سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :6

نالائق پٽ جي مذمت ۾

هاڻي، هي حال جو مون توکي ٻڌايو سو هڪ نيڪ فرزند جو آهي، جو اصل ۽ نسل کان نيڪ اهي، باقي اهو بدخيال ۽ بد بنياد آهي ۽ جنهن جي پيدائش ۾ هزارين گنديون خصلتون آهن، تنهن کي پنهنجي رستي کان پري رکڻ بهتر آهي ۽ ان کان بيزاري ئي ڀلي آهي.

جڏهن حضرت نوح عليہ السلام کي هڪ نااهل فرزند هو جو فطرتاً مغرور ۽ جاهل هو، تڏهن ان (حضرت نوح) کي ”هيءُ تنهنجي اهل مان نه آهي“ جو داغ رسيو[1]، ۽ طوفان کان ٻاهر سلامت نڪري وڃڻ جي ڪا راهه ئي نه ملي. هاڻي جڏهن هر فرزند نيڪ نٿو ٿئي، تڏهن خداتعاليٰ کان فرزند جي طلب ڀلي ڪر، مگر اهڙي فرزند جي جنهن کان پڇاڙيءَ ۾ تنگ ٿي الله تعاليٰ کان ان جي موت لاءِ دعا نه گهرين.

 

هڪڙي شخص جي ڳالهه، جنهن ڪنهن بزرگ کان پٽ ڄمڻ لاءِ دعا گهري

هڪڙي دفعي، هڪ بيوقوف، فرزند نه هئڻ سبب ڏکويل دل سان ڪنهن شيخ وٽ وڃي کيس عرض ڪيو ته ”اي شيخ، مون سان ڪا مدد ڪر، ته جيئن الله تعاليٰ مون کي فرزند جي دولت بخشي. منهنجي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ مان هڪڙو سرو جو تازو وڻ ڦٽي اڀري، جنهن جي هئڻ سان دل کي آرام مليم ۽ جنهن جي جمال کي ڏسي منهنجون اکيون روشن ٿين.“ هيءُ ٻڌي شيخ جواب ڏنس ته ”تون هروڀرو رنجيده نه ٿيءُ ۽ هن ڪم کي خدا تعاليءَ جي حوالي ڪري ڇڏ، ڇا لاءِ جو اهڪ ڪم جنهن ۾ تون دخل انداز ٿين ٿو ۽ پنهنجي راءِ کان ڪم وٺين ٿو. تنهن جي مصلحت خدا تعاليٰ توکان وڌيڪ ڄاڻي ٿو. ليڪن هو باز نه آيو ۽ شيخ کي ستائڻ لڳو ته مان مجبور آهيان ۽ هن مراد جو قيدي آهيان، مون سان پنهنجي عنايت ۽ مهرباني ڪر ۽ منهنجي ڀلي لاءِ دعا گهر ته جيئن منهنجي من جي مراد جلدي وري ٿئي. ان جي اهڙي زور ڀرڻ تي آخر شيخ پنهنجا هٿ دعا لاءِ مٿي کنيا ۽ سندس دعا به هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ بنا دير اگهامي ويئي ۽ هن کي هڪ فرزند عطا ٿيو.

بعد ۾ جڏهن نفساني خواهشات جون شاخون ۽ ٽاريون ان نينگر جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ اندر وڌي وڏيون ٿيون تڏهن هو دوستن ۽ هڪ جيڏن سان شرابخوريءَ ۾ لڳي ويو ۽ هر ڪني ۽ ڪوجهي ڪم جي پٺيان ڪاهي پيو. شراب ۾ مست ٿي گهر جي بالڪنيءَ ۾ ويهي هڪڙي پاڙيسريءَ جي نياڻيءَ کي رسوا ۽ خوار ڪرڻ لڳو (۽ سندس عصمت ۽ عزت تي ڌاڙي هڻڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو). ڇوڪريءَ جو مڙس ان جي ڊپ کان شهر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ هو جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته سندس خير ڪونه هو. پوليس سپرنٽنڊنٽ کي به هن صورت حال جي خبر پئجي ويئي، جنهن هن جي پيءُ کان هڪ وڏي رقم جي رشوت طور گُهر ڪئي. رات ۽ ڏينهن ان جي اهائي تات رهي ۽ شهر جي هر گهٽيءَ ۽ ڳليءَ ۾ ان جو اهو فعل آشڪارا ۽ پڌرو ٿي ويو. نه ڪنهن نصيحت جو مٿس ڪو اثر ٿي ٿيو ۽ نه وري ڪا تنبيہ ۽ دڙڪو ئي (۽ قانوني گرفت) ڪارگر پئي ٿيو.

