باب اڻويهون
بيج گپت پاڻ تي تپرس کائي رهيو هو. ڪنهن به اڇا يا انڀو
کانسواءِ ئي هو يشوڌرا ڏانهن ڇڪجي رهيو هو. هو
شايد کيس اڃا به وڌيڪ ويجهو وڃي ها، جيڪڏهن ان
ڏينهن شوتينڪ جي منهن تي ان ڏينهن ڳنڀير ڀاونائن
جون لهندڙ چڙهندڙ لهرون نه ڏسي ها.
هو ڪاشيءَ پنهنجا دک ڀلائڻ ۽ من جي مانڌاڻ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ آيو
هو. پاتليپتر ۾ رهي، چترليکا جي ويجهڙائيءَ ۾
ويهي، شايد سندس هردي جو گهاءُ نه مڙي سگهي ها.
اهو سوچي ئي هو اتان ڪاشي لاءِ نڪتو هو – ويراڳ ۽
ويڇو ئي کيس اتان گهلي هت وٺي آيو هو. اڪار ۽ اڻ
ماڳي تاري جيان هو اکٽ پولار ۾ ڀٽڪي رهيو هو. ان
دکدائڪ گهٽا جي اتپن ٿيڻ تائين، ننڍيءَ ٽهيءَ
واريءَ اوسٿا ۾، هو سپنن جو سنسار وسائي آيو هو،
جوڀن واريءَ اوسٿا ۾ هو آنندي ۽ سنتوئي سنسار جو
رهواسي هو ۽ ان کانپوءِ هينئر اڪارٿ ۽ بي ماڳ ڀٽڪي
رهيو هو.
”ارڪاٿ ۽ بي ماڳ رولو؟“ هن جي ويچارن جو وهڪرو ڦريو. ”ڇا هر ڪو
اڪارٿ آهي؟ ٿي سگهي ٿو!“ بيج گپت وسوسي ۾ پئجي
ويو. ترت ئي مٿس ٻئي سوال وار ڪيو. ”ڇا منش جو ڪو
ارٿ يا ماڳ آهي به سهي؟ ڪو ماڻهو چئي سگهندو ته هو
ڇا لاءِ آيو آهي؟ هو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي ۽ ڇا ڪندو؟
نه! ائين ته اڻ ٿيڻي آهي. ماڻهو ته ٻنڌڻن ۾ آهي.
حالتن جو ٻانهو آهي. ماڻهوءَ کي ڪو به ارٿ (مقصد)
نه آهي. هڪ اڻ ڏٺل شڪتي هن کي هلائي ٿي. منش جي
اڇا يا واسنا ڪا وٿ نه آهي. منش پاڻ ڪجهه نه آهي.
هو پاڻ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. هو ته هن سڄيءَ سٽا
۾ رڳو هڪ ماڌيم (ذريعو) آهي!“
اڌ رات ٿي چڪي هئي. بيج گپت هنڌ تي هيڏي هوڏي لڇي پڇي رهيو هو.
پرٿويءَ کي ڄڻ سانت جي ساگر ۾ اڇلايو ويو هو. هن
پاڻ کي هڪ ويران ۽ اجڙيل ماٺ ۽ ڀؤ سان ڀريل مندر ۾
ڀٽڪندو ڀانيو. سنسار جي کونگهرن جي گوڙ واريءَ ماٺ
۾ هو تارا ڦاڙيو پيو هو ۽ سوچي رهيو هو. ”سڀاڻي
مان پاتليپتر موٽي رهيو آهيان! ڇو؟“ هن پاڻ کان
پڇيو، ”چترليکا سان ملڻ، ان کي واپس وارڻ.“ هن کي
پاڻ تي اڃا ڀروسو هو. هن ڄاتو پئي ته جي هن لڳاتار
۽ دل سان جتن ڪيو ۽ نت ڪيو ته هوءَ اوس وٽس موٽي
ايندي. ”نه، مان چترليکا ڏانهن نه ويندس! ڇو وڃان؟
ڇا، مون چترليکا کي ڇڏيو آهي؟ نه، هوءَ پاڻ مون کي
ڇڏي ويئي آهي؟ ڇا لاءِ؟ شايد ايشور جي اها اڇا
آهي. جي اها ايشور جي اڇا آهي ته پوءِ ائين ئي
ٿيندو. ته پوءِ هي ڏک ۽ ڏوراپا ڇو؟ چترليکا هلي
ويئي آهي – ڀل وڃي. مان ڇو پنهنجو جيون ناس
ڪريان؟“
بيج گپت اکيون ٻوٽي سمهڻ جا جتن ڪرڻ لڳو – ”ڇا، ڏک، تياڳ ۽
ٻليدان جيون نشت ڪندا آهن؟ ڇا، دک جيون جو هڪ انگ
نه آهي؟ ڇا، هر ماڻهو سڄو جيون سکي گهاريندو آهي؟
نه، ڏک به جيون لاءِ ايترو اوستڪ آهي، جيترو سک.
ته پوءِ مون کي دک ئي سويڪار ڪرڻ گهرجي – مون کي
ٻليدان وارو مارڳ ئي وٺڻ گهرجي. مون کي پنهنجو ڌرم
ڪرم پورو ڪرڻ گهرجي. پر منهنجو ڌرم ڪرم ڇا آهي؟“
بيج گپت اٿي بيٺو. هن ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيتو ۽ منهن تي ڇنڊو
وڌو، ۽ ان کان پوءِ وري ليٽي پيو ۽ ويچار ڌارا ۾
ٽٻيون هڻڻ لڳو.
”منهنجو ڌرم ڪرم ڇا آهي؟ مون ڪرم لاءِ ئي جنم ورتو آهي. منهنجو
ڪرم اهو آهي ته سنساريءَ جيان گهاريان، پنهنجي
آڪهه ۽ پيڙهه کي اڳتي وڌايان ان لاءِ اوستڪ آهي ته
مان وواه رچايان. – سرشٽيءَ جو ڇا اهو ئي نيم آهي؟
ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري ئي چترليکا مون کي ڇڏي ويئي
هجي! ڇا، مون کي وواه ڪري، سکي گرهستي جيون گهارڻ
گهرجي؟ پوءِ ته ان لاءِ هڪ جوڳي من چاهنا به آهي
– يشوڌرا! سونهن ۽ سوڀيا ۾ چترليکا کان گهٽ آهي؟!
ڪمارين ۾ جواهر آهي ۽ هڪ پوتر ۽ املهه ماڻڪ. چا،
يشوڌرا سان وواه رچائڻو ئي پوندو؟ هوءَ هڪ آدرشي
ناري آهي. پوءِ ڇو نه يشوڌرا؟ پر اهو ٿي سگهندو؟
هيڪر مان هن کي ٺڪرائي چڪو آهيان. ٻيهر ڪهڙي منهن
سان مرتينجيه کان سندس سڱ گهران؟ گهڻو ڪري شايد هو
ان سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏي.“ بيج گپت کليو، ”نه،
اها اڻ ٿيڻي آهي! نه، مان يشوڌرا سان وواه جو سوچي
به نٿو سگهان. هاڻي ويل ٽري ويئي آهي – هٿان هلي
ويئي آهي. چترليکا – هائو، رڳو چترليکا ئي منهنجي
جيون ۾ اچي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪا ٻي.“
بيج گپت وري اٿي بيٺو. هو سمجهي ويو ته کيس ننڊ نه اچڻي هئي. ان
ويل چنڊ اڀري رهيو هو. هو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽
گنگا پاسي هليو. باک ڦٽڻ ۾ اڃا ڪي ٻه پهر پيا هئا.
بيج گپت ڪناري تي پهتو . جتي ڪٿي ماڻهو ٽولا ٺاهيو رهاڻيون ڪري
رهيا هئا. بيج گپت هڪ ڪنڊ وٺي ويهي رهيو.
هن جي اڳيان ٽي ماڻهو ويٺا هئا. جيڪو ماڻهو ڳالهائي رهيو هو، سو
ستر کان چڙهي هليل ٿي لڳو.هن جي منهن ۾ گهنج هئا ۽
سندس ڳالهائڻ مان پتو پئي پيو ته هو ماني ۽ گياني
هو ۽ تياڳ لوڪ جو واسي هو. ٻيا ٻه ڄڻا عمر ۾ ننڍا
هئا. هن جي کاٻي پاسي ويٺل ماڻهو پنجويهن سالن جو
جوان هو. سندس قد پورو پنو هو، منهن کٻوس هوس ۽ ان
تي اڻ پڪي دک جون ريکائون پکڙيل هيون. سنياسيءَ جي
ساڄي هٿ تي ڪرڙوڍ ماڻهو ويٺو هو، جو پنجاهه جي
خاني ۾ واه جو هو. هن کي ڊگهي ڏاڙهي هئي ۽ سندس
وارن رنگ مٽائڻ شروع ڪيو هو.
ويراڳي چئي رهيو هو، ”تنهنجي ڄمار اڃا سنياس وٺڻ جي نه آئي آهي.
پيءُ جو چيو مڃي وڃي، ڌرم ڪرم جو پالن ڪر.“
نوجوان ويراڳيءَ جي پيرن کي چنبڙي پيو، ”پوتر پتا! مان توهان جي
شرن آيو آهيان. موٽائي مايا لوڪ ڏي نه موڪليوم.
مون کي سنياس ڏيو. مون لاءِ جيون ۾ ڪو موهه نه
رهيو آهي. سنسار ۾ رهڻ لاءِ ڪو ڪارج، ڪو ڪاريه هئڻ
گهرجي، پر مون وٽ اهو به نه آهي. سنسار ۾ رهڻ سان
مان پنهنجي آتما کي ڪشٽ ۽ پيڙا ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه
نه ڪري سگهندس. اتي منهنجي من کي ڪانه شانتي نه
ملندي. توهان منهنجي پتا کان پڇي سگهو ٿا ته جيون
جا پويان ٻه ورهيه مون ڪيئن گهاريا آهن.“
ڪرڙوڍ ماڻهوءَ چيو، ”ٺيڪ آ. پر تون ائين ڇو نه ٿو ڪرين جيئن مان
ٿو چوانءِ؟ مان وري وري ٿو چوانءِ ته ٻي شادي ڪر.
