سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:4 

پر پوءِ دنيا دورنگي آهي ۽ سدائين سانڊي جيان پيئي روپ بدلائي. 1977ع ۾ مارشل لا آيو. پيپلز فائونڊيشن کي صدارتي فرمان هيٺ سرڪاري دائره اختيار ۾ آڻي کيس ”شيخ سلطان ٽرسٽ“ جو نئون نالو ڏنو ويو. هلال پاڪستان جا ”پيپلز پبليڪيشن ڪمپنيءَ“ جي املاڪ هئي، تنهن کي به فوجي اختياريءَ وارن سرڪاري قبضي ۾ آڻي شيخ سلطان ٽرسٽ جي هڪ شاخ طور ساڻس شامل ڪري ڇڏيو. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته ”پيپلز پبليڪيشن“ طرفان اخبار کي پيپلز فائونڊيشن حوالي ڪرڻ جو ٺهراءُ ضرور پاس ڪيو ويو هو، پر اهڙي ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويئي هئي، جنهن وسيلي رٿ تي ڪو عمل ڪيو ويو هجي.

نئين انتظامي اُٿل پٿل جي نتيجي ۾ سراج الحق صاحب ايڊيٽريءَ تان استعيفا ڏني ۽ سينارٽي لحاظ کان مرحوم محمد هاشم ميمڻ کي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. مرحوم مخلص ماڻهو ۽ جهونو صحافي هو، پر اخبار جو انتظام سنڀالڻ سندس وس کان ٻاهر هو. ترت ئي اخبار جي عملي ۽ خرچ ٻنهي ۾ بي پناهه اضافو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هلال جي پنڌرنهن لک رپين جي پونجي، جا پاڇي رکيل هئي، سا به دف ڪئي ويئي. هلال جي اشاعت جا ٽيويهه هزارن جي لڳ ڀڳ هئي، سا گهٽجي اچي چئن پنجن هزارن تي پهتي.

(بروهي صاحب جي مضمون جو هڪ حصو، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، ويهين سالگره ايڊيشن، 06- آگسٽ 1992ع تان ورتل)

جديد ساڃهن جو تاريخي ناول: ’مرڻ مون سين آءُ‘

ف. م. لاشاري

سنڌ، دنيا جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي حقيقت آهي، پر اها هڪ وڏي محبت به آهي. ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ ان جو هڪڙو ثبوت آهي. سنڌ، نالي رومانس جا اظهار ۽ لقاءُ گهڻا آهن، پر هن تخليقي روش تي بحث ڪيو.

مون هن ناول کي جذباتي سطح تي جيئن محسوس ڪيو آهي، ان جي ڪٿ به اُتان ڪندس. اهو صحيح نه ٿيندو ته جيڪا شيءِ روئارڻ يا خوش ٿيڻ جون لهرون کڻي اچي، تنهن تي مڪينيڪل رويو لاڳو ڪجي. مان سمجهان ٿو ته اسان منجهان گهڻن جو جذباتي بنياد ساڳيو آهي. ان جا ترتيبي جزا، سنڌ، شاهه لطيف، سچل، راڳ، تاريخ جون ڏکيون گهڙيون، عالمي شعور، دوستيون ۽ پيار آهن، پر شعوري طرح گهڻو ڪري پاڻ به جذباتيت کي وٿيرڪو ڪري حقيقت پسند هجڻ جي دعويٰ سان ڳالهين کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ’مرڻ مون سين آءُ‘ پڙهڻ سان ٻين ڪيترين ڳالهين سان گڏ هڪڙي اُن نتيجي تي به پهتو آهيان ته ماڻهوءَ جي جذباتي ۽ عملي دنيائن ۾ هڪ ڳانڍاپي واري تند موجود آهي. جتي اها تند ٽُٽي ٿي، اُتان بي ايماني ۽ منافقيءَ جي مملڪت جون حدون شروع ٿين ٿيون. اديب جي اصل ۾ ذميواري آهي ئي اها ته هو ماڻهن کي جذباتي بنياد مضبوط ڪري ڏين، پوءِ انهن بنيادن جو هنن جي عمل سان رشتو ٺهي ۽ ماڻهو هڪ پرماري ماحول مان نڪري اچي. احساساتي حد تي ماڻهو هڪڙو هجي ۽ عمل ۾ رياضياتي رويا اختيار ڪري جيئي سو ممڪن ناهي. خوشيون، ڏک، شاعري، محبت، ڪاوڙ جذبن جي بنياد تي بيٺل سموريون شيون علامتي ۽ تجريدي ٿين ٿيون ۽ خوبصورت زندگي انهن سان ئي گڏ هلي ٿي.

هن ناول تي دوستن جي حلقي ۾ هڪڙو رايو سامهون آيو آهي، ته هي هڪ رومانٽڪ ناول آهي، ريئلزم سان سندس گهڻي ويجهڙائي ناهي. هي لڳ ڀڳ اهو رايو آهي، جيڪو جمال ابڙي جي ڪهاڻي ’پشو پاشا‘ تي ڪنهن ڏنو ۽ پشوءَ جي ڪردار کي غير حقيقت ۽ خيالي سڏيو ويو.

