سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب6/7

صفحو : 8

باب ڇهون

منهنجي وقت جا ڪي مشهور ماڻهو ۽ معزز دوست

ننڍي هوندي کان وٺي اجھ تائين منهنجي وقت جا ڪي مشهور ماڻهو ۽ معزز دوست جن سان منهنجو واسطو رهيو ۽ جن مان ڪن جو مٿي اشارو به آيو آهي، تن جو هتي گڏ مختر ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جو انهي ڪري هنن جي يادگيري تازي ٿيندي ۽ مون کي فخر  ۽ خوشي حاصل ڪرڻ ۽ حق گذاري ادا ڪرڻ جو وجهه ملندو.

        پهرين ته مون کي پنهنجي پيءُ ماءُ، ناني ۽ مامن جهڙن بزرگن عزيزن جي ڏسڻ ۽ انهن سان رهڻ جي صحبت ڪرڻ جو شرف حاصل هو، دنيا ۾ گهڻيئي ماڻهو آهن جن کي اهو شرف حاصل ڪونهي، مثال لاءِ خود اسان جي خاندان ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيئن ته منهنجي پيءُ ۽ ناني کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ مس ياد هئا ۽ ننڍپڻ کان انهن جي جدائي ۾ گذاريائون، منهنجي پٽ همايون پنهنجي ماءُ نه ڏٺي، جو ڄمڻ کانپوءِ سندس ماءُ مري ويئي، ۽ ڊاڪٽر مرزا جعفر قلي جو ننڍو پٽ ايڊورڊ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ڄائو ۽ پيءُ نه ڏٺائين.

        ناني ۽ بابي جي سنگتين ۽ انهيءَ وقت جي نامدار ماڻهن کي مون ڏٺو ۽ گهڻن سان صحبت ڪيم، جيئن ته مير حسين علي خان، مير حسن علي خان، مير محمد خان، آغا زين العابدين شاهه، آغا صادق شاهه، آغا جعفر شاهه، آغا گدا علي شاهه، آغا امام علي شاهه، آغا غلام نبي شاهه ۽ آغا محمد علي شاهه ۽ ٻيا جن مان گهڻآ قابل حڪيم، عالم ۽ شاعر هئا، اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي مير صاحبن جي ديرن سان واسطو رکندڙ پير مرد هئا سي به مون ڏٺا جڏهن حيدرآباد جي اسڪولن ۾ ٿي پڙهياسين تڏهن ميان محمد مخدوم جو پهرين نارمل اسڪول جو ماستر هو ۽ پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو جنهن وٽ آءُ ڪي ڏينهن پڙهيس به قاضي حاجي احمد ۽ آخوند ولي محمد جي منهنجا استاد هئا ۽ پوءِ ٻئي ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيا، انگريزي اسڪولن ۾ پڙهندي ماستر وشنو گهنشام، مسٽر ڀنڊارڪر، مسٽر رانادي، مشر ڪيشوراءِ رما ڪنٺ ڏٺم  ۽ وٽن پڙهيس، مسٽر ڪوڙومل، مسٽر غلام علي، مسٽر تاراچند شوقيرام، مسٽر چوهڙمل ، مسٽر جهمٽ مل سان به وقت گذاريم ۽ پهرين ٻن وٽ ته ٿورو وقت پڙهيس به حيدرآباد شهر جي قديم مسلمانن مان ڪي ٿورا جهونا واقف ڏيندس، سيد قطب شاهه جهانيا وارو، سيد قاضي يوسف شاهه، سيد فاضل شاهه، سيد محمد علي شاهه، سيد ثابت علي شاهه ثاني، سيد تقي شاهه، آخوند محمد قاسم هالاڻي، مخدوم حبيب الله، مرزا لطف علي ۽ سندس ڀائر، مرزا علي اڪبر شيرازي فوجدار، آخوند خدابخش، آخوند حبيب الله، نواب دوست علي خان ٺوڙهو، مرزا خورشيد لکنوي، اميد علي نقاش، آخوند محمد صديق، آخوند لطف الله، آخوند عبداللطيف ۽ ٻيا اهي سڀ وفات ڪري ويا آهن.