تنهنجي عمر ئي گهڻي آهي. جيون ۾ موت ته سدائين منش
سان لڳا پيا هوندا آهن. توکي ٻار نه آهن. ان ڪري
توکي سنياس نٿو جڳائي. وواه کان پوءِ وري جيون ۾
چس ۽ چاهه لڳندئي.“
سنياسيءَ نوجوان کي چيو، ”تنهنجو پتاجي سچ ٿو چئي. ٻچا! پيار هڪ
رڃ آهي. نر ۽ ناريءَ جا ناتا رڳو هن سنسار تائين
ٿين ٿا؛ اهي ناتا موت جون سيمائون اُڪري نٿا سگهن.
هن جيون کان اڳتي ناري ۽ نر ٻه الڳ الڳ آتمائون
آهن. خود هن سنسار ۾ ئي نر ۽ ناريءَ جي آتمائن جو
ٻندڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. پيار ته رڳو هڪ آتمڪ ناتو
آهي. ان ۾ ڪو گمان نه آهي ته اهو ناتو انوکو ۽
گڻائتو آهي، پر سدا جو نه آهي. اهو ناتو ٽٽي سگهي
ٿو. ان ڪري ان ناتي ٽٽڻ تي پنهنجي جيون کي دکي
بنائڻ ڏاهپ نه آهي. تنهنجو ڌرم ڪرم آهي ته وواه
ڪرين. وواه کان انڪار ڪري تون ڄاڻي واڻي ڌرم ڪرم
جي پالن ۾ ڪوتاهي ڪري رهيو آهين.“
”سو وري ڪيئن؟“
”ٻڌ، ٻچا! رڳو جيون جي جوا ۾ هارائيندڙ پرش ئي پڃ ڪرڻ جي آيل
پلن کي ٽاريندا آهن. وواه پرماتمڪ ۽ پوتر وشيه
آهي. چاڪ چڱو ڀلو ۽ جوڀن ونت پوءِ ڇا لاءِ ڇڙي جون
جون ڪٺنا ئون سهي؟ ٻچا! ياد رک ته ڪامنائن جو
دٻائڻ ئي بڇڙاين جو ڪارڻ هوندو آهي. مان تو جهڙي
نوجوان ماڻهوءَ کي تيستائين سنياس وٺڻ کان روڪيندو
ايندو جيسين تو من ڪامنائن ۽ اڌمن ۽ ولولن جو
پورائو نه ڪيو آهي. ناري نر کان سواءِ اٻلا ۽ هڻي
آهي. ۽ نر وري ناريءَ جهڙي جيون ساٿيءَ کان سواءِ
اڻ پورو آهي. وواه رڳو مانسڪ اوڻاين يا تن جي
تسيائن جي پورائيءَ جو ٻيو نالو نه آهي، پر چرتر
جي اوسر ۽ من جي مهانتا جو وسيلو به آهي. ان ڪري
وواه کان ڀڄڻ معنيٰ آهي ڀاڙي ٿي يڌ مان ڀڄڻ.“
نوجوان چيو، ”پر مهاٻلي! مان ته سنسار جو سک ۽ سنتوش ڦٽو ڪري
تياڳ ۽ تپسيا جي اگني سويڪار رهيو آهيان. ان ۾
ڪانئرتا ڇا جي؟“
سنياسيءَ کلي ڏنو، ”تون پڇتاءَ ۾ پچڻ ٿو چاهين؟ ڇو؟ ان لاءِ، جو
جنهن کي تو چاهيو پئي سو توکي ڇڏي ويو آهي. پر
تنهنجو اهو پڇتاءُ اڦل آهي. اها هڪ آتم هتيا آهي.
اها تپسيا اڪاريه ۽ اڪارٿ آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ
سان تون اجايو آتما جو آپگهات رستي انت آڻيندين.“
نوجوان سنياسيءَ جي چرڻن تي سيس نوايو، ”مهاراج!
توهان جي آگيا انوسار ئي سڀ ڪي ڪندس.“ پوءِ هو اٿي
پيءُ سان گڏ هليو ويو. گياني پرش جي ورتاءَ ۽
وارتا ۾ هڪ انوکي ڇڪ هئي. ٻاجهه ۽ ڏاهپ جو سنگم
هو. هن جو روپ ۽ شرير ايترو موهيندڙ هو، جو بيج
گپت به اوڏانهن ڇڪجي ويو. هن سنياسيءَ کي پرڻام
ڪيو. سنياسيءَ مرڪي ڏانهنس نهاريو ۽ چيو، ”نوجوان!
توکي به سنياسي کپي ڇا؟“
بيج گپت چيو، ”نه مهاراج؟ اڃا ته اهڙو ويچار ڪو نه اٿم. توهان
جا ٻول من کي وڻيا، ان ڪري ٻڌڻ ويهي رهيس.“
ويراڳي مرڪيو، ”جيڪو ماڻهو هن اويري وڳڙي گهر ڇڏي گنگا ڪناري
اچي ٿو سگهي – سو جي بکاري يا ويراڳي نه آهي ته پڪ
ڪنهن آتمڪ پيڙا ۾ پڄرندڙ آهي.“
”توهان جو انومان ٺيڪ آهي....“ بيج گپت ورندي ڏني، ”منهنجو دک ۽
بي چيني انوکا آهن. توها ن جي ڳالهين ۾ مون کي
پنهنجي دک ۽ بي چينيءَ جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي. ڇا ان
ڏس ۾ توهان کان ڪجهه وڌيڪ پڇي سگهان ٿو؟“
”وڏي خوشيءَ سان.“
”توهان هاڻي چيو پئي ته ڪچي پيار لاءِ نوجوان جو جيون ٻليدان
ڏيڻ آپگهات سمان آهي. پر ڇا پيار جي يادگيرين جي
مٺڙي پيڙا ماڻهوءَ جي جيون جو هڪ سڀاويڪ اڌمو يا
ڀاونا نه آهي؟ ان پيڙا کي هٿرادو وسيلن سان دٻائي
رکڻ، ۽ ان جي سڀاويڪ هئڻ کي وسارڻ – ڇا اهو سڀڪجهه
آتما جي ڳلي گهٽڻ سمان نه آهي؟“
سنياسي ڪا مهل ماٺ رهيو. پوءِ پوري وشواس ۽ ڀروسي سان ڳالهائڻ
شروع ڪيائين، ”تون ٺيڪ ٿو چئين. ڏک جٽادار نه آهي.
وقت سان هو به هٽيو وڃي. الڳ الڳ ماڻهوءَ لاءِ ان
جي هٽڻ جو وقت به الڳ الڳ ٿو ٿئي. پيڙا کي ان وقت
کان اڳ ۾ هٽائڻ برابر اسڀاويڪ آهي. پر هو هٿراڌو
وسيلو اسڀاويڪ نه آهي – رڳي اها ڳالهه نه وسار.
سڀيتا جي اوسر ۾ اسان هٿراڌو جڙتو وسيلن کي ايترو
ويجهو اچي چڪا آهيون، جو اهي هاڻي سڀاويڪ ۽
سرشٽيءَ جي نيمن انوسار ٿا لڳن. اوائلي اوسٿا جو
منش اگهاڙو رهندو هو. ۽ پن، پاڙون ۽ ڀاڄيون
کائيندو هو، اسان جي سڀاويڪ حالت ته اها هئي! اڄ
اسين ڀانت ڀانت جا وستر ٿا اوڙهيون، رڌل پڪل ڀوڄن
ٿا واپرايون، اهو سڀڪجهه اسڀاويڪ ۽ سرشٽيءَ جي
نيمن جي اولانگهن آهي. هن اوسٿا جو سڄو سک ۽ سنتوش
اسڀاويڪ وسيلن سان آهي، ۽ سڀاويڪ جيون ته هڪ
ٻوجهه آهي. ان ٻوجهه واري ۽ تنگ جيون ۾ چرپر ۽
وشالتا آڻڻ لاءِ ئي ماڻهوءَ هي هٿراڌو راڳ رنگ ۽
کيل تماشا جوڙيا آهن. انهن جڙتو ۽ هٿراڌو وسلين
واري جيون کي ئي اسين جيون چئون ٿا. ان ڪري پيڙا
کي جڙتو ۽ اسڀاويڪ رستي هٽائڻ کي آتم هتيا نه
چئبو!، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ اُهي اسڀاويڪ ۽ سرشٽيءَ
جي نيمن انوسار نه آهن، پر تڏهن به سرشٽيءَ ۽ اسان
جي سڀاءَ ۽ وايو منڊل جو ڀاڱو ٿي چڪا آهن.“
”توهان جي ڪرپا آهي، مهاراج!“ بيج گپت اٿي بيٺو، ”توهان منهنجي
من تان سونجهه جي ڇپ لاهي ڦٽي ڪئي آهي. توهان جي
سياڻپ وارن ٻولن ٻڌڻ کان پوءِ مان وري پنهنجو جيون
واپس وٺندس ڌرم پالن ڪري سگهندس. چڱو، گياني باب،
موڪلاڻي!“ ايترو چئي، بيج گپت اتان هليو ويو.
ان وقت هير لٿي هئي. آسمان جي اڀرندي گهيري تي سوجهرو پنهنجا
سنهري پر پکيڙڻ شروع ڪري رهيو هو. پکين پنهنجي
ڏينهن جي سفر جو آرنڀ ڪري ڏنو هو. موٽندي، بيج گپت
جو من ماٺو هو. گهر اچي ليٽڻ سان ئي هن کي گهري
ننڊ اچي ويئي.
