سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-12

صفحو : 19

26- سيپٽمبر:  آءٌ زناني ٽريننگ ڪاليج ۽ ڪندنمل گرلس اسڪول ۾ ويس. اُتي جا ماڻهو نهايت چڱي نموني پيش آيا. اسڪول ۾ هڪ تقرير ڪيم. گلن جا هار وڌائون. منهنجي گهڻي تعريف ڪيائون.

13- ڊسمبر: آءٌ ”صوفي سماگم“ جي واسطي ڪراچيءَ ويس ۽ پريزيڊنٽ ٿيس. ٽِ ڏينهن سانده شام جي وقت تقريرون ٿينديون رهيون. نادر بيگ جي بنگلي ۾ رهيس. سترهين تاريخ موٽي حيدرآباد آيس.

21- ڊسمبر: نيشنل ڪاليج وارن جي فرمائش تي اُتي وڃي ليڪچر ڏنم، ۽ ”سنڌي زبان ۽ لٽريچر“ جي مضمون تي لکيل تقرير پڙهيم. اُن کان پوءِ پارٽي ڪيائون، جنهن ۾ چانهه، بسڪيٽ، ڪيڪ وغيره کاڌاسين.

 

سن 1924ع

2-  جنوري: نئين سال جي لقبن جي ياداشت ۾، مون کي ”شمس العلماءء“ جو لقب مليو ۽ وائسراءِ هند جي سيڪريٽريءَ ۽ گورنر بمبئي جي سيڪريٽريءَ ۽ ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ۽ ٻين يورپين صاحبن ۽ مسلمانن ۽ هندن ۽ پارسي دوستن وٽان مبارڪ باديءَ جا خط ۽ تارون پهتيون.

26- جنوري: آءٌ بڪ ڪميٽيءَ جي واسطي ڪرچايءَ ويس. فرخ بيگ به مون سان گڏ هليو (مدرسه بورڊ جي واسطي). مسٽر غلام علي چاڳلا، پروفيسر گربخشاڻي، مسٽر پنجابي ۽ ٻيا ملاقاتي آيا. اوڻيهين تاريخ اُتان موٽي حيدرآباد آيس.

4- مارچ: آءٌ سڊني بيگ ٽنڊي محمد خان وياسين ۽ آخوند عبدالله جج وٽ رهياسين. شام جو مير مرتضيٰ جي مقبري جي زيارت ڪئيسين ۽ پير سرهنديءَ سان به ملاقات ڪئيسين. ليڪن پاڻ ڪراچيءَ ويل هو.  رات رهي، ٻئي ڏينهن موٽي آياسين.

19- اپريل: مسٽڙ ۽ مسز حامد علي ميرپور کان آيا. ماني ٽِڪي کائي  روانا ٿيا.

2- اپريل: مون ۽ سڊني بيگ شام جي ماني مسٽر موتيرام وٽ کاڌي، جو مسٽر ۽ مسز حامد علي اُن وٽ مهمان هئا.

14- جولاءِ: حج جي عيد هئي، سڀ عزيز خويش موجود هئا. خير جو وقت گذريو.

24- جولاءِ: آءُ ڪراچي ويس، جو بڪ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ هئي. سڊني بيگ وٽ رهيس. 27- جولاءِ تي وري موٽِ آيس.

12- آگسٽ: محرم جو عاشورو هو. سڀ عزيز خويش موجود هئا. منوچهر بيگ ٻه ڏينهن پهرين موٽي آيو هو.  مرزا علي اڪبر جي پڙ تي مجلس هئي. شام جو اُتي سڀني گڏجي نياز ڪيو، چڱو وقت گذريو.

2- سيپٽمبر: ٻه ڏينهن  ۽ ٻه راتيون لاڳيتو سخت برسات پيئي. آسپاس گهڻو نقصان ٿيو ۽ شهر ۾ به نقصان ٿيو.

13- سيپٽمبر: آءٌ ڪراچيءَ ويس جو اسلامي ڪتابن بابت ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب سان فيصلو ڪرڻو هو. 16 – تاريخ اُتان موٽيس. فيصلو فائدي ۾ ٿيو.

15- ڊسمبرِ حيدرآباد ۾ گورنر صاحب بمبئيءَ جي درٻار هئي. مون کي ”شمس العلماء“ جي خطاب جي سَنَد، تمغو، چُغو ۽ دتار ملي.

16- ڊسمبرِ مسلمانن جي ڪانفرنس هومسٽيڊ هال ۾ شروع ٿي. سر رحمت الله پريزيڊنٽ هو ۽ صاحبزادو آفتاب احمد اردو ترقي ڪانفرنس جو پريزيڊنٽ هو ۽ مير ايوب خان، سنڌي ۽ اردو مشاعري جو پريزيڊنٽ هو. ٻه ڏينهن ڪانفرنس چالو  رهي. مشاعرو رات جي وقت ٿيو. اُردو ۽ سنڌيءَ جا گهڻا شاعر حاضر هئا، جن پنهنجا غزل پڙهيا. مون ۽ منوچهر بيگ به غزل لکيو هو ۽ همايون پڻ.

21- ڊسمبر: آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ سڊني بيگ وٽ رهيس. ٻئي ڏينهن ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي هئي. 31- تاريخ اُتان موٽيس. خير جو وقت گذريو.

