سالوار ۽ مڪانوار ياداشت، جوڙيل ڪتابن جي *
1870ع – ٻاراڻا شعر، فارسي ۽ سنڌي ۾ -- حيدرآباد.
1872ع – جواهرلسان، فارسي—حيدرآباد.
1874ع – پارسي گرامر جو شجرو انگريزي ۾، پرشن پراسڊي يا فارسي
عروض انگريزي ۾- بمبئي.
1877ع – پرشن ائٽيمالو جي يا اشتقاق فارسي انگريزي ۾ ۽ مقالات
الحڪمت – بمبئي.
1878ع – قصو هرڻي جو شعر ۾ - ڪراچي.
1880ع – ليليٰ مجنون شعر ۽ ناٽڪ، مومل راڻو شعر ۾، راه نجات ۽
هدايت النسوان – ڪراچي.
1885ع – شاهه ڀٽائي جو احوال انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڏاڙهياي جبل جو
سير – نصير آباد وارهه.
1887ع - لييرا ورس انگريزي شعر ۾ ڪافيون ۽ خورشيد ناٽڪ-
نصير آباد.
1888ع - علم اخلاف، صحت النساءِ، علم دستور المعاش، تاريخ
محمدي، رستم پهلوان، مفتاح القرآن فارسي ۾، علامات
القرآن ۽ دلارام- نصير آباد.
1890ع – دلپسند لطيفا (روهڙي)، زينت، دلپسند قصا ٻه ڀاڳا،
(شڪارپور) ۽ تعليم حڪمت ڀاڳو پهريون- نصير آباد.
1891ع – تعليم حڪمت ڀاڳو ٻيو ۽ ٽيو، موهني، مخزن القوافي فارسي
۽ اڙدو- نصير آباد.
---------------------------------------
*منهنجن گهڻ ڪتابن تي ڏنل تبصرا، اخبارن يا رسالن ۾ موجود آهن،
۽ فارسي ۽ سنڌي شاعرن جا شعر به منهنجي نسبت ۾ ڏنل
گهڻا موجود آهن، جن ۾ منهنجي تعريف ۽ هنن جي
مهرباني ۽ حسن طني معلوم ٿئي ٿي، پر اهي ڏيڻ
مناسب نظر نٿا اچن، تنهن کانسواءِ انهن جي ڏيڻ سان
هي دفتر وڏو ٿي ويندو.
----------------------------------
1894ع – بڪاولي ناٽڪ، لوڀي ۽ ٺوڳي ناٽڪ، اسلامڪ
ٿياسفي يا ڪيميايي سعادت انگريزي ۾ - عمر ڪوٽ.
1895ع – زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر، باغ ۽ باغباني، عالم آبي،
حشرات الارض يا جيت ۽ ڪينئان، نانگ ۽ ٻيا سرڻا-
لاڙڪاڻو.
1896ع - نورجهان ۽ جهانگير ناٽڪ، شڪنتلا ناٽڪ، نيم طبيب
۽ نيم ملا ناٽڪ جانور- جيڪب آباد.
1897ع – نادرشاهه ناٽڪ، حسنا ۽ دلدار ناٽڪ، انڪوائري آفيسر
ناٽڪ، ڳوٺن جي وڏيرن لاءِ هدايت ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جو احوال – جيڪب آباد.
1898ع – پکي – جيڪب آباد.
1900ع – عجائب غرائب، شاهه ايليا ناٽڪ، شيخ چلي ناٽڪ، ثابت علي
شاهه جو احوال ۽ سندس مرثيا ڀاڳو پهريون، فارسي
زبان جي تاريخ، چچنامو انگريزي ۾ ۽ سوداي خام ڀاڳو
پهريون – نوشهرو فيروز ۽ حيدرآباد.
1901ع – ڪيميائي سعادت ڀاڳو پهريون ۽ ٻيو، سنڌ جي تاريخ انگريزي
۾، ۽ خودياوري- ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1902ع – لطيفه معرفت ڪرامات الاولياءِ – ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽
ڪراچي.
1904ع – سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، اسلامي درجيوار چار ڪتاب،
جواهر الاخلاق، تهذيب اخلاق، گلشن اخلاق، اخلاق
القرآن و حديث، اخلاق النساءِ، اخلاق صوفيه، فرائض
انساني ۽ ضمان الفردوس – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا
ڪراچي.
1905ع – حقائق الارواح، عالم خواب، رساله ڪريمي، لغات لطيفي،
حالات الاولياءِ، مقالات الاوليا، رباعيت عمر
خيام، فيروز دلفروز ناٽڪ، ڪوٽڙي، حيدرآباد ياا
ڪراچي.
1906ع – مقناطيسي حيواني، حاجتمندي مان طاقتمندي، صداقت
الاسلام، زادالاخرت، ابڪار الافڪار عربي، فارسي ۽
اردو، ثابت علي شاهه جا مرثيا ڀاڳو ٻيو، فئلالا
جيڪل ڪيوريا ۽ سٽيز يعني عجائب الا شتقاق انگريزي-
ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1907ع – نصيحت نامه امام غزالي ميراث المسلمين، مجالس الشهدا،
انجيل، عالم ارواح – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1908ع - اسرار حڪمت، رد تثليث، شمشاد، مرجانه ناٽڪ، سنڌي ٻولي
جي تاريخ – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1909ع – يوسف ۽ فاطمه، گرجي نامه، عزيز ۽ شريف ناٽڪ، گلزار ۽
گلنار ناٽڪ، اشعا القرآن – ڪوٽڙي، حيدرآبا يا
ڪراچي.
1910ع – سوادي خام نئون، ٻيو ڇاپو – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1911ع – حاجي بابا اصفهائي، نيڪي ۽ بدي ناٽڪ، حرڪت مان برڪت
ناٽڪ، سر سهڻي جي شرح، گلن جي ٽوڪري، شرلاڪ هومس
ٻه ڀاڱا، پرشن جيمس يا فارسي جواهر انگريزي شعر ۾
ٽي ڀاڳا- حيدرآباد.
1912ع – ٽي گهر ٻه ڀاڱا، آزاد مان آرام، علم تصوف، لطيفي لات،
تعليم صحت ڀاڱو پهريون، برٽشڊ شهنشاهت، سچو سک ۽
تحفته النسوان – حيدرآباد.
