12- نومبر: آءٌ مسٽڙ ڀرڳڙيءَ وٽ معذرت جي لاءِ
ويس، جو هن جي گهر واريءَ انفلوئنزا ۾ وفات ڪئي
هئي، قُبن جي زيارت ڪئيسين. مسٽر- - - -
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سان گڏيس ۽ مسٽر گبسن به ڏٺم،
اڄ جرمن وارن وٽان صلح جي تار آئي.
3- ڊسمبر: سڊني بيگ جي خط مان معلوم ٿيو ته شمشاد
جي پيٽ ۾ ڪا خرابي ٿي هئي ۽ سول سرجن آپريشن ڪرڻ
جي صلاح ڏني هئي. مون کي ڪراچيءَ اچڻ لاءِ
لکيائون. آءٌ سيد احمد شاهه(نوڪر) کي ساڻ وٺي
ڪراچيءَ ويس ۽ ستين تاريخ وري موٽي حيدرآباد آيس.
شمشاد منهنجي پهچڻ واري ڏينهن کان ئي بهتر ٿيڻ لڳو
هو ۽ ڊاڪٽر بولچند آپريشن ڪرڻ جو ضرور نه ڏيکاريو،
انهيءَ ڪري گهڻي فڪر ۽ انتظار کان سڀ ڇٽي پياسين.
وقت چڱو گذريو. مسٽر آخوند به اُتي هو ۽ آخري
ڏينهن تي مسٽر ڀڳڙي به اچي مليو.
سن 1919ع.
5 – فيبروري: ڪراچيءَ ڏانهن ويس، جو جناب گورنر صاحب بمبئيءَ
وٽ، مسلمانن جي ڊيپوٽيسن سان گڏ وڃڻو هو، پنج
ڏينهن اتي رهيس ۽ ڏهين تاريخ اُتان موٽي حيدرآباد
آيس. چ
و وقت گذريو. پارٽيءَ ۾ به شريڪ ٿيس. خيرپور جي اسٽيٽ بنگلي ۾
رهيس، جتي سڊني بيگ ۽ نادر بيگ به رهيل هئا.
29- مارچِ گهوڙن وغيره جو ميلو سوسائٽيءَ ڪرايو
هو. آءٌ به ميمبر هوس. مسٽر ڪرڪ پئٽرڪ پارٽي ڏني،
شام جو آءٌ به ان ۾ شريڪ ٿيس. گهڻائي صاحبلوڪ اُتي
موجود هئا.
30- اپريل: شام جو مرزا محمد حسينجي شادي مرزا علي
يار جي نياڻيءَ سان ٿي. ڏهين بجي مرزا علي اشرف
بيگ نڪاح پڙهيو ۽ آءٌ وڪيل بڻيس. مرزا حيدر قلي ۽
مرزا احمد حسين شاهد هئا. رات جو ٻارهين بجي ۾ اڃا
ويهه منٽ هئا ته مون کي هڪ پٽ ڄائو. دائي ڦُلو ۽
اُن جي ڌيءَ موجود هئي. ٻار جو نالو اڪمل بيگ رکيو
ويو.
30- جونِ سومر جو ڏينهن ۽ رمضان المبارڪ ج جي عيد،
نماز ۽ خطبو، مرزا علي اشرف بيگ پڙهايو. وقت خير
جو گذريو.
6- سيپٽمبر: حج جي عيد هئي. سڊني بيگ به صبح جو
سکر کان آيو. اختر بيگ به ڪراچيءَ کان پهتو. عيد
جي نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين. مرزا علي اشرف
بيگ نماز ۽ خطبو پڙهايو. اُضحي ڪئيسين ۽ ٻَڪر
ڪُهي، ورهاياسين. شام جو آغا لطف علي شاهه ۽ مرزا
دوست محمد خيرپوري وغيره، مبارڪباديءَ لاءِ اوطاق
۾ آيا.
11- سيپٽمبرِ شام جو آءٌ منوچهر بيگ (مرزا صاحب جو
ڀائٽيو) جي چوڻ تي، اُن سان گڏجي کڏڙي ڏانهن ويس.
پنج ڏينهن اُتي رهيس ۽ سترهين تاريخ ٻنپهرن جو
موٽي حيدرآباد آيس. اُتي صبح ۽ شام گهمڻ ڦرڻ لاءِ
ويندا هئاسين. منوچهر بيگ مون کي نهايت گهڻي آرام
۽ آسائش سان رکيو، ۽ منهنجي خدمت چاڪري تمام گهڻي
ڪندو رهيو.
20- سيپٽمبر: رات جو ميل ۾ خيرپور وياسين، جو اُتي
ڀائي محمد يوسفجي ننڍي نياڻيءَ جي شادي مير مقبول
خان سان ٿيڻي هئي. 24 تاريخ تائين خيرپور ۾
ترسياسين. شادي وڏي ڌوم ڌام سان ٿي. ڪراچي سنڌ ۽
ٻين پاسن جا وڏا ۽ معزز توڙي آفيسر ماڻهو شاديءَ ۾
شريڪ هئا، جن سان ملاقات ٿ. پياري خان گويي کي
سڏايو هئائون، جنهن جو گانو ماڻهو ٻُڌو. نهايت چڱو
وقت گذريو، پنجويهين تاريخ موٽر ڪار جي ذريعي سکر
ويس ۽ ڏينهن سڊني بيگ وٽ گذاريم. شام جو موٽي
خيرپور آيس، جتان ريل ۾ حيدرآباد آياسين ۽ 26-
تاريخ گهر پهتاسين. مسٽر ۽ مسز حامد علي، صاحبزاده
محمد خان ۽ سيد محمود شاهه ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو گڏيا.
