باب نائون
منهنجون عادتون، خواهشون، خيال ۽ رايا
(ڀاڳو ٻيو)
خوراڪ:
مٿي مون روزن رکڻ جي شوق بابت ذڪر ڪيو آهي، هاڻي پنهنجي
رواجي کاڌي پيتي جي عادت بابت ذڪر ڪندس، اسين سڀ
ڀائر ۽ ڀيڻيون ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي ننڍي هوندي کان
ٿوري کاڌي کائڻ ۽ سادي ماني کائڻ تي هريل رهندا
آيا آهيون، آساني سان بک اڃ سهي سگهندا آهيون،
بلڪه موسم جي گرمي ۽ سردي به گهڻي سهي سگهندا
آهيون، ننڍي هوندي کان انهي تي هريل آهيون، تنهن
ڪري ٿوري زياده گرمي يا سردي ۾ رهڻ ڪري يا هوا ۽
جهولي لڳڻ ڪري خدا جي مهرباني سان بيمار نه ٿيندا
آهيون، گهني کاڌي ۽ عمدي مڪلف کاڌي تي اصل هريل
ناهيون، انهي عادت ڪري اشتها پوري پني رهندي آهي،
اڪثر پوري مهل تي کاڌو کائيندا آهيون، ننڍي هوندي
کان نه فقط ڪڻڪ ۽ چانورن تي هريل آهيون پر
ٻهراڙي وارو کاڌو يعني ٻاجهري يا جوئر جي ماني،
جهڻ ۽ مکڻ به گهڻو پسندا ايندو آهي، اڪٽر پنهنجو
ان ٻنين تان اچي ۽ پنهنجو مال رهندو آهي، جنهن ڪري
کير، ڏڌ، ۽ مکڻ موجود ٿي سگهي ٿو، گوشٽ ۽ مڇي پلو
به کائيندا آهيون، ڀاڄي ۽ ميوو زياده پسند ايندو
آهي، مون کي ته خاص طرح ڀاڄيون پسند اينديون آهن ۽
گوشت نه وٺڻدو آهي، منهنجو پٽ نادر بيگ ۽ سندس
ٻچا فقط ڀاڄيون کائين ۽ گوشٽ ۽ ٻيو ماس اصل ڪين
کائين، نه فقط انهي ڪري ته هو ٿيا سفٽ آهن پر ڪچي
کان طبعيت جو ميل ۽ تندرستي انهي ۾ ڄاڻندا آهن،
اسين گهر ۾ سڀ ننڍا وڏا گڏجي هڪڙي دستر خاني تي
ويهي کائيندا آهيون ۽ هٿن سان کائيندا آهيون ٿورن
ورهين کان وٺي يعني نوڪري جي وقت کان وٺي آءُ
ڪانٽي ۽ ڇري سان ٽيبل تي ويهي کائيندو آهيان ۽
شادي ڪرڻ کانپوءِ به اڪثر سڀئي ڀاتي ميز تي ويهي
کائيندا آهيون، پر ٻيا ڀاتي ڪانٽو ۽ ڇري ڪم نه
آڻيندا آهن، ادو جعفر قلي پنهنجي مڊم ۽ ٻارن ٻچن
سان گڏ ڪانٽي ۽ ڇري سان کائيندو هو، پر جڏهن اسان
وٽ ايندو هو تڏهن هٿن سان کائيندو هو، نادر بيگ به
ائين ڪندو آهي، جواني کان منهنجي اها عادت آهي ته
ٿورو کان ۽ ڍو نه ڪريان: جيئن ٿورو ڳالهايان ۽ بڪ
نه ڪريان.
آدم کي خراب خوار ٻن سازن ڪيو:
شرنائي نڙي جي هڪ، دهل پيٽ جو ٻيو،
فتني ۽ فساد جا اهي ٻئي باني،
ڪمخوار ٿيو ته پوءِ ڪم خوار ٿيو.
اڪثر چئن پنجن ڪلاڪن کانپوءِ ضرور ٿورو گهڻو پيٽ ۾
وجهان ته ڪم ڪرڻ لاءِ طاقت رهيم، اسر جو چئين
پنجين ڌاري جڏهن اٿان تڏهن ڊبل روٽي يا ڪوڪي سان
چاءِ يا ڪافي پيان ۽ وري نائين ڏهين بجي هلڪو
ناشتو ۽ چاءِ پيان ۽ هڪ بجي ڌاري ماني کان، ڏينهن
جو چئين پنجين ڌاري بسڪٽ سان چانهه پيان ۽ وري
نائين بجي ڌاري رات جي ماني کان، ان کانپوءِ ڪلاڪن
کن پنڌ ڪري وڃي سمهان، انهي ڪري چانهه زياده
پيئندوآهيان ۽ انهي ڪري ڪم ڪرڻ جي پاڻ ۾ زياده همت
ڄاڻندو آهيان، چانهه جي تعريف ۾ هڪڙو شعر لکيو
اٿم، جو يارهين بابت ۾ ڏنل آهي، انهي هوندي به
عادت ڀڃڻ جي لاءِ ڪڏهن ڏينهن جا ڏينهن ڇڏي ڏيان ۽
اصل نه پيان، پاڻي جي صفائي جي اسان کي گهڻي ڳڻتي
رهندي آهي، جيڪڏهن پاڻي يا پاڻي جو ٿان پورو صاف
نه هوندو آهي ته اهو پاڻي اصل نه وٺندو آهي، اگرچه
سڀ گڏ ويهي کائيندا آهيون ته به هر ڪو پنهنجي
پنهنجي رڪابي ۾ چمچي سان کاڌو ڪڍي کائيندو آهي،
هڪڙي ٿانو ۾ سب گڏجي هٿ وجهي کائڻ پسند نه ڪندا
آهيون، لاچار ڪنهن مجلس ۾ کائبو آهي، پاڻي کان
سواءِ سوڍا يا ليمن نه وٺندو آهي، شراب کي حرام
سمجهندا آهيون، ۽ اسان مان ڪو به ڪو نه پيئندو
آهي، تماڪ يعني حقو نه اسان مان ڪو نه پيئندو هو،
سواءِ بابي ۽ امان جي هاڻي ٿورن ورهين کان اسان
مان ڪي ڇوڪرا سگارون ڇڪيندا آهن، سي به مون کان
لڪائي جو آءُ پاڻ اصل نه ڇڪيان.
