وطن! تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين!
نصير مرزا
وقت ڪنهن ريشمي ٿانَ وانگر منهنجي ذهن ۾ کلي رهيو
آهي ۽ مون کي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جو اُهو وقت
ياد اچي رهيو آهي، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سراج صاحب
جو خاندان عارضي طور ٽنڊي ڄام مان لَڏي اچي اسان
جي ڳوٺ ۾ رهيو هو. استاد محمد يعقوب ميمڻ، ادي
فهميده (حسين)، عبدالحق عظيم، ادا انعام ميمڻ ۽
ادي انيسه وغيره.....
هي ٽنڊو ٺوڙهو، جنهن جو ٻيو نالو، قليچ آباد به
آهي.... انهيءَ ۾ هي خاندان سچل سائينءَ جي پهرئين
مولف مرزا
علي قليچ بيگ ۽
سنڌ جي پهرئين مسلمان ايڊووڪيٽ جنرل، خانبهادر
سڪندر بيگ مرزا وارن جي عين حاويليءَ آڏو اچي
رهائش پذير ٿيو هو، تڏهن ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڪيڏو نه
علمي ادبي ماحول هوندو هو ۽ هڪ پاسي ڪتب خانهءِ
قليچ....بابِ قليچ....سامهون باغ ئي باغ، پريان
پڃاري واهه ۽ ٻئي پاسي ڦُليلي واهه ۽ ان جي ڪناري
سان وڻ ئي وڻ ۽ انهن جي ڀرسان تعليمي ادارا..... ۽
انهن ئي درسگاهن منجهان مرزا قليچ بيگ پرائمري
اسڪول ۾، سائين محمد يعقوب ميمڻ صاحب جن پرائمري
استاد (هيڊماستر) هوندا هئا ۽ هيڏانهن سراج صاحب
سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال جو مئنيجر ۽ پوءِ
اسسٽنٽ سيڪريٽري بنايو ويو..... جتان نهايت جلد ٽه
ماهي ”مهراڻ“ ۽ ”گُل ڦُل“ جهڙا رسالا جاري ٿيا ۽
سنڌ اندر سنڌي ادب روشن خياليءَ سان روشن ٿيڻ شروع
ٿي ويو- ۽ اتي
جويي صاحب جي ئي صحبت طفيل سراج صاحب کي شيخ
اياز..... جمال
ابڙي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جهڙن سجاڳ دماغن سان
شناسائي ٿي ۽ ائين هڪ ٻئي جي صحبت ۽ ساٿ سان هي سڀ
رچي ريٽا ۽ رتول ٿيندا ويا. تڏهن تنوير عباسي صاحب
پنهنجو هي شعر به ته، ان ئي زماني ۾ لکيو هو:
’پيار ڇُهي ويو اسان سڀن کي، سونا ٿي ويا آهيون.‘
1962ع ڌاري سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو،
”اي درد هلي آءُ.....“ ظاهر ٿيو، تڏهن مجموعي ۾
آيل هڪ ڪهاڻي....”ٻهڻيءَ“ سبب ته خاص طرح سان ته
هن جي ادبي شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان مجموعي
کانپوءِ، سندس نظريا ساز تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“
شايع ٿيو ته، هند سنڌ ۾ انهيءَ حيرت انگيز تحقيق
آڌار، سراج صاحب جو شمار، عين ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي،
لسانيات جي ماهرن ۾ ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو ئي ته
اُهو دور هو، جڏهن سنڌ جا وارث قلمڪار سجاڳ ٿي
چُڪا هئا ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هاڃن جي تدارڪ لاءِ سڀني
قلم ڌڻين جا قلم، تحرڪ ۾ اچي چُڪا هئا، اهو سن سٺ
وارو ڏهاڪو هو. ڀينرن منجهان ادي انيسه ته منهنجي
ڀيڻن سان گڏ ۽ بنهه اسان جي گهر جي ڀرسان واري ئي
اسڪول ۾ پڙهندي ۽ اسان جي گهر ايندي ويندي هئي ۽
مون کي ياد آهي.... هي سڀ ڀيڻ ڀائر مون کي چنڊ
ستارن وانگر ئي ڀاسندا هئا ۽ انهن ۾ هي سراج الحق
ميمڻ صاحب، ته جهڙوڪر ننڍڙو ديوتا پيو نظر ايندو
هو. ڀانئيان ٿو..... ذهين ۽ حسين سراج صاحب ان وقت
سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئا، پر ان کان شايد ٻه ٽي سال
اڳ ئي ته حيدرآباد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي
”ڏيپلائي پريس“ ۾ رُپئي روز تي، ڪتابن جا پروف
پڙهندا هئا ۽ اُن ئي زماني ۾ ڏيپلائي صاحب کي ٻه
ڪتاب ”چين ۾ هارين کي زمين ڪيئن ملي؟“ ۽ ٻيو ڪتاب
”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ ترجمو ڪري به ڏنا هئائين.