26- تاريخ سيپٽمبر 1919ع تي محرم جي پهرين تاريخ
شروع ٿي.
4- آڪٽوبر: پاڻ ۾ صلاح ڪئيسين ته هڪ ڪوآپريتو
سوسائٽي ڪڍون، تنهن ڪري مسٽر عظيم خان کي مون خط
لکي سڏايو، جو آيو ۽ قانون وغيره ڏٺاسين ۽ بندوبست
شروع ڪري ڏنوسين. مسٽر عظيم خان کي ٻنپهرن جو
کانو، اوطاق ۾ کارايو ويو. مرزا علي مدد بيگ جي
ميمبر ٿيڻ واري مجلس به اڄ هئي.
6- آڪٽوبر: عاشوري جو ڏينهن هو. اختر بيگ هتي هو.
سڊني بيگ نه آيو، جو هوءَ اڪثر اِهو ڏينهن
حيدرآباد ۾ گذاريندو آهي. نذر نياز ڪيوسين ۽ فرخ
بيگ وارن جي اُوطاق ۾ گڏجي ماني کاڌيسين. هن سال
اتفاق سان محرم ۽ آڪٽوبر جو مهينو گڏجي پيو. اصل
عاشوري جو ڏينهن به ڏهين آڪٽوبر سنه 1853ع تي ڄائو
هوس.
13- آڪٽوبر: آءٌ ڪليڪٽر حيدرآباد کيڏسڻ ويس. سڊني
بيگ به ڏياريءَ جي موڪل تي هتي آيل هو. شام جو
مسٽر ۽ مسز حامد علي اسان وٽ آيا ۽ کانو کاڌائون.
منوچهر بيگ، فرخ بيگ، سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ به
اسان سان گڏ کانو کاڌو. کاڌو چڱو ٿيو ۽ وقت خير
سان گذريو.
21- نومبر: صاحبزاده محمد خان سيوهڻ جو ڊيپوٽي،
موڪل تي پنهنجي مُلڪ پئي ويو ته رستي ۾ مرزا
منوچهر بيگ سان گڏيو، جو کيس دعوت ڏيئي پاڻ سان
وٺي آيو. مون وٽ آيو، پوءِ اسان فرخ بيگ واري
اُوطاق ۾ وياسين ۽ گڏجي ماني کاڌيسين. پوءِ هڪٻئي
کان موڪلايوسين. علم موسيقيءَ تي لکيل ٽي ڪتاب مون
کان صاحبزادو محمد خان پڙهڻ لاءِ وٺي ويو.
22- ڊسمبر: ڀائي محمد ابراهيم وٽان هڪ ڪاغذ آيو ۽
مسٽر محمد حسين علي آيو، جنهن ڪري خيرپور روانو ٿي
ويس، جو اُتي محمدن ايڊووڪيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيڻو هو. فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ به اُتي
آيا. وقت چڱو گذريو. 30 تاريخ آءٌ، سڊني بيگ ۽ فرخ
بيگ گڏجي سکر وياسين ۽ سڊني بيگ وٽ رهياسين. قنبر
علي به اُتي هو. 31- تاريخ شام جو اُتان روانو
ٿيس. مون سان گڏ قنبر علي، ناصر علي ۽ سڪندر بيگ
به حيدرآباد آيا.
سن 1920ع
6- جنوريِ سکر مان ڪاغذ آيو ته سڊني بيگ کي پُٽ
ڄائو آهي، جنهن جو نالو جمشيد رکيو اٿن. اِها
تاريخ 14- ربيع الآخر سنه 1337 هجري هئي.
1- مارچ: ٽنڊي ۾ ڪو آپريتو اسٽورس سوسائٽي جاري
ڪئيسين. هڪ سؤ رپين جا شيئر ۽ هڪ سؤ رپيا امانت
رکيم.
5 مارچ: مطابق 14- جمادي الاخر، سنه 1337 هه: نادر
بيگ کي ڪراچيءَ ۾ هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ذاڪر
بيگ رکيو ويو.
30- مارچ: آءٌ سيوهڻ ويس، جو صاحبزادي محمد خان
اوڏانهن اچڻ لاءِ گهڻو لکيو هو. اُتان 5- اپريل
موٽي آيس. قلندر شهباز جي روضي ۽ سيد ثابت علي
شاهه شاعر جي مزار تي به ويس. 2 اپريل تي فرخ بيگ
به آيو. 4- اپريل تي بوبڪ وياسين، جتي منڇر جي ڍنڍ
جو سير ڪيوسين. فرخ بيگ به آيو. 4- اپريل تي بوبڪ
وياسين، جتي منڇر جي ڍنڍ جو سير ڪيوسين، فرخ بيگ
اُتي شڪار به ڪيو، نهايت چڱو وقت گذريو. مسٽر
گوبندرام ۽ سيد ولي محمد شاهه ۽ ٻيا معزز ماڻهو
گڏيا. صاحبزادي محمد خان نهايت عمدي طرح بندوبست
رکيو هو.
24- اپريل: صبح جو مسٽر حامد علي آيو ۽ ٻنپرن جو
مون ڪمشنر صاحب کي به وڃي ڏٺو ۽ مسر حامي کي به.