غسل ۽ صفائي:
وهنجڻ جو به اسان کي گهڻو تاڪيد رهندو آهي، آرڙهه ۾ به
آءُ روز صبح جو سوير وهنجندو آهيان، بلڪه ڪڏهن ته
شام جو به ٻارن کي به اڪثر هر روز وهنجاريندا
آهيون، سياري ۾ هر روز وهنجڻ مشڪل ٿيندو آهي، ۽
اڪثر گرم پاڻي ڪم ۾ ايندو آهي، آرڙهه ۾ ٻار ڦليلي
۾ به وڃي وهجندا آهن، آءُ پاڻ تري نه ڄاڻان، ليڪن
ٻار گهڻو ڪري تري ڄاڻندا آهن.
پوشاڪ:
خوراڪ کانپوءِ پوشاڪ جو ٿور ذڪر ڪندس، بابو مرحوم جڏهن
ڇوڪراڻي وهي ۾ سنڌ ۾ آيو، تڏهن سندس پوشاڪ ايران
هئي، سندس قبا جنهن سان هتي آيو هو سا اڃا اسان وٽ
رکي آهي، جيئن منهنجي ڄمڻ تي پهريون ڍڪايل پهراڻ
اڃا اسان وٽ موجود آهي، ميرن وٽ رهڻ ڪري بابو ۽
نانو سنڌي ميراڻي پوشاڪ ڍڪيندا هئا، يعني ميراڻي
سنڌي ٽوپي، پهراڻ، صدري ۽ جتي ميرن جي صاحبي
کانپوءِ به اها پوشاڪ هوندي هيس، فقط پڇاڙي وارن
ڏينهن ۾ ٽوپي جي بدران لنگي جو پٽڪو ٻڌندو هو،
منهنجا ٻه وڏا ڀائر به سنڌي ٽوپي ۽ ٻي اهڙي پوشاڪ
ڍڪيندا هئا، ۽ بمبئي جي ڪالجي ۾ به سنڌي ٽوپي
ڍڪيندا هئا، اهڙن سندن تصوير به موجود آهي، مون ۽
مون کان ننڍن ڀائرن سنڌي ميراڻي ٽوپي ڪڏهن نه ڍڪي،
گهر ۾ جمني ٽوپي ڍڪيندا هئاسين، ۽ پوءِ پٽڪو
ٻڌندا هئاسين، ڪالجي ۾ به آءُ پٽڪي سان ويس، اتي
آغا خان ۽ ٻين ايرانين جي صحبت ۾ ايراني ڪاري ٽوپي
به ڪم آڻڻ لڳس، ۽ موٽي هٿ اچڻ تي آءُ ۽ منهنجا
ڀائر ايراني ٽوپي ڍڪڻ لڳاسين، ۽ پوءَ ترڪي ٽوپي
ڍڪيسين، جا اڃا ڍڪيندا اچون، انگريزي ٽوپي فقط
ڊاڪٽر مرزا ۽ نادر بيگ ڍڪي، ٻيا جوان هاڻ ڍڪڻ لڳا
آهن، نوڪري کان اڳي آءُ ڏاڙهي کي صفائي ڏيندو هوس،
پر پوءِ ڇڏي ڏنيم، جنهن بابت هڪڙو فارسي شعر هيٺ
ڏنو اٿم، پيري ۾ ڪيس نه ڪندو آهيان.
پند جي عادت:
پنڌ ڪرڻ جي اسان کي ننڍي هوندي کان عادت پيل آهي، ستن
اٺن ورهين کان وڄي پنهنجي ڳوٺ کان شعر تائين پنڌ
ايندا ويندا هئانسي ۽ جهنگ ۾ رهڻ ڪري به گهڻو
گهمندا ڦرندا هئاسين، جنهن ڪري ڪو هن جا ڪوهه ڪري
ويندا هئاسين، مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري آءُ
پنهنجن ٻن ڀائرن سان گڏجي ٽنڊي محمد خان تائين پ
ويو هوس، جو ڏهه ڪوهه پري آهيڪ، اسين شام نڪتاسين
چانڊوڪي رات هئي ۽ وڏي اسر جو اتي وڃي پهتاسين،
ڏينهن اتي گذاري وري شام جو نڪتاسين ۽ صبح جو ڳوٺ
آياسين، آءُ اڃا تائين هر روز صبح جو ڪلاڪ ٻه ضرور
پنڌ ڪندو آهيان، ٻني تي ويندو آهيان، ۽ پوءِ اٺين
بجي ڌاري موڦٽي اچي ڪم شروع ڪندو آهيان، اسان جا
ٻار به پنڌ ڪندا آهن پر هاڻي جڏهن اسان وٽ گاڏيون،
گهوڙا ۽ بائسيڪلون آهن تڏهن انهن تي ايندا ويندا
آهن، انهي هوندي به ٿڌڌي وقت ۾ هنن کي پنڌ موڪلبو
آهي:
نوڪري جي وقت ۾ ميهڙ ۽ قمبر تعلقن مان ڏاڙهيارو جبل
سارو گهميس، جتي ڪتي جي قبر آهي ۽ انهي جو بيان
لکيو اٿم، ڪوٽڙي مان کير ٿر ۽ ڪارو جبل به پيادو
آرپار ويو آهيان، جنهن ڪري جبل جا ماڻهو به حيران
ٿيو ٿي ويا.
آءُ ٿيس پير، مگر وئي نه جواني مون مان،
گل ڪوماڻل جو وڃي رنگ ۽ رهي بو باقي.
