سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :4

بِسٌمِ اللهِ اَلرَّحمانِ الرَحِيٌمِ

اي اسان جا پروردگار! توکي ياد ڪرڻ ۾ عاشقن جون دليون سدائين تازيون ۽ تنهنجي لطف ۽ ڪرم جي پاڻيءَ کان سندن زبانون سدائين تَر رهن ٿيون. جڏهن کان تنهنجو پاڇو هن جهان تي پيو آهي، تڏهن کان حسن وارن کي پنهنجو سرمايو ملي ويو آهي. هو انهيءَ پاڇي جي آڏو جهڪي پيا آهن ۽ انهيءَ سرمايي جي سودا ۾ پئجي ويا آهن.

اها هڪ حقيقت آهي ته جيستائين تنهنجي حسن جو راز ليليٰ جي ذريعي ظاهر نه ٿيو، تيستائين انهيءَ جي عشق مجنونءَ غريب جي اندر باهه به نه ٻاري؛ ۽ جيستائين تو شيرين جا لب کنڊ مثل مٺا نه ڪيا، تيستائين انهن ٻنهي (شيرين ۽ فرهاد) جو جگر خون آلوده به نه ٿيو. اهڙي طرح سان عذرا جا ڳل جيڪڏهن تنهنجي طرف کان چانديءَ مثل چمڪندڙ نه هجن ها، ته مسڪين وامق ايتريون هنجون به نه هاري ها.

حسن ۽ عشق جي گفتگو به فقط تنهنجي ڪري آهي ۽ عاشق ۽ معشوق جو ڪارڻ تون ئي آهين. حسينن جو حسن تنهنجي اڳيان هڪڙو پردو آهي ۽ تو انهيءَ پردي اندر پنهنجو منهن لڪائي رکيو آهي. وري انهيءَ پردي جي تون خود پنهنجي حسن سان پرورش ڪري رهيو آهين ۽ پردي اندر ڪنوار جيان اندران ئي اندران نهاري رهيو آهين ۽ انهيءَ سبب ڪري عاشقن جون دليون شوق ۽ اشتياق کان تڙپي ۽ بيتاب ٿي رهيون آهن.

هاڻي جڏهن تو پنهنجو منهن مبارڪ پردي سان منسلڪ ڪري ڇڏيو آهي تڏهن ان بغير توکي سڃاڻي به نٿو سگهجي. ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، ته تون آخر ڪيستائين پردي اندر ناز ۽ راز کان ڪم وٺندو رهندين ۽ دنيا آخر ڪيستائين فقط انهيءَ پردي جي نقش سان لنوَ لائيندي رهندي؟

اي اسان جا معشوق، هينئر وقت اچي ويو آهي جو تون پردي کي اسان اڳيان هٽائين ۽ پردي کان سواءِ ٻاهر پنهنجو منهن ظاهر ظهور ڏيکارين ۽ پنهنجي کيل تماشي ۾ مون کي مون کان ئي گم ڪرين ۽ چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي تميز کان ڇڏائي ڇڏين. مان شال تنهنجو سوخته عاشق هجان ۽ منهنجون اکيون تو بغير باقي لاءِ سبيل هجن!

اي اسان جا مهربان مولا، حقيقتن جي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ تون ئي گشت ڪري رهيو آهين ۽ مخلوق جي ڪمن ۾ تون ئي ڪارفرما آهين. مان جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ کي ڏسان ٿو ته ان ۾ تون ئي تون آهين. سمجهدار جي نظر ۾ تون ئي ساري جهان ۾ جلوه گر آهين ۽ تون ئي آدم جي نظر ۾ ملبوس آهي.

تنهنجي درٻار ۾ ٻيائيءَ کي ڪا اجازت ڪانهي ۽ نه وري اتي رهڙي ڪا گفتگو ئي آهي. مان چاهيان ٿو ته تون مون کي ٻيائيءَ کان ڇڏائي پاڻ سان هڪ ڪري ڇڏين ۽ اهڙي هنڌ پهچائين جتي ٻيائيءَ جي ڪا گنجائش ئي ڪانهي، ته جيئن مان به ٻيائيءَ کان آزاد ٿي انهيءَ وانگر چوڻ لڳان ته ”اي خدا، هيءُ مان آهيان يا تون آهين؟ پوءِ جيڪڏهن مان آهيان ته هيءُ علم ۽ مرتبو ڪٿان آيا؟ ۽ وري جيڪڏهن تون آهين ته پوءِ هن ڪمزوريءَ ۽ پستيءَ ڪٿان منهن ڪڍيو؟.“

 

