سنڌي ٻوليءَ جي عاشق جو وڇوڙو
آزاد انور ڪانڌڙو
سنڌ ويهين صديءَ ۾ علم، ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾
جيڪي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، سراج الحق ميمڻ جو
شمار اهڙن وڏن ماڻهن جي صف اول ۾ آهي. سراج وڏو
اسڪالر، دانشور، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، افسانه نگار
۽ سنڌي ٻوليءَ جو پارکو ۽ عاشق هو. هو سنڌي ادب جي
آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مثالي انسانن مان هو، جن
پنهنجي حياتي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي
ماڻهن جي ترقي، خوشحالي، ڀلائي، بهتري ۽ حقن جي
حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪندي، لکندي گذاري.
سراج الحق ميمڻ جو جنم 24 آڪٽوبر 1933ع تي علمي،
ادبي شخصيت محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام ۾
ٿيو. هن ابتدائي تعليم ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪئي، بعد
۾ سندن خاندان حيدرآباد لڏي آيو. ميٽرڪ نور محمد
هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. بي.اي آنرس ۽
ايل.ايل.بي پاس سراج الحق ميمڻ نوڪريءَ جي شروعات
1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪريءَ ڪرڻ سان ڪئي.
1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿيو.
1957ع ۾ سي.ايس.ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس
آفيسر ٿيو. 1970ع ۾ کيس انڪم ٽيڪس کاتي مان سنڌيت
جي پرچار ڪرڻ، قومپرست ۽ ترقي پسند تحريڪن ۾ حصي
وٺڻ جي الزام هيٺ جبري طور رٽائر ڪيو ويو، جنهن
بعد هن وڪالت شروع ڪئي.
سراج الحق ميمڻ جديد سنڌي صحافت جو باني هو. هو هڪ
جرئتمند ۽ بيباڪ صحافي هو. ون يونٽ کان وٺي
ايم.آر.ڊي تائين سندس صحافتي ڪردار اتساهيندڙ ۽
مثالي رهيو. پاڻ روزاني هلال پاڪستان جو 1972ع ۾
ايڊيٽر ٿيو. هلال پاڪستان ۾ ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۽
’ملان جي ڊوڙ‘ سندس مشهور ڪالم ڇپجندا هئا. سراج،
اخبار ۾ ايڊيٽوريل صفحي کي سگهارو بڻايو ۽
ايڊيٽوريل کي جاندار بڻائي،
عوامي مسئلن جي حمايت، حاڪمن جي ڏاڍ خلاف
ايڊيٽوريل لکي، ماڻهن ۾ ايڊيٽوريل پڙهڻ جو رجحان
پيدا ڪرڻ وارو به سندس قلم جو ڪرشمو آهي. هن صحافت
۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، جي.اين
مغل، اسلم آزاد، نصير اعجاز، محمود يوسفاڻي،
عبدالرحمان نقاش، راز ناٿن شاهي، هدايت منگي ۽ ٻين
ڪيترن ناميارن صحافين کي روشناس ڪرايو. 1977ع ۾
ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق جي مارشل لا ۾ فوجي سرڪار کان
ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي، روزاني هلال پاڪستان
جي ايڊيٽرشپ تان استعيفا ڏنائين. پاڻ س. م.
لاهوتيءَ جي
قلمي نالي
سان به ڪالم لکيائين. روزاني ’جاڳو‘ ۾ ’سياسي
منظرنامو‘ سندس
مشهور ڪالم هوندو هو. آڪسفورڊ پريس وارن سراج ميمڻ
کان سنڌي انگريزي لغت جي تياريءَ ۾ مدد ورتي ۽ هو
سڄي پراجيڪٽ جو چيف ايڊيٽر رهيو.
79 سالن جي ڄمار ۾ سڄي عمر سنڌ لاءِ سوچيندڙ
انقلابي اديب سراج دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو،
پر هن جو قلمي پورهيو ۽ سنڌ سان بي انتها پيار،
سنڌي ٻوليءَ جي هن عاشق جي سدائين ياد ڏياريندو
رهندو. سراج الحق ميمڻ کي زندگيءَ ۾ ئي سنڌي ادب ۾
پنهنجي تخليقي پورهيي جي ڪري اعليٰ مقام حاصل هو.