جڏهن پڻس ان جي هلت کان تنگ اچي ويو، تڏهن وري وڃي ان شيخ جو دامن جهليائين ۽ عرض ڪيائينس ته تو کان سواءِ ٻيو ڪو منهنجو فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي. مون غريب تي رحم ڪري منهنجو سڏ اوناءِ (۽ منهنجي دانهن ٻڌ). هاڻي وري ان خلاف هڪ ٻي دعا ڪري منهنجي مٿي مان ان جو آزار دور ڪر. شيخ جواب ۾ چيس ته مون ته توکي انهيءَ ڏينهن ئي چيو هو ته تون هن دعا لاءِ گهڻو زور نه ڀر ۽ هن ڳالهه کي ائين ڇڏي ڏي. هن وقت تون وڃي الله تعاليٰ کان بخشش ۽ عافيت جي طلب ڪر، جو هيءَ شئي تو لاءِ ٻنهي جهانن ۾ ڪافي آهي. جڏهن تون هن دنيا مان رحلت جو سمر ٻڌي هلندين تڏهن توکي ڪوبه ڪم ڪونه ايندو. تون الله تعاليٰ جي عبادت صاف نيت ۽ ارادي سان، سواءِ ڪنهن قيد ۽ بند جي بجا لائيندو رهه ۽ جو ڪجهه پيش اچي تنهن تي به راضي ۽ خوش رهه. بس تنهنجي ڀلائي ۽ ڪاميابي انهيءَ ۾ آهي.

 

حڪيم طرفان نفساني خواهش جي مذمت

جڏهن يونان جي بادشاهه جي ڪنن تي، ان سمجهدار حڪيم، فرزند جو قصو آندو تڏهن هيءَ ڳالهه به ٻڌايائينس ته جو به ان نفساني خواهش کي استعمال ۾ نه آڻيندو سو فرزند کان محروميءَ جي غم ۾ رهندو. ان نفساني خواهش کان عقل جي اک ۽ علم ٻيئي انڌا آهن ۽ انهيءَ سبب هڪڙو ديؤ به اکين آڏو هڪ حور پري آهي. جنهن هنڌ به ان نفساني خواهش جو زور ۽ شور متو تنهن هنڌ دل پنهنجي سمجهه ۽ اکيون پنهنجو نُور وڃائي ويٺيون، ۽ جتي ان جي ٻوڏ اچي ويئي آهي تتي اقبال ۽ بخت جو گهر برباد ٿي ويو. نفساني خواهش جو رستو گپ ۽ چڪڙ سان ڀريو پيو آهي ۽ جو به ان چڪڙ ۽ گپ اندر آيو سو ٻاهر نڪري نه سگهيو.

انهيءَ ڪري ته ٿورو شراب به حرام آهي. ڇا لاءِ جو اهو گهڻي لاءِ طلب وڌائي ٿو. جڏهن تون نفساني خواهش جي شراب جو ذائقو چکيندين، تڏهن تون ان ذائقي کان خوشي ۽ راحت ۾ اچي ويندين، اها خوشي پوءِ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي ٿي پوندي پوءِ رات ۽ ڏينهن توکي هيڏي هوڏي ڇڪيندي رهندي، ۽ پوءِ جيستائين تون ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ نه ماريندين ۽ نيست نه ٿيندين، تيستائين تنهنجو ان کان آزاد ٿيڻ ممڪن ئي ناهي.

 

هڪ سخيءَ جو، هڪڙي ڪميڻي جي دعوت کي رد ڪرڻ

هڪ دفعي، هڪڙي ڪميڻي مهماني شروع ڪئي ۽ شهر جي سڀني ڪميڻن ۽ نالائقن سان گڏ هڪڙي شريف بزرگن کي به دعوت ڏني ته هو به تڪليف رنج فرمائي ان ۾ شريڪ ٿئي. هيءَ حالت ڏسي ان بزرگ چيو ته ”هيءُ نادان ۽ ڪميڻو نفس من ان جي انهن ٻن وصفن کان ڪو سبق سکي، ۽ منهنجي دل ته سچ پچ ان جي انهن ٻنهي وصفن کان به اڌ ٿي پيئي آهي.

