سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:24 

سنڌي افساني کي نئون روپ ڏيندڙ

سنڌ جڏهن ادبي کيتر ۾ ابتدائي وکون پئي کنيون، تڏهن نثري ادب  کي سگهه ڏيڻ لاءِ جن ادبي شخصيتن پنهنجو ڪردار نڀايو، انهن ۾ سراج الحق ميمڻ جون ڪوششون ڪڏهن به نٿيون وساري سگهجن، سنڌي افساني کي نئون رنگ ۽ روپ ڏيڻ ۾” اي درد هلي آءُ“ اهم ڪوشش آهي. ان کانسواءِ سراج جا ناول نرالي وک هئا. ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌ تي ترخان حڪمرانن 1555ع کان جيڪي ويل وهايا، انهن کي تاريخي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ ادب ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ واڌارو رهندو. ان کانسواءِ ’مرڻ مون سين آءُ‘ به سندس سهڻي ڪاوش آهي. ساڳيءَ طرح ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي سري سان لڳاتار هر سال ٽي ناول 1988ع،1989ع ۽ 1990 تائين ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’پنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، لکيائين. هن پهريون ڀيرو سڃاڻپ سنڌي افسانوي ادب ۾ متعارف ڪرائي.

سراج جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏا وڙ آهن، هن ’سنڌي ٻولي‘، ڪتاب اپريل 1964 ۾ آڻي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت منجهيل روايتن ۽ مفروضن کي ريٽي ڇڏيو. ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي آڳاٽي زندگيءَ  سان سلهاڙي ڪجهه نين حقيقتن کي نروار ڪيو. ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، غلام محمد گرامي، شمشيرالحيدري جي حوصلي افزائيءَ تي هن ٻوليءَ جي اڳوڻن نظرين سان اختلاف راءِ رکندي، نئون نظريو ڏنو ته سنڌين کي هڪ اصلوڪي ٻولي آهي، نه ڪي سامي صفت يا سنسڪرت جي ڄائي، هن تحقيق ذريعي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي اڻ سڌي طرح سنسڪرت تي اثر انداز ٿي، بهرحال سنڌ پنهنجي هڪ محسن/ سڄڻ کان محروم ٿي وئي.

- مختيار ملڪ

 

سراج جهڙو شخص سنڌ جي هر گهر ۾ پيدا ٿئي

مان هڪ ماڪ ڦُڙي جيتري، ايڏي جرئت ڪٿان آڻيان، جو اٿاهه سمونڊ جي لاءِ ڪجهه چئي سگهان. ايڏي وڏي شخصيت لاءِ ايڏا اعليٰ ۽ مضبوط لفظ ڪٿان آڻيان؟ وڏي همت سان ڪجهه اکر لکان پئي. ادا سراج جهڙو ڀاءُ، ادا سراج جهڙو گهر وارو شل، سنڌ جي هر گهر ۾ پيدا ٿئي ۽ ادا سراج جهڙو سچو ۽ پنهنجي وت وس آهر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جو حق ادا ڪرڻ وارو، شل ور ور پيدا ٿئي، ور ور پيدا ٿئي..!

 

- شبنم موتي

 

ادا سراج سڀني جو دوست هو

فهميده ۽ انيس جن جو ڀاءُ ادا سراج، نه صرف اسان سڀني جو ڀاءُ هو، بلڪ اسان هن کي پنهنجو دوست به سمجهندا هئاسين، ته وڏو ڀاءُ به، جيڪو اسان کان اڄ جدا ٿي ويو. ان جو ڏک نه فقط گهر وارن کي آهي، پر سڀني سنڌين کي وڏو غم پهتو آهي. علم ادب ۾ به وڏو خال اچي ويو آهي، جنهن کي ڀرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. ادا پاڻ هليو ويو، پر سندس نالو، سندس ڪاوشون، هميشه زنده رهنديون. الله تعاليٰ کين اعليٰ مقام عطا ڪري. (آمين)

- انيس گهانگهرو

 