28- اپريل: مسٽر آخوند، مسٽر قاضي ۽ مسٽر ڀرڳڙي
شام جو ملاقات لاءِ آيا. ٻيا ماڻهو به اُنهن سان
گڏ آيا. چڱي صحبت رهي.
24- مئي: شام جو برسات آئي ۽ ڳڙا وٺا. درن جا ٻه
شيشا ڀڳا.
19- جون: رمضان جي عيد، ڇنڇر جو ڏينهن. سڀني گڏجي
ڳوٺ واري مسجد ۾ نماز پڙهي. آخوند ميان احمد نماز
جو خطبو پڙهيو. منوچهر بيگ ۽ فرخ بيگ وارا به گڏ
هئا. منهنجا ننڍا ٻار موجود هئا، پر وڏا موجود نه
هئا. ننڍن مان به اسد بيگ کي ٻن ٽن ڏينهن کان بخار
ايندڙ هو، پر تنهن هوندي به مسجد ۾ هليو. منوچهر
بيگ وارا مبارڪ لاءِ اسان جي گهر آيا ۽ شام جو آءٌ
به اُنهن سڀني جي گهرن ۾ مبارڪ لاءِ ويس. اسان وٽ
ٻن ڏينهن کان ماستر عبداللطيف ٺٽي وارو مهمان هو.
26- جون: آءٌ صبح واري گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ ويس ۽
نادر بيگ وٽ ٽِڪيس.
1- جولاءِ: منهنجا ٻار ٻچا حيدرآباد کان ڪراچيءَ
آيا ۽ اچي نادر بيگ وٽ رهيا.
3- جولاءِ: نئين گهر ۾ اچي رهياسين، جو مسٽڙ غلام
علي چاڳلا جي معرفت خريد ڪيو هوسين.
5- جولاءِ: مسٽر غلام علي چاڳلا شام جو آيو ۽ مون
کي پاڻ سان گهمائڻ لاءِ موٽر ۾ وٺي ويو. ڪلفٽن
وياسين، اُتي ماني کاڌيسين. ڪن بنگالي صاحبن جو
بااجو ٻڌوسين. آڌيءَ رات جو، مسٽر چاڳلا مون کي
موٽر ۾ چاڙهي، گهر ڇڏي ويو.
6- جولاءِ مسٽر سورابجي بنگلي تي آيو ۽ اچي گڏيو.
8- جولاءِ: دلشاد ۽ شهزاد کي مِس روزسٽر واري
انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيوسين ۽ اسد بيگ ۽ افضل بيگ
کي سولجر بازار واري اردو اسڪول ۾ موڪليوسين.
10- جولاءِ: رات جو ڪو ماڻهو، ڪراچيءَ واري بنگلي
جي ورانڊي واريءَ دريءَ مان ٽپي اندر آيو، ۽
منهنجي لوهي پيتي ۽ سبڻ جي مشين چورائي کڻي ويو.
پيتيءَ ۾ پنج سؤ رپين جا نوٽ پيل هئا ۽ منهنجا سڀ
ڪپڙا به اُن ۾ هئا. منهنجون ٻه هَٿ جُون واچُون به
اُن ۾ هيون. ڪُل مال، اٽڪل ستين- اٺين سوين روپين
جو هو. صبح جو نادر بيگ آيو ۽ پوليس ۾ رپورٽ
ڏنائين. پيرن جا نشان ظاهر هئا. پوليس جي جاچ هلي
رهي آهي.
21- جولاءِ هڪ وڪٽوريا گاڏي، گهوڙي سميت ڇهه سو
روپين ۾ خريد ڪيم ۽ ٻه چار ڏينهن اڳ، هڪ سبڻ جي
مشين، هڪ سو ٽيهين روپين ۾ ورتيم.
29- جولاءِ: شام جو ميل ۾ آءٌ حيدرآباد ويس. مرزا
منوچهر بيگ ۽ ناصر علي حيدرآباد جي اسٽيشن تي آيا
هئا. رات جو پنهنجي اوطاق ۾ رهس. 30- تاريخ صبح جو
ناشتو ڪري شهر ويس. ڀائي محمد ابراهيم کي ڏٺم ۽
بمبئي بئنڪ مان ڪم لاٿم ۽ ڳوٺ ڏانهن موٽيس. سڀني
عزيزن جي گهرن ۾ ساڻن ملڻ ويس. مرزا منوچهر بيگ
مننجي گهڻي خدمت چاڪري ڪئي. ٻئي ڏينهن مرزا علي
اڪبر بيگ وارن ماني موڪلي. مرزا علي اشرف بيگ ۽
ٻيا ماڻهو پڻ مهرباني ڪري مون وٽ ايندا رهيا. اخر
بيگ به صبح جو مون وٽ آيو. ٻنپهرن جو وري ڪراچيءَ
لاءِ ڳوٺان روانو ٿيس. اختر بيگ ڪوٽڙِءَ تائين
گڏجي هليو، پوءِ سيوهڻ ڏانهن هليو ويو. وقت نهايت
چڱو گذريو.
24- آگسٽِ مسٽر غلام علي چاڳلا جي موٽر گاڏيءَ ۾
اسان منگهي پير وياسين ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ موٽي
آياسين. آءٌ، سڊني ۽ ٻار ٻچا گڏ هليا هئا.
26- آگسٽ : حج جي عيد آهي. اسان ڪراچيءَ ۾ آهيون.
سڊني ۽ نادر ۽ امداد حسين به هتي آهن. چارئي ڄڻا
مسٽر غلام علي چاڳلا جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ وياسون،
نادر بيگ جي موٽرڪار ۾ سوار ٿي. شام جو نادر بيگ
جي بنگلي ۾ سڀني ٻارن ٻچن چانهه پيتي. وقت خير جو
گذريو.