1913ع – لڇمي، الحيات بعدالممات، سسئي جي سرن جي شرح، شاهه
رسالو نئون، علم ادب، طبيعي الهام، جولين هوم ۽
ايرڪ – حيدرآباد.
1914ع – اسلامي پنجون ڪتاب، زنوبيه، راحيل، لوسي، بابا دل، سسئي
کان واءِ ڌڙ، شمرانه يا شيطان جي ناني، شيطان جو
مريد، عجيب طلسم، عجيب الماس، سچي محبت، سنڌي شعر
جي تاريخ، ڇو ۽ ڇا، موتين جي دٻلي ڀاڳو پهريون ۽
ايمرسن جا عجيب نڪتا- حيدرآباد.
1915ع – شرع محمدي، جواني جو اڪسير، چندن هار ڀاڱو پهريون، سنڌ
جي مختصر علمي گلدستو، سندر ۾ وديا، اميد شاهه ۽
شراب ديو ۽ ننڍڙا انسان (ٽيئي ناٽڪ پرهيز يا
ٽيمرنس سوسائٽي لاءِ) – حيدرآباد ۽ ڪراچي.
1914ع – زالن جا فرض، دل جو آرام يا عجيب دوا، هڪڙي گهڙ زال،
ڪادمبري، رعيت نامه، جنگ نامه، علم نحو، سنڌي، سر
سريراڳ جي شرح ۽ اسلامي تحفه – حيدرآباد.
1917ع – چڱي خيال جي ڪرامت، مصيبت ماريا، جارجيا يا گرجستان،
سونهري خيال، عجيب جواهر شهر ۾، تحفه اماميه شعر
۾، نصيب پنهنجي وس، لاله رخ شعر ۾، جمشيد ۽ حميده
ناٽڪ، شڪ جو شڪار ناٽڪ، مختار ثقفي، رواجي حڪمت،
درنجف ۽ ڪشف اعجاز يا گلشن راز شعر ۾ - حيدرآباد.
1918ع – شاهه جي رسالي جي ڪنجي، غلام مان مٿي چاڙهو، پرهيز
نامه، گلزار تعليمي، ٻاراڻا گل ڦل، سيرت النبي
ڀاڱو پهريون، قديمي چيني اخلاق، اثلانٽس، عالم جو
استاد، ڏوهن جي قبولداري، ٻه خط، ٻه ڀائر، ٻه
ڀيڻيون، هڪڙي انڌي شريف زال، شريفه بيگم ۽ عاقل ۽
فاطمه، (ڇهه زناني تعليم جون دل وندرائيندڙ
ڳالهيون) – حيدرآباد.
1919ع – نصيحت نامو ملن لاءِ، حيواني عقل ۽ ان جا مثال، عجيب
ڳالهيون، ايندڙ زمانو، بدايع الوقائع، انجيل،
توريت، زبون شعر ۾ يسوع، مسيح جي سوانح عمري (ثمر
۽ نظم ٻنهي ۾ ڌار ڌار )، هندستان جون ديسي
آکاڻيون، زنانا درجيوار ڇهه ڪتاب ۽ ٻاراڻي تعليم-
حيدرآباد.
1920ع – املهه ماڻڪ شعر ۾ ڀاڱو پهريون، ورزش نامو، سليس صرف
نحو، علم بديع، علم عروض، فوائد الخلاق، لطائق
الطوائف، مئن سان ڪيئن ڳالهائجي، ڀاڄين جا طعام،
بيماري جي سچا ۽ ڪوڙا سبب، ملڪ جي مفلسي ۽ قرض جا
سبب، زينت النسوان، مقدس ڪلام، نصيحت المسلمين،
اخلاق المعصومين ۽ سونهري خيال – حيدرآباد ۽
ڪراچي.
1921ع – سنڌي گرامر وڏو، خصاص القرآن، سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن
جا مشهور ماڻهو – حيدرآباد.
1922ع – سنڌ جي مختصر جاگرافي، تصوف جي تاريخ، ديوان گل جي شرح،
اسلامي حق نامو، تقريرون ۽ تحريرون، يادگيريون،
حجته الشيعته، محبت آل عبا، عقود الالي، اصلاح
نامو، چيستانا يا ٻارن جي وندر، هزليات، مومل راڻي
جي شرح، اسلام جا ٽيهتر فرقا، رياست خيرپور جي
تاريخ، تحفه اسماعيليه، اسلام تعليم، سعادت نامو،
شعر ۾، روشنائي نامه شعر ۾، عبادت نامه، تحفته
السالڪين، جهڙو خيال تهڙو حال، سئنڊفرڊ ۽ موٽن،
گليور جو سير ۽ سفر، رابنسن ڪروسو، خانبهادر حسن
علي آفندي جي سوانعمري، حقيقت الربي – حيدرآباد.
1923ع – شاهزادو بهرام، يا هئملٽ جو ناٽڪ، اسلام بموجب اصول ٿيا
سفي فارسي ۾ ، استاد جي قدمن وٽ، چچ نامو سنڌي،
قديم سنڌ جا ستار يعني مصنف ۽ شاعر، ڪريسيس،
تواريخ القرآن و الحديث، لغات قديمي سنڌي، طلب
العلوم في الاسلام، شيخ بوعلي سينا، چندن هارڀاڱو
ٻيو، شعر، املهه ماڻڪ ڀاڱو ٻيو شعر، موتين جي
دٻلي ڀاڳو ٻيو شعر، سوادي خام ڀاڳو ٻيو شعر،
منهنجي پنهنجي سوانحعمري يعني سائو پن يا ڪارو پن،
فرهاد ۽ شيرين جو ناٽڪ شعر ۾، شطحيات صوفيه، امام
محمد غزالي جي سوانحعمري، حڪيم ناصر خسرو علوي جي
سوانحعمري- حيدرآباد.
1924ع – طب مطبوع ۽ مخزن منظوم (شعر ۾)، مشنوي ترڪيب الانسان
شعر ۾، شاهنامي وارا شاهه، وامق ۽ عذرا، سائنس جا
عجائب غرائب، علم رمل، مفتاح الرمل، منهنجو عجيب
گهر، خواب ۽ تعبير ٻه رسالا – حيدرآباد.
1925ع – منتخب المعلومات، سڌاري جي شروعات، انگي حساب ٽي حصا-
حيدرآباد.