جنهن مهل هو اٿيو، ته ٻه پهر ڏينهن گذري چڪو هو. ڏندڻ پاڻيءَ
کان واندو ٿي، هو مرتينجيه ڏانهن ويو. مرتينجيه
کيس ڏسندي ئي چيو، ”آريه بيج گپت ! اڄ ڏاڍو دير
سان جاڳيا آهيو. رات ننڊ چڱي نه آيوَ ڇا؟“
”هائو، رات سڄي سوچيندو پئي رهيس.“
”ڇا پئي سوچيوَ؟“
”ڪجهه سڀاڻي جي جيون باري ۾.“
”۽ شريمتي....“ مرتينجيه ڪجهه سوچيو، ۽ هڪ مٿاڇري مرڪ هن جي چپن
تي ڊوڙي وئي. ”چترليکا کان پوءِ آئنده جي جيون جي
باري ۾ سوچڻ سڀاويڪ به آهي. آريه بيج گپت! ڪهڙي
نشچي (فيصلي) تي پهتؤ؟“
ان اوچتي سوال ۽ مرڪ بيج گپت جي من جي شانتي ٽوڙي وڌي. پنهنجي
ڳالهه ڪندي ڪندي، هو ماٺ ٿي ويو. ”نه، سائين، اڃا
ڪو نشچو نه ڪيو اٿم. ترت ئي ڪندس.“ هن مرتينجيه جي
هورا کورا لاهڻ لاءِ چيو.
”مان ڄاڻان ٿو ته توهان جو نشچو ڇا هوندو. مان ماڻهوءَ جي سڀاءَ
جي به ڄاڻ رکان ٿو.“
ڳالهه جو وشيه بدلائيندي، بيج گپت چيو، ”توهان نوڪرن کي هلڻ جي
تيارين جي آگيا ڏيئي ڇڏي هوندي؟“
”هائو. اهڙي آگيا شوتينڪ دواران توهان جي داسن ۽ شيوڪن ڏانهن به
موڪلي اٿم.“
ايتري ۾ ٻاهران يشوڌرا جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو – ”آريه شوتينڪ! جي
پتاجيءَ کي هيءَ موتين جي مالانه وڻي، ته توکي ئي
واپس نيڻي پوندي – تنهنجي چوڻ تي ئي مون ورتي
آهي.“ ۽ يشوڌرا ڪمري ۾ گهڙي.
يشوڌرا کلندي چيو، ”آريه بيج گپت ! توهين ننڊون ڪندا رهيؤ، اسان
ڏسو ڪيڏيون شيون وٺي آيا آهيون. توهان پنهنجي لاءِ
ڪجهه وٺندؤ؟“
کلندي، هن وراڻيو، ”ديوي يشوڌرا! مون کي ڪجهه نه کپي.“
”لوڙ ته مون کي به ڪنهن شيءَ جي ڪانه هئي. مڙئي موٽندي ڪاشيءَ
جي ڪا نشاني کڻي وڃڻ پئي چاهيم.“ ايترو چئي، هن
هڙون کولڻ شروع ڪيون.
”ڪيئن آ؟“ هن هڪ هار بيج گپت جي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
”ٺاهوڪو! پر هوندو ڏاڍو مهانگو.“
”هائو. پر مون اڃا ملهه نه چڪايو آهي رڳو پتاجيءَ کي ڏيکارڻ
لاءِ آندو اٿم.“
مرتينجيه مالا هٿ ۾ کڻي ۽ واچيو، ”جي وڻئي ٿي، ته ڀلي وٺ!“
يشوڌرا ٻيون به گهڻيون ئي شيون ڏيکاريون، جي سڀني کي وڻيون.
بيج گپت شوتينڪ ڏانهن ڏٺو، ”تو ڪجهه نه ورتو؟“
”مون توهان جي آگيا نه ورتي هئي - ۽ مون کي ڪجهه کپندو به ڪين
هو.“
”نه، توکي پاڻ لاءِ اوس ڪجهه وٺڻ گهربو هو. اچ، مان به هلان ٿو.
ديوي يشوڌرا! جي توهان کي ڏکيو نه لڳي ته مون سان
گڏ هلي شين چونڊڻ ۽ چاهڻ ۾ سهڪار ڪريو.“ بيج گپت
يشوڌرا ڏي ڏٺو.
”هلنديس – پر ڀوڄن ورتائڻ کان پوءِ. هينئر ڏاڍي ٿڪل آهيان.“
ڏپهري کان پوءِ بيج گپت مرتينجيه کي به هلڻ جي آڇ ڪئي. ”نه ٻيلي
مون ٻڍڙي کي ڇڏي وڃو ته چڱو. هرڀرو گوڙ ۾ ڦاسندس ۽
منجهندس....“ مرتينجيه انڪار ڪيو.
بيج گپت، يشوڌرا شوتينڪ سان، بازار ويو. پهريائين هو هڪ جوهريءَ
جي دڪان تي بيٺا. بيج گپت ۽ شوتينڪ هيرن واريون
منڊيون ورتيون. سامهون هيرن جو هڪ ملهائتو هار پيو
هو. يشوڌرا ان ڏانهن هرکيل هانءَ سان نهاري رهي
هيئي. بيج گپت اهو هار ٻاهر ڪڍرايو.
”ديوي يشوڌرا! هي هار ڪيئن آ؟“
”اڻ مٽ ۽ املهه! مان اڳ ۾ نه ڏٺو هو، نه ته هن جي بدران هيءُ
وٺان ها.“ پوءِ هن شوتينڪ ڏانهن ڏٺو ۽ ٽوڪ سان آڱر
هن ڏانهن کڻندي چيو، ”آريه شوتينڪ! ان ۾ دوش توهان
جو آهي.“
جوهريءَ کان هار ڳنهي، هن يشوڌرا جي ڳلي ۾ وڌو – ”ديوي يشوڌرا!
هيءَ سوکڙي ڪري مون وٽان سويڪار ڪريو.“
بيج گپت جي هٿ ڇهاءَ سان يشوڌرا ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏڪي
ويئي. هوءَ ان ڇال ڏيندڙ هرڻيءَ جيان لڳي رهي هئي،
جا ڪڏندي ٽپندي، اوچتو ڪوڙڪي ۾ ڦاٿي هجي. هن جا
نين تارا بيج گپت جي اکين ۾ جڙجي ويا. هن جا چپ
هرڀرو پاڻ هرتو کلي ويا. سندس ڇاتي جا سڙهه تڪڙو
تڪڙو هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا. گهڙيءَ ٻن جي ان بي سرتيءَ
کان هوءَ اوچتو ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي. ڳلي مان مالا
لاهيندي هن چيو، ”آريه بيج گپت! پتاجيءَ جي آگيا
کان سواءِ مان اها سوکڙي نٿي سويڪار ڪري سگهان.“
بيج گپت هار هٿ ۾ جهلي، بي چينيءَ سان چيو، ”ديوي يشوڌرا! هن
هار سويڪار ڪرڻ ۾ توهان کي ڪو آر نه هئڻ گهرجي. پر
تڏهن به پتاجيءَ جي آگيا واري ڳالهه به ٺيڪ آهي.“
باب ويهون
ڪمارگريءَ کي چترليکا جي ورتاءَ تي اچرج اچي رهيو
هو. ڪيڏي نه اتاولي هئي وٽس اچڻ لاءِ هو چترليکا
وٽ ڪو نه ويو هو، پر هوءَ ڇڪجي وٽس آئي هئي. پوءِ
به هوءَ ايڏي ڪاوڙيل ۽ ڪروڌي ڇو هئي!
چترليکا کان وڌيڪ ڪماگري پاڻ تي به عجب کائي رهيو هو. هن
چترليکا کي پاڻ کان پري رکڻ جو وس آهر هر جتن ڪيو
هو. پوءِ به هن کيس چيلي ڪرڻ ڇو سويڪار ڪيو؟ ڇا،
هن پاڻ بابت پنهنجا شڪ ۽ گمان هٽائڻ پئي چاهيا؟
ڪمارگريءَ جو سنسار ته سوڀ هو – هار جو سواد ته هن
لاءِ نپٽ نئون ۽ نرالو هو. ٿي سگهيو ٿي ته هن
پنهنجون اوڻايون ۽ وڏون ڄاتيون پئي ۽ انهن تي جيت
پائڻ لاءِ ئي هن چترليکا کي سويڪار ڪيو هو. هن
ڪيترائي ڪرم ۽ جتن ان پرکشيا ۾ ڪيا پر سڦل نه ٿيو.
هن داءُ هنيو ۽ هارايو . ڪيڏي نه ڀوائتي هئي اها
هار! هن نه رڳو پاڻ کان هارايو هو. پر هڪ ڪين
جهڙيءَ نرتڪيءَ کان به هارايو هو. پاڻ کان هارائي
ته هن پڇتاءَ جي پيڙا پراپت ڪئي هئي، پر نرتڪيءَ
کان هارائي هن اهڙو ڪروڌ ورتو هو، جو پڇتاءَ
واريءَ پيڙا تي ڳرو پئجي رهيو هو. ”نه چترليکا تي
جيت ماڻڻي ئي پوندي. پر ڪيئن؟“ هن سوچيو.
”چترليکا مون سان پريت ڇو نه ٿي ڪري سگهي؟“ اهو مڏو سوال هن جي
من ۾ وري وري اتپن ٿي رهيو هو، ”ان ڪري، جو هوءَ
ڪنهن ٻئي سان پريم ٿي ڪري. جي چترليکا بيج گپت کي
ڇڏي سگهي، ته پوءِ پڪ ئي پڪ مون سان پيار ونڊي
سگهندي. ان ڪري اول مون کي بيج گپت کي مارڳ تان
هٽائڻو پوندو....“ هڪ وچتر ڀيانڪ ساڙ سندس هردي ۾
اُڀريو.
چترليکا کي ڪماگريءَ وٽ ٻن مهينن کان مٿي وقت ٿي ويو هو.
پوئينءَ گهٽنا کي به مهينو کن ٿي ويو هو. ان سمي ۾
هو پنهنجي اٿيل ۽ ڀڙڪيل اڌمن کي وس رکڻ جا جتن
ڪندو رهيو. هن پنهنجي وڏ يا هيڻائيءَ جو هڪ ننڍو
اهڃاڻ به نه ڏنو. ڪو سمو ائين ئي پنهنجن اڌمن ۽
ولولن کي هٿ وس رکي، هو وڏو آنند پائي رهيو هو ۽
سوچي رهيو هو ته چترليکا سان گڏ رهي به هو اڌمن ۽
ڪامنائن جي راند رچائڻ کان پري رهندو. پر اها
ويچار گهٽنا به گهڻي ويل نه هلي. هڪ ڀيرو جا باهه
ٻري چڪي هئي، ان کي ٻرڻو ئي هو ۽ هر ان شيءَ کي
ساڙي ڀسم ڪري ڇڏڻو هو، جا ان جي ڇهاءَ ۾ پئي آئي.