27- آگسٽ : اڄ شام جو سنڌ ڪاليج جي شاگردن جي دعوت
تي ويس. مسٽر شاهاڻي پرنسپال به گڏ هيو. اُتي
تقرير ڪيم ۽ شعر پڙهيم.
1- سيپٽمبر: نئن جي ڪناري تي هڪ پلاٽ 1272 يارڊ،
في يارڊ سوائين اٺين رپئين جي حساب سان، شوجي دلال
جي معرفت، آخوند ميان غلام مصطفيٰ محمد عليءَ کان
خريد ڪيم. هڪ هزار روپي سوٿيءَ طور بروقت ڏنم ۽
باقي رقم ٽن مهينن اندر ادا ڪرڻ جو انجام ڪيم.
16- سيپٽمبر: سردار محمد خان هتي آيو. چالهه
پيتائين. پوءِ آءٌ اُن سان گڏ اسٽيشن ويس. مير
ايوب خان به شام جو آيو. ملاقات ڪئيسين. پوءِ هو
اجازت وٺي هليو ويو.
26- سيپٽمبر: آچر جي ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد
پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙي ڏانهن، ٻارن ٻچن سميت موٽي
آياسين. الهه وسايو گڏ هو. اختر بيگ، مرزا منوچهر
بيگ ۽ مرزا علي حسين، حيدرآباد واريءَ اسٽيشن تي
آيا هئا. گاڏي ۽ ٻه گهوڙا به پاڻ سان گڏ آنداسين.
16- ڊسمبرِ آءٌ عبدالله (نوڪر) کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ
ويس. ڪاليج ۾ چار ليڪچر ڏيڻا هئا، جن مان ٽي ليڪچر
ڏنم ۽ چوٿون هندو ڇوڪرين جي هاءِ اسڪول ۾ ڏنم ۽
هڪڙو غلام علي چاڳلا جي لائبريريءَ ۾ ڏنم. پوءِ
ٿڪجي پيس ۽ 21- تاريخ موٽِ حيدرآباد آيس.
سن 1921ع
12- فيبروري: ڦليليءَ تي ديهه گجي ۾جيڪي چار نمبر زمين جا هئا،
سي ساڍن تيرهن سون رپين ۾ ڀائي چنديرام کي وڪيم،
جو آباديءَ جي مشڪلات هئي ۽ چڱا هاري ملي نٿي
سگهيا.
2- فيبروريِ سردار محمد خان صبح جو آيو. هو موڪل
تي پنهنجي ملڪ ٿي ويو. ٻنپهرن جو ٻين بجي تائين
رهيو ماني کاڌائين پوءِ روانو ٿي ويو. وقت نهايت
چڱو گذريو.
25- مارچِ ”صوفي سماگم“ م۾ ويس ۽ هڪ تقرير، جا
صوفين جي نسبت ۾ لکي هيم، سا پڙهيم، ۽ اُنهيءَ کان
اڳ 13- مارچ تي، عيد نوروز جي ڏينهن به هڪ شعر
پڙهيم، مولوي علي صابريءَ لاهور وارو ۽ ٻيا حضرات
آيا هئا.
27- مارچِ شام جو مسٽر غلام علي چاڳلا آيو. رات
رهي، ٻئي ينهن ٻنپهرن جو هو ڪراچيءَ اُسهيو. رات
جو مرزا منوچهر بيگ، مرزا فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ پڻ
مانيءَ ۾ شريڪ ٿيا ۽ ڏينهن جو پنهنجن باغن ۾ گهمڻ
ڦِرڻ وياسون. مسٽر غلام علي چاڳلا به گڏ هو.
6- اپريلِ نوابشاهه ويس. ڏينهن جو اُتي رهيس ۽ شام
جو مسٽر حامد علي سان گڏ ماني کاڌيم. مسٽر پينٽ،
نئون سپرنٽينڊنٽ پوليس به گڏ هيو. ٻئيڏينهن پنهنجي
زمين (ديهه نصرت) تي ويس. ٻه ڏينهن اُتي رهيس ۽ 9-
تاريخ موٽِ نوابشاهه آيس. وري به مسٽر حامد عليءَ
سان گڏيس ۽ مِير مقبول خان سان به مليس. شام جو
موٽي حيدرآباد آيس.
10- اپريلِ شام جو مسٽر ڀرڳڙيءَ جي پارٽيءَ تي
ويس. مسٽر ۽ مسز وُوڊ سان به مليس. مسٽر جمشيد ۽
ٻين معززن سان به ملاقات ٿي.
18- اپريلِ همايون گم ٿي ويو، جو اڳئين ڏينهن تي
کيس سندس ماميءَ ماريو هو. معلوم ٿيو ته هُو سکر
هليو ويو آهي. شهر ۾ هن جي گهڻي ڳولا ڦولا ڪئيسين،
پر نه مليو. سکر ۾ تار ڏني ويئي.
21- اپريل، مطابق 12- رجب سن 1339 هجريِ خميس جي
ڏينهن پوڻين ڇهين بجي شام جو مون کي هڪ پُٽ ڄائو.
دايون حاضر هيون. اڳين ڏينهن تي منڊم کي به سڏايو
ويو هو. ٻار جو نالو اجمل بيگ رکيوسين.
