفيه ننڊروينا برس سان وهانءَ ڪيو. هوءَ ان وقت 18 ورهين جي هئي، جڏهن ته پاڻ 34 ورهين جو هو، انهيءَ شادي مان کين 13 ٻار ڄاوا. صوفيه، کيس لکڻين ۾ همٿائڻ ۽ ٻانهن ٻيليءَ طور سگهارو ساٿ ڏنو. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته هوءَ کيس لکڻين ۾ ڪارائتي ۽ ڪارگر صلاح ثواب به ڏيندي هئي.

ٽالسٽاءِ ڪجهه وقت لاءِ فوج ۾ رهي سگهيو. هو سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور ڪريميا جي جنگ ۾ شامل ٿيو. هن پنهنجي اکين ۽ مشاهدي سان جنگ ۾ ٿيندڙ قهري ۽ وحشي ڪارروايون ڏٺيون ته کيس خوف ۽ هراس ورائي ويا، اتان ئي سندس ذهن ۾ جنگ مخالف سَلا ڦٽڻ شروع ٿي ويا.

ٽالسٽاءِ جو اُن نُڪتي ۾ پختو ويساهه هو ته عيسائيت جو جوهر عدم تشدد ۽ عدم مزاحمت جي اصولن تي رکيل آهي. سندس اهڙن ويچارن جو اثر سنئون سڌو مهاتما گانڌي (قتل: 1948ع) ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ (قتل: 1968ع) تي پيل ڏسجي ٿو، پاڻ 1908ع ۾ هڪ هندوستاني اخبار ۾ ’هڪ هندو ڏانهن خط‘ لکيو، ائين انهيءَ خط جي ڇپجڻ کان پوءِ مهاتما گانڌيءَ اعتراف ڪيو ته سندس عدم تشدد ۽ عدم مزاحمت جي ويچارن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ قوت ارادي پيدا ٿي. ايستائين جو گانڌي، ڏکڻ افريڪا ۾ پنهنجي هڪ آشرم جو نانءُ پڻ ٽالسٽاءِ ڏانهن منسوب ڪيو.

رياست جي موجوده بيهڪ ۽ جوڙجڪ بابت ٽالسٽاءِ جي راءِ هئي ته اُن جو سڄو سمورو بوتو نه رڳو ڦرلٽ کي هٿي ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت ماڻهن کي بدعنوانيءَ ڏانهن مائل ڪري ٿو. رياست بابت سندس سوچ ۽ ويچار ۾ ڦيرڦار جو بنيادي ڪارڻ بڻجڻ هو ته پاڻ فرينچ آرجڪ وادي پيري جوزف پرڌوان جي لکڻين کان پوءِ انهي حتمي راءِ تي پهتو. ٽالسٽاءِ تي ان کان علاوه جنهن فيلسوف جون لکڻيون وڌيڪ اثرانداز ٿيون، اهو آرٿر شوپنهار (1860ع-1788ع) آهي، جنهن ڪري سندس سوچ ۾ اخلاقيات متعلق وڌيڪ پختگي ۽ ويساهه پيدا ٿيو.

هُو رياست ۽ چرچ (Church) جي ڪارج جو سخت مخالف هو، ڇو ته سندس خيال موجب ته رياست جو بڻ بنياد طاقت ۽ جبر تي رکيل آهي. جڏهن ته چرچ/ وري مافوق الفطرت ۽ ذهني پراسراريت ۾ واڌارو ڪري ٿي. انهيءَ لحاظ کان پنهنجن ٻن ڪتابچن: ”تو ۾ ديرو دوست جو“ (The Kingdom of God within You) ۽ اعتراف نامو (A Confession) ۾ گرجا/ چرچ ۽ رياست تي جُلهون ڪندي لکي ٿو ته رياست پنهنجي جياپي لاءِ اهڙا قاعدا ۽ قانون جوڙيا آهن، جيڪي ذاتي ملڪيت جهڙي مڪروهه اسم کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. هُو حضرت مسيح جي آخري خطبي کي ئي وڏي وٿ ۽ ميراث سمجهندو هو ۽ ٻين اسمن کي مسترد يا رد ڪندو هو.

انهيءَ نقطه نگاهه کي ذهن ۾ رکندي ته امير شاهي، مورڳو غريبن جي ڪلهن تي بار ۽ خانگي ملڪيت جو وهنوار سماج ۾ اڻبڻت کي اُڀاري ٿو، ٽالسٽاءِ عملي طور پنهنجي سموري ملڪيت ۽ ڪتابن جي آمدنيءَ مٿان پنهنجي اولاد ۽ زال کي وارث سمجهڻ کان نابري ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهيو، جو سندس آڪهه سان اختلاف چوٽ چڙهي ويا. انت ته جهرندڙ صحت ۽ سخت سياري جي مند ۾ گهر ڇڏي بَر جو منهن ڪيائين. هُو هڪ ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ اپسٽاپو جي اسٽيشن تي سيءَ وگهي 20 نومبر 1910ع تي گذاري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org