سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سالامان ۽ ابسال

صفحو :8

ڪڪڙ ۽ بانگي جي ڳالهه

 

هڪڙي دفعي، بانگي نماز جي وقت، موردار ۽ سربلند ڪڪڙ کي چيو ته ”اي يار، ڪوبه ڏاهو تو وانگر وقت کي نٿو سڃاڻي، ۽ هر ڪنهن وقت جي فوت ٿي وڃڻ تي تو جيان هراسان ڪوبه نٿو ٿئي. ايتري دانائي هوندي به اي سريلا ڪڪڙ، تنهنجي جاءِ ته عرش جي ڪنگرن تي هئڻ گهرجي! چند ڪڪڙين جو ڌڻ ساڻ ڪري آخر ڪيستائين تون انهن سان گڏ ڪِن جي ڍير تي پيو ڦريندين؟ ان جواب ۾ چيو ته ”شروعات ۾ منهنجو پايو نهايت بلند هو، ليڪن بعد ۾ نفساني خواهشن مون کي پستيءَ تي آڻي اُڇلايو مان جيڪڏهن نفس جي خواهشات کان جان ڇڏائي (نڪري) وڃان ته پوءِ هي ڪِني ڍير تي ڇو ڦرندو رهان؟ پوءِ ته مان پاڻ بهشت جي باغن ۾ عرش جي ڪڪڙن سان گڏ هجان ها.“

 

سلامان جو حڪيم کي جواب ڏيڻ

جڏهن سلامان، حڪيم جي گفتگو ٻڌي تڏهن ان جي حڪمت جي بوءِ کيس اچڻ لڳي ۽ چيائين ته ”اي حڪيم، افلاطون جي جان شال توکان خوش ٿئي ۽ سوين ارسطو شال تنهنجي حڪم هيٺ هجن! عقل ته شروعات کان ئي فقط ڏهه هئا، هاڻي تو انهن ڏهن کي وڌائي يارهن ڪري ڇڏيو![1] مان پنهنجو منهن تنهنجي راهه تي رکيو ۽ تنهنجي درگاهه جو مان هڪ ڪمترين شاگرد آهيان. تو جو به فرمايو آهي سو سڀ عين (سراسر) حڪمت ڏٺم ۽ انهيءَ کي قبول ڪرڻ ۾ دل و جان سان جلدي ڪيم؛ ليڪن اوهان جي صحيح راءِ اڳيان هيءَ حقيقت به روشن آهي ته هيءُ ڪم منهنجي اختيار کان ٻاهر آهي. فاعل جو اثر به قبول ڪندڙ تي، ان جي قابليت ۽ لياقت آهر ٿيندو آهي، ۽ مون ۾ ته فاعل جي ان اثر قبول ڪرڻ جي لياقت ئي ڪانهي. مون ۾ اول اول کان جا قابليت رکي ويئي آهي، تنهن کان هينئر آءُ ڪٿي ٿو الڳ ٿي سگهان؟ هيءَ ڳالهه ته فاعل جي قدرت کان ئي ٻاهر آهي، جو پنهنجي مخالف تي اثر ڏيکاري.“

 

هڪڙي پير مرد ڳوٺاڻي ۽ سندس پٽ جي ڳالهه

هڪ دفعي، هڪ سچو ۽ ايماندار ڳوٺاڻو پنهنجي پٽ سان سفر تي روانو ٿيو. ٻنهي جي سفر جو سامان هڪڙي ننڍي گڏهه تي لڏيل هو. رستي جي تڪليف کان سندن پير ڇلجي ۽ ڦٽجي پيا، ۽ ڪهندي ڪهندي آخر اچي هڪڙي جبل وٽ پهتا. اهو جبل نهايت اونچو ۽ هيبتناڪ هو ۽ ان جي دامن ۾ وري هڪڙو درياءُ موجون هڻي رهيو هو. انهيءَ جبل تي چڙهڻ جو رستو اهڙو ته سوڙهو ۽ تنگ هو جنهن کي پار ڪرڻ وهم ۽ گمان ۾ ئي نٿو آيو. ان مان ڪوبه ايستائين سلامت گذري نٿي سگهيو جيستائين هو نانگ وانگر پيٽ ڀر نٿي هليو. انهيءَ سوڙهي پيچري مان جو به ٿي هيٺ ڪِريو سو سڌو وڃي ٿي درياءَ جي تري ۾ پيو اتفاق سان اهو گڏهه رستو ڀلجي ويو، جنهن تي پٽس پٺيان رڙ ڪري چيو ته: اي خدا، منهنجو گڏهه هتي بتال ٿي ويو آهي، تون ان کي اتي نه ڇڏ ۽ جتي به وڃي تتي کيس سلامت رکج. ٻڍي پيءُ، هيءُ ٻڌي چيس ته ”بابا، ڏاڍيان نه ڳالهاءِ، ڇاڪاڻ ته اختيار ان جي هٿان نڪري ويو (۽ هو لاچار ٿي پيو)؛ جيڪڏهن تون صحيح حڪم چاهين ٿو ته اٿي کڙو ٿيءُ، ڇا لاءِ جو هتي اختيار جو خيال ڪرڻ ئي اجايو آهي.“