سراج، سنڌ جي حفاظت ڪندڙ ليکڪ

محترم سراج ميمڻ سان منهنجو ذاتي تعلق سندس ڪتابن ۽ لکڻين جي ڪري ٿيو. مون پهرين قمبر ۾ ’جشن لطيف‘ ۾ کين ڏٺو هو. 1980ع کان پوءِ مسلسل هن سان ملاقاتون رهيون ٻولي، ادب، ڪهاڻي، صحافت، ناول، سنڌين جون Fields هيون. سنڌ جو مرڪز هو. هو آخري ڀيرو شمشيرالحيدريءَ جي اسٽيج تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ آيو. ادي ڊاڪٽر فهميده، ڊاڪٽر امجد سراج پڻ موجود هئا. سراج صاحب آخري تقرير ڪئي، اوچتو مون کي گهرائي چيائون، ’مان ڳالهائيندي روئي پوندس.‘ ان کان پوءِ سراج سان آخري ملاقات سندس گهر ۾ ٿي، جتي هُن مون کي ڪرشن چندر جو ترجمو ڪيل ناول ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ ڏئي چيو ته ان کي ٻيهر شايع ڪرايو، اهو ڪتاب هندستان جي ڳوٺن، عورتن، ادب، روشن خيال ادب، ڀارتي سرڪار ۽ هارين تي ظلم جي ڪهاڻيءَ بابت آهي.

سنڌ هڪ روشن خيال ۽ عالمي توڙي سنڌ جي حالتن کي گڏ کڻي ڪم ڪندڙ سورمي کان محروم ٿي وئي آهي. هڪ نسل اهڙو به هجڻ گهرجي، جيڪو گهڻ رخو ڪم ڪري، گهٽ ڳالهائي ۽ سنڌ توڙي ملڪ جي حفاظت لاءِ ائين ڪم ڪري، جيئن سراج صاحب ڪيو! 

- ڊاڪٽر ايوب شيخ

 

سنڌ ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪندڙ ڪردار

1970ع واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي قومي جاڳرتا جو جيڪو دور هو، ان ۾ سائين جي.ايم.سيد کانپوءِ جن چند مکيه ماڻهن جو ڪردار آهي، انهن ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو نالو نمايان آهي. اسان جڏهن ڪاليج مان نڪري يونيورسٽيءَ ۾ حيدرآباد آياسين ته جن ڪتابن سڀ کان پهرين اسان جو آدرڀاءُ ڪيو، انهن ۾”پڙاڏو سوئي سڏ“ به هو، سنڌ جي تاريخ کي هلندڙ وقت جي قومي جدوجهد سان ڳنڍڻ جو اهو اعلٰي نمونو هو، جنهن نوجوان قومي ڪارڪنن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي کي نئون ۽ سائنسي رخ ڏيڻ ۾ پڻ سراج الحق صاحب جي جاکوڙ بي مثال آهي. ان کانپوءِ اخبارن ۾ لکيل نمونن ذريعي به محترم سراج سنڌ جي قومي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن مون وڪالت شروع ڪئي ته سراج صاحب سان نياز منديءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيو. ملاقات گهٽ ٿيندي هئي، پر جڏهن به ٿيندي هئي ته مون کان سنڌ جي قومي جدوجهد بابت پڇندو هو ۽ پنهنجي طرفان ڪجهه ٻڌائيندو هو ۽ سنڌ ۾ تمام ڏکين حالتن جي باوجود هو پراميد هو. اها منهنجي خوشقسمتي ٿي ته منهنجي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ’سنڌ جي سياسي جدوجهد‘ جو مهاڳ سراج ميمڻ صاحب لکيو.

- خالق جوڻيجو

 

سنڌي ادب ۽ ڏاهپ يتيم ٿي وئي

 

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسوروئي نينهَن جو،

پتنگَ جيئن پيدا ٿيو، سامي سجَ وَڙاءُ،

آيو ڪاڪِ تراءَ، ڪنوارين ڪَڪوريو!

(شاهه)

اڄ سنڌي ادب ۽ سنڌي ڏاهپ يتيم ٿي وئي!

سنڌ جو سچو عاشق، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو بي لوث خدمتگار، جديد سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي صنفن جو ٽرينڊ سيٽر، صحافت جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ، سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو، لطيف شناس، اسان سڀني جي اُتساهه ۽ ويساهَه جو وسيلو سائين سراج، اسان سڀني کان وڇڙي ويو. اسان سڀني کي، سڄيءَ سنڌ کي يتيم ڪري ويو. سائين محمد ابراهيم جويو، اياز ۽ سراج جديد سنڌي ادب جي پيڙهه جا پٿر رکندڙ رهيا آهن. اياز ۽ سراج اسان جي وچ ۾ نه آهن، پر سندن دوست، ساٿي، رفيق ۽ رهبر جويو صاحب، اڃا جيئي پيو. زخم زخم ڇاتيءَ سان رڙهي پيو. نٻل سريرَ ۽ ٽمندڙ نيڻن سان وڇڙي ويل ساٿين کي ياد ڪري پيو ۽ چوي پيو، ’ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!‘

