سلامان ۽ ابسال جي قصي جو خلاصو
هيءَ هڪ ڳجيب تمثيلي قصو آهي، جنهن کي مولانا جامي رح يعقوب بيگ ولد اوزن حسن جي نالي ۾ نظم ڪيو، جنهن سن 883 هجري کان ويندي سن 896 هجريءَ تائين حڪمراني ڪئي. ان اندر عرفاني
معنائون پلٽيون ويون آهن، جنهن طرف جامي هڪ هنڌ اشارو ڪندي چوي ٿو:
باشد اندر صورت هر قصهء
خرده بينان را ز معنيٰ حصهء.
يعني ته هر قصي اندر سمجهه وارن لاءِ ڪجهه معنيٰ رکيل آهي.
هن قصي ۾ پنج شخص حصو وٺن ٿا: (1) يونان جو بادشاهه، (2) هڪ حڪيم، جو ان جو دائمي صلاحڪار ۽ مشير آهي، (3) بادشاهه جو حسين ۽ پيارو پُٽ سلامان، (4) ابسال، سلامان جي هڪ سونهن
ڀري دائين، ۽ (5) زهرا، (سونهن جو ستارو) جا سلامان جي دل مان ابسال جي ياد ڪڍي ڇڏي ٿي. هن رنگين ڪهاڻيءَ جون چند خاصيتون هيءُ آهن:
سلامان، بغير ماءُ جي پيدا ٿئي ٿو. ان جي من موهيندڙ دائي ابسال، جا عمر ۾ کانئس ويهه سال وڏي هئي، سندس جوان ٿيڻ تي، کيس پنهنجي محبت ۽ پيار ۾ تڏهن سمجهيائين ته ڀاڄائنس کيس
ضرور وساري ڇڏيو هوندو، پر هوءَ ته اڳي وانگر ساڻس عشق ۽ پيار ڪرڻ لڳي، جنهن تي هن صاف انڪار ڪيو ۽ لڙائيءَ لاءِ واپس موٽيو. لشڪر جا
اڳواڻ، سندس ڀاءُ جي ازل جي چرچ تي هڪ معرڪي (ويڙهه) ۾ کيس اڪيلو ڇڏي ويا، جنهنڪري هو زخمي ٿي ڪري پيو ۽ هنن ان کي مئل سمجهي کڻي ڦٽو ڪيو.
هڪ جهنگلي جانور کي، جنهن جو اتان گذر ٿيو، مٿس ڪهل پئجي ويئي ۽ پنهنجا ٿڻ سندس وات ۾ وجهي کيس خوب کير پياريو، جنهن سببان هو چاق چڱو ڀلو
ٿي پيو ۽ موٽي پنهنجي ڀاءُ سلامان وٽ آيو ۽ اچي هن جي ملڪ کي سڌاريائين؛ پر سلامان جي زال سندس بورچيءَ سان ٺاهه ڪري ڇڏيو هو، جن ٻنهي گڏجي
هن کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو.