 

سن 1925ع

19- مارچ: گذريءَ رات اسان جي چوري ٿي. ٻه چور ڪوٽ جي  ڀت ٽپي، گهٽيءَ ۾ آيا ۽ وچين دريءَ مان اسان جي گهر ۾ گهڙي، گدام واري ڪوٺيءَ جو تالو ڀڃي، ٻه بسترا، اَٺ ديڳڙا، گلم، غاليچا ۽ ڏوليءَ جو پوشڻي ويا ۽ اوطاق مان به وڏي ٽيبل جو ڪپڙو کڻي ويا. پوليس آئي ۽ گهڻي مٿي ماري ڪيائين، پر چوريءَ جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو. ٿورو سامان ڪوٽ مان مليو، جو چور  پٺيان ڇڏي ويا هئا. مرزا فرخ بيگ، سڪندر بيگ، حيدر بيگ، سٽانلي ۽ ٻين  گهڻي ڪوشش ڪئي.

12- اپريل: مسٽر شيرازي ٻارن ٻچن سميت ڪراچيءَ مان آيو ۽ باغ ۾ محمد يوسف عباسيءَ وٽ مهمان ٿي رهيو. ٻنپهرن جو ڦليليءَ ۾ وهنجڻ ويو ۽ ٻڏي ويو. شام جو اها خبر پيئي، ٻئي ڏينهن صبح جو هن جو پيءُ ڪراچيءَ مان آيو ۽ پنهنجي پٽ جي لاش کي ڦليليءَ وري قبرستان، بلند شاهه ۾ دفن ڪرايائين.

25- اپريل: ڇنڇر جو ڏينهن، رمضان جي عيد آهي. الحمدالله ٽيهه ئي روزا رکيم. سڀ عزيز موجود هئا، سواءِ نادر بيگ ۽ اختر بيگ جي. عيد جو خطبو مون پڙهيو، جو سڀني کي پسند آيو. اهو پهريون گهمرو هو جو مون خطبو پڙهيو هو.

26- اپريل: شام جو ٻارن گڏجي هڪ ناٽڪ، منوچهر بيگ جي گهر ۾ ڪيو. اسان سڀ ڏسڻ وياسين. خوش ٿي موٽياسين.

27- اپريل: ڪالهه کان ميونسپالٽيءَ جي چونڊ هئي. اڄ شام جو آءٌ سڪندر بيگ جي لاءِ ووٽ وجهي آيس.

3- اپريلِ مرزا منوچهر بيگ جي خواهش تي مون باغ ۾ شمس العلمائيءَ واري پوشاڪ ۾ فوٽو ڪڍايو.

هڪ جولاءِ: اربع جو ڏينهن ۽ حج جو روزو آهي. تاريخ 9- ذوالحج سنه 1343 هجري جي صبح جو ساڍي ستين بجي مون کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ارشد بيگ ۽ رواني نالو ”جان بابا“ يا ”جاني بابا“ رکيو ويو، جيئن ادهم بيگ جو ”حاجي بابا“ نالو رکيو و هوسين، جو 6- تاريخ ذوالحج جي پيدا ٿيو هو.

2- جولاءِ: حج جي عيد جو ڏينهن ۽ خميس جو روز آهي. اڳينءَ عيد وانگي، عيد جو خطبو، مسجد ۾ مون کي پڙهڻو پيو. سڊني بيگ ۽ منوچهر بيگ هتي نه هئا. وقت خير جو گذريو.

6- جولاءِ: جاني بابا جي ڇٺي هئي. اُن جو عقيقو، هڪ ٻڪري ڪُهي ڪيوسين. پلاهه وغيره ٺاهي ورهايوسين ۽ شام جو گهر ۾ عزيز خويش ۽ زالون آيون.

15- جولاءِ ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ لاءِ آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ سڊني بيگ وارن وٽ رهيس. 18- تاريخ موٽي آيس ۽ اُنهيءَ رات منوچهر بيگ ۽ سڪندر بيگ جا ٻار ٻچا به محرم لاءِ آيا.

پهرين آگسٽ: محرمجي ڏهين تاريخ هميشه وانگي خير سان گذري.

27- سيپٽمبر: آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ سڊني بيگ وارن وٽ رهيس. ٻئي ڏينهن شام جو مدرسي ۾ ليڪچر ڏنم. مسٽر فيض طيب جي پريزيڊنٽ هو. ٻئي ڏينهن وري ٿياسافيڪل هال ۾ ليڪچر ڏنم ۽ 30- تاريخ موٽي آيس.

 

سن 1926ع

29 جنوري: مسٽڙ دهلوي، ويهن ورهين کان پوءِ، گورنر بمبئي جو وزير مقرر ٿي سنڌ ۾ آيو. هُن پنهنجي اچڻ جو احوال بمبئيءَ کان لکيو هو. اُن کي بيسنت هال ۾ گڏيس. ٽيهين تاريخ مسٽر نور محمد وڪيل جي دعوت تي وياسين ۽ اڪٽيهين تاريخ ڪانفرنس ۾ هُن سان ملياسون. شام جو وري عظيم خان سان گڏ منهنجي اوطاق تي آيو ۽ چانهه وغيره پيتائين. ٻئي ڏينهن نوابشاهه روانو ٿيو.

13 – اپريل: اربع جو ڏينهن ۽ رمضان جي عيد آهي. خير سان سڀ روزا رکيم. سڊني بيگ، منوچهر بيگ، ٻيا عزيز خويش ۽ ٻار ٻچا موجود هئا. نماز خطبو ٻئي مون کي پڙهائڻا پيا. خير سان وقت گذريو.