سراج سنڌ ۾ قومي فڪر واري ادب جي سرجڻهارن ۾ وڏو معتبر ۽ قداور شخص هو. هن جي راءِ/ فتوا پٿر تي ليڪَ هئي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب لکي، (جيڪو 1964ع ۾ ڇپيو)، سنڌي ٻوليءَ وارن اُنهن سڀني مفروضن/ نظرين کي رد ڏنائين ۽ لکيائين ته سنڌي نه سنسڪرت مان نڪتل زبان آهي، نه اُن جي همعصر ڀيڻ آهي، نه دراوڙي زبانن مان نڪتي آهي ۽ نه ئي ’سامي صفت ٻولين جي سٿَ‘ مان آهي. گنگارام سمراٽ ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندس راءِ جي مخالفت ڪئي، پر سراج اُن راءِ تي اٽل رهيو ته: ’سنڌي، دراوڙي ٻولين کان آڳاٽي، سرزمين سنڌ جي آڳاٽي ۽ اصلي ٻولي آهي‘- ۽ هُن ’موهن جي دڙي جي لپي‘ کي پنهنجي دانش ۽ سائنسي نقطهء نظر سان پڙهڻ جي ابتدا ڪئي، ۽ دُنيا ڏٺو ’اڄ اڪثر مستشرق ۽ سنڌي ٻوليءَ جا محقق، سراج جي راءِ سان اتفاق ڪن ٿا‘- خود ڊاڪٽر بلوچ، سراج جي ’سنڌي ٻوليءَ جي قدامت‘ ۽ ’هن سرزمين جي آدي جڳادي زبان‘ واري راءِ کي قبولي ورتو. سراج جو زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ لکيل ڪتاب ‘History of Sindhi Language’ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت اَوس سَند ثابت ٿيندو.

سراج، فِڪشن، صحافت، ڊراما جي ميدان ۾ جيڪا روايت وڌي، اُها اڄ به اديبن ۽ صحافين جي رهنمائي ڪري ٿي. هي ارڏو انسان، سنڌي تهذيب ۽ روايتن جو امين اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سندس تخليقون، سندس لائق اولاد ۽ سندس ڀيڻ فهميده حسين، سراج جي ٻوليءَ واري جهنڊي کي ڪڏهن به هيٺ جهڪڻ نه ڏيندا، مون کي پختو ويساهه آهي!

- تاج جويو

02 فيبروري 2013ع

 

سنڌ جو عظيم ماڻهو

نهايت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي، جو سنڌ جو  بيباڪ اديب، دانشور جناب سراج الحق ميمڻ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سائين سراج ميمڻ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪن خوش نصيب قومن ۾ پيدا ٿيندا آهن . افسوس جو هو جسماني طور اسان کان ڌار ٿي ويو، پر سندن عمل، ڪردار ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي لا ءِ خدمتون، تاريخ جي اهم باب طور ياد رهنديون  ۽ سنڌي قوم جي رهبري ڪنديون رهنديون.

اڄ سراج صاحب جي وڇوڙي تي پوري سنڌ غم ۽ ڏک ۾ سندن پونئرن سان گڏ آهي، دعاگو آهيان ته رب تعاليٰ سائينءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ پونئرن کي سندن نقشِ قدم تي هلندي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. آمين!

اهڙا مانجهي مرڻا ناهن - ويس مٽائي ورڻا آهن

- گل محمد جکراڻي

 

جديد ادبي پيڙهه جو پٿر

سراج الحق، سنڌ ۾ جديد ادبي پيڙهه جو بنياد رکندڙ هو. هي اهو اديب هو، جنهن هڪ جديد قوم جو خيال سنڌين کي ڏنو، جنهن جو سڄو بنياد مزاحمت تي رکيل هو. هن سنڌين کي باعزت طور تي جيئڻ جا ڪيئي گس ڏنا. هي سنڌي ٻوليءَ جو عالم، اديب، ناول نويس ۽ محقق هو. ان پنهنجي ذاتي ۽ قومي ذميوارين کي احسن طريقي سان سرانجام ڏنو. هن پنهنجي مادر وطن سنڌ جون ايتريون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جو هي سنڌ ۾ صدين تائين ساريو ويندو. اسان جي دعا آهي ته سندس پونئيرن کي به هن جي ڇڏيل راهه تي رب سائين هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

- يونس مهر

 

قومي هيري جو موت

سراج الحق ميمڻ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. بهترين ڊرامه نگار، بهترين صحافي، معتبر مترجم، مثالي ايڊيٽر، سٺو رهبر، سٺو دوست، سٺو پيءُ ۽ ڀاءُ وغيره، پر منهنجو ساڻس تعلق سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي حوالي سان جڙيو. ساڻس پهرين ملاقات ’هلال پاڪستان‘ جي آفيس ۾ ٿي، جتي مون کي Dictionary  ۽Lexicography  ۾ فرق سمجهايائين. اهڙيءَ ريت مان وٽس ويندو رهيس ۽ سائين پنهنجائپ سان سبق ڏيندو رهندو هو. پوءِ ساڻس ملاقاتون ميڪلو روڊ ۽ ميٽروپول هوٽل وارين آفيسن ۾ ٿينديون هيون. ارشد سان به سٺيون ڪچهريون ٿينديون هيون.

سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ بڻ بنياد بابت هڪ لاثاني ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ لکيو، جيڪو 1964ع ۾ شايع ٿيو. اُن ڪتاب جي اشاعت ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت روايتي نظريا رد ٿي ويا. مون پنهنجي Ph.D واري ٿيسز ۾ سراج صاحب جي نظريي کي آڌار بنايو آهي. مون اهو به لکيو آهي ته 1970ع ڌاري جيڪڏهن اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ٿئي ها، ته هوند سنڌو لکت (Indus Script) لاءِ ٻاهرين دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن لاءِ سوچن جا نوان دڳ کلي وڃن ها.

سراج کي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سماج تي پورو پورو ويساهه هو. هو اُن حوالي سان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. سندس لکڻين ۾ اميد، نوان جذبا ۽ نوان نُڪتا نظر ايندا.

سراج صاحب ايترو ته باصلاحيت هو، جو کيس ڪنهن به وڏي اداري يا ڪارپوريشن جو سربراهه مقرر ڪجي ها ته هو ان کي جديد دور جي گهرجن مطابق هلائي ڏيکاري ها. ڪو زمانو هو، جو سندس والد صاحب محمد يعقوب ميمڻ، جيڪو پڻ ٻولي، لغت ۽ گرامر جو ماهر هو، گذاري ويو ته سراج صاحب سان عذرخواهي ڪرڻ لاءِ هن بنگلي ۾ آيو هوس.

- آفتاب ابڙو

 

ماکيءَ کان مٺو انسان

 

سائين (محمد ابراهيم) جويي صاحب سان ڳالهائيندي، جڏهن به چند شخصيتن جو ذڪر نڪرندو آهي، خاص طرح سراج صاحب بابت، جويي صاحب جا تاثرات (Body Language)ئي بدلجي ويندا آهن. پوءِ ڀلي ڪهڙي به موڊ ۾ هجن، سندن چهري تي هڪ رونق اچي ويندي ۽ يڪدم چوندا آهن، ’سراج ماکيءَ مان مٺو منهنجو دوست‘. پوءِ وڌيڪ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندا. سراج صاحب واقعي سنڌ جي انهن عظيم شخصيتن مان هڪ شخصيت هو، جن سنڌ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪم ڪيو. بجاءِ جو مقدار جي بحث ۾ پئجي، پر سندن ڪيل ڪم خالص طور تي معياري ۽ سنڌي سماج لاءِ تبديليءَ جو سبب بڻيو. سائين جي.ايم.سيد ۽ جويي صاحب جي سنڌ ۽ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ سراج صاحب جي چونڊ، سنڌ جي ادب، تحقيق ۽ صحافت لاءِ سڀاڳ ثابت ٿي. آءٌ سدائين تعجب ۾ رهندو آهيان ته جتي ماڻهو پنهنجو جياپو سڻڀن. عهدن تي رهڻ سمجهن، اتي سراج صاحب هر دؤر ۾ سرڪاري مراعتون ۽ عهدا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سراج صاحب جويي صاحب جي ٽهيءَ کان پوءِ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو انسان آهي. اها ڳالهه آءٌ دعويٰ سان ڪريان ٿو. سراج صاحب تي لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا آهن، ته ڇا ڇا لکان؟ سندن ادبي، تحقيقي، صحافتي ۽ قومي تحريڪن ۾ جيڪو ڪردار رهيو آهي، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. پاڻ سدائين پاڻ وڻائڻ، پڏائڻ ۽ وڌائڻ کان پاسيرو رهيا. سراج صاحب سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو محسن آهي.