هن قصي جي سمجهاڻي، جا خواجه بصيرالدين طوسيءَ بيان ڪئي آهي، اجها هيءَ آهي: سلامان مثال آهي نفس ناطق جو، ۽ ابسال نظري عقل جو- اهو عقل، جو ترقي ڪندي وڃيو عرفان جي درجي کي
رسي. سلامان جي زال مان مراد بدني قوت آهي، جا شهوت ۽ غضب کي حڪم ڪري، اڀاري ۽ ڀڙڪائي ٿي، ۽ جنهن ٻين سڀني قوتن کي قابو ڪيو آهي ته جيئن
اُهي سندس فاني خواهشن کي حاصل ڪرڻ ۾ سندس مددگار ۽ صلاحڪار رهن. ابسال جي انڪار مان مراد آهي ”عقل جي پنهنجي مرڪزي عالم ڏانهن ڇڪ.“ سلامان
جي زال جي ڀيڻ، جنهن جي هن شادي ڪرائي هئي، عملي قوت آهي. کنوڻ جي ڪارن ڪڪرن مان چمڪڻ جو مطلب آهي ”الاهي امداد جو ترورو.“ ابسال جو پريشان
ٿيڻ دليل آهي عقل جو حرص ۽ هوس کان ڪنارو ڪرڻ. پنهنجي ڀاءُ لاءِ ملڪ فتح ڪرڻ مان مراد آهي نفس جو نظري قوت جي ذريعي عالم جبروت ۽ ملڪوت کان
واقف ٿيڻ. جهنگلي جانور جي کير تي پلجڻ اشارو آهي ان ڪمال جي پلٽ ڏانهن، جا مٿس عالم بالا کان ٿئي ٿي. بورچيءَ مان مقصود ”غضبي قوت“ آهي ۽
طعام کارائيندڙ نوڪر ”شهواني قوت“ جي مثل آهي.
”حَيّ بن يَقظَان“ نالي هڪڙو ٻيو ننڍو قصو به ابن سينا جو لکيل آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي ته هڪڙو ماڻهو بيت المقدس مان ٻاهر نڪري گهمڻ جي خيال سان وڃي ٿو ته جيئن هن دنيا ۾
خداتعاليٰ جي ڪاريگريءَ جا عجب رنگ ڏسي... ۽ هو ان اندر ڏسي ٿو ته جسم جي پکيڙ سندس ذاتي نه آهي.“
ابو علي سينا کان پوءِ اندلس جي هڪ مشهور فيلسوف ابو جعفر ابن الطفيل، ”حيّ بن يقظان“ نالي هڪ رسالو تصنيف ڪيو، جنهن ۾ هو طبيعي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته ”انسان جي
پيدائش ۽ پرورش ماءُ ۽ پيءُ کان سواءِ ممڪن آهي.“[1]
ائين برابر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ملڪي انتظام ۽ حڪومت کان منهن ڦيري ڇڏيو.
وري هڪ ٻي روايت آهي ته ابن الاعرابي پنهنجي ڪتاب ”النوادر“ ۾ هڪڙو قصو آندو آهي، جنهن ۾ هن ٻن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، جي ٻئي جرهم قبيلي جا هئا. اتفاق سان بدوي عربن جي ڪنهن
ٽولي کين پڪڙي کڻي قيد ۾ بند رکيو. انهن مان هڪڙو، جو چڱائيءَ ۽ نيڪيءَ کان مشهور هو، تنهن جو نالو هو سلامان، ۽ ٻيو، جو برائيءَ ۾ برک هو،
تنهن جو نالو هو ابسال. سلامان کي پنهنجي نيڪي ۽ قلب جي سلامتيءَ سبب قيد مان آزاد ڪيو ويو، باقي ابسال، سو پنهنجي برائي ۽ اندر جي پليدي
سبب قيد ۾ رکيو ويو، تان جو ان قيد اندر ئي مري ويو، ڇاڪاڻ ته ابسال جي معنيٰ ئي قيد آهي ۽ بند.