26- اپريلِ اجمل بيگ جي ڇٺيءَ جو ڏينهن آهي. شام
جو آءٌ جج وٽ ڪميٽيءَ جي لاءِ ويس. اُتان موٽڻ بعد
گهر ۾ زالون، ماڻهو ۽ اوطاق ۾ ٻيا عزيز خويش آيا.
ڏينهن جو پتاشا ۽ مٺائي نياز طور ورهائي ويئي. رات
جو ماني، پان سوپاري ۽ عطر ورهايو ويو. ڏهين بجي
رات ڌاري سڀ ماڻهو موٽي ويا. ٻار جو صدقو به ڪڍيو
ويو.
8- جونِ رمضان شريف جي عيد ۽ اربع جو ڏينهن آهي.
الحمدالله! سارو مهينو روزا رکيم، جيتوڻيڪ ڏينهن
نهايت گرم هئا. ڀائي محمد ابراهيم ۽ محمد دائود ۽
اُنهن جا ٻار ٻچا ۽ محمد يوسف قريشي پڻ آيا.
آخوند احمد کي نماز ۽ خطبي لاءِ سڏايو ويو. سڊني
بيگ به هو. سڀني گڏجي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ نماز
پڙهي. ٻنپهرن جي ماني سڀني گڏجي اوطاق ۾ کاڌي.
مرزا فرخ بيگ، سڪندر بيگ ۽ مرزا اڪبر به شامل هئا.
چڱو وقت گذريو. ٻين بجي مهل، اُهي ماڻهو موٽي ويا.
شام جو ادي جي گهر به ويس.
9- جونِ مرزا منوچهر بيگ جي گهر وڃي ماني
کاڌيسين، ۽ ٻنيءَ جي تقسيم جي نسبت پاڻ ۾ ڪميٽِ
ڪئيسين.
11- جونِ سڊني، منوچهر، آصف علي ۽ منهنجي ٻارن
گڏجي، منوچهر بيگ جي گهر ۾ ”شيخ چلي“ جو فارس
ڪيو. اسان سڀ مڙس ماڻهو ۽ زالون منوچهر بيگ جي گهر
جي اڱڻ ۾ فارس ڏسڻ لاءِ گڏ ٿياسون. وقت چڱو گذريو.
18- جونِ صبح جو ميل ٽرين ۾ ڪراچيءَ ويس. عبدالله
(نوڪر) کي هڪ ڏينهن اڳواٽ اوڏانهن موڪليم. نادر
بيگ اسٽيشن تي آيو. اُن سان گڏ ويس ۽ اُن جي ئي
گهر ۾ ٽِڪيس. رات جو ”اسلام ڪلب“ ۾ وڏي دعوت هئي.
ڪراچيءَ جا تمام وڏا ۽ معزز ماڻهو اُتي آيا هئا،
جن سان نهايت چڱي ملاقات ٿي. آڌيءَ رات جو، دعوت
تان، موٽي، گهر پهتاسين، ٻئي ڏينهن مسٽر غلام علي
چاڳلا ۽ اُن جو پُٽ مون وٽ آيا ۽ شام جو ميل ۾
ڪراچيءَ کان روانو ٿيس ۽ گهر پهتس.
31- جولاءِِ آچر جي ڏينهن، رات کان برسات شروع ٿي،
جا گهڻي پيئي. گاڏيءَ جي طنبيلي جي ڇت جُهري پيئي
۽ گاڏي ڀَڄي پيئي.
9- آگسٽِ همايون قرآن شريف پورو ڪيو هو، جنهن جي
حافظيءَ جي خوشيءَ ۾، هن جي مانميءَ وڏي مجلس ڪئي.
سڀني گهرن ۾ دعوت موڪلي ۽ وڏي ماني ڪئي. وقت خير
جو گذريو.
15- آگسٽِ حج جي عيد آهي. سڊني، منوچهر بيگ ۽ اختر
بيگ آيل هئا. فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به گڏ هو. ڀائي
محمد ابراهيم ۽ محمد دائود وارا به آيا هئا. سڀني
گڏجي نماز پڙهي. آخوند احمد نماز ۽ خطبو پڙهيو.
شام جو ڦليليءَ جي ڪناري واري باغ ۾ فرخ بيگ وارن
ڪن ماڻهن کي سڏايو هو. اُتي چانهه پيتيسين ۽ ڪباب
کاڌوسين. ٻئي ڏينهن اسان اُضحي ڪئي.
13- سيپٽمبر، عاسوري جو ڏينهن ۽ محرم سنه 1340
هجريِ اڱاري جو ڏينهن آهي. محرم جي ڇهين تاريخ
مرزا فرخ بيگ جن جي اوطاق ۾ مجلس هئي ۽ نياز جو
کاڌو هو. اڄ مرزا علي اڪبر وٽان به مجلس جي دعوت
آئي. دستور موافق سڀني پِڙن تي اڳواٽ ئي اسان نياز
لاءِ پئسا ڏياري موڪليا هئا. اڄوڪي ڏينهن حسب
دستور نياز نذر گهر ۾ ڪيوسين. وقت خير جو گذريو.
5- آڪٽوبرِ مسٽر ۽ مسز حامد علي، ٻن سالن جي موڪل
تي وڃي رهيا هئا، سي آيا ۽ اُنهن جي دعوت ڪئيسين.
شام جو آيا هئا. ٻاهر ۽ اندر کاڌو کارايو ويو.