23- اپريل: آءٌ لاڙڪاڻي ويس ۽ ٻين بجي مهل ڏينهن جو اُتي پهتس. واٽ تي دادوءَ ۾ منوچهر بيگ گاڏيءَ ۾ چڙهيو. لاڙڪاڻي اسٽيسن تي مسٽر حامد علي ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو آيا. هار وڌائون ۽ گهڻي خوش مرحبائي ڪيائون، مسٽر حامد علي، پنهنجي موٽر ۾ ويهاري، بنگلي تي پهچايو. شام جو ”انجمن حسينيه“ جي مجلس ٿي. مون کي ائڊريس ڏنائون، جنهن ۾ منهنجي تعريف ڪئي ويئي. مون اُن جو جواب ڏنو. اُن کان پوءِ منقبت وغيره پڙهيم. وري رات جو حاجي امير علي وٽان کاڌي جي دعوت ملي. مسٽر ۽ مسز حامد علي ۽ ٻيا گهڻا معزز ماڻهو اُتي هئا. ٻئي ڏينهن صبح جو قبرستان ۾ وڃي پنهنجي ٻار جي قبر تي ختمو چيم. شام جو”پوئٽري سوسائٽي“ ۾ مشاعرو هو. مسٽر حامد علي منهنجي تعريف ڪئي، مون کي اُن جو جواب ڏيڻو پيو. پوءِ هڪ ليڪچر ڏنم ۽ هڪ شعر پڙهيم ۽ ٻين جا شعر ٻڌم رات جو وري مسٽر حامد عليءَ وٽ ماني هئي. 25- تاريخ جو ملاقاتون ٿيون ۽ شام جو مسٽر حامد علي اسٽيسن تي پهچائي آيو ۽ نوين بجي شڪارپور پهتس. مسٽر پوڪرداس و پُٽ ۽ ٻيا گهڻا سيٺيون اُتي آيا، جن مون کي موٽر ۾ کڻي، رهائش واري بنگلي تي پهچايو. ٻئي ڏينهن 26 – تاريخ شهر گهمڻ ويس ۽ گهڻن دوستن ۽ معززن سان ملاقاتون ڪيم، شام جو پوڪرداس جي دعوت هئي، جنهن ۾ شهر جي گهڻن هندن ۽ مسلمانن شرڪت ڪئي. اُنهن سان ملاقات ڪيم. ٻئي ڏينهن 27- تاريخ وڏي صبح جو اُتان روانو ٿيس. سکر اسٽيشن تي ناصر علي گڏيو، ٻنپهرن جو اچي گهر تي  خير سان لٿس.

5- جون: بادشاهه جي جنم جو ڏينهن آهي. مرزا منوچهر بيگ، جو مشهد مقدس ڏانهن ويو هو، سو خير سلامتيءَ سان واپس موٽيو.

2- جون: حج جو ينهن ۽ آتوار جو روز آهي. ٻار صبح جو شاهه مڪائيءَ جي ميلي تي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويا.  جاني بابا جي سالگرهه هئي، شام جو گهر ۾ پارٽي ڪئي ويئي، جنهن تي عزيز خويش زالون، ۽ ٻار آيا ۽ ڳايائون وڄايائون ۽ بسڪيٽ، ڪيڪ، ليمنڊ، سوڍا وغيره پيتائون. ڏهين بجي پارٽي ختم ٿي. چاشني ٺاهي گهرن ۾ ورهائي ويئي. وقت خير خوشيءَ جو گذريو.

21- جون: عيد جو ڏينهن آهي. حسب دستور نما ۽ خطبو عيد جو مون پڙهايو. اُضحي ٻئي ڏينهن ڪئيسين. سڊني بيگ بمبئيءَ ۾ هو پر ان جا گهر وارا ۽ ٻيا سڀ عزيز خويش موجود هئا.

28- سيپٽمبر: صبح واري گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ ويس. ڪمشنر مسٽر ڪابل پيشن وٺي ولايت وڃي رهيو هو، جنهن جي پارٽيءَ تي ويس ۽ اُن سان گڏيس. مرزا منوچهر بيگ ۽ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به اُن پارٽيءَ تي آيل هئا. گهڻن وڏن آفيسرن ۽ معزز ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون. 29- تاريخ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم ۽ 30- تاريخ ٿياسافيڪل هال ۾، ۽ پنجين تاريخ مدرسي ۾ ليڪچر ڏنم. هن ڀيري گهڻا ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو، ڇهين تاريخ ٽيڪس بُڪ ڪميٽي هئي، جا ٿي نه سگهي. پنهنجي ڪراچيءَ واري خريد ڪيل پلاٽ ۾  گڙٻڙ هئي، جنهن لاءِ ڊيپوٽي ڪمشنر کي ڏٺم ۽ ضروري بندوبست ڪيم. مسٽر طيب جي ۽ سردار محمد خان جي دعوت تي ويس. مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا گهڻا دوست گڏجڻ لاءِ آيا. مطلب ته سڄو وقت ڪراچيءَ ۾ چڱو گذريو. ڪپڙو ۽ ٻيو گهڻو سامان خريد ڪيم. الهوسايو روزانو ايندو هو ۽ خريداريءَ ۾ مدد ڪندو هو. پوين ٻن ڏينهن ۾ اختر به اُتي آيو. نادر  بيگ ته روزانو گڏيو هو. ستين تاريخ ڪوئيٽا ميل ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد هليو آيس.

