باب سورهون
هڪڙا ماڻهو هوندا آهن، جن ۾، ٻين کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺڻ لاءِ، چقمق
واري شڪتي هوندي آهي. هو جهٽ ۾ ٻئي کي پاڻ ڏي ڇڪي
وٺندا آهن ۽ پاڻ ڏي مائل ڪري وٺندا آهين. چترليکا
به انهن مان هڪ هئي. ان جي سڌ چترليکا کي پاڻ کي
ڪانه هئي، ۽ ڪمارگري پنهنجي پوترتا ۽ پوڄا ۽ تپسيا
جي باوجود هن جو شڪار ٿي، هن طرف ڇڪبو پئي ويو.
ڪمارگريءَ جي ڪٽيا ۾ هنن جو گڏجڻ ٿيو. هن چترليکا کان پري رهڻ
پئي چاهيو، پر هو سدائين پاڻ کي هن جي ويجهو ئي
ڏسندو هو. هو ان تي حيران هو. چترليکا هاڻي
ڪمارگريءَ سان گڏ ئي سندس ڪٽيا ۾ رهڻ لڳي هئي.
جنهن ويل ڪمارگري سماڌي هڻي ويهندو هو، ته هوءَ
گهر ناريءَ جيان ڪٽِيا جي سار سنڀال لهندي هئي. پر
هينئر ڪمارگريءَ جو ڌيان سماڌيءَ ۾ نه لڳندو هو.
هر هر ان جون اکيون کلنديون هيون ۽ هو اک ٽيٽ سان
چترليکا کي تاڙيندو هو. ٻئي پلڪ هو وري اکيون ٻوٽي
ڇڏيندو هو ۽ تپسيا جو جتن ڪندو هو، پر هو ان ۾ سڦل
نه ٿيندو هو.
۽ چترليکا! هوءَ ڪٽيا ۾ آئي، ته ڪمارگريءَ سان پريم ڪرڻ هئي –
پر اتي اچي سندس من مٽجي ويو. هينئر هن جي من ۾ سچ
پچ پوڄا ۽ تپسيا جي اڇا اتپن ٿي چڪي هئي. ان ڪري
هن ڪمارگريءَ جي مارڳ ۾ رڪاوٽ ٿيڻ نه پئي چاهيو.
ان ڏينهن به ڪٽيا ۾ ديپ جلي چڪو هو. رات ٻن پهرن کان وڌيڪ وهامي
چڪي هئي. ڪمارگريءَ جي سماڌيءَ جو سمو اچي ويو هو
۽ هو پنهنجي آسڻ تي پلٿي هڻي ويهي چڪو هو.
ڪمارگريءَ پنهنجون اکيون ٻوٽيون، پر ان ۾ چت نه
لائي سگهيو. چترليکا جڏهن ڏٺو ته هو سماڌي هڻي چڪو
هو، ته هوءَ ڪٽيا ۾ آئي ۽ اچي پنهنجي آسڻ تي ويهي
رهي.
هن جي پيرن جو آواز ٻڌي، ڪمارگريءَ اکيون کوليون ۽ هوريان کيس
سڏيو، ”ديوي چترليکا؟“
چترليکا وائڙي ٿي ويئي. هن سمجهيو هو ته گرو سماڌيءَ ۾ انتر
ڌيان ٿي ويو هوندو. هن اٿندي چيو، ”کميا ڪجو
مهاراج! مون کان ڀل ٿي ويئي. مون سمجهيو ته توهان
سماڌي لڳائي چڪا هوندا. مان هاڻي جو هاڻي وڃان ٿي،
توهان جي سماڌيءَ ۾ وگهن نه پوڻ گهرجي.“
ڪمارگريءَ چيو، ”وڃ نه، اتي ويهه! اڄ سماڌيءَ کان اڳ توسان ڪجهه
ڳالهائڻو اٿم.“
چترليکا ويهي رهي.