1926ع – عملي مذهب، مصر نامه، ڪامل انسان، مجمع المذاهب، چين ۽
چيني ماڻهو، شرح ديوان قام ۽ فاضل ماڻهو ڪيئن ڄمن
ٿا 7 رسالا- حيدرآباد.
1927ع – بابل ۽ نينوا، حضرت سليمان، سچي مردانگي، گلدسته، جمد و
ثنا، لسان الغيب، خطبا، مشنوي مطلع الانوار، مشنوي
مخزن الا سرار، بدر منير ۽ بينظير، صلح ڪل، نه
ڄاولن ماڻهن جو روح (2 رسالا) فقه جا عجيب مسئلا،
ماڻهو پنهنجي پاڻ طبيب، انسان جا محاطڦ ۽ موت
کانپوءِ حياتي ۽ عالمگير مذهب.
1927ع – ٻڌو ۽ ڏسو، ڪافيون، دنيا جي مختصر تاريخ، ديوان قليچ،،
باب ۽ بابي، مولانا جلال الدين رومي، ٽالپرن جي
صاحبي انگريزي ۾، خذينه زرينه فارسي، خزينه سيمسين
فارسي، ڪامل انسان ٻيو ڀاڱو زيب النساءِ، بيگم،
سلطان علا الدين ۽ راڻي پدمڻي، پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس،
علم موسيقي، حسن، عشق ۽ ان جا ڪرشما ٻه ڀاڱا ۽
حسينه.
---------------------------
جن موقعن ۽ مضمونن تي مون تقريرون يا
تحريرون ڏنيون، تن جو تفصيل.
تقريرون
1908ع – ڪراچي ۾ آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ۾ سنڌي
لٽريچر تي تقرير.
1914ع – حيدرآباد ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ جي جلسي ۾ ”سنڌي شعر“
تي تقرير.
1914ع – حيدرآباد جي نوود ياليه جي آسپاس جي ٻولي واري جلسي ۾
پرهيز بابت تقرير.
1914ع – شڪارپور جي ” ٽمبرنس ڪانفرنس“ ۾ نشي بابت تقرير.
1915ع – ڪراچي ۾ انسانيت بابت تقرير.
1915ع – لاڙڪاڻي ۾ نشي ۽ پرهيز بابت.
1916ع – حيدرآباد ۾ پرهيز بابت.
1918ع – ڪراچي ۾ اردو زبان جي ترقيءِ بابت.
1919ع – خيرپور ۾ اردو بابت.
1919ع – سکر ۾، عربي ۽ فارسي علم بابت.
1919ع – خيرپور ۾، عربي ۽ فارسي علم بابت.
1920ع – ڪراچيم مسلمانن جي هڪڙي عجيب تاريخي واقعي بابت
1920ع – ڪراچي پردي بابت.
1920ع – ڪراچي، شعر جي علم ۽ هنر بابت.
1921ع – حيدرآباد ”انجمن اماميه“ جي جلسي ۾ مذهبي تقرير.
1921ع – حيدرآباد، تصوف بابت تقرير.
1920ع – ڪراچي، زناني تعليم ۽ اخلاق بابت.
1922ع – حيدرآباد ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ بابت.
1922ع – حيدرآباد، سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر بابت.
1922ع – حيدرآباد، شاهه ڀٽائي جي علميت بابت.
1922ع – لاڙڪاڻي شهر جي شرف ۽ شان بابت.
1923ع – ڪراچي صوفين جي مجزوبي حالت ۽ شاهه ڀٽائي جي علميت.
1924ع – حيدرآباد اسلام ۾ علم جي ڳولا.
1925ع – ماڻهو ڪنهن کي چئجي ۽ ڪيئن ٿجي؟
تحريرون:
1905ع – ”سيواسدان منڊلي“ جا چار پرچا، حياتي جي امانت ۽ انساني
فرض ۽ انهي بابت شاعرن جا خيال.
1915ع – ”جپ صاحب“ جي ڪتاب تي تقريظ.
1916ع – سنڌ جي مسلمانن جي تعليم بابت.
1916ع – امينن جي ڪورٽن بابت.
1918ع – طبعي ترت علاجن جو ديباچو.
1921ع – سوراج بابت.
1921ع – ”پبلسٽي ڪميٽي“ لاپرچا.
سوراج ۽ سوديشي تحريڪ، مقصد هڪڙو ۽ رستا علحده، قدع تعلقات جي
مدعا ۽ نتيجو مهاتما گانڌي جو سوراج، گرم ڌرمان
نرم ڌر، ملبارجا موبلا، سرڪار ۽ مسلمان.
1922ع – راڳ بابت.
1924ع – پوک جي علم ۽ هنر بابت.
--------------------
منهنجي ڪتابن جا علحده ڇاپائيندڙ يا پريسن جا مالڪ.
پئسه اخبار، لاهور پريس.
اسلاميه پريس، لاهور.
الحق پريس، سکر.
قيصريه پريس، حيدرآباد.
پريميئر پريس، حيدرآباد.
اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد.
فيض پريس، خيرپور.
سنڌ ڪاليج ڊرامٽڪ سوسائٽي.
سرڪاري تعليم کاتو.
ڪمشنر پريس، ڪراچي.
بائبل مشن سوسائٽي.
مسٽر پوڪرداس، شڪارپور.
مسٽر هريسنگ، سکر.
مسٽر بگومل تلسيداس، حيدرآباد.
محمد يوسف حاجي هارون، ڪراچي.
ڀارتواسي پريس، حيدرآباد.
ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد ۽ ڪراچي.
مدرسته اسلام، ڪراچي.
مسٽر شيرازي بهائي.
شيخ عبدالرحيم، حيدرآبادي.
منشي مومن، سکر.
ميان محمد هاشم خواجو، حيدآبادي.
سنڌي ساهت سوسائٽي، حيدرآباد ۽ ڪراچي.
ديس متر، حيدرآباد.
جووينائل ڪوآپريٽو سوسائٽي.
منهنجا ٻيا پنهنجاڇپايل ڪتاب، بلئوٽسڪي پريس حيدرآباد.