18- ڊسمبر: مسٽر ڪيولرام ڏيارام سان گڏ پروفيسر ڪاروي بمبئي وارو ۽ مسٽر ڦيرواڻي شڪارپور وارو ملاقات لاءِ آيا.

19- ڊسمبر: ميسز حامد علي آئي، جو ليڊيز ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻو هوس ۽  بڙودي ڏانهن وڃي رهي هئي.

 

سن 1927

2- جنوري: مرزا منوچهر بيگ ۽ سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ ۽ آءٌ ٻارن ٻچن سميت موٽرن ۾ چڙهي باغ ۾ وياسين ۽ ٻين بجي موٽي آياسين.  شڪار ڪيوسين. ٻني ڏٺيسين ۽ تمام چڱو وقت گذاريوسين.

11- جنوري: مسٽر ليلا رام هيڊ ماستر جي چوڻ تي حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ ”شهر جي اثر“ تي سنڌيءَ ۾ تقرير ڪيم.

16- جنوري : مسٽر آدمجي منڇر جي دلال ۽ مسٽر سورابجي مون وٽ آيا. شام جا چار لڳا هئا. اُنهن کي چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪياسين. گهڻيءَ مدت کان پوءِ گڏيا هئا، اُنهن کي ڏسي مون کي گهڻي خوشي ٿي، جو اُهي منهنجا ڪاليج جا سنگتي هئا.

2- مارچ: آءٌ ڪراچيءَ ۾ ويس، جو ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي ٿيڻي هئي. ٻه ڏينهن اُتي رهيس. 5- تاريخ موٽي حيدرآباد آيس.

4- اپريل: رمضان جي عيد خير سان گذري. سڊني بيگ وارا بمبئي هئا.

24- مئي: همايون مئٽريڪيوليشن امتحان ۾ پاس ٿيو.

10- جون: جمع جو ڏينهن حج اڪبري ٿيو.

11- جون: عيدالضحيٰ جوڏينهن آهي، حسب دستور نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين ۽ خطبو مون پڙهيو.

12- جون: اجمل بيگ جو ختنو ٿيو.

13- جون: آءُ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽيءَ لاءِ ڪراچيءَ ويس ۽ 15 – تاريخ اُتان موٽي آيس.

3- جون: ڪالهه خبر ملي ته مير نور محمد خان، جو ڪربلا ڏانهن ويل هو، تنهن اُتي نمونيا ۾ وفات ڪئي. اڄ فاتح ۽ مهذرت جي لاءِ آءٌ ۽ فرخ بيگ، سندس ڏُهٽي وٽ وياسين.

2- جولاءِ: ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو ساليانوجلسو ٿيو. آءٌ پريزيڊنٽ هوس، جلسو هومسٽِڊ هال ۾ ٿيو. ماڻهو گهڻا آيا. وقت خير جو گذريو.

16- جولاءِ: 16- محرم، ڇنڇر جي ڏينهن اڳينءَ رات اڍائين بجي مون کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو اصغر بيگ رکيو ويو ۽ رواني نالو ”علي  بابا“، جو هُو محرم جي مهيني ۾ ڄائو هو. آءٌ پاڻ به چوٿين محرم تي پيدا ٿيو هوس.

21- جولاءِ: اڳينءَ رات علي بابا جي ڇٺي ڪئيسين ۽ اڄ عقيقي جو نياز ورهايوسين، ٻارن جي مٿي جي جهنڊ به لهرائي ويئي ۽ ڊڪٽر محمد خان کان ختنو به ڪرايو هو.

28- جولاءِ: مرزا علي حسين سان گڏجي بمبئيءَ ڏانهن ويس. زوردار برسات پئجي رهي هئي. مسٽر شاهاڻي پرنسپال به مون سان گڏ هو.

29- جولاءِ: شام جو نوين بجي احمدآباد پهتاسين. اڳيان رستو بند هو. يونيورسٽي رجسٽرار کي تار ڏنيسين. مرزا علي حسين وڃي مرزا سڊني بيگ کي ڳولي   پاڻ سان وٺي آيو، جنهن سان گڏجي وڃي ڊاڪٽر منصور احمد جي بنگلي تي رهياسين. مسٽر شاهاڻي موٽي حيدرآباد آيو.

6- آگسٽ: احمد آباد ۾ رهياسين ۽ گهمندا رهياسين، جو بمبئيءَ ڏانهن وڃڻ جو رستو بند هو.

9- آگسٽ- احمدآباد ۾ رهياسين ۽ گهمندا رهياسين.، جو  بمبئيءَ ڏانهن وڃڻ جو رستو بند هو.

9- آگسٽ احمد آباد کان روانا ٿياسين ۽ ٻئي ڏينهن ببئيءَ ۾ پهتاسين. آچر جي ڏينهن باندرا وياسين ۽ مسٽر گدومل ۽ مسٽر مرچنٽ سان گڏياسين. 8- آگسٽ: بمبئيءَ کان روانا ٿياسين، مرزا سڊني بيگ به گڏ هو ۽ 11- تاريخ احمدآباد پهتاسين، مسٽر ڪنٽرئڪٽر سان گڏياسين ۽ شاهه عالم جو روضو ڏٺوسون.

12- آگسٽ: صبح جو احمداباد کان روانا ٿياسين ۽ 13- تاريخ حيدرآباد پهتاسين. مرزا  حيدر بيگ ۽ اسد بيگ اسٽيسن تي موجود هئا.