چون ٿا اُن ئي ڏيپلائي پريس جي ڪنهن ڪرسيءَ تي ڪم
۾ ’منهمڪ ويٺل هن خوبرو سراج تي، محمد ابراهيم
جويي صاحب جي جيئن ئي پارس نگاهه پئي هئي، هن
نوخيز پروف ريڊر ۽ مترجم سراج صاحب جون سڀئي راهون
سون جون ٿي ويون هيون. تڏهن ڏيپلائي صاحب جي پريس
مان جويي صاحب هن هيري کي کڻي سنڌي ادبي بورڊ جي
مُنڊيءَ ۾ وڃي جڙي ڇڏيو هو.
ون يونٽ لاڳو ٿي چُڪو هو ۽ شريف ڪميشن سبب دلين ۾
نفرت جون باهيون ڀڙڪي چُڪيون هيون. اجهو نياز
همايوني صاحب، پنهنجو هي بي پناهه طاقتور شعر اُن
ئي زماني ۾ ته لکيو هو:
روئيندي روئيندي نيرَ کٽي ويا، لَهُو اچي ويو لڙڪن
۾،
آءٌ ڪيئن کِلندي کير پيان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن
۾!
هيڏانهن ٻئي پاسي وري شيخ اياز صاحب سنڌ ۾ آواز
اُڀاريو: ”مون شعلا شعلا گيت، جيئن تنهنجو چارو
روشن ٿئي.“
تڏهن نثر ۾، پنهنجي شعلا بيانيءَ سان سنڌ جي جوڌن،
دودن ۽ سوڍن لاءِ هڪ زبردست جنگ نامو.... ناول جي
اسلوب ۾ سڀ کان اول سراج صاحب ئي تحرير ڪيو ۽ نالو
رکيائينس: ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جيڪو اصل ۾ ته ترخانن
جي بدترين دور ۾ سنڌ سان ٿيل هاڃن جو تذڪرو آهي،
پر درپرده هر دور ۾ سنڌ ۾ آيل ڌارين جي لوڌ، يلغار
۽ پنهنجن کي، اکيون پٽي رکڻ جو زبردست درس به اُن
۾ آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ناولن جي ٽريالاجيءَ جو بنياد رکندڙ
سراج سان، پنهنجي ذاتي تعلق بابت به ڪجهه لکندو
هلان.... ۽ اها ڳالهه به ڪيترائي سال پراڻي آهي،
جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو ڪنهن ادبي محفل ۾ موجود هو، جو
مون اڳيان وڌي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ساڻس هٿ
ملائي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو. تڏهن منهنجي
حيرت جي انتها نه رهي، جڏهنپنهنجي
گنڀير آواز ۾ منهنجي چهري ڏانهن ڏسي بي اختيار چيو
هئائون: ”اڇا! ته تون آهين نصير مرزا.....“ تڏهن
دل ۾ خوش ٿي چيو هئم، ”واهه!.... معنى ته سراج
صاحب جهڙي هستي منهنجي نالي ۽ ڪم کان اڳي ئي آگاهه
آهي“! بعد ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز فائونڊيشن
جي هڪ ميٽنگ ۾ لکڻ وارو قلم..... مون پاڻ وانگر ئي
سندن کاٻي هٿ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ميٽنگ بعد رات جي
مانيءَ وقت سندن ئي رهائشگاهه تي اسين ڊائننگ ٽيبل
تي ويٺاسين، ته جويي صاحب، مهتاب راشدي آپا،
رباني، آگري صاحب ۽ جمال
رند جي موجودگيءَ ۾، مون کي سراج صاحب جي ئي ڀر ۾
ويهڻ لاءِ ڪرسي نصيب ٿي هئي، اڙي واهه......ڏٺم
اُتي به هنن ڪنهن به ڊش مان ڪجهه به ڪڍڻ لاءِ، مون
وانگر ئي، کاٻي هٿ کي پئي گهڻو استعمال ڪيو. تڏهن
رهي نه سگهيو هئس ۽ چئي ڏنو هئو مان، ’سائين! آءٌ
به توهان وانگر کاٻڙيل آهيان.‘ تڏهن فورن مِٺي
مُرڪ سان وراڻيائون: ”نصير!..... هي آءٌ ئي ڇا
بابا...، منهنجي گهر جا سڀ ڀاتي ئي کاٻڙيل اٿئي.“
تازو....رباني صاحب جي ڪهاڻي ڪليات، آبيعات“ تي
مهاڳ لکرائڻ لاءِ، ادي فهميده حسين معرفت کيس
