سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:21 

هڪڙو هـو  سـراج

واحد پارس هيسباڻي

ڪالهه سنڌ هڪ اهڙي شخص کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن پنهنجي ارڏائپ ۽ اصول پسنديءَ واري ڪردار جي ذريعي مختلف شعبن ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو. سراج جيڪڏهن هڪ ناول نگار طور نظر اچي ٿو ته سندس ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ بربريت جو هڪ کليل داستان آهي. ناول جي منظر نگاري اهڙي ته شاندار انداز ۾ ٿيل آهي، جو ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ناول نگار اهو سڄو ظلم پنهنجي اکين سامهون ٿيندي ڏٺو آهي. ساڳيءَ طرح سندس ناول ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جيڪو ٽن حصن ۾ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽

’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘ جي نالي سان ڇپيل آهي، اهو به ايڏي ئي ڀرپور ريت رکي ٿو. اهڙيءَ طرح سندس ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ به زبردست ناول آهي. سندس هي ناول سچ ته سنڌي ادب جا شاهڪار ناول آهن، جن ۾ سنڌ جي هڪ تاريخ سمايل آهي.

لکڻين ۾ سراج جي ٻولي سادي سلوڻي آهي ۽ سندس لفظن جي ادائيگيءَ جو انداز متاثر ڪندڙ آهي. هي شين کي جيئن ڏسي ٿو، بلڪل ئي انهيءَ انداز ۾ جيئن جو تيئن بيان ڪري ٿو. هي حقيقت کي سندس اصل شڪل ۽ صورت ۾ پيش ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو رک رکاءُ نه ٿو ڪري، جنهن جو اندازو سندس ناول ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ جي هن ٽڪري مان لڳائي سگهجي ٿو:

”اسين هميشه جيان ساڳي ٻه چاپڙائيءَ جو شڪار آهيون، پنهنجي ذاتي سُک، پنهنجي ذاتي سُڪون کي جوکم ڏسي، ڪڇونءَ وانگر پنهنجي کل ۾ اندر گهڙندا ٿا وڃون. تيسين سنڌ جي هر شئي تي قبضو ٿيندو وڃي؛ اسان جا شهر اسان جا نه رهيا آهن، اسان جي ٻهراڙين کي، زندگيءَ جي سمورين چڱاين کان وانجهو ڪري، کين فلمي دنيا جا خواب ڏيکاري، چرس ۽ گانجي جي حوالي ڪيو پيو وڃي. سڀ کان وڏو موتمار ڌڪ اسان کي اهو پيو هنيو وڃي ته اسان کان پنهنجي ٻولي، پنهنجي تهذيب کسي پئي وڃي! ملڪ دشمنيءَ جي تهمت هيٺ اسان جو لکڻ پڙهڻ بند ٿيندو وڃي. اسان جي تعليمي سرشتي ۾، اندران ئي اندران اهڙو کاٽ هڻڻ شروع ڪيو اٿن، جو هاڻ اسان جا استاد پڙهائڻ بدران اسان جي نئين پيڙهيءَ کي اهڙي اونداهيءَ کڏ ۾ اڇلائڻ لڳا آهن، جتان هنن جو نڪرڻ محال آهي. اسان جا رسمي طرح تعليم يافته ماڻهو ايترا موڳا، ايترا بي علم، ۽ ايترا منجهيل آهن، جو جتي ڪٿي اها هاهاڪار آهي ته سنڌي ماڻهو رڳو گڏهه هڪلڻ جي قابل آهن!“

هو پنهنجي لکڻين ۾ پڙهندڙن کي ذهني چسڪا وٺرائڻ بدران ڪردارن ذريعي حقيقتون بيان ڪري، انهن جون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مٿي پيش ڪيل ناول جي ٽڪري مان سنڌ جي مجموعي صورتحال جي عڪاسي ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ هي ناول ڪي ڏهاڪا اڳ لکيو ويو هو، پر جيڪڏهن ايمانداريءَ سان جائزو وٺجي ته سنڌ جي صورتحال اڄ به اها ساڳي ئي آهي. وقت گذرڻ سان گڏ جيڪا تبديلي اچڻ گهرجي ها، جيڪا سجاڳي اچڻ گهرجي ها ۽ جيڪا بهتري اچڻ گهرجي ها، اها نه اچي سگهي آهي. اسان جو تعليمي ريشو انگن اکرن جي حساب سان ضرور وڌيو آهي، پر شعور جي لاٽ اڃا گهڻي گهٽ آهي.