24- آگسٽ: مرزا علي حسين کي پاڻ سان گڏ وٺي بمبئي ويس، جو يونيورسٽيءَ جي ڪميٽي ٿيڻي هئي. مسٽر شاهاڻي به گڏ هليو هو. احمد آباد ۾ سڊني بيگ گڏيو. 26 – تاريخ بمبئيءَ ۾ مسٽر دستور سان گڏيس ۽ ٻئي ڏينهن 27- تاريخ يونيورسٽيءَ جي ڪميٽي ٿي. 29 تاريخ پوني ويس. ڊائريڪٽر مسٽر هيسڪتو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مسٽر لر کي گڏيس. مسٽر غلام حسين ۽ مسٽر دهلويءَ کي به گڏيس ۽ شام جو موٽي آيس. سڊني بيگ به آيو. 30- تاريخ اڱاري جي ڏينهن شام جو روانا ٿياسين. سڊني بيگ ۽ اُن جا ٻار ٻچا به اسان سان گڏ موٽيا. ٻنپهرن جو حيدراباد پهتاسين. سڊني بيگ ۽ سندس ٻار ٻچا ڪراچي روانا ٿيا. پٿوري اسٽيشن تي مرزا منوچهر بيگ به

22- سيپٽمبر: آءٌ عبدالله (نوڪر) کي ساڻ وٺي يونيورسٽيءَ جي ڪميٽيءَ تي ويس ۽ اُتان 26- تاريخ موٽي آيس.

8- ڊسمبر: مسٽر ڏيارام گدومل، منهنجو پراڻو ۽ گهرو دوست، جو باندرا [بمبئيءَ] ۾ رهندو هو. اُن جي مرڻ جي خبر اڄ ٻُڌم. نهايت گهڻو ڏک ٿيم.

 

سن 1927ع

 

8- جنوري: آءٌ ڪراچيءَ ويس، جو 9- تاريخ ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي ٿيڻي هئي. مرزا حيدر بيگ، مرزا منوچهر بيگ ۽ قنبر علي به ڪراچيءَ ۾ آيا. ديهه وارا واڻيا به اُتي هئا. منوچهر بيگ جي آفيس ۾  رهياسون. نادر بيگ ۽ همايون به اُتي ايندا رهيا. 11- تاريخ وري اُتان موٽي آياسين.

14- جنوري: مسٽر پوڪرداس ڪتب فروش آيو ۽ ڏينهن رهيو. اسلامي ڪتابن جي باري ۾ پڻ ٺهراءُ ڪيوسين ۽ دستاويز هڪ ٻئي کي لکي ڏنوسين. ڪتاب هُو پنهنجي خرچ تي ڇپائيندو ۽ ٽيٽيهه روپيا في سيڪڙو ڪميشن هو وٺندو.

25- جنوري: آءُ مرزا حيدر بيگ کي ساڻ وٺي ببئيءَ ويس، جو 27- تاريخ اُتي يونيورسٽيءَ جي ڪميٽِ هئي ۽ 1- تاريخ فيبروريءَ جي اُتان موٽي آياسين. چڱو وقت گذريو. بمبئيءَ رواني ٿيڻ وقت مسٽر شاهاڻي سفر ۾ رفيق هو ۽ موٽڻ وقت مسٽر غلام قادر شعبان گڏ هو.

15- فيبروري: آءٌ ۽ مرزا علي حسين بمبئيءَ وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين، جو اُتي 17- تاريخ يونيورسٽيءَ جي ڪميٽيءَ تي حاضر رهڻو هو؛ پر اڳينءَ رات قلندر شهباز جي روٽ پچائڻ ۽ ورهائڻ کان پوءِ گهر وارن کي سرديءَ سان بخار چڙهيو. ساري رات بخار رهيو. اُنهيءَ ڪري اسان پنهنجو وڃڻ ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر کي سڏيوسين، جنهن چيو ته انفلوئنزا جو اثر آهي.

23- مارچِ رمضان جي عيد هئي. سڀ عزيز خويش موجود هئا. خير سان عيد جي نماز پڙهيسين. مون ٽيهه ئي روزا رکيا. رمضان جي 2- تاريخ آءٌ ڪراچيءَ ويس جو ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽِ هئي ۽ ساڳئي ڏينهن موٽي آيس ۽ مون کي زڪام، تپ، کنگهه، نزلو ۽ بخار ٿي پيو.

26- مارچِ سڊني بيگ سڌو بمبئيءَ کان ڪراچيءَ ويو. ٻار ٻچا کيس اسٽيشن تي ملڻ ويا.

3- اپريل: آءٌ ڪراچيءَ ويس ، جو مسٽر پرسيول وٽ ’ايٽ هوم‘ هو ۽ مون کي مسٽر ريورنڊ ٿامپسن اُنهيءَ شرڪت ڪرڻ لاءِ زور ڪيو هو. سڊني بيگ جيڪو نئون گهر خريد ڪيو هو، تنهن ۾ رهيس. رات جو آءٌ ۽ سڊني بيگ ڏهين بجي ايٽ هوم ۾ وياسين. گهڻائي صاحبلوڪ ۽ منڊمون جمع هيون. مير ايوب خان به اُتي هو. بائيبل جي لکڻ بنسبت مون هڪ ڪاغذ پڙهيو. پنجين تاريخ سڊني بيگ سان گڏجي حيدرآباد آيس. ايسٽر جون موڪون هيون.