- محسن علي جويو

سنڌ جو ايماندار خدمتگار

 

جناب سراج الحق اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر سندن سڀاءَ ۽ ڪيل پورهئي جي سڳنڌ سنڌ جي گهٽين گامن، واهڻن ۽ شهرن کي واسيندي رهندي. هن جيڪي به لکيو، اهو سنڌي ادب جي شاهڪارن ۾ شمار ٿيندو. هلال پاڪستان کي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نامور اخبار بنائڻ ۾ سراج صاحب جو ڪردار لافاني رهيو. سندن انگريزي ڪالمن ۽ ايڊيٽوريلن سنڌي ماڻهن جي نحيف آواز کي عالمي حيثيت بخشي. نوي جي ڏهاڪي واري اوندهه ۾ ’جاڳو‘ هڪ نئين مشعل بنجي چمڪي، ان جي بوررڊ جو چيئرمئن ۽ ذهني اڳواڻ پڻ جناب سراج الحق هو.

’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ‘ جي بنياد وجهندڙن ۾ سائين سرگرم هو. هن اداري جا ٺهراءَ، شهرء آفاق بنيا. انهن جا متن سراج صاحب جي قلم جو ڪمال هئا.

هر قانوني ويڙهه ۾ جنهن ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه هجي، سراج صاحب هميشه رهنمائي ڪندو رهيو.

حقيقت ۾ سنڌ نه صرف هڪ نامور اديب، ناول نگار، تحقيق ڪندڙ اديب کان محروم ٿي وئي آهي، پر هڪ بيحد پُرخلوص، ايماندار ۽ جاندار قانوني صلاحڪار ۽ قومي خدمتگار کان به محروم ٿي وئي آهي.

دعا آهي ته رب سائين کين جنت الفردوس ۾ جائگير ڪري! (آمين).

- ڊاڪٽر سليمان شيخ

- ولي محمد روشن

 

ماڻهو سڀ مئا وڃن، تون نه مئين موت!

سنڌ ڌرتيءَ جا سچا ۽ سپوت ڀاڳن سان ٿا ڄمن. اهڙن سڀاڳن پٽن ۾ سراج الحق به هڪ هو. سچن آدرشي ۽ هڏ ڏوکي. پٽن لاءِ لطيف فرمايو آهي:

سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ مڙي،

بهرحال هن پنهنجو وارو نڀايو، اڳتي کٽن  ڀاڳ!

دعا آهي ته مرحوم کي ڌڻي نوازي ۽ پونئرن کي سندس ڇڏيل لاٽ کي روشن رکڻ جي سگهه ڏئي.

- سيد شير شاهه

ž

سراج جي سڃاڻپ ڪنهن وزير مُشير يا ڪنهن ڪاموري جي مٽ مائت طور نه هئي ۽ نه ئي کيس قوم ڪنهن ڪٽر وڪيل طور پنهنجو ڪيو هو. سندس هڪ ئي سڃاڻپ هئي، عشق. هُن عشق پنهنجي ٻولي ۽ ادب سان ڪيو، جيڪا ئي سندس تاريخ ساز شخصيتن بنجڻ جو بنياد بڻي. ٻولي سان عشق ڪندي هن ٻه بهترين ڪهاڻين ۽ 5 بهترين ناولن سميت ترجمن وارا ڪتاب لکيا. پڙاڏو سوئي سڏ، مرڻ مون سين آءُ، تنهجي دنيا سڀ رنگ سانول، اٺون ماڻهو، جهڙا شاهڪار ڪتاب ڏيئي هُن لکين مون جهڙن پڙهندڙن کي اتساهه ڏنو. سنڌي ٻولي سنسڪرت مان جنم ناهي ورتو. اها ڳالهه به چوڻ وارو سراج پهريون انسان هو، جنهن مُهين جي دڙي جي ٻولي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. سراج جو وڇوڙو يقيناً سنڌي ٻولي ۽ ابد لاءِ تمام وڏو نقصان آهي، پر سراج جو ڪم صدين تائين ياد رهندو. نئين نسل کي سراج جي لکيل ڪتابن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

- سليم جروار

 

منهنجي والد جو دوست

سراج الحق ميمڻ صاحب منهنجي والد شيخ اياز جا پراڻا دوست ۽ سنڌ سان محبت جي ڪارزار جي اوائلي ۽ شروعاتي دور جي مهندارن مان هڪ هئا ۽ سندس لاڏاڻي کان پوءِ ان مرادوند هستيءَ جي پڄاڻي ٿي وئي آهي، پر سندن پيغام روان دوان آهي ۽ پنهنجي منطقي انجام تي پورو ٿيندو. خدا کين پنهنجي جوار رحمت ۾ رکي.

 

- شيخ مونس اياز

ڪراچي

04.02.2013

 

منهنجو پسنديده ليکڪ

پنهنجي سانڀر واري عُمر ۾ جڏهن سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۽ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ پڙهيم ته هو عقيدت جي حد تائين منهنجو پسنديده ليکڪ بڻجي پيو ۽ دل ۾ آيم ته جڏهن به سراج صاحب سان ملاقات ٿيندي ته هڪ چُمي انهن هٿن کي ڏيندس، جن جي نرم نازڪ آڱرين مان اهڙن عظيم ناولن جي تخليق ٿي..!

