ناشر طرفان ٻه اکر
”زندگي پبليڪيشن“ 1981ع ۾ حميد سنڌيءَ جو ڪتاب ”ويريون“ ڇپائي
پڌرو ڪيو ۽ اُنهيءَ جو پهريون ڇاپو اُنهيءَ سال ئي
هٿئون هٿ کڄي ويو. 1986ع جي آخر ڌاري اُنهي ڪتاب
جو ٻيو ڇاپو پڻ پڌرو ڪيو ويو آهي. هاڻ1983ع ۾
ڀڳونتي شرما جو لکيل مشهور ناول ”چترليکا“ جنهن جو
ترجمو مشهور اديب رشيد ڀٽيءَ ڪيو آهي، اوهان جي
آڏو آهي.
”ويريون“ ۾ مون ٻه اکر اڳي ئي عرض ڪيا هئا ته ”زندگي پبليڪشن“
جو ٻيڙو زندگيءَ جي سمونڊ تي روان آهي ۽ رهندو. سو
اسان اُنهيءَ سفر کان منهن نه موڙيو آهي. ڪوشش
اِها آهي ته سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪتاب ضررو ڇپائي
پڌرا ڪجن. پر سال ۾ هڪ ڪتاب اوهان تائين پهچائڻ
وارو ڪم به هن دور ۾ ڪنهن ڪشالي کان گهٽ ڪونهي.
هونئن به اسان جي اِها ڪوشش پئي رهي آهي ته ادب جي هر اُها صنف
جنهن جو سڌيِءَ يا
اڻ سڌيِء طرح سان پڙهندڙ جهٽ اثر قبول ڪري ٿو ۽ کيس حياتيءَ جي مسئلن جي
ڄاڻ ۽ اُن جو حل پلئه پوي ٿو، تنهن صنف کي همٿائجي
۽ اهڙو گهڻي کان گهڻو مواد پڙهندڙن تائين پهچائجي.
”چترليکا“ ، ناول واريءَ صنف جوئي هڪ شاهڪار آهي، جنهن ۾ نيڪي
بدي، گناهه ۽ ثواب، ۽ پاپ ۽ پڃ جي بحث جوڳي مسئلي
کي کڻي، سماجي صورتحال جو اُهو رخ پسايو ويو آهي،
جنهن جو پاڇو اسان جي سماج تي هر گهڙيءَ ۽ هر پل
پيو پوي. اِنهيءَ ڪري اسان جي اداري سان لاڳاپو
رکندڙ ماهرن جي نظر اِنهي ناول تي پيئي ۽ ناول
اوهان جي هٿن ۾ آهي.اسين ڀڳوتي شرما جا اِنهيءَ
ڪري خاص ٿورائتا آهيون، جو هُن اِنهي مسئلي تي قلم
کنيو پر اسين محترم رشيد ڀٽيءَ جا به ٿورائتا
آهيون، جنهن جي پارکو نگاهه هن ناول تي پيئي ۽ اُن
جو اُلٿو ڪيائين. سندس اِها به مهرباني آهي، جو
ڪتاب جي قيمت ۾ سندس معاوضو شامل نه آهي. ٿورا
اُنهن دوستن جا، جن هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ مدد ڪئي. هڪ
دوست ته آهي اسان جو ساٿي نانڪ سائين، جنهن جو
”زندگي پبليڪشن“ جي هن ڪتابي سلسلي کي نئين سر
جيارڻ ۾ هٿ آهي، ۽ سندس پل پل جو ساٿ به اسان کي
همٿ پيو بخشي. ٻيو اسان جو بزرگ اسان جو ساٿي
محترم محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن جي نگرانيءَ ۾
هيءُ ڪتاب ڇپيو. هتي محترم منور علي کي به وساري
نه ٿوسگهجي، جنهن هن ڪتاب ڇپجڻ دوران پيدا ٿيل هر
مسئلي کي سلجهايو آهي. آخر ۾-
”ٿورا – نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.“
- منتظم
چترليکا
(ناول)
The hour of departure has arrived, and we go our
ways- I to die, and you to live: Which is better
of the two, God only knows.
PLATO, ‘APOLOG’
وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي پاڻ هلون ٿا – پنهنجي پنهنجي راهه
سان – اوهين جيئڻ ڪاڻ ۽ آءٌ مرڻ واسطي: ڪهڙي راهه
بهتر آهي، فقط خدا ئي ٿو ڄاڻي.