سڀني کي خبر آهي ته زندگيءَ کي محدود فارمولن ۾ ٺهڪائي نٿو سگهجي، ۽ نه ئي هرڪا جدول هر ڪنهن هنڌ تي زمان ۽ مڪان جي لحاظ ڪرڻ کان سواءِ لاڳو ڪري سگهجي ٿي. اُن جي ڀيٽ ۾ انسان پنهنجي مونجهارن کي تجربن ذريعي پرکيندو ۽ پروڙيندو رهيو آهي. پاڻ جڏهن هن ناول جي ڪٿ ڪنداسين، تڏهن سنڌ جي تاريخي حالتن کي ڏسڻو پوندو. آخر هي ايڏو رومانس، هن ڌرتيءَ کي ائين چهٽي پوڻ، جيئن ٻارڙو خطري کان ڊڄي ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ پناهه وٺندو آهي، ايڏي جذباتيت ۽ هڪڙي حد تائين جنون، آخر هي سڀ ڇا آهي؟

پنهنجي لاءِ ڪجهه عملي ۽ تاريخي اوکايون آهن، اسين جڏهن هاڻي به ’سنڌي قوم‘ چئون ٿا ته اهو به هڪ رومانس آهي، قوم جي جديد تصور مطابق، ان لاءِ هڪ مضبوط، ڪلچرڊ ۽ جهجهي نفريءَ واري وچولي طبقي جو هئڻ ضروري آهي. قوم جي تصور لاءِ، اُن جي سموري آباديءَ جو معاشي سرگرميءَ ۾ رڌل هجڻ ضروري آهي. هتي ڪوهستان، ڪاڇي، ڪچي ۽ ٿر کي پاسي تي ڪري رکو ته باقي ڇا ٿو بچي؟ اُهو جيڪو ڪجهه بچي ٿو، اُتي وچولا طبقا آهن، پر سنڌ جو پنهنجو اهو طبقو نفريءَ جي لحاظ کان انتهائي مختصر ۽ نئون ’ڄٽ منجهان ملوڪ‘ ٿيل آهي. هن وچولي طبقي جو زرعي ۽ صنعتي قوتن سان نياپي تي به ڳانڍاپو ڪونهي. ۽ ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان ڪيڏي زمين ۽ ڪيڏي نه آبادي آهي، جنهن کي برسات جي پاڻيءَ جي آسري بک جي وات ۾ ڏنو ويو آهي. ڪچي جي ايراضيءَ ۾ تربيلا کان اڳ واري زماني ۾ اُٿل ذريعي آباد ٿيندڙ ويهه لک ايڪڙ زمين جي اُپت ختم ٿي چڪي آهي. نه رڳو ايترو، پر ڪالا باغ ڊئم جهڙيون اڪيچار اسڪيمون آهن، جيڪي اسان جي معاشي سرگرميءَ ۾ رڌل آباديءَ کي کُٽائڻ جي ڪڍ آهن.