        ديوانن مان شوقيرام آڏواڻي  سان به صحبت ڪيم، جو آءُ مسٽر تاراچند ۽ مسٽر نولراءَ جن وٽ ويندو هوس، ۽ ديوان شوقيرام بابي جو گهاٽو دوست هو ۽ ننڍي هوندي گڏ پڙهيا به هئا ۽ ديوان شوقيرام به بابي وانگي تمام چڱا اکر لکندو هو، ديوان مولچند منسکاڻي جو مسٽر اڌارام، مسٽر عيدن مل ۽ پنجومل جن جو پيءُ هو سو به ڏٺم ۽ انهي سان صحبت ڪيم، جو پويان ٻيئي اسڪول جا سنگتي هئا، ديوان ڪيولرا ”سوکڙي“  وارو به ڏٺو  هوم ۽ ديوان اڌارام ٿانورداس، ديوان پرڀداس ڊيپوٽي انسپيڪٽر ۽ ديوان  ڀوڄراج ولد ٽوپڻ مل جو اسان جي ڪٽنب جو منشي هو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ چندن مل هو ۽ ديوان چئنراءِ شاهاڻي، ديوان چندا سنگهه، ديوان خوشيرام ۽ ٻيا.

        بمبئي جي ڪالجي ۾ پڙهندي پرنسپال چئٽفيلڊ، ووڊ سورٿ، اگرنينهام، پروفيسر ڪئنيڊي، پروفيسر جائلس، پروفيسر هاٿارن ٿويٽ، پروفيسر ٽيلر، يونيورسٽي رجسٽرار جيمس ٽيلر، پروفيسر مرزا حيرت ۽ مولوي عبدالفتاح جو واقف ٿيس ۽ انهن وٽ پڙهيس، ۽ انهن جي خاص مهرباني مون ٿي رهي، بمبئي ۾ رهي بمبئي جي ماڻهن هر هائنيس آغا خان ۽ سندس ڪٽنب سان تمام گهڻو واقف ٿيس ۽ ترڪي قانصلن سان به جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، بمبئي جي مشهور طيبجي، جي خاندان سان به تمام گهڻو رستو هوم، مسٽر بدرالدين طيبجي ۽ سندس ڀائرن شمس الدين، شجاع الدين، قمرالدين، امير الدين ۽ سندن پٽن سان به چڱو رستو هوم، وٽن گهڻي آمدورفت ڪندو هوس.

        بمبئي جي پارسين منجهان مسٽر ماڻڪجي ۽ ڪائوسجي جي جي ڀائي ڪائوسجي ريڊي مني، مسٽر واڊيا، مسٽر مودي، مسٽر پٽيل، مسٽر ڪانٽريڪٽر ۽ مسٽر فريدونجي دستور جو هاڻي يونيورسٽي جو رجسٽرار آهي ۽ مسٽر دلال، مسٽر گمي، مسٽر پٽيل، مسٽر داور، مسٽر بادشاهه ۽ مسٽر دستور سان دوستي هيم، جو اهي مون سان گڏ ۽ منهنجي وقت ۾ پڙهندا هئا مرهٽن ۽ گجراتين مان به مسٽر چندورڪر، مسٽر جو گليڪر، مسٽر ڀنڊارڪر وڏو توڙي ننڍو ۽ ڪيترا ٻيا واقف هئا، جن جا نالا هينئر دل تي نٿا اچن، مگر جي مشهور ٿي گذري ويا ۽ ڪي حيات ۽ ناليوار آهن، مسلمانن مان مسٽر قمرالدين، مسٽر ملا ۽ ڪي ٻيا هئا جي منهنجا ڪلاسي هئا، ڪاليج جي وقت ۾ جيڪي سنڌي مون سان گڏ هئا ۽ جي منهنجي هوندي پوءِ آيا تن مان مسٽر ٽيڪچند، مسٽر هاسارام، مسٽر ليلا رام، مسٽر دولت رام، مسٽر سهسانومل ۽ مسٽر پريتمداس چندناڻي آهن، مسٽر ڏيارام گدومل ۽ مسٽر علي محمد حسن علي به پوءِ آيا، انهن سان پوءِ زياده واقفيت ۽ دوستي پيدا ٿي.