29- مئي: حج جو ڏينهن هو ۽ 30 مئي اربع جي ڏينهن عيدالضحيٰ هئي. هميشه وانگي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ نماز پڙهيسين. ڏينهن خير جو گذريو.

29- جون: 10 محرم جمع جو ڏينهن ۽ عاسوري جو روز آهي. هميشه وانگر شروع ۾ ئي جُدا جُدا پِڙن تي نذر ڏياري موڪليوسين. 6- محرم تي سڪندر بيگ وارن جي  مجلس هئي، جنهن تي حاضر رهيس. عاشوري جي ڏينهن نذر نياز ڪيوسين ۽ ورهايوسين. وقت هميشہ وانگي گذريو. سڊني بيگ جا ٻار ٻچا هتي هئا.

16- جولاءِ: اصغر بيگ عرف علي بابا جي پهرين سالگرهه آهي. خيرات جو کاڌو ڪيوسين. سڊني بيگ ۽ منوچهر بيگ جا ٻار ٻچا ڪراچيءَ روانا ٿيا.

31- جولاءِ: ڪراچيءَ ويس، جو پهرين ۽ ٻين جولاءِ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي يادگيريءَ ۾ جلسو ڪيو ويو هو ۽ ڪاليج جي سرسوتي گروپ وارن مون کي اُن جلسي جو پريزيڊنٽ ڪيو هو. آءٌ اُهو ڏينهن سڊني بيگ  وارن وٽ رهيس. منوچهر بيگ به اُتي هو. وقت خير جو گذريو.

19- آگسٽ: آچر جي ڏينهن مرزا علي حسين سان گڏ بمبئيءَ  روانو ٿيس. اسٽيشن تي مسٽر شاهاڻي، مسٽڙ ولي محمد ۽ مسٽر موٽاڻي گڏيا. هڪ ئي جاءِ تي ويٺاسون. پهرينءَ ئي رات جو مون کي پيٽ ۾ سُور ٿيڻ لڳو ۽ پيچ به هو، جنهن ڪري آءُ وڌيڪ ماني کائي نه سگهيس. دادر اسٽيشن تي شيخ محمد قادر جو حوالدار بيٺو هو.  آءٌ ۽ مسٽر ولي محمد لٿاسين ۽ ٿاڻي وياسين. شيخ صاحب سان ملياسين. يارهين بجي آءٌ ۽ مرزا علي حسين بمبئيءَ پهتاسين. ٻارهين بجي آءٌ يونيورسٽيءَ جي ڪاميٽيءَ ۾ ويس ۽ مرزا علي حسين کي سامان خريد ڪرڻ لاءِ شهر ۾ موڪليو. ڪميٽيءَ هلندي مون کي پيٽ ۾ سخت سُور پوڻ لڳو ۽ آءٌ بي آرام ٿيڻ لڳس. آخر ٻه ڪلاڪ ڪميٽيءَ جو ڪم پورو ڪري، آءٌ  مسٽر شاهاڻيءَ سان گڏ تاج محل هوٽل ۾ آيس ۽ اچي سمهي رهيس- نه کاڌم ۽ نه پيتم. شام جو شيخ قادر ۽ مسٽر ولي محمد آيا ۽ سڀ گڏجي ٿاڻي ۾ آيا. هڪدم ڊاڪٽر کي سڏايوسين، جنهن ڏسي چيو ته گُردي جو سُور اهي. في الحال گرم  ٻاٽليءَ جي ٽاڪور ڪئيسين، جنهن مان آرام آيو. رات جو  ٿورو بخار به رهيو. ٻئي  ڏينهن سارو وقت آءٌ گهر ۾ هڪ هنڌ پئجي رهيس. يارهين بجي يخ صاحب سان گڏ مرحوم محمد ابراهيم جي قبر تي وياسين ۽ اُتي ختمو ڏنوسين. موٽندي مهل وري مون کي سُور پوڻ لڳو، ليڪن سخت، وري ڊاڪٽر کي سڏايوسين، جنهن دوا ڏني. شام تائين بيمار رهيس، نه کاڌم، نه پيتم، ڇهين ستين بجي علي حسين بيگ آيو ۽ اسان ٿاڻي مان دادر وياسين. ۽ اُتي اسٽيشن تي آءٌ سُمهي رهيس. آخر بمبئيءَ کان گاڏي آئي. سڀ دوست به آيا. شيخ قادر به آيو ۽ اسان سڀ سوار ٿياسين. خدا جي مهربانيءَ سان رستي ۾ ڪا به تڪليف نه ٿي. چوويهين تاريخ جمعي جي ڏينهن، هڪ بجي  حيدرآباد پهتاسين. حيدر بيگ ۽ ٻار اسٽيشن تي آيا هئا ۽ اسان خير سان گهر پهتاسين. ليڪن مون کي هڪدم بخار آيو ۽ ڏينهن ۽ رات بخار ۾ ليٽيو پيو هوس.

16-  آڪٽوبر: آءٌ چار- پنج ڏينهن تپجي پيس. اڄ بهتر ٿيو آهيان. شام جو سردار محمد خان روهڙيءَ کان آيو. هو ڪراچيءَ وڃي رهيو هو.

22- نومبر: اڄ بمبئيءَ وڃڻو هو، پر وڃي نه سگهيس.