 

سلامان جو گهڻي ملامت سبب تنگ ٿي، ابسال سان ڀڄي وڃڻ

جنهن به انسان کي عشق جي چوٽ لڳل آهي سو سدائين غمن، ڏکن ۽ ڏولاپن ۾ رهي ٿو. ان سان ملامت لازمي طور شامل رهي ٿي ۽ ان کي نصيحت ڪرڻ وارا به گهڻو چون ۽ سمجهائن ٿا؛ ليڪن ملامت سان عشق پڻ زور وٺي ٿو ۽ ان جي بيماريءَ ۾ اضافو اچي ٿو. ملامت کان سواءِ عشق، گويا جان جي پرورش ڪرڻي آهي، مگر جڏهن ملامت ان سان شامل رهي ٿي، تڏهن ڄڻڪ جگر جو خون پيئڻو پوي ٿو.

سلامان، جڏهن ان ملامت کي ڏٺو ۽ ٻڌو تڏهن سندس مِٺي جان غم کان پوين پساهن ۾ پئجي ويئي. ابسال جي محبت سندس دل مان وڃي ئي نه پئي ۽ اٽلو سندس اندر ۾ جوش پئي جاڳائي. ان جي مِٺي ميلاپ جو مٺو چشمو سندس لاءِ ڪڙو ٿي پيو ۽ سندس خوشيءَ ۽ تازگيءَ جو نئون چنڊ غروب ٿي ويو. ڪنهن به هنڌ جيڪڏهن ڪا گهڙي ايندو هو ته سندس لاءِ ملامت جو گويا ماتم کڙو ٿي ويندو هو؛ تنهنڪري سندس دل ملامت جي تير کان زخمي ٿي ڦٽجي پيئي ۽ سندس دل ۾ ڳڻتي ۽ غم تمام گهڻو وڌي ويو.

انهيءَ ۾ ته ڪوبه شڪ ڪونهي ته ملامت کان ماڻهوءَ جي دل ڪومائجي ويندي آهي، ليڪن ايتري ساري ملامت تي (جو اٿندي ويهندي کيس لوئيندا رهن)، انسان ويچارو ڪٿي ٿو صبر ڪري سگهي. تيز ترار کان ماڻهو هڪ وار زخم کائي برداشت ڪري سگهي ٿو، ليڪن جڏهن کيس هڪٻئي پٺيان زخم رسندا رهندا تڏهن ان کان ڀڄي وڃڻ کان سواءِ سندس لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه رهندو.

ان بعد هو هر روز انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکندو ۽ پنهنجي معاملي تي بار بار سوچ ۽ ويچار ڪندو رهيو. گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ آخر هن نتيجي تي اچي پهتو ته هتان ڀڄي وڃڻ ئي مناسب آهي. پنهنجي پياري ۽ اصلي وطن تان هن دل کڻي ڇڏي ۽ اتان نڪري وڃڻ لاءِ هڪ اُٺ تيار ڪرايو. جڏهن رات آئي تڏهن هو، جلدي انهيءَ تنگ سواريءَ تي ابسال سان گڏ ٿي ويٺو.

سلامان به هڪ عجيب خوبصورت نوجوان هو ۽ هوڏانهن ابسال به هڪ نادر، سونهن ڀري معشوقه هئي، ۽ انهن ٻنهي سان اها سواري ائين پئي نظر آئي جيئن ڪنهن بادام ۾ ٻه مغز (هجن). جڏهن سواري پئي هلي تڏهن هڪ جو مٿو ٻئي جي ڪلهي تي پئي رهيو ۽ ننڊ جي وقت، هو هڪٻئي جي هنج ۾ پيا رهيا ۽ سواريءَ جي تنگي کين محسوس ئي نه پئي ٿي.

 

يوسف عليہ السلام کي ڏسڻ سان زليخا جي قيدخاني جو سندس لاءِ ڪشارو ٿي پوڻ

ڪنعام جو يوسف، جڏهن قيدخاني ۽ بند ڪيو ويو، تڏهن ان جي جدائيءَ کان زليخا هار کائي ويئي. گهر گهاٽ ۽ مانُ شان، جڏهن سندس لاءِ قيدخاني ڏانهن مثل تنگ ٿي پيا، تڏهن هر رات انهيءَ قيدخاني ڏانهن وڃڻ جو خيال ۽ ارادو ٿي پيس. هڪڙو ماڻهو، جو عشق جي اثر کان خالي هو، ۽ عشق جو ميوو ڪڏهن چکيو ئي نه هئائين تنهن زليخا کي چيو ته ”تون ڪيستائين شاهي باغ کي ڇڏي ڏوهارين سان قيدخاني ۾ وڃي ويهندينءَ؟“ جواب ڏنائينس ته ”محبوب جي جمال کان پري رهڻ تي دنيا باوجود ايتري ڪشادگيءَ جي مون لاءِ اهڙي تنگ ٿي پوي ٿي جهڙي ڪئليءِ جي اک؛ پر جيڪڏهن ڪئليءَ جي اک جيتري سوڙهي جاءِ ۾ هن سان رهاڻ نصيب ٿئيم ته مان هنن سون شاهي باغيچن ۾ رهڻ کان وڌيڪ خوشيءَ ۽ آرام ۾ ٿيان ٿي!“