”چترليکا! مان سوچي رهيو هوس ته ماڻهو هڪ ئي ويل ڌرم ۽ ڪرم جو
مارڳ نٿو وٺي سگهي؟“
”گرديو! مون نه سمجهيو“
”تون جنهن ڏينهن آئي هئينءَ، تنهن ڏينهن چيو هيئي ته تون مون
سان پيار ڪرين ٿي.“
”هائو! ۽ مون سچ چيو هو.“
”پيار جو ارٿ ڇا آهي؟“
”ٻن آتمائن کي نت جي ناتن ۾ جڪڙڻ.“
ڪمارگريءَ ڪجهه وقت ماٺ رهڻ کان پوءِ چيو، ”پوءِ ته، تو چوڻي،
پيار رڳو ٻن آتمائن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو، ٻن منشن ۾
ٿي سگهي ٿو. ڇا اهو ماڻهوءَ ۽ برهما (خالق) جي وچ
۾ نٿو ٿي سگهي؟“
”پر توهان جي ويساهه انوسار ته آتما پڻ پرماتما جو ئي ڀاڱو آهي.
ان پٽاندر ته ايشور سان به پريم ٿي سگهي ٿو،“
چترليکا جواب ڏنو.
”ديوي چترليکا! اڄ مون نئين ڳالهه سوچي آهي. منش لاءِ ويراڳ اڻ
ٿيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ناڪار آهي. ويراڳيءَ جو
ماڳ اڪاريه آهي، ڇو جو اُهو ”نانهه“ آهي. جي ڪو
چوي ٿو ته مان ويراڳي آهيان – تياڳي آهيان – ته
اهو ڀليل آهي. ائين چوڻ سان هو چوڻ چاهي ٿو ته هن
سنسار تياڳيو آهي. پر جڏهن هو سنسار ڇڏي ٿو ته اڻ
سڌي ريت ڪنهن ٻئي وسٿوءَ جي چاهه ۾ هو ائين ڪري
ٿو. ۽ تياڳيءَ جي حالت ۾ اها ٻي چاهه واري وسٿو
پرماتما آهي. جيون جو ارٿ جوڙ آهي، ٽوڙ نه. ان ڪري
منش جو ڌرم ڪر م ۾ آهي، تياڳ ۾ نه. پرماتما سان
پريم معنيٰ سنسار جي ٻين سڀني وسٿن کان ڌڪار . سو
سچ پچ ته اهو هٿ ٺوڪيو تياڳي تياڳي نه آهي،
پرماتما جو پياسي آهي. سنسار جو تياڳ ۽ پرماتما
سان پيار – ڇا اهي ٻيئي شيون هڪ نه آهن؟“
ڪمارگريءَ جي ڳالهين چترليکا کي ڊيڄاري ڇڏيو. هن سندس منورتيءَ
کي ڄاتو پئي ۽ سندس چريتر جي اوڻائيءَ ۽ هيڻائيءَ
جي به ڪل هيس. هن چيو، ”گرديو! مان ان سوال جي
جواب ڏيڻ جي سمرتي نٿي ڌاريان. مان ته هت گريو! ما
ان سوال جي جواب ڏيڻ جي سمر تي نٿي ڌاريان. مان ته
هت گهرو ديو کان گيان وٺڻ آئي آهيان، جيون جو تت
ماڻڻ آئي آهيان، برهم سڃاڻڻ آئي آهيان.“
ڪمارگريءَ جو ڪنڌ جهڪي ويو. پنهنجي تپسيا جي تنج ۽ اندر جي
شڪتيءَ سان هن پاپي هردي جي اُڌمن کي دٻائڻ جو جتن
ڪيو – ”تون ٺيڪ ٿي چوين، ديوي چترليکا! گيان رڳو
آدرش ۽ مول متي سان پراپت نه ٿيندو آهي، ان لاءِ
پرکيا ۽ پرکشا گهربل آهن. اهو ڀٽڪائيندڙ سوال
منهنجي من ۾ ڪيئن اتپن ٿيو، سو مان پاڻ به نٿو
ڄاڻان. پر سچ پچ ته اهو ويچار وياڪل ڪري رهيو آهي.