هڪڙي ڪرد جي ڳالهه جنهن پنهنجي پير کي ڪدو ٻڌي ڇڏيو هو ته جيئن پاڻ کي وڃائي نه ويهي

هڪڙو ڪرد زماني جي انقلاب کان گهٻرائجي پنهنجي بياباني ۽ پهاڙي بستي ڇڏي هڪڙي شهر ۾ ڪهي آيو. پهچڻ تي، ڇا اچي ڏسي ته اهو ماڻهن جي گهڻائيءَ سبب شور ۽ غل سان ڀريو پيو آهي. مخلوق هر هنڌ پريشان ۽ بيقرار نظر آيس. ڪي اڳيان ته ڪي پويان پئي آيا، ڪي ٻاهران ان شهر اندر پئي داخل ٿيا ته ڪي وري ان مان نڪري ٻاهر پئي ويا. ڪو سڄي کان کٻي ته ڪو کٻي کان سڄي پئي ويو.

ڪرد مسڪين، جڏهن اهو ڪاروبار ڏٺو تڏهن انهن کان الڳ، هڪ پاسي وڃي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن مان پنهنجي جاءِ ماڻهن جي مجمعي ۾ ٿو ڪريان ته ٿي سگهي ٿو ته مان پاڻ کي وڃائي ويهان، تنهنڪري پاڻ لاءِ هڪڙي نشاني ٺاهڻ گهرجي جيئن وري پڻ کي ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. خوشقسمتيءَ سان ان وقت سندس هٿ ۾ هڪڙو ڪدو هو جنهن کي هن نشانيءَ طور کڻي پنهنجي پير ۾ ٻڌو، ۽ اهو انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن پاڻ کي شهر ۾ گم ڪري ويهي ته ان ڪدوءَ کي ڏسي پاڻ کي ڳولي لهي (۽ سڃاڻي وجهي).

ان وقت هڪڙو ڏاهو جو سندس ڀر ۾ ويٺو هو سو ان راز کي جلدي سمجهي ويو ۽ پٺيان اچي سندس سمهڻ جي جاءِ جي ڀر ۾ ليٽي پيو ۽ ان ڪدوءَ کي يڪدم ان کان ڇوڙي پنهنجي پير ۾ ٻڌي سندس پاسي ۾ سمهي پيو. جڏهن ڪرد ننڊ مان اٿي ان ڪدوءَ کي هڪڙي ٻئي جي پير ۾ ٻڌل ڏٺو، تڏهن ان کي دانهن ڪري چيائين ته ”اٿي کڙو ٿيءُ“، ڇا لاءِ جو مان، تو سبب، پنهنجي معاملي ۾ منجهي پيو آهيان. ڇا، هي مان پاڻ آهيان يا تون آهين؟ مان هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح سان سمجهان نٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ”مان“ پاڻ آهيان ته پوءِ هي ڪدو تنهنجي پير ۾ ڪيئن آيو آهي؟ جيڪڏهن ”تون“ پاڻ آهين ته پوءِ مان ڪٿان آيس ۽ ڪير آهيان؟

اي خدا، مان به اهو بيثمرو ڪرد آهيان ۽ سڀني ڪردن کان وڌيڪ هيڻو ۽ ڪمزور آهيان. پنهنجي مهربانيءَ سان هن ميري شراب (مون گدلي) کي صاف ۽ خالص ڪر ته جيئن اهل دل لاءِ هڪ شفا بخش شربت ٿيان.

 

ڪتاب لکڻ ۽ هن خطاب ڪرڻ جو اصلي سبب

 

ٻڍاپي جي ڪمزوريءَ منهنجي طبيعتن جي قوتن کي ٽوڙي وڌو آهي ۽ دل تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي راهه ئي بند ڪري ڇڏي آهي. هينئر نه دل اندر ڪنهن ڳالهه کي سمجهڻ جي طاقت آهي ۽ نه چپن کي گفتگو ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جي قوّت ئي آهي. بهتر ته ائين آهي ته هاڻي خاموشي اختيار ڪريان ۽ اهي ڳالهيون ئي وساري ڇڏيان. منهنجي موجوده حالت، مثنوي مولويءَ جي هنن بن بيتن سان مضبوط مناسبت رکي ٿي: ”عافيت ۽ تندرستيءَ جي اصولن ضايع ٿي وڃڻ کان پوءِ هينئر نظم ۽ قافيو ڪٿان ايندو؟ مان قافيه جو خيال ڪريان ٿو ۽ منهنجو محبوب مون کي چوي ٿو ته منهنجي ديدار کان سواءِ ٻيو ڪو خيال ئي نه آڻ.“