جانورن تي رحم
جهنگ ۾ رهڻ ڪري پکين ۽ جانورن رکڻ جو شوق ننڍي هوندي
کان گهڻو رهيو، ڳائو، ماهيو ۽ ٻاڪرو مال ضرور رکڻو
پوي ٿول، گهوڙا ۽ اٺ به رکڻا پون ٿا، ۽ انهي ڪري
هاڻي گاڏي به رکڻي پوي ٿي، هرڻ، ڦاڙها، دنبا ۽
گهٽا بنه رکبا آهن، بلڪه سرهه ۽ گڊ جي ٻچن پالڻ جي
ڪوشش به ڪئي وئي هئي پر اهي نه بچيا ، شڪاري ڪتا
۽ ٻيا منهنجن ڀائرن وٽ گهڻا آهن، ۽ چڱا چڱا ٻلا،
ڪبوتر، چتون، بورنون، ڪاڪاٽا ۽ چيها اڪثر رکڻ ۾
ايندا آهن، ۽ انهن جي ٻچن ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو
ويو آهي، گهوڙين جو نسل گهڻن ورهين کان اسان وٽ
هلندو اچي، اهي وهٽ ۽ اهو مال اڪثر ديهه تي رهندو
آهي، ضرورت مهل منجهانئن ڪي جانورن گهرائبا آهن
گهڻ جانورن موجود رکڻ ڪري آءُ پنهنجي اڳوڻي گهر کي
”نوح جي ٻيڙي“ سڏيندو آهيان،م جو منجهس نموني
نموني جو جوڙو گڏ ڪيو ويو هو، اهڙو هڪڙو منهنجو
شعر به آهي.
شڪار
جهنگ ۾ رهڻ ڪري شڪار جو شوق ننڍي هوندي کان اسان کي
هوندو هو، خاص منهجن وڏن ڀائرن کي، هو ننڍي هوندي
جهنگ ۾ وڃي پکڙن ۾ تتر ڦاسائيندا هئا ۽ وڏي
هوندي بندوقن سان شڪار ڪندا هئا، ادو مرزا صادق
علي بيگ ۽ ادو جعفر قلي بيگ خاص طرح شڪار جا شوقين
هئا، ۽ چڱي بندوق هڻندا هئا، ا گرچه ٻيا ڀائر به
شڪار ڪندا هئا، آءُ پاڻ به جواني ۾ شڪار ڪندا
هئا، هرڻ، ڦاڙها، سها، بدڪون، هنجهه ۽ تلوريون ۽
تتر شڪار ڪندا هئا، آءُ پاڻ به جواني ۾ شڪار ڪندو
هوس، ۽ نوڪري وارن ڏينهن ۾ بندوقون کڻندو هوس، هڪ
دفعي ميهڙ ۾ اتفاق سان بندوق هٿ مان ڇٽي وئي ۽ ان
جو گهوڙو منهجي ڳو ۾ لڳو ۽ وڏو زخم ڪري وڌائين،
جنهن ڪري ڳچ وقت بيمار پيو هوس، اڃا تائين به اهو
داغ اٿم، جو هاڻي ڏاڙهي ۾ لڪي ويو آهي، انهي کان
پوءِ بندوق پاڻ وٽآن ڪڍي ڇڏيم ۽ وري شڪار نه ڪيو
اٿم، تنهن کانسواءِ مون کي جانورن تي گهڻو قياس به
ايندو آهي، شڪار جي نسبت ۾ منهنجي راءَ آهي ته جتي
ڪو ٻيو کاڌو موجود نه ٿي سگهي اتي شڪار ڪري پکي يا
جانورن مارڻ ۾ کائڻ لاچار آهي، انهي وقت به اهي
ايترا مارجن، جيترن جي گهرج هجي، نه وڌيڪ تماشي
جي لاءِ پکي يا گهڻا جانور مارڻ، پاپ جهڙو ڪم
آهي.
وئي هاءِ جواني، نه وري مور ڏسان،
هرڻ جو شڪار دل اڃا چئي ته ڪريان،
قد منهنجو ڪمان جان ٿيو پيري کان ڏنگو،
لٺ زهه ڪري ان جي، تير ٿو خوب هڻان
نقصان رسائڻ وارن جانورن کي مارڻ ٻي ڳالهه آهي، جيئن
ته وڇون نانگ، بگهڙ وغيره انهي ڪري مون کي جانورن
تي گهڻو قياس ايندو آهي، پنهنجي هٿ سان ڪڪڙ يا تتر
ڪو به ساهوارو مومن ڪو نه ڪٺو هوند ۽ نه ٻئي کي
ڪهندو ڏسي سگهندو آهيان، بلڪه ڏينبو يا وڇون کي به
جهنگ ۾ ڪٿي ڏسي ڇڏڌي ڏنو هوندم، نوڪري جي وقت ۾
هڪڙي ڀيري صبح جو هوا کائيندو سڙڪ تي هڪڙو ڪڇون
سرندو ڏٺم، آءُ حيران ٿيس ته سڪي تي ڪڇون ڪئين
آيو! آخر بيهي خيال ڪيم، جانچيم ته سڙڪ جي هڪڙي
پاسي ڪوهه کن پنڌ تي هڪڙو ڍورو هو، جو تازو سڪي
ويو هو ۽ سڙڪ جي ٻئي پاسي ميل کن پنڌ تي هڪڙي ننڍي
ڍنڍ هئي، ڪڇون کي سڀائي طرح معلوم ٿيو ته پاڻي سڪڻ
ڪري ڍنڍ ڏي وڃڻ گهرجي،ڪ تنهن ڪري انهي رخ ڏي سرندو
ويو، مون کي ڊپ ٿيو ته متان ڪو ڪتو يا گدڙ يا ٻي
ڪو جانور هن کي ماري وجهي، تنهن ڪري هن کي کڻي پنڌ
ڪري وڃي ڍنڍ تائين پهچائي آيس، ائين ڪرڻ ڪري آءُ
ڏاڍو خوش ٿيس، تنهن کانسواءِ گوسٽ گهٽ کائڻ ڪري به
شڪار ڪرڻ جي خواهش نه ٿيندي آهي، انهي دل جي ميل
ڪري جانورن کي ظلم کان بچائڻ واري سوسائٽي جو
ميمبر آهيان، جيئن مٿي پڻ اشارو ڏنل آهي.
ساهه حيوانن جو بخشڻ اصل ٿي انسانيت،
ٿي تون انسان، اي ادا، ڇو ٿو ڪهين حيوان کي.