سندس اعليٰ ۽ مثالي ڪردار جي ڪري، کيس وڏو مان،
مرتبو ۽ مڃتا ملي. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ ۽
تاريخ هو. هو اهڙي گهري چيخ ثابت ٿيو، جنهن سنڌ کي
جاڳايو ۽ اُتساهه ڏنو.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتي جي سيني جي،
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
۽ دنـيا کــي بــدلائي ٿــي.
سراج الحق ميمڻ هڪ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو.
هو چوٽيءَ جو ناول نگار هو. سنڌ جي تاريخ کي
افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو جذبو سراج جي لکڻين ئي
پيدا ڪيو. هن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘،
’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’منهنجي دنيا مرگهه
ترشنا‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ جهڙا شاهڪار
ناول لکيا. ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘
ناولن کي سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي. ’پڙاڏو
سوئي سڏ‘، ارغونن ۽ ترخانن جي سنڌين تي ظلمن ۽
سنڌين جي بغاوت جي پسمنظر ۾ لکيل اهم ناول آهي. هن
ناول کي 1970ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيڻ کان پوءِ
ايتري ته مقبوليت ملي، جو 1970ع، 1981ع، 1988ع،
1989ع، 1995ع، 2004ع ۾ ڇهه ڀيرا ڇپيو. جڏهن ته
سندس ٻين ناولن جا به ٽي ٽي، چار چار ڇاپا ڇپيا،
جيڪا ڳالهه، هڪ ليکڪ لاءِ اعزاز کان گهٽ نه آهي.
سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار ۽
افسانه نگار به هو. هن ڪيتريون ئي بهترين ڪهاڻيون
۽ افسانا لکيا، جن ۾ ’ٻهڻي‘، ’اي درد هلي آءُ‘،
’دل جا پاڇولا‘، ’اٺون ماڻهو‘، ’رڻ جو موت‘، ’رت
ورني رات‘، ’پاتال‘، ’هڪ مڙدو ٽي لاشا‘ وغيره شامل
آهن. ’اٺون ماڻهو‘ هڪ اهڙي باغيءَ جي ڪهاڻي آهي،
جنهن کي پڪڙڻ بعد ابتو لٽڪائي ماريو وڃي ٿو ته
جيئن کانئس راز معلوم ڪري سگهجي. ’رت ورني رات‘،
’هڪ مڙدو ٽي لاشا‘ ڪهاڻين ۾ سندس فن بلندين تي
پهتل آهي. ’ٻهڻي‘ سنڌي ادب جي هڪ لازوال ڪهاڻي
آهي. ’رڻ جو موت‘ هڪ فلسفيانه نوعيت جي ڪهاڻي آهي.
مطلب ته هن سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڀرپور
نموني لکيو. هن جتي سنڌ جي سپوتن جي دانستانن کي
پراثر انداز ۾ بيان ڪيو، اتي ڌارين حڪمرانن
ارغونن، ترخانن توڙي پنهنجن وڏيرن ۽ جاگيردارن جي
ظلم خلاف بهادريءَ سان لکيو. هن جتي مدي خارج ۽
اڏوهي کاڌل قدرن تي تنقيد ڪئي. اتي هن سنڌ جي
تاريخي ۽ ثقافتي برتري به چاهي. سندس ڪهاڻين ۽
افسانن جا مجموعا ’اي درد هلي آءُ‘ (1961ع) ۽ اٺون
ماڻهو (1985ع) ان جو ثبوت آهن.
پاڻ معاشي مسئلن بابت هڪ ڪتاب ’علم معاشيات‘ به
لکيائين، جيڪو نصابي ڪتاب طور اڄ به پڙهيو وڃي ٿو.
سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ترجمي نگار به
هو. هن چونڊ ’آمريڪي افسانا‘، ’سنڌ جي اقتصادي
تاريخ‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري‘، ’چين جي هارين کي
زمين ڪئين ملي‘ ۽ ٻيا ڪتاب ترجمو ڪيا. ان ۾ ڪوبه
شڪ نه آهي ته سندس ترجمي واري ڪم کي به وڏي مڃتا
ملي. هن ڊراما پڻ لکيا.
سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو پارکو هو. هن
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت وڏو تاريخي ۽ علمي
ڪم ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت مختلف نظريا
بيان ٿيندا رهيا آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي
حسب نسب بابت يادگار ۽ مثالي ڪم ڪيو. هن 1872ع ۾
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ڇپايو ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت
پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان
نڪتي آهي ۽ اُن يارهين صديءَ ۾ هاڻوڪي صورت ورتي
آهي. سنڌ جي مايه ناز عالمن ۽ اديبن ڪاڪي ڀيرومل،
ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ مرزا قليچ بيگ به ڊاڪٽر ٽرمپ جي
نظريي جي پٺڀرائي ڪئي ۽ سنڌيءَ کي سنسڪرت جي لائق
ڌيءُ يا شاخ سڏيو. جڏهن ته سنڌ جي برک عالم ۽ محقق
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هن سلسلي ۾ راءِ هئي ته
سنڌي سامي ’سٿ‘ جي زبان هئي، پر سراج الحق ميمڻ
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت تحقيق ۽ دليلن سان
لکيو ۽ ثابت ڪيو ته ’سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه، پر
سنسڪرت خود سنڌيءَ جي مرهون منت آهي. سنڌي ٻولي
سنسڪرت کان به قديم آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽
لسانيات بابت 1964ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘
مثالي حيثيت رکي ٿو.
سراج الحق ميمڻ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو به وڏو
پارکو هو. هن شاهه لطيف جي مزاحمتي ۽ قومي شاعريءَ
جي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ سنڌي قوم کي شاهه
لطيف جي شاعريءَ ذريعي قومي ۽ اجتماعي شعور ۽
مزاحمت جو پيغام ڏنو. سراج الحق ميمڻ جديد سنڌي
شاعريءَ جو به وڏو پارکو هو. ڌرتيءَ جيڏي شاعر شيخ
اياز ۽ سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاريءَ جي
شاعري، فن ۽ فڪر تي سندس مضمون ۽ سندن ڪتابن جا
مهاڳ لکي، هن سنڌ جي ٻنهي عظيم شاعرن جي شاعراڻي
عظمت کي اثرائتي نموني بيان ڪيو. سراج پاڻ شاعري
به ڪئي. ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ’ڪراچي‘
جي عنوان سان هڪ شاهڪار ۽ تاريخي نظم لکيائين،
جنهن ان وقت وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي.
سراج الحق ميمڻ سنڌ جو وڏو قانوندان هو. پاڻ سپريم
ڪورٽ جو سينيئر وڪيل هو. انڪم ٽيڪس جي قانون تي
کيس وڏي مهارت حاصل هئي. پاڻ شهيد ذوالفقار علي
ڀٽي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداريءَ جو
وڪيل به رهيو، پر هن کانئن حڪومتي دور ۾ ڪوبه
فائدو نه ورتو. هن ڪڏهن به سرڪار کان ڪا به مراعات
نه ورتي.
کيس نگران حڪومتن ۾ وزارتن جون آڇون به ٿيون، پر
هن ٺڪرائي ڇڏيون. کيس 1996ع ۾ ”سنڌي لئنگئيج بورڊ“
جي چيئرمئنشپ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ٺڪرائي ڇڏي. هن
چيو ته
’سنڌ جي گهر ’لئنگئيج بورڊ‘ نه پر ’سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي‘ جي آهي.‘ اڳتي هلي سندس ۽ سنڌ جي دانشورن
جو اهو مطالبو، 1991ع ۾ پورو ٿيو. پاڻ سرونٽس آف
سنڌ سوسائٽي، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ ۽ سنڌ فرينڊز سرڪل
جي بانين مان هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به
سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ سراج
جي گهر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي هئي. سراج
الحق ميمڻ ئي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سرونٽس آف
سنڌ سوسائٽيءَ جي ذريعي سنڌ جي دانشورن ۽ ڏاهن جي
ويجهو آندو. سراج الحق ميمڻ وقت جي حاڪمن آڏو ڪڏهن
به نه جهڪيو ۽ نه ئي وڪيو. هن جو ڪنڌ ۽ قلم پنهنجي
ڌرتي ماءُ جي آڏو ئي جهڪيل رهيا. هو سنڌي ادب جو
انقلابي ۽ مزاحمتي ڪردار هو، جنهن سڄي حياتي، سنڌ
جي حقن لاءِ قلمي جهاد ڪيو. حق ۽ سچ لکيو ۽ سنڌ ۽
سنڌي ٻوليءَ سان نينهن جو ناتو نڀايو.