ڪمارگري اهو ويچار ۽ نشچو دائم رکي نه سگهيو.
ڏينهن رات ۾ پير پائي چڪو هو. چترليکا ۽ ڪمارگري ڪٽيا ۾ ويٺا
هئا. هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چئي، ڪماگريءَ
چيو، ”ديوي چترليکا! مهيني کان مٿي ٿيو آهي، جو
مان پاڻ کي سڌارڻ ۽ مٿي اٿارڻ جو جتن ڪيو آهي. مان
ڀانيان ٿو ته هينئر پنهنجين هيڻاين ۽ اوڻاين کي
وس ڪري چڪو آهيان.“
”هوندو!“ چترليکا مرڪي.
سندس رکي ۽ اڍنگي روش تي هن چپ ڀيڪوڙيا. هن جي من ۾ آيو ته
چترليکا کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي، چپن سان سندس ساهه
چوسي، کيس چڪناچور ڪري ڇڏي. وڏي ڪٺنتا سان هن ان
ويچار تي وس پاتو. هن چيو، ”ٻڌو اٿم ته آريه بيج
گپت سمنت مرتينجيه سان ڪاشي ياترا تي ويو آهي.“
”يشوڌرا به ساڻ ويئي اٿن ڇا؟“ چترليکا اڻ لکي ڀؤ وچان پڇيو.
هن ڀيري ڪمارگري مرڪيو، ”تون گهٻرائين ڇو ٿي؟ ديوي چترليکا! تو
بيج گپت کي ان ڪري ڇڏيو هو ته هو يشوڌرا سان وواهه
رچائي، گرهستي جيون اپڻائي – تو ٺيڪ ۽ سٺو ڪم ڪيو.
هاڻي بيج گپت کي يشوڌرا سان وواه ڪرڻ نه جڳائي؟“
”مان نٿي ڄاڻان! مون کي ڪا سڌ ڪانهي!“ هن جي هردي چوٽ کائي رڙ
ڪئي. سندس آواز تکو ٿي ويو، ”ڀلائي ڪري بيج گپت
بابت ڪجهه به نه ڳالهايو.“
”بيج گپت بابت نه ڳالهايان؟ ڇو – ان لاءِ ته تون بيج گپت سان
پريم ڪرين ٿي؟ تون اهو نٿي سهي سگهين ته بيج گپت
ڪنهن ٻيءَ ناريءَ سان پريم ڪري. پوءِ هن کي ڇڏيئي
ڇا جي لاءِ؟ تون سمجهين ٿي ته ناريءَ کي ئي سڀڪجهه
ڪرڻ جو اڌيڪار آهي ۽ نر کي نه! تو چاهيو پئي ته
بيج گپت تنهنجو شرڌالو شيوڪ ٿي رهي – پر اها اڻ
ٿيڻي آهي.“
ڪمارگريءَ جي آواز ۾ بدلي جي باهه ۽ ٽوڪ هئي. جنهن ناريءَ کان
هن هارايو هو، تنهن کي هو اڄ جيتڻ وارو هو.
چترليکا ڀؤ ۽ ڪاوڙ ۾ ڪنبي رهي هئي...”مون جو ڪجهه ڪيو سو بيج
گپت جي ڀلي لاءِ ڪيو. مان هن کي سماج جي نگاهن ۾
نيچو آڻي رهي هيس. هن کي ڇڏي مون ساڻس سندس اوچي ۽
مٿي ٿيڻ ۾ سهڪار ڪيو آهي.“
”مان ڪيئن مڃان؟ ناري، تون پاڻ ٺڳي رهي آهين! تو بيج گپت کي مون
سان پيار ڪرڻ لاءِ ئي ڇڏيو هو.“ هن جو آواز ڳرو ۽
ڳڀير ٿي ويو. چترليکا جي وٽس اچڻ تي جا شڪتي ۽ پاڻ
۾ وشواس وٽانئس موڪلائي ويا هئا، سي وري وٽس موٽي
آيا هئا، ”تون مون کي ٺڳي ٿي سگهين، بيج گپت کي
ٺڳي ٿي سگهين، پر پاڻ کي نه. ڪام وس ٿي، تو پوتر
پيار کي ٿڏي ڇڏيو. تو مون ۾ ڪجهه ڏٺو ۽ مون ڏانهن
نيت ڦيرائي. ان سمي تون جانور ٿي ويئي هيئنءَ – تو
۾ ماڻهپو مٽجي چڪو هو. بيج گپت جي اڇا اورانگهي
تون مون وٽ هلي آئينءَ. تون سندس جيون ڏکن ۽
ڏولاون جي اوڙاه ۾ اڇلي آئينءَ! - ۽ بيج گپت؟ هن
پنهنجو پاڻ، پنهنجو مان ۽ گرهستي وان هڪ ناريءَ تي
واري ڇڏيو، ناري به هڪ نرتڪي! هن پنهنجو جيون ناس
ڪري ڇڏيو – رڳو ان ڪري جو هن توسان پريم پئي ڪيو.“
چترليکا رڙ ڪئي، ”بس! بس! بس ڪر!“
ڪمارگريءَ نظرون چترليکا ۾ کپائي ڇڏيون. هن کيس هار جو ڍڪ پيارڻ
پئي چاهيو. کلي هن وري ڳالهايو، ”بس ڪيان! ايتري
ننڍڙيءَ ڳالهه تي گهٻرائي وئينءَ؟ نرتڪي!- نه، مون
کي پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻي پوندي ۽ توکي اها ٻڌڻي
پوندي. چترليکا! تو جهڙي ڪئي تهڙي ڀري. تون سمجهين
ٿي ته بيج گپت اڃا توکي چاهي ٿو. تون سمجهين ٿي ته
جڏهن تون ٺڳيءَ ۽ دوکي جا ڳوڙها اکين ۾ ڀري هتان
موٽي وٽس وينديئن ته هو توکي سويڪار ڪندو! جي ائين
آ ته تون مورکن جي جڳ ۾ جالي رهي آهين. تنهنجي
زهر کان بچائڻ لاءِ کيس امرت ملي چڪو آهي. تو کيس
نشٽ ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. پر يشوڌرا کيس
بچائي ورتو - ۽ هينئر بيج گپت ڏاڍو سکي ۽ سرهو
گرهست جيون گهاري رهيو آهي.
چترليکا جي منهن تي اُداسي ۽ اُلڪو ڇانئجي ويو، ”سچ ٿو چئين،
يوڳي؟ ڇا بيج گپت يشوڌرا سان سچ پچ وواه رچايو
آهي؟ نه يوگي ائين نٿو ٿي سگهي.“
”نٿو ٿي سگهي!“ هن جي آواز ۾ ڪٽار ڌار جهڙي تک هئي، ”تنهنجو ڪام
وس ٿي، پوتر پريم ٿڏي، مون وٽ اچڻ، ٿي سگهي ٿو؛ ۽
بيج گپت جو هڪ پوتر ناريءَ سان وواه ڪرڻ، نٿو ٿي
سگهي! هون، تون ڪيڏي نه اڀماني آهين! توکي پاڻ ٿي
ڪيڏو نه اجايو وشواس آهي! تون مون تي پت نٿي ڪرين؟
ته پوءِ وڃ! جوڙو ياترا تان موٽي آيو آهي، وڃ ۽
وڃي کين وڌايون ڏيئي اچ! - وڃ، وڃي پنهنجي پريتم
– کميا ڪج – شيوڪ، کي ٻيءَ ناريءَ جي هنج ۾ڏسي
اچ!“
”هو موٽي آيا آهن؟ چترليکا اٿي بيٺي. هن جو شرير ڏڪي رهيو هو.
هن جي منهن تي مڙدي واري پيلاڻ ڇانئجي ويئي.
ڀوائتين اکين سان هن پاتليپتر ڏانهن ڏٺو. ”هو موٽي
آيا آهن؟ يوگي هٿ ٿي ٻڌانءِ - چئو ته جو ڪجهه
ٻڌايو اٿئي سو سڀ ڪوڙ آهي.“ هن جا نيڻ ديا پني
رهيا هئا.
”چوان ته ڪوڙ آهي؟ هه – هه- ها! مان سچ کي ڪوڙ ڪيان! وڃ مورک
ناري، وڃي پاڻ ڏس!“
پرٿوي ٽڪر ٽڪر ٿي سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. سندس گهمنڊ، اڀمان ۽
پاڻ ۾ وت کان وڌيڪ وشواس ڀڄي ڀورا ٿي پيا. هوءَ
لڙهي پئي. ”سڀڪجهه پورو ٿي ويو. هاڻي نه وينديس –
ڇا لاءِ وڃان؟ منهنجو ته سڄو ڌن من ڦرجي ويو!“
هن جي اکين ۾ جيت جي آنند واري چمڪ اچي ويئي. هو سرڪي کيس ويجهو
ٿي ويٺو، ”سڀڪجهه پورو ٿي ويو؟ سڀڪنهن جو انت به
ڪڏهن ٿي سگهيو آهي؟ ديوي چترليکا !“ هن جو آواز
ماٺو پر ڌتاريندڙ هو، ”هڪ ڳالهه جو انت ٻيءَ جو
آرنڀ ٿيندو آهي. تون ڄاڻين ٿي ته مان توکي چاهيان
ٿو، ۽ تون پڻ جي مون کي چاهين نٿي، ته به گهٽ ۾
گهٽ ڌڪارين به ڪانه ٿي. تون منهنجي جيون ۾ اچڻ ٿي
چاهين – هيل تائين بيج گپت ڪري ائين نه ڪري
سگهينءَ. تو هن جو جيون ڪٺن ڪيو ۽ هن توکي دکي
ڪيو. بيج گپت کي هينئر جيون ساٿي ملي چڪو آهي.
توکي به ان لاءِ ڪو پري يا پاسيرو نه وڃڻو پوندو.
ديوي چترليکا! مان توسان پريت ڪريان ٿو!“ هن سندس
ٻانهن پڪڙي ۽ گرميءَ سان ڀيڪوڙي.