 

سلامان ۽ ابسال جو درياءُ ۾ سفر ڪرڻ

جڏهن سلامان ست ڏينهن لاڳيتو سواري هڪليندو رهيو تڏهن نصيحت ڪندڙن جو به اثر مٿس باقي نه رهيو. ملامت ۽ نصيحت ٻنهي کان هينئر فارغ ۽ سلامت اچي پنهنجي مڏي هڪڙي سمنڊ جي ڪناري تي لاٿائين.

سمنڊ ته نه هو، جنهن جي نه هئي ڪنڌي ۽ نه ڪنارو ۽ جنهن ۾ جانورن جون اکيون تارن جيان پئي پريون. هن جي وستع ۽ گهرائيءَ جي ته ڪا حد ئي ڪانه هئي ۽ سندس ترو وڃي پئي ڍڳي جي سڱ ۽ مڇيءَ جي پٺيءَ تائين پهتو. جوش وقت ان جي هرهڪ موجو جبل مثل هئي ۽ سندس سطح گويا جبلن جي هڪ قطار پئي نظر آئي، يا وري ڪنهن وقت بُختي اُٺن جي قطار هر طرف کان پئي ڏسڻ ۾ آئي جي پنهنجي مستيءَ کان گجي ٻاهر ڪڍيو بيٺا هئا. ان ۾ اڪيچار مڇيون اهڙيءَ طرح پئي چمڪيون جهڙي طرح صيلقدار (صيقل ڪيل) ترار چمڪندي آهي. بلڪ تيز نگاهه جي اک کي ته ائين پئي نظر آيون جيئن ڪنهن چيني سِلڪ تي نقش ڪيل ليڪون. هرهنڌ پاڻيءَ جي سطح کي ائين پئي چيريائون جيئن ڪنهن آسماني (نيري) سلڪ کي چانديءَ جي ڪئنچي چيريندي آهي. جيڪڏهن ڪو واڳو، تري کان جوش کائي حرڪت ۾ ايندو هو ته آسمان ۾ جُززهر[2] به دهلجي ويندو هو!

جڏهن سلامان سمنڊ جو نظارو ڪيو تڏهن ان مان لنگهي پار پوڻ جي تدبير ڪرڻ لڳو. هڪڙي نئين چنڊ جهڙي نهايت تيز رفتار ٻيڙي سائي سمنڊ جي ڪناري تي اوچتو پيدا ٿي پيئي؛ پوءِ ٻيئي يڪدم خوشيءَ سان انهيءَ ۾ داخل ٿي ويا، گويا نئون چنڊ، (هاڻي) سج ۽ چنڊ جي منزل ٿي پيو. اها ٻيڙي پنهنجي سڙهن کان پرن جو ڪم وٺندي (کي پر بنائيندي) ائين رواني ٿي جيئن بدڪ پيٽ ڀر پاڻيءَ تي هلندي آهي. رستي کي پنهنجي سيني سان پئي چيريائين ۽ پنهنجو رخ منزل مقصود تي پهچڻ طرف ڪيائين (رکيائين). جيتوڻيڪ هوءَ هئي ته ڪمان شڪل تي، مگر پاڻيءَ تي تير کان به تکو پئي ويئي.