سراج: سنڌي ادب، صحافت
۽ تحقيق جو هڪ باب
طارق عزيز شيخ
سراج حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊي ڄام جي سرسبز ۽ ننڍڙي
ڳوٺ ۾ 24 آڪٽوبر 1933ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد
يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان وابسته هو. سراج
صاحب جو پنهنجي والد جي اثر جي ڪري توڙي پنهنجي
ادبي مزاج سبب شروع کان لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو
رهيو. ادبي ماحول ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ هن وڪالت ۾
به ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي مايه ناز قانوني
ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
ناول نگاريءَ ۾ سراج سنڌي ادب کي معياري ۽ تاريخي
ناول ڏنا. ڪهاڻين لکڻ کان به اڳي هن ناول نگاريءَ
۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ارتقائي
تحريرن ۾ هن ترجما ڪيا هئا. 1953ع ۾ ”ڏکڻ مان ٿو
سج اڀري” نالي ناول هن ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ
”چونڊ آمريڪي افسانا“ 1958ع ۾ ترجمو ڪيائين ۽
انهيءَ سال يعني 1958ع ۾ ئي ”سنڌ جي اقتصادي
تاريخ“ جو ترجمو ڪيائين. سندس طبعزاد لکڻين جي
شروعات سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي.
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي
آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو. ان کان پوءِ ٻوليءَ جي
حوالي سان مختلف بحث رونما ٿيا. سنڌي ٻوليءَ کي
ڪنهن محقق سنسڪرت جي ڌيءَ ٿي چيو ته ڪنهن وري اُن
کي سميري ٻولين مان نڪتل ٿي چيو، پر سراج وڏي محنت
سان تحقيق ڪري عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين
سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اصلوڪي
ٻولي آهي، ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن.
انهيءَ بحث دوران هن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ رسالن
۾ مضمون پڻ لکيا، جڏهن ته لسانيات جي بين الاقوامي
اصولن ۽ ماهرن جي نتيجن کي آڏو رکندي هن ”سنڌي
ٻولي“ ڪتاب لکي، پنهنجو نظريو پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب
1964ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ٻوليءَ جي حوالي سان ماحول
۾ گهما گهمي هئي. انهيءَ سال سراج ”علم معاشيات“
ڪتاب پڻ لکيو، جنهن ۾ معاشي مسئلن تي نظر وڌل آهي.
سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق
ڏياريو. جن سنڌ جي تاريخ اڳي نه پڙهي هئي، تن سراج
جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ کي پڙهيو. سنڌ جي
هن بي مثال ناول نگار ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جي
تاريخ کي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول ۾ پيش ڪيو. جنهن ۾
سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم سئنيما
جي پردي تي فلم جيان نظر اچن ٿا. وڏي خوبيءَ سان
هن تاريخي ناولن جي شروعات ڪئي. سراج کان اڳي محمد
عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي تاريخي ناولن ۾
طبع آزمائي ڪئي هئي، پر اهڙي ڪاميابي ماڻي نه
سگهيا، جهڙي سراج کي ملي. سراج انهيءَ ناول جو ٻيو
حصو ”مرڻ مون سين آءُ“ جي نالي سان لکيو، جنهن جي
ڪاميابي پڻ اڳوڻي ناول جيتري ٿي. ان کان پوءِ سنڌ
۾ ڌارين جي مختلف دورن تي هن ٽي وڌيڪ ناول ”منهنجي
دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽
”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ لکيا. سراج جي ناولن جو
سلسلو سنڌ جي تاريخ جي ترتيبوار بابن جيان آهي. هن
ناولن سان گڏوگڏ ڪهاڻين جو هڪ ٻيو مجموعو ”اٺون
ماڻهو“ 1985ع ڌاري پڻ ڇپايو، جڏهن ته مختلف موضوعن
تي سندس مضمون ۽ مقالا پڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع
ٿيندا رهيا. هن ”هلال پاڪستان“ اخبار جي ايڊيٽر
طور پڻ فرض انجام ڏنا ۽ پنهنجي صحافتي ڪردار کي به
مڃرايو، جڏهن ته ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو
رهيو. سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا
لکيا، خاص طور تي شاهه جي سياسي ۽ مزاحمتي شاعريءَ
تي هن آمريتي ڏينهن ۾ به جرئت سان قلم کڻي شاهه جي
ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي پيغام ڏنو. سنڌ جو هي نثر
نويس نه فقط ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٻولي جو ماهر ۽
ڪالم نگار آهي پر نثر جي حوالي سان آل رائونڊر
رهيو آهي.