قوم جي محدود ٿيڻ، قوم جي تباهيءَ جا سامان ڏسڻ ۽ وقت جي اُلر ڪري ايندڙ للڪارن کي سامهون ڏسي، ’مرڻ مون سين آءُ‘ جو ليکڪ جديد ساڃهن مان جذباتي ۽ سماجي ٻنهي سطحن تي قومي بقاءَ جي جنگ وڙهي ٿو، جنهن ۾ پاڻ سڀ شامل آهيون. پنهنجي تاريخي مجبوري اڃا قوم جي تصور مڪمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعاتي زماني ۾ هجڻ آهي. هن ناول کي به اُن ئي دور ۾ رکي ڏسڻو آهي، ڇو ته اسان جو ليکڪ محترم سراج، يورپ، سوويت يونين يا ويٽنام جو نه، پر سنڌي ليکڪ آهي، ۽ سندس هي ناول هڪ وڏي جنگ کي اُتساهه وٺي نه لکيو ويو آهي، پر هڪ وڏي ويڙهه جون واٽون هتان ئي شروع ٿين ٿيون. اُن جو ليکڪ مثالي جدوجهد جو خاڪو اڄ جي ساڃهن سان پيش ڪري ٿو، ۽ جيئن مون سمجهيو آهي ته جدوجهد ذريعي ئي قومي وجود جا فڪري ۽ سماجي پاسا مضبوط ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اُن فرق کي اڃا به واضح ڪجي ته هيئن ٿيندو: اسان جي سامهون ٿورن سالن ۾ ’آنهه ڊڪ‘ جو ويٽنامي ناول ’ويرن جي وسندي‘ ترجمو ٿي آيو. اهو ناول جدوجهد جا سڀ حقيقت تجربا پاڻ سان گڏ کڻي ٿو اچي. ان ناول ۾ ويٽنام جو هڪ به عام ماڻهو آزاديءَ جي ويڙهه کان ڪٽيل ناهي. ويڙهه جي مختلف محاذن تي هر ماڻهو ملوث آهي. اهو سڀ ناول نگار ڏسي ۽ پاڻ تان گذاري لکيو آهي، ان ڪري اهو حقيقت نگاريءَ کان تر به ٻاهر ناهي ۽ ان جي سمورين ڪسوٽين تي پورو لهي ٿو. اسان وٽ ان درجي جي جدوجهد نه ٿي آهي. پاڻ جدوجهد جي ٽڙيل پکڙيل اوائلي دور ۾ آهيون. ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۾ اها ويڙهه نه آهي، جيڪا تخليقي، انقلابي، قومي ۽ تاريخي جذبن جو ميلاپ بنجي پردي تي ظاهر ٿئي ٿي. اهو خاڪو، يا اها رٿابندي اڃا تعبير جي صورت نه وٺي سگهيا آهن. جدوجهد جو هي هڪ پختو مرحلو آهي ۽ پاڻ اڃا اُن پختي مرحلي تي پهتل ناهيون ۽ نه ذهني طرح ايترا اڳڀرا ٿي سگهيا آهيون ته ان ۾ ڪنهن جاڳاڻ يا اڳڀري ٿيڻ ۾ اُن جو قصور ناهي. اسان جي سموري پٺتي پيل رهڻ واريون حالتون حقيقت آهن، پر تنقيدي حقيقت نگاري ۽ انقلابي رومانيت جو آئينو کڻي ڏيکاري ڊيڄارڻ بدران منزل کي نروار ڪري وکون وڌائڻ جو ساهس ڏئي ٿي. اُن ڪري ئي اهو هڪ رومانس ڀاسي ٿو. انهيءَ حساب سان هن ناول جو سنڌي سماج ڏانهن رويو، اُن کي بدعنوان بڻائي ’جيئن آهي جتي آهي‘ واري ڏاڪي تي رکڻ بدران اُن جي اصل گهرجن پٽاندڙ آهي ۽ انهن گهرجن کي شعور جي پنهنجي حد آهي. ان جو عملي نمونو ڪنهن کي ڏسڻو هجي ته ناول پڙهي پنهنجي دل کان پڇي ڏسي. مان اها ڳالهه اُن ڪري ڪريان ٿو، جو مون ناول پڙهندي پنهنجي دل سان ٿيڻ واري ويڌن ڏٺي آهي.

هن ناول، جنهن تاريخي زماني کي کنيو آهي، سو اُتان کان آهي، جتان ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ڇڏيو ويو هو. اُن ناول ۾ اڪبر اعظم جو لشڪر سنڌ تي ڪاهي آيو هو ۽ تڏهن سنڌ، ارغونن ۽ ترخانن جي قبضي ۾ هئي. هتي، ارغونن ۽ ترخانن جو سياسي زوال اچي چڪو آهي، ۽ سندن ذهنن مان حاڪميت وارو فاشسٽ ڀوت نه نڪتو آهي ۽ سندن ذهنيت اُها آهي، جيڪا هندستان جي اقليتي مسلمانن جي، خاص ڪري انگريز جي وقت ۾ ۽ 1947ع کان پوءِ سنڌ ڏانهن لڏي اچي قابض ٿيڻ کان پوءِ واري آهي. ارغون سردار ڪڏهن لياقت علي خان، ڪڏهن نواب مظفر جو ڪردار نباهين ٿا ته ڪڏهن ايم.ڪيو.ايم واري سياست ڪن ٿا. هوڏانهن هڪڙو مارشلائي رويو مغلن جو پنهنجو آهي ۽ ٽين ڌر اسين پاڻ آهيون. پرماري ڌارين قوت جا سياسي ۽ مذهبي رويا ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي ’ڏي نه ته ڏُکاءِ به نه‘ وارا مزاج ظاهر ۽ هڪ ٻئي سان واضح سنڌا ڪري بيٺل آهن. ناول ۾ مضبوط مرڪز، ان جا حامي توڙي مزاحمت ڪندڙ قوتون اڄ وانگر موجود آهن. سنڌ يونيورسٽي به آهي، ڪمشنر مسرور حسن به، شهر جي ڪوٽوال پائنده بيگ جي روپ ۾ موجود آهي. ائين جيڪڏهن سڃاڻپ ڪبي ته هي ناول سڄي جو سڄو اڄ جي ڪردارن ۾ ترجمو ٿي ويندو، ۽ چڱو آهي ته اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ وارن تي ئي ڇڏي ڏجي.