هن قصي جي ٽين روايت وري هيءَ آهي: چون ٿا ته اهو قصو ابن سينا ڏانهن منسوب آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي:
سلامان ۽ ابسال ٻه ڀائر هئا. ابسال ننڍو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ وٽ پرورش وري هئائين. منهن جو موچارو، عقل ۾ برک، بافضيلت، صاحب علم، پاڪدامن ۽ دلير ٿي وڏو ٿيو. سلامان جي زال، جا مٿس
عاشق ٿي پيئي هئي، تنهن پنهنجي مڙس کي چيو ته ”پنهنجي ڀاءُ کي کڻي گڏ ڪر ته جيئن منهنجو اولاد کانئس علم سکي.“ سلامان پنهنجي ڀاءُ کي اهرو
اشارو ڏنو، پر هن عورتن سان رلي ملي رهڻ کان انڪار ڪيو. ابسال جڏهن ڀاءُ جي زال وٽ ويندو هو، تڏهن هوءَ سندس ڏاڍي عزت ڪندي هئي. آخر هڪڙي
ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي پيار جو حال ڏنائينس، جنهن تي ابسال ناراض ٿي دل هڻڻ لڳو. هن سمجهي ورتو ته هو سندس چوڻ نٿو ڪري، تنهنڪري سلامان
کي چيائين ته ”پنهنجي ڀاءُ کي کڻي منهنجي ڀيڻ سان پرڻاءِ، ۽ پوءِ ان سان گڏ تون به ان جو (منهنجي ڀيڻ جو) مالڪ ٿي رهه،“ ۽ پنهنجي ڀيڻ کي
چيائين ته ”مان توکي ابسال سان انهيءَ ڪري نه ٿي پرڻايان ته هو فقط تنهنجي لاءِ مخصوص هجي، پر هن لاءِ ته ان مان به توسان ڀاڱي ڀائيوار ٿي
رهنديس.“ پرڻي رات، سلامان جي زال، پنهنجي ڀيڻ جي هنڌ تي سمجهي پيئي. جڏهن ابسال ساڻس همبستر ٿيڻ لڳو، تڏهن هوءَ پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽
فوراً ان جي سيني کي پنهنجي سيني سان لائڻ لڳي. جنهن تي ابسال کي شڪ جاڳيو. ان وقت آسمان سخت جهڙالو هو، مگر اوچتو ان مان کنوڻ جو شعاع
ٿيو، جنهن جي روشنيءَ ۾ هن ان جو منهن ڏسي ورتو. بس پوءِ ته هو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ان (سلامان جي زال) کان پري رهڻ جو خيال ڪيائين. پنهنجي
ڀاءُ کي وڃي چيائين ته ”مان چاهيان ٿو ته تنهنجي لاءِ وڃي ملڪ فتح ڪريان.“ بعد ۾ هڪ هڪ لشڪر ساڻ ڪري، ڪيترين قومن سان لڙندو، پنهنجي ڀاءَ
لاءِ ملڪ فتح ڪندو رهيو. جڏهن وري وطن وريو، ڦاسائي ٿي، جا ڳالهه بادشاهه ۽ سندس مشيرن کي گهڻو ناپسند لڳي ٿي. ابسال، پنهنجي جادوءَ سان
سلامان کي هرکائي ۽ مجبور ڪري هڪ دنيوي بهشت ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي هو ٻئي ڪاٺيون ميڙي ڍير لڳائي ۽ ان کي باهه ڏيئي، پاڻ کي ان اندر اڇلائين
ٿا. نتيجي ۾، ابسال سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿي وڃي ٿي، ليڪن سلامان بلڪل سلامت رهي ٿو ۽ سڀني دنيوي ۽ نفساني خواهشن کان پاڪ ۽ صاف ٿي ٻاهر نڪري ٿو
۽ پوءِ ان تخت ۽ تاج جو پوريءَ طرح سان مستحق ۽ لائق بنجي ٿو، جن سان بادشاهه کيس بنادير نوازي ٿو.
هيءُ قصو جيتوڻيڪ پنهنجي سمجهاڻيءَ لاءِ ڪنهن شرح جو محتاج نه آهي، مگر تنهن هوندي به مصنف ان جي پوري سمجهاڻي آخر ۾ ڏيئي ڇڏي آهي.
جاميءَ جي هيءَ مثنوي ان جي ٻين اڪثر مثنوين کان گهڻو مختصر ۽ اصلي آهي، ڇاڪاڻ ته ”يوسف و زليخا“ ”ليليٰ و مجنون“ وغيره جهڙيون مثنويون فارسي ادب ۾ اڳي به آيون آهن، ليڪن هن
ڪهاڻيءَ جو ڪو مثال نثر خواه نظم ۾ ملي ئي نٿو.
