سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :2

مولانا عبدالرحمان ”جامي“

 

مولانا عبدالرحمان جامي، تاريخ 33- شعبان سن 817 هجري مطابق 7- نومبر سن 1414ع ۾ خراسان جي هڪ ننڍي شهر ”جام“ ۾ ڄائو هو، جتي سندس والد نظام الدين، اصفهان مان هجرت ڪري اچي رهيو هو. هن پنهنجو تخلص ”جامي“ به انهيءَ ڪري اختيار ڪيو، ۽ ان جو ٻيو سبب هيءُ به هو ته جيئن سندس نسبت شيخ الاسلام احمد جاميءَ سان به قائم رهي[1]. ان مان حقيقت ڏانهن اشاري ڪندي هڪ هڪ هنڌ چوي ٿو:

مولدم جام و رشحئه قلمم

جرعهء جام شيخ الا سلاميست

لاجرم درجريدهء اشعار

بدو معنيٰ تخلّصم جاميست

ننڍپڻ ۾ هو پنهنجي پيءُ سان اول هرات ۽ بعد ۾ سمرقند ويو، جي ٻيئي شهر ان وقت اسلامي علوم ۽ ايراني ادب جا مرڪز هئا. هن اتي ديني علوم، تاريخ ۽ ادب ۾ مشغول رهي پورو ڪمال حاصل ڪيو. ان کان پوءِ هن عرفان جي عالَم ۾ پير رکيو ۽ ان زماني جي نامور روحاني استادن ۽ مرشدن مثلاً: سعد الدين، محمد ڪاشغري ۽ خواجه علي سمرقندي وغيره جن جي صحبت ۾ رهي سلوڪ ۽ معنوي مقامات ۾ ڪافي ترقي ڪئي ۽ نقشمندي جماعت ۾ شامل ٿي ويو. سعدالدين ڪاشغري جي وفات کان پوءِ نقشبندي طريقي جي خلافت سندس ئي هٿ ۾ رهي.

جامي، ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ تيزفهم هو ۽ جڏهن بالغ ٿيو، تڏهن بحث مباحثي ۾ وقتاً پنهنجي استادن کي شڪست ڏيئي ويندو هو. هو خود پنهنجي تعريف ۾ چوي ٿو ته ”مون ڪوبه اهڙو استاد ڪونه ڏٺو، جو مون کان افضل هو. مان نه ته ڪنهن جو شاگرد آهيان ۽ نه ڪنهن جو ٿورائتو، ۽ جيڪڏهن شاگرد آهيان ته پنهنجي والد جو آهيان، جنهن مون کي زبان سيکاري.“

برخلاف ان وقت جي شاعرن جي، جامي، شاهوڪارن ۽ اميرن جي خوشامد ڪرڻ کي ڌڪاريندو هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان پاڻ نه جهڪايو. سندس هيءَ خصوصيت اهڙي هئي، جا البت ان زماني جي شاعرن ۾ ڏٺي نٿي ويئي. نفس جي عزت، فڪر جي آزادي ۽ بيغرضيءَ کان گهڻو مشهور هو. ههڙين امتيازي وصفن کان سندس پيشرو وڏا شاعر، جهڙوڪ فردوسي، ناصر ۽ خسرو وغيره به خالي هئا. انهيءَ ڪري ئي هو نطاميءَ جي هن شعر جي هڪ عملي صورت هو:

چون بعهد جواني از برِتو

بدرِ ڪس نرفتم از درِ تو

همه را بردرم فرستادي

من نمي خواستم تو ميدادي

ها، اهي جي سندس روحاني پيشوا هئا ۽ جن سلوڪ ۽ معرفت ۾ سندس رهنمائي ڪئي، تن جي ساراهه ۾ هو هميشه رطب اللسان آهي ۽ سندن ممنون ۽ شڪر گذار. اجائي خوشامد کان احتراز ڪرڻ ڪري هن گهڻي عزت ماڻي ۽ هرهنڌ مقبول ٿيو. هو نه فقط پنهنجي ملڪي ماڻهن ۾ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ٿي ويو، پر غيرن وٽ به سندس ججهو مان ۽ قدر هو. عثماني سلطان، ان جو عقيدتمند هو ۽ کيس پنهنجي درٻار ۾ اچڻ جي دعوت ڏنائين، ليڪن جامي، ايران ڇڏڻ تي راضي نه ٿيو ۽ پنهنجي ساري زندگي نهايت عزت، آسودگي ۽ آرام سان ايران ۾ ئي گذاري.