پر گذريل سال جڏهن سراج صاحب سان ريجنٽ پلازه هوٽل ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو ملاقات ٿي ته سرڪاري پروٽوڪول جي نظر ٿي وياسين ۽ اهڙي ريت هُن منهنجي چُمي هميشه لاءِ اڌوري ئي رهجي وئي..!

افسوس جو اڄ سندس ٽيجهي ۾، سندس ڪراچيءَ واري گهر پهتا آهيون. زندگيءَ سان شڪايت ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪجي!

- خان محمد جروار

 

سنڌ جو ليجنڊ ليکڪ

سنڌي ماڻهن کي سندن ٻوليءَ، ڪلچر، سنڌي نالن جي سڃاڻپ سراج صاحب ڏني. آءٌ سمجهان ٿو سراج صاحب جي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ پڙهڻ کان پوءِ سنڌي ماڻهوءَ کي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي فخر ٿيو. سنڌ جو ليجنڊ ليکڪ ۽ سنڌي ٻولي جو خدمتگار تاريخ ۾ هميشه امر رهندو.

سراج صاحب اهو پڙهيل لکيل ۽ ترقي پسند ليکڪ هو، جنهن جي جاءِ ڪو ڀري نه ٿو سگهي.

- ڊاڪٽر غفور ميمڻ

 

قوم دوست انسان

محترم سراج الحق ميمڻ ٻوليءَ جو ماهر اديب، ناول نگار، قوم دوست انسان هو . سراج صاحب جي لکڻين خاص طور ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جهڙي ناول سنڌ جي نوجوانن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. انهن متاثرن ۾ آءٌ پاڻ به هڪ آهيان. سندس ڪتابن سنڌ جي نوجوانن کي جذبا بخشيا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو جيئي سنڌ محاذ جي اسٽڊي سرڪل لاءِ جيڪا ڪتابن جي لسٽ جوڙي وئي هئي، ان ۾ سراج جا ناول ۽ ٻوليءَ متعلق ڪتاب شامل ڪيا ويا هئا، جيڪي اڄ به جيئي سنڌ محاذ جي ڪورسز ۾ شامل آهن. سراج جو وڇوڙو سنڌ جي علم، ادب ۽ قومي سوچ جو وڏو نقصان آهي، جنهن جي تلافيءَ لاءِ اسان کي ادارن جي ضرورت پوندي. سنڌ کيس هميشه سندس علمي صلاحيت جي ڪري ياد رکندي.

- هاشم کوسو

جنرل سيڪريٽري

جيئي سنڌ محاذ

 

هاڪاري سوچ رکندڙ سراج

تاثرات لکڻ لاءِ گهڻ رخو اڀياس ڪجي ته بهتر تاثر جا لفظ پيش ڪري سگهجن ٿا.

هينئر سنڌ جي اهڙي شخصيت تي ڪجهه راءِ ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو سنڌ جي اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن ۾ اهم جڳهه رکندڙن مان آهي، ڇاڪاڻ ته اديب جسماني موت مرڻ کان پوءِ به پنهنجن لکڻين ۽ اظهار خيال رستي هميشه دنيا ۾ دائم رهن ٿا.

سراج الحق ميمڻ صاحب مختصر علالت بعد اڄ هن دنيا مان انتقال ڪري ويو آهي. اسان کي پنهنجي خيالن ۽ ليکن رستي ياد رهندو. هن پنهنجو نالو صرف هڪ سٺي قانون دان، پر ذهني طرح نهايت سرگرم ۽ تخليقي طور هاڪاري سوچ رکندڙ انسان هو.

مان سندس فرزندن ۽ ٻين عزيزن سان هن غم ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ سڪون محسوس ڪريان ٿو.

خدا تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان سراج الحق ميمڻ مرحوم کي پنهنجي رحمت سان نوازي ۽ کيس مغفرت فرمائي. (آمين)

 

- ظفر علي شاهه

 

ž

سراج ميمڻ عظيم شخصيت هئي. سنڌ اڄ هڪ عظيم شخصيت کان ۽ عطيم انسان کان محروم ٿي وئي.