رتـيءَ جـي رهـاڻ
امداد سومرو
مغربي لباس، انگريزن واري رعب ۽ ڊچ تمباڪو سگار
پيئندڙ ارسٽوڪريٽ اديب، جيڪو هو ته انڪم ٽيڪس جو
ڪراچيءَ جو گهاگهه وڪيل، پر جي هن جي اندر کي ڏسبو
ته هو اندران ائين ڀٽائيءَ جو راڻو هو، جيئن
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي آخري وقت ۾ پاڻ کي
’ڀٽائيءَ جو راڻو‘ سڏيو هو.
سراج الحق ميمڻ، ادبي دنيا جو سراج، پنهنجي پوئين
زندگي سنڌي هجوم، سنڌي سنگت ۽ نام نهاد ايڪٽوزم
کان پري گذاري ۽ بهتر ڪيو. آخري وقت ۾ هن ڇا لکيو،
سوچيو ۽ پڙهيو ٿي، اهو هن جي ويجهو رهندڙن کي
معلوم هوندو، پر هو ’جاڳو‘ اخبار کان پوءِ ڪنهن
اخبار يا رسالي جي صفحن کان پري نظر آيو.
’هلال پاڪستان‘ سراج جي لاءِ صحافتي عروج هو ۽ ’جاڳو‘
اخبار ۾ هن جا ڪالم هن جو تخليقي ڪلائيمڪس هئا.
حيدرآباد، هيرآباد ۾ ڀرڳڙي فليٽس جي سلسلن مان هڪ
چوٿين فلور واري فليٽ تي ’جاڳو‘ اخبار ڪڍڻ جو خيال
انگوري بوتل تي يارن کي آيو هو ۽ اسان جو بزرگ، پر
دل جو اڃا تائين جوان ۽ اسان سڀني لاءِ ’سر‘ نذير
ميمڻ جي فليٽ تي موڙي گڏ ڪرڻ ۽ اخبار ڪڍڻ جو خيال
رچي ريٽو ٿيو هو. ان وقت اخبارون ڪڍڻ جو جنون ائين
هو، جيئن هاڻ ٽي.وي چئنلن جو آهي.
بهرصورت ’جاڳو‘ صحافتي تاريخ ۾ صرف ٻن ڳالهين سبب
ياد رهندي: هڪڙو فقير محمد لاشاريءَ جي ايڊيٽوريلن
۽ ٻيو سراج جي ڪالمن جي ڪري، اسان ’جاڳو‘ جون
خبرون نه، پر پهرين ايڊيٽوريل ۽ پوءِ سراج جا ڪالم
پڙهندا هئاسين. سراج هفتي ۾ هڪ ڀيرو سياسي صورتحال
تي تجزيو، ’سياسي منظرنامو‘ جي عنوان سان لکندو هو
۽ ٻيو ادبي هفتيوار ڪالم ’رتيءَ جي رهاڻ‘ لکندو
هو. انهن مان ڪيترا ڪالم منهنجي پراڻين ڊائرين ۾
پيل هوندا. انهن ڪالمن مان هڪڙو ڪالم هن پئرس تي
نازين جي ڪاهه ۽ ساربان يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ
تي به لکيو هو. سراج جي ’رتيءَ جي رهاڻ‘ جي مختصر
اسپيس واري ڪالم جي آخري سٽ ڳلي ۾ ڪنهن ڳنڍ جيان
رهجي ويندي هئي.