ناول، تاريخ جي دور کي پنهنجو سڌو موضوع بڻايو آهي، اُن سان به بي انصافي نه ٿي آهي. اصل ۾ ان دور جي ئي مزاحمت هئي، جنهن کي ليکڪ هڪ نئين شڪل ڏني آهي. ڏاهپ، فڪر ۽ هڪڙيءَ حد تائين معاشي سرگرمي ۽ خاص ڪري سومرن ۽ سمن جي دور ۾ قومي تصور جو احساس قائم ٿيندو ملي ٿو. هونئن به سڄيءَ دنيا ۾ جاگيردار توڙي ان کان اڳ واري قبائلي دور ۾ وطنيت جو تصور تمام سگهارو ملي ٿو، ۽ اهو پنهنجي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ هڪ بنيادي رويو آهي. اڄ وطنيت ۽ قوم جي تصور ۾ جيڪي نوان احساس آيا آهن، سي وڌيڪ معاشي گروهن جي پيدا ٿيڻ ڪري آيا آهن. اڳي وطنيت جو تصور جاگيردار ۽ بادشاهه سان وفادار ٿيڻ سان لاڳاپيل هو، پر هاڻي ائين نه آهي. جمهوري فڪر جي موجودگيءَ ۾ وطن سان ذاتي سطح تائين محبت پيدا ٿيڻ سڀاويڪ آهي. ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۾ وطنيت جو اهو ئي جديد تصور آهي، جيڪو حاڪم سان وفادار رهڻ سان واڳيل ناهي. ساموئيءَ جي پٽن تي جيڪا ويڙهه منظم ٿئي ٿي، اُن ۾ ڪو به وڏيرو يا جاگيردار شامل نه ڏيکاريو ويو آهي. مختلف برادرين جا ماڻهو آهن. ان وقت وچولو طبقو نه هو، پر اُهي برادريون سنڌي عوام هجڻ جي احساس سان وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهن ٿيون. اهو ئي جذبو آهي، جيڪو وطن جي آزاديءَ لاءِ ته گهرجي ئي گهرجي ٿو، پر اُن کان به وڌيڪ سماجي ترقيءَ لاءِ ضروري ٿئي ٿو.

هن ناول جي فڪري روين تي بحث ڪرڻ کان سواءِ به گهڻيون ڳالهيون چوڻ جون آهن. مثال، ناول جي پهچ جي شدت. اُهو ڪيتري شدت سان پنهنجي پڙهندڙ تائين پهچي ٿو. ناول جي سورمن جون شخصيتون، همتون، جذبا ۽ هنن جو مڪمل هجڻ. اُن ڪري ضروري آهي ته ليکڪ ڪا ڳالهه، ڪجهه چڱايون، ڪي معيار کڻي پڙهندڙن تائين پهچڻ چاهي ٿو. ايڏي حد تائين ڪردارن جي مڪمل هجڻ تي کڻي ويساهه نه ايندو هجي، جو اڄ خطرو آهي ته دشمن قوتون ڪنهن ڪردار کي اُن حد تائين پهچڻ کان اڳ ئي پنهنجي بدعنوانين ذريعي شڪار ڪري وٺن ٿيون، پر پوءِ به مليل تاريخي حالتن ۾ پاڻ وٽ ٻي ڪهڙي واٽ آهي. جڏهن پنهنجي سامهون شهيد اعظم دولهه دريا خان، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت جهڙا جبلن جيڏا ڪردار موجود آهن ته اُهي سانوڻ ۽ وريام ڪنهن به صورت ۾ عجوبا ڪونهن. آخوند صالح جي روايت کي جاري رکندڙ حافظ بلال جو ڪردار، اڄ جي وطن دشمن ۽ اقتدار جي ڪيڙي ملان لاءِ آئينو ته آهي، پر قومي جدوجهد ۾ شامل مولويءَ لاءِ به هڪ تاريخي آٿت جو ذريعو بنجي ٿو.

ناول ۾ ڊرامائيت ۽ ائڊونچر موجود آهن، پر جنهن عام پڙهندڙ کي هڪ وڏي پنڌ تي وٺي هلڻو آهي، ان کي ايترو ڪجهه ڏيڻ ۾ ڪو عار به ٿيڻ نه گهرجي. ۽ ياد رکيو وڃي، ته ناول ڪتاب، افسانا، مضمون ۽ جيڪي ڪجهه به لکجي ٿو، سو سڀ گهڻ پڙهيل نقادن لاءِ ناهي. ٿورين چڱاين، ننڍين ڪاميابين، معمولي خوبين ۽ رواجي هنرن کي وڏا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿو. يورپي اديبن، اُتان جي ائڊونچر ڪندڙن کي ايڏو ته فنڪشنل بڻايو آهي، جو ڪٿي اُهي سپر نيچرل ٿا لڳن. ڪنهن به شيءِ جو جوهر پيش ڪبو ته اُهو شدت ته ضرور محسوس ڪرائيندو. ناول ۾ جيڪي هڪ ٻه ائڊونچر موجود آهن، اُنهن جي اڳيان به اخلاقي معيار ۽ قومي مقصد آهن. گڏوگڏ اِهو به نٿو چئي سگهجي ته زندگي پاڻ، ڪو ائڊونچر کان خالي آهي.

اهي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي، پر سڀ کان مٿانهين ڳالهه ڪتاب جي ٻولي ۽ تشبيهون آهن. جتي به سنڌ، اُن جي سونهن جي، ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن کي بيان ڪيو ويو آهي، اُتي اعليٰ درجي جو نثر آهي. اڄ جڏهن سنڌي ٻولي تمام گهڻن دٻاون ۽ اسان جي ادبي لڏي ۾ به خاصي حد تائين بي ڌيانيءَ جو شڪار ٿئي ٿي، اهڙي وقت ۾ ايڏي وڻندڙ، اثرائتي ۽ گهڻا امنگ پاڻ ۾ سموهي هلندڙ ٻولي لکڻ خوشيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿو. ان پائي جو نثر ئي پاڻ ۾ قومي ويساهه کي پختو ڪري ٿو.