        ڪاليج مان موٽڻ کناپوءِ ڪرچاي ۾ رهندي مسٽر ڏيارام، مسٽر اڌارام، مسٽر آلومل، مسٽر حسن علي، مسٽر ٽلاٽي، مولوي الله بخش، مرزا سان خاص رستو هو، انگريزن مان مسٽر جيفريز، مسٽر مچي، مسٽر مائلس، مسٽر جڊ، مسٽر ٽويلس جيلر، مسٽرڪنگ، مسٽر فائولر ۽ ڪي ٻيا گهڻو واقف هئا.

        ڪراچي ۾ رهندي ديسي صاحبن مان ديوان واڌو مل ٽلٽي وارو، لالا گيانچند ۽ سندس ڀاءُ تلو ڪچند ۽ پٽن سان. مسٽر پارومل سيوهاڻي ديوان شوندا، ٽيڪمداس، ٽهلرام ۽ ڏيون مل ٺٽي سان خاص رستو رهيو، ديوان چانڊومل ۽ سندس پٽ ديوان سهجرام سان به گهڻي واقفيت هئي ۽ سندس ٻيا ننڍا پٽ بولچند ۽ ڪيولرام ته منهنجي زيردستي ۾ به رهيا، مسلمانن مان قاضي محمد اشرف، خدادا خان ۽ ڪي ٻيا واقف هئا.

        نوڪري جي عرصي ۾ جن بالا آفيسرن جي هٿ هيٺ نوڪري ڪيم ۽ جن سنا منهنجو گهڻو واسطو رهيو ۽ جي مون تي نهايت مهربان رهيا تن مان ڪي هي آهن. مسٽر فلٽن، مسٽر هارٽ ويونير، مسٽر جميس، مسٽر جائلس ڪرنل ميهو، ڪرنل والسر،  مسٽر ميولس، مسٽر مئڪنزي ۽ مسٽر اسٽيل، مسٽر جيمس جڏهن پهرين ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي آيو تڏهن مامي مرزا علي محمد تي نهايت مهربان هو، پوءِ جڏهن بمبئي ۾ پوسٽ ماسٽر جنرل ٿي رهيو تڏهن آءُ بمبئي ۾ پڙهندو هوس، انهي سان اڪثر گڏبو هوس ۽ جڏهن وري سنڌ ۾ ڪمشنر ٿي آيو تڏهن مون تي گهڻو مهربان  رهيو، سندس چوڻ تي مون ”چچنامو“ ۽ سنڌ جي تاريخ پارسي ڪتابن تان انگريزي ۾ لکي ۽ جنهن ۾ منهنجي دوست مسٽرڏيارام گدومل گهڻي مدد ڪئي، ۽ پوءِ اها ڪمشنر جي ڇاپخاني ۾ سرڪاري طرح ڇپي، ڪرنل ميهو ته پينشن تي وڃڻ کناپوءِ به مرڻ تائين خط لکندو رهيو ۽ وقت بوقت ولايت مان ڪتاب، خط ۽ ٻيا تحفا موڪليندو رهيو، ۽ مسٽر فلٽن بمبئي جي هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار اتي بمبئي ۾ مون کي ڪاليج ۾ اچي ڏسندو هو، ديسي آفيسرن مان جيڪي نوڪري جي عرصي ۾ واقف هئا ۽ دوست رهيا سي هي هئا، ديوان واڌومل، ديوان ڏيارام گدومل، مسٽرمحسن طيبجي، مسٽر حامد علي، مسٽر خداداد خان، مسٽرقادر داد خان، سردار محمد يعقوب، شيخ صادق علي، قاضي محمد اشرف ۽ ٻيا.