مون کي جواب لهڻو ئي پوندو ته آيا انسان سنسار سان
سڀ لاڳاپا لاهي پرماتما سان پريم ڪري سگهي ٿو؟
جيسين ان جو جواب نٿو مليم، تيسين من کي چت ۽ چين
ڪونه ملندم.“
چترليکا جيءَ ۾ جهاتي پاتي – هن کي پاڻ ۾ وڏو ڦيرو نظر آيو.
هوءَ پاڻ هرتو ڪمارگريءَ سان پريم ڪرڻ آئي هئي،
پوءِ هن کي پتو پيو ته هوءَ هن سان پيار نه پئي
ڪري سگهي، نه ئي کيس پوڄي پئي سگهي، ۽ نه ئي هن
کان ڪجهه پرائي پئي سگهي. ته پوءِ هوءَ اُت ڇا
لاءِ هئي؟ شهر جو گوڙ گهمسان ۽ رنگ رلين مان هن جو
جيءُ ڀرجي ويو هو. ويرانن جي شانت، اڪيلائيءَ جي
اُتساهه ڀرئي ويومنڊل ۽ ويساهه ۾ هن سک ۽ سنتوش
پراپت ڪرڻ جي اِڇا ڪئي هئي. سنسار جي سدا بهار سکن
۽ سرهاين مهمان هوءَ ڪڪ ٿي پيئي هئي ۽ ان جي مستي
۽ مزو هن لاءِ پيڙا بڻجي چڪا هئا. ويڳاڻو وروڌ
ڪمارگريءَ جي آشرم جي اڪيلائيءَ ۽ شانت ۾ سک ۽
سنتوش پراپت ڪرڻ آيو هو. هوءَ ان ۾ سڦل ٿي ....؟
ڪمارگريءَ ڪا مهل ويچاريو ۽ پوءِ وري چيو، ”ديوي چترليکا ! مان
اڃا توکي سمجهي نه سگهيو آهيان. پر من ٻولي ٿو ته
اسان جو ساٿ جنم جنم جو ساٿ آهي.“
هن وٽ اچڻ کان اڳ، چترليکا به ائين ئي سوچيو هو. ”هوندو....
گرديو! پر منهنجو اڳيون جيون ايترو لڙاٽيل آهي،
جو ڪجهه به چٽو نٿو ڏيکارجيم.“
ڪمارگري کليو، ”ٿي سگهي ٿو ته مان ڀليل هجان. پر ديوي چترليکا!
هڪ ڳالهه سچي سچي ڪر. تو ۾ جا چقمق وار ڇڪ آهي، سا
تو ڪٿان آندي؟“
چترليکا جو چهرو لال ٿي ويو. ورهين کان پوءِ هن پهريون پاڻ
لڄارو ڀانيو. حيا کان هن جو ڪنڌ نمي ويو. ”گرديو!
مان نٿي ڄاڻان ته من وٽ ڇا آهي، ڇا ناهي.“
ڪمارگري اٿي بيٺو ۽ پسار ڪرڻ لڳو. هن چيو، ”اڄ سماڌيءَ ۾ من نٿو
لڳيم. اڻ ڏٺي کي پنهنجي ڌيان جو نقطو ڪيڏو نه محال
۽ ڪٺن آهي! ڇو؟“ هن جو آواز تکو ٿي ويو، ”ڇو؟ اڻ
ڏٺي کي پوڄڻ اڄ ايڏو دشوار ڇو ٿو لڳي! من رڙيون ٿو
ڪري – ڏُٺو! ڏٺو!“ هوايتري ۾ چترليکا کي ويجهو
اچي چڪو هو. هن جهڪي هن کي گهورڻ شروع ڪيو،
”نرتڪي! هيل تائين مون رڳو اڻ ڏٺي کي پئي
پوڄيوآهي. هاڻي مان ڏٺي کي پوڄڻ ٿو چاهيان.