-----------------------------
مضمون وار ڪتابن جي فهرست
1-انگريزي مان ترجمو ٿيل:
توريت يا قديم عهدنامو، انجيل يا نئون عهدنامو، دائود
جا زبور (شعر ۾) يسوع مسيع جي سوانحعمري (شعر ۾)،
يسوع مسيح جي حياتي جو اُحوال، علم، اخلاق،
مقالات، الحڪمت، خودياوري، دلپسند قصا، علم دستور،
المعاش، برٽش شهنشاهت، حاجتمندي مان طاقتمندي،
آزار مان آرام، جهڙو خيال تهڙو حال، نصيب پنهنجي
وس، اسٽنئڊ فرڊ ۽ مرٽن، گليور جو سير ۽ سفر،
رابنسن ڪروسو، ٽي گهر، ايرڪ، جولين هوم، گلزار ۽
گلنار، عزيز ۽ شريف، جمشيد ۽ حميده، شمشاد ۽
مرجانه، شڪ جو شڪار، شاهه ايليا نيڪي ۽ بدي، حسنا
۽ دلدار، شرح محمدي، رواجي حڪمت، هند جون ديسي
آکاڻيون، دل وندرائيندڙ ڳالهيون، شرلاڪ هومز، گلن
جي ٽوڪري، سچي خيال جي ڪرامت، مصيبت ماريا، لال رخ
(شعر ۾) سونهري خيال، عجيب جواهر (شعر ۾)، حاجي
بابا اصفهاني، فيروز ناٽڪ، سچي محبت، پوک ڪرڻ جو
علم ۽ هنر، باغ ۽ باغياني، تهذيب اخلاق، مخلوقات
(پنج ڀاڱا) فرائض انساني، تعليم حڪمت ( ٽي ڀاڱا)
مقناطيس حيواني، انڪوائري آفيسر، اٽلانٽس، ايندڙ
زمانو، ٿياسافي، غلامي مان مٿي چاڙهو، ايمرسن جا
عجيب نڪتا، ست واديون، بهائي مذهب جي تعليم، عالم
جو استاد، اسلام بموجب اصول ٿياسفي ۽ استاد جي
قدمن وٽ.
2- انگريزي ۾ لکيل ڪتاب:
سننڌ جي تاريخ (2 جلد)، جواهر فارسي، (شعر ۾ 3 جلد)،
زبانن جي عجيب موافقت، فرصت جو وقت (شعر ۾ ٻه
ڀاڳا) ڪيميائي سعادت، علم عروض فارسي، فارسي گرامر
جو شجرو، اشتقاق فارسي، عجيب جواهر (2 ڀاڱا)، شاهه
ڀٽائي جو احوال، مرزا خسرو بيگ جي سوانحعمري.
3- ٻيا سنڌي ڪتاب مذهب، فلسفي ۽ اخلاق بابت:
مفتاح القرآن فارسي، سيرت النبي، خصائص القرآن، اشعار
القرآن، اخلاق القرآن والحديٽ، حالات الاولياءِ،
مقالات الاولياءِ، ڪرامات الاولياءِ، اسلامي
رسالو، راه نجات، زاد الاخرته، ضمان الفردوس،
ميراث المسلمين، عالم ارواح، عالم خواب، مقدس
ڪلام، علم تصوف، تصوف جي تاريخ، نصيحت المسلمين،
مقالات الحڪمت، رد تثليث، يوسف ۽ فاطمه، گلشن
اخلاق، جواهر الاخلاق، تهذيب الخلاق، فوائد
الاخلاق، اسلامي ڪتاب نوان ۽ پراڻا (ست) تحفته
السالڪين، تحفه اسماعيليه، حجته الشيعته، محبت آل
عبا، عقود الالي، صداقت الا سلام، قديم چيني
اخلاق، اخلاق النساءِ، اخلاق صوفيه ۽ اخلاق
المعصومين.
4- ناٽڪ:
خورشيد، نورجهان، نادر شاهه، شڪنتلا، بڪاولي، لوڀي ۽
ٺوڳي، شيخ چلي، حرڪت مان برڪت، نيم طبيب ۽ نيم
ملا.
5- قصا ۽ ناول
زينت، زنونيه، بادل، لڇمي، عجيب طلسم، عجيب الماس،
راحيل، شيطان جو مريد، شيطان جي ناني، عجيب
ڳالهيون، ڪاڊمبري، وامق ۽ غدار.
6- علمي ۽ تعليمي ڪتاب:
سنڌي ٻولي جي تاريخ، سنڌي شعر جي تاريخ، شاهه ڀٽائي جو
احوال، رسالي جي ڪن سرن جي شرح، ديوان گل جي شرح،
مومل راني جي شرح، مصارع الامثال فارسي، ثابت علي
شاهه شاعر جو احوال ۽ سندس مرٿيا، نئون شاهه جو
رسالو، سنڌي گرامر سليس، سنڌي گرامر وڏو، علم نحو،
علم بديع، سنڌ جي تاريخ وڏي، سنڌي جي تاريخ ننڍي،
سنڌ جي جاگرافي، تعليم نامو، ورزش نامو، نصيحت
نامو، عبادت نامو، قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽
ماڻهو، قديم سنڌ جا ستارا، چچ نامو، سنڌي ڪرسيس.
7- زناني تعليم جا ڪتاب:
زنانا درجيوار ڪتاب، اخلاق النساءِ، هدايت النسوان، صحت
النساءِ، زناني تعليم جون ڳالهيون، زالن جا فرض.
8- شعر جا ڪتاب:
زبور، يسوع مسيع جي سوانحعمري، عجيب جواهر، لاله رخ،
تحفه اماميه، ليليٰ مجنو، ڪشف اعجاز، رباعيات عمر
خيام، موتين جي دٻلي ٻه ڀاڱا، چندن هار ٻه ڀاڱا،
املهه ماڻڪ ٻه ڀاڱا، سوادي خام ٻه ڀاڱا، هزليات
چيستانا، روشنائي نامو، سعادت نامو، طب طبعي،
مثنوي جام جم، مثنوي تحفقه الاحرام، مثنوي ترڪيب
الانسان ۽ فرهاد شبرين.