        منهنجي نوڪري اپر سنڌ ۾ گهني رهي، يعني اڳوڻي شڪارپور ضلعي ۽ سرحد سنڌ جي ضلعي ۾ ۽ پوءِ ڪراچي ضلعي ۾ حيدرآباد ضلعي ۾، ٿرپارڪر ضلعي ۾ به جدا جدا ڊويزنن ۾ رهي، تنهن چئبو ته ساري سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن زميندا ۽ ٻين وقت جي معتبرن، ميرن ۽ پيرن سان معرفت ٿي، جن مان ڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا، انهن مان ڪن ٿورن جا نالا ڏيندس، الدين رهندي شڪارپور وارو، مير علي نواز علوي، ميان محمد حسين، محمد، شعبان، عبدالخالق وڪيل شڪارپوري، سرائي ٺارو خان ۽ سندس پٽ ۽ ڀائٽيا سرائي لاڻو خان ۽ فيض محمد خان کهاوڙ، وڏيرو غيبي خان چانڊيو، سردار قيصر خان مگسي، وڏيرو امام بخش خان ۽ محمد خان ٿيٻو، وڏيرو رمضان ناريجو، وڏيرو مريد خان لاکير، ملڪ صوبدار خن ۽ ايسب خان سرائي غلام رسول، سيد الهندو شاهه، ملڪ دودا خان،  مير علي مراد سندراڻي، غلام علي خان بڙدي، صحبت خان گولو، جعفر خان رند، ميرو خان ڊومبڪي، بهادر  خان کوسو، رحيم خان کوسو، لشڪر خان جمالي، نوابشاه خان بگٽي، نواب امام بخش خان مزاري، شاهه پسند خان پٺاڻ ۽ ڪيترائي ٻيا اهي سڀ وفات ڪري ويا آهن، انهن جو مون سان خاص رستو هو ۽ آءُ هنن کي عزت ڏيندو هو ۽ هو به مون کي گهڻو پسند ڪندا هئا، نه سرڪاري نوڪري جي خوشامد تي، پر خانگي طرح ساڻن مروت جي هلت ڪري.

        رياست خيرپور جي مير علي مراد خان ۽ مير فيض  محمد خان سان گهڻو رستو هو، گهناي دفعا سرڪاري ڪم سان آءُ وٽن ويو هوندس ۽ هو مون تي خاص طرح مهربان هوندا هئا ۽ مون کي پاڻ وٽ آڻڻ گهرندا هئا، پر قمست نه ٿي، سيد فاني شاهه شيرازي، رياست جو قديم شاعر به منهنجو واقف آهي ۽ اڃا حيات آهي، چڱو شعر چوندو آهي، مولوي بهاءُ الدين تخلص بهائي جهونو شاعر، ماٿيلي جي پاسي وارو ۽ شمس الدين ”بلبل“ ميهڙ وارو شاعر به منهنجا دوست هئا، مولوي بهائي ته اڃا حيات آهي، پر نهايت پير مرد آهي، ڪڏهن ڪڏهن تازا شعر جوڙي مون ڏي ڏسڻ لاءِ موڪليندو آهي، سندس هڪڙي رباعي منهنجي نسبت ۾ سندس خط جي چوٽي تي آهي جا نموني لاءِ هتي ڏيان ٿو ۽ هڪ فرد به.

 

مرزا که قليچ نامش نامي.

شيرين بجهان چوشهر هاي جامي.

از بنده بهائي ايند دعا بادل قبول.

کاندر دوجهان باد بصد خوشکامي.

مرزا قليچ بيگ که مرد خداي است.

منظور چشم عاشق بنده ”بهائي“ ست.