نوڪري ڪرڻ جو رستو:
سرڪاري نڪري هڪڙي ريت ڪندو هوس، تنهن جو ٿورو ذڪر ڪندس،
سرڪار جو نوڪر ٿي پاڻ تي فرض سمجهندو هوس ته
سرڪاري حڪمن، قاعدن ۽ قانونن جي پوري تعميل ڪريان:
پوءِ اگرچه انهن جي نسبت ۾ منهنجي ذاتي راءَ مخالف
هجي، رعيت ٿي پاڻ تي فرض سمجهندو آهيان ته سرڪار
جي برخلاف نڪي چوان، نڪري ٻڌان، سرڪار جي بر خلاف
فساد يا بغاوت ڪرڻ نامناسب، بلڪه اسلامي اصول موجب
نمڪ حرامي ۽ گناهه سمجهندو آهيان، نوڪري ايمانداري
سان ڪندو هوس، جيتوڻيڪ سرڪاري حڪمن جي پوري تعميل
ڪندو هو ته بي ٻي خلق تي ۽ رعيت تي انصاف رحم ۽
مهرباني جي نظر رکندو هوس، سرڪاري قاعدو ڪهڙو به
سخت هوندو ته به انهي جي تعميل، عملدار جي پنهنجي
دل جي ميل تي تعلق رکي ٿي، نرمي ڪرڻ گهرندو ته نرم
ٿيندو ۽ جي سختي ڪرڻ گهرندو ته سخت ٿيندو، بيشڪ
اهڙو اعتدال جو رستو آهي، جنهن ڪري قاعدي جي تعميل
به ٿئي ۽ ٻئي کي اجائي تڪليف به نه رسي، مثلا فصلن
جي معافي ڏسڻ جو ڪم معافي جي رولن موجب سختي سان
ڪرڻ ڪري آبادگارن سان سختي ٿي سگهي ٿي ۽ واجبي
رستي سان ڏسڻ ڪري سختي نٿي ٿي.
واٽ ڏيکارڻ گهرين جي، آهي عالم سارو واٽ،
هٿ وٺي چاڙهڻ گهرين جي، آهي دنيا ساري گڏ.
سرڪاري نوڪري ۾ نه مون ڪنهن سان خاص دوستي رکي ۽ نه
ڪنهن سان خاص دشمني رکي، ائين ڪو به چئي نه سگهندو
ته فلاڻي زميندا يا ماڻهو سان فلاڻي جي دوستي آهي،
يا فلاڻي سان دشمني آهي، سڀني کي درجي آهر مناسب
آبرو ڏيندو هوس، ۽ چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تحسين ڏيندو
هوس، ۽ بيواجبي ڪم ڪرڻ لاءِ شوخي ڏيکاريندو هوس،
معافي گهرڻ تي اڪثر معافي ڏيندو هوس، پر جي ڪنهن
خود منهنجي بر خلاف ڪجهه چيو يا ڪيو هوندو ته انهي
ڪري هن سان وير رکي نقصان نه پهچايو هوندم، ڪنهن
کي گار گند عمر نه ڏنيم ۽ نڪي چڙ ۾ ڪڏهن اجايو
سجايو ڳالهايو هوندم، جي اتفاق سان گهڻي چڙ ۾
”بدمعاش“ يا ”بيوقوف“ چئي ويٺو هوندس ته پوءِ
پشيمان ٿيو هوندس.
تون واڳ نفس مهوس کي نه ڏي،
ايذا نه ڪنهين به خار ۾ خس کي نه ڏي،
جي ڀانئين ته جڳ ۾ پائين سک ۽ عزت،
بيڪس کان نه وٺ ڪي به ۽ ناڪس کي نه ڏي.
هڪڙِي ڀيري ياد اٿم ته ڪنهن ڇوڪراٽ کي ڪنهن سرڪاري
نقصان ڪرڻ ڪري ڪاوڙ ۾ ”احمق“ به سڏيم ۽ ڌڪ به هنيم
۽ هڪالي ڪڍي ڇڏيم، هن جي وڃڻ کانپوءِ پشيمان ٿيس ۽
نوڪر کي سمجهايم ته ڪنهن عذر سان انهي کي سڏي،
ماني کارائي خوش ڪري ڪڍن، ڪنهن ڪيس ۾ ڪنهن کي سزا
ڏني هونديم ته قياس سان ڏني هوندي، ۽ اهڙن لفظن ۾
جنهن ڏوهي ڄاڻندو هوس ته هن لاچار قاعدي جي پورائي
لاءِ سزا ڏني آهي ۽ نه ڪاوڙ يا ڇڙ کان، ڪيس هلائڻ
ڌرين کي يا انهي جي وڪيلن کي ڄاڻي ٻجهي نه رلايو
هوندم، روينيو ڪم جي مون کي گهڻي ڏکيائي نه ٿيندي
هئي مگر فوجداري ڪيس جي هلائڻ کان گهڻو ڊڄندو هوس،
ته متان بي انصافي ٿئي، جڏهن به ڪو ڪيس فيصلي لاءِ
رکيو ويو هوندو ته پڙهڻ کانپوءِ فيصلي لاءِ
مونجهارو ٿيندو هو، ۽ پوري طرح خيال ۾ ايندو هو ته
قيدي کي ڇڏيان يا سزا ڏيان! اهڙي حالت ۾ اڪثر وڃي
نماز پڙهي خدا کان سوال گهرندو هوس ته مون کي
هدايٿت ڪري ۽ حقيقت موجب انصاف جو خيال دل ۾ وجهي
۽ پوءِ وڃي نئين سر ڪيس پڙهي ويچار ڪري هڪڙو فيصلو
ڪندو هوس، ۽ ڄاڻندو هوس ته اهو فيصلو خدا منهنجي
دل ۾ وڌو آهي، ۽ جي انهي ۾ ڪا سهو يا بي انصافي ٿي
وئي هوندي ته به خدا معاف ڪندو، سرڪاري نوڪري ۾
رشوت کان هميشه پاوس ڪندو رهندو هوس، خدان جي
مهرباني سان انهي ايمانداري ۽ سچائي ڪري آءُ
منهنجا ٻيا ڀائر مشهور هئاسين، آءُ هميشه اها نظر