(هي مقالو نامور صحافي ۽ اديب فقير محمد لاشاريءَ ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي طرفان ڪرايل ورڪشاپ- 03 جون 1988ع تي رِمپا پلازا ڪراچي ۾ پڙهيو.)

 

مهان ڏات ڌڻي: سراج الحق ميمڻ

تاجل بيوس

ادب ۾ اهڙو وقت به آيو آهي، جڏهن ادب کي ”ادب جو ادب يا آرٽ لاءِ هئڻ“ سمجهيو ويندو هو ۽ پوءِ ”ادب جو زندگيءَ لاءِ هئڻ“ واري وصف عمل ۾ آئي، جيئن ته اهو اديب يا ادب جو سرجڻهار ئي آهي، جو ايندڙ حادثن، واقعن ۽ حالتن کان وقت جي حڪمران کان اڳ، آگاهي حاصل ڪندو آهي ۽ ائين ادب ذريعي، اديب سڦلي ۽ آزاد زندگي گذارڻ لاءِ قانون جوڙي، پنهنجن تخليقن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ادب وقت جي حڪمرانن حوالي ڪندو آهي ته جيئن غير ترقي يافته ملڪ يا قوم ترقي پذير منزل کي، ۽ پوءِ ترقي يافته منزل کي رسي، جنهن تي يورپ، آمريڪا ۽ ڪجهه ايشيائي ملڪ عمل ڪري چڪا آهن. ان ڪري اهڙين تبديلين کي سامهون رکندي، ايڪيهين صديءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ، اسان ادب جي وصف هن طرح ڪري سگهون ٿا:

”ادب جو سماجي، سائنسي، فني، اصلاحي، معاشي ۽ سياسي انقلاب يا تبديلين لاءِ هئڻ“، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جا حڪمران پنهنجن نقيبن (رهنمائن- پيشوائن) جي مشورن تي عمل نه ڪندا رهيا آهن ۽ اسان غربت جي گهاڻي ۾ پيڙبا رهيا آهيون.

سراج الحق ميمڻ، منهنجي ويچارن موجب اهو اديب، ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي آهي، جنهن ادب جي ايڪيهين صديءَ واري وصف موجب نه فقط ادب سرجيو آهي، پر هڪ ماهر، هڪ استاد بڻجي، نئين نسل جي رهنمائي به ڪئي آهي. شاعريءَ جي حوالي سان، شاهه، سچل ۽ ساميءَ کي هند ۽ سنڌ ۾ اساسي يا ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي ڪري مڃيو ويو آهي. اهڙيءَ ئي طرح، سراج ميمڻ، آغا سليم ۽ امر جليل نثر نگاريءَ ۾ اسان جي ٽمورتي آهن.

1996ع يا 1997ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران، سراج الحق جي لکيل ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ تي رمپا پلازا ۾ ورڪشاپ ٿي رهيو هو. ڪلفٽن کان گهڻو اڳتي، سمنڊ ڪناري مون شيخ اياز کي ٻڌايو، ته اڄ سراج صاحب جي ناول تي ورڪشاپ ٿي رهيو آهي. ان ڪري مون کي جلدي رمپا پلازا پڄڻو آهي، جنهن تي شيخ اياز چيو ته هو به ان ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، بس ائين اسان رمپا پلازا پهچي وياسون.

سراج الحق جي ناول، شيخ اياز توڙي مون کي ادب جي نواڻ ۽ وڏن قدرن جي حوالي سان ايڏو ته متاثر ڪيو هو، جو اياز ڪيترن ئي موقعن تي ناول جي ادب جي مختلف پاسن جي حوالي سان، واکاڻ ڪندو رهيو هو.

1983ع ۾ منهنجي پهرئين شعري مجموعي ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ جو سگا پاران ’هوٽل هاليڊي ان‘ ۾ تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ مهورت ٿي رهيو هو، جنهن ۾ خاص مهمان سراج الحق هو. ان موقعي تي سراج منهنجي پهرئين شعري مجموعي بابت اجهو هن طرح چيو هو: ”آءٌ شاعريءَ بابت اڪثر ڪري حضرت روميءَ جي راءِ يعني ”شاعري جز و يست از پيغمبري“ تي يقين رکندو هئس، پر هاڻي تاجل جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ ان ۾ تبديلي آڻي، هيئن چوڻ تي مجبور آهيان ته ”پيغمبري جز و يست از شاعري“. سراج جا مٿيان ويچارَ، امان سانئڻ جي سرپرستي، ادب ۾ استاد حڪيم الله آندي جتوئيءَ جي رهنمائي، سائين بدرالدين زاهديءَ جون مهربانيون ۽ درگاهه پير حيات شاهه تي ڪافي ڪلام ٻڌڻ وارو ماحول، اڄ به مون لاءِ اتساهه جا وسيلا ثابت ٿي رهيا آهن.