ٻاهر اوطاق ۾ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ ۽ اندر مسز فرخ
بيگ ۽ مسز منوچهر بيگ آيا. وقت خير جو گذريو. پاڻَ
۾ اتفاق سان وڌيڪ چُني لڳڻ سبب منهنجو ۽ منهنجن
ٻارن ٻچن جو وات ڦُلارجي پيو.
14- آڪٽوبرِ نادر بيگ ۽ اسٽانلي آيا. نادر بيگ هڪ
ڪيس جي سلسلي ۾ ڪوٽڙيءَ ٻارن ٻچن سميت آيو هو ۽
ڀائي محمد ابراهيم جي گهر رهيو، جو اُتي هڪ تماشو
ٿيڻو هو. چانهه پي نادر ۽ اسٽانلي هليا ويا. شام
جو مسٽر جان محمد ڀرڳڙيءَ، مسٽر غلام حسين جي
مهماني ڪئي هئي، جنهن ۾ مون کي به سڏايو ويو هو.
مون سان گڏ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به هئا. ٻئي ڏينهن
صبح جو آءٌ مسٽڙ غلام حسين کي ملڻ ويس، ۽ شام جو
هُو خود مون سان ملڻ لاءِ منهنجيءَ اوطاق تي آيو.
15- ڊسمبرِ آءٌ ڪراچيءَ ويس جو ڪمپلسري ايڊيوڪيشن
ڪميٽيءَ جي سامهون شاهدي ڏيڻي هئي. ٻه ڏينهن اُتي
رهيس ۽ 18 ڊسمبر تي موٽي آيس.
23- ڊسمبرِ ڀائي محمد دائود وفات ڪئي، آءٌ قبرستان
تائين ويس.
24- ڊسمبرِ ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ آءٌ لاڙڪاڻي ويس،
جتي سنڌ جي شاعرن جي پهرين ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽
مون کي پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو هو. اسٽيشن تي مرزا
منوچهر بيگ ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو موود هئا. گلن جا
هار وڌائون ۽ جلوس جي صورت ۾ مون کي شهر مان وٺي
ويا ۽ وڃي منزل تي لٿاسين. شام جو سڀ معزز ماڻهو
ملاقات لاءِ ايندا رهيا.
25- ڊسمبرِ ڪانفرنس شروع ٿي. رپورٽون پڙهيون ويون
۽ ايڊريس ڏنائون. مون مختصر جواب ڏنو. شام جو
سبجيڪٽ ڪميٽي هئي، پر آءٌ نه ويس. مون کي سڄي ڪار
گذاريءَ جو سربستو احوال پهچايو ويو.
26- ڊسمبرِ شروع ۾ منهنجي تقرير هئي، جا ”شعر جي
شرافت ۽ شان“ جي بنسبت لکيل هئي. پوءِ مصرح طرح تي
مشعرو شروع ٿيو. ڏينهن جو کاڌو مدرسي ۾ سڀني کاڌو
۽ شام جو سڀني جي گڏيل تصوير ورتي ويئي. رات جو
سرائي غلام محمد اسراڻ جي دعوت تي آءُ ويس.
27- ڊسمبرِ صبح جو مرزا منوچهر بيگ حيدرآباد ڏانهن
روانو ٿيو ۽ آءُ شڪارپور ڏانهن ويس. مسٽر پوڪرداس
رُڪ اسٽيشن تي آيو هو. شڪارپور ۾ موٽر ۽ گهوڙي
گاڏيءَ تي وياسين. سرڪاري باغ ۾ وياسين ۽ شهر
گهميوسين، گهڻن ماڻهن سان ملاقاتون ڪيونسين. ٽين
بجي سکر ڏانهن روانا ٿياسين. گهڻا ماڻهو اسٽيشن تي
ڇڏڻ لاءِ آيا.
28- ڊسمبرِ سکر ۾ رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن آءٌ ۽ سڊني
بيگ خيرپور ڏانهن وياسين. وزير شيخ محمد قادر صاحب
خط ۽ موٽر ڪار موڪلي هئي. شام جو مسٽر گورداس،
سنگهه حضور ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي پارٽيءَ ۾ وياسين.
29- ڊسمبر سکر مان روانا ٿياسين ۽ اچي حيدرآباد
پهتاسين.
سن 1922ع
9- فيبروريِ شام جو ڊاڪٽر عبدالمجيد جي مهماني ڪئيسين. قاضي
غلام نبي به گڏ هو. مرزا منوچهر بيگ ۽ سڪندر بيگ
به شريڪ هو. وقت خير جو گذريو.
15- فيبروريِ اڳلي ڏينهن خبر پيئي ته ٿاڻي جي
ڪليڪٽر وٽان تار آئي ته ڀائي محمد ابرهايم دل جي
بيماريءَ کان وفات ڪئي، تنهن ڪري اڄ اسان يعني آءُ
۽ منهنجي گهر واري اُنهن جي گهر کان ٿي آياسين.
لاش اچي نه سگهي، ۽ اُتي ئي دفن ڪئي ويئي.
16- فيبروريِ شام جو ڪمشنر جي درٻار هئي. مون کي
دعوت هئي. سڪندر بيگ ۽ مرزا علي اڪبر مون سان گڏ
هئا. مرزا فرخ بيگ نه هليو. مون کي هڪ آفرين نامو
۽ هڪ سوني واچ انعام ملي.
17- فيبروريِ شام جو ڪليڪٽر صاحب جي ”ايٽ هوم“ تي
وياسين.
13- مارچِ آءٌ نَبو (نوڪر) کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ
ويس، جو 17 تاريخ شاهزادو، پرنس آف ويلس اَچڻو هو.