ٻيڙي ۾ سفر ڪندي ڪندي ساڻا به ٿي پيا ۽ سامونڊيءَ هوا سبب سندن منهن جي رونق به ويندي رهي مگر آخرڪار وچ سمنڊ  ۾ کين هڪڙو ٻيٽ نظر آيو جنهن جي ساراهه ڪرڻ کان ئي ٻاهر هئي. دنيا ۾ ڪوبه اهڙو پکي نه هو جو انهيءَ عشرتگاهه ۾ خوشي ۽ مزري ۾ نه هو. اهي هڪ طرف پڌري پٽ پاڻ ۾ اهڙي طرح ٽوليون ڪري (ٻڌي) پئي هليا جهڙي طرح موردار تتر ۽ طوق دار قمريون پاڻ ۾ گڏجي هلنديون آهن. سڀني قطارون ٻڌي پئي مٺا راڳ ڳايا ۽ انهن راڳن لاءِ پنهنجن چهنبن کي ساز ڪري (طور) پئي استعمال ڪيو. نوَن ۽ تازن وڻن جون شاخون جي هڪٻئي سان مليون پيون هيون تن اندر پکين دل کولي پئي لاتيو ۽ لنوايو. وڻن جي هيٺان خشڪ ۽ آلا ميوا هڪٻئي سان گڏ ڪِريا پيا هئا ۽ هرهڪ وڻ هيٺان وري هڪ پاڻيءَ جو تلاءُ هو جنهن تي ڪجهه اُس ته ڪجهه ڇانوَ پي پئي. وڻن جون شاخون جي لڏي ۽ لمي رهيون هيون، تن بي انداز ميوو پئي هيٺ ڪيرايو. گويا ارم جي باغ جڏهن منهن لڪايو (فنا ٿيو)، تڏهن انهيءَ جي پيدائش جو غنچو انهيءَ جاءِ تي ٽڙيو. (اهو گويا ارم جي باغ جو هڪ غنچو هو[3]، يا وري عدن جو بهشت هڪ جنهن قيامت کان ئي اڳ ۾ پنهنجي منهن تان نقاب پري ڪيو!

جڏهن سلامان انهيءَ ٻيٽ جي رونق ۽ خوبي ڏٺي تڏهن اڳتي سفر ڪرڻ جو خيال ڇڏي ڏنو. ٻيئي، نهايت خوش، روح ۽ جسم مثل هڪٻئي سان ڳنڍيا پيا هئا، ۽ خوشيءَ کان اهرو پئي ٽڙيا جهڙو گل ۽ سوسن پاڻ ۾ گڏجي ٽڙندا آهن. سندن سنگيت غيرن جي وٺ- پڪڙ (نڪتچيني) کان محفوظ ۽ سندن آرام ۽ راحت بيماريءَ جي آويزش کان سلامت هئا. اتي نه کين ڪو ملامت ڪرڻ وارو هو ۽ نه سندن درميان ڪو ڏڦڃر ۽ نفلق وجهڻ وارو هو. گلاب جو گل ڪنهن ڪنڊي کان سواءِ جهوليءَ ۾ هو ۽ پاسي ۾ هڪ خزانو هو جتي نانگ جي ڏنگ جو ڪو خوف ڪونه هو.

هر وقت انهيءَ مرغزار ۾ پئي ننڊون ڪيائون ۽ هر گهڙيءَ انهي جي مٺي ۽ تازي چشمي مان پاڻي پئي پيتائون. ڪڏهن بلبل سان گڏجي پئي ڳايائون ۽ ڪڏهن طوطي سان پئي سُر ملايائون. ڪڏهن وري تتر سان گڏجي ٺينگ ٽپا پئي ڏنالون ۽ ڪڏهن وري تتر سان گڏ ٽهلي پئي هليا. ڳالهه مختصر ته دل، عيش ۽ خوشيءَ سان ٽمٽار هئي ۽ رات ۽ ڏينهن انهيءَ عيش ۽ آرام ۾ پئي گذاريائون. ڀلا انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿيندي، جڏهن تنهنجو يار تو سان گڏ هجي ۽ تنهنجو عيبچو ۽ چغلخور غائب ۽ گم.

  

وامق جو هڪڙي شخص کي جواب

هڪ دفعي، هڪڙي شخص، وامق کان ڳجهه ڳوهه ۾ پڇيو ته ”تون جو عذرا جي عشق جي داغ کان ڳري رهيو آهين ۽ ساري عمر جستجو ۾ صرف ڪندو رهيو آهين، ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ته هن هيتري ساري جستجو مان تنهنجو مقصد ڇا آهي؟ تنهنجي پاسي ۾ تنهنجو مقصود تو سان گڏ ويٺو آهي، ۽ ٻيو ڪو اهڙو موجود ئي ڪونهي جو تنهنجي مقصود کي توکان روڪي.“ جواب ڏنائين ته ”منهنجو مقصد هيءُ آهي ته مان عذرا سان گڏ اڪيلو ڪنهن بيابان جي اندر هليو وڃان ۽ انهيءَ بيابان کي پنهنجو وطن ڪري وٺان، ۽ اتي ڪنهن چشمي تي پنهنجو تنبو کوڙيان، ۽ انهيءَ هنڌ کان دوست خواهه دشمن ٻيئي پري هجن، دل ۽ جان، مخلوق جي آزار کان آرام ۽ امن ۾ هجن. جيڪڏهن ڪنهن طرف به کڻي مان ڪيترائي ميل ڇو نه هليو وڃان ته اتي ڪابه انساني آبادي نه ڏسان. منهنجي عضون جو هرهڪ وار مون لاءِ اک ٿي پوي ۽ عذرا جو منهن، مون لاءِ قبلو ٿي پوي. پوءِ هزارن اکين سان سندس طرف منهن ڪريان ۽ ابد تائين سندس منهن جو نظارو پسندو رهان؛ بلڪ مان ته هيءُ ڪجهه چاهيان ٿو ته: مان هن جي نظاري پسڻ کان به هڪ طرف ٿي وڃان ۽ ٻيائيءَ کان آزاد ٿي خود عذرا ٿي وڃان؛ ڇا لاءِ جو جيستائين ٻيائي رهندي، تيستائين عناشق ۽ معشوق درميان دوري به رهندي ۽ وڇوڙي جي داغ جي قيد ۾ جان ڦاٿل رهندي. جڏهن عاشق وصل جي گهٽيءَ ۾ قدم رکي ٿو، تڏهن اتي سواءِ هڪ جي سمائجي به نٿو سگهي (ڇو جو ٻيو ڪجهه ڏسي ئي ڪونه ٿو).