(ورتل: ’سج چنڊ تارا ڪتيون‘ ڪتاب مان)

ڪيم ڪاپڙين جي پهرئين ڏينهن پروڙ

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

شيخ اياز 1989ع ۾ اسان کي (اعجاز منگي ۽ مون کي) هڪ انٽرويو ڏيندي، سوال پڇيو هو ته، ”ڇا هاڻي سنڌ ۾ ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته بغير لالچ ۽ ڪنهن ذاتي فائدي جي ڪو به ڪنهن جي حمايت، تعريف ۽ ڪم جي مڃتا نه ٿو ڪري سگهي، جو منهنجي لاءِ ماڻهو ائين ٿا چون؟“ (ماهانه پرک 1989ع). هو محترمه بينظير جي پهرئين دفعي وزيراعظم طور چونڊجڻ بابت پنهنجي حمايتي بيان تي ڪجهه سنڌي دانشورن جي ردعمل بابت ڳالهائي رهيو هو.

اياز جي اُن سوال جو جواب مذڪوره انٽرويوءَ ۾ ته ڪو نه ڏئي سگهيا هئاسون، پر اڄ جڏهن سنڌي سماج ۾ ماڻهن جي سماجياتي رويي تي غور ويچار ڪجي ٿو ته، اها حقيقت روز روشن جيان چٽي ٿي سامهون اچي ٿي، ته، نه رڳو ماڻهن جو اهو ويساهه ٿي ويو آهي، پر حقيقت به ائين آهي، ته دوستيون ۽ دشمنيون، تعريفون ۽ گلائون، لاڳاپا ۽ وابستگيون، ذاتي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مفادن جي آڌار تي شعوري طور قائم ڪيون ۽ نڀايون وڃن ٿيون. اڄ سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيل ڪنهن سماجي، سياسي، علمي ۽ اقتصادي مسئلي تي جڏهن لکيو يا ويچاريو وڃي ٿو ته اڪثر ڪري اُن ۾ اجتماعي، گڏيل ۽ قومي مفاد جي بدران ذاتي وڻت، اڻ وڻت ۽ مفادن کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو.

اهڙيءَ حالت ۾ گڏيل مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ سموري سماج جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻهوءَ کي سمورو سماج ته ٺهيو، پر ليکڪ ۽ دانشور به شاباس يا جسُ ڪونه ٿا ڏين، جو ٻئي جي تعريف ڪرڻ، بغير ذاتي مفادن ۽ گروهي برتريءَ جي لکڻ، ائين آهي ڄڻ هلندڙ بس يا جهاز ۾ پنهنجي سيٽ تان هٿ کڻي ٻئي کي ڏيڻ ۽ پوءِ سمورو سفر بيهي گذارڻ، جنهن لاءِ يقيناً ڪو به تيار ڪونه آهي. تنهنڪري، اهڙن ماڻهن ۽ ڏاهن لاءِ جيڪي پنهنجي منهن سماج جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙي ۽ ڪم ڪري رهيا آهن، ضروري آهي ته پاڻ ئي پنهنجي باري ۾ لکن ته جيئن سندن ڪم ۽ سوچ کان سندن سماج پوري طرح فائدو حاصل ڪري سگهي.

اهڙن ڪمن جي اپٽار جو شخصي ۽ بهتر طريقو ته پنهنجي آتم ڪهاڻي يا سوانح عمري لکڻ آهي، جيڪا پڻ هر ڪوئي لکي ڪونه ٿو سگهي، خاص ڪري، حقيقي ۽ سچي (genuine).ماڻهو تيسين اهڙين لکتن کان هميشه لنوائيندا رهندا آهن، جيسين سوانح عمري لکڻ جو سماجي ڪارج سندن اڳيان چٽو ۽ گڏيل ڀلائيءَ جي ڪارڻ طور واضح نه ٿو ٿئي.

جڏهن ته اسان جي ئي هڪ ڏاهي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ هر لکندڙ توڙي عام ماڻهوءَ لاءِ اهو تمام ضروري سمجهيو آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ سمورن واقعن ۽ ڪارنامن کي سچائيءَ سان سوانح عمريءَ جي صورت ۾ لکي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ انهن پنهنجن تجربن، ويچارن ۽ ڪارنامن جي باري ۾ پاڻ نه لکيو ته سمورو سماج چڱائيءَ جي اهڙن عمل ڪرڻ وارن ماڻهن ۽ انهن جي ڪارنامن منجهان لاڀ پرائڻ کان وانجهو رهجي ويندو. اهڙيءَ طرح رڳو ذاتي ۽ گروهي مفادن تحت ڪم ڪندڙ ماڻهن جو ذڪر ٿيندو رهندو ۽ ماڻهو ڀلائيءَ جي تصور کان ئي پري رهجي ويندا.