هيءُ افسانو مختلف پر معنيٰ سان ڀرپور آهي ۽ ڏاڍو مؤثر ۽ شوق پيدا ڪندڙ آهي. ان جو ظاهر حش کي لذت بخشي ٿو ۽ ان جو باطل عقل کي تنبيہ ڪري ٿو، اونهائي، تمثيلن جي خوبي ۽ معنائن
جي بار بڪيءَ ۾ هو عطار جي ”منطق الطير“ سان ڪلهو هڻي ٿو.
هينئر وقت آيو آهي ته ان جي تاريخي پهلوءَ جي جاچ ڪريون ۽ ڏسون ته ههڙي قسم جو افسانو فارسي ادب ۾ ڪٿان آيو.
سلامان ۽ ابسال جو تاريخي پس منظر
سلامان ۽ ابسال جي نالي سان هڪڙو قصو حنين بن اسحاق ڏانهن منسوب آهي[2].
چيو وڃي ٿو ته هن اهو يوناني ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو هو. هيءُ قصو هڪڙي بادشاهه هرمانوس بن هرقل سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي هن ڳالهه جو گهڻو
شوق هو ته کيس هڪڙو پٽ هجي، مگر ان کي ماءُ نه ڄڻيو هجي، ڇا لاءِ جو هو عورتن سان ملڻ کي پسند نه ڪندو هو. وٽس هڪڙو ڏاهو حڪيم هو، جنهن
سندس نطفي مان ڪجهه ڇڪي کڻي هڪ ٿانوَ ۾ وڌو ۽ پوءِ ان جي پرورش ڪرڻ لڳو، جنهن مان بعد ۾ هيءُ ٻار پيدا ٿيو. هاڻي جڏهن بادشاهه کي ههڙي
نموني ۾ فرزند عطا ٿيو، تڏهن سندس نالو به سلامان رکيائين، ۽ ان جي سنڀال ۽ پرورش لاءِ هڪ دائي مقرر ڪيائين، جنهن جو نالو وري ابسال هو.
جڏهن ٻار وڏو ٿيو، تڏهن ابسال سان سندس عشق آهي ته ابن طفيل ڪجهه اصول ابن سينا کان ورتا، جهڙوڪ انساني عقل کي حي بن يقظان جي شخصيت ۾ پيش
ڪرڻ ۽ اهڙي طرح وحشي جانور جو کيس کير پيارڻ؛ ليڪن هي سڀ اصول هن پنهنجي آکاڻيءَ ۾ بدلايا آهن. هن، حي بن يقظان جي شخصيت کي ساري ئي قصي جو
محور بنايو آهي. ۽ هن ڳالهه جو به اعتراف ڪري ٿو ته هن جي بن يقظان ۽ سلامان ۽ ابسال جا نالا، ابوعلي سينا کان ئي ورتا آهن، ڇاڪاڻ ته
سلامان ۽ ابسال جو ذڪر سندس قصي جي آخر ۾ اچي ٿو؛ مگر هن ان قصي (حي بن يقظان جي قصي) اندر لفظن جي اهڙي ڇنڊڇاڻ ۽ چونڊ ڪئي آهي، جا ٻئي
ڪنهن به ڪتاب ۾ ملي نه سگهندي ۽ نه ڪڏهن ڪنهن عام ڳالهه ٻولهه ۾ ئي ٻڌي ويئي هوندي. هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته ابن طفيل وارو قصو
نهايت دلچسپ ۽ اصليت جي لحاظ کان قرون وسطيٰ (Middle Ages) جي هڪ بهترين تصنيف آهي.