هن بنان ڪنهن وروڌ جي پنهنجي ٻانهن هن کي ڏني – پنهنجو منهن مٿي
ڪري هن ڪمارگريءَ ڏانهن نهاريو. سندس اکيون مليون.
جوڳيءَ جو وات هن جي وات ڏانهن وڌيو.
ڪمارگريءَ چوندو رهيو، پريم، پريم ئي رڳو منهنجو ڌرم آهي. تون
مون کي پريم جي پاٺ پڙهائڻ لاءِ ئي منهنجي جيون ۾
آئي آهين. تون منهنجي جيون جي پورڻتا آهين. اچ، ته
ٻيئي ملي هڪ ٿي وڃون!“
هن ڪنڌ نوايو – هن به منهن مٿي کنيو. ٻنهي جا چپ ملي ويا – ڪا
مهل اهي ڳنڍيا رهيا.
ڪمارگري چرين جيان دبرڻ لڳو، ”تون مون کي ٻوڙڻ آئي آهين. مان
توسان گڏ پاتال تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيان. تو
پيار جي چڻنگ سان منهنجو جيون ڀنڀٽ بڻائي ڇڏيو
آهي. مان ٻري رهيو آهيان، جنهن وسٿو کي ڇهان ٿو سا
ڀسم ٿي ٿي وڃي. هاءِ، ڪيڏو نه آنند آهي ان آڳ ۾!
ڪيڏو نه ولولو آهي! مٺڙي! اڄ مان پاڻ کي تنهنجي
جوڀن جي اٿاهه ۽ اپار ساگر ۾ ٻوڙيندس.“
جوڳي، جو پرماتما ۽ پوڄا جي وياکاڻ ۾ اڻ مٽ هو سو پيار جي ڀاشڻن
۾ به اڻ مٽ هو- جوڳيءَ پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
چترليکا جون اکيون به ٻوٽجي ويون. ٻنهي هڪٻئي کي
پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ورتو. سڄي پرٿوي اجهل آنند ۾
ڳري، رجي پاڻي ٿي رهي هئي.
”پوءِ، ائين ئي ٿيندو،“ چترليکا ڀڻڪيو.
* * *
صبح جو جڏهن چترليکا ننڊ مان جاڳي ته من ڀاري پئي لڳس ۽ ٿڪ ۾
چور هئي. بيج گپت هن کي ڇڏي ڏنو هو – اهو ويچار ۽
اها ڪلپنائي هن جي سهڻ کان پري هئي. هن جو سنسار
ئي سڃو ٿي ويو هو. رکي رکي هن کي پاڻ تي مٺيان پئي
آئي. هن بيج گپت کي ڇڏيو ئي ڇو؟
ان مهل ڪمارگري ستو پيو هو. هن جو منهن مرجهايل هو. جنهن ڪام
ڪروڌ سندس تياڳ ۽ تپسيا کي کن ۾ مٽائي ڇڏيو تنهن
سندس منهن تي به نه وڻندڙ ۽ ڌڪار جوڳي هيڊ هاري
ڇڏي هئي. کيس ڏسي چترليکا ڇرڪي ويئي. هوءَ وڌيڪ ات
ترسڻ جي سمرتا نه ساري سگهي. ان ماڻهوءَ جو، جنهن
سان هن سڄي رات پيار ونڊيو هو، منهن ايڏو بڇان
ڏياريندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ لڳي رهيو هو – هوءَ تپرس ۾
پئجي ويئي. بنا سوچي سمجهي، هوءَ اُٿي ٻاهر نڪري
آئي.
وشالديو پوڄا پوري ڪري اُٿي رهيو هو. کيس ايندو ڏسي، نمسڪار
ڪري، هن چيو، ”ديوي! اڄ ملول ڇو آهين؟“
”سڄي رات ڀيانڪ سپنا ڏسندي رهي آهيان،“ چترليکا مرڪي، ”ان ڪري
اُداس ۽ بي چين آهيان.“
”اڄ، اڃا نه نڪتا آهن.“
”اڃا سماڌيءَ ۾ ويٺا آهن.“
”اڃا سماڌيءَ ۾ آهن!“ هن اچرج سان چيو، ”اڄ پهريون ڀيرو جيون جو
نيم اورانگهيو اٿائون.“
ڪا مهل ٻيئي ماٺ رهيا. پوءِ وشالديو چيو، ”ديوي! انهن سپنن بابت
ڪجهه ٻڌائينديون؟“
”ايترو ٻڌائڻ ڪافي آهي ته اهي منهنجي پوئين جوين سان لاڳاپو رکن
ٿا.“
”پوئين جيون سان لاڳاپو رکن ٿا؟“ وشالديو ٿورڙو سوچيو، ”ديوي!
جي ٺيڪ ڀانيو ته آريه بيج گپت جن جو پتو لهي اچان.
متان موٽي آيا هجن.“
”هو موٽي آيا آهن – خبر اٿم.“ هن بي پرواهيءَ سان چيو، ”پوءِ ڇا
ٿيو؟ هن جي اچڻ يا وڃڻ ۾ منهنجو ڇا ؟“
وشالديو هن ڏانهن تپرس وچان ڏٺو، ”ديوي! تون ڏاڍي نرالي آهين –
توکي پرجهڻ ڏکيو آهي. اڃا ان ڏينهن تو بيج گپت وٽ
وڃڻ پئي چاهيو.“
چترليکا جو منهن لڄ کان لال ٿي ويو. ”هائو ان ڏينهن مون واپس
وڃڻ پئي چاهيو. پر اڄ نٿي چاهيان. پر مان سمجهي
نٿي سگهان ته توکي منهنجي نري جيون ۾ ايترو ڌيان
ڏيڻ ۽ ڀاڳ وٺڻ ڪيترو جڳائي؟“
وشالديو سيس نوائي ڇڏيو. پر ڀڙڪيل ۽ ڪاوڙيل نوجوان سٿرو آڻ مڃڻ
وارو نه هو. هن چٿر سان چيو، ”تون ٺيڪ ٿي چوين
ديوي! پر تنهنجي نري جيون ۾ دلچسپي وٺڻ منهنجي
گروءَ جي جيون ۾ دلچسپي وٺڻ سمان آهي. اها سڀاويڪ
۽ سچ واري آهي. ديوي چترليکا! تون ڀليءَ ڀت ڄاڻين
ٿي ته تنهنجو هت وڌيڪ رهڻ هن آشرم جي شانتي ناس
ڪندو. هي آشرم هڪ ڪٽنب سمان آهي، جتي هر ڀاتي نه
رڳو ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ جو اڌيڪا رکي ٿو پر وچ ۾ ٽپي پوڻ
جو به.“
”مان اهو مڃڻ لاءِ ٻڌل نه آهيان،“ هن ڌڪار ۽ ڪاوڙ جي گڏيل ڀاونا
۾چيو. ”ٺيڪ آ. پر تڏهن به مان اڄ آريه بيج گپت جي
محل ڏانهن ويندس. پنهنجي پراڻي ساٿيءَ ۽ گروڀائي
شوتينڪ سان ملڻ. مان توکي انت ۾ وري به وينتي ڪندس
ته اسان تي ديا ڪر، ڪرپا ڪر....“ هن چيو.
چترليکا کلي. ”ديا! ڪنهن کان ٿو پنين؟ ڪنهن تي ديا ڪرائڻ ٿو
چاهين، وشالديو؟ تون هتياچاريءَ کان ڪجهه گهري
رهيو آهين – تون ناس ڪندڙ کان جوڙ جي بيک ٿو پنين!
تون ڏاڍو ڀليل آهين.“ ايترو چئي، هوءَ منهن ڦيري
هلي ويئي.
ٻپهريءَ ويل وشالديو شهر کان موٽي آيو. چترليکا هن جي اوسيڙي ۾
ويٺي هئي. ايتري ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به – بيج گپت
کي ڇڏڻ جي نشچي ڪرڻ کان پوءِ به، هوءَ هن جي باري
۾ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌڻ لاءِ اتاولي هئي. جنهن ويل
وشالديو موٽيو، ان مهل هوءَ ڪٽيا جي ٻاهران وڻ
هيٺان ستي پيئي هئي. هن کي ايندو ڏسي، هوءَ اٿي
ويٺي.
هو سڌو وٽس آيو، ”ديوي چترليکا! مان اڄ آريه بيج گپت سان نه ملي
سگهيس. رڳو شوتينڪ سان ئي ملي سگهيس. ان سان به
ٿوري جهٽ، جو هو تڪڙو هو ۽ مرتينجيه جي جاءِ تي
وڃي رهيو هو. مان به اوستائين ساڻس ڳالهائيندو
ويم.
”شوتينڪ، مون لاءِ پڇندو هوندو؟“ چترليکا پڇيو.
”هائو. هن تنهنجي سگهائپ ۽ سک جو پڇيو پئي. هو تڪڙو هو نه ته
جيڪر هيڏانهن اچي ها. هڪ نئين ڳالهه ٻڌايانوَ،
شايد اچرج ۾ اچي وڃو. شوتينڪ يشوڌرا سان پريم ڪري
ٿو ۽ ساڻس وواه رچائڻ چاهي ٿو.“
چترليکا ڇرڪ ڀريو. ان اوچتي۽ اڻ ڄاتي چتاءَ سندس من جو ٻوجهه
هلڪو ڪري ڇڏيو. ”شوتينڪ يشوڌرا سان وواه ڪرڻ چاهي
ٿو؟ پر مون ته ائين ٻڌو هو ته بيج گپت يشوڌرا سان
وواه ڪيو آهي.“
هن ڀيري وشالديو تپرس ۾ اچي ڇرڪ ڀريو. ”يشوڌرا بيج گپت سان پرڻي
آهي! توکي ڪنهن ٻڌايو؟ شوتينڪ ته ائين ٻڌايو ته
بيج گپت يشوڌرا تي موهت سو ٿيو هو، پر هن سان وواه
ڪڏهن به نه ڪندو – اهو هن جو پڪو وشواس هو. ڇو ته
هن جو توسان پريم امر آهي.“
چترليکا اٿي کڙي ٿي. ”تنهنجا لک ٿورا، ڀاءُ! گهٽ وڌ چيو آکيو
کميا ڪج. وشواس ڪر، اڄ مان هتان هلي وينديس.“
چترليکا سڌو ڪٽيا ڏانهن ويئي. وشالديو سندس اهو ورتاءُ سمجهي نه
سگهيو. هو رڳو هوريان ڀڻڪيو ، ”انوکي ناري آ –
هون؟“
ڪمارگري پٽ تي ليٽيو پيو هو ۽ چترليکا بابت سوچي رهيو هو. هن جو
من بي چين ۽ هردو اداس هو. چترليکا کي ايندو ڏسي،
هو مستانن جيان هن ڏانهن وڌيو - .ڪاٿي هئينءَ،
منهنجي راڻي؟ آءُ – آءُ – هلي آءُ!“ پر ساڻس اکيون
ملندي ئي سندس چريائپ چور چور ٿي ويئي. سندس پير
پٽ ۾ پيهي ويا. چترليکا جي اکين ۾ ڪاوڙ، ڪروڌ ۽
ڌڪار جا ڀنڀٽ ٻري رهيا هئا. هن ان ڄر ۾ ڄرڪي ۽
تڙڦي چيو، ”او نيچ ڪتا! گندا پسون! پري ٿيءُ!“
ڪمارگري پري هٽي بيهي رهيو. هن جي نڪرڻ لاءِ اتاولي مرڪ چپن تي
ئي ڄمي ويئي. چترليکا چيو، ”تو مون سان دوکو ڪيو.
ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا! ڪام ديو جا پڄاري! تو مون سان
ريب ڪيو. تنهنجو سمورو پڇتاءُ ۽ پوڄا وئرٿ ويندا.
جنم جنم تائين تون نرڳ جي اگنيءَ ۾ پڄرندو رهندين.
مان وڃان ٿي – هاڻي تون مون کي نه جهلي سگهندين.“
”مون جو ڪجهه ڪيو، تنهنجي پيار ۾ انڌو ٿي ڪيو،“ڪمارگريءَ دل ٻڌي
چيو.
”او بڇڙا! گند جا بڻاسي ڪيڙا! تون پيار ڇا ڄاڻين؟ تون ته پاڻ
لاءِ ٿو جين. تنهنجو چاهه ته رڳو پنهنجي ڪين جهڙي
۽ کلڻهارڪي آپي سان آهي. تون پريم ڪرڻ ڇا ڄاڻين.
پيار ته پاڻ ارپڻ ۽ جيون گهورڻ آهي، پيار آپي جو
انت آهي، پاڻ مٽائڻ آهي. تنهنجو تياڳ ۽ تپسيا،
پڇتاءُ ۽ پرارٿنا سڀ دوکو آهن. سچائيءَ کان سوين
ڪوهه پري. تو پنهنجي آٿت ۽ دلجاءِ لاءِ، ڪانئرتا ۽
بي دليءَ ڪارڻ سنسار ۽ گهر گرهست کان منهن موڙي
اچي سنياس ۽ ويراڳ ۾ اجهو ورتو آهي. پنهنجي ڪام
واسنا پوري ڪرڻ لاءِ تو مون سان دوکو ڪيو - ۽ اڃا
به پيار جو نانءُ ٿو کڻين.“
اهو اپمان ڪمارگريءَ جي سهڻ شڪتيءَ کان وڌي ويو. هو اٿي بيٺو ۽
کڙڪي سان چيائين، ”وڃ! نرتڪي هلي وڃ! مون کي
تنهنجي ڪا لوڙ نه آهي. تو ئي مون کي هيٺ ڪيرايو ۽
تون ئي اٿاري رهي آهين. تو مون کي مات ڪيو ۽ مون
توکي مات ڪيو. مون تي ڇو ٿي ڇوهه ڇنڊين؟ پنهنجي
پاڻ ۾جهاتي پائي ڏس.ات توکي گند جا ڍير ڏيکاربا –
ايتري سو مون کي پڪ آهي. وڃ! نرلڄي ۽ نيچ ناري،
وڃ! پنهنجي ڪميڻائپ ۽ اجائي گهمنڊ مان ڪجهه نه
ورندئي. وڃ – ۽ پاڻ سان پنهنجا پاپ ۽ پاراتا به
کنيو وڃ.“ هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪٽيا مان ٻاهر
نڪري آيو.
سنسار جي ساڀيا ۽ سچ کان پري رهندڙ ۽ ان جو گيان ۽ ڄاڻ نه رکندڙ
جوڳي، اڄ ناريءَ جي انوکي روپ جو ڀيانڪ سچ ۽ اڻ
ڏٺو ”آپو“ ڏسي رهيو هو. ناريءَ جي اندر ۾ ڇپ ماري
ويٺل اڻ ڄاتا اُڌما ڇڙواڳ ٿي، اوچتو شڪار تي ڪاهي
آيا هئا، ۽ شڪار ڀونتر جي ويو هو.
باب ايڪيهون
مرتينجيه وٽان موٽي، شوتينڪ بيج گپت کي ٻڌايو، ”اڄ يوڳي
ڪماگريءَ جو چيلو ميلم. هن ٻڌايو ته ديوي چترليکا
ٺيڪ آهي ۽ سندس صحت به ٺيڪ آهي.“
بيج گپت ڪو جواب نه ڏنو.
شوتينڪ پڇيو، ”مان وڃي مالڪڻ جي سڌ سماءُ لهي اچان؟“
”نه“ بيج گپت جواب ڏنو، ”ان مان ڪجهه نه ورندو.“
شوتينڪ ڏٺو ته بيج گپت چترليکا جي ڳالهين ۾ ڪو ڌيان نه ڏيئي
رهيو هو. هن جا تاڪ لڳي ويا، ۽ اتان نڪري هليو
ويو.
پاتليپتر موٽي اچڻ پڄاڻان بيج گپت جي اداسي ۽ بي چيني گهٽجڻ
بجاءِ جيڪا سو وڌي ويئي. ڏينهن رات هن جا من وروڌي
اڌما ۽ ڀاونائون ڀڙڪنديون رهيون.چترليکا جي هلئي
وڃڻ کان پوءِ سندس جيون سڃو ٿي پيو هو - ۽ اها
اڪيلائي ۽ سڃائي هن جي سهڻ شڪتيءَ کان سرس هئي
ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته هو آتما جي ان پيڙا کي
ڪيئن ۽ ڪيستائين منهن ڏيندو.پوءِ ان اڪيلائيءَ ۾
يشوڌرا هلي آئي؛ ۽ هاڻي هن يشوڌرا سان وواه رچائڻ
پئي چاهيو. هڪ ڀيرو هن جي ٻانهن ڇڏڻ کان پوءِ وري
مرتينجيه کان ان سڱ جي گهر ڪرڻ هن پنهنجي هار پئي
سمجهي، ۽ هو هار مڃڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هو.
بيج گپت موريا راڄ جو مک مير ۽ ننڍو سئناپتي به هو. پر ياترا
تان موٽڻ بعد هن جي سرڪاري ڪمن ۾ به ڪا دل نه پئي
لڳي. من جي مانڌاڻ ۽ دکن جي دٻاءَ هن کي اڪيلائيءَ
۽ شانتيءَ جي ساگر ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. هو ورلي ڪو گهر
کان ٻاهر نڪرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن جي من ۾ ماڻهن
سان ملڻ جا اُمنگ اتپن ٿيندا هئا، پر ڪو اڻ ڄاتل
ڀؤ ۽ پيار جي پيڙا واري سار هن کي ٻاهر نڪرڻ ئي نه
ڏيندي هئي. وڏا سميلن، اڪٺ ۽ شهر جا هل هنگاما ۽
رنگينيون هن کي کائڻ اينديون هيون.
اڄ اوچتو چترليکا جي ڳالهه ٻڌي هن جي هردي ۾ ڇوهي سان واچوڙو
گهُلي ويو - ”چترليکا سوڀياوان ۽ سندر ناري سکي
هئي، سکي جيون گهاري رهي هئي، ۽ دکي بيج گپت ٻرندڙ
جوالامکيءَ جهڙو ۽ سوڳائتو جيون جالي رهيو هو. ڇا
نه هيءُ جيون جو اوچ نيچ هو! ڪيڏو نه دوکو هو جيون
سارو! رڃ ئي رڃ. هار ته هار ئي سهي، يشوڌرا سان
وواه ڪرڻو ئي پوندو. هردي جي ويرانيءَ کي وسائڻو
ئي پوندو. اها چريائپ ڇڏڻي ئي پوندي....“
شوتينڪ ڳالهه ڏانهن بيج گپت جي بي ڌيانيءَ ۽ چترليکا جو نالي
ٻڌڻ سان هن جي چهري جي ريکائن ۾ ڪا مٽ سٽ نه اچڻ
مان شوتينڪ کي اهڙي ڪڙي ۽ ڀوائتي سچ جا اهڃاڻ پئي
مليا، جيڪو اُن مهل تائين هن ٽارڻ پئي چاهيو. ان
آنڌ مانڌ ۽ هورا کورا ۾ هو به سڄي رات سمهي نه
سگهيو.
صبح جو اُٿڻ سان بيج گپت ڏاڍو سرهو هو. هن جو هانءُ هلڪو هو. هن
آريه مريتنجيه سان ملي کائنس يشوڌرا جي سڱ گهرڻ جو
نشچو ڪري ڇڏيو هو. هو ٻاهر آيو. اڄ گهڻي وقت کان
پوءِ سندس چهري تي ساڳي پراڻي مرڪ ۽ سرهائي وري
آئي هئي، ۽ آئندي ڏانهن هو آسائتن اُمنگن سان ڏسي
رهيو هو. هو نيرن ڪرڻ ويٺو. شوتينڪ ات ڪونه هو، هن
داسيءَ کي چئي کيس گهرائي ورتو.