17 تاريخ باغ واري پارٽِءَ ۾ آءٌ شامل ٿيس. سنڌ جي
گهڻن زميندارن، جاگيردارن ۽ ٻين معزز دوستن سان
ملاقات ٿي. مير علي نواز خان، صاحبزاد محمد خان ۽
ٻين سان پڻ ملاقات ٿي. مسٽر برنس، ”دهلي گزيٽ“ جي
اسسٽنٽ ايڊيٽر سان به ملاقات ٿي. ٻئي ڏينهن 18
تاريخ گونگن ۽ ٻوڙن جي اسڪول جو سنگ بنياد رکڻ
وارو هو. 19- تاريخ مسٽر ملڪ جي پارٽيءَ ۾ شريڪ
ٿيس. شام جو حيدرآباد موٽي آيس.
2- اپريل: آءٌ ڪراچي ويس، جو ڪن يورپي آفيسرن جو
سنڌيءَ ۾ امتحان وٺڻو هوم، جنهن لاءِ ڪمشنر صاحب
مون کي لکيو هو. ٽي ڏينهن سانده، اُنهيءَ ڪم سنگي
فريئر هال ۾ وڃنو پيو. مسٽر هي به هو. 26 تاريخ
وري موٽِ حيدرآباد آيس. ڪراچي ۾ البت پليگ جا ڪيس
ٿيندا رهيا.
29- مئيِ شوال جي پهرين تاريخ ۽ رمضان جي عيد
آهي. الحمد الله سڄو رمضان شريف جو مهينو روزا
رکيم، جيتوڻيڪ پويان روزا سخت هئا. آخوند احمد
نمياز ۽ خطبو پڙهايو. وقت خير جو گذريو.
8- جونِ خميس ڏينهن، شوال جي 11 – تاريخ اڪمل بيگ
جو شام جي وقت ختنو ڪرايو ويو، عثمان حجام ختنو
ڪيو. گهر جي ايوان ۾ بندوبست ڪيو ويو هو.
5 آگسٽ: ڇنڇر جي ڏينهن حج جي عيد آهي، سڊني بيگ
ٻارن ٻچن سميت هتي آيل هو، منوچهر بيگ فرخ بيگ ۽
سڪندر بيگ به گڏ هئا، اختر ۽ اسٽانلي ۾ هتي هو،
هميشه وانگي آخوند احمد کي سڏائي عيد جي نماز ۽
خطبو پڙهايو يو، ٻئي ڏينهن اسان اُضحي ڪئي.
6- آگسٽ شام جو مسٽر بولچند ڪرمچند، نوودياليه
هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر پاڻ سان سنيما جي مشين،
فلم ۽ پنهنجا ماڻهو آندا ۽ رات جو 8 بجي کان 10
بجي تائين فلم ڏيکاريائين، مرزا منوچهر بيگ جي گهر
جي ايوان ۾ بندوبست ڪيو ويو هو. اوڙي پاڙي جون
زالون به گهڻي انداز ۾ فلم ڏسڻ آيون. وچ ۾ پردو
ٽنگيو ويو. اسان ويهه رپيا خرچ پکي لاءِ ڏياري
موڪليا. اگرچه هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر آخر زور
ڀرڻ تي قبول ڪيا.
3- سيپٽمبرِ آچر جو ڏينهن، عاشوري جو روز آهي.
سڊني بيگ جا ٻار ٻچا هتي هئا، پر پاڻ هتي نه هو.
آءٌ ڪيڏانهن به ٻاهر نه ويس.
22- آڪٽوبرِ هوم اسٽيڊ هال ۾ جلسو هو، جتي آءُ
پريزيڊنٽ هوس. گهڻا ماڻهو آيا هئا، فرخ بيگ ۽
سڪندر بيگ به مون سان گڏجي هليا.
25- آڪٽوبرِ ڪمشنر صاحب جي حڪم مطابق ڪراچيءَ ويس،
جو اتي ڪن يورپين آفيسرن جو سنڌيءَ ۾ امتحان وٺڻو
هو. 26- تاريخ کان ڪم شروع ٿيو، جو 30 تاريخ پورو
ٿيو. نادر بيگ اڳيون بنگلو ڇڏي نئين بنگلي ۾ آيو
هو، جو ڪراچي ڪلب ۽ پوسٽ آفيس جي ويجهو هو. مسٽر
غلام علي چاڳلا ٻه – ٽي گمرا مِلڻ لاءِ آيو هو.
هڪ دفعي هن سان گڏجي ايگزيبيشن (نمائش) به ڏسڻ
ويس.
24- نومبر، مططابق 24- ربيع الاول سنه 1343ههِ
مرزا علي اشرف بيگ گذريءَ رات 7 وڳي زڪام ۽
دمڪشيءَ جي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اڄ ٻنپهرن جو
ڳوٺ واري مقام ۾ دفن ڪيو يو. آخري وقت ۾ هوش ۾ هو
۽ ڳالهه ٻولهه پئي ڪيائين.
30- ڊسمبرِ گونر صاحب بمبئي تشريف آندي هئي، جنهن
سان مون ٻنپهرن جو خلاصي ملاقات ڪئي ۽ شام جو مسٽر
غلام حسين جي باغ واري پارٽيءَ ۾ به گونر صاحب سان
ملاقات ڪيم. ناتال خير جو گذريو.