 

 

 

باب ستون

منهنجا ڪم ۽ انهن جي قدرشناسي

سڀڪو ماڻهو جو مشهور ٿيندو آهي يا مشهور ٿين گهرندو آهي، سو اهڙا وڏا ڪم ڪري ويندو آهي، جنهن ڪري هن کي پوءِ ياد پيا ڪندا ۽ مئي کان پوءِ به  هن جي يادگيري پئي رهندي آهي، پر افسوس آهي ته اهڙو وڏو ڪم مون ڪو نه ڪيو، جنهن لاءِ آءُ ماڻهن کي ياد رهان يا جن مان گهڻي عرصي تائين فيض جاري رهي ۽ خلق کي فائدو پهچي، منهنجا جيڪي ڪم خانگي يا سرڪاري هئا سي ننڍڙا، مخفي ۽ گمنام رهيا، جيتوڻيڪ انهن مان خلق کي  ڪجهه فائدو پهتو ٿي ۽ هو مون منهنجان تمام خوش ۽ راضي هئا ته به اهي فرض ڄآڻي ادا ڪيا ويا هئا، جن تي بالا آفيسرن جو يا ٻين مانهن جو خاص طرح ڌيان نٿي آيو، گهڻن ماڻهن کي رواجي ڪمن جي وڏي ڪري ڏيکارڻ جو هنر ايندو آهي، جنهن ڪري هنن کي آفرين يا انعام ملندو آهي يا لقب ملندو آهي پر افسوس ته مون کي اهو هنر به نه هو، تنهن ڪري پنهنجا فرض ڪم ماٺ ڪري پئي ڪيم ۽ انهن ننڍڙن ڪمن کي مون پنهنجا وڏا ڪم ٿي سمجهيو منهنجو ڪهڙو بيت آهي ته:

ٿو لقب کان لقب لڳي مون کي

تنهن ڪري ري لقب رهان ٿو خوش.

 

سرڪاري نوڪري جي عرصي ۾ گهڻن وقتن تي وڏا مشڪل واهه کڻايا هوندم ۽ مشڪل کنڊ ٻڌايا هوند، جيئن ته ڪشمور بند، ناري ۽ درياءَ جهڙا سخت وقتن ۾ سعي سان معافيون ڏسي  انصاف روءِ فيصلا ڪيا هوند، جن مان جهڙا  زميندار تهڙا آفيسر خوش ٿيا هوندا، ڪيترين ضروري وارداتن تي حاضر رهيو هوندس، ڪيترائي مشڪل تڪرار ۽ معامل بلوچن جي جرڳي ۾ يا مئجسٽريٽي ڪورٽن جي رستي فيصل ڪيا هوندا، ڪيترائي اسڪول ۽ مڪتب کوليا يا کولايا هوندم، رستن تي سڃ ۾ وڻ ۽ باغ رکايا هوندم، مشڪل مشڪل ٽڪرن ۽ جبلن جي چوٽين تائين وڃي حد نشاني ڏسي قائم ڪيا هوندم، ملٽري کاتي جي آفيسرن ۽ لشڪرن کي آسائش سان پنهنجي ڊويزن مان لنگهائي  پار ڪيو هوندم، اهي آهن ڪم نوڪري جي عرصي ۾ مون ڪيا ۽ جن جي لاءِ آفرين يا تعريف فقط سالياني ائڊمنسٽريشن رپورٽ ۾ ٿي ملي، جنهن جي ٻي دنيا کي ڪا به خبر ڪا نه ٿي پوي  ۽ آفيسرن جي نظر ۾ به اهي رواجي نوڪري جا فرض شمار ۾ اچن ٿا، ڪي اهڙا انتخاب ٻارهين بابت ۾ ڏنا ويا آحن پر اها خبر ڪن ٿورن کي هوندي ته اهڙن  ڪمن لاءِ ڪن سرڪاري نوڪري جي تعريب اخبارن ۾ ٿي ڇپجي ۽ ملڪن ۾ مشهور ٿي ٿئي، ۽ خاص رپورٽن سان مٿين سرڪاري تائين ٿي وڃي ۽ انهن لاءِ انهن سرڪاري نوڪرن کي خاص انعام، لقب ۽ اضافا ٿا ملن، بلڪه پينشن وٺڻ تي زمينون ٿيون ملن پر جيئن مون مٿي چيو ته انهي لاءِ خاص هنر  ۽ تجويز  گهرجي، جا ڪم نصيبي سان مون کي نه آئي، جي اها معلوم به ٿي ته به انهي جي تعميل جي همٿ نه ٿي ۽ نه انهي لاءِ دل شاهدي ۽ عقل اجازت ڏني، انهي هوندي به ڪن موقعن تي درٻارين ٿيڻ وقت سکڻن لفظن ۽ گورنرن، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن تعريف پئي ڪئي ۽ وقت جي حآضر ماڻهن پئي ٻڌي، اها به منهنجن ننڍڙن رواجي ۽ معمولي ڪمن جي قدرشناسي هئي جن لاءِ آءُ سندس شڪر گذّار آهيان اهڙا انتخاب به ٻارهين بابت ۾ ڏنا اٿم.

