سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :1

سلامان ۽ ابسال (ناول)

 

مولانا عبدالرحمان جامي/غلام حسين جلباڻي

 

ديباچو

 

هن کان اڳ ۾ ”حي بن يقظان“ جو سنڌي ترجمو ”ڪاميابي“ جي نالي ڇپجي ۽ شايع ٿي چڪو آهي ۽ گهڻو مقبول ٿيو آهي. انهيءَ افساني جي طرز تي جاميءَ پنهنجو ڪتاب ”سلمان وابسال“ نظم ۾ تصنيف ڪيو، ليڪن هن قسم جا جيڪي به افسانا لکيا ويا آهن تن ۾ فقط شخصن جي نالن ۾ مشابهت ملي ٿي، باقي قصي جي شڪل ۽ صورت، ان جي فلسفي غايت، تفصيل ۽ راين ۾ منجهن اختلاف رهيو آهي. هيءَ ساڳي حالت جاميءَ جي افساني جي به آهي جو ٻين سڀني افسانن کان بالڪل نرالو ۽ مختلف نوع جو آهي. البت اها ڳالهه جا انهن قصن اندر قدري مشترڪ ڏٺي  وڃي ٿي، سان آهي انسان جي اصلي حقيقي جي ڄاڻ لاءِ بي تابي ۽ حيراني. حقائق جي ادراڪ کان انسان جي عجز ۽ لاچاريءَ ڏانهن اشارو ڪندي ابن سينا هڪ هنڌ چوي ٿو:

لَقَدّ طُفتّ فِي تِلکَ المَعاَهِد کُلّهِاَ

وِسَيّرَتُ طرفِي بَيّنَ يِتلّکَ المّعَاَلِمِ

فَلَمّ ارَجالاّ واضِعا کَفّ حَائِرِ

عَلَي ذَقَنِ اوّقَارِعا سِنّ نَادِمِ

مان انهن سڀني علمي مرڪزن جو گشت ڪيو ۽ انهن سڀني هنڌن ڏانهن پنهنجو گهوڙو ڊوڙايو جتي حقيقت ملڻ جو ڪجهه وهم ۽ گمان هو.

ليڪن مون ڏٺو ته هرهڪ حيرانيءَ کان پنهنجو هٿ کاڏيءَ تي رکيو ويٺو هو ۽ افسوس ۽ ارمان کان پنهنجا ڏند ڪرٽي رهيو هو.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته روح، هن جسم ۾ پنهنجي خوشيءَ سان ڪونه آيو آهي ۽ ان لاءِ هي جسم هڪ بنديخانو آهي جنهن کان کيس ڇوٽڪارو فقط موت ئي ڏياري ٿو، جنهن بعد هو ملاءَ اعليٰ سان ملي وڃي ٿو. عام فيلسوفن جو اهوئي نظريو آهي ته روح اصل ۾ هر شئي کي ڄاڻي ٿو، ۽ جڏهن ثقيل جسم اندر اچي ٿو تڏهن ڪجهه ڳالهيون جي هو اڳ ۾ ڄاڻندو هو تن کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو ۽ موت کان پوءِ هو وري پنهنجي حالت کي رسندو ۽ عالمي ذات سان متصل ٿي ويندو.

روح هڪ بي بها گوهر ۽ نهايت پاڪيزه شيءِ آهي جنهن کي هن خيبت ۽ رهزن نفس جي دست برد کان هر قيمت تي بچايو ۽ حفاظت ۾ رکيو وڃي. ابن سينا پنهنجي مشهور عيني قصيدي اندر ان حقيقت طرف اشارو ڪيو آهي جنهن جو مطلع آهي:

هَبَطَتُ الَيکَ منَ المَحَلِ اّلاءَ رّفَعِ

وَرّقَاءُ ذاتُ تدَللِ وّ تَمَنّعِ

هڪ ناز نخري، لاڏ ڪوڏ ۽ پرهيز واري ڳيري پنهنجي شاندار ۽ بلند مقام تان ڪِري اچي تنهنجي هنج ۾ پئي آهي[1].

بهرحال، جاميءَ جو هيءُ افسانو، انسان جي ظاهر ۽ باطن ٻنهي لاءِ خوشي ۽ راحت جو سامان مهيا ڪري ٿو. ان اندر اسين ڏسون ٿا ته ڪيئن نفس پرست ابسال (جسم) پنهنجي حسن ۽ جمال ذريعي سلامان (روح) کي ڌتاري ۽ برغلائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي جنهن کان ڪافي عرصي گذرڻ کان پوءِ هو آزادي حاصل ڪري ٿو ۽ آخر پنهنجي اصليت کان واقف ٿي کيس ٿو کيٽا ڪري ڇڏي ڏئي ٿو؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ابسال حرص ۾ هوسَ جو پتلو هئي سا جڏهن باهه اندر داخل ٿئي ٿي تڏهن سڙي رک ٿي وڃي ٿي.

هي قصو حڪمت سان پر آهي، جنهن ۾ انسانن کي نفس جي چالاڪين ۽ فريب ڪارين کان خبردار ڪري پوري هدايت ڏني ويئي آهي. سندس اصلي قدر ۽ قيمت سان کيس پوريءَ طرح روشناس ڪرايو ويو آهي ته جيئن هو خود سنڀالي پنهنجي اصل ڏانهن موٽي، جنهن ۾ ئي ان جي لازوال زندگي ۽ غيرفاني راحت آهي.

آءٌ پنهنجي محترم دوست ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن نه صرف ضروري ڪتابن ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ۽ حوصله افزائي ڪئي مگر ان سان گڏ، ترجمي جي غلطين کي به سڌاريو- والسلام

 غلام حسين جلباڻي

صدر شعبهء عربي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد

تاريخ: 28- ڊسمبر 1962ع


[1] . محمد علي حڪيم الهٰي فريدني، هن شعر جي سمجهاڻي فارسي نظم ۾ هن طرح ادا ڪئي آهي:

فرود آمد از جايگاه بلند، ترا يک کبوتر بسي ارجمند

بود آن کبوتر ترا آن روان، که باشد بزير و ببالا روان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org