 

بادشاهه جو سلامان جي وڃڻ کان واقف ٿيڻ

ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن بادشاهه پنهنجي پياري ۽ محبوب پٽ سلامان جي ملڪ مان نڪري وڃڻ کان واقف ٿيو تڏهن ان جانگداز فرزند جي فراق ۾ اکين مان خوني ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، ۽ اهڙيون آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳو، جي وڃي پئي آسمان کي رسيون. چيائين ته: هاءِ افسوس، هن جي هر هنڌ ڳولا ڪئي ويئي آهي مگر ڪوبه ان لڪل راز کان آگاهه ٿي نه سگهيو آهي!

بادشاهه وٽ هڪ جهان نما آئينو هو جنهن ساري دنيا جي رازن کان پردو پئي هٽايو. عارف جي دل مثل کان جهان جي ڪابه ڳالهه، نيڪي خواهه بدي لڪل نٿي رهي سگهي. جڏهن انهيءَ تي نظر ڪيائين تڏهن پنهنجي گم ٿيلن جيو فوراً خبر پئجي ويس. ٻنهي کي هڪ ٻيٽ ۾ عشرت ڪندو ۽ زماني جي غم کان بالڪل بيفڪر ڏٺائين، ڄڻڪ انهن کي زماني جي تڪليف ۽ انقلاب جو ڪو اوانو ئي ڪونهي. ٻيئي جهان کان بيفڪر ۽ جهان وارن کان گهڻو ڀڄندڙ ۽ ٽهندڙ نظر آيس. ڏٺائين ته هو هڪٻئي جي ڏسڻ ۾ شاد ۽ خوش آهن ۽ باقيءَ کان بالڪل بي اونا ۽ بيخبر آهن.

جڏهن بادشاهه انهن جو هي ميل ميلاپ ڏٺو تڏهن انهن تي ڪهل اچي ويس. مماش جا سڀئي وسيلا ۽ اسباب، ڪنهن ملامت ڪرڻ کان سواءِ، سندن لاءِ اتي جمع ڪيا ۽ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي؛ ڇا لاءِ جو سمجهيائين ته ملامت ڪرڻ يا مهڻي ڏيڻ سان متان سندن ڪا دلر رنجائي ٿئي.

اهو شخص جو صاف دل ۽ پاڪ خيال رکي ٿو ۽ جو مروت جا سڀئي شرط بجا آڻي ٿو سو سدائين خوش ۽ پُسڪون آهي. جتي به ٻه يار پاڻ ۾ مليل ڏسي ٿو تتي خوشي ۽ غم ٻنهي جو پيالو پِي ڇڏي ٿو. هاڻي ڇاڪاڻ ته انهن جي دل جدائيءَ جي رنگ کان صاف هئي، ۽ انهن جي محبت جو پيالو به ڀڃڻ ۽ ٽٽڻ کان بالڪل سلامت هو، تنهنڪري انهن جي مهبت ۾ هو پاڻ ساٿ ڏئي ٿو ۽ انهن جي دولت ۾ سندن مدد ڪري ٿو، ۽ نه ڪه هو انهن جي ميلاپ ۽ ڳانڍاپي کي ٽوڙي يا سندن رشتي آڏو روڙا اٽڪائي (۽ آڏ ٿئي).

مصيبت زدن تي جو ڪجهه اچي ٿو سو سندن اعمالن جو ئي نتيجو آهي. تون انهيءَ حقيقت کي سمجهه ۽ چڱائي ڪندو رهه ته جيئن خود به چڱائي ڏسين ورنه برائيءَ جو بدلو برائي ئي آهي.

 

خسرو پرويز کي سندس ڪئي جو بدلو ملڻ[4]

 

جبل کي ڪاٽيندڙ فرهاد، جنهن پرويز سان مقابلو ڪيو هو، تنهن هڪ دفعي، شيرين تي محبت ڀريل اکين سان نظر ڪئي. جڏهن شيرين ان جي دل جو ميلان پنهنجي طرف ڏٺو، تڏهن پاڻ به ان جي طرف لڙي پيئي. عشق جي غيرت، ساڙيندڙ باهه کي ڀڙڪايو ۽ خسروءَ جي طاقت جي فصل کي آگ لڳائي ڇڏي، جنهن يڪدم هڪ حيله سازي ڪري، فرهاد جي پيالي ۾ زهر پلٽي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح سان هو پوءِ انهيءَ وقت اميد ۽ هوَس سان ڀرجي شيرين جي عشق جو فاتح ٿي پيو.