        اهي هئا منهنجا سرڪاري ڪم پر جن ڪمن تي آءُ فخر ٿو ڪريان ۽ جي منهنجي طبيت ۽ دفل جي ميل پٺيان آهن سي آهن خانگي ڪم جي هڪڙي معنيٰ سان سرڪاري طرح به شمار ۾ اچي سگهن ٿا، يعني انهن جو واسطو سرڪاري تعليم کاتي سان آهي ۽ انهن مان خلق کي علمي، اخلاقي ۽ روحاني فائدو پهچي سگهي ٿو، اهي آهن جداد جدا مضمونن تي ڪتاب ۽ ليک لکڻ اهي ڪم ننڍي هوندي کان مڪتبن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندي مون پئي ڪيا آهن، اسڪولن ۾ پڙِهندي ڪتاب لکڻ شروع ڪيم ۽ ڪاليج جي عرصي ۾ به لکندو رهيس، ”بيڪنس ايسيز“ ۽ مسز فاسيٽس جي ”پوليٽڪل ايڪانمي“ انهن ڏينهن ۾ ترجمو ڪيم جن لاءِ مون کي تعليم کاتي مان چڱي رقم انعام ملي، ڪاليج ۾ پڙهندي اتي جي شاگردن لاءِ علم عروض ۽ فارسي اشتقاق ۽ صرف نحو تي ننڍڙا ڪتاب لکيم، جي ڇپيا ۽ اتي ڪم آيا، انهي کانپوءِ ڪراچي ۾ رهي ڪي ڪتاب لکيم، ۽ ڪي انگريزي ۽ اردو تان ترجمو ڪيم جي سنڌ مدرسي وارن ۽ ٻين سنڌ جي پريسن يا ڇاپخانن ۽ ڇپايا، نوڪري جي ساري عرصي ۾ ڪتاب لکندو ۽ ترجمو ڪندو رهيس، جن مان ڪي سرڪار جي حڪم پٺيان لکيم جن جي لاءِ مون کي انعام مليو ۽ ڪي ايڊوڪيشنل کاتي ٽيڪسٽ بڪ، پرائيز بڪ لئبريري بڪ ڪري منظور ڪيا، ملن جي مڪتبن جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب خاص ملن ۽ سندس شاگردن جي لاءِ لکيم ۽ ڇپايم، ڪيترا ڪتاب زبانن مڪتبن لاءِ ڪيترا خاص مسلماني مذهبت بابت لکيم، جو مسلمانن ۾ تعليمن جو شوق گهٽ هو ۽ انهي جي ترغيب جي ضرورت هئي، ڪيترا ڪتاب خاص ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت سندن فرمائش موجب لکيم، انهن مان گهڻا نثر ۾ آهن ۽ گهڻا نظم ۾ آهن سنڌي شعر کانسواءِ فارسي ۽ اردو ۽ ترڪي شعر به چيم ۽ ڪي سنڌي ڪافيون به چيم ۽ ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ڪي سنڌي راڳ به چيم، اهي سڀ ڇپيل آهن، ڪڏهن وري خاص سوسائٽين يا جماعتن جي جلسن ۾ لکيل تقريرون ڏنيم يا ٻين جي ڪتابن جي لاءِ ديباڇا ۽ تمهيد لکيم. اهي سب وري ڌار ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪيل آهن، مطلب ته جدا جدا مضمونن تي نظم ۽ نثر ۾ ننڍا وڏا قريب ٻه سئو ڪتاب لکيا اٿم، جي سنڌ جي جدا جدا جاين تي ڇپايا ويا آهن، پهرين ڏينهن جا ڪتاب اڪثر ماستر پوڪرداس شڪاپور واري ۽ ماستر هريسنگهه سکر واري پئي ڇپايا، پوءِ ٻيا پريسن وارا پيدا  ٿي ۽ انهن ڇپايا، جيئن ته الحق پريس يا وڪٽوريا پرنٽنگ پريس سکر وارو ۽ قيصر به پريس ۽ اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪيس ۽ پريميئر پريس حيدرآباد وارا ۽ ٻيا ڇپايا ڪي ته وري لاهور ۾ به ڇپيا.