سراج کي اسان جڏهن هڪ ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ڏسون ٿا ته سندس ڊراما به ٻين کان منفرد ۽ مختلف نظر اچن ٿا. سندس ڊراما: ’ويران اکيون‘، ’زخمي دل‘، ’گهاتو گهر نه آيا‘، ’اڪبر جي حياتي جو هڪ ڏينهن‘ (ترجمو) جنهن جي به نظرن ۽ سماعتن تائين پهتا آهن، اهو انهن کي وساري نه سگهيو آهي.

پاڻ جڏهن سراج کي هڪ صحافيءَ جي حيثيت سان ڏسون ٿا ته هي اسان کي روايتي صحافي نظر نٿو اچي. وقت جي حڪمرانن جي اخبار ’هلال پاڪستان‘ جي جيڪڏهن هي ايڊيٽرشپ قبول ڪري ٿو، تڏهن به پنهنجي شرطن ۽ شروطن تي ۽ هي ’هلال پاڪستان‘ کي پنهنجي صلاحيتن ذريعي سنڌ جي سڀ کان مقبول اخبار بڻائي ڏيکاري ٿو. سرڪاري اخبار هجڻ جي باوجود ان ۾ عوام جي آواز کي اهميت ملي ٿي. سندس خودداريءَ جي شاهدي ناميارو ليکڪ امر جليل به ڏئي ٿو، جنهن جي حڪومت خلاف لکڻين کي به هن جيئن جو تيئن ڇاپيو. امر جليل اُن سلسلي ۾ لکي ٿو ته: ”پهرين مئي 1972ع تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزاديءَ ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو، پر هيءَ آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس اُن ڪري هئي، جو هلال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ تي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا. مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن، جاگيردارن کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن، ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻ پڙهيل ۽ نادان هاري ناري ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بئنڪ آهي، جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ ڪنديون هيون، سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو...“

اها حقيقت آهي ته سراج جو صحافتي دور مثالي دور رهيو آهي ۽ ان دور ۾ صحافت اندر بهتر ۽ نوان لاڙا پيدا ٿيا.

اسين جڏهن سراج کي هڪ ڪالم نگار جي حيثيت سان ڏسون ٿا ته هن جي ڪالمن ۾ به اسان کي ساڳي جرئت ۽ بهادري نظر اچي ٿي. سندس ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۽ ’سياسي منظرنامي‘ جي سري هيٺ لکيل ڪالم تمام گهڻا مقبول ٿيا. جن ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي ڏکن دردن جي اپٽار ٿيل هوندي هئي. سراج پنهنجي لکڻين ۾ سچو ڌرتي دوست نظر اچي ٿو. هن جي قلم ۾ ڪٿي به ڪا هيڻائي ۽ جهيڻائي نظر نٿي اچي. ٻوليءَ جي حوالي سان سندس ڪيل ڪم به انتهائي شاندار آهي. هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت نوان بحث ڇيڙيا ۽ مروج راين ۽ روايتن سان اختلاف ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو. سندس ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ اهم تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان زبردست قسم جو بحث ٿيل آهي. سندس راءِ کي اڳتي هلي انهن محققن به قبول ڪيو، جيڪي ان جي ابتڙ راءِ رکندڙ هئا.

سراج صاحب جي خصوصيت اها هئي ته هي هوا ۾ اجايون لٺيون هڻڻ بدران ٺوس ۽ دليلن سان ڀرپور ڳالهه ڪندو هو، جنهن ۾ سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي گهرائي شامل هوندي هئي. هن جيڪو به ڪم ڪيو، اهو ذميواريءَ سان، سچائيءَ سان، ايمانداريءَ سان، نيڪ نيتيءَ سان ۽ خدمت واري جذبي تحت ڪيو. هي ڪڏهن به سرٽيفڪيٽن، ميڊلن ۽ پروگرامن جي صدارت ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ نه رهيو. هي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندڙ هو، هن جيڪو به ڪم ڪيو، اهو شاندار نموني ڪيو، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ منفرد حيثيت رکندڙ آهي.