9 – متفرفه:
عجائب غرائب، علمي گلدسته، الحيات بعدالممات، ڇو ۽ ڇا،
جواني جو اڪسير، جنگ نامو، رعيت نامو، جارجيا يا
گرجستان، ڏاڙهياري جبل جو سير، بدايع الوقائع،
ڀاڄين جا طعام، حيواني عقل ۽ ان جو ڳالهيون،
سيواسدن جا پرچا، تقريرون ۽ تحريرون، يادگيريون،
خان بهادر حسن علي آفندي جي سوانحعمري، حقيقت
الربي، منهنجي پنهنجي سوانحعمري، تواريخ القرآن و
الحديٽ، قديمي سنڌي، طلب العلم في الاسلام، شيخ بو
علي سينا ۽ امام محمد غزالي.
--------------------------------
مرحوم مرزا صاحب جي ڊائري يا روزنامچي جو انتخاب
نوٽ: مرحوم مرزا صاحب جن جي آخري ڊائري يا روزنامچو،
سنه 1914ع کان 10 جون 1929ع تائين رکيل آهي، ان
جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو، معلوم رهي ته مرحوم مرزا
صاحب تاريخ 3 جولاءِ سنه 1929ع تي وفات ڪئي هئي.
سن 1914ع
.11- اپريل: رات جو اسان ۽ سڊني بيگ جا ٻار ٻچا، مائي مهلبي ۽
مائي حرمت ۽ خدابخش – نوڪرياڻين ۽ نوڪر جا نالا –
کي ساڻ وٺي خيرپور وياسين، اتي فجر جي وقت
پهتاسين، چڱي طرح سان رهياسين، رات جو کاني جي
مجلس ۾ شريڪ ٿياسين ۽ ورندي رات جو هڪ ناٽڪ، جو
اسان جي ڏسڻ لاءِ ڪيو ويو هو، اهو ڏٺوسين ۽ پوءِ
”فيض محل“ ڏسڻ وياسين، تاريخ 14 اپريل ميان پير
بخش شڪارپور وياسين، مسٽر پوڪرداس، مير علي نواز،
خان ۽ ٻيا ماڻهو اسٽيشن تي گڏيا، رات جو ڊاڪٽر
بنگلي ۾ ٽڪياسين ۽ ڏينهن جو شهر گهمڻ لاءِ وياسين،
شام جو وري خيرپور موٽياسين، اڳيئن رات ٻارٻچا
موٽر ڪار ۾ ”فيض محل، ڏسڻ ويا ۽ ٻئي ڏينهن گمبٽ
ڏانهن ويس ۽ زيارت ڪيم، پير صاحب ۽ فقير صاحب سان
گڏيس، شام جو وري موٽي آيس، 18- تاريخ شام جو
رزروڊ گاڏي ۾ موٽي آياسين، خيرپور ۾ نادر بيگ وارا
پڻ آيا ۽ اسان سان اچي مليا.
.16- مئي: مسٽر پرڀداس ۽ بولچند، نوودياليه هاءِ اسڪول
وارا، مون کي ”بئنڊ آف هوپ“ ( آس جي ٽوليِءَ)
وارن کي انعام تقسيم ڪرڻ لاءِ وٺي ويا، اتي گهڻا
ماڻهو هئا، سيڪريٽري منهنجي نسبت ۾ گهڻوئي ڪجه
ڳالهايو ۽ تعريف ڪئي ۽ مسٽر پرڀداس به اٿي مون
لاءِ ڳالهايو، مون کي هڪ ميڊل هنيائون ۽ وڏو هار
پاتائون، راند روند کانپوءِ مون ٻارن کي انعام ڏنا
۽ ننڍي تقرير به ڪئي ۽ جيڪو شعر لکي آيو هوس، سو
به پڙهيم، پوءِ کير جو هڪ گلاس پياريائون، آخر مون
کي موٽائي گاڏي تي چاڙهي گهر ڇڏي ويا.
.12- آگسٽ: ٻن ڏينهن کان درياهه جو پاڻي چڙهيو هو،
جنهن ڪري ڦليلي جي منهن تي گهلين وارو بند ٽٽي پيو
۽ پاڻي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو، ريلويجو بند به ٽُٽي پيو.
ڳوٺ ۾ ڀَٽين جا گهر ڪري پيا ۽ چوڌاري پاڻيءَ جي
اَڇ لڳي ويئي. انهيءَ ڪري اسين ٻارن ٻچن سميت شام
جي وقت ڳوٺ مان نڪري وڃي محمد سليمان واري گهر ۾
رهياسين. ٻيا مرزا صاحبان پڻ ڳوٺ خالي ڪري ويا.
20 آگسٽ: شام جي وقت اسين موٽي پنهنجي گهر ڏانهن آياسين.
24 آگسٽ: رمضان شريف جي عيد آهي. خير سان ٽيهه ئي
روزا رکيم، عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾
پڙهيسين، جنهن جي مرامت تازو ٿي هئي. ڏينهن خير و
خوبيءَ سان گذريو.
4- سيپٽمبر : مسٽر آدرجي منڇر جي دلال، منهنجو
ڪاليج جو سنگتي، چاليهن سالن کان پوءِ سير ڪندي
اچي سنڌ کان نڪتو ۽ مون سان گڏيو. ڪوئيٽا کان مون
ڏانهن خط لکي، پنهنجي اچڻ جو احوال ڏنائين، مسٽر
سوپاري والا وٽ ترسيو هو. ان کي فجر جو وڃي گڏيس ۽
شام جو هو ۽ مسٽر سوپاريء والا ٻئي ڄڻا گڏجي مون
وٽ آيا. کين کاڌو کارايوسين، سڊني بيگ [مرزا صاحب
جو ڀائٽيو ۽ نياڻو] پڻ شامل هو. مسٽر ٽيڪچند، سابق
پبلڪ پراسيڪيوٽر به آيو هو، جو پڻ ڪاليج جو سنگتي
هو.
5- سيپٽمبر: آءٌ فجر جو ويس ۽ مسٽر آدرجيءَ کي
پنهنجي گاڏيءَ ۾ وٺي ميرن جا قبا گهمائڻ ويس،
موٽڻ وقت مسٽر ٽيڪچند وٽ پڻ وياسين. مسٽر ليلارام
سنگ، جو پڻ ڪاليج جو سنگتي هو، اُتي گڏيو،
ويٺاسين، خوب صحبت ڪئيسين، چانهه پيتيسين، ميوو
کاڌوسين ۽ پوءِ مسٽر آدرجي ڪراچيءَ ڏانهن وڃڻو هو.