مسودو موڪليم، ته اُن تحرير ۾، رباني صاحب جو
تذڪرو پوءِ...... اول مون ئي بابت ههڙا شاندار ۽
سون ۾ تورڻ جهڙا لفظ لکيائون: ”نصير مرزا جو حڪم
آهي ته ربانيءَ جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکي موڪليان. سو
هاڻي نصير جهڙي پياري شخص کي ڪيئن نااُميد ڪريان،
جنهن منهنجي نظر ۾، ادب ۽ فن ۾ اهڙو نانءُ ۽ مرتبو
حاصل ڪري ورتو آهي. جنهن جو هو
لائق به آهي ۽ مستحق به!“ سراج صاحب جا پاڻ بابت
اهي لکيل لفظ پڙهي خوشيءَ ۾ اُن وقت، جيئن لڙڪ
لاڙڻ شروع ڪري ڏنا هئم، اِجهو ائين ئي.... سندن
لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ سان اکيون اشڪبار ٿي ويون
هئم..... تڏهن مون کي سندس پهرئين ڪهاڻي مجموعي جي
سرنامي تي درج نياز همايونيءَ جي هيءَ سٽ يڪدم
اکين جي آڏو اُڀري آئي:
’اي درد هلي آءُ ته يادن جي جزيري ۾ هلون!‘
سراج صاحب، سنڌ جا نهايت اُميدپرست ۽ وطن جي روشن آئيندي
تي ويساهه رکندڙ عظيم قلمڪار هئا، جن پنهنجي ناول
’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي انتساب ۾ لکيو هو ته: ”سنڌ جي
اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ وقت جي سورهيه سوڍن جي
نالي“، ۽ اڄ ان انت سان پڙهڻ بعد مون کي پڪ آهي
ته..... سنڌ جي سنڌي سمونڊ ڪناري.... مائي
ڪولاچيءَ واري شهر ۾ ڪالهه..... لحد ۾ جڏهن پاڻ
لهي چُڪا هوندا..... تڏهن سنڌ جي ماضيءَ وارا سڀ
سورهيه دودا.... جوڌا ۽ سورما.... ’پڙاڏو سوئي سڏ‘
واري هن بهادر ليکڪ سراج صاحب جي اعزاز ۽ آجيان ۾،
يڪدم ئي..... اُٿي بيهي رهيا هوندا. ۽ احترام سان
کين سلامي ڏيڻ لڳا هوندا.
(سومر: 04 فيبروري 2013ع)
سراج: سنڌ جو عاشق ليکڪ
آفتاب ابڙو
سراج الحق ميمڻ سنڌ
جي انهن اهم شخصيتن مان هڪ آهي جن لاءِ لطيف سائين
چيو آهي ته ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ
کي، تنين سنڌي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي“. سراج سنڌ
جو اهو
سپوت هو، جنهن جو هر عمل سنڌ جي ترقي ۽ سُڌاري سان
واڳيل هو، هو جنهن به شعبي ۾ رهيو انتهائي متحرڪ ۽
باخبر رهيو. کيس پنهنجن ۽ پراون جي چڱي پَر خبر
هئي. ڪهڙي رٿا سنڌ جي ڀلائيءَ ۾ آهي ۽ ڪنهن منصوبي
(هو منصوبي کي منفي انداز ۾ وٺندو هو) مان سنڌ کي
ڪهڙو ممڪن خطرو ٿي سگهي ٿو، ان جو کيس چڱي ريت
ادراڪ هو. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين دور ۾ جيڪي چڱا
فيصلا ٿيا، انهن ۾ سراج صاحب جو ڪنهن نه ڪنهن
حوالي سان صلاح مشورو شامل هو. سراج صاحب جي دلي
خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع
لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو رومن لپيءَ ۾ تلفظ (Transliteration)
ان جو ڌاتو (Root)
ته اهو لفظ ڪهڙي ٻوليءَ سان تعلق رکي ٿو. ڌاتوءَ
مطابق ان جي معنيٰ: مثلاً شمشير
(Shamsher)
شم= نهن+ شير= شينهن. اهو لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي.
جنهن کي تيغ، تلوار ۽ ذوالفقار به چوندا آهن. شاهه
سائين ان کي ’ترار‘ طور به استعمال ڪيو آهي.