سراج کي پاڻ جڏهن قانوندان جي حيثيت ۾ ڏسون ٿا ته اتي به سندس ذهانت اعليٰ سطح جي نظر اچي ٿي. سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل جي حيثيت ۾ هن اهم نوعيت جا ڪيس وڙهيا. پاڻ وڪالت کي ڪمائيءَ جو ذريعو سمجهڻ بدران ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جو ذريعو سمجهيائين. هن ان پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ناانصافي جي شڪار ماڻهن کي انصاف ڏياريو. کيس انڪم ٽيڪس واري قانون تي پڻ خاص مهارت حاصل هئي. بهرحال پاڻ جنهن به شعبي ۾ جيڪا به ذميواري کنيائين، اها سنجيدگيءَ سان نڀائي به ڏيکاريائين.

24 آڪٽوبر 1933ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ هڪ استاد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سراج جي هنن سمورين ڪاميابين جي سفر پٺيان سندس والدين جي تربيت سان گڏ ذاتي محنتون شامل آهن. هن ڪو شارٽ ڪٽ استعمال ڪرڻ بدران پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي منزل ماڻي، هي ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي چڪر ۾ نه رهيو، پر عهدن کي هن جي ضرورت محسوس رهي. سراج پنهنجي زندگيءَ ۾ کليل ڪتاب جيان آهي، سندس ڪردار ڪٿي به جهول جو شڪار نظر نٿو اچي. هن پنهنجي سموري زندگي شرافت ۽ ايمانداريءَ سان گذاري، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جا سمورا علمي ادبي حلقا سندس دل سان عزت ڪن ٿا ۽ اڄ سندس وڇوڙي تي سڀ هڪ جيترا ئي سوڳوار آهن. سراج جو وڇوڙو سچ پچ اسان سڀني جو گڏيل نقصان آهي، جنهن جو ازالو ٿيڻ ممڪن ناهي.

(روزاني عبرت، 03 فيبروري 2013ع)

 

سنڌي ادب جو ديومالائي ڪردار

نصير سومرو

هن رڳو ”سراج“ نالي سان لکيو، پورو نالو نه لکڻ به سندس طرفان ناديده بدعتن خلاف احتجاج هو. شڪايتن، ڏوراپن ۽ ميارن ڏيڻ بدران پنهنجي تخليقي ڏات کي ادب جو روپ ڏنائين. هن ادب ۾” تخيلاتي تحقيق” جو رخ اجاگر ڪيو. تخليق ۽ تحقيق جي دائري جون ٽيهٺ ئي ڊگريون سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن.

انقلاب فرانس کان پوءِ ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ڪيترائي اصطلاح متعارف ٿيا. پارليامينٽ ۾ ساڄي پاسي ويٺل ”ساڄي ڌر“ ۽ کاٻي پاسي ويٺل ” کاٻي ڌر“ طور سڃاتا ويا. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌريون رهنديون آيون آهن. خاص طور، انهن ڏينهن جون باقيات سمجهيون وينديون آهن، جڏهن دنيا ٻن بلاڪن جي پاور ۾ ورهايل هئي. سرمائيداراڻو سماج ۽ سوشلسٽ سماج، جيڪو طرز حڪومت ۾ هينئر يوني پولر آهي ۽ جو هر ۾ الڳ الڳ فڪري ڌارائن وارو آهي. ون يونٽ خلاف اديبن ۽ شاگردن جي جدوجهد هجي، يا ايم.آر.ڊي تحريڪ جا اثرات هجن ، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ ۾ انهن جا چٽا عڪس ملن ٿا، هي دور اسيءَ جي ڏهاڪي تائين شدت وارو رهيو. سراج کاٻي ڌر جي اهڃاڻن جو علمبردار هو.

تحقيق هر دور جو ادب آهي. لسانيات يعني سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا ۾ سراج الحق پنهنجو گهڻو تڻو وقت صرف ڪيو. تحقيق ۾ سندس رويو ”غير روايتي“ هو .

روايت آهي ته ”ميمڻ“ لفظ مومن مان ماخوز آهي ۽ پاڻ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ان جو ڌاتو مئيندڙ يعني ماپڻ تورڻ وارو آهي. هيءَ دريافت ميمڻي لوڪ ادب جي متن ۾ ڄاڻايل آهي.