مولانا جاميءَ جون تصنيفون گهڻيون آهن. ڪن جي خيال موجب انهن جو تعداد ڇائيتاليهه آهي، ۽ ڪن جي راءِ آهي ته اهي سندس تخلص ”جامي“ مطابق چوونجاهه آهن ۽ بعض جي اندازي موجب انهن جو عدد نوي آهي. سندس اهي ڪتاب مختلف علمن ۽ فنن سان تعلق رکن ٿا، مثلاً: تفسيرالقرآن، تراجم الصوفية، تصوف، شعر غنائي ۽ روائين، عربي نحو، علم العروضم القوافي، نظرم الشعر، ڪتابةالنثر، موسيقي ۽ معمه وغيره.

هن جون مثنويون، قصصي ياروائين شعر، ستن طويل نظمن تي مشتمل آهن ۽ سندس غنائي شعر، ٽن ديوانن ۾ جمع آهي. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته شاعر هجڻ جي علاوه هن مختلف علمن ۽ فنن جهروڪ ديني، ادبي ۽ تاريخي، جي ميدان ۾ جا ترقي ۽ توقيت حاصل ڪئي، سا ٻئي ڪنهن کي به سندس بعد حاصل ٿي نه سگهي. صوفي ۽ الاهي فڪر کي چٽائي ۽ وضاحت سان بيان ڪرڻ ۾ هو ايران اندر سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هو نائين صديءَ جو هڪ وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ اديب هو، ۽ پنهنجي زماني ۾ يگانو، ۽ وڏن صوفي شاعرن ۾ آخري شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو، انوري، سعدي، رومي، حافظ، خيام ۽ فردوسيءَ سان گڏوگڏ وٺي سگهجي ٿو. هن کان پوءِ ايران ۾ اهڙو وڏو شاعر ڪو ورلي پيدا ٿيو. مير علي شير جو خود پنهنجي زماني ۾ فاضلترين شخصن مان هڪ هو ۽ جنهن فارسي ۽ ترڪي نظم ۽ نثر ۾ تصنيفون ڪيون آهن، سو سندس ڪمالات ڳڻيندي چوي ٿو:

عاجز از تعداد اوصاف ڪمال اوست عقل،

انجم گردون شمردن کي طريق اعور ست.

زهد ۽ تقويٰ جي باوجود هو تيز زبان هو ۽ حاضر جوابيءَ ۾ ڀڙ هو. دولت شاهه جي روايت موجب، جو سندس معاصر هو، جامي پنهنجي آخري عمر ۾ شاعري ترڪ ڪري ڇڏي هئي ۽ اتفاق سان ڪي چند شعر چيا آهن ۽ پنهنجي دل ديني مسئلن جي تحقيق ۾ لڳائي ڇڏي هئي، جيئن جو هو پاڻ هڪ هنڌ چوي ٿو:

جامي دم گفتگو فرو بند دگر

دل شيفته خيال مپسند دگر

در شعر مده عمر گرانمايه بباد

انگار سيه شد ورقي چند دگر

جاميءَ جي زندگيءَ جو مڪمل احوال موجود آهي ۽ ان جي تاليفات جون تاريخون به معين ٿيل آهن؛ ڇا لاءِ جو، هن پنهنجي ولادت جي تاريخ، وجہ تخلص ۽ سڀني ڪتابن ۽ تاليفاتن جون تاريخون، خاص ڪري پنهنجي عمر جي پوين پندرهن سالن ۾ لکي ۽ ضبط ڪري ڇڏيون هيون. علاوه ان جي، سندس بزرگترين شاگرد عبدالغفور لاري، سال 912هه ۾ سندس زندگيءَ جو مفصل احوال فراهم ڪيو آهي.

نثر ۾ سندس مشهور ڪتاب هي آهن (1) نفحات الانس جنهن ۾ 614، عالمن، فاضلن ۽ صوفين سڳورن جو بيان آهي، (2) شواهدالنبوة، (3) اشعة اللمعات، جو فخرالدين عراقيءَ جي ڪتاب ”لمعات“ جي شرح آهي،

ح، جو عميق عرفاني مقالن ۽ لطيف عارفانه رباعين سان ڀرپور آهي، (5) لوامع، هن ۾ ابن الفارض جي خمري قصيدي جي سمجهاڻي آهي، (6) نقدالنصوص، هيءُ وري شيخ صدرالدين قونيويءَ جي ڪتاب ”نصوص“ جو تفسير ۽ شرح آهي ۽ (7) بهارستان.