شوتينڪ آيو. هن جو منهن لٿل هو. دک ۽ پيڙا هن جي چهري تي پسجڻ ۾
پئي آيا. بيج گپت چيو، ”شوتينڪ! چاڪ ناهين ڇا؟“
شوتينڪ ڪنڌ جهڪائي وراڻيو، ”سائين! تن ته سگهو اٿم پر من اگهو
اٿم.ان جي شانتي هلي ويئي آهي.“
”ڪهڙي ويڌن اٿئي، ٻچا!“
شوتينڪ ڪا مهل ماٺ رهيو. پوءِ هن ڪنڌ کڻي چيو، ”توهان نت مون تي
ٻاجهه، ۽ ٿورا ڪندا رهيا آهيو. هي دک به توهان ئي
دور ڪري سگهندؤ.“
بيج گپت کلڻ لڳو. ”شوتينڪ! تون ڄاڻين ٿو ته مان توکي ڀائرن سمان
ڀائيندو آهيان. جا ڳالهه منهنجي وس ۾ آهي سا اوس
ڪندس. چئو! ڇا ڳالهه آ؟“
”پتو اٿم، سائين! تڏهن ئي ته ڳالهائڻ جي سمرٿي ساري اٿم. مان
سمنت مرتينجيه جي نياڻيءَ سان وواه ڪرڻ ٿو چاهيان.
هن پنهنجي هردي جي دوار جا پٽ بيج گپت تي کولي
ڇڏيا.
هن کليو کلايو ۽ سولائيءَ سان پنهنجو ”پاڻ“ اننت ۽ اپار ڀيد ۽
ڀاڳ اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا، جو پڌري پٽ
سندس وروڌي ڏس ۾ سوچي ۽ رٿي رهيو هو.
بيج گپت بت بڻجي ويو. هن کي ائين لڳو ڄڻ هزارين وڇون کيس ڏنگي
ويا هجن. ڪا مهل هو بت بڻيو شوتينڪ کي گهوريندو
رهيو پوءِ هن اجهل رڙ ڪئي، ”ڇا چيئي؟ تون يشوڌرا
سان پرڻجڻ ٿو چاهين؟ ان ۾ منهنجي سهڪار ۽ سهائتا
جي ڪهڙي لوڙ آهي؟“
”توهان ئي منهنجو اهو ڪم ڪرائي سگهو ٿا، مهراج!“ شوتينڪ ڊڄي
دڄي، هٻڪي هٻڪي وراڻيو.
”شوتينڪ! تو کي سڌ آ ته مرتينجيه هو سڱ مون کي آڇيو هو. ان سمي
مون چترليکا جي ڪري اهو سڱ ٿڏي ڇڏيو هو. ۽ توکي
اهو به پتو آهي ته چترليکا مون کي ڇڏي ويئي آهي، ۽
ان ڪري مان يشوڌرا ۾ من لڳائي رهيو آهيان!“
”ڄاڻان ٿو، سائين! پر اهو نٿو سمجهان ته ڪو توهان اهو ٻنڌن
سويڪار ڪندؤ،“ شوتينڪ چيو.
”تون ڀليل آهين! تنهنجي سوچ ڀٽڪيل آهي! مان يشوڌرا سان پيار ڪرڻ
لڳو آهيان. اڃا رات ئي مون هن جي سڱ سويڪار ڪرڻ جو
نشچو ڪيو آهي.“ بيج گپت اداس هو، هن جو من ڀرجي
آيو – ”تون مون کي ڇا ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهين؟
شوتينڪ! ڇا هي دک، هيءَ پيڙا، هيءَ بي چيني ۽ هي
ڪٺنائون مون لاءِ ڪي ٿوريو آهن؟ تون چاهين ٿو ته
مان پنهنجو جيون ناس ڪريان؟ نه شوتينڪ! اهو نه ٿي
سگهندو. مان يشوڌرا سان وواه رچائيندس– اهو
سمجهي ڇڏ.“
اندر جا اُڌما اُڀري شوتينڪ جي اکين ۾ ڳوڙهن جو روپ وٺي آيا. هٿ
جوڙي هن بيج گپت کي چيو، ”کميا ڪريو. مان پنهنجو
وت وساري ويٺو هوس. توهان جو هردو وشال آهي. توهين
ديالو آهيو، مهان آهيو، کميا ڪيو!“
بيج گپت رڙ ڪئي، ”مون کي ڇتو نه ڪر، شوتينڪ! وڃ هليو! ٽري وڃ!“
شوتينڪ منهن هٿن ۾ ڍڪيو، تڪڙو تڪڙو ڪمري مان نڪري ويو.
بيج گپت مٿو پٽڻ لڳو، ”هاءِ ڙي ڀاڳ!“ پوءِ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو
– ”نه! نه، شوتينڪ! ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. مان
وواه ڪندس، اوس ڪندس! ڇا، مون کي سکي شاتي جيون
ماڻڻ جو اڌيڪار نه آهي؟“
بيج گپت اُٿي بيٺو، ”مان هاڻي ئي ويندس. منهنجي راه ۾ رڪاوٽ ڪو
به نٿو وجهي سگهي. يشوڌرا سان وواه ڪرڻ جو منهنجو
نشچو اٽل آهي. ان کي ڦيرڻ اڻ ٿيڻي آهي.“ بيج گپت
رٿ لاءِ نياپو ڪيو.
هن وري سوچڻ شروع ڪيو، ”پر شوتينڪ! هن کي يشوڌرا سان پيار ڪرڻ
جو ڪهڙو اڌيڪار آهي؟ هن کي سڌ ناهي ته مان يشوڌرا
جي موهه ۾ ڦاسندو ٿو وڃان!“ هن جو سڄو سرير ٻري
رهيو هو ۽ نڙي سڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. هن ٿڌي پاڻيءَ
جو گلاس پيتو، هن جو هانءُ ڪجهه ٺريو، سيٽيل نسون
ساهجي ويون ۽ من کي ڪجهه چين مليس. ”پر ان ۾
شوتينڪ جو ڪهڙو دوش؟ هن جو پيار جو پروچن به
سڀاويڪ آهي! هن تي به جوڀن آهي، هو به مٽيءَ ۽ رت
جو ٺهيل آهي، هن کي به ڪامنائون ۽ واسنائون آهن. ۽
هن کي ڪهڙو پتو ته چترليکا لاءِ منهنجو پريم مري
چڪو آهي.“
هن جي ويچار ڌارا وري وهڪرو ڦيريو- ”منهنجو چترليکا لاءِ پيار
مري چڪو آهي؟ ڇو؟ مان به ڪيترو نه هيڻو ۽ هرجائي
آهيان. هڪ سان نينهن لائي، وري ٻيءَ سان ٿو پريم
پايان. ڇا، سچ پچ پيار ائين کن پل جو ٿيندو آهي؟“
بيج گپت مونجهاري ۾ پئجي ويو. هن جو من ان ئي وشواس ڪرڻ لاءِ
بلڪل تيار نه هو ته پيار ڪو گهڙي پل جو ٿيندو آهي،
جيتوڻيڪ هو يشوڌرا سان وواه جو نشچو ڪري اُهو ئي
مول مڃي رهيو هو. ”پر نه. پريم ڦرڻو گهرڻو نه آهي.
ته پوءِ مان يشوڌرا سان وواه ڇو ٿو رچايان؟
چترليکا کان پلئه وٺڻ لاءِ؟ نه!“ هن چترليکا بابت
کن لاءِ به من ۾ خراب ويچار نه پئي آڻڻ چاهيو. هن
جو نشچو وڃڻ لڳو.
رٿ جوٽجي اچي دوار تي بيٺو. بيج گپت ان کي يشوڌرا جي جاءِ ڏانهن
هلايو. هن جي ويچار ڌارا جهٽ لاءِ به نه رڪي يا
ٽٽي – ”ڇا سنسار ۾ رڳو ’آپو‘ ئي سڀڪجهه آهي؟ ڇا
جيون رڳو ’مان ئي مان‘ آهي؟ ته پوءِ منش ۽ ٻئي جيو
۾ ڪهڙو سنڌو يا مت ڀيد؟ هر منش پنهنجي لاءِ ٿو
جيئي. هر منش پنهنجي لوڀ ۽ لالچ لاءِ ئي سڀڪجهه
ڪري ٿو. ته پوءِ مون ۽ ٻين ۾ ڪهڙو سنڌو؟ يشوڌرا
سان وواه رچائڻ ۾ ڇا ڀوڳ نڪرندو؟ هڪ ٻئي منش جو
جيون ناس ٿي ويندو! ۽ اهو منش مون کي ڀائرن کان به
سرس پيارو آهي. مان پنهنجي جيون جا مول متا
اولانگهي رهيو آهيان. هي ته مان پنهنجي جيون آدرش
کان هٽي رهيو آهيان مان ڀلا يشوڌرا سان پريم ونڊي
سگهندس؟ هينئر مان بي چين آهيان، اداس آهيان ۽
پنهنجي دکن دور ڪرڻ لاءِ هن سان پرڻجي رهيو آهيان.
پر اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ نه! مون کي ان وواه جو ڪو
اڌيڪار نه آهي. مون کي ڪو اڌيڪار نه آهي. ته مان
شوتينڪ جو جيون اُجاڙيان. مون پنهنجو مارڳ ماڻي
ڇڏيو آهي- گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ. هاڻي مان
هارايان يا کٽان، جيون ۾ دک ملن يا سک، ان مارڳ کي
نه مٽائڻو آهي. پنهنجي سک لاءِ ٻئي جي سک ۾ ٽپي
پوڻ نه رڳو ڪانئرپڻو آهي پر ڪيڻائپ به. مان وڏو
انياءُ ڪري رهيو آهيان – پاڻ سان به ته ٻين سان
به. سک ۽ دک ته هر منش جي جيون سان لاڳو آهن. ٻنهي
کي ڀوڳڻ ئي مڙسي ۽ مهانتا آهي.“
رٿ مرتينجيه جي محل جي در تي اچي بيٺو. بيج گپت نياپو ڪرايو. هڪ
داس اچي کيس اندر وٺي ويو. نمسڪار ۽ چڱڀلائيءَ جي
ڏي وٺ کان پوءِ مرتينجيه پڇيو، ”آريه بيج گپت! اڄ
ڪيئن پڌاريا آهيو؟“
بيج گپت ٿورڙي دير سوچي وراڻيو، ”مان توهان جي دوار يشوڌرا لاءِ
وواه جي آڇ کڻي آيو آهيان.“
مرتينجيه مرڪيو، ”چئو، بيج گپت! ڪهڙي آڇ آ؟“
بيج گپت ٻڍڙي امير جي مرڪ جي مراد سمجهي ويو. موٽ ۾ هو به
مرڪيو. ”آريه مرتينجيه! مان پنهنجي لاءِ ڪجهه نٿو
چوڻ چاهيان. پاڻ لاءِ مان ته اڳ ئي توهان کي ورندي
ڏيئي چڪو آهيان. مان اها آڇ کڻي آيو آهيان ته
توهان پنهنجي پتريءَ جو وواه شوتينڪ سان رچايو.