ان بعد وري اسان کي هڪ ٻيو ننڍو رسالو ملي ٿو، جو شهاب الدين يحيي بن حبش سهروردي المقتول جو لکيل آهي. هيءُ رسالو نهايت مختصر آهي ۽ ان ۾ قرآني فقرا جهجها اچن ٿا. مصنف ان جي
شروعات ۾ چوي ٿو ته مان ”حي بن يقظان“ کان متاثر ٿي هيءُ رسالو جوڙيو آهي. سندس قصي ۾ غير معمولي دقّت ۽ اونهائي آهي ۽ هونئن به سهروردي
المقتول جو اسلوب اڪثر ڪري گهڻو غامض ۽ مغلق آهي. قصي جو نالو ”العربية الغربية“ آهي.
گهڻي کوجنا ۽ تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته هيءُ افسانو يوناني افسانن کان ئي ورتل آهي، جنهن کي جاميءَ جهڙي جيّدَ ۽ پختي شاعر، تائين صدي هجريءَ ۾ دلفريب صورت ڏيئي ۽ دلپسند
جامو پهرائي پيش ڪيو. جاميءَ کان اڳ ۾ ايراني ادب نثر خواه نظم ۾ هن افساني جي اشاعت ۽ رواج جي تاريخ معلوم نه آهي. البت ان کان ڪي صديون
اڳ سلامان ۽ ابسال يا سلامان ۽ اسال جا نالا ٿوري گهڻي ڦير گهير سان عرب خواه عجم ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيا[3].
جاميءَ پنهنجي نظم ۾ ان کي ”يونان ملڪ جي بادشاهه“ واري نسبت ڏني آهي، جنهن مان هيءَ ڳالهه واضح طور ظاهر ٿئي ٿي ته هن قصي جو اصل يونان کان ئي ورتل آهي. خواجه نصيرالدين طوسي
به حنين بن اسحاق جي حوالي سان هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته اهو يونانيءَ مان عربيءَ ۾ نقل ڪيو ويو، ۽ ان بادشاهه جو نالو آرمانرس هو،
جنهن ڪنهن زماني ۾ يونان، روم ۽ مصر تي حڪومت ڪئي هئي.
پهريون شخص جنهن ايران ۾ سلامان ۽ ابسال جو قصو چٽيو سو شيخ ابو علي سينا هو ۽ هن ان کي پنهنجي ڪتاب حّي بن يقظان (اسرار حڪمته مشرقيه) ۾ آندو آهي. هاڻي هي ڪتاب، جنهن ۾ حي بن
يقظان کي ساري قصي جو سورمو (Hero)
بنايو ويو آهي ۽ سلامان ۽ ابسال کي ثانوي اهميت ڏني ويئي آهي، تنهن جي جاميءَ جي منظوم حڪايت سان ڪابه مناسبت نظر نٿي اچي. البت حي بن
يقظان جي ماءُ ۽ پيءُ کان سواءِ پيدائش جاميءَ جي سلامان جي پيدائش سان مشابهت رکي ٿي.
ابو علي سينا پنهنجي ڪتاب ”اشارات“ جي آخر ۾ لکي ٿو ته: ”وَاِذاَ قَرَع سَمّعَڪَ فِيمّاَ يَقّرَ عُہُ وَ سُرِدَ عَلَيّڪَ فِيمّا تَسّمَعَہُ قِصّہ لِسَلامان وابّسَال، فَاعّلَمُ
انّ سَلاماَنَ مَثَل ضُرِبَ لَڪَ وَاِنّ ابسَالاً مَثَل صُرِبَ لِدڙ رّ جتڪ في الّعّرفَان انّ کُنتَ مِنّ اَهلِہِ ثُمّ حَلّ اِلَرّمّزَ
اِنّ اُطَقّتَ، انتهيٰ.“
جڏهن سلامان ۽ ابسال جو قصو تنهنجو ڌيان ڇڪائي ۽ تون ان جي ربط کي قائم رکي سگهين، تڏهن تون سمجهي ڇڏ ته سلامان مان اسان جي مراد تون آهين (يعني تنهنجي ذات) ۽ ابسال مان مراد
عرفان ۾ تنهنجو درجو آهي (ان درجي ڏانهن اشارو آهي جو توکي عرفان ۾ حاصل
آهي، يعني تنهنجي صفت). جيڪڏهن تون ان (عرفان) جو اهل ۽ لائق آهين،
يعني اهل عرفان وارن مان آهين ته هاڻي جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته ان رمز کي حلّ ڪر.