6- سيپٽمبر: آچر جي ڏينهن آءٌ، سڊني بيگ ۽ ناصر
علي [مرزا صاحب جو ڀاڻيجو] پيرين پيادل گنجي ٽڪر
تي گهمڻ وياسين. اُتي دلاور پنهور ۽ ان جو ڀاءُ،
روٽي، جهڻ، مکڻ ۽ کنڊ کڻي آيا. کائي تازا ٿياسين ۽
پوءِ واپس ورياسين. نهايت ٿڪل هئاسين.
7- سيپٽمبر: آءٌ ديهه نصرت (نوابشاهه) پنهنجي
ٻنيءَ تي ويس. ڏينهن نوابشاهه شهر ۾ گذاري، شام جو
پنهنجي کيتيءَ ڏانهن وياسين. سڪندر بيگ [مرزا صاحب
جو ڀائٽيو] اڳيئي اُتي هو.
18- سيپٽمبر: جمعي جي ڏينهن، اسد بيگم طولعمره جي
پهرين سالگرهه هئي. شاديءَ جهڙو عمدو کاڌو ڪيوسين،
آسپاس وارن گهرن ۾ ورهايوسين، ٻارن کي پنهنجي گهر
۾ سڏائي بسڪيٽ، ڪيڪ، ميوو وغيره کارايوسين ۽ هار
وڌاسين. مون ۽ سڊنيءَ ٻاهر اوطاق ۾ کانو کاڌو.
وقت خير جو گذريو.
19- آڪٽوبر: سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جو ساليانو جلسو
ٻه ڏينهن ٿيو. مون کي اُن جو پريزيڊنٽ ڪيو هئائون.
گهڻائي ماڻهو آيا هئا. وقت نهايت چڱو گذريو.
31- آڪٽوبر: ڪالهه جمعي جي ڏينهن حج هو ۽ اڄ حج جي
عيد آهي. اختر بيگ [مرزا صاحب جو فرزند] به خيرپور
م کان آيو هو ۽ سڊني بيگ به ڪراچيءَ کان آيل هو.
عيد جي نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ گڏجي پڙهيسين. چڱو
وقت گذريو. ٻن ڏينهن کان پوءِ اختر ۽ سڊني موٽي
ويا.
29- نومبر: آچر جو ڏينهن ۽ عاشوري جو روز هو.
سڊني بيگ ڪراچيءَ مان موڪل تي آيو. اسان ڪيڏانهن
به نه وياسين. روزانو اوطاق ۾ رات جو نوين – ڏهين
بجي تائين ويهندا هئاسين. مرزا علي اشرف، مرزا علي
اڪبر، ناصر علي ۽ ڪي ٻيا ماڻهو پڻ ڪڏهن ڪڏهن
ايندا هئا. اٺين محرم جي تاريخ تي، مرزا علي مدد
جي دعوت تي ، منبر واري مجلس ۾ وڃي شريڪ ٿيس.
5- ڊسمبر: آءٌ پنهنجي ٻنيءَ تي (ديهه نصرت،
نوابشاهه) ويس. اناج جي بٽئي ڪرايم.
11 – ڊسمبر: سرڪاري پينشن جا اَٺ هزار روپيا مليا،
جي بئنڪ ۾ رکايم.
27- ڊسمبر: پنهنجن ٻارن ٻچن، اختر ۽ همايون سان گڏ
ڪراچيءَ ڏانهن ويس. خيرپور واري اسٽيٽ بنگلي ۾
رهياسين، جو پنهنجو بنگلو خالي ٿي نه سگهيو.
سن 1915ع
1- جنوري: خيرپور واري اسٽيٽ بنگلي مان لڏي، بندر روڊ تي سينٽرل
هوٽل جي ڀر واري پنهنجي بنگلي ۾ وڃي رهياسين. اختر
بيگ ۽ همايون هليا ويا.
24- جنوري: مسٽر سورابجي، ان جي گهر واري ۽ ٻار
ٻچا شام جي وقت اسان وٽ آيا ۽ چانهه وغيره
پيتائون.
17- اپريل: مسٽر غلام علي چاڳلا، يوسف علي علي
ڀائي، غلام حسين قاسم، مير ايوب خان ۽ ڊاڪٽر
محمديءَ کي رات جي کاني جي دعوت ڏنيسين. صبح جو
ٻارن ٻچن کي هوا بندر گهمائڻ وٺي وياسين. واٽ تي
موٽندي مهل مسٽر غلام علي چاڳلا جي گهران به ٿيندا
آياسين، ان کان اڳ به، هڪ پورو ڏينهن، مسٽر غلام
علي چاڳلا جي بنگلي ۾ ڪلفٽن تي وڃي گذاريوسين. هڪ
ڏينهن مسٽر سورابجي ۽ کهنباٽا جون ٻه نياڻيون به
اسان جي گهر آيون هيون ۽ اسان به اُن جي گهر ٻارن
ٻچن سميت وياسين.
29- اپريل: اسان سڀ حيدرآباد موٽياسين، سڊني بيگ ج
به ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيو، جو اُن جي
بدلي سڪرنڊ ۾ ٿي هئي.
19- جون: آءٌ نبي بخش (نوڪر) کي ساڻ وٺي، رات
واري گاڏيءَ ۾ نوابشاهه ويس، سڊني بيگ به اُتي
گڏيو. صبح جو کيتيءَ تي وياسين. نياز حسين (مرزا
صاحب جو ڀائٽيو) به گڏ هو. آچر جو ڏينهن کيتيءَ تي
رهي، سڊني پنهنجي منزل ڏانهن هليو ويو. شام جي وقت
اسان به نوابشاهه آياسين، اتي سڊني به گڏيو. اسان
رات واري گاڏيءَ ۾ موٽي حيدرآباد آياسين.
3- جولاءِ: ڪمشنر صاحب مون کي صاحبلو ڪن کان سنڌي
زبان جي امتحان وٺڻ لاءِ ممتحن مقرر ڪيو. آءٌ
ڪراچيءَ ۾ صاحبلوڪن جو امتحان وٺڻ ويس ۽ 7- جولاءِ
تي حيدرآباد موٽيس. ڪراچيءَ ۾ خيرپور اسٽيٽ بنگلي
۾ رهيس.
26- جولاءِ، مطابق 13 رمضان سنه 1333هه: سومر جي
ڏينهن، ٽي وڄي سَت منٽ ٿيا هئا ته مون کي هڪ نياڻي
ڄائي. ٻار جو نالو شهاد بيگم رکيو ويو.