        اهي سڀ ڪتاب مون جدا جدا پريسن يا ڇاپڻ وارين سوسائٽين کي سواءِ قيمت وٺڻ جي ڏنا، اهي ڪتاب ڇاپائي ڇاپيل تعداد جي چوٿين حصي تائين ڪاپيون وقت بوقت منهنجي گهرڻ تي مون کي ڏيندا هئا ۽ اڃا ڏيندا آهن، مون پاڻ پنهنجي خرچ تي ڪو هڪڙو ٻه ڪتاب ڇپايو، نه ته ٻيا سڀ ٻين ڇپايا، ڪيترا ڪتاب رياست خيرپور مون کان وٺي پنهنجي سرڪاري پريس ”فيض پريس“ ۾ ڇپايا آهن  ۽ اڃا پيا ڇاپين، انهن سڀني ڪتابن جي يا داشت مضمون وار اڳتي ضميمي ۾ ڏني ويندي، انهي کانسواءِ ڪاليج ڊراماٽڪ سوسائٽي لاءِ خاص طرح ڪيترائي شيڪسپيئر جا ناٽڪ سنڌي ۾ لکيم، جي هنن ڇپايا ۽ جسلن جي وقت درخواست يا فرمائش موجب پڙهڻ يا ڳائڻ لاءِ شعر لکي ڏنم، ڪتابن جو تعداد تخميني روءِ مٿي ڏنو اٿم، پر شعر جو تعداد تخميمي روءِ ٻاويهه هزار بيت آهي، جنهن ۾ جدا جدا ڪتابن جو شعر اچي وڃي ٿو، تذڪرن جي ڪتابن ۾ شاعرن جي شعرن يا بيتن  جو شمار ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڪن جو ته وزن ٻڌايو اٿن، مثلا مرزا عبدالقادر ”بيدل“ مشهور شاعر جي تصنيف جو وزن پنج سير لکيو اٿن، مولانا رومي جي”مثنوي“ ۽ فردوسي جي ”شاهنامي“ جو ٽي سير، شيخ فريد الدين عطار جي مثنوين جو شعر هڪ لکي بيت آهن ۽ سندس ديوان ۾ چاليهه هزار بيت آهن، ڇهه هزار ته فقط رباعيون اٿس، ڪاشي شاعر جو شعر ه هڪ لکي بيت آهي، امير خسرو دهلوي جو چار لک آهي وغيره، جن مضمونن تي وقت بوقت تقريرون ڏنيم يا تحريرون لکيم تن جي ياداشت به ضميمي ۾ ڏني ويندي.