10- ڊسمبر: اڄ رات، بجليءَ جون بتيون پهريون دفعو سان جي گهر ۾ ٻريون. هفتي کن  کان بجليءَ وارن، گهر ۾ بجليءَ جون تارون وغيره پئي وڇايون. اڄ اهو ڪم پورو ٿيو. خيرات جو کاڌو ڪيوسين. بجليءَ تي 26 رپيا خرچ آيو.

26- ڊسمبر: اسان سکر وياسين. مرزا فرخ بيگ، سڪندر بيگ، قنبر علي، امداد حسين ۽ شوڪت علي. ڪوئٽيا ميل ۾ وياسين ۽ رات جو نائين بجي پهتاسين. نواب مير فضل علي، جو ڪانفرنس ”آل انڊيا شيعه“ جو پريزيڊنٽ هو، اُهو به گاڏيءَ ۾ هو. سکر ۾ دفتردار جي بنگلي ۾ لٿاسين. ٻئي ڏينهن ڪانفرنس شروع ٿي. مير علي نواز خان صاحب ۽ نواب ميگناپلي گڏجي آيا. ساري هندستان جا چونڊ ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. اٽڪل ٻه يا اڍائي هزار ماڻهو هئا. ڪارروائي شروع ٿي. آءٌ استقباليه ڪميٽيءَ جو پريزيڊنٽ هوس. پنهنجو خطبو پڙهيم ۽ نواب صاحب پنهنجو خطبو پڙهيو. پوءِ مير صاحب ۽ نواب صاحب ٻئي هليا ويا ۽ مون کي پنهنجيءَ جاءِ تي ويهاري ويا. ٽي ڏينهن ڪم هليو، سبجيڪٽ ڪميٽيءَ ۾ رات جو سرديءَ سبب آءٌ وڃي نه سگهيس. مرزا فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ دير تائين ڪم ڪندا رهيا. ٽيهين تاريخ اسان هليا آياسين ۽ سڪندر بيگ کي پٺيان ڇڏي آياسين، جو مير صاحب دعوت ڏني هئي، جنهن لاءِ خيرپور وڃڻو هو، پر اسان وڃي نه سگهياسين. چڱو وقت  خير سان گذريو.

 

سن 1929ع

7 جنوري: شام جو نادر بيگ آيو ۽ نائين بجي هليو ويو. سيٺ وشنداس [مانجهوءَ وارو] مري ويو.

11- جنوري: آءٌ ڪراچيءَ ويس. ٻئي ڏينهن مسٽر آدمجي دلال سان گڏيس. شام جو هُو مون وٽ آيو. ڊاڪٽر ڀَٽ کي پهنجون اکيون ڏيکاريم، جنهن چيو ته ساڄي اک ۾ موتيو پاڻي آهي، جو شايد جلدي وڌي وڃي ۽ آپريشن ڪرڻي پوي. ٻي عينڪ ورتيم. 14 تاريخ موٽي  حيدرآباد آيس.

22- جنوري: مولوي بهاء الدين ميرپور ماٿيلي وارو گهڻن سالن کان پوءِ اوطاق تي آيو. ٽي ڏينهن رهيو. شعر خوانيءَ جي چڱيءَ صحبت ڪئيسين. پوءِ هليو ويو. سندس عمر 88 سال آهي.

31- جنوري: اڄ خبر آئي ته مرزا علي احمد جيمس آباد ۾ وفات ڪئي ۽  هن کي ُتي ئي دفن ڪيو ويو. هن جا ٻار ٻچا  حيدرآباد آيا. اسان معذرت لاءِ وياسين. گذريءَ رات تمام گهڻي سردي پيئي. ٻن ٽن ڏينهن کان پاڻي ڄمندو ٿو رهي، پر گذريءَ رات جتي ڪٿي پاڻي ڄائو پيو هو.

13- مارچ: اربع جي ڏينهن رمضان جي عيد هئي. سڀ ٻار ٻچا هتي هئا. سڊني بيگ، نادر بيگ ۽ اختر بيگ ۽ انهن جا ٻار ٻچا به هتي هئا. همايون به آيو. مرزا علي نواز، مرزا علي عباس، مرزا غلام مهدي ۽ اُنهن جا سڀ ننڍا ٻار به هن ڀيري نماز ۾ شريڪ ٿيا. مون هميشه وانگر خخطبو پڙهيو. خير سان وقت گذريو.

14- مارچ: شام جو سڪندر بيگ پارٽي ڪئي، جنهن ۾ شهر جا معزز ماڻهو آيا. اسان سڀ اُتي هئاسين. مرزا علي نواز ۽ مرزا علي اڪبر به هئا. چڱي صحبت رهي.

22- مارچ: آءٌ ڪراچيءَ ويس. شام جو آريه سماج جي هال ۾ مذهبي ڪانفرنس ۾ ”اسلام دنيا ۾ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي؟“ انهيءَ مضمون تي ليڪچر ڏنم. مسٽر مَلِڪ، صدر هو. مرزا سڊني بيگ ۽ مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا معزز به هئا.

23- مارچ: ڏينهن جو ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽيء ٿي ۽ شام جو ٿياسافيڪل هال ۾ ”مشرقي ۽ مغربي قومن ۾ خواب ۽ اُن جي تعبير“ بنسبت ليڪچر ڏنم. مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا گهڻا معزز موجود هئا.

24-  مارچ: شام جو آريه سماج هال ۾ مشاعرو هو ۽ آءٌ پريزيڊنٽ هوس. پڇاڙيءَ ۾ مصرع طرح تي مون به هڪ غزل پڙهيو.