انگريزيءَ ۾ sword،
فارسيءَ ۾ به شمشير چوندا آهن. ان لفظ جي عام
رواجي سنڌي لغت مطابق معنيٰ ۽ شاهه سائين جي مخصوص
معنيٰ ڏجي ۽ حوالي طور بيتن ۾ ان جو استعمال
سمجهائجي. ان ڪم لاءِ مون کي اسٽنٽ طور مقرر
ڪيائون. ڪجهه وقت سندن نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيم ۽ ڏاڍو
پرايم، پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون،
ٻيو ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي، جنهن تائين
مان پُڄي نه ٿي سگهيس!
هر لفظ جو ڌاتو ڪڍڻ آسان ڪم نه هو، ٻيو ته سراج
سائين جو ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو هو، جيڪو بلڪل
حقيقت تي مبني هو. مثلاً اصل لفظ ’اک‘ آهي. ان مان
پوءِ ’آنکهه‘ ٿيو. بنيادي لفظ ’ڀت‘ آهي. هندي ۾
اهو ’بهات‘ ٿيو وغيره. ان کان پوءِ ساڳي ڊڪشنريءَ
بابت فقير محمد لاشاريءَ کي به آڇ ڪيائون، پر هو
به هام ڀري نه سگهيو. آخر ۾ پاڻ
ويهي ڪارڊن تي ڪم ڪيائون، بقول ميڊم فهميده جي ته ڪافي
ڪم اڪلائي ويا هئا. جيڪڏهن اها لغت شايع
ٿئي ته شاهه لطيف کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني
ٿيندي. سراج سائين سنگت ساٿ ۽ نوجوانن کي
همٿائيندي، هميشه اها صلاح ڏيندو هو ته وقت جي
رفتار کي سمجهو، جيئن سڌريل سماجن ۾ ٿي رهيو آهي.
اهڙا طريقا اختيار ڪريو، هڪ ڀيري مون کي
سمجهايائون ته ”آفتاب، شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ بنهه
آسان ٿي پيو آهي، جو سائينءَ جو سڄو رسالو اڌ انچ
جي USB ۾
اچي وڃي ٿو. ان کي جتان گهرون آسانيءَ سان ڪلڪ (Click)
ڪري ڳولي سگهون ٿا. سڄي رسالي کي ڦولهڻ جي هاڻي
ضرورت نه آهي.“ هي اهو دور هو، جڏهن هت ملٽي نيشنل
ڪمپنين ۾ به ڪمپيوٽر مشڪل سان متعارف ٿيو هو.
سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو
هو، سندس پهرين تخليق مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول
”جب صبح هوتي هي“ جو ترجمو ’ڏکڻ مان سج اڀري ٿو‘
آهي، جيڪو محمد عثمان ڏيپلائيءَ 1952 ڌاري شايع
ڪيو هو. سنڌ ۾، هي ترقي پسند سوچ جي پهرين اهم
ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان سان گڏ هن يورپ ۽ روس جي
مهان ليکڪن جي اهم ڪهاڻين جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل بسيل هئي،
جنهن جو اظهار هن پنهنجن ناولن ”پڙاڏو سوئي سڏ“،
”مرڻ مون سين آءُ“،”پياسي ڌرتي رمندا
بادل“،”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ ۽ ”تنهنجي دنيا
سڀ رنگ سانول“ ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جي ڪردار سازيءَ
تي کيس قدرت حاصل هئي، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن
ئي ناليوارن افسانا نگارن: جمال رند، نسيم کرل،
غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽
امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻولي
۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين پيار هو. هن
جيڪو لکيو، پڙهيو ۽
ڳالهايو، ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي. سراج صاحب
ناولن سان گڏ درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري،
ڪي اصول ۽ ضابطا جوڙيا ته سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪبا
آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن
سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال، جوڙجڪ ۽ بيهڪ جي
نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي ڪم ڪيو،
جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ رهنما اصول مڃيا وڃن ٿا. سنڌي
ٻوليءَ جي بنياد بابت، سندس لکڻ هڪ عجيب حادثو هو.
1959ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ تفصيلي
مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو،
جنهن جو مول متن اهو هوته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي
پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين: عربي،
عبراني ۽ تورانيءَ مان نسري نروار ٿي آهي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربيءَ مان ورتل آهي“.