ميمڻ اصل ۾ سنڌي آهن. واپار، ڌنڌي ۽ ڪرت سان سڃاڻپ هتان جي روايت رهي آهي. ٺيڪ آهي ته سنڌي پنهنجي جهوني تاريخ سانڍي نه سگهيا، پر هنن جي مڪاني ۽ ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌي ٻولي لاڏائو ۽ تاريخي اٿل پٿل وارين حالتن ۾ برقرار رکي اٿائون. سنڌي ٻوليءَ کي ٻن ودوانن سنسڪرت جي ڌيءُ ڪوٺيو ته سراج چيو ته سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل زبان آهي. مروج آهي ته ”شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي.“ پاڻ چيائين، ” پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي.“

هو تخيلاتي تحقيق جو وڏو نالو هو. هو روشن دماغ ۽ چٽي بصيرت وارو ليکڪ هو. ورهاڱي کان پوءِ هوقليچ ثاني هو. لسانيات ۾ يادگار ڪم ڪيائين. وڌ کان وڌ ناول لکيائين. پرڏيهي ادب مان افسانا ترجمو ڪيائين ۽ انگريزي  ۾ به ترجما ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان سندس ڪتاب ڇپجي چڪو آهي.

ڏيپلائي پريس ۾ پروف ليڊر طور علمي سفر جو آغاز ڪيائين. محمد ابراهيم جويي جي اک کيس سڃاڻي ورتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ کيس نوڪريءَ ۾ رکيائين هن اقتصاديات بابت ڪتاب به ترجمو ڪيو.

سراج الحق جي ناولن جي ڪردارن تي تفصيلي لکڻ ۽ تنقيدي تجزيي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جي سوچ ڌارائن جو احاطو ڪرڻ هن بنهه ننڍڙي ليک ذريعي نٿو ڪري سگهجي.هن جي آخري ڏينهن وارين تصويرن مان لڳي ٿو ته هن جي ٻڌيمان ۾ وڏي ڪاوڙ ۽ ”گهڻو چوڻ “ جي دٻايل  قوت بي چين آهي. هن جي فرزند امجد چواڻي ته سراج صاحب آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن بابت متفڪر ۽ مايوس ڏسڻ ۾ آيو.

سراج صاحب وڏن منصبن تي فائز رهيو، هو طرز فڪر ۾ اڳتي طرف ڏسندڙ  ۽ سچائيءَ جو متلاشي هو. قوم، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي قلم ذريعي مثالي خدمت ڪيائين. هو ورچي ڪو نه ويٺو. اورچ قسم جو ديومالائي
”ڪردار“ کيس امرتا ڏيندو.

هن پنهنجن نظرين جي قيمت چڪائي، پر دڳ ڪو نه مٽايو. سنڌي قومي ۽ مزاحمتي ادب لکڻ جي باداش ۾ کيس انڪم ٽيڪس جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. صحافت جو سفر شروع ڪيائين. روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ضياءُ الحق جي مارشل لا جي دور ۾ سرڪاري پاليسين سان مطابقت ۾ اچڻ بدران ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏنائين.

سراج الحق ميمڻ 24 آڪٽوبر سن 1933 تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر  ۾ جنم ورتو. ايم اي- ايل ايل بي ڪيائين وهندڙ درياهه جي پاڻيءَ وانگر متحرڪ ذهن وارو رهيو. پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ڪاميابيون ماڻيائين. 2 فيبروري، سن 2013ع تي فاني جهان ڇڏيائين. ڪراچي، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

علامه اقبال چيو آهي ته:

تيري آزاد بندون کي نه يه دنيا نه وه دنيا،

يهان مرني ڪي پابندي، وهان جيني ڪي پابندي.

 

جرئتمند ليکڪ جو وڇوڙو

علي ڏنو جروار

سنڌ ڌرتي هڪ تمام وڏي، عظيم انسان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي ليکڪ کان محروم ٿي چڪي آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ تي ٻه اهم ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘ لکيا. هنن ٻنهي ناولن ۾ سنڌ تي ڌارين جي يلغار ۽ ڌرتي ڌڻين جي بهادريءَ جا ڪردار وائکا ڪيل آهن. هڪ طرف ڌارين حملي آورن جي ڦرلٽ جي عڪاسي ٿيل آهي ته ٻئي طرف وري سنڌي جوڌن جي جوابي ڪاروائي ۽ قابضين خلاف ويڙهه ۽ رٿابندي ڪرڻ جي ڪردارن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ٻئي ناول سنڌ جي تاريخ جي انهيءَ دور تي لکيا ويا آهن، جڏهن سنڌ ارغونن، ترخانن ۽ مغل حڪمرانن جي قبضي هيٺ هئي. هونئن ته سنڌ سدائين قبضن هيٺ رهي آهي ۽ ان جو ناڻو ٻاهر منتقل ٿيندو رهيو، پر مغلن، ارغونن ۽ ترخانن جي انهيءَ دور ۾ سنڌ وڌيڪ بربريت جو نشانو بڻي آهي.