ان کان پوءِ جنهن مهل اهو ڪميڻو ان جي طرف خدمت لاءِ وڌيو ۽ هن ان طعام مان ٻه- ٽي لقما کاڌا، تڏهن ڏٺائين ته ان جو ذائقو بيان ڪرڻ کان ئي ٻاهر آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته اهو ذائقو گهڻي وقت تائين سندس ڏندن جي پاڙن ۾ باقي رهيو، تنهنڪري چوڻ لڳو ته جيڪڏهن هيءُ ڪميڻو وري مون کي ٻيو دفعو به سڏيندو ته اها پهرين لذت وري مون کي ڏانهنس ڇڪي آڻيندي، ۽ ان جو نتيجو هي نڪرندو جو منهنجو نالو شريفن جي لسٽ تان محو ٿي ويندو ۽ پوءِ سدائين ڪميڻن مان ڳڻيو ويندس.

 

عورتون، جن بغير اولاد ٿي نٿو سگهي، تن جي مذمت ۾

هن ڳالهه کان ته انڪار ڪونهي ته نفساني خواهش رکندڙ کي عورت کان سواءِ ڪو چاروئي ڪونهي ۽ وري ورت جي صحبت عمر جي پاڙ پٽيندڙ آهي. عورت ڇا آهي؟ عقل ۽ دين ٻنهي ۾ ناقص، سندس جهڙو دنيا ساريءَ ۾ ٻيو ڪو ناقص آهي ئي ڪونه. اهل ڪمال جي روش ۽ طور طريقي کان ته هوءَ ڪوهيين ڏور آهي. ڏسو نٿا ته ناقص جي ساري عمر کل ۽ مسخريءَ ۾ وڃي ٿي؛ ڪامل ته سدائين سردار آهي پر ڪو ان کي سمجهي، ۽ ناقص جي مسخري يا ٺٺول ته ڪا معنيٰ ئي ڪانه ٿي رکي.

الله تعاليٰ جي عطا جي خومچي تي عورت کان وڌيڪ نعمتن جو ناشڪر ٻيو ڪونهي. جيڪڏهن تون عورت کي سؤ سالن تائين سون ۽ چاندي ڏيندو رهين ۽ مٿي کان پيرن تائين هيرن سان پهرائينس، ۽ جيڪڏهن ان جي پوشاڪ به شستر جي ريشم مان ٺهيل هجي ۽ سندس گهر سارو سونهري بنگار مثل پيو چمڪي، ۽ جيڪڏهن تون سندس ڪنن ۾ لعل ۽ موتي وجهين ۽ سندس ڪپڙا زريءَ مان جوڙي کيس پهرائين، ۽ علاوه ان جي جيڪڏهن نيرن وقت يا شام جو سندس لاءِ مختلف قسمن جا طعام تيار ڪرائي خومچن ۾ آڻي سندس آڏو حاضر ڪرين، ۽ جڏهن گوهر گلاس کان دل ڀرجي اچيس، تڏهن تون سندس لاءِ آب حيات کڻي اچين، ۽ جڏهن ڪو بادشاهي ميوو طلب ڪري تڏهن يزد جا ڏاڙهون ۽ اصفهان جا صوف آڻي آڏو پيش ڪرين، مگر تنهن هوندي به جڏهن هوءَ دشمن ۽ مخالف بڻجي پوي ٿي، تڏهن هي سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿي، ۽ پوءِ توکي ان وقت چوندي ته ”اڙي، تو ته منهنجي عمر ڏکن ۽ سورن ۾ ڳاري ڇڏي ۽ ڪابه شئي مون کي ڪانه ڏني!“

جيڪڏهن هن جو منهن کڻي پٽيءَ جيان صفا ڇو نه هجي ليڪن اها پٽي وفا جي حرف کان بنهه خالي آهي. دنيا اندر عورت ۾ ڪنهن وفاداري ڏٺي؟ سواءِ مڪاريءَ ۽ غداريءَ جي ٻيو هن ۾ ڪنهن ڇا ڏٺو! جيڪڏهن ڪيترائي سال تون ان سان هم آغوش ڇو نه رهيو هجين، ليڪن جڏهن هوءَ منهن ڦيري ٿي تڏهن توکي بالڪل وساري ڇڏي ٿي. جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان تون ننڍو آهين ته هوءَ توکي ڇڏي ٻئي کي يار ڪندي، جو توکان زياده طاقت وارو ۽ جوان مرد هوندو، سوئي سندس همدم ٿيندو. جڏهن به ان کي ڪٿي جواني (جوان) نظر ايندي. تڏهن اتي تنهنجي مقابلي ۾ سندرو ٻڌي بيهندي.