اهڙي موقف سنڌ سان اَٿاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند
ليکڪن کي ڇرڪائي ڇڏيو. سنڌ ۾ هلچل پيدا ٿي، پر ان
جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين
ابراهيم جويي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام
محمد گراميءَ جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج کي
سندرو ٻڌڻو پيو. هن لاڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي،
ان موضوع تي مطالعو ڪيو. ڇهه ست ڀيرا موهن جي دڙي
جا ڀيرا ڀڳا، راتين
جو راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو رهيو. سندس
عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ به موهن جي
ديس جا مٽيءَ هاڻا، چاپئين ڏاڙهيءَ وارا ماڻهو
ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ايئن جيئن سسئي کي وندر جي
واٽ وڻن ٿي ڏسي! سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ
بڻياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي ويو. نه صرف
کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو، پر
انگريز محققن موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت جيڪي
انومان ڪڍيا هئا ۽ جيڪي غلطيون ڪيون هيون، انهن کي
به درست ڪرڻو پيو. اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي
ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي حوالن سان
اهو ثابت ڪيو ته ’سنڌي ٻولي‘ هن ڌرتيءَ جي پيداوار
آهي. سنسڪرت ۽ ٻيون پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون
آهن. سنڌو لکت (Indus
Script) مان
’براهمي خط‘ وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ ’سنسڪرت
لپي‘ جڙي. جڳ مشهور قديم آثارن ۽
لسانيات جا ماهر جي-آر هنٽر، سي جي گئڊ ۽ مسٽر
سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ
بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي
ته مڪمل ٿيسز (Thesis)
تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي
ٻولي“ جي نالي سان 1964ع ۾ شايع ڪرائي، جنهن جا
موضوع آهن: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي تمدن، موهن
جي دڙي جي سنڌي ٻولي. سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز
بنهه نرالو آهي: هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت
۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: “سنڌ جي ثقافت اصل آهي يا
ڌارين! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا
ڪن ٻين لوڪن جو!!”. سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن
تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو. سندس سامهون وڪيلن
جو هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول
سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي پيشوائن جي
سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾
ڪيس وڙهي رهيو هو. سندس شاهديون اولهه، اوڀر جي
ملڪن ۽ مڪاني ڪورٽن ۽ ماحول مان
ورتل آهن. سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو. آخر
جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته
سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽ ٺوس ثبوتن تي ٻڌل
آهن، ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه
سگهندو. سراج صاحب موهن جي
دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ عاشق محقق جي حيثيت ۾
ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي،
ان لاءِ اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم
پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري، سميري، فينيشن
وغيره قديم لپين جي انگڙين کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي
مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان، اصل نتيجا ڪو نه
نڪرندا آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل
ڪري ڪونه سگهبا آهن. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو
ڀورو اهو ڀڃندو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي
اصولن، نحوي ترڪيبن، اڳياڙين (Prefixes،
پڇاڙين (Suffixes)
لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان
سواءِ ان محقق لاءِ بنهه ضروري آهي ته کيس سنڌ جي
تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱيءَ پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ
ته تاريخي طور سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال
۾ برقرار رکيو آهي. اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي، جو
اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي. اسان جي
کائڻ پيئڻ، ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون ڪرڻ، هڪٻئي سان ساٿ
ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباً اهو ئي آهي. دلن ،
مٽن، دکين، چاڏين، پارن، تونرين، ڪونرن وغيره جي
گهڙت تقريباً ساڳي آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل
مٽيءَ جي ٿانون جي آهي. انهن تي اڄ سوڌو ساڳيا چٽ
چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جهلن، اٺن جي مهارن وغيره
جي گهاڙ پڻ اها ئي آهي. شهري عالم توڙي ٻاهريان
اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آسانيءَ سان نه
سمجهي سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي
انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت مطابق
سڃاڻجي. سراج صاحب ان کان به وڌيڪ نشانين جو ملهه
ڪٿيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي کي
سامهون رکندي، مهرن توڙي تائٿن تي اڪريل/لکيل لفظن
جون بامعنيٰ پڙهڻيون به ٻڌايون آهن. جيڪي هنئين
سان هنڍائڻ جهڙيون آهن. سراج صاحب انهن ۾ تاريخي
تسلسل، علم لسانيات جي Philology مطابق
ڏيکاريو آهي. ساڳئي وقت علم اشتقاق (Etymology)
جي علمي ۽ عقلي بنيادن تي انهن لفظن جو ڇيد ڪيو به
آهي. ان ڏس ۾ ٻين عالمن به ڪافي لاڀائتيون ڪوشش
ڪيون آهن، پر سراج صاحب جو دڳ سڌو آهي. ڪاش! سراج
صاحب جي اها ٿيسز (Thesis) واري
ڏهاڪي ۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو
لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪافي اڳ
ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لـٺيون هڻڻ وارن کي
سهائي ملي وڃي ها! وري به چڱي خبر اها آهي ته ٻه
سال اڳ ان جو انگريزي ترجمو“Sindhi
Language” جي
نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.اها هڪ تاريخي حقيقت آهي
ته سنڌ ۾ اهڙا سپوت حادثاتي طور جنم وٺندا آهن ۽
پنهنجي صلاحيتن سان اهڙو مقام حاصل ڪندا آهن، جتي
رسڻ عام ۽ خاص جي وس کان مٿي هوندو آهي. سندن
ڪردار ۽ اصول ايندڙ وقت لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا
آهن، جهڙوڪ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجو رتبو
جوڙيو. سچ پچ ته سنڌ هڪ مؤرخ ، محقق، عاشق، عظيم
ليکڪ ۽ صحافيءَ کان محروم ٿي ويئي. اهڙي گهڻ رخي
شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، تيسين علم ادب جا
گهڻگهرا کيس پيا ياد ڪندا.