سمجهيئي؟ اڻ ڏٺو – ايشور، آتما. ڏٺو شرير،
پراڪرتي. مان هڪ تجربو ڪري رهيو آهيان – توکي ان ۾
مون سان سهڪار ڪرڻو پوندو.“
چترليکا ڏڪي ويئي. هن جوڳيءَ جي چهري تي هڪ پاڇو ڏٺو. هن جو
وڻندڙ ۽ سانتيڪو منهن ڪوجهو ۽ گهنڊو لڳي رهيو هو.
پنهنجي ئي دکايل آگ جون ڄڀيون ۽ ڄرون ڏسي هوءَ ڏڪي
ويئي. هوءَ نستي ٿي ويئي. هوءَ بيوس ٿي، ڌڪيل
پکيءَ جيان ڪنبڻ لڳي، ”گرديو! - هي پرڀو! - هي
ڀڳوان! – هي ڇا ٿو ٿئي! هي....“
ڪمارگريءَ چترليکا جو هٿ پڪڙيو. ڀؤکان سندس سڄو شرير ڏڪي ويو.
هن کي ائين لڳو ڄڻ کيس ٻانهن ۾ لوهه جون تتل
چوڙيون پاتيون ويون هيون – جوڳيءَ جو شرير پڄري
رهيو هو. ”مان پراڪرتي ڪرڻ جو جتن ڪري رهيو آهيان.
نرتڪي! ڏٺي کي پوڄي رهيو آهيان. مون ۾ اها باهه
توئي ٻاري ۽ توکي مون سان ان تجربي ۾ سهڪار ڪرڻو
پوندو. توکي منهنجو ديوتا ٿيڻو پوندو. سمجهيئي؟“
چترليکا سڀڪجهه سمجهيو پئي. ان لاءِ ئي ته هوءَ ات آئي هئي. پر
جنهن شيءِ جي هن ڪلپنا ڪئي ٿي سا کيس ڪانه ملي.
هوءَ شانتيءَ جي جهرڻي مان سرڪ پيئڻ آئي هئي، هوءَ
کليءَ هوا جون ٿڌيون ٿپڪيون کائڻ آئي هئي، نه ڪي
کوري ۾ پچڻ پڄرڻ. هن رکائيءَ وچان چيو، ”گرديو!“
ڪمارگري سندس گرم شرير کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽
پنهنجا چپ سندس چپن تي رکيا. هن جو وات ٻرندڙ
ٽانڊا لڳي رهيو هو. سالن جي اُڌمن ۽ ڪامنائن جي
دٻيل اگني ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ ٿي هئي. هن ڀڻ ڀڻ ڪئي،
”نرتڪي! مان توسان پريم ڪريان ٿو.“
هوءَ جوڳيءَ جي گرم ساهه ۾ لوساٽجي رهي هئي. سموري سگهه سيهڙي،
زور لائي، هن پنهنجو وات سندس وات کان پري ڪيو.
”گرديو! توهان مارڳ مٽي رهيا آهيا – سڄي جيون جي
تپسيا اڪارٿ ڪري رهيا آهيو.“ ڪمارگريءَ جا هٿ
ڍرا ٿي ويا. هو ڇرڪي پوئتي هٽيو. سندس مستي الوپ
ٿي ويئي. هن جو منهن هيڊو ٿي ويو. ”اڙي! مان ڇا
ڪري رهيو هوس؟“ هن گهٽيل ڳلي سان پڇتاءُ ڪيو،
”کمياڪج، ديوي!“ ايترو چئي. ڪماگري تڪڙو تڪڙو ٻاهر
هليو ويو.
چترليکا اتي ئي ويهي رهي ۽ جو ڪجهه ٿيو هو ان تي ويچارڻ لڳي.