اهو دلدار ڪير آهي جنهن جو آستانو (گهر) اسان جو دليون آهن ۽ جي سندس رازن جو مخفي خزانو آهن! هو پنهنجي گهر کان پوريءَ طرح واقف آهي، انهيءَ لاءِ بهتر آهي ته تون ان جو گهر خالي رکين ۽ ڪهن به ٻيءَ شئي کي ان اندر اچڻ نه ڏين. پوءِ جڏهن هو، هر اجنبي ۽ اوپري کان، ان کي خالي ڏسندو تڏهن ان گهر کي اچي پنهنجو جلوه گاهه بنائيندو. جنهن کي به سمجهه ۽ دانائيءَ مان ڪو حصو مليل آهي، سو هن معنيٰ (ڳالهه) کان سواءِ ٻيو ڪجهه پسند ئي نه ڪندو.

ليڪن دنيا جا بادشاهه پڻ هن جو پاڇو آهن ۽ انهيءَ جي ذات جي صفتن سان مالا مال آهن. انهن جو ذڪر ڪرڻ حقيقت ۾ ان (الله تعاليٰ) جو ذڪر ڪرڻ آهي، ۽ انهن جي صفتن ۾ فڪر ڪرڻ، سچ پچ ان ۾ فڪر ڪرڻ آهي. لامحاله پنهنجي تقصير جي دعويٰ موجب باڊساهه سلامت جي مدح ڪرڻ مون لاءِ لازم ٿي پيئي؛ ليڪن هن پراڻي محل (دنيا) ۾ ان جي مدح کي هڪ ڪشادو ميدان گهرجي. مان هن مثنوي مان، ان کي ميدان بنايان ٿو ۽ سندس مدح کي هڪ نئين ۽ تازي شڪل ڏيان ٿو، ورنه مان هي مثنويون جوڙيان ئي ڪونه ها ۽ دل خود اهڙن مثالن ڏيڻ کان هينئر کڄي ويئي آهي. هن ڪتاب جي جوڙڻ مان اصل مقصود اهوئي آهي جو ٻنهي قهر ۽ لطف جي آيتن جو مظهر آهي. انهيءَ لاءِ، ته جڏهن قرب ۽ محبت ڀڙڪو کائي اٿي، تڏهن مان به ان جي ذڪر ڪرڻ ۾ لڳي وڃان. سندس تعريف ۾ عجيب ٻول ٻوليان ٿو ۽ سندس دعا لاءِ آه ۽ زاري ڪريان ٿو. هاڻي جڏهن ان جي نزديڪيءَ جو دامن منهنجي هٿن ۾ ڪونهي تڏهن مون لاءِ اهو نهايت مناسب آهي ته سندس گفتگو ۾ ويٺو هجان ۽ هر گهڙيءَ پيو سندس ڳالهه ڪريان.

 

مجنونءَ جي ڳالهه، جنهن هڪ بيان ۾، واريءَ تي پنهنجي آڱرين سان اکر پئي لکيا

ڳالهه ٿا ڪن، ته  هڪڙي دفعي هڪ مسافر، مجنونءَ کي بيابان جي وچ ۾ اڪليو ويٺل ڏٺو، جنهن پنهنجي آڱرين کي قلم طور استعمال ڪندي پئي واريءَ تي اکر لکيا. هيءَ ڏسي ان مسافر کيس چيو ته ”تون ته ڪو چريو ۽ ديوانو اهين، ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ته هيءَ خط ڪنهن ڏانهن لکي رهيو آهين؟ تون ان جي لکڻ ۾ جيتريقدر به تڪليف وٺين سو سڀ اجايو آهي، ڇا لاءِ جو لُڪَ (تيز هوا) ان کي جلدي جلدي مٽائي ڇڏي ٿي. آخرڪار واريءَ جي مٿان هي اکر ڪيئن قائم رهندا جو توکان پوءِ ڪو اچي انهن کي پڙهندو؟“ مجنونءَ غريب جواب ۾ چيو ته ”اي يار، تون بالڪل بيخبر ۽ حقيقت کان ناواقف آهين. مان ته ليليٰ جي حسن جي شرح ويٺو ڪريان (لکان)، ۽ پنهنجي غمگين ۽ ڏکويل دل کي ويٺو آٿت ۽ تسلي ڏيان. ان جو نالو اڳيان ۽ پويان ويٺو لکان ۽ عشق ۽ وفا جو خط ويٺو چِٽيان. هن جي مٺي نالي کان سواءِ ٻيو مون مسڪين جي هٿ ۾ ڇا آهي؟ انهيءَ جي نالي وٺڻ کان ته منهنجي پستي بلندي ۾ بدلجي ويئي آهي؛ مان جڏهن کان انهيءَ جي محبت جي پيالي مان ڍڪ پيتو آهي، تڏهن کان انهيءَ جي نالي سان ويٺو مشقبازي ڪريان.“