هڪڙي جينيس جي تشڪيل
محمد علي ڏيپلائي
پنجاهه واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ هڪ ڏينهن، ٽنڊي
الهيار جو معروف ٽرانسپورٽر مرحوم حاجي صادق ميمڻ
هڪ سنهڙي سيبتي، صاف سٿري نوجوان کي محمد عثمان
ڏيپلائي صاحب وٽ وٺي آيو. چي: ”ادا، هي اُستاد
محمد يعقوب جو فرزند سراج الحق آهي. مئٽرڪ پاس ڪئي
اٿس. تمام هوشيار ۽ ذهين آهي. وڌيڪ تعليم لاءِ
حيدرآباد اچڻ چاهي ٿو. کيس روزگار کپي.“
تن ڏينهين ڏيپلائي صاحب جو ڪاروبار (اسلاميه
دارالاشاعت، اسلاميه پريس، قرآن پريس، قرآن ڪمپني،
اداره لطيفي، هفته وار عبرت، ماهوار انسان وغيره)
بڙ جي هڪ گهاٽي ۽ تناور وڻ مثل هو. پاتال ۾ پاڙون،
گهاٽن ساون پنن سان ٽمٽار ۽ چوطرف ڦهليل، جنهن ۾
انيڪ قسمن جي پکين اچي آشيانا ٺاهيا هئا ۽ سوين
جاندار اُن جي ڇانوَ ۾ اچي وسرام ڪندا هئا. اصل
جيڪو ”آيو سو اگهيو“ وارو معاملو هو. ڏيپلائي صاحب
تازو قرآن شريف جي عام فهم بامحاوره ترجمي مان
فارغ ٿيو هو. جديد رنگ ۾ ٽائپ ۽ بلاڪن سان
سينگاريل، سنڌ جي علمي ۽ اشاعتي تاريخ ۾ نئون موڙ
آڻيندڙ ترجمي جو هيءُ ايڊيشن سندس خوابن جي تعبير
هو ۽ عوام ۾ ڏاڍو پسند پيو هو، پر شڪي مزاج
سي.آءِ.ڊي چڙي پئي. چي: ”هي شخص ڪميونسٽ آهي!“
ڏيپلائي صاحب تپرس حيرت ۾ پئجي ويو. ٻڌو هئائين ته
ڪميونسٽ ڪافر، دهريا ۽ خاص طور تي اسلام جا دشمن
آهن، پوءِ پاڻ کي مبلغ اسلام سمجهندڙ تي هي الزام
ڪيئن ۽ ڇو مڙهيو ويو؟
انهيءَ ڳجهارت کي سلڻ لاءِ هن سوشلزم، انسانيت ۽
قوم پرستيءَ تي ٻڌل ادب جو مطالعو شروع ڪيو. مئڪسم
گورڪيءَ جي ’امڙ‘ کي پڙهيائين. محمد ابراهيم جويي
صاحب جي رهنمائي حاصل ڪيائين. ڀٽائيءَ جو نئين سر
مطالعو شروع ٿيو ۽ ٺهه پهه ’اداره انسانيت‘ جو
بنياد پيو، جنهن جي ذريعي ترقي پسند لٽريچر جا
سنڌيءَ م ترجما ڇپجڻ لڳا. پريس ۾ ڪم جي بنهه
گهڻائي ٿي ويئي. ڪم جي ڳولا ۾ هر آيل اگهامڻ لڳو.
پريس ڀانت ڀانت جون سوچون رکندڙن جو ڄڻ ته ’هائيڊ
پارڪ‘ ٿي ويئي.