 

حضرت سليمان ۽ بلقيس جي ڳالهه

هڪڙي ڏينهن، بلقيس ۽ سليمان پاڻ ۾ پنهنجي دلين جو راز ڏيڻ وٺڻ لڳا. ٻنهي جون دليون انصاف ۽ سچائيءَ سان پر ۽ هر قسم جي سرڪشي ۽ خود آرائيءَ جي ڪٽ کان صاف ۽ پاڪ هيون. پهريائين دين جي سردار حضرت سليمان چيو ته ”جيتوڻيڪ مون تي بادشاهي ختم آهي، تڏهن به اهڙو ڪو ڏينهن نٿو گذري جو شخص منهنجي در تي اچي ۽ مان پهريائين ان جي هٿ ڏي نه نهاريان ته آخر هو ڪهڙو تحفو منهنجي لاءِ کڻي آيو آهي ته جيئن هو مون وٽ وڌيڪ عزت ۽ مانُ پائي.“

ان کان پوءِ بلقيس پنهنجو ڳجهه ڏيندي چوڻ لڳي ته ”دنيا ۾ ڪوبه آدمي منهنجي سامهون نه گذرندو هو، مگر مان حسرت ۽ ارمان جي اکين سان ڏانهنس نهاريندي هيس. دل ۾ اهوئي خيال ايندو هوم ته ڪاش، هيءُ جوان مون هيڻيءَ جو يار ۽ دمساز هجي ها!“

هاڻي جڏهن نيڪ خصلت زالن جو هي حال آهي، تڏهن بدخصلت وارن جي ڪهڙي حالت هوندي؟ انهن متعلق چوڻ ئي اجايو آهي. تون خوب ڄاڻين ٿو ته خواجه فردوسي پنهنجي سمجهه ۽ ڏاهپ سبب نيڪ زالن ڏانهن به نفرت ڪندو هو. ڀلا ڪميڻي عورت ڪٿي ٿي نيڪ زالن ڏانهن به نفرت ۽ با اخلاق ٿئي؟ شريفن جي نزديڪ اها هميشہ قابل نفرت آهي.

 

عورت کان سواءِ، پٽ پيدا ڪرڻ ۾ حڪيم جي تدبير

هاڻي، هيءُ هڪ عجيب قصو ٻڌو. جڏهن ان داناءُ حڪيم، بادشاهه جي اڳيان، عورت ڏانهن نفساني خواهش سان پيش اچڻ کي برو ۽ ناپسنديده (فعل ثابت) ڪري ڏيکاريو، تڏهن پنهنجي عقلمنديءَ سان هڪ اهڙي رٿ سوچي جنهن ۾ ڏاها ۽ سمجهو به حيران رهجي ويا. هن ڇا ڪيو جو سواءِ ڪنهن نفساني خواهش جي انهيءَ (بادشاهه) جي پٺي مان نطفو ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ۽ ان کي بجا3 رحم جي هڪ ٻيءَ جاءِ ۾ نهايت سنڀال ۽ آرام سان رکيائين. نون مهينن کان پوءِ هڪڙو ننڍڙو ٻار بلڪل صحيح سلامت انهيءَ جاءِ مان پيدا ٿيو، گويا بادشاهي باغ مان هڪڙو غنچو ڦٽي نڪتو. بس پوءِ ته هيءَ خبر ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويئي.

ان جي گوهر کان تاج جو سر اونچو ٿيو ۽ ان جي بخت سبب تخت ڪامياب ٿيو. دنيا جو اڱڻ ان کان سواءِ خالي ۽ ويران هو، ۽ آسمان جون اکيون ان بغير انڌيون ۽ بي نُور هيون. هينئر انهيءَ جي اچڻ سان اهو اڱڻ به آباد ٿيو ۽ هن آسمان جي اکين ۾ روشنائي ڀرجي آئي.