اهڙن ماڻهن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سندن ويجها دوست، همعصر ۽ سندن ڪمن کان واقف ماڻهو به سندن اهڙن ڪارنامن جو ذڪر سندن حياتيءَ ۾ نه ڪندا، جو هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سيٽ ۽ پوزيشن ڦُرائڻ نه چاهيندا، ڇاڪاڻ جو چڱي عمل جي واکاڻ ۽ تذڪرو، سندن بري عمل ۽ ذاتي مفادن واري ڪردار کي ظاهر ڪري وجهندو.

هر ڏاهي ۽ سماج جي نبض شناس حڪيم وانگر سنڌ جي شاعر شيخ اياز کي به ماڻهن، پنهنجي ٽهيءَ ۽ ساٿارين جي اهڙي سماجياتي رويي جو پورو ادراڪ هو، جنهن جو وقت به وقت اظهار ڪندي، اُن جي رد يا موٽ ۾ پنهنجي ڳالهه ۽ پنهنجي مڃتا پاڻ ڪندو، اهڙن سماجياتي روين کان ناڪاري ٿيندو، نفرت ڪندو رهيو:

هونئن تـه آءٌ آزاد، جيئن هـو پنڇي واءَ ۾،

پر تون مون کي داد، مور نه ڏيندين جيئري.

سماجياتي روين جي اهڙي ادراڪ کيس مجبور ڪيو ته ڪنهن سچي ادبي ۽ سماجي نقاد جي انتظار ڪرڻ بدران پاڻ پنهنجي ڪم ۽ ويچارن بابت راءِ ڏيندو رهي، پوءِ ڀل سندس وقت جا نقاد، جيڏا ۽ پڙهندڙ، سندس اهڙي عمل کي پاڻ پڏائڻ ۽ خود ثنائيءَ جي زمري ۾ ئي شامل ڪن:

مون سنڌ ڏٺي، هند ڏٺي سچ چوڻ لاءِ،

هڪ شيخ اياز آهه، ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ.

هڪ طرف اسان جي سماج ۾ شيخ اياز جهڙا دلير، سماجياتي روين ۽ رائج نيمن جي پرواهه نه ڪندڙ، پنهنجي راءِ ۽ ويچار جو ڀرپور اظهار ڪندڙ شاعر ۽ ڏاها به آهن ته ٻئي طرف اهڙن ئي سماجياتي ۽ تاريخي روين جي پوري ادراڪ ۽ اظهار جي سگهه هئڻ باوجود ڪيترا عالم ۽ ليکڪ ڪسر نفسيءَ کان ڪم وٺندي هميشه پاڻ کي گهٽ ۽ ڪجهه نه سمجهڻ ۽ اثر نه رکندڙ ذرو ڪري پيش ڪندا رهيا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي اسان جو سراج.

ڪافي عرصي کان مان سندس لکڻين، ورتاءَ ۽ سماجياتي ڪردار جو پري کان، پر نهايت گهرائيءَ سان لاڳيتو مطالعو ڪندو رهيو آهيان؛ پوءِ به هن وقت تائين پاڻ کي سندس ڪم (لکڻين)، رويي، سماجياتي ۽ علمي ڪردار تي هڪ مڪمل ڪتاب لکڻ جو پوريءَ طرح اهل ڪونه ٿو سمجهان، جيڪو سندس شخصيت، ڪردار، عمل، ادبي ۽ علمي ڪم جي وياکيا کان علاوه هڪ علمي ۽ سماجياتي تجزيي تي آڌاريل ٿي سگهي. پر سونپيل ڪم سمجهندي، شروعات 1998ع جي جون مهيني جي آخري هفتي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ شاهه لطيف چيئر طرفان ڪوٺايل ’شاهه عبداللطيفقومي ڪانفرنس‘ جي حوالي سان سندس تقريرَ، علمي توڙي سماجياتي رويي ۽ سڀاءَ جو تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

26-27 جون جي سوا نيزي تي آيل سج جي گرميءَ ۽ بجليءَ جي من مستيءَ ۾ منعقد ڪيل هن قومي ڪانفرنس ۾ افتتاح، مشاعري، راڳ رنگ ۽ کاڌي جي دعوتن کان علاوه ڪل پنج اجلاس ترتيب ڏنا ويا هئا. پهرئين ڏينهن انگريزي ۽ اردوءَ ۾ جدا جدا اجلاس ۽ ٻئي ڏينهن پهريان ٻه اجلاس سنڌيءَ ۾ ۽ آخري پنجون اجلاس- سنڌ شناسيءَ(Sindhological Studies) بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ترتيب ڏنل هو، جنهن جو مهمان خاص پروفيسر رياض الاسلام هو ۽ صدارت سراج الحق ميمڻ (سراج) کي ڪرڻي هئي. مون پنهنجو مقالو ڪانفرنس جي منتظمين جي خواهش مطابق اندازاً هڪ سال اڳ اُن خواهش سان موڪليو هو ته آخري يعني سنڌشناسيءَ واري اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