مطالعي جي شوقين ڏيپلائي صاحب کي انگريزي ڪانه
ايندي هئي. کيس دنيا ۾ جديد روين بابت معلومات
حاصل ڪرڻ جو بنهه گهڻو شوق هو. سو هڪ اڌ سوال ڪري،
سراج جا اکر ڏسي ڏيپلائي صاحب کيس پنهنجي خصوصي
نائب طور رکيو. پروف ريڊنگ کان سواءِ ڏيپلائي صاحب
جي مطالعي واسطي، جويي صاحب جا تجويز ڪيل انگريزي
ڪتاب پڻ ترجمو ڪرڻا هئس. ڏيپلائي صاحب جي آفيس لڳ
هڪ ڪئبن ۾ سندس نويڪلي آفيس قائم ٿي. انگريزي،
اُردو ۽ سنڌي ڊڪشنريون اچي ويون. پگهار وقت جي
مروج فارمولي تحت رپيو روز مقرر ٿيو. (سستائيءَ جو
دور هو. ڪڻڪ ست رپيا مڻ ملندي هئي).
سراج صاحب پنهنجي دلپسند ڪم ۾ جنبي ويو. قدرت
طرفان کيس صحافت، ادب ۽ اشاعت جي مختلف شعبن ۾
تجربو حاصل ڪرڻ جو نادر موقعو عطا ڪيو هو. ان کان
سواءِ پريس تي ايندڙ ويندڙ سنڌ جي ذهين شخص جويي
صاحب، ع.ق شيخ، ابن حيات پنهور، گرامي صاحب،
پرواني ڀٽي، ڪميونسٽ پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ احمد
’انسان‘، قادر بخش نظاماڻيءَ وغيره سان به ڏيٺ ويٺ
ٿيڻ لڳس.
سدائين اڇو اجرو رهندڙ، خاموش طبعيت، پنهنجو پاڻ ۾
گم رهندڙ، ايندڙ ويندڙن توڙي ساٿي ڪم ڪندڙن سان ڪو
خاص ميل جول نه رکندو هو. پنهنجي ڪم ۾ مگن رهندو
هو. ڏيپلائي صاحب کيس شفقت ۽ عزت سان ’مسٽر سراج‘
ڪري مخاطب ٿيندو هو. اهي سڀ ڳالهيون ٻين لاءِ ڪجهه
عجيب هيون.
وقت گذرندو بلڪ ڊوڙندو رهيو. سراج صاحب انٽر آرٽس
امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيو. ڏيپلائي صاحب ڪرشن چندر
جو ڪتاب ’صبح هوتي هي‘ سراج کان ترجمو ڪرائي، سندس
ئي نالي سان اول ماهوار انسان، ۽ پوءِ ’اداره
انسانيت‘ طرفان ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘ جي عنوان
سان شايع ڪيو. ٻن سؤ صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت ٻه
رپيا هئي. تازو ئي هن ڪتاب کي وري پڙهڻ جو موقعو
مليم. ترجمي جي سهڻي ٻوليءَ ڪتاب کي اصل اردوءَ
کان به گهڻو وڌيڪ دلچسپ بنائي ڇڏيو هو. ڀانيان ٿو
سنڌيءَ ۾ سراج صاحب جو هيءُ پهريون ترجمو هو.
انهيءَ دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ نئين سر جويي صاحب جي
سربراهيءَ ۾ هلي رهيو هو. ڏيپلائي صاحب جي مشوري
سان بورڊ جي پنهنجي پريس قائم ٿي. جويي صاحب جي
ڏيپلائي صاحب سان بنهه گهڻي ويجهڙائي هئي.
حيدرآباد ۾ سندن اڪثر شامون ڏيپلائي صاحب سان
گذرنديون هيون. ڪڏهن پريس ۾، ڪڏهن ڪراچي هوٽل ۾ ۽
ڪڏهن ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ته ڪڏهن خط و ڪتابت
جي صورت ۾.
بورڊ جو ڪم تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. ڏيپلائي صاحب
جي سفارش تي جويي صاحب ڪيترن ڪارڪنن کي آزمايو، پر
سندس سخت گير ۽ محنتي طبعيت سان هلڻ آسان نه هو.
آخر هڪ ڏينهن باهمي مشوري سان جويي صاحب سراج کي
بورڊ ۾ آندو. سندس تقرريءَ جو آرڊر بابا آڻي سراج
کي ڏنو. اهڙيءَ ريت سراج، جويي صاحب جهڙي پارس وٽ
پهتو ۽ وٽس محنت ۽ صلاحيت سان اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ
جي اهم عهدي تي فائز ٿي ويو.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ سراج صاحب جي شموليت سنڌي ادب ۽
سنڌ واسطي نيڪ فال ثابت ٿي. جويي صاحب جي تربيت ۽
نگرانيءَ هيٺ سراج صاحب جي طبعيت ۾ ڏاڍو نکار آيو.