رکندو هوس ته جتي منزل ٿئي اتي اسان جو عملو يا
اسان جا زبردست ۽ نوڪر غريبن کي ايذا يا تڪليف نه
رسائين، انهي لاءِ جيتري نظر ٿي سگهندي هئي اوتري
ڪبي هئي، جيڪو ڪم وارو يا درخواست وارو ايندو هو
انهي کي جلد ڪم لهرائي روانو ڪندو هوس، ۽ پٺيانئس
اها نظر به رکندو هوس ته متان پٽيوالو يا نوڪر يا
منشي ڪا تڪليف نه ڏينس، اگرچه انهي نظر داري
هوندي به اهي نه رهندا هوندا، پهريون مقدمو جو
مئجسٽريٽ ٿي مون هلايو، سو مون کي ياد آهي، ته
هڪڙي ٻڍڙي زال جهنگ مان ڪلر کڻي لوڻ جوڙڻ هو، تنهن
کي پوليس رجوع ڪيو هو، هن تي ڏنڊ وڌم، پر زال جي
غريبي ڏسي ڏاڍو رحم آيم جو هو پئسي نه هئڻ ڪري جبل
۾ ٿي ويئي، تنهن ڪري لڪ چوري ۾ نوڪر کي ڏنڊ جا
پئسا ڏنم، ته هن کي وڃي ڏئي، ٽڪيٽ کان سواءِ ريلوي
۾ چڙهڻ واري هڪڙي فقير سان به هڪ ٻه دفعا ائين ڪيو
هوم، نوڪري جي عرصي ۾ اڪثر زميندارن جي مهماني نه
وٺندو هوس، ۽ نه ڪنهن کي پاڻ وٽ مهمان ڪندو هوس،
دستور موجب جدا جدا منزلن تي هندن تي جي پنچائت،
پتاشن يا مصري جا ٿالهه اڻيندي هئي ته اهي سندن
روبرو پٽيوالي کي سڏي چوندو هوس ته اتي جي اسڪول ۾
وڃِ ماستر جي معرفت ٻارن کي ورهائي ڏئي، بالا
آفيسرن کي به ڪڏهن ڪو ميوو يا تحفو ڪو نه ڏنم،
اگرچه معلوم هوم ته ٻيا مون جهڙا علمدار ائين ڪندا
آهن ۽ نه انهن جي عملي وارن کي دستور رقم ڏيارڻ جي
ڳڻتي رکندو هوس، اهو ڪم هو پنهنجو پاڻهي ڪندا
هوندا، ليڪن مون کي ڪڏهن هنهن آفيسر انهي بابت
عتاب ڪو نه ڏنو، ۽ نه بالا آفيسرن سان ڪڏهن نيچائي
جي هلت ۽ خوشامد ڪئي هونديم، مون کي يقين آهي ته
ٻين مون جهڙن عملدارن جي هلت ڏسي هنن کي ازخوس
معلوم ٿيندو هوندو ته آءُ ڄاڻي ٻجهي ٻي طرح جي هلت
ٿو ڪريان، انهي ڪري سمجهه وارا عملدار زياده
مهربان رهندا هئا، ۽ ڪي خوشامد پسند انهي ڪري
مغروري سمجهي رنج رهيا هوندا، پر انهي جو مون کي
فڪر نه رهندو هو، ڇا لاءَ جو اهڙو ڊپ نه رهندو هو
ته بي ايماني جي تهمبت اچي سگهندي يا انهي جو ڪو
شڪ پيدا ٿي سگهندو، چوندا آهن ته ”آنراڪ حساب پاڪ
است، ازمحا سبه چه باڪ“ ڪرنل ميهو، ڪليڪٽر، تمام
سخت ماڻهو هوندو هو ۽ رشوتخورن بي ايمانن ۽ سست
عملدارن جو دشمن هوندو هو، تنهن جي مهرباني
ايتريقدر هوندي هئي جو جڏهن آءُ وارهه ۾ مختيار
ڪار هوس ۽ بيمار هوس ۽ سندس زال اتي هئي تڏهن مون
کي پنهنجي خانگي جاءِ تي اچي ڏسندو هو، ۽ دلاسا
ڏيندو هو، مسٽر ميولسس به ساڳي طرح جي هلت ڪندو
هو، سرڪاري نوڪري ۾ گهڻن هنڌن تي نوڪري ڪيم، ۽ هڪ
هڪ هنڌ تي ٻه ٽي ورهيه رهيس، بلڪه پوئين جڳهه يعني
ڪوٽڙي ڊويزن ۾ ته ساندهه ڏهه ورهيه رهيس، ۽ اهڙي
طرح نوڪري ڪيم ۽ ماڻهن سان هلت ڪيم، جو اڃا تائين
انهن هنڌن جا ماڻهو مون کي ياد ڪندا آهن ۽ وري اتي
اچڻ لاءِ چوندا آحن، سڀ ڪنهن هنڌ بدلي ٿيڻ
وقتپارٽي ڏيڻ يا مجلس ڪا پارٽي قبول نه ڪيم ۽ نه
تصوير ڪڍايم، جيئن هاڻي عام دستور آهي، گهڻا آفيسر
ته پاڻا اشارو ڏئي اهڙيون پارٽيون ڏياريندا آهن،
جيئن سندن مشهورائي ٿئي، خوشي جي ڳالهه آهي ته اها
عادت منهنجن ٻين ڀائرن توڙي انهن جي به نه رهي
آهي.
دل جا لاڙا ۽ سادگي:
پنهنجي دل جي لاڙن ۽ سادگي بابت ٿورو لکڻ مناسب ٿو
سمجهان، آءُ پنهنجن عزيزن ۾ بلڪه دوستن ۾ نماڻو،
نهٺو، نرم، دل صبر وارو ۽ ٿور ڳالهائو شمار ڪيو
ويندو آهيان، انهي جي لاءِ آءُ خدا جو شڪرانو ڪندو
آهيان ۽ انهي کي فخر سمجهي خوش ٿيندو آهيان.
نياز نسل شرافت جو آهي اصل دليل،
گهڻي مڙڻ سان سڃاپي ٿي ڏس ترار اصيل.