ليڪن هن وير وٺندڙ زماني، اندر ۾ وري اها ست سٽي جو شيرويه جي هٿ ۾ کني بدلي جي ترار ڏني، جنهن ه هڪ ئي ڌڪ سان ان کي شيرين کان الڳ ڪري ۽ تخت کان کيس هميشہ لاءِ هٽائي پري ڪري ڇڏيو.

 

ابسال جي محبت ۾، سلامان جي لڳي رهڻ کان بادشاهه جو غمگين ٿيڻ

جڏهن يونان جي بادشاهه ڏٺو ته سلامان، ابسال جي وصل ۾ مست آهي ۽ هن جي هيتري ساري عمر ائين گذري ويئي آهي ۽ هن اڃا پنهنجي نقصان کان بس نه ڪئي آهي ۽ گمراهيءَ کان پنهنجي دل کي واپس نه موٽايو آهي، ۽ سندس شاهي تاج سر (مٿي) کان خالي پيو آهي جو کڻي اهو پائي پنهنجو سر (مٿو) اونچو ڪري، ۽ سندس تخت ائين بيڪار پيو آهي، جنهن کي هو ان جي مبارڪ پيرن هيٺان رکي ته جيئن تخت خود ان جي پيرن کي چمي، تڏهن هن غم کان سندس اندر ۾ باهه ٻري اٿي، ۽ انهيءَ ناخوش حالت کان پاڻ به ناخوش ۽ بيقرار ٿي پيو.

ٻيو ڪو طريقو نه ڏسي نيٺ، سلامان تي پنهنجو توجهه سٽيائين ته جيئن کيس ابسال کان بالڪل الڳ ۽ جدا ڪري ڇڏي. نتيجو هي نڪتو جو پوءِ جيتوڻيڪ هو هر گهڙيءَ ۽ هر لهظي ابسال جي طرف پئي ويو، ليڪن ان مان ڪوبه فائدو حاصل ڪري نه سگهيو. هن جو منهن ڏسي سندس جان پئي تتي، ليڪن افسوس جو هو ان سان ملي به نٿي سگهيو. هن قسم جي باهمي دوکيبازيءَ سبب هو رستي تي ڪِري پيو، سندس گڏهه به مري ويو ۽ سندس مڏيءَ به اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو.

مفلس ماڻهوءَ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهرو غم ٿيندو جو خزانو ته پاسي ۾ هجي ليڪن کيسو بنهه خالي. اُڃاري ويچاري کي هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪهڙو عذاب ٿيندو (آهي)، جو پاڻيءَ جو چشمو ته هن جي اکين اڳيان موجود هجي، ليڪن هو مسڪين ان جي پيئڻ کان روڪيل ۽ جهليل هجي. دوزخين لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي تڪليف ٿيندي، جو هڪ طرف سندس اندر ۾ باهه ٻرندڙ هجي ته ٻئي طرف بهشت سندن نظرن جي سامهون بيٺو هجي.

جڏهن سلامان کي هن محنت ۽ تڪليف ۾ گذاريندي هڻا ڏينهن ٿيا، تڏهن راحت ۽ آرام جو دروازو سندس لاءِ کلي پيو. ان تي هيءَ حقيقت روشن ٿي ويئي ته هيءُ سڀ ڪم سندس پيءُ جي طرف کان ٿيو آهي ته جيئن هو ان کي انهيءَ اوڙاهه مان ڪڍي ٻاهر آڻي. پوءِ ذرا ڊڄندي، تائب ٿيندي، عذر ۽ معافي چاهيندي پنهنجي پيءُ جي اڳيان حاضر ٿي پنهنجو منهن مٿي ڪيو (کوليو). ’برابر اهو پکي جو نيڪ بخت آهي سو آخر هڪ ڏينهن موٽي پنهنجي ماڳ ايندو.‘

 

حلالي ٻار متعلق، شاگرد ۽ حڪيم جو سوال ۽ جواب

هڪ دفعي، هڪڙي شاگرد ڪنهن حڪيم کان سوال پڇيو ته ”حلالي پٽ ڪهڙو آهي؟“ هن جواب ڏنو ته ”اهو، جو پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي مشابهه هجي. جيڪڏهن پڻس ڏاهو هو ته پاڻ به ڏاهو ٿئي ۽ جيڪڏهن پڻس بيوقوف هو ته پاڻ به بيوقوف ٿئي. جيڪڏهن کڻي ڪجهه ڏينهن پنهنجي پيءُ سان نه به رهيو آهي تڏهن به پڇاڙي وري وڃي پيءُ واري وٺندو، پر جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته پوءِ ان جي حالت هن حقيقت جي گواهه آهي ته هو حرامي پٽ آهي جنهن سان پوءِ توکي لاڳاپو ٽوڙڻ گهرجي.“