امام فخرالدين رازي هن رمز جي سمجهڻ ۾ حيران رهجي ويو ۽ آخر ڪنهن هڪ نتيجي تي پهچي چوي ٿو ته ”سلامان ۽ ابسال، عقلي شين مان نه آهي جن کي علقي قوت سان حل ڪري سگهجي ۽ نه وري اهي
مشهور واقعا ئي آهن جن مان شيخ ابو علي سينا جي مراد مستنبط ڪرڻ ممڪن ٿي پوي. بلڪ هن هنڌ شيخ ٻن لفظن کي وضع ڪيو آهي ۽ اسان کي انهن جي حل
ڪرڻ لاءِ چيو آهي. انهيءَ جو مثال ائين آهي جيئن ڪو شخص ڪاراڻ ۽ اڇاڻ کي آسمان ۽ زمين لاءِ وضع ڪري، اصطلاحي لفظ شمار ڪري، ۽ پوءِ ٻين کي
انهن جي حل ڪرڻ لاءِ چوي هي به هڪ معمه ۽ ڳجهارت آهي ۽ غيب بابت ڪجهه چوڻو (ٻڌائڻو) ۽ خبر ڏيڻي آهي.“
”شيراز نامه“ ۾ ابوالعباس احمد بن ابي الخير، اتابڪ سعد جي خاص وزير خواجه عميدالدين ابو نصر سعد الفارسيءَ جي وزارت جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، تنهن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته جڏهن وزير مذڪور،
اتابڪ سعد جو خط سلطان مهمد خوارزم شاهه ڏانهن کڻي روانو ٿيو، تڏهن رستي ۾ امام فخرالدين رازيءَ جي خدمت ۾ آيو ۽ هي ٻه بيت، جن ۾ سلامان ۽
ابسال جي مشڪل جو حل هو، سندس مدح ۾ ٺاهيا:
سَلاَ مَانُ مِنِي غيدُوّةّ وّعَشِيةّ
عَلَيٰ جسد دَار المَکَارِمِ اُبّسَالِ
وَلَم اُڪ اُدرِ ڪ قَبّلَ شوقِي وَ فَضللِہِ
حّدِ بثَ سَلامَانِ وَقصّةَ ابّسالِ
سلامان مون مان آهي، منهنجي ذات، (يعني مان پاڻ- سلامان آهيان) جو صبح ۽ شام مون سان گڏ آهي، ۽ منهنجو ابسال (هيءُ منهنجو) جسم آهي، جو نيڪين (ڪرڻ) جي جاءِ آهي.
پنهنجي شوق ۽ ان قصي جي فضيلت معلوم ٿيڻ کان اڳ ۾ مون کي سلامان ۽ ابسال جي افساني جي ڪا خبر ڪانه هئي.
جامي پنهنجي منظوم قصي ۾ سلامان جي پيدائش جو جيڪو طريقو ٻڌايو آهي، سو پهرين روايت مطابق يونان جي بادشاهه جي پٽ جي پيدائش جي بالڪل ٺهڪي اچي ٿو. فرق البت هيءُ آهي ته جامي،
سلامان ۽ ابسال کي باهه ۾ اڇلائي ٿو ۽ خواجه نصيرالدين طوسي، يونان جي بادشاهه هر مانوس جي قصي ۾ انهن ٻنهي کي درياءَ ۾ ٻوڙڻ جو بيان ڪري
ٿو. حڪايت جر آخر ۾ (طوسي) چوي ٿو ته، حڪيم پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ سان ٻه مخروطي منارا ٺهرايا هئا: هڪڙو پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو بادشاهه لاءِ، ۽
پوءِ هن ان قصي کي گهڻي سنڀال سان انهن ٻن منارن جي اندر رکي ڇڏيو. ڪجهه صدين گذرڻ بعد ارسطو انهيءَ قصي کي ٻاهر ڪڍي انهن منارن کي بند ڪري
ڇڏيو.