جڏهن هن کي سڀني عيبن کان سلامت ڏٺائون تڏهن ’سلامت‘ مان ئي ان جو نالو چيري ڪڍيائون. ان جو بدن ۽ عضوا ڇاڪاڻ ته سڀ ڪنهن ڪمزوريءَ ۽ نقص کان محفوظ ۽ سلامت هئا، تنهنڪري آسمان کان ان جو نالو ”سلامان“ تجويز ٿي آيو، ۽ جڏهن ته ان کي ماءُ جي ٿڃ نصيب نه هئي تنهنڪري ان لاءِ هڪڙي دائي منتخب ڪئي ويئي.

اها دائي ته نه هئي، سچ پچ هڪ معشوقه هئي ۽ خوبصورتيءَ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ مثل هئي.

سندس نالو ”ابساال“ هو ۽ سندس عمر ويهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هوءَ اهڙي ته نازڪ بدن هئي جو مٿي کان پيرن تائين سندس هر عضوو خوبصورت ۽ دل لُٽيندڙ هو. سندس سينڌ هڪ چاندي جي ليڪ جيان پئي چمڪي، جنهن سندس مشڪ مليل ڪارن وارن کي ٻن حصن ۾ ورهائي رکيو هو. سندس زلف، جي ان جي پٺيءَ تي پئي لٽڪيا تن ۾ سوين بلائون ٽنگيون پيون هيون. ان جو قد، سرو وانگر سڌو ۽ سنئون هو ۽ بادشاهن جا تاج سندس راهه ۾ پائمال هئا (۽ پئي رليا ۽ ليٿڙيا). سندس پيشاني آئيني وانگر پئي شعاع ڇڏيا ۽ ان جا سياهه ابرو ائين پئي نظر آيا، جيئن آئيني تي ڪارنهن (يا ڪٽ). ان جون اکيون، گلن (يعني ڳلن) جي تڪيي تي هڪ مشڪ ڀريل جهنڊ هيٺان، جنهن ڇٽيءَ جو ڪم پئي ڏنو، مست ۽ ننڊ آکريون هيون.

هن جا ڪن هر طرف کان نازڪ ڳالهيون ٻڌندڙ هئا ۽ گفتار جي موتين لاءِ چانديءَ جي سِپ هئا. سندس ڳلن تي سهڻو آسماني ليڪو هو ۽ سندس سونهن جي رونق مصر جي نيل درياءَ جيان هئي. اها ليڪ جيتونيڪ هن بدنظر لڳڻ کان ڪڍي هئي، مگر تنهن هوندي به نيڪن کي ان کان ڪيتريون ئي مصيبتون ٿي پهتيون. سندس ڏند موتين جيان پئي چمڪيا ۽ انهن ون مرهيون لعل مثل پئي ٻريون. هن جي وات کي ڏسندي، خيال چڪر ۾ اچي ٿي ويو ۽ سندس گفتگو اڳيان عقل ۽ فڪر پنهنجو پاڻ سنڀالي نٿي سگهيا (۽ گم ٿي پئي ويا). سندس چپن مان کنڊ کان سواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه هو يعني ته هو هميشه مٺا هئا. پتو نٿي پيو ته آخر چپ ڪهڙا ۽ کنڊ ڪهڙي آهي. ڪنهن وقت هڪڙو پگهر جو قطرو سندس کاڏيءَ جي وچ ۾ ظاهر ٿي پوءِ اتي ئي لٽڪجي ٿي بيهي رهيو. ان ۾ هزارين خوبيون ۽ عمدگيون هيون، تنهنڪري ڏسندڙن سندس نالو کني غبغب رکيو!

سندس چانديءَ مثل جسم چانديءَ جي گُڏيءَ جيان چمڪاٽ پئي ڇڏيا، ۽ سندس ڳچيءَ صراحيءَ وانگر ٻاهر نڪتل ۽ اونچي هئي. سندس جسم تي سندس پستان پاڻيءَ جي ان صاف ڦوٽي وانگر پئي ڏسڻ ۾ آيا، جنهن کي نرم هوا آهستگيءَ سان پاڻيءَ مٿي آڻي ٿي. پستان جي هيٺان سندس پيٽ نُور جيان پئي تجلا ڇڏيا (۽ پئي چمڪيو) ۽ سفيديءَ ۾ عاج ۽ نرميءَ ۾ پشم مثل هو. جڏهن ڦڻي ڏيندڙ ان جي پيٽ جي خوبصورتي ۽ نزاڪت ڏڍي. تڏهن چوڻ لڳي ته: خدا جو قسم هيءَ گل جي پتيءَ کان گهٽ نه آهي.