 

الاهي توفيق سبب، جناب خلافت پناهي جو گناهن کي ترڪ ڪرڻ

اهو بادشاهه ڏاڍو ڀلو ۽ موچارو آهي جو جوانيءَ جي زماني ۾ گناهن کان ائين تائب ٿيو جيئن خوش نصيب پيرسن ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ شروعات ۾ هن جا چپ، شراب کان آلا هئا، ليڪن بعد ۾ هن انهن کي توبهه جي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو، ۽ باوجود ان (شراب) جي ججهي رونق ۽ دلفريبيءَ هوندي به کيس پنهنجي مجلس مان تڙي ۽ هڪالي ڪڍيو. حرام کي تراڪ ڪرڻ کان سندس معدو سوس ۽ ور کائي ويو ۽ نيڪ، زاهدن جي ڪُنڊ جيان ڏسڻ ۾ پئي آيو. سندس حرم جي مجلس کان شراب محروم ٿي ويو ۽ ان جا مٽ ۽ دلا بيحد حشرت ۽ ارمان ۾ اچي ويا. جيتوڻيڪ (شراب جي) صراحيءَ جو ڳاٽ ان سبب اونچو هو مگر هاڻي ان جي ڪري ئي اهو نوايل ۽ ڦيريل آهي. ماڻهو، آخر ڪيستائين شراب جي پيالي پڍيان رهندو؟ اهو ته گويا هوا جي پيمائش ڪرڻي آهي  (اجايو ۽ ناممڪن ڪم آهي).

سڀني حيوانن کي اکيون ۽ ڪن آهن، ليڪن عقل ۽ هوش فقط انسانن کي ڏنا ويا آهن. اي ڏاها، شراب، هوش (ڏاهپ) جو ويري آهي ۽ ويريءَ کان مغلوب ٿيل دوست کي گهٽ پسند ڪر. جيڪڏهن زمانو خالص سون جي ٻن سَون ڍيرن جي عوض ۾، هوش جو اڌ جؤ کڻي وڪڻي ته سمجهدار لاءِ هي ان اکن بهتر آهي ته هو اهو خري ڪري، جو پوءِ ساري عمر جگر جو خون پيئندو رهي. ائين ته نه ڪري جو شراب جا ٻه ڍڪ هٿ ۾ وڍي ان جي مقابلي ۾ ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي روڪڙ کي سراسر برباد ڪري ڇڏي، ۽ دانائيءَ جي حد اورانگهي وڃي ۽ چريائيءَ جي سرحد تي پنهنجو سامان کڻي اچي.

اي انسان، تون ساري ڄمار شراب پيئندو  مست ٿيندو رهيو آهين ۽ هر نيڪيءَ ۽ برائيءَ جو فرمانبردار رهيو آهين. ايتري شراب پيئڻ ۽ دل کي خوش ڪرڻ مان توکي سواءِ بي حاصليءَ جي ٻيو ڇا هٿ آيو؟ جيڪڏهن ٻيا به ڪيترائي سال تون شراب پيئندو رهين ته به نتيجو اهوئي ساڳيو نڪرندو ۽ توکي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو. گذريل سال جي عيش کي خيال ۾ رک ۽ ٻئي سال کي انهيءَ تي قياس ڪر.

 

هڪڙي سوچيءَ جي ڳالهه

ري، شهر جي ڇيڙي ۾ هڪڙو سوچي رهندو هو، جو پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀڙ ۽ هوشيار هو، ننڍن ٻارن ۽ ججهي عيال جي بار کان سندس پٺي جُهڪي ويئي هئي. پنهنجي معاش جي گودڙيءَ تي هو رات ۽ ڏينهن پيو ڳنڍ ٽوپي جو ڪم ڪندو هو. جڏهن نئين سال جو ميوو تيار ٿيندو هو، تڏهن سندس دل ان کي خريد ڪرڻ لاءِ بيچين رهندي هئي. پنهنجي گهر وارن ڏانهن ڪيتريون ئي اٽڪلون ويڙهائي ايندو هو ۽ پنهنجو کيسو ميوي سان پُر بغل ۾ ڪيو ايندو هو. پوءِ هو اهو ميوو اچي انهن جي اڳيان هاريندو هو ته جيئن اهي سڀيئي ان مان ڍؤ ڪري کائين. انهيءَ کان پوءِ هو چوندو هو ته، اڙي عاجز، رنج ۽ تڪليف جي اولاد جي هنڌ تي ليٽيل، جيڪڏهن سؤ دفعا کڻي هي ميوو هٿ ۾ اچي ته به ان جو هيءُ ساڳيوئي ذائقو، ساڳي ئي بوءِ ۽ ساڳيوئي رنگ رهندو. توهان پنهنجي خواهش ۽ آرزو کي شريڪ ڪريو ۽ پنهنجي طبيعت کي قناعت تي هيرايو. مان جڏهن مسڪينيءَ جي پيرن جي حقير خاڪ آهيان، تڏهن هن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه حاصل ڪري نٿو سگهان.