بهرحال، جاميءَ پنهنجي قصي ۾ ڪمال بريڪبينيءَ کان ڪم ورتو آهي ته جيئن اهو اصل (يوناني) قصي کان پري نه وڃي ۽ پنهنجا رايا، جي هن مثالن جي معرفت ڏنا آهن، سي قصي جي بنياد ۾ ڪنهن
به قسم جي ڦير گهير نٿا آڻين، ۽ جيڪڏهن قصي اندر واقعي ڪو نقص آهي ته ان کي جاميءَ طرف منسوب ڪري نٿو سگهجي.
هن افساني تي سطحي نظر وجهڻ سان جن چند ڳالهين کي ذهن قبول نٿو ڪري، سي هي آهن:
”سلامان جو بغير ماءُ جي پيدا ٿيڻ، دائيءَ جو پنهنجي کير پياڪ ٻار تي عاشق ٿيڻ، ٻار جو انهيءَ ساڳيءَ دائيءَ سان عشق بازي ڪرڻ جنهن جو هن پيتو، سلامان جي پيءُ جو پري کان همت
سٽڻ ۽ ان ذريعي انهيءَ کي ضعيف ۽ بيوس ڪرڻ، ابسال جو سڙي وڃڻ ۽ سلامان جو باهه جي مچ ۾ سلامت رهڻ، حڪيم جي حڪم سان ابسال جي صورت جو هر
لحظي ظاهر ٿي وري گم ٿي وڃڻ، ۽ زهره جو حقيقي جمال سان جلوه گر ٿيڻ وغيره.“
ليڪن هيءَ ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته هيءُ افسانو ڪا عادي (رڳزمده واري) حڪايت ته ڪانهي، جا طبيعت ۽ سادي عشق سان موافقت رکي. انهيءَ مان مقصود هڪ مخفي، فلسفي ۽ عرفاني معنيٰ آهي،
جنهن جو جيڪڏهن ڪو شخص ڪتاب جي آخر ۾ باريڪبينيءَ سان ملاحظو ڪندو ته کيس هيءُ اعتراف ڪرڻو ئي پوندو ته هن کان وڌيڪ عمدي ٻي ڪا تمثيل ٿي ئي
نٿي سگهي، مثلا: دائيءَ جو ٻار کي پنهنجي خط ۽ خال جي ڄار ۾ ڦاسائڻ مان مراد جسم آهي، جو روح کي پنهنجي خطرناڪ جلون سان ڦاسائي ٿو. هيءَ
تعبير ۽ تاويل ٿوري تفاوت سان خواجه نصيرالدين طوسيءَ جي شرح ”اشارات“ اندر به ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
سلامان ۽ ابسال مثنوي، حڪمت ۽ عرفان جو هڪ مستقل خزانو آهي ۽ ان جو هر صفحو جاميءَ جي روشن خياليءَ سان پُر آهي. جاميءَ جي شعر جي اها هڪ خاص خوبي آهي، جو اهو رواني، بي تڪلفي ۽
جاذبيت سان لبريز آهي ۽ سندس بيت هڪ ٻئي پٺيان پلٽبا اچن ٿا، جي پڙهندڙ کي واقعي موهي وجهن ٿا ۽ انهن جي لطافت، ميٺاج ۽ معافي سان ملي هلي
ٿي جامي، اخلاقي بحثن کي باريڪ عبارت سان اهڙي طرح ملائي ٿو، جو جاهلن ۽ موڳن کي به متاثر ڪيو ٿو ڇڏي.
|