اهو گاهه جو ڪڻڪ جي ٻنيءَ ۾ ڄمي ۽ وڏو ٿي، ڦلي ڦولي ٿو ۽ پوءِ اهو جيتوڻيڪ منڍ کان اهو ساڳيو گاهه هو (۽ نه ڪڻڪ)، مگر ته به جڏهن ان ٻنيءَ ۾ لاباري جو وقت اچي ٿو تڏهن خود انهيءَ ٻنيءَ جو داڻو ٻڌائي ٿو ته اهو ڪڻڪ جو داڻو نه آهي ۽ ڪڻڪ جي ته منجهس ڪابه خاصيت ڪانهي.

 

سلامان جو بادشاهه وٽ پهچڻ

جڏهن پيءَ پنهنجي پٽ سلامان جو منهن ڏٺو، ۽ ان جي عمر ڳاريندڙ فراق کان رهائي حاصل ڪئي، تڏهن کيس مٿي تي پيار سان چميون ڏيڻ لڳو، ۽ پنهنجي شفقت ۽ مهربانيءَ جو هٿ سندس ڪلهن (ڪلهي) تي رکيو، ۽ کيس چوڻ لڳو ته تنهنجو وجود احسان جي ميز لاءِ نمڪ هو ۽ تنهنجو جمال انسان جي اک لاءِ هڪ ماڻڪي هو (جنهن بغير هو ڏسي نٿي سگهيو). تون روح جي باغ جو هڪ نئون بوٽو آهين ۽ آسمان لاءِ هڪ ٻيو روشن سج آهين. تون في الواقع، دولت جي باغ جو هڪ نئون ۽ تازو ٽڙيل گل آهين ۽ شاهي برج جو هڪ پورو ۽ مڪمل (گهن جي زد کان خالي) چنڊ آهين. ساري دنيا تنهنجي لشڪر جي جاءِ آهي ۽ هميشہ تنهنجي حڪم جي تابعدار آهي، ۽ سرڪش ۽ مغرور به تنهنجي درگاهه جا غلام ۽ سلامي آهن. تخت ۽ تاج جو تون ئي لائق آهين ۽ توکان سواءِ انهن ٻنهي جو ڪو ملهه ئي ڪونهي.

تون هن شاهي تاج کي ڪنهن خسيس ۽ نااهل جي مٿي لاءِ پسند نه ڪر (۽ انهيءَ جي مٿي تي نه رک، ۽ نه وري هن تخت کي ڪنهن ناڪس ۽ هيچ جي پيرن حوالي ڪر. هيءَ ساري بادشاهي تنهنجي ملڪيت آهي جنهن کي تون وٺي چڱيءَ طرح  سنڀال ۽ ان کي پنهنجي قبضي (مان نه ڇڏ) ڪر، هن حسين عورت کان پنهنجو هٿ پري ڪر. حقيقي بادشاهي ۽ عورت کان پنهنجو هٿ پري ڪر. حقيقي بادشاهي ۽ عورت پرستي ٻئي گڏ هرگز نٿا سونهن. هينئر وقت اچي ويو آهي جو تون هن معشوقه (عورت) جي مينديءَ کي پنهنجي هٿن کان پري ڪرين، ۽ پوءِ بادشاهي ڪجي يا عورت پرستي (اهو توتي ئي ڇڏيل آهي).

 

چئن خصلتن جو بيان، جي سلطنت جي شرطن مان آهن

معلوم هئڻ گهرجي ته بادشاهيءَ لاءِ چار شيون شرط آهن: پهرين حڪمت، ٻي غفّت، ٽين شجاعت ۽ چوٿين سخاوت. ڪنهن شريف جو ڪميڻي نفس جي ڪڍ لڳي، عورت جي هڪم هيٺ رهڻ، حڪمت منجهان نه اهي. عفت جي نشاني هيءَ به نه آهي جو ڪو سمجهدار ڪنهن ناپسند يار سان ملي پنهنجو دامن ميرو ڪري، ۽ نه وري ڪا هيءَ شجاعت جي نشاني آهي جو هڪ ڪميڻي ۽ فاحش عورت، جوانمرد کي پنهنجي جوانمرديءَ مان ئي خارج ڪري ڇڏي. ساڳي طرح هيءَ به سخاوت ڪانهي جو سخي ان حد کان تجاوز ئي نه ڪري، جنهن جو اردگرد هڪڙو خسيس ۽ رذيل ڦري رهيو آهي (اهو ماڻهو قطعا سخي نه آهي جو عطا ۽ عنايت ۾ خسيس جي برابر آهي).