 

- ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر

ايم.پي.اي

 

سراج جي تحقيق مستند هئي

چاچا سائين سراج الحق ميمڻ صاحب جو وڇوڙو نه صرف پنهنجي خاندان، پر سڄي سنڌي قوم کي رئاڙي ويو. سراج صاحب سنڌ ڌرتيءَ جو تمام وڏو اديب، محقق، دانشور ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پارکو هو. هن صاحب سنڌي ٻوليءَ تي ان وقت تحقيق شروع ڪئي. جڏهن سنڌ جي ناليوارن اديبن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي پنهنجا رايا ڏنا ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتل آهي. سراج صاحب اهڙن مفروضن کي رد ڪندي، اهو واضح ۽ چٽو فيصلو ڏنو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قومي ٻولين مان هڪ آهي، دنيا ۾ ٻولين جا پارکو، سراج صاحب جي تحقيق کي Authentic سمجهن ٿا. سراج صاحب جو اهو ٿورو ۽ پورهيو سنڌ واسي ڪڏهن به لاهي نٿا سگهن. ڌڻي در دعاڳو آهيان ته سراج صاحب کي مالڪ، جنت عطا فرمائي!

پونئيرن کي ڌڻي سگهه ۽ طاقت ڏي ته سراج صاحب جو رهيل ڪم خوش اسلوبي سان پورو ڪن.

 

- ڊاڪٽر کٽومل جيون

ž

سنڌ مان هڪ ٻيو سٺو ماڻهو موڪلائي ويو.

 

- قلندر لڪياري

ž

سائين سراج الحق جديد سنڌي ناول، لسانيات ۽ صحافت جو باني هو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب ۽ ٻوليءِ لاءِ وڏو نقصان آهي، جيڪو پورو ٿي نه سگهندو.

- محمد عثمان ميمڻ

 

سنڌيءَ جو قداور اديب

سراج الحق ميمڻ سنڌيءَ جو صحيح معنيٰ ۾ قداور اديب هو. بنيادي طور هو هڪ تخليقڪار هو. پر هُن جي تحقيق پڻ عالم آشڪار آهي. سراج جنهن ڪڏهن ڪنهن زماني ۾ شاعري به ڪئي هئي، سو سنڌيءَ جو هڪ خوبصورت ڪهاڻيڪار به هو ته نامور ناول نگار به. ادا سراج ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب لکي. سنڌي ٻوليءَ بابت اڳوڻن سمورن نظرين کي رد ڪيو هو. ائين وقت گذرڻ سان ٻوليءَ بابت سراج الحق ميمڻ جو نظريو سچ ثابت ٿيو. هن ويجهڙائيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ بابت انگلش ۾ لکيل پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪيو هو، پر جنهن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ هو ڇپجندي نه ڏسي سگهيو، جيڪو ڪتاب يقيناً جلد ئي اسان جي هٿن ۾ هوندو- ۽ هو اسان ۾ نه هوندي به اسان ۾ هوندو. ادا سراج جهڙن اديبن جو جسماني وڇوڙو يقيناً اسان سڀني جو وڏو نقصان آهي، پر اديب پنهنجي املهه تحريرن ۾ سدا زنده رهندو آهي. هو اسان ۾ ناهي، پر اسان سان آهي: ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘، ’اٺون ماڻهو‘، ’اي درد هلي آءُ‘، ’سنڌي ٻولي‘ ۽ ٻين انيڪ املهه ڪتابن جي روپ ۾. لطيف سائين اهڙن ئي املهه ماڻڪن لاءِ چيو آهي:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا!

- ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

 

 

سنڌي ادب جو روشن چنڊ ستارو

سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو چمڪندڙ ستارو هو. هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ کان پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي ابتدائي دور ۾ هڪ انتهائي تحقيقي ڪتاب لکي، ثابت ڪيائين ته سنڌي ٻولي، ننڍي کنڊ جي تمام پراڻي ٻولي آهي. سندس لکيل ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي نوجوانن جو دلپسند ڪتاب هوندو هو. سندس افسانا پڻ اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌيت جي رنگ ۾ رڱيل هوندو هو. روزاني ’هلال پاڪستان‘ کي هڪ جديد سنڌي اخبار بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. سنڌ ۽ سنڌين جي مستقبل لاءِ کيس سدائين اونو هوندو هو. سندس گهر جو ماحول به سنڌيت ۾ رڱيل هو. اڄ سنڌي ادب جو هڪ جرئتمند ستارو اسان ۾ موجود ڪونهي، پر سندس ڪيل شاندار ادبي خدمتون، کيس سنڌ جي آسمان تي سدائين هڪ روشن چنڊ وانگر اسان جي ۽ سنڌ جي نئين نسل جي رهنمائي ڪندو رهندو.