جس هُجي سراج الحق ميمڻ کي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي هن ڏکوئيندڙ پهلوءَ تي قلم کنيو آهي. هو جسماني طور ته اسان سڀني سنڌ واسين کان موڪلائي چڪو آهي، پر سندس لکڻيون ۽ يادون اسان وٽ موجود آهن. جيڪي اسين ساري کيس خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون. سندن ٻيو ناول آهي ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ هن ناول جا ٽي حصا آهن. پهريون حصو: ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ٻيو: ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۽ ٽيون ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ آهي.

هن ناول متعلق محترم سراج الحق صاحب پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ڪجهه يارن جي محفل هئي. اياز، رشيد، تنوير، رباني، رسول بخش پليجو، مراد علي مرزا، ع. ق. شيخ ۽ نياز همايوني هڪ گيت ٻڌايو:

منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،

منهنجي دنـيـا مرگـهه تــرشنا، تنهنجي دنيا رمندا بـادل!

۽ مون ان ئي وقت دوستن کي ٻڌايو ته آءٌ پنهنجي ناول جو نالو هنن سٽن مان کڻندس ۽ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ رکندس.

هي ڳالهه 64-1960ع جي آهي. اڳتي هلي جڏهن هي ناول مڪمل ٿيو ۽ ان کي سراج صاحب جڏهن آخري شڪل ڏني، تڏهن بقول سندس: ”ڏٺم ته ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ناول ٽن حصن تي مشتمل ٿي پيو.“

سراج جو هي سڄو ناول سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج جي نفسياتي سوچ متعلق به آهي ته وري اُن ۾ مزاحمتي ڪردار به آهن. هن ناول ۾ انقلابي هلچل ڪندڙ ڪجهه مثبت سوچ رکندڙ فردن جو هڪ گروپ به ڏيکاريو ويو آهي. ناول جي شروعات شاهه عنايت شهيد جي ميلي جي پسمنظر ۾ ڪئي وئي آهي. دل چوي پئي ته ان جو پهريون پئراگراف هتي پيش ڪجي.

”ڀل ڀلان جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي، پر هيل جهوڪ شريف جو ميڙو واهه جو لڳل هو. ماڻهو ائين اچي ڳاهٽ ٿيا، ڄڻ ته وري الائي شاهه عنايت جي چائنٺ تي اچڻ ٿئي يا نه، سموري سنڌ اٿلي پئي هئي.“

... ۽ وري ناول جي پڄاڻي جا لفظ به دل کي ڇهندڙ لکيا اٿس. ناول جي پڄاڻيءَ ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند فردن جي گروهه جي هڪ جاکوڙيندڙ ڪردار جي آخري ملاقات آهي. ڪال ڪوٺڙيءَ اندر ڦاسي گهاٽ ۾ ويٺل شخص جا آخري لفظ آهن: ”ڀائو، اهو دروازو بند نه ڪر. مون کي پنهنجي حال ڏي وٺي هل. مون ۾ ماضي ۽ مستقبل سان آخري ملاقات جو حوصلو نه آهي..!!“

مطلب ته سراج جيڪو به لکيو آهي ۽ اهو ڌرتي لاءِ لکيو آهي. سراج جو شمار سنڌي اديبن جي اڳينءَ صف وارن اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن ون يونٽ جا قهري قانون ڏٺا، جيل ڀوڳيا، 1965ع ۽ 1970ع واريون جنگيون ڏٺيون.