هن جي هٿ ۾ ڏکويلن لاءِ راحت هئي (ڏکويلن کي راحت پهچائڻ سندس هٿ ۾ هو) ۽ هن دل شڪستن ۽ مايوسن کان غفلت جي ڇر پري ڪري ڇڏي (غفلت جا پردا کانئن هٽائي ڇڏيا). دل وارن جي آرزو سندس مٺ ۾ هئي ۽ دلين جي کولڻ جي ڪنجي سندس آڱريون هيون. هن جا هٿ عاشقن جي اندر جي خون وهائڻ سبب مينديءَ رتا هئا ۽ سندس آڱرين جي هرهڪ چوٽيءَ پوءِ خواهه خضاب لڳل هئي يا نه، ڳاڙهي ٻير يا ڏاڙهونءَ جي داڻن جيان پئي نظر آئي. سندس ننهن ڄڻڪ مختلف قسمن جا چنڊ هئا، جي (ننهن وري مينديءَ سبب، گرهڻ هيٺ آيل (چنڊ) پئي معلم ٿيا. جڏهن ڦڻيءَ ڏيندڙ عورت ان کي پئي سينگاريو، تڏهن ان جي مٿي جو هرهڪ وار هڪ نهايت باريڪ نئون چنڊ پئي نظر آيو. مطلب ته هوءَ سونهن ۽ سوڀيا جي هڪ پتلي ۽ حسن ۽ جمال جي هڪ گُڏي هئي.

 

هڪڙي وسواسيءَ جي ڳالهه

هڪ دفعي، هڪڙو وسواسي، عبادت خاطر هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي آيو، ليڪن جڏهن ان اندر هزارين مڇيون، نانگ، ڏيڏر ۽ کيکڙا ڏٺائين، هر طرف پکي ان ۾ غسل ڪندي ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ منجهس ٽٻيون هڻندي نظر آيس، تڏهن چيائين ته اهڙو درياءَ جنهن ۾ هر وقت هيترا سارا جانور گهڙندا رهن ٿا؛ تنهن مان هٿ ڌوئڻ مناسب نه آهي. مان هڪڙو تازو ۽ صاف چشمو چاهيان ٿو جو هر ناپاڪيءَ کان پاڪ هجي، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن ڪو گدلن سان رلي ملي ويو ته اهو پاڪن کان الڳ ۽ پري ٿي ويو.

 

سلامان لاءِ ابسال جو دائيو ڪرڻ

بادشاهه پنهنجي سڀاڳي پٽ سلامان لاءِ ابسال کي دائي ڪري مقرر ڪيو ته جيئن هوءَ ان کي پنهنجي مهرباني جي پلؤ اندر پنهنجي ٿڃ پياري ۽ پالي وڏو ڪري. جڏهن ابسال دائيءَ جي نظر سلامان تي پيئي تڏهن سندس دل زخم کائي اڌو اڌ ٿي پيئي. پنهنجي خوبصورت ۽ دلربا موتيءَ تي اهڙي عاشق ۽ ڇڪن ٿي پيئي، جو ان جي عشق کان جند ڇڏائڻ سندس لاءِ بيحد مشڪل ٿي پيو. ان جي منهن جي رنگين خوبين سندس ننڊ ۽ آرام ڦٽائي ڇڏيو، جنهنڪري هر گهڙيءَ پينگهي ۾ ان جو منهن پئي کوليندي ۽ ڍڪيندي هئي. ان جي بدن کي هر وقت گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئيندي هئي ۽ سندس خدمت ۽ ٽهل ٽڪور ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏيندي هئي. انهيءَ چنڊ جي محبت سندس اندر اهڙو گهر ڪري ويئي جو هن ان کان سواءِ باقيءَ ڏانهن اک ٻوٽي ڇڏي؛ ۽ جيتوڻيڪ هو سواءِ ڪنهن شڪ ۽ گمان جي سندس اڳيان موجود هو، مگر تڏهن به هڪ گهڙي ۽ پلڪ به کانئس ٻري نه ٿيندي هئي.

ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ان کان کير ڇڏايائين تڏهن وري سندس ٻيءَ خدمت ۽ چاڪريءَ ۾ لڳي ويئي. سمهڻ مهل سندس بستري کي ڇنڊي، ٺاهي جوڙي وڇائي رکندي هئي ۽ ساري رات سندس مٿي کان شمع جيان پئي جلندي هئي؛ ۽ وري جڏهن صبح جو ننڊ مان اٿندو هو، تڏهن سونهري گڏيءَ جيان کيس سينگاريندي هئي. ان جي نرگس مثل ڪارين اکين ۾ جي ڏئي جيان پئي ٻريون، سرمون وجهندي هئي ۽ کيس ڪپڙا چڱيءَ طرح سان ڇڪي (تاڻي) پهرائيندي هئي. ان جي مٿي تي سونهري تاج پاسيرو رکندي هئي ۽ موتين ۽ سون سان جڙيل پٽو ان جي چيلهه کي ٻڌندي هئي. هوءَ ان جي ههڙي خدمت سدائين ڪندي رهي تان جو هو اچي چوڏهن سالن جو ٿيو. ان وقت هو پنهنجي حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پئي چمڪيو. سندس حسن گهڻن ئي کي گهائي ۽ سٽي وڌو ۽ سندس عشق سندن سؤ خوبين برابر هئي ۽ سندس سؤ خوبيون لک خوبين جي برابر هيون جن ڪروڙها دلين کي بي تاب ۽ پريشان پئي ڪيو.

جڏهن ان محبوب جو قد نيزي برابر ٿيو تڏهن هن نيزي بلندي سج جيان شعاع پئي ڇڏيا ۽ وري جڏهن نيزي وانگر سڌو ٿي بيهندو هو، تڏهن هرهڪ جي دل کي ڦٽي وجهندو هو، ۽ پوءِ جنهن طرف به پنهنجو پرتو اڇلائيندو هو، تنهن طرف جهان ۾ باهه لڳائي ڏيندو هو. سندس پيشاني چوڏهينءُ جي چنڊ وانگر پئي چمڪي ۽ سندس مست اکين ماڻهن جو دل کولي پئي شڪار ڪيو. هڪ طرف حسن ۽ خوبي جو مالڪ ۽ ٻئي طرف ان سان گڏ بادشاهي شان ۽ شوڪت جو مالڪ به هو. هن جي شاهي مهر، هڪ ٻرندڙ لعل هو، جنهن جي حڪم هيٺ هيرن ۽ موتين جا ڪئين خزانا هئا. هن جو تازو صوفِ (يعني ڳل) بهشتي باغ جو هڪ ميوو هو ۽ ان جي غبغت صوف يعني کاڏيءَ جي تازگي ۽ خوبي هڪ جهجهي پاڻيءَ جي چشمي جيان هئي، جنهن اڃارن جي جان جو خاتمو پئي آندو. هن جي ڳچي معشوقن جي سر بلنديءَ جو باعث هئي ۽ جابر ۽ مغرور سندس دام جا سدائين شڪار هئا؛ تنهن ڪري هر تڪليف ۽ بدنظر کان بچڻ لاءِ پاڪبازن ان جي ڏونئري ۾ دعا جو تعويذ ٻڌي ڇڏيو.

طاقت ۽ زور وارا ان اڳيان هيڻا ۽ ڪمزور هئا ۽ حسين ۽ معشوق سندس هٿ هيٺ لاچار ۽ سندس حڪم جا تابعدار هئا، ۽ ڪيترائي سندس ساڄي ۽ کاٻي پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهندا هئا. ان جي هٿ هڪ طرف سهڻن کي پئي شڪست ڏني ته ٻئي طرف هر لوهي ۽ فولاد کي تاب ۽ تيزي پئي بخشي. راحت ۽ خوشي به سندس هٿ ۾ هئي ته خوبي ۽ عمدگي به وٽس ختم هيون. بهرحال مون جو ڪجهه ان جي حسن بابت چيو آهي سو گويا موتين ج دريا مان هڪ موتي پوتل آهي؛ ليڪن هاڻي وقت آيو آهي، جو مان توکي ان جي باقي احوال مان به ڪجهه ٻڌايان، تنهنڪري تون پورو هوش ۽ ڌيان ڏيئي ٻڌ.

 

سلامان جي تيزفهمي، نظم ۽ نثر ۾ سندس فراواني.