25- مارچ: آءٌ ۽ سڊني بيگ، صبه واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد روانا ٿياسين. ڊاڪٽڙ گربخشاڻي به اسان سان گڏ هو.

1- اپريل: پير غلام حيدر  صاحب، هالا واري پير صاحب، هڪڙو خط ۽ ٻه ماڻهو مون وٽ موڪليا. هالا ۾ اچڻ جي واسطي موٽر به موڪليائين. آءٌ صبح جو هالا روانو ٿيس. عبدالله [نوڪر] کي پاڻ سان وٺي ويس. ڏهين بجي پهتاسين. سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب سن وارو [جناب جي. ايم. سيد] به اُتي موجود هو. پِيرن جي ڪانفرنس بنسبت پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪئيسين. پوءِ آءٌ ڀٽ شاهه تي ويس ۽ شاهه صاحب جي روضي جي زيارت ڪيم ۽ مخدوم نوح جي روضي جي به زيارت ڪيم. پوءِ ماني کاڌيسين. ۽ آرام ڪيوسين. چئين بجي وري به پير صاحب آيو ۽ پنجين بجي چانهه پِي، هڪ ٻئي کان موڪلايوسين ۽ اٺين بجي اچي گهر پهتاسين.

4- اپريل: مون کي دل ۽ معدي ۾ سُور ٿيڻ لڳو، ڊاڪٽر نيڀراج ۽ ڊاڪٽر بولچند ۽ ڊاڪٽر محمد خان ۽ ڊاڪٽر نور محمد شيخ ۽ سول سرجن گهرايوسين. جسم جي سڀني اندروني عضون ۾ اُماس [سوڄ] ٿي پيئي هئي. علاج ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽر نور محمد شيخ روزانو اچڻ لڳو، مرزا منوچهر بيگ به آيو ۽ سڊني بيگ به ٻارن ٻچن سميت ڪراچيءَ کان آيو. ٻئي ڏينهن سڊبني موٽي ويو. منهنجي  تمام سخت حالت هئي ۽ ماڻهو عيادت لاءِ اچڻ وڃن لڳا. خدا جي مهربانيءَ سان بهتر ٿيڻ لڳيس ۽  آهستي آهستي چڱو ڀلو ٿيڻ لڳس.

4- مئي: مرزا منوچهر بيگ وارا ڪربلا معليٰ ڏانهن روانا ٿيا. ڊاڪٽر وليرام ٽيون گهمرو ڊاڪٽر نور محمد سان گڏ مون کي ڏسڻ آيو. آهستي آهستي هلڻ چلڻ جي اجازت ڏنائين.

20-  مئي: حج جي عيد ۽ سومر جو ڏينهن آهي. آءٌ پهريون گهمرو بيماريءَ کان چڱو ڀلو ٿي ٻاهر ڪتس ۽ گهٽيءَ مان مون کي آرام ڪرسيءَ تي ويهاري مسجد تائين کڻي ويا، جتي نماز پڙهيسين، خطبو هميشه وانگي مون پڙهيو- منبر تي ويهي. مرزا سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ ۽ اختر بيگ ۽ ٻيا سڀ عزيز خويش، مرزا علي نواز بيگ ۽ اُن جو پُٽ حاضر هئا. آءٌ گهڻو خوش ٿيس ۽ ٻيا ماڻهو به مون کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا.

30 – مئي: مرزا منوچهر بيگ ۽ ٻيا سڀ خير سان ڪربلا جي سفر تان موٽي آيا. ٻنپهرن جو سڀ گڏجي خوش ٿياسين.

10- جون، 2 محرم سنه 1348 هجري: سومر جي ڏينهن اڍائين بجي مهل مون کي پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو اطهر بيگ رکيو ويو. رواني نالو ”بابا طاهر.“

نوٽ- مرزا صاحب مرحوم جي خود نوشته ڊائري يا روزنامچو، ڏهين جون سن 1929ع ت، مٿئين آخري اندراج سان ختم ٿيل آهي، معلوم رهي ته مرزا صاحب مرحوم جن، تاريخ 3- جولاءِ، سن 1929ع تي، رات جو يارهين بجي ڌاري وفت ڪئي. انا لله و انا اليہ راجعون، سندن خاڪي جسم جي تدفين پنهنجي ڳوٺ واري قبرستان ”بلد شاهه“ ۾، سندن پنهنجي جيئري ٺهرايل قبر ۾ ڪئي ويئي. سندن مرزا مبارڪ جي سرانديءَ کان رکيل پٿر تي، جيڪو تاريخ  وفات جو ”قطعو“ اُڪريل آهي، سو پڻ مرزا صاحب مرحوم جن جوئي جوڙيل آهي. جنهن جي آخري سِٽ مان اَبجد جي حساب سان، سندن وفات جو سال، يعني سنه 1348 هجري نڪري ٿو.

عُمر ۾ به همين سال چُو هفتاد شُده هفت،

آمد ملک الموت، زدرءگاهء حق آخر.

گُفتاکہ بَسي زيستي در منزلِ دنيا،

شو عازمِ عَقبيٰ، که به بيني رُخ داور.

اَز فَرطِ مسرت زَدم آهي و بمُردم،

درعالَمِ اَرواح رسيدم دمِ ديگر.

تاريخ وفاتم چُو دِلم خواسته اَزغيب،

هاتف زکَرمَ ڪرد نِدا: ”بخت موقر“.

1348هه

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org