سن 1923ع
18- جنوريِ آءُ ڪراچيءَ ويس جو 19 – تاريخ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽيءَ
هئي. مسٽر پرڀداس کي تار ڏنيم ۽ ڊيپوٽي اسنپيڪٽر
جي آفيس ۾ وڃي رهيس. ٻئي ڏينهن ڪميٽي ٿي. اسماعيل
خان، نادر بيگ، گريسي، آخوند نظر محمد، مسٽر
سورابجي مون کي اُتي ملڻ آيا هئا. ايڪيهين تاريخ
آچر جي ڏينهن موٽي حيدرآباد آيس. وقت خير جو
گذريو.
13- فيبروريِ اڄ ٻين بجي، بسينت هال ۾ ڪو آپريٽو
انسٽيٽيوٽ جي ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ آءُ پريزيڊنٽ
هوس. مسٽر . . . . . رجسٽرار ڪوآپريشن کاتي جو ۽
مسٽر . . . . پوليس ڪليڪٽر به حاضر هو. مرزا فرخ
بيگ ۽ سڪندر بيگ به موجود هئا. شام جو ڇهين بجي
تائين اُتي هئاسين. ڇانهه وغيره پي، موٽيا آياسين.
15- فيبروريِ آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ ڊيپوٽِ انسپيڪٽر
جي آفيس ۾ رهيس. عبدالله (نوڪر) به مون سان گڏ هو.
ٻئي ڏينهن مسٽر غلام علي چاڳلا جي معرفت ٻارهين
هزارين رپئين ۾ بنگلو وڪيوسين ۽ اُن جو دستاويز
داخل ڪيوسين. ٻئي ڏينهن هڪ نئون پلاٽ، جو نئن جي
ڪناري تي ورتو هوسين، سو وڃي ڏٺوسين ۽ 18 تاريخ
موٽي حيدرآباد آياسين.
24- فيبروري: مسٽر غلام علي نانا جي چوڻ تي ٽريننگ
ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم. مضمون هو ”دل ۽ دماغ جو جسم تي
اثر.“ گهڻا شاگرد ۽ ماستر اچي جمع ٿيا هئا.
27- مارچ: ڊاڪٽر رابندر ناٿ ٽيگور سان گڏ وڃي
چانهه پيتم ۽ صحبت ڪيم، چڱو ماڻهو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
12- اپريلِ امام علي شاهه (نوڪر) کي ساڻ وٺي
ڪراچيءَ ويس، جو اُتي ڪن يورپين آفيسرن جو سنڌيءَ
۾ امتحان وٺڻو هو، جنهن لاءِ ڪمشنر صاحب سڌايو هو.
نادر بيگ وٽ رهيس. 16 – تاريخ ڏينهن واري گاڏيءَ ۾
حيدرآباد موٽي آيس. ڪراچيءَ ۾ گهڻن دوتن سان
ملاقات ٿي. وقت خير جو گذريو.
18- مئيِ رمضان جي عيد يعني غره شوال، جمعي جو
ڏينهن آهي. سڀ عزيز هتي هئا، سواءِ نادر بيگ جي.
هميشه وانگي آخوند احمد کي عيد جي نماز ۽ خطبي
لاءِ سڏايو ويو. خير جو وقت گذريو. شام جو خبر ملي
ته فرهاد ۽ قنبر علي ٻئي مئٽريڪوليشن امتحان ۾ پاس
ٿيا آهن.
1- جونِ گهر جي کوهه جي مٿان پمپ ۽ نل هڻايو ويو،
مستري محمد قاسم شڪارپوريءَ جي معرفت، جنهن سڊني
بيگ جي گهر ۾ پڻ پمپ ۽ نل هنيو هو. ڪُل خرچ ڏيڍ سؤ
رپيا آيو.
21- جولاءِ، مطابق 5- ذوالحج سنه 1341 هجريِ جمعي
جو ڏينهن شام جو ست لڳي پنج منٽ ٿيا هئا ته مون کي
هڪ فرزند ڄائو. ڊاڪٽرياڻي مس آلفريڊ موجود هئي، جا
پاڻ سان گڏ هڪ دائي به وٺي آئي هئي. ٻار جو نالو
ادهم بيگ عرف حاجي بابا رکيو ويو. فرهاد، فيروز ۽
سٽانلي، ڪراچيءَ مان عيد جي موڪل تي آيل هئا.
25- جولاءِِ ذوالحج جي ڏينهن تاريخ، اربع جي
ڏينهنن عيد هئي. ٻاهر آخوند عبداللطيف ٺٽوي، ٻن ٽن
ڏينهن کان مهمان هو. ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ حسب دستور
سڀني گڏجي نماز پڙهي. اُضحي ڪئي ويئي. ٻار جو
عقيقو به ڪيو ويو.
12- آگسٽِ صاحبزادو محمد خان، ناري جو ڊيپوٽي، مون
وٽ اچي لٿو. ٽي ڏينهن رهيو. ساڻس گڏ ٻه نوڪر به
هئا. ساڻن چڱي صحبت ڪيم. سڊني بيگ ۽ فرخ بيگ به
شامل رهيا.
29- آگسٽ: بُڪ ڪميٽيءَ جي واسطي آءُ ڪراچيءَ ويس.
سيد امام علي شاهه (نوڪر) سان کنيم.شيخ محمد قادر
وزير خيرپور جي مون کي روبرو زور به ڪيو ۽ خط به
لکيو ۽ موٽر به اسٽيشن تي موڪلي ڏني، تنهن ڪري آءُ
وڃي وٽس رهيس ۽ 13 تاريخ موٽي حيدرآباد آيس. نهايت
چڱو وقت گذريو. |