 

گناهه کي ترڪ ڪرڻ جي ارادي کي عمل ۾ آڻڻ، الله تعاليٰ جي مرضيءَ هيٺ آهي

توبهه شيشي مٿل آهي ۽ قضا پٿر مٿل آهي، هاڻي شيشو، پٿر جو تاب ڪٿي ٿو جهلي سگهي! جيڪڏهن قضا، توبهه سان ملي هڪ ٿي هلي ته پوءِ توبهه جي عمارت درست ۽ مستحڪم رهندي. پر جيڪڏهن اها ساڻس ٺهي نٿي هلي ته پوءِ ان جي حڪم تي راضي رهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. توبهه جي توفيق ڏيڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ اهي ٻيئي ڪم قضا جا آهن، ۽ انهن جي پاڻ ڏانهن نسبت ڪرڻ سراسر غلط اهي. جيڪڏهن هو توبهه جي توفيق ڏئي ته شڪر ڪرڻ گهرجي، ٻيءَ حالت ۾ گنهگارن جيان عذر جي راهه اختيار ڪري.

توبهه جي معنيٰ، ماضي کان پشيمان ۽ شرمسار ٿيڻ ۽ موجوده گناهن کان سلامت نڪري وڃڻ آهي، ۽ مستقبل لاءِ به اهوئي ارادو ڪرڻو آهي ته تون گناهن ڏانهن خير ڪو موٽ کائيندين. جيڪڏهن بالفرض هن قسم جو صحيح ارادو تو ۾ نه اچي، ڇاڪاڻ ته ان جو اختيار تنهنجي هٿ ۾ نه آهي ته پوءِ تون ان جي اصلاح ۽ سڌاري کان هڪ گهڙي به غافل نه رهه، ۽ جيڪڏهن کڻي تون گپ ۾ ڪِري پوين ته ان اندر به ننڊ هرگز نه ڪر. توبهه ڪرڻ جو هيءُ ارادو هميشہ رکيو اچ ته تون گناهن کان بچي، اٿي کڙو ٿيندين ۽ هميشه توبهه ساڻ همدم ٿي اٿندين. شايد الله تعاليٰ جو فضل توکي صحيح راهه تي موٽائي آڻي ۽ هن ارادي جي برڪت توکي گناهن کان باز رکي! هڪڙي دفعي شرابيءَ جي ڳالهه، جو ڪمال کي وڃي پهتو هو

 

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، هڪڙي شرابيءَ توبهه جو ارادو ڪيو ۽ گناهن کي ڇڏي وڃي توبهه جي پناري پيو. ائين ڪرڻ سان بلند مرتبي کي پهچي وڃي ولايت جي نعمت سان سرفراز ٿيو. هيءَ ڳالهه جيئن ته ظاهري طرح معمول جي خلاف نظر آئي، تنهنڪري ڪنهن بزرگ ان کان پڇيو ته ”اي فلاڻا، خبر ته ڏي ته تون جو ڪيترائي سال شراب نوشي ۾ مشغول رهيو آهين، هيءَ ڪرامت تو ڪهڙيءَ خصلت ڪري حاصل ڪئي آهي ۽ ڪيئن وڇي ڪمال جي سرحد کي رسيو آهين؟“ هن جواب ڏنو ته حقيقت هي آهي ته هر وقت جڏهن مان شراب جو پيالو خوشيءَ ۽ مزري سان پنهنجي چپن تي رکندو هوس تڏهن مون کي هيءُ خيال گهڻو گهٽ ايندو هو ته مان وري پنهنجو هٿ کولي شراب جي پيالي ڏانهن ڊگهيريندس. شراب جي شوق کان پنهنجي دل کي ڇني ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو خيال ئي منهنجي دل ۾ ڪونه ايندو هو. بس، هن ارادي جي برڪت مون کي توفيق بخشي. ۽ منهنجي لاءِ دولت جا سوين دروازا کولي ڇڏيا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org