منهنجو نالو به قليچ آهي، جنهن جي معنيٰ ترڪي ۾ آهي
”ترار“
اگرچه خبر به اٿم ۽ معلوم به ڪري سگهبو آهي ته ماڻه انهي کي
منهنجو عيب سمجهندا آهن ۽ آنهي کي حد کان زياده
نرمائي يا ڀورڙائي شمار ڪندا آهن، ڪو ٻيو ٽوڪ ڪندو
يا ڪجهه چوندو ته انهي تي گهڻو چڙندو نه آهيان، ۽
صبر ڪري گذاريندو آهيان، فقط بي آبروئي جي حالت ۾
ڪجهه چوندو يا ڪندو آهيان، اهڙي هلت ڪن وٽ بي
عقلي جهڙي ڳڻبي آهي، ائين هوندو، مگر ننڍي هوندي
کان منهنجي طبيعت اها رهي آهي يا آءُ اهڙو ڀورڙو
هوس يا اڳي زمانو ٻيو هو ۽ هاڻي ٻيو ٿيو آهي!
ڀورڙائي جو مٽال هي آهي ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهڻ
جي وقتائين يعني ڏهن ٻارهن ورهين تائين مون کي
برابر سمجهه ۾ نٿي اچي سگهيو ته ٻار زالن کي ڪٿان
۽ ڪيئن تا ڄمن!، مون کي ياد آهي ته منهنجي ماءُ کي
گهڻن ٻارن ڄڻڻ ڪري پيٽ تي گهنج يا ليڪا مون کي ڏسڻ
۾ ايندا هئا، ۽ آءُ ڄاڻندو هوس ته پيش کي چهڪ ڏيئي
وڍي ٻار ٿيون ڄڻين، اهڙو ٻيو پنهنجي سادگي يا
ڀورڙائي جو مثال ڏيندس، جنهن تي پڻ پڙهندڙن کي
شايد کل ايندي، آءُ پنجويهن ورهين ۾ سرڪاري نوڪر
ٿيس، تيستائين ڇڙهو هوس، پوءِ شادي ڪيم، جيئن مٿي
ذڪر ڪيو اٿم جڏهن شادي ڪرڻ جو سعيو ٿي ڪيم، تڏهن
مون کي بعضي دل ۾ خيال ايندو هو ته شادي ته ڪريان
ٿو پر مڙس ۽ زال ڪيئن صحبت ڪندا آهن، تنهن جي پوري
خاطري جهڙي خبر نه اٿم! نه ته اها ڳالهه طبعي ۽
قدرتي آهي ۽ کائڻ پيئڻ وغيره وانگي پاڻهي ماڻهو
کي معلوم ٿي ٿئي اگرچه خبر هئي ته زال مڙس جي
صحبت شادي جي ٻارن ڄمڻ جو سبب ۽ اپاءُ آهي، مگر
انهي صحبت جي پوري شڪل يا صورت معلوم نه هئي تنهن
ڪري اهو خطرو رهندو هوم ته شآدي ڪرڻ کانپوءِ الاجي
ڇا ڪندس ۽ ڪيئن ڪندس، ۽ مون کي پڪ آهي ته هن زماني
۾ ڏهن ورهين جي عمر وارن کي به شايد انهي حقيقت جي
پوري پوري خبر آهي، ڀورڙائي سان گڏ نرمائي ۽ قياس
جي حالت به مون ۾ خاص طرح جي آهي، منهنجي ڪنهن
نوڪر يا ٻار تي ڪو ماڻهو دانهين ايندو آهي ته مون
کي گهڻو ڪري پڪ ٿيندي آهي ته ڏنگائي ضرور نوڪر جي
يا ٻار جي هوندي، تنهن ڪري ضرور انهن کي فهمائش
ڪندس يا سزا ڏيندس، ٻيا ماڻهو اڪثر ائين نه ڪندا
آهن، پنهنجن جي طرفداري ڪندا آهن، ڪنهن به ماڻهو
جي شڪايت يا گلا نه ٻڌندو آهيان، ۽ جيسين پڪ نه
ٿيندي اٿم تيتري ۾ اها نه وسهندو آهيان ۽ نه انهي
۾ ڪو به گمان پوندو اٿم ٻه ڄڻا وڙهندا ڏسي يا
ٻڌندس ته منهنجي دل جو ميل ضرور هيڻي يا ضعيف جي
پاسي هوندو، ۽ مدد ڪرڻ به انهي کي چاهيندو هوندس،
جيڪو ڪرندو يا هارائيندو يا غم ڪندو تنهن جي لاءِ
گهڻو ارمان ٿيندم ٻين ڌارين ماڻهن جي گهر ۾ قضيي
ٿيڻ ڪري آءُ پاڻ روئندو آهيان ۽ ٻين جي غم جو
احوال ٻڌي مون کي روئڻ ايندو آهي، هڪڙي ڀري نوڪري
جي وقت گهوڙي تي چڙهي نڪتو هوس، رستي ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾
ڪنهن گهر ۾ قضيو ٿيو هو، ڪا زال مئي هئي مڙس ماڻهو
ڪو نه ڪيو ٻارن ڏاڍو پئي رنو، آءُ بيهي رهيس، پڇا
ڪرڻ تي جڏهن حقيقت معلوم ٿي تڏهن لهي پيس، پنهنجي
نائڪ ۽ اردلي جي مدد سان انهي زال جي دفن ڪفن جو
بندوبست ڪيو ويو، ۽ ماني ٽڪي لاءِ مناسب پئسا ڏنا
ويا، ۽ ٻارن کي گهڻو دلاسو ڏنو ويو، هنن کي
روئيندي ڏسي مون گهڻو رنو، انهي دل جي ميل ڪري
آءُ اڪثر مون کي گهڻو ياد ڪندو آهيان، ۽ سمهڻ مهل
خاص طرح ڄاڻندو آهيان ته شايد رات جي عرصي ۾ مري
وڃان، منهنجو بيت آهي ته.
موت کي ڪري ٿو هردم ياد،
آهي تحقيق زندهه جاويد،
رکي جا موت سان دل آشنائي،
هميشه لئي رهي جيئري ٿي سائي.