هوءَ ڪمارگريءَ وٽ آئي هئي - ۽ هينئر ان وٽان وڃڻ
پئي چاهيائين. ڇو؟ هن اهڙي ستاري جي پٺ ورتي هئي
جنهن جو انت اڦل آس هئي! چترليکا ليٽي پئي ۽ سڏڪا
ڀري روئڻ لڳي. هن اياڻو ۽ چريائپ وارو ڪم ڪيو هو.
هوءَ پاڻ ته هيٺ ڪري هئي پر ٻئي کي به هيٺ ڪيرايو
هئائين. اهو سوچيندي سوچيندي ئي ننڊ اچي ويس.
ڪمارگري ڪٽيا مان نڪري کليل ميدان ۾ ٽهلڻ لڳو. ڪجهه وقت اڳ سندس
تن تپي رهيو هو ۽ هينئر من مچ ۾ هيس. شرير جو سڙڻ
کيس سرور ڏيئي رهيو هو، پر من جو بکڻ کيس پيڙا
پڄائي رهيو هو. هو پنهنجي تيج تپسيا تان هيٺ ڦهڪو
کائي ڪريو هو. پنهنجي هيڻائي ۽ اوڻائيءَ تي جيت
پائڻ سندس ڌرم ڪرم هو.
سامهون ٻاٽ ڪارنهن هئي – پٺيان پاتليپتر جا ٽم ٽم ڪندڙ ديپڪن
جون وکون اونداهين پاسي کڄڻ لڳيون. ”نه، مان ان کي
منهن نه ڏيئي سگهيندس. انت اوس اچڻو آهي. مون کي
پاڻ بچائڻ گهرجي.“ هو ڪٽيا کان گهڻو پري هليو ويو
هو. اوچتو هن جي اندر مان ڪنهن چيو، ”تون ڪانئر نه
آهين؟.“
”ڇو؟“ هن پڇيو.
جواب مليو، ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين. پنهنجي اوڻاين ۽ وڏن تي جيت
پائڻ ئي وڏي تپسيا ۽ پڇتاءُ آهي. جيسين تون پاڻ
نٿو جيتين، تيسين تون اڻ پورو آهين. ان ڪري ئي ته
چترليکا تو وٽ آئي آهي ته جيئن تون پاڻ تي جيت
پائين. ڇا، تون چترليکا کان ڊڄين ٿو؟ هوءَ توکي
هيٺ ڪرڻ تي نٿي اُڀاري. تون پنهنجي پاڻ کان ڊڄي
رهيو آهين. پنهنجي پاڇي کان. اوڻائي ۽ وڏ تو ۾ ئي
آهي، ان کي وس ڪر ۽ جيت! ۽ پڇتارو ۽ تپسيا ته تو
وٽ ئي آهي، باقي وڃين ڪيڏانهن ٿو؟“
ڪمارگري بيٺو. ”پوءِ ائين ئي ٿيندو.“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ ڪٽيا
ڏانهن وريو ته چترليکا سهمي پيئي هئي. هن جي ڳلن
تي ڳوڙها سڪي ويا هئا، پر جتان جتان وهي رهيا هئا
اتان ليڪ ڇڏي ويا هئا. هو هن جي مٿي کان اچي بيٺو
۽ ڪا مهل بيٺو هن کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو ان تي
جهڪيو هن پنهنجا چپ سندس چپن سان ملايا. انهن کي
ڇهڻ سان ئي هو يڪدم ڇرڪ ڀري هٽيو. هن جا چپ –
ڪيترا نه ٿڌا هئا ۽ ڪيڏا نه بي جان. ڪجهه سوچي، هو
آسڻ تي ويٺو. هن سماڌي لڳائڻ جو جتن ڪيو، پر سڀ
اجايو. پوءِ هو اهلي پيو ۽ آئنده پاڻ تي سوڀ پائڻ
لاءِ سوچيندو سوچيندو سمهي پيو.
|