پاڻ هڪڙي هنڌ لکيو اٿائين ته: 1965ع جي جنگ لڳارائي وئي. اياز ۽ رشيد ڀٽي جيل موڪليا ويا. منهنجو هنيانءُ ئي هِڄي ويو. لکڻ ڪونه ڇڏيم، پر ناول ڇپائڻ تان ارواح ئي کڄي ويم.“

”هتي هي جملا لکڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته هنن ماڻهن ڪيڏيون سختيون ڏسي، برداشت ڪري به لکڻ نه ڇڏيو.“ سراج لاءِ امر جليل هي لفظ سندس ’آتم ڪٿا‘ جي هڪ باب ۾ لکيا آهن. اهو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”سراج مون کي ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل شيزان ۾ ملڻ جو ٽائيم ڏنو. آءٌ انهي طئي ڪيل وقت ۽ جاءِ تي پهتس ته پاڻ مون کان اڳ اتي موجود هو ۽ چيائين ته اخبار لاءِ لک، آئون ٿورو هٻڪيس. چيائين ته ’جيڪي وڻيئي سو لک توتي ڪابه پابندي ناهي!‘ اڳتي هلي منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ ڊوهيءَ جون انڪوائريون هليون، جن ۾ مون سان خوب نڀايائين ۽ منهنجا ڪالم شايع ڪندو رهيو. ايتري قدر جو ذوالفقار علي ڀٽي کي به مون بابت دليل ڏئي مطمئن ڪري ڇڏيائين.

سراج جي هڪ ٻي خوبي جيڪا مون محسوس ڪئي اها هئي ته هو ٻين کي اهميت ڏيڻ وارو انسان هو. هڪ دفعي سنڌ جي هڪ يگاني عالم ۽ دانشور سائين حيدر علي لغاريءَ کيس هڪ خط لکيو. پاڻ ان خط جي مٿان هيٺيون نوٽ لکي، سندس ڪالم ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۾ شايع ڪرايائين. ’اڄوڪي رتيءَ جي رهاڻ‘ ۾ اوهان کي سنڌ جي هڪ مفڪر ۽ دانشور حيدر علي لغاريءَ جي رهاڻ ۾ شامل ڪرڻ گهران ٿو. هن پنهنجي خط ۾ ڪجهه اهڙا کٽڪا ۽ نقطا ڇيڙيا آهن، جن تي اوهين به سوچيو، منهنجين سوچن ته منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي.“

هي آهن مخلص ۽ سچن انسانن جون سچايون، نه ته اڄڪلهه اهڙو دور اچي ويو آهي، جنهن ۾ ڪوبه ڪنهن جي چڱي ڳالهه ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.

محترم سراج جي وڇوڙي سان سان سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، سو ڀرجڻ مشڪل آهي. سراج جهڙا ليکڪ ۽ انسان صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن.

 

سراج کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي

سليم جروار

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي يگاني عاشق سراج جي وڇوڙي جي ٽئين ڏينهن تي سندس تڏي تي تعزيت ڪرڻ وقت خاموش ۽ سوڳوار فضا... ’هاڻ سراج ڪڏهن به نه موٽندو‘... ڳالهه سوچيندي سوڳ واري ڪيفيت اچانڪ ڏک ۽ درد ۾ تبديل ٿي وئي، اهو درد صدين لاءِ آهي، اڄ سندس وڇوڙي کي ڀلي ڪجهه ئي ڏينهن مس گذريا آهن، پر سندس ڀيٽا لاءِ لکيل هي سٽون صدين ۽ نسلن جي امانت آهن، اهي ڏينهَن جون محتاج نه آهن..... سندس وڇوڙي جو درد هر وقت تازو آهي ۽ رهندو.

سراج، جنهن جي سڃاڻپ ڪنهن وزير مشير يا ڪنهن ڪاموري جي مٽ مائٽ طور نه هئي، نه ئي وڪالت جي پيشي سان واڳجي هُن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي هئي، هُو ته ٻوليءَ جي عشق جي علامت هو، سراج سراپا سنڌ هو، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب ئي سندس سڃاڻپ هئا، ۽ هُن پنهنجي عشق جو اظهار عملي طور علم ۽ قلم ذريعي ڪيو.