2- سيپٽمبر: آءٌ ڪراچيءَ ۾ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشن
ڪميٽيءَ لاءِ ويس، جا سنڌ ڪاليج ۾ منعقد ٿي هئي.
4- تاريخ وري حيدرآباد موٽيس.
20- آڪٽوبر: حج جي عيد هئي ۽ سڊني بيگ به آيو هو.
ڏينهن خير سان گذريو.
7- نومبر: لاڙڪاڻي ڏانهن ويس، ٽين بجي مهل ڏينهن
جو اُتي پهتس. لاڙڪاڻي جا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان
اسٽيسن تي گڏجڻ لاءِ آيا هئا. وڏيءَ محبت سان مليا
۽ مون کي جلوس جي صورت ۾ شهر لاڙڪاڻي ۾ آندائون ۽
سرائي گوهر خان جي بنگلي ۾ رهيس. ٻه ڏينهن لاڳيتو
ڪانفرنس ۾ مشغول رهيس. محمدن ائسوسيئيشن وارن مون
کي ائڊريس ڏني. مون مدرسو ڏٺو. اُتان 9- تاريخ شام
جو حيدرآباد لاءِ روانو ٿيس. سڀ ماڻهو هندو ۽
مسلمان اسٽيشن تي آيا، ۽ 10- تاريخ صبح جو گهر
(حيدرآباد) پهتس.
سن 1916ع
21- جنوريِ آءٌ گذشته ڊسمبر جي 29- تاريخ کان بيمار ٿي پيو هوس.
نمونيا جي شروعات هئي. سول سرجن کي به سڏايو
هوسين. الله پاڪ پنهنجي مهرباني ڪئي، جو آءٌ چڱو
ڀلو ٿيس. اڄ 21- تاريخ پهريون گهمرو پنهنجي اوطاق
مان وڃي چڪر ڏيئي آيس. منهنجي ڀيڻ 6- جنوريءَ تي
وفات ڪئي هئي، پر جيئن ته آءٌ بيمار هوس، تنهن ڪري
مون کي اُن جي وفات جي خبر نه ٻُڌايائون، جا اڄ
مون ٻُڌي ۽ ڏاڍو ڏک ٿي. ٻه دفعا سڊني بيگ موڪل
وٺي مون وٽ آيو هو ۽ نادر بيگ هڪ دفعو آيو. هو.
ٻيا به گهڻائي دوست احباب پُڇڻ آيا هئا.
13- فيبروري: آچر جي ڏينهن آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ ٻه
ڏينهن اُتي رهيس. مسٽر غلام علي چاڳلا جي معرفت
پنهنجو اڳيون بنگلو، ڊاڪٽر خوبچند کي چاليهين
هزارين روپين ۾ غلام علي چاڳلا وٽ ڇڏي آيس.
16- تاريخ ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد موٽي آيس.
14- مئي: ايڊيوڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ ڪراچي ويس. ٽي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهي. موٽي
آيس.
سن 1917ع
10- جنوري: آءٌ ڪراچيءَ ويس. گورنر صاحب بمبئيءَ وٽ ڊيپوٽيشن
وڃڻي هئي. اسٽيٽ بنگلي ۾ اڳيئي مسٽر ڀرڳڙي لٿل هو،
تنهن ڪري وڃي نادر بيگ وٽ رهيس. مسٽر جهانگير
ڪوٽوال ۽ دستور ۽ ڊاڪٽر ڍلاس سان به ملاقات ٿي.
14- تاريخ ڪراچيءَ کان موٽي حيدرآباد آيس.
7- مارچ: شام جو مسٽر حامد علي آيو ۽ کاڌو
کاڌائين. اڳئين ڏينهن تي پنهنجي اچڻ جو اطلاع تار
جي رستي ڪيو هئائين. مسٽر حامد علي کي وٺڻ لاءِ
حيدرآباد اسٽيسن تي پهتس.
12- مارچِ خيرپور ميرس ڏانهن ويس. ٻه ڏينهن اُتي
رهيس. ادي محمد ابراهيم سان گاڏيءَ ۾ هوا کائڻ ۽
شهر گهمڻ لاءِ ويس. هڪ رات، اُتي جي معزز ماڻهن جي
دعوت ۾ شريڪ ٿيس.
15- مارچِ خيرپور کان گهوڙي گاڏيءَ ۾ سکر وياسين.
ڀائي محمد دائود ۽ قاي عبدالقيوم به گڏ هئا. اسٽيٽ
بنگلي ۾ لٿاسين. ٻنپهرن کان پوءِ مسلمانن جي
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿياسين. پهرئين اجلاس جي صدارت مون
کي ڏني هئائون. مون هڪ تقرير مسلمانن جي علمي ۽
ادبي ترقيءَ بابت پڙهي. ٻه ڏينهن ٻيا به اُتي
رهياسين ۽ صبح شام ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿينددا رهياسين.
نهايت چڱي ڪانفرنس ٿي. گهڻيون ئي تقريرون ۽ شعر
پڙهيا ويا ۽ ماڻهو عطيا ڏيندا رهيا، بلڪه روپين جي
ڄڻ برسات وسي رهي هئي. اسين 17- تاريخ جي شام جو
اتان روانا ٿياسين ۽ حيدرآباد موٽي آياسين. دوستن
مون کي شڪارپور ڏانهن هلڻ ۽ سکر ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ
رهڻ لاءِ زور ڪيو، پر آءٌ رهي نه سگهيس ۽ کانئن
معافي وٺي حيدرآباد هليو آيس.
18- مارچ: عبدالله (نوڪر) کي ساڻ وٺي آءٌ ڪراچيءَ
ويس. ڪئنبٽ اسٽيشن تي نادر بيگ ۽ ٻيو هڪ صاحب
گڏيو. اُنهن سان گڏجي اسٽيشن تي پهتاسين، جتي
ڪراچيءَ جا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان آيا هئائ. هڪڙو
وڏو ۽ عمدو هار منهنجي گلي ۾ وڌائون ۽ پوءِ وڃي
اسٽيٽ بنگلي ۾ لٿاسين. ٻئي ڏينهن تي ”اردو
ڪانفرنس“ هئي، جنهن ۾ آءٌ پريزيڊنٽ هوس. تمام گهڻا
ماڻهو هئا. مون تقرير ڪئي. مسٽر ڀرڳڙي به اسٽيٽ
بنگلي ۾ مون سان گڏ هو.