’هلال پاڪستان‘ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي فيوڊل
ارسٽوڪريٽ ۽
مطلق العنان، پر لبرل اڳواڻ جي حڪومتي ماتحتيءَ ۾
هن جي ايڊيٽرشپ وارو ڪامياب تجربو، ڀٽي جي فراخ
دلي گهٽ، سراج جي ذهانت ۽ وسيع القلبي وڌيڪ هو.
امر جليل جا ڪالم ’تنهنجون منهنجون ڳالهيون‘ جيڪي
پوءِ ’سنڌو منهنجي ساهه ۾‘ ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڇپيا.
ڪنهن به ريت ڀٽي دور جي حمايت ۾ نه هئا، پر سراج،
امر جليل کي ڏنل ڪمٽمينٽ ته هن جا ڪالم سواءِ
سينسر ڪرڻ جي ڇپبا، آخر تائين ان کي نڀايو.
سراج جنهن نسل جو ماڻهو هو، اهو هڪ ئي وقت ڪيترن
سياسي ۽ نظرياتي لڙهن مان نڪتو هو. اهو نسل، جيڪو
هڪ ئي وقت ٻن ديوقامت انسانن کان متاثر ٿيو هو ۽
اهي هئا: ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي.ايم.سيد. پر سراج
الحق ميمڻ جلد سيد جي پڃري مان نڪري ويو، جيئن شيخ
اياز نڪري ويو هو. شايد اسان جي نسل کي اندازو نه
هجي، پر جويي صاحب، اياز ۽ سراج صاحب جهڙن ماڻهن
سنڌ جي شناخت ۽ ساڃاهه لاءِ ڪيترو پورهيو ڪيو ۽
ڀوڳيو هو. اسان وٽ ته نمائش ئي نمائش آهي.
مون هن جا تقريباً سڀ ناول پڙهيا آهن ۽ اهو اعتراف
ته هڪ ناول نگار جي حيثيت ۾ هن مون کي ڪڏهن به
متاثر نه ڪيو، جو هن جي ناولن ۾ نسيم حجازيءَ واري Exaggerationآهي.
فڪشن هجي پر حقيقت نگاريءَ جي ويجهو هجي، جيئن قرة
العين حيدر جا ناول آهن يا ٽالسٽاءِ، ترگنيف،
دوستو وسڪي ۽ ان قسم جي ليکڪن جا ناول آهن. اهي هڪ
دور جو آئينو آهن. سراج جي ناولن تي سنسي خيزيءَ
جو گمان ٿيڻ اجايو ناهي، پر انهن ناولن ۾ هڪ ڳالهه
ضرور آهي ته اهي سنڌ جي اتهاس، ان وقت جي سياسي ۽
افراتفريءَ واري صورتحال، خوف، انفرادي ۽ گروهي
مزاحمتي لقائن، جهڙپن، غدارين، وفادارين ۽ حب
الوطنيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ضرور آهن.
ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ جڏهن گونگي خاموشي ڇانئجي ويندي
آهي، تڏهن ڪي ليکڪ آرٽسٽ ٿوري مبالغه آميزيءَ کان
ڪم ضرور وٺندا آهن. مارڪئيز جي ’جادوئي حقيقت
نگاري‘ (Magical
Realism) ٻيو
ڪجهه ناهي، سواءِ ان جي ته هن جا ناول حقيقت نه
هوندي، حقيقت لڳن ٿا يا حقيقت جي بنهه ويجهو لڳن
ٿا، پر ناول ۽ شاهوڪار ناول، شاهوڪار روايتن وارن
سماجي مان اڀرندا آهن ۽ اهي سماج، جيڪي ڪيترين ئي
ڀڃ ڊاهه مان نڪتل هجن ٿا ۽ مڪمل ڀڃ ڊاهه کان پوءِ
تبديلين جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذري نئين تعمير ڪن
ٿا. ڇا اسان ايترين شاهوڪار روايتن، ڀڃ ڊاهن ۽
تبديلين جي مهاڀاري جنگين مان گذريا آهيون؟
ويجهي تاريخ ۾ 47ع وارو ورهاڱو، جديد سنڌ ۾ هڪ
اهڙو سانحو ۽ المياتي تبديلي هئي، جو بهترين ادب
سرجڻ اڻٽر هو. گهٽ ۾ گهٽ شاعريءَ ۾ اهو خال پُر
ٿيل آهي، باقي ناول متعلق مختلف رايا ٿي سگهن ٿا.