ڪانفرنس جي مختلف اجلاسن جي صدارت ڪرڻ وارن ۽ خاص مهمانن جي خبر ته دعوت نامن ۽ پروگرامن جي ترتيب واري پني مان پئجي وئي هئي، باقي مقالن پڙهندڙن جي نالن، موضوعن ۽ اجلاس ۾ پڙهڻ بابت معلومات افتتاحي اجلاس کان پوءِ مهيا ڪئي وئي؛ جنهن مطابق مون کي منهنجي مرضيءَ واري اجلاس ۾ نه، پر چوٿين اجلاس ۾ مقالو پڙهڻو هو. ڳچ عرصي کان ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن جي تجربن ۽ مشاهدي جي آڌار تي هڪدم فيصلو ڪري پنهنجو مقالو آخري ’سنڌ شناسيءَ‘ واري اجلاس ۾ منتقل ڪرايم. سموري ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان پوءِ منهنجو اهو فيصلو نه صرف منهنجي لاءِ، پر ڪانفرنس جي اهميت محسوس ڪندڙ ۽ سمجهندڙ عالمن جي نظر ۾ درست ثابت ٿيو، جو اُن اجلاس ئي ڪانفرنس جو اصل تصور چٽو ڪيو.

سنڌ شناسيءَ بابت هن اجلاس مهمان خاص طور پروفيسر رياض الاسلام شريڪ ڪونه ٿيو. اهڙيءَ طرح صرف صدارت ئي ٿي، جيڪا سراج ڪئي ۽ هن اجلاس کي قدرتي طرح حقيقي ڪانفرنس جو ڏيک مليو. هن اجلاس ۾ ڊاڪٽر طارق رحمان، ڊاڪٽر رفيق مغل، شيخ خورشيد احمد، ڊاڪٽر قمرالدين بوهره ۽ محترم تاج صحرائيءَ کان علاوه مون مقالو پيش ڪيو. مڙئي مقالا نقشن، چارٽن ۽ شماريات جي جديد اصولن تي ترتيب ڏنل هئا. جن لاءِ يقيناً مڙني محققن وڏي محنت ڪئي هئي.

هن اجلاس کان اڳ ٿيل مڙني اجلاسن جي صدارت، وڏين نوڪرين وارن، پروفيسرن، مشهور عالمن ۽ پي.ايڇ. ڊي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرن کي پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ صاحبن ڪئي هئي؛ جن ۾ محققن ڪيترائي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جي اهميت ۽ مقصدن جي تصور کي چٽو سمجهندڙ حيران هئا ته پيش ٿيندڙ مقالن تي ڪو به سوال يا رايو ٻڌندڙن/ شريڪن طرفان ڪونه پئي آيو ۽ ائين پئي لڳو ته ٻڌندڙ گونگا هجن يا سندن اڳيان جيڪي ڳالهايو، چيو يا پيش ڪيو پئي ويو، اهو حرف آخر هو ۽ ان بابت ڪا به ٻي راءِ ڪانه هئي يا ٻڌندڙ ٻي راءِ رکڻ يا پيش ڪرڻ جا اهل ئي ڪونه هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر محترم صدر صاحبان به پنهنجي طبيعتن جي لاڙن، عادتن ۽ علميت تي ڳالهايو ۽ پنهنجي صدارت ۾ پيش ٿيندڙ مقالن تي ڪابه علمي راءِ ڏئي پنهنجو فرض ادا ڪونه ڪيو. پوءِ يا ته هو پيش ٿيندڙ مقالن کي ايترو اهم نه سمجهي رهيا هئا، يا پاڻ ۾ اهليت ڪا نه هئن، جو تنقيدي راءِ يا تبصرو ڪري اُن علم ۾ واڌاري جو ڪم ڪري سگهن يا وري ائين هو ته سندن عمر جي سموري ڪاريگري ۽ تجربي جي باوجود کين صدر جي فرض جي خبر ڪانه هئي. ائين ئي جيئن ڪيترا ماڻهو مختلف نوڪريون آفيس ۾ ڪرسين تي ويهڻ، پگهارن ۽ جائز توڙي ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن، نه ڪي خدمت، ڀلائيءَ ۽ ترقيءَ جي راهه تي ماڻهن يا قوم کي وٺي هلڻ لاءِ ڪم جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن.

مذڪوره اجلاس جي اهڙي منظر مجبور ڪيو ته ڪنهن سنجيده ۽ ڪانفرنس جي تصور کي سمجهندڙ ماڻهوءَ سان صلاح مشورو ڪجي، اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر رفيق مغل سان ڳالهه ڪيم، هو پڻ حيران هو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. هي ڪنهن سياسي، سماجي يا ادبي تنظيم جو جلسو نه، پر هڪ اهم يونيورسٽيءَ جي اهم شعبي طرفان نهايت ئي اهم موضوع تي سڏايل قومي ڪانفرنس هئي: جنهن لاءِ منتظمين يعني سنڌي شعبي ۽ شاهه لطيف چيئر جي سربراهن وڏي جفاڪشي ڪئي آهي. هن صلاح ڏني ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري سنڌشناسيءَ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ڪرائجي ۽ وري به ذميواري مون تي رکيائين ته انتظام ڪندڙن سان اُن باري ۾ ڳالهايان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org