- مدد علي سنڌي

 

سراج صاحب سنڌ هو

مون کي اڄ ارشد سراج جو حڪم ٿيو ته پنهنجا تاثر لکان. آءٌ اُها ئي وائي ورجائيندس ته سراج صاحب سنڌ هو، آهي، ۽ رهندو. سندس بين الاقواميت ۽ ڄاڻ اُنهيءَ چنڊ نه پر سج مثل هئي، جنهن جا ڪرڻا تاريڪ ڪنڊن ڪڙڇن ۾ پهچندا هجن. مون کي اُهو فخر حاصل آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ زندگيءَ جي پهرين تاريخي پٽيشن ۾ سراج صاحب، عبدالحفيظ لاکي صاحب ۽ عبدالرشيد آخوند صاحب سان گڏ نه رڳو پيش ٿيڻ، پر سکڻ جو به موقعو مليو، ڇا لکي ڇا لکان! سندس شخصيت علم جو ڀنڊار هئي. وٽس سنجيدگي ۽ مذاح جو به هڪ مخصوص انداز هو. آءٌ دعاگو آهيان ته ڌڻي پاڪ سندس پوين ۾ برڪت وجهي ۽ شال اُهي والد جون سِڪون لاهين، ڀلوڙ اولاد آهي. سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ’ڀاڳين جا وٿاڻ وسندا رهندا آهن.‘ ڌڻيءَ در دعا آهي ته هي وٿاڻ سدائين سائو ستابو ۽ آباد رهي. وري به ورجائيندس ته سراج سنڌ هو ۽ سنڌ سراج آهي ۽ رهندو.

سراج صاحب جي شخصيت تي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي. هزار صفحا به ٿورا آهن سراج صاحب تي لکڻ لاءِ.

اکين ۾ پاڻي ٿو اچي، جڏهن سندس تصور ۾ پرتو ٿو پسان. انشاءَالله جنت جي حورن جي هنج ۾ هوندو. منهنجو ويساهه آهي ته اُن دنيا ۾ به هو سنڌ کي نه وساريندو. سوچيان ٿو ته هيڏي وڏي شخصيت تي وڌيڪ ڇا لکان. جذبات ۾ خبر ناهي ڇا لکي ويو آهيان. ڀل چُڪ ٿي هجي ته معافي. سراج صاحب مٿانهون هو ۽ مٿانهون رهندو. جنت جي حقدارن ۾ هوندو..!

- محمد روشن عيساڻي

 

مري ٿيا نه مات

سراج صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت رکندڙ انسان هو. منهنجي زندگيءَ جا بهترين ڏينهن سراج صاحب جي چيمبر ۾ ايسوسيئيٽ جي حيثيت ۾ گذريا. کيس انتهائي شفيق پيءُ ۽ استاد جي حيثيت ۾ پاتم. سنڌ سان Self Conviction جي حد تائين رشتو سندن شخصيت جو نمايان رخ هو.

سراج صاحب هڪ صحافي، اديب، دانشور، ٻوليءَ جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ پروفيشنل وڪيل جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو ۽ هر ڪردار ۾ سندن رول انتهائي جاندار رهيو، سندن هڪڙو ئي سلوگن/ مشن هو ته پڙهو ۽ سنڌ جي خدمت ڪريو، سماجي ۽ مذهبي مت ڀيد کان ڌرتيءَ جي عام لوڪ کي آجو ڪريو.

سراج صاحب جهڙيون شخصيتون مرنديون ناهن. لطيف سائينءَ چواڻي: ’مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات‘.

سراج صاحب جون سنڌ بابت سوچون ۽ ويچار، جيڪي هن پنهنجي لکڻين ۾ عام لوڪ سان ونڊيا، سي هميشه ٻڌبا رهبا. موهن جي دڙي جي پريسٽ، جيان ڳاٽ اوچو ڪري گهمدڙ سراج جي صورت هميشه اسان جي سامهون رهندي. سراج صاحب پاڻ کي هميشه سنڌ جو خادم سمجهيو. انهيءَ جو ثبوت سندس جوڙيل ‘Servants of sindh’ سوسائٽيءَ جو بنياد ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ارپڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو هو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي نج هن ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ ٻوليءَ جو پرچارڪ رهيو، نه صرف پرچارڪ رهيو، بلڪ پاڻ انهيءَ کي ثابت به ڪري ڏيکاريائين.

’رَتِي جي رهاڻ‘ کان وٺي، قانون جي سخت زبان تائين سراج صاحب جهڪڻ نه سکيو، نه ئي وري مون جهڙن شاگردن کي جهڪڻ ڏنائين.

- قاضي علي اطهر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org