ٽنڊي ڄام جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ماستر محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ اکيون کولي هڪ تاريخ ساز شخصيت بنجڻ کان کان پوءِ، اجگر جهڙي شهر ڪراچيءَ ۾ اکيون بند ڪرڻ تائين هن جي جيون سفر ۾ ڪيترا موڙ آيا، ڪيتريون تلخ حقيقتون سندس وجود کي ڇُهي به ناڪام رهيون، ڪيترن دردن، پيڙائن ۽ اذيتن سان مهاڏو اٽڪائي، هي سنڌ جو سچو سپوت بڻيو، اهو سڀ ڪجهه ته سندس اڻ ڇپيل جيون ڪٿا ’Biography of an unknown Sindhi‘ ۾ ئي پڙهي سگهبو، پر جن به سندس ڪهاڻين ۽ ناولن کي پڙهيو آهي، تن کي ئي سندس گهرائيءَ جو احساس هوندو، مون جهڙن سوين نوجوانن جو هُو اڻ سڌيءَ طرح استاد رهيو، جن سندس لکڻين کي پڙهي اُتساهه پرايو ۽ منجهن ادب طرف لاڙو ٿيو.

سراج، جنهن سان ڀلي ذاتي واقفيت نه هئي، پر ساڻس هڪ اهڙو رشتو هو، جيڪو اڻ ٽٽ هو. اهو رشتو ٻوليءَ سان عشق جو رشتو هو، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمت نه فقط سندس سڃاڻپ جو سبب بڻي، پر اها ڪروڙين سنڌين جي پنهنجي ماءُ ٻوليءَ طرف پيار جو سبب ۽ اتساهه جو ذريعو پڻ بڻي، سراج پهريون ماڻهو هو، جنهن سنڌيءَ کي سنسڪرت جي ڪک مان جنم وٺڻ واري ڳالهه کي رد ڪيو، نه فقط رد ڪيو، پر ’مُهين جي دڙي‘ واري لکيت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري اهو ويساهه ۽ يقين ڏياريو ته سنڌي ٻولي تمام آڳاٽي ٻولي آهي.

سراج ٻوليءَ جي معاملي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، سنڌ سرڪار  جڏهن ’سنڌي لئنگئيج بورڊ‘ جي چيئرمئن ٿيڻ جي کيس آڇ ڪئي ته هن اهو چئي آڇ کي رد ڪيو ته’اسان کي سنڌي لئنگئيج بورڊ‘

نه، پر اردوءَ لاءِ قائم ڪيل ’مقتدره قومي زبان‘ وانگر  ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‘ کپي، جيڪا پوءِ 1991ع ۾ قائم ٿي.

محمد ابراهيم جويي جي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري هئڻ واري زماني (1951ع) ۾ سراج کي ادبي بورڊ جي ڪتاب گهر مئنيجر جي حيثيت ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ بورڊ جي آفيس ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، مطلب ته سراج ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ جاکوڙ ڪندڙ قدآور شخصيتن، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ شمشيرالحيدريءَ جي ويجهو رهڻ وارن ۾ هو، جيڪي عملي طور جدوجهد ڪري خود تاريخ بنجي ويا آهن، ۽ سراج خود به تاريخ بڻجي ويو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي.

سراج وجود ۾ ته هڪ فرد هو، پر سندس زندگيءَ جا ڪيترا پهلو هئا ۽ هُن جو هر پهلو ڪامياب ۽ مڪمل رهيو، جيڪا ڳالهه سندس قدآور شخصيت هئڻ جي علامت هئي، هُو کرو ۽ بيباڪ انسان هو، سياسي ٺڳين کان پري هو. هو هڪ ئي وقت سائين جي. ايم. سيد جو فڪري ساٿي به هو ته ڪن معاملن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجهو رهيو ۽ رسول بخش پليجي سان ته سندس گهرا تعلقات قائم رهيا، هُن هر رشتي جو ڀرم رکيو ۽ اُن کي خوب نڀايو، ذوالفقار علي ڀٽي پاران ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي ايڊيٽر جي مليل ذميواريءَ کي نڀائيندي، هن نه رڳو اخبار کي اوج تي رسايو، پر اخبار جي ملازمن جي حقن جو به خيال ڪيائين.

ٻئي پاسي پنهنجي ويجهي ساٿي ۽ ويهين ۽ ايڪيهين صديءَ جي قدآوار شخصيت سائين محمد ابراهيم جويي سان سيد اعظم جي فڪري سوچ بابت رهاڻيون به ڪندو رهيو ۽ رسول بخش پليجي سان به دوستيءَ واري رشتي جي رسي به مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو رهيو.

سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني عاشق نياز همايونيءَ جي گيت

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“

مان عنوان اڌارا وٺي سراج ٽن ناولن: ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“،

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ۽ ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪُل“

جهڙن شاهڪار ناولن جي ٽريالاجي ڏئي، سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف کي مضبوط بنايو. سراج ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول لکي، سنڌ جي نئين نسل کي ڌارين جي ظلم، بربريت ۽ جبر بابت آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کانسواءِ سندس ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن به نون پڙهندڙن کي همت ۽ حوصلو ڏنو.

سچ ته سراج مون جهڙن لکين نوجوانن لاءِ اُهو اڻ ڏٺو استاد هو، جنهن اسان جي ذهني چيچ پڪڙي اسان کي ادب جي دنيا ڏانهن وڌڻ لاءِ اُتساهيو، اسان جي موجوده ٽهيءَ جي خوشنصيبي آهي، جو سنڌي ادب جي وڏن نالن- سراج، امر جليل، قمرشهباز، نورالهديٰ شاهه،آغا سليم جهڙين وڏين شخصيتن سان گڏ اسان هڪ ئي فضا ۾ ساهه کنيو ۽ سندن لکڻين کي پڙهي حاصل ڪيو.

سراج نه فقط ٻوليءَ جو وڏو پارکو ۽ نثر نويس هو، پر امتحاني لحاظ کان به ذهانت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، 1957ع ڌاري چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان (سي ايس ايس) ۾ پوزيشن حاصل ڪري پاڻ مڃايائين، اڳتي هلي سرڪاري ملازمت دوران جنرل يحيٰ جي راتاهي جو شڪار بنيل 303 آفيسرن ۾ سندس نالو به شامل هو، اقتصاديات ۾ ڪمال درجي جي ڄاڻ رکندڙ سراج جو شمار، ملڪ جي چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ ٿيندو هو، جيڪو هڪ سنڌي هئڻ ناتي يقيناً فخر لائق ڳالهه هئي.

والد جي وفات کانپوءِ ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ وڏو هئڻ ڪري مٿس ذميوارين جا انبار هئا، جيڪي ذميواريون هُن ننڍڙيون ملازمتون ڪري به پوريون ڪيون، سنڌ ۾ ڇوڪرين جي پڙهائڻ واري رجحان کي غلط سمجهندڙ سماج ۾ استاد محمد يعقوب جي نياڻين جو پڙهڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو سراج ثابت قدميءَ سان پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن جي تعليم لاءِ همت ۽ حوصلي جي لاٽ بنيو ۽ اڳتي هلي زماني ڏٺو ته سندن گهراڻو اعليٰ تعليم يافته گهراڻن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، سندس وڏي هئڻ وارو رشتو هُن زندگيءَ جي آخري ايامن تائين نڀايو، هر آچر ڏهاڙي ڀيڻن ڀائرن ۽ سندن اولاد جي آمد سان سراج جي گهر ۾ ميلو متل هوندو هو ۽ هر آچر تي ماني گڏ کائڻ واري رسم هن گهراڻي جي مستقل فطرت بنجي ويئي، هر عيد تي ڀيڻن، ڀائرن ۽ سندن ٻارن لاءِ ڪپڙا وٺي ڏيڻ ڄڻ سراج صاحب جو فرض بنيل هوندو هو، ڀائرن، ڀينرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جي وڏن عهدن تي هئڻ باوجود سراج جي ان فطرت سموري ڪٽنب کي الڳ الڳ رهندي به هڪ ڪري رکيو هو، اڄ سراج جو نه هئڻ يقيناً سندس ڪٽنب لاءِ وڏو نقصان آهي ئي، پر سندس وڇوڙي سنڌ ادب جي ميدان ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي، سراج جيڪو اتساهيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ ڪردار هو، تنهن جي حياتيءَ کي پرکڻ ۽ اُن مان وڌيڪ حظ حاصل ڪرڻ لاءِ سندس اڻ ڇپيل جيون ڪٿا ’Biography of an unknown Sindhi‘ کي ڇپائي، نئين نسل تائين پهچائڻ ضروري آهي، چيو وڃي ٿو ته اُن ۾ سراج صاحب پنهنجي حياتيءَ جون تلخ حقيقتون به بيان ڪيون آهن، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي سگهن ٿيون...... سراج کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org