شوتينڪ چڱي گهراڻي جو آهي، سندر آهي ۽ پڙهيل ڳڙهيل
آهي – سچ پچ ته سندس ۽ يشوڌرا جو جوڙو ڏاڍو سٺو
ٿيندو. هو هن لاءِ مون کان به وڌيڪ آدرشي ور
ٿيندو!“
آن آڇ تي مرتينجيه جو ڇرڪ نڪري ويو. هن سمجهيو هو ته بيج گپت
پنهنجي لاءِ رٿ کڻي آيو هوندو. پر ان بجاءِ شوتينڪ
جي رٿ ٻڌي هو ٺري ويو. ٿورڙي دير ماٺ رهي، هن چيو،
”آريه بيج گپت! شوتينڪ برابر آدرشي پيءُ جو آدرشي
پٽ آهي. پر هو غريب پيءُ جو پٽ آهي. هو غريب آهي.
ان ڪري هن جو سوال ئي نٿو اٿي.“
هن ڀيري بيج گپت جي اچرج ۾ پوڻ جو وارو هو. ”پر مهاراج! توهان
ته پاڻ ڀاڳوند آهيو. ڪروڙن جا مالڪ آهيو ۽ يشوڌرا
کان سواءِ ٻيو ٻار به ڪو نه اٿو.“
مرتينجيه کليو، ”منهنجي ڌيءُ جو منهنجي ڌن تي ڪو اڌيڪار نه آهي.
ان جو مالڪ منهنجو گود جو پٽ ٿيندو، آريه بيج
گپت! تون پاڻ ڇو نه ٿو پرڻجين؟“
”نه، مهاشيه! مان وواه نه ڪندس. ڇا يشوڌرا جو شوتينڪ سان وواه
پٽيءَ نه ٿي سگهندو؟“
مرتينجيه ماٺي ۽ اٽل ارادي سان چيو، ”ها، آريه بيج گپت! جيتوڻيڪ
مان ڄاڻان ٿو ته هو سٺيءَ آڪهه ۽ مانائتي ڪٽنب مان
آهي، تڏهن به تيسين ساڻس پتريءَ جو وواه نه ڪندس
جيسين هو غريب آهي.“
بيج گپت ڪا مهل سوچ ۾ پئجي ويو. پوءِ هن چيو، ”آريه مرتينجيه!
مان شوتينڪ کي پنهنجو گود جو پٽ ڪري ٿو وٺان. ائين
ڪرڻ سان هو منهنجي سڄي ڌن دولت جو مالڪ ٿيندو.
وشواس اٿم ته هينئر اها آڇ نه ٿڏيندؤ!“
”نه بيج گپت! اهو ڪيئن ٿيندو. تنهنجي وهي گهڻي؟ ٿي سگهي ٿو ته
اڳتي هلي تون وواه ڪرين. پوءِ تنهنجو پنهنجو سڳو
پٽ ئي ان مڏيءَ جو مالڪ ٿيندو.“
”توهان سچ ٿا چئو، آريه مرتينجيه! جيتوڻيڪ مون وواه نه رچائڻ
جو اٽل نشچو ڪيو آهي. پر ماڻهوءَ جي من تي ڪهڙو
ڀروسو. ته به مان چاهيان ٿو ته شوتينڪ جو وواه
يشوڌرا سان اوس ٿيڻ گهرجي. ٻيئي ڏاڍا سرها ۽ سکي
رهندا. ان لاءِ مان ڪٺن کان ڪٺن ٻليدان ڏيڻ لاءِ
به تيار آهيان. آريه مرتينجيه! مان سڄي مال مڏي
شوتينڪ کي دان ڪري ٿو ڏيان.“
مرتينجيه کي ائين لڳو ڄڻ آڪاش تان ڪري اچي پٽ تي پيو هجي. ”آريه
بيج گپت! سمجهين ٿو ته ڇا چئي رهيو آهين؟ تون شايد
ٺيڪ نه آهين! ڪروڌ ۾ اچي چت چين وڃائي ويٺو آهين.“
”توهان منهنجي ڳڻتي نه ڪريو. منهنجا سائين! مون توهان جي منهن
تي چيو آهي ته مان ساري مال مڏي شوتينڪ کي دان
ڪندس، توهان ان جا ساکي آهيو. وڃي رهي هاڻي منهنجي
سرداري ۽ درٻاري پد جي ڳالهه، ان لاءِ مهاراج جي
مڃتا ۽ سرڪاري آگياپتر جي گهرج آهي. اڄ درٻار ۾
مهاراج سان ملي، مان ان جو بندوبست ڪري ٿو ڇڏيان.
هاڻي ته توهان جون سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، ان ڪري
آشا اٿم ته هينئر توهان کي ان سڱابندي سويڪار ڪرڻ
۾ ڪا هٻڪ نه ٿيندي.“
مرتينجيه ڦاٽل اکين سان بيج گپت ڏانهن گهورڻ لڳو، ”هڪ ڀيرو وري
به سوچي وٺو. مان اڃا به توهان کي ان لاءِ سمو
ڏيان ٿو. پنهنجي رٿ يا آڇ هڪ ڀيرو مڃجڻ کانپوءِ ان
تان ڦري نه سگهندين.“
بيج گپت هڪ هڪ شبد تي زور ڏيندي چيو، ”آريه مرتينجيه! مون جو
ڪجهه چيو آهي، سو اوس ڪندس. مان انهن ماڻهن مان
آهيان جي وچن ڏيئي ڦرڻ نه ڄاڻن.“
”ته، پوءِ تنهنجي آڇ مان سويڪار ڪريان ٿو،“ مرتينجيه ڪندڙ آواز
۾ چيو. مرتينجيه پنهنجي ڄاڻو ۽ گهاتو اکين سان من
منش جي منجهيل آتما ۾، جنهن کي ڏکن ڏتڙيو ته هو پر
ان کي اهي مات نه ڪري سگهيا هئا، هڪ نه جهڪندڙ
اڀمان، ۽ اُن هيري جهڙي هردي ۾ امر پيار ڇوليون
هڻندي ڏٺو.
بيج گپت اٿي بيٺو- ”چڱو سائين! مان ڀلا هلان ٿو. مان شام تائين
ملڪيت جو دان پتر ۽ سرداريءَ جو سرڪاري آگياپتر
تيار ڪرائي وٺندس. وڌيڪ دير وجهڻ جي ڪا لوڙ نه
آهي. توهان ان سڀاڳي سڳڻ لاءِ ڏينهن چونڊي ڇڏيو.“
مرتينجيه اٿندي چيو، ”آريه بيج گپت! مون به سنسار ڏٺو آهي.
ايترو چوڻ ۾ مور نه منجهندس ته تون منش نه پر
ديوتا آهين.“ پريي مڙس جون اکيون آليون هيون.
بيج گپت پنهنجي محلات تي موٽي آيو. اچڻ سان ئي هو شوتينڪ جي
ڪمري ۾ ويو. هو اونڌو ليٽيو پيو هو ۽ سندس وهاڻي
جي ڇوَ آلي هئي، سندس اکين جا ڳوڙها به اڃان نه
سڪا هئا. بيج گپت هن کي ڪلهي کان ڌونڌاڙي اٿاريو.
”آگيا سائين!“
”آريه شوتينڪ! اڄ کان پوءِ مون کي وري سائين ڪري نه ڪوٺج!“
شوتينڪ تپرس مان تارا کولي هن ڏي ڏسڻ لڳو– ”هي ڇا پيا چئو،
سائين؟“
”جو ڪجهه چوان ٿو سو سچ ۽ برابر آهي. ٻڌ! مون آريه مرتينجيه کي
تنهنجي ۽ يشوڌرا جي وواه جي رٿ ڏني هئي – هن ڪي
شرط وڌا آهن، جن جي پورائيءَ لاءِ مان پنهجي سموري
مال مڏي ۽ سرداري ۽ درٻاري پد توکي دان ڪري ڏنا
آهن. هاڻي کيس ان وواه تي ڪو وروڌ نه آهي.“
شوتينڪ حيرت ۾ بت بڻيو کيس تڪيندو رهيو – پوءِ اهو اوچتو سڏڪن ۾
پئجي ويو. ”نه، نه! مالڪ! مان اهو ڪڏهن نه مڃيندس.
مان وڃان ٿو. مان دوشي آيان. مون توهان جو جيون
ناس ڪيو آهي. توهان مون جهڙي ڪميني ماڻهوءَ تي
ايڏي ديا ۽ ڪرپا ڇو ٿا ڪريو؟ نه، نه، مان نه
مڃيندس....“ هو بيج گپت جي پيرن تي ڪري پيو.
بيج گپت نمي، شوتينڪ کي اٿاريو – ”شوتينڪ! جو ٿيڻو هو سو ٿي
چڪو.“ هن سمجهائيندڙ ۽ مڃائيندڙ لهجي ۾ ڳالهائڻ
شروع ڪيو، ڄڻ نٺر ٻالڪ کي سرچائيندو هجي، ”جي
منهنجي لاءِ ڪڻو به سڪ اٿئي، ته جيئن مان چوانءِ
تيئن ڪر. مون کي هيٺ نه ڪيراءِ. سنسار آڏو مون کي
ڪوڙو ۽ کلڻهار ڪو نه ڪر. مان هن سنسار جو سک ۽
سنتوش گهڻو ماڻي چڪو آهيان، هاڻي ان مان تنگ ٿيو
آهيان. اهو سڀڪجهه هاڻي تون ماڻ ۽ موج ڪر. منهنجي
وينتي نه ٿڏ. هل ته هلون. لکپڙهه ۽ درٻار جي آگيا
جا ڪم اڃا ڪرڻا آهن.“ |