سلامان جي طبيعت اهڙي مٺي ۽ مزيدار هئي، جو جڏهن هو گفتگو ڪندو هو، تڏهن گويا موم تي چٽ ڪڍندو هو، ۽ لفظ کي ٻڌڻ کان اڳي سندس ڌيان ان جي معنيٰ طرف منتقل ٿي ويندو هو، ۽ اهو اڃا سندس ڪنن تائين پهچندو ئي ڪونه هو ته ان جي معنيٰ سندس ذهن ۾ اچي ويندي هئي. هر ڪنهن قسم جو نظم ان بحر بي پاينا اڳيان هڪ موتي هو ۽ هر ڪنهن قسم جو نثر ان جي عمدگيءَ جي باغ مان هڪ ڦل هو. سندس نظم پنهنجي بلنديءَ ۾ ڪتين سان پئي ڳالهيون ڪيون ته سندس نثر وري پنهنجي رتبي ۽ درجي ۾ نکيتر سان پئي ڪلها گسايا.[2] باريڪ ۽ عجيب گفتگو ۾ ان جي حاضر جوابي لعل مثل هئي ۽ دقيق ۽ پيچيده ڳالهين ۾ سندس سمجهه پاڻيءَ جيان صفا ۽ صاف هئي. هو، ليڪ اهڙي ڪڍندو هو جهڙي خوبصورت (۽ دلفريب) معشوق ڪڍندا آهن، جنهن اڳيان خود خوش نويس بي صبر عاشق ٿي پيا ٿي. جڏهن هو قلم هٿ ۾ کڻي لکندو هو، تڏهن پٽي ۽ قلم ٻئي ان کي شاباس ڏيندا هئا؛ ۽ ڇاڪاڻ ته سندس جان هر حڪمت ۽ ڏاهپ کي ڄاڻڻ سبب محفوظ هئي، تنهنڪري ان جي حڪمت ۽ ڏاهپ جا نڪتا به محفوظ رهيا. جڏهن يوناني حڪمت ۽ فلسفي تي بحث ڪندو هو، تڏهن خود يوناني دنگ رهجي ويندا هئا ۽ کيس نعم البيان سڏيندا هئا.

 

سلامان جي عيش عشرت ۽ راڳ سرود جي مجلس جو بيان.

رات جو جڏهن هو ڪم ڪار کان فارغ ٿيندو هو تڏهن دل وندرائڻ لاءِ دوستن سان گڏ بهشت جهڙي هڪڙي ڪچهري (مجلس) قائم ڪندو هو، جنهن ۾ پري پيڪر گويا حصو وٺندا هئا. شراب پيئڻ بعد جڏهن سندس دماغ جوش ۾ ايندو هو تڏهن شرم ۽ حيا جو پردو پاڻ اڳيان هٽائي پري ڪري، ڪڏهن قوال سان سر ملائيندو هو ته ڪڏهن وري گويي سان گڏ تار ڳنڍيو ايندو هو، ۽ پنهنجي مٺي لات سان مرده جسم ۾ ٻيو دفعو روح ڦوڪيندو هو. ڪنهن مهل نڙ وڄائيندڙ جو همراهه ٿي پنهنجي لبن مان مٺا، گهائيندڙ ۽ سريلا آواز ڪڍندو هو ۽ وقت تي نڙ جي آواز کي کنڊ سان ملائي ڪنن ۾ پلٽيندو هو. ڪنهن مهل وري چنگ واري کان چنگ وٺي ان جي سوز ڀرئي آواز کي تيز ڪندو هو. ان جي خشڪ تارن تي پنهنجي آڱرين جون تر چوٽيون رکندو هو، بس پوءِ ته تر ۽ خشڪ ٻنهي مان چڻنگون پيون نڪرنديون هيون. ڪڏهن وري ننڍي ٻار جيان باجو هٿ ۾ کني هڪ طرفو ٿي وڄائيندو هو ۽ ان مان اهڙو دردناڪ آواز ڇڪي ٻاهر آڻندو هو. جو وڏن کي به اکين مان خون وهي پوندو هو. ڪڏهن عشقي راڳ (غزل) ۾ بلبل وانگر ٻوليندو هو، ۽ ڪڏهن وري قول ۽ عمل جو راڳ ڳائيندو هو (يعني ڪڏهن بزمي شعر ته ڪڏهن رزمي شعر ڳائيندو هو). ساري رات پنهنجي دوستن ۽ سنگتين سان ائين گذاري، وري جڏهن صبح جو ننڊ مان اٿندو هو تڏهن سڌو ميدان ڏانهن رخ رکندو هو.


[1] . قرآن شريف جي هن آيت ڏانهن اشارو آهي. ”لَيّسَ مِنّ اهلِڪ.“

[2] . ڪَتيءَ جا تارا منتظم آهن ۽ نکيتر جا تارا ٽڙيل پکڙيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org