هر اهو شخص جنهن ۾ هي چار خصلتون نه آهن سو بادشاهي ماڻي نٿو سگهي، ۽ اهو جنهن جي انهن چئن خصلتن ۾ خلل پئجي وڃي ٿو ته پوءِ ان کي بادشاهه پنهنجي دل اندر ڪٿي جاءِ ڏيندو؟ حڪمت جي لفظن کي هن تقرير تي پورو ڪيم ۽ جو ڪجهه چوڻو هو سوچيم. والسلام.

 

سلامان جو پنهنجي پيءُ جي ملامت کان تنگ ٿي، هڪڙي بيابان ۾ وڃي باهه ٻارڻ.

دنيا ۾ عاشق غريب کان وڌيڪ خوار ٻيو ڪير آهي، ۽ سندس معاملي کان زياده دشوار معاملو ٻيو ڪهڙو آهي؟ وڇي سو ڪاڏي وڃي، نه يار جو غم ٿو سندس دل مان وڃي، ۽ نه وري سندس دل جي ڪا تمنا ئي ٿي پوري ٿئي، هر وقت ۽ هر گهڙيءَ هن مسڪين جو سرمايو تڪليف ئي تڪليف آهي. ڪڏهن بدخواهن جا طعنا ته ڪڏهن وري نيڪ خواهن جون نصيحتون.

جڏهن سلامان اهي نصيحتون ٻڌيون تڏهن هن آسودگيءَ جي ڪپڙن کي ڦاڙي ۽ چيري ڇڏيو. سندس دل، زندگيءَ کان ئي تنگ ٿي پيئي ۽ چاهيائين ته هو جيڪر نيست و نابود ٿي وڃي ته بهتر. جڏهن حياتي، خاتمي لاءِ مناسب ۽ موزن هجي، تڏهن پوءِ زندهه رهڻ کان مرڻ ئي بهتر ۽ ڀلو آهي.

آخر گهڻي سوچ کان پوءِ، ابسال سان گڏجي، صحرا جي طرف کڻي منهن ڪيائين، ۽ فضا اندر پنهنجي جان سان کيڏڻ لاءِ پير رکيائين. رستي ويندي سڪل ڪاٺين جا ٽڪرا هر هنڌان کڻندي، آڻي هڪ هنڌ ڪٺا ڪري رکيائين. انهن ٽڪرن مان جبل جيان هڪڙو وڏو ڍير ٺهي ويو، جنهن کي پوءِ هن وٺي باهه لڳائي. ٻرندڙ باهه جي نظاري کي ڏسي ٻئي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ هڪٻئي سان هٿ هٿ ۾ ملائي ان اندر گهڙي پيا.

بادشاهه ته ڳجهه ڳوهه ۾ ان حال کان واقف هو ۽ هيءُ سڀڪجهه ڏسي رهيو هو، ۽ چاهيائين ته ابسال کي ساڙي ختم ڪيو وڇي. پنهنجي خواهش موجب هڪ همّت سٽيائين جنهن ابسال کي ساڙي ۽ سلاماڻ کي سلامت رکيو. ابسال حقيقت ۾، زر تي هڪ مَٺِ هئي ۽ سلامان، خالص زر هئي، جنهنڪري زر صحيح سلامت رهي ۽ مٺ سڙي ويندي رهي. اهوئي ته سبب آهي ته جڏهن مٺ واري زر باهه ۾ وڌي ويندي آهي، تڏهن فقط مٺ ٽٽي ڪري پوندي آهي.


[1]  جڏهن ڪنهن شئي جي حقيقت سمجهڻي هجي ته ان لاءِ ارسطو ڏهه سوال مقرر ڪيا هئا، جن جي دريافت ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ شئي جي حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي. (1) وضع= رکڻ، (2) اين= ڪٿي (آهي)، (3) متيٰ= ڪڏهن، (4) ڪيف= ڪيئن (5) ڪم= ڪيترو، (6) الجوهر= قائم بالذات، (7) الاضافة= نسبت (8) الملڪ= ملڪيت، (9) الفعل= ڪنهن ٻيءَ شئي ۾ اثر ڪرڻ (10) الانفعال= ڪنهن ٻيءَ شئي کان اثر قبول ڪرڻ. انهن جو نالو معقولات عشره، يا عقول عشرة (يعني ڏهه عقل).

[2] . جُوز زهر، آسماني اجگر (نانگ) جو مٿو ۽ پڇ.

[3] . ارم، شداد ڪافر جو بنايل هو.

[4]  خسرو پرويز فرهاد کي چيو ته جيڪڏهن جبل ٽاڪي ان مان نهر وهائي ايندين ته پوءِ شيرين تنهنجي ٿيندي. فرهاد پنهنجو ڪم اچي ذري گهٽ پورو ڪيو ته چوائي موڪليائينس ته ’شيرين مري ويئي.‘ هي ٻڌي هن پاڻ کي مٿي ڀر کڻي اڇلايو ۽ ڪِري مري پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org