جاميءَ جو شعر، سندس پيشرو شاعرن کان متاثر ٿيل آهي ۽ هن انهن مان بالخصوص صوفي شاعرن جي تقليد ڪئي آهي، مثلاً:

چو پيوند با دوست ميخواهي اي دل

ز چيزي که جز اوست پيوند بگسل،

نظم ۾ هن جو خاص مقتدا ۽ پيشوا، نظامي گنجوي آهي، جنهن جي ”خمسة“ جي تتبع ڪندي هن پنهنجو ”هفت اورنگ“ تصنيف ڪيو. سندس مثنوين مان چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته هن انهيءَ جي شعر کي گويا پنهنجو نصب العين بنايو هو. فرق فقط هيءُ آهي ته جامي عام طور تي نظاميءَ کان زياده سادو ۽ وقتاً زياده شيرين آهي، ليڪن هيءَ هڪ مسلم شده حقيقت آهي ته نظامي پنهنجي مثنويات ۾ جنهن ڪاريگري ۽ فن جو مظاهر ڪيو آهي، تنهن ۾ هو بينظري آهي ۽ احساسات کي چٽائيءَ سان بيان ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اهوئي ته سبب آهي، جو جاميءَ کي سمجهڻ سولو آهي، ليڪن نظاميءَ کي سمجهڻ لاءِ گهڻي علم ۽ معلومات جي ضرورت آهي.

سندس ”هفت اورنگ“ ۾ هي نظمون آهن (1) سلسلة الذهب، (2) سلامان و ابسال، (3) تحفةالاحرار، (4) سبحةالابرار، (5) يوسف و زليخا، جا ان جي مشهور ۽ معروف مثنوي آهي ۽ نظاميءَ جي ”خسرو شيرين“ جي وزن تي لکيل آهي ۽ جنهن کيس دنيا ۾ گهڻو مشهور ڪيو آهي، (6) ليليٰ و مجنون، (7) خرد نامئه اسڪندري.

غزليات ۾ هن شيخ سعديءَ جي پيروي ڪئي آهي؛ حافظ، خاقاني ۽ امير خسرو ڏانهن به سندس توجهه رهيو آهي. ”بهارستان“، سعديءَ جي ڪتاب ”گلستان“ جي طرز تي لکيل آهي.

منظومات ۾ سندس هڪڙو ديوان به آهي، جنهن ۾ قصيدا، غزل، مرثيا، ترجيع بند، ترڪيب بند، مثنويون ۽ رباعيون آهن، جن کي هن ٽن حصن ۾ ورهايو آهي، جيئن ته (1) فاتحةالشباب، (2) واسطاالعقد، (3) خاتمةالحيات. هن چوڻ ۾ گهڻو وڌاءُ نه آهي ته ههڙي تقسيم ڪرڻ ۾ هن امير خسرو جي پيروي ڪئي آهي، جنهن سان هو ذهانت جي فراواني ۽ تصانيف جي ججهائيءَ سبب واقعي مشابهت رکي ٿو.

سندس شعر ۾ ملمعّات به اچن ٿا، جن مان پتو پوي ٿو ته جاميءَ کي عربي زبان ۾ ڪامل واقفيت حاصل هئي. ان جي قصيدن ۾ روحاني شعرن ۽ اسلامي عقيدن جي ڪافي جهلڪ نظر اچي ٿي، جي ان جي ايمان ۽ ديانت تي دلالت ڪن ٿا. بهرڪيف جامي، معلومات جي ججهائي، فڪر جي روشني ۽ حضور ذهنيءَ ۾ ڪافي مشهور هو.

هن تاريخ 18- محرم الحرام سن 898هجري مطابق تاريخ 9- نومبر سن 1492ع ۾، هرات ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وفات جي تاريخ هنن لفظن مان ملي ٿي، ”وَمَنّ دَخَلَہُ ڪَانَ آمنآ.“


[1] . جام، جي معنيٰ گلاس به آهي، يعني ته گويا الاهي شراب جو ڀريل گلاس آهي. سندس ڪتاب ”يوسف وزليخا“ الاهي شراب جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org