سندس مطالعي ۾ وسعت آئي. مٿس قوم پرستيءَ جو رنگ
چڙهڻ لڳو. سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت
ڏانهن سندس توجهه مرڪوز ٿيڻ لڳي. سنه 1957ع ۾
ڊاڪٽر ايس.پي ڇٻلاڻيءَ جي انگريزي ڪتاب: Economic
Condition of Sind (1592-1842) جو
ترجمو نهايت دلچسپ ۽ سهڻي انداز ۾ ڪيائين، جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ جي عنوان
سان شايع ڪيو.
انهيءَ دوران ڏيپلائي صاحب جون ڪاروباري حالتون
خراب کان خراب ٿينديون ويون. سندس کاٻيءَ ڌر سان
وابستگيءَ، ڪيترن عام پڙهندڙن کي منجهائي ڇڏيو هو.
وڏي عيال، ظاهري خوشحاليءَ جي دور ۾ بئنڪن ۽ عزيزن
کان کنيل قرضن ڪَر کنيا. ڏيپلائي صاحب کي مجبوراً
سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪ ادنيٰ ملازمت ڪرڻي پيئي.
هوڏانهن سراج صاحب، جويي صاحب جهڙي انتهائي محنتي
۽ سخت گير آفيسر جي تربيت هيٺ رهي، پاڻ به اهڙو ئي
سخت گير منتظم بنجي چڪو هو. جويي صاحب جا قريبي
دوست به ڄاڻن ٿا ته آفيس کان ٻاهر جويو صاحب جيترو
رلڻو ملڻو ۽ خوش طبع هو، آفيس ۽ سرڪاري ڪمن ۾
اوترو ئي سخت گير هو. سراج صاحب وري عام زندگيءَ ۾
به ڪن مخصوص دوستن کان سواءِ تمام ڪم گو، الڳ ٿلڳ
رهندڙ شخص هو.
هڪ موقعي تي سراج صاحب حيدرآباد جي بورڊ آفيس ۾
آڊٽ تي آيو. اُن زماني ۾ پبليڪيشن اسسٽنٽ طور
اديبن ۽ هيڊ آفيس سان خط و ڪتابت ڪرڻ واسطي
ڏيپلائي صاحب کي پنجويهه رپيا ماهيانو الائونس
ملندو هو. سراج صاحب آڊيٽر طور ڏيپلائي صاحب کان
انهيءَ الائونس جي حساب ڪتاب جو رڪارڊ گهريو.
ڏيپلائي صاحب جي زباني وضاحت تي مطمئن نه ٿيندي،
هن تقاضا ڪئي ته اهو الائونس باقاعدي
رجسٽر ۾ داخل ڪري ۽ هر خرچ جو تفصيل لکيو وڃي.
ڏيپلائي صاحب سندس اهڙي رويي کان ڪجهه قدر ڪَڪ
ٿيندي ۽ ڪجهه طبعاً مزاق ڪندي، کيسي مان پنجويهه
رپيا ڪڍي، اهو چئي سندس حوالي ڪيا ته: ”مون ڪو خرچ
ڪيو ئي ڪونهي ته اُن جو حساب ڪتاب ڇا رکان؟“ سراج
صاحب کيس هڪ دفعو ٻيهر سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪئي ته سرڪاري معاملن ۾ حساب ڪتاب رکڻو
پوندو آهي. ڏيپلائي صاحب جو هڪ ئي جواب هجي ته
”جڏهن مون رقم استعمال ئي ڪانه ڪئي آهي ته پوءِ
حساب ڪتاب وري ڇا جو؟“
غالباً سراج صاحب جي اهڙي سخت گير رويي يا ٻين
ڪجهه سببن جي ڪري ڏيپلائي صاحب بورڊ مان استعيفا
ڏني ۽ وري پنهنجي محبوب مشغلي ۾ لڳي ويو. هاڻ ون
يونٽ ٺهڻ ڪري، سندس پسنديده موضوع ون يونٽ جي
مخالفت ۽ قومپرستيءَ تي ناول لکڻ هو ۽ ترت ’جپاني
گڏي‘، ’انور پاشا‘، ’1857ع جي جنگ آزادي‘ ۽ ’سسي
نيزي پاند‘ ۽ ٻيا نالو ميدان ۾ آيا ۽ ضبط ٿيا.
ايوب خان جي مارشل لا ۾ کيس جيل ۾ به رکيو ويو.
هوڏانهن سراج صاحب پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان مرڪزي
اعليٰ ملازمتن (CSS) جو
امتحان پاس ڪري، انڪم ٽيڪس سروس لاءِ چونڊجي ويو.
ساڻس گڏ مظهرالحق صديقي ۽ سيد نصير محمد شاهه پڻ
هئا، جن اڳتي هلي سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ نوجوانن
واسطي اتساهه جو ڪارڻ ٿيا. |