ان جي باوجود هتان لڏي ويل اديبن مان موهن ڪلپنا،
سندري اتم چنداڻي ۽ ڪجهه ٻيا ناول نگار ڀير تي
ڏونڪو هڻي چئي سگهجن ٿا ته اعليٰ درجي جا ناول
نگار آهن. ’تاريخ کان موڪل تي‘ ۽ ’تون منهنجي
سندرتا جو آرنڀ آهين‘ موهن ڪلپنا جا زبردست ناول
مثال طور ڳڻائي سگهجن ٿا. بهترين ڪهاڻين جو به هڪ
ڳاڻيٽو آهي، جيڪو ورهاڱي واري وڍ مان اسريل آهي.
سراج تاريخ جي اُن بريف مرحلي مان گذريو. جيئن ته
هو گهڻو پڙهيو لکيو ۽ دنيا ڀر جو ادب ۽ تاريخ پڙهڻ
۽ سنڌ جي تاريخ جو عالم هجڻ باوجود، جڏهن هن فڪشن
۾ پير پاتو ته انهيءَ مبالغه آميزيءَ کان ڪم ڇو
ورتو، جنهن جي ڪابه ضرورت نه هئي؟ گيدي پڻي، خوف،
خاموشي ۽ ڪجهه به نه (nothingness) ۽
اجائي پڻي وارا موضوع ئي دنيا جي بهترين ادب جا
موضوع رهيا آهن.
دنيا جو بهترني ادب عام ۽ روزمره جي حالتن، لقائن،
ڪيفيتن، خوفن، محبتن، ڏکن، وفائن ۽ دغائن ۽ happenings جو
نالو آهي. دنيا جي بهترين ادب ۾ وڏو پلاٽ، وڏو
لقاءُ ۽ ديوقامت موضوع نالي ڪا شيءِ ناهي. عام
عمومي حالتن کان متاثر ادب ئي وڏو آهي. ويندي وڏين
تبديلين، لقائن ۽ حالتن (انقلابن) جي پلاٽ تي به
بنهه عام ۽ رواجي انداز ۽ نگاهن سان لکيو ويو آهي،
پر فني/ گهاڙيٽي
جي حساب سان انتهائي شاهوڪار نموني عام رواجي شيءِ
ڳالهه ۽ اَمر کي فني حساب ۾ غير روايتي نموني رکڻ
وارو ادب ئي بهترين ادب ليکيو ويو آهي.
هر شيءِ جيڪا زندگيءَ جي مظهر کي ڇُهي، متاثر ڪري
وڃي، ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي، پر اسان وٽ ان
حوالي کان صحافتي توڙي ادبي دنيا ۾ ڪمال درجي واري
’جڳاڙ‘ کان ڪم ورتو ويو آهي.
سراج، شيخ اياز جي اُن زور ڀرڻ تي ته اسان رڳو
وڪالت لاءِ نه، پر ڪجهه ٻئي ڪم لاءِ به پيدا ٿيا
آهيون؛ سراج اُن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو
هو، پر ظاهر آهي ته زندگيءَ جي اجگر هن کي ائين
ڪرڻ نه ڏنو. سراج لاءِ ذريعه معاش مسئلو نه هو، پر
هو اهي گهٽيون ڪڏهوڪو ڇڏي آيو هو ۽ سنڌي هجوم وٽ
هن کي ڪشش ڪرڻ لاءِ تمام گهٽ هو.
سراج ڪنهن جماعت يا نظريي جو قصيده گو نه هو ۽ نه
نظرياتي پلٽون ڪمانڊر، هڪ فرد جي حيثيت ۾ هن جي
اها چوائس هئي ته هو ڇا ڪري ۽ ڇا نه ڪري. وڪالت جي
مصروفيت يا ٻيو ڪجهه. سنڌ هن لاءِ صرف ’تاريخي
حوالو‘ رهجي وئي هئي. شايد هُن جي رتيءَ جي ’آخري
رهاڻ‘ محض پنهنجي پاڻ سان هئي.
(روزاني عبرت، حيدرآباد- 03 فيبروري، 2013ع |