انهي خيال سان مون پنهنجي قبر پڪي پنهنجي مقام ۾
پنهنجي پهرين زال جي قبر جي پاسي ۾ ٺهرائي ڇڏي آهي
۽ اتي منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ۽ ڀائن، ڀيڻن جون به
قبرون آهن، اتي سڀ ڪنهن جمعي جي ڏينهن صبح جو آءُ
ويندو آهيان ۽ ختمو ڏيندو آهيان، ۽ پنهنجن مئلن
مائٽن کي ياد ڪندو آهيان، پنهنجي قبر ڏسي چوندو
آهيان ته هڪڙي ڏينهن آءُ هتي رکيو وينديس، بشر
طيڪ ڪنهن ٻئي هنڌ سفر ۾ نه مئس پنهنجو ڪفن به تيار
ڪري رکي ڇڏيو اٿم، بلڪه جنازي کڻڻ جي ڏولي به
ٺهرائي ڇڏي اٿم، جاٻين عزيزن جي وفات وقت به ڪم
پئي ايندي هئي، مون گهڻ عزيزن ۽ دوستن جي وفات جون
تاريخون فارسي شعر ۾ چيون آهن، اهو خيال به دل ۾
آيم ته منهنجي قبر تي به خود منهنجي تاريخ اڪرڻ ۾
اچي ته چڱو تنهنڪري گهڻن ورهين کان وٺي هجري سال
جي شروع ۾ پنهنجي مرڻ جي تاريخ شعر ۾ چوندو آهيان،
جنهن ۾ ابجد جي حساب سان اهو هجي سال ڏنو ويو آهي،
اهي سڀ پنهنجون يا پرايون تاريخون منهنجي ڪتاب
”سوداي خام“ ۾ ڏنل آهن، پنهنجي وفات جون ڪي
تاريخون نموني لاءِ يارهين بابت ۾ ڏيندس.
صبر ۽ قناعت ۽ توڪل:
خدا جو شڪرانو آهي ته خدا دل ۾ صبر، قناعت ۽ توڪل گهڻي
ڏني آهي ۽ دنيا جي طمع بلڪل نه ڏني اٿس، تنهن ڪري
پئسي ميڙن جو شوق مون کي ڪونهي، ايمانداري جي رستي
غريبي مان هن حالت تي آيو آهيان ۽ منهنجا ڀائر به
ائين آيا، تئين ڄاڻندو آهيا ته منهنجي اولاد کي به
خدا پاڻهي چڱي حال ۾ رکندو ۽ انهن لاءِ مٿو هڻي
گهني دولت ڇڏي وڃڻ نه گهرندو آهيان.
جي گهرين دولت هجي جا پائدار ۽ برقرار،
خلوت آهي ۽ قناعت، سا تون عادت تن جي ڌار.
-------------------------
جيڪو قانع ٿئي، ڏسي تلخي زماني جو نه سو،
سڀ سمنڊ کاري جي وچ ۾ ٿئي مٺو پاڻي پيئي.
وسعت آهر فرض سمجهي هنن کي تعليم ڏني اٿم ۽ پيو ڏيان،
جيڪي موجود آهي، سو هنن جي لاءِ ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار
آهيان، ۽ انهي ڪم لاءِ پاڻ کي جلد مرڻ وارو ڄاڻي ۽
اولاد جي وچ ۾ تڪرار يا ناسازي ٽارڻ جي ارادي سان
پنهنجو وصيت نامو لکي مهر هڻي رکي ڇڏيو اٿم، انهي
جا ٻه ايگزيڪيوٽر يا تعميل ڪرڻ وارا به مقرر ڪري
ڇڏيا اٿم، ۽ ٿوري رقم چئن لائيف انشورنس پاليسين
جي رستي به رکي ڇڏي اٿم، جا منهنجي مرڻ کانپوءِ
ترت انهن کي ڪم اچي سگهندي، اهو ظاهر دنيائي ۽
عقلي احتياط ۽ اڳ ڳڻتي ڪئي اٿم باقي سڀ خدا تي
توڪل رکي سندس حوالي ڪيو اٿم.
ما ڪار خويش را به خداوند ڪار سار،
بسپرده ايم تاڪرم اوچه ميڪند.
بي طمعي:
اهڙي حالت ۾ دنيا جي طمع گهٽ هئڻ ڪري اگرچه دنيا ۽ آخرت
جي عزت ۽ سر خروئي هميشه خدا کان گهرندو آهيان، پر
نه دنيا جي دولت ۽ اجائي رستي سان نالو ناموس، وڏي
عهدي ۽ وڏي درجي يا لقب لاءِ ڪڏهن به خواهش ڪا نه
ڪيم ۽ نه ڪڏهن ڪوشش ڪيم، مٿي چيو اٿم ته خيرپور جي
”وزيريءَ“ لاءِ مير صاحب فيض محمد خان گهڻو زور
ڪيو ۽ پر ڪن خاص سببن ڪري جي منهنجي دل جي اصولن
جي بر خلاف هئا ۽ جن شرطن تي اها آڇ ٿي هئي سي مون
نه قبوليا ۽ جي ٻين قوليا ۽ وزير ٿيا ( ڏسو باب
يارهين ۾) سرڪاري عملدار لقبن لاءِ آفيسرن کي
منٿون آزيون ڪندا آهن ۽ خوشامد ڪندا آهن پر مون
ڪڏهن ڪا نه ڪئي ”قيصر هند“ جو ميڊل مليو پر انهي
جي به مون کي اوچتي خبر پئي ۽ اخبار ۾ پڙهيم، نه
ته بلڪه خبر نه هيم، انهي ساڳئي سال ۾ ادي مرزا
صادي علي بيگ کي به ”خانصاحبي“ جو لقب مليو، تنهن
کي به اڳي اها خبر ڪا نهي هئي، معلوم ناهي ته ڪئين
اها ڳالهه سرڪار جي ڌيان تي آئي ۽ ڪنهن ۽ ڪهڙي
کاتي مان اها سفارش ٿي! نوڪري کانپوءِ وائسراٰ جو
”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ به اوچتو مليو، ۽ مون کي ڪا به
خبر ڪا نه هئي پينشن وٺڻ کانپوءِ سرڪار مهربان ڪري
هزار ايڪڙ زمين جا هلڪي مالڪاڻي تي ڏيڻا ڪيا، گهڻن
ڪشالن کانپوءِ ٽنڊي محمد خان جي پاسي زمين هٿ ڪئي
وئي پر انجنيئر پاڻي ڏيڻ تي اعتراض آندو، شايد
زياده پئسا خرچجن ها ته انجنيئر کاتو به راضي ٿي
موڪل ڏي ها پر مون کي نڪي زياده پئسا هئا نڪي ڏيڻ
ٿي گهريم، تنهن ڪري ڏاڍي نفرت مان زمين جي دعوا
ڇڏي ڏنيم، اهو منهنجي طبيعت دل جي ميل، توڪل ۽
قناعت جو هڪڙو مثال آهي، جيڪا حالت هوندي آهي انهي
تي خوش رهندو آهيان، ۽ سمجهندو آهيان ته لائق انهي
جو آهيان، ۽ منهنجي چڱائي به انهي ۾ آهي.