        اهي  آهن منهنجا خانگي ڪم جن کي ننڍو يا وڏو سمجهڻ ماڻهن جي ويس ۾ آهي، منهنجا لکيل هيترا ڪتاب جدا جدا پريسن ڇپايا آهن ۽ ماڻهو اهي چاهه مان پڙهن ٿا تنهن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته ماڻهن انهن ڪمن جي قدرشناسي ڪئي آهي ۽ مون کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ مناسب موقعن تي مان ڏين ٿا ۽ پرپٺ تعريف ڪن ٿا، انهي بابت سندن راين جا ڪي ٿورا انتخاب اخبارن مان ورتل ٻارهين باب ۾ ڏنا ويا ويندا.

        هاڻي سوال آهي ته انهن ڪمن جي لاءِ مون کي هڪڙو انعام مليو؟  خانگي مانحن جي طرفان انعام اهو هو جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، يعني قدرشناسي، عزت ۽ آبرو ڏيڻ جو ڪيترن جسلن ۽ ڪانفرنس ۾ هنر مهرباني ڪري مون کي پريزيڊنٽ  يا صدر مجلس چونڊيو هوندو، هڪڙي ٻن هنڌن تي مهرباني ڪري ائڊريس به ڏنائو جا پڻ يارهين باب ۾ ڏنل آهي عزت ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻهن منهنجي تصوير ڇپائي ڪتابن ۾ يا پوسٽ ڪارڊن تي يا جنتري تي يا ٻي طرح پڌري ڪئي هوندي، هڪڙي ڪراچي جي سيٺ منهنجي وڏي تصوير حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ رکڻ لاءِ موڪلي هڪڙي تصوير بمبئي جي ”ٽائمس آف انڊيا“ ۾ ڏني وئي، جنهن جي هيٺان ”شيڪسپيئر آف سنڌ“ لکيو ويو هو، جن جلسن ۾ پريزيڊنٽ ٿيندو آهيان تن جي گڏيل تصوير ڪڍائيندا آهن.

        اها آهي ماڻهن جي صدرداني جي نشاني، سرڪار جي طرفان مون کي ڪنهن به قسم جو خطاب يا لقب ڪو نه مليو آهي، مگر پينشن وٺڻ کان ٿورو اڳي ”قيصر هند“ جو چاندي جو ميڊل يا ٻلو انعام مليو ۽ پينشن وٺڻ کانپوءِ وائسراءِ جي طرفان ۽ سندس صحيح سان ”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ مليو جنهن جو نقل به يارهين ياب ۾ ڏنو ويو آهي، پبلسٽي ڪاميٽي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪمشنر صاحب آفرين نامو ۽ هڪڙي سوني واچ انعام ڏني، ( ڏسو باب 12 نمبر 57) سرڪار مان اسان ڀائرن کي پنهنجي ڪٽنب جي قدامن ۽ آبرو کي نگاهه ۾ رکي نوابشاهه ضلعي ۾ نصرت واهه تي پنج سو ايڪڙ زمين انعام ملي، جا اڃا تائين اسين آباد ڪرائيندا اچون، سن 1924ع جي جنوري مهيني جي پهرين تاريخ مون کي ”شمس العلماءِ“ جو لقب مليو وائسراءِ جي سيڪريٽري  گورنر بمبئي جي سيڪريٽري، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ٻين يورپي توڙي مسلمان ۽ هندو دوستن جا مبارڪبادي جا خط آيا، جن مان ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا، اخبارن ۾ انهي بابت تعريف لکيل هئي، هڪڙي ماهياني زمينداري جنوري واري مخزن ”غنچه اميد“ ۾ منهنجي تصوير به ڏني وئي ۽ انهي هيٺان ”مخلص“ شآعر جو هڪڙو شعر به ڇپايو ويو ۽ مسٽر عيدنمل منگهراج بي، اي، ايل، ايل، بي ايڊيٽر جو مختصر نوٽ به ڏنل هو، جو پڻ ڏنو ويو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org