2- اپريلِ شام جو ڪمشنر صاحب جي پارٽيءَ ۾ ويس،
رات جو اُتان دير سان موٽيس. گهڻائي ماڻهو ملاقي
ٿيا.
3- اپريل : ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيس ۽ اُتان
ميرپور ويس. مسٽر عبدالقادر ۽ محمد حسين به ميرپور
تائين گڏ هئا. 6- تاريخ سڊني بيگ به هڪ هفتي جي
موڪل تي ميرپور آيو، ۽ 11 تاريخ شام جو اُتان
موٽي ويو.
5- مئي: اسان ميرپور کان ڏينه واري گاڏيءَ ۾
حيدرآباد آياسين، مرزا علي حسين ۽ اختر گڏ هئا.
مرزا علي اڪبر اسٽيشن تي آيو هو. خيرپور اچي ڳوٺ
پهتاسين. معلوم ٿيو ته اسان کانپوءِ اسان جي گهرن
جي ڪوٺين مان پندرهن ڪوئا مُئل لڌا. ڪوٺين کي
ڊاڪٽر جي معرفت دوائن سان صاف ڪرايوسين.
7 جولاءِ : شام جو ڀائي محمد ابراهيم ۽ مسٽر غلام
حسين ۽ مسٽر ضياءُ الدين ۽ مسٽر آخوند جي مهماني
ڪئيسين. مسٽر ڀرڳڙي، بيماريءَ سبب نه اچي سگهيو.
11 جولاءِ : خميس جي ڏينهن رمضان جي عيد ٿي. خير
سان رمضان شريف جا ٽيهه ئي روزا رکيم. ڳوٺ واريءَ
مسجد ۾ عيد نماز پڙهيسين. سيد محمد شاهه نماز ۽
خطبو پڙهاي. سارو ڏينهن خير و خوبيءَ سان بسر
ٿيو.
10- آگسٽ: مکي پريتمداس جي باغ ۾ شام جو پارٽيءَ ۾
ويس. هوم رول ڪانفرنس وارا ماڻهو آيا هئا. مسز
سروجني نئڊو ۽ مسٽر غلام علي چاڳلا، يوسف علي ڀائي
۽ ين سان گڏيس.
15- سيپٽمبر: مسٽر . . . . . .مل سيشن جج جي دعوت
تي ۽ ان جي پٽ جي اچڻ تي آءٌ شام جو، مکيءَ جي باغ
۾ پارٽيءَ تي ويس. موٽڻ وقت مسٽر منيرام مون سان
گڏ گهر تائين آيو ۽ مون کي ڇڏي موٽي ويو.
17- سيپٽمبر: اڱاري جي ڏينهن حج جي عيد هئي. ڳوٺ
واريءَ مسجد ۾ عيد جي نماز پڙهيسين. وقت خير سان
گذريو.
5- آڪٽوبر: مسٽر پرڀداس جي چوڻ تي، ايني بيسنت هال
۾ ڊاڪٽر هرنامداس جو ليڪچر هو، ان تي ويس. مون کي
پريزيڊنٽ ڪيو هئائون. مون کي وٺڻ لاءِ گاڏيءَ تي
ماڻهو آيا ۽ گاڏيءَ تي مون کي گهر پهچايائون.
سن 1918ع
8 – اپريل: آءٌ ۽ سڊني بيگ ٻارن ٻچن سميت شام واري گاڏيءَ ۾،
پنهنجي ڳوٺ واريءَ اسٽيسن تان سوار ٿي، ميرپور خاص
وياسين.
9- مئيِ ميرپور کان موٽي حيدرآباد آياسين. سڊني
بيگ وارا اُتي رهي پيا. ميرپور ۾ مير صاحبن سان
ملاقات به ٿي. ڪاهوءَ جو دڙو به ڏٺوسين.
25- مئي، مطابق 3- شعبان سنه 1335هه: مون کي پٽ
ڄائو، جنهن جو نالو افضل بيگ رکيو ويو.
29- مئي: شام جو ٻار (افضل بيگ) جي ڇٺي هئي. مٽيءَ
جو طوفان ۽ آنڌي اهڙي آئي جو ڏينهن مان رات ٿي
ويئي. ٿوري وقت کان پوءِ مٽيءَ جو طوفان بند ٿيو ۽
چڱي برسات پيئي، جنهن ڪري ڇٺيءَ تي ڪو ماڻهو اچي
نه سگهيو. پر تنهن هوندي به پتاشا، مٺائي وغيره
ورهائي ويئي. ٻئي ڏينهن تي زالون آيون.
28- سيپٽمبر: جمعي جو ڏينهن ۽ حج جي عيد آهي، عيد
جي نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين، ٻئي ڏينهن
اُضحيءَ جو ٻڪر ڪُهايوين، ۽ اُن جو گوشت
ورهايوسين، وقت خير جو گذريو.
6- آڪٽوبر: مطابق 18 ذوالحج: ڇنڇر جو ڏينهن، عيد
غدير هئي. انجمن اماميه جي دعوت تي، قبن واريءَ
مسجد ۾ وڃي نماز پڙهيسين، نادر بيگ به اُتي آيو ۽
مون سان گڏيو. ان سان گڏجي شهر تائين آيس، پوءِ هو
هليو ويو، جو هن کي ڪراچيءَ ڏانهن موٽڻو هو.
17- آڪٽوبر: عاشوري جو ڏينهن ۽ خميس جو روز شام جو
دستوري نذر نياز ڪيوسين.
19- آڪٽوبر: محرم جو ٽيجهو هو. سڊني بيگ جي خط مان
معلوم ٿيو ته دلشاد بيمار هئي، انتظار سبب تار
ڪيم. شام جو مرزا فيض احمد جي عيادت لاءِ ويس جو
بيمار هو، پر رات جو اٺين نوين بجي مهل هن وقت
ڪئي. ناصر علي موڪل تي آيل هو، جو موٽي خيرپور
روانو ٿيو. آءٌ فيروز بيگم جي بيماريءَ سبب کيتيءَ
تي نوابشاهه ۽ خيرپور وڃي نه سگهيس. |