تون حرس هوس جو دل ۾ ڪو ساز نه ڪر،
خودبيني ۽ خود فروش آغاز نه ڪر،
جي تنهنجي مراد ٿي نه پوري ته پڪار،
آئين تون نياز لاءِ هٿ، ناز نه ڪر.
انهي خيال سان سرڪاري نوڪري به جتي ٿيندي هئي اتي خوش
رهندو هوس، جو ڄاڻندو هوس ته خدا مون کي اتي رکايو
آهي، ڪڏهن پنهنجي بدلي لاءِ درخواست يا عرض نه
ڪيم، دل ۾ ڄاڻندو آهيان ته ڪيترا بيشمار ماڻهو آهن
جن جي حالت مون کان خراب ۽ گهٽ آهي، تڏهن شڪرانو
ڪندو آهيان ۽ اهڙو ناهيان، وري به بهتر آهيان،
ڪڏهن خدانخواسته ڪا مصيبت يا تڪليف ايندي آهي يا
ڪو نقصان يا ايذا پهچندو آهي تڏهن ڪوشش ڪري صبر
ڪندو آهيان، ۽ دل کي تسلي ڏيندو آهيان ته جي انهي
کان به وڌيڪ تڪليف يا نقصان ٿئي ها ته ٿي سگهي ها
يا شايد ٿيڻو هو، پر خداتعاليٰ پنهنجي فضل سان
انهي کي گهٽائي ايترو ڪيو ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو آهن
جن کي انهي کان به وڌيڪ تڪليف هوندي.
نفس سان جنگ:
اهڙي موت جي يادگيري ۽ خدا تي ڀروسي رکڻ ۽ خلق جي آسائش
۽ فيض رسائي جي خيالن سان ۽ وير وساري دوستي کرڻ
جي خواهش سن دل کي شيطاني خيالن هٽائڻ جي گهڻي همت
ٿئي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن بشريت ۽ طبيعت جي ڪري دل ۾ ڪي
برا خيال ايندا آهن ته هڪدم انهن کي ٽآرڻ جي ڪوشش
ڪندو آهيان ۽ انهي استعمال ڪري اڪثر فتحياب ٿيندو
آهيان، ۽ انهن جي بدران چڱن ۽ رحماني خيالن ڪرڻ جي
گهڻي سهوليت ٿيندي آهي.
نفس جڏهن تابع ٿئي تڏهن ڪم ڪري ڏاهپ جا سڀ،
امن ۾ عالم رهي جڏهن چور چوڪيدار ٿئي.
-------------------
نه مرڻ جي گهرين ته نفس کي مار،
ٻار جي لاءِ مار آهي، سڌار.
انهي عادت سان گڏ ننڍي هوندي جي سادگي ۽ ڀورڙائي جي مدد
گهڻي ڪمائتي ٿيندي آهي، انهي جو هڪڙو نتيجو هي آهي
جو مون کي عجيب نظر ايندو آهي ۽ جنهن کي آءُ
پنهنجي لاءِ خدا جي خاص مهرباني سمجهندو آهيان،
اگرچه شايد ٻين گهڻن جي به اهڙي حالت هجي، اهو هي
آهي ته جڏهن ٻاراڻي وهي گذّري ۽ بالغ ۽ جواب ٿيس
تڏهن مون کي ياد آهي ته پهريون شيطاني خواب لڌو
هوم، جنهن کي ”احتلام“ يا ”تڙ پوڻ“ چوندا آهن،
انهي مان مون کي معلوم ٿيو ته هاڻي آءُ بالغ آهيان
۽ شيطان جو ۽ نفس جو يعني شهوت جو مون تي عمل هلي
سگهندو، انهي لاءِ آءُ پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳس، ۽ ننڍي هونديجو حيا، شرم ۽ طبيعت جي سادگي ۽
پنهنجي عزت آبرو ۽ ناموس بچائڻ جي خواهش، آهي سڀئي
مون کي گهني قدر ڪمائتا ٿيا، يعني آءُ شيطاني ڪمن
کان بچڻ لڳس، بلڪه شيطاني خيال به نه اچڻ لڳا، يا
جيڪڏهن ايندا هئا ته اهي گهڻي قدر روڪي سگهندو
هوس، سگهوئي پوءِ شادي ڪيم، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم
انهي جواني جي وقت کان وٺي اڄ تائين مون کي ڪڏهن
به شيطاني خواب ڪو نه آهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا اهڙا
خواب ڏٺا هوندم، مگر هميشه پنهنجي زال سان صحبت
ڪرڻ جا ڏٺا هوندم، نه ڪنهن ٻي زال سان، انهي هوندي
به ڪڏهن آءُ پليت نه ٿيو هوندس، جنهن ڪري وهنجڻ جو
ضرور ٿئي، اها ڳالهه آءُ هميشه عجيب سمجهندو آهيان
۽ جيئن مٿي چيم ته پنهنجي نسبت ۾ خدا جي خاص
مهرباني سمجهندو آهيان اگرچه امڪان آهي ته گهڻن
ٻين جي به اهڙي حالت هجي، بهر حال انهي لاءِ آءُ
خدا تعاليٰ جو شڪر گذار رهندو آهيان.
مٽ توکي اي شاهه، مون گدا سان ڪنهن ڪيو،
نفس ۽ هوس آحي منهنجو هڪ ٻانهو ٿيو،
غالب ٿيو نفس توتي، تنهنجو سو ڌڻي،
ٻانهو ٿئي تون، منهنجي به هڪ ٻانهي جو. |