- افلاطون، ’سقراط جو دفاعي بيان‘
هن ڪتاب بابت
ويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي جي اڳئين اڌ ۾ ڪڏهن مون فلم
”چترليکا“ ڏٺي هئي. جيتوڻيڪ فلم ۾ ان ناول سان
نڀاءُ نه ڪيو ويو هو، تڏهن به ان فلم انهن ڏينهن
۾ منهنجي من ۾ گناهه ۽ ثواب جي موجود نظريي ۾ اُٿل
۽ آنڌي پيدا ڪئي هئي. ان کان پنج ڇهه سال پوءِ مون
جڳ ”مشهور ليکڪ اناتول فرانس جو مشهور شاهڪار
”ٿائيس“ پڙهيو .مون کي ٻنهي ناولن ۾ نه رڳو موضوع
جي هڪجهڙائي ملي، پر گهڻي ڀاڱي ڪردار به ساڳيان
نظر آيا.
نيڪي ۽ بدي، گناهه ۽ ثواب، ۽ پاپ ۽ پڃ جي فلسفي تي هن مهل تائين
ته گهڻو ڪجهه ئي لکجي چڪو آهي. پر هنن ناولن ۾ جو
ڪجهه ان تي لکيو ويو آهي، تنهن ان وقت جي سماج ۾
ٿرٿلو پيدا ڪري ڇڏيو، ۽ خاص ڪري، مذهب جي نام نهاد
ٺيڪيدارن کي ڇرڪائي ڇڏيو. اناتول فرانس جو ”ٿائيس“
1909 ڌاري ڇپيو ۽ ان يورپ ۽ ان جي ڪليسا کي ڏڪائي
ڇڏيو. ڀگوتي چرن ورما جو هي ناول پهريون ڀيرو 1933
۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ۽ ساري هندستان تي ڇانئجي
ويو. لاڳيتو ڪيئي سال هي ناول ”سڀ کان وڌيڪ وڪرو
ٿيندڙ“ ڪتاب ئي رهيو ۽ هر سال ان جا ڪيئي ڇاپا
نڪتا. هن ڪتاب جي مقبوليت ورما کي 33 سالن جي عمر
۾ اها هاڪ ۽ ناماچاري ڏني، جو دنيا جي ڪنهن ليکڪ
کي ورلي پلئه پيئي هوندي. هن ناول تي هيل تائين ٽي
فلمون ٺهي چڪيون آهن، لکن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪو
آهي، ۽ هنديءَ جي ڪلاسيڪي ادب ۾ اهم جڳهه والاري
ٿو. چترليکا ۾ ڀڳوتي چرن ورما نه رڳو گناهه ۽
ثواب جي موضوع تي لکيو آهي، پر گڏو گڏ زندگيءَ جي
مستقل قدر پيار ۽ انساني سڀاءَ تي به چڱيءَ پهچ ۽
ڪلا سان پنهنجن ويچارن جو اپٽار ڪيو آهي. ناول جا
ٽي مکيه ڪردار آهن- چترليکا، بيج گپت ۽ ڪمار گري.
چترليکا پاتليپتر جي مشهور نچڻي آهي. هوءَ عام
رواجي نرتڪي نه آهي، پر هڪ حساس دل ۽ زندگيءَ
ڏانهن چڱي چوکي ڄاڻ ۽ سمجهه رکي ٿي . هن کي
زندگيءَ جي فلسفي، مذهب، اخلاق ۽ انساني رشتن ناتن
بابت نه رڳو هڪ ڪم ڪاڍو ڄاڻ آهي، پر هوءَ انهن
موضوعن تي چڱن چوکن ڄاڻن سان بحث مباحثو به ڪري
ٿي. بيج گپت هندستان جي نامياري مهاراجا چندرگپت
جي درٻار جو هڪ ناميارو ۽ اثر رسوخ وارو امير آهي.
هو نوجوان آهي. پاتليپتر جهڙي وڏي شهر ۾ اميراڻي
شان شوڪت سان روايتي زندگي گهاري ٿو. مايا هن جو
مذهب آهي. جسماني مسرتن ۾ سندس ايمان آهي.شراب،
راڳ، ناچ ۽ عورت سندس مشغلو آهي. پر ان هوندي به
هن جي اندر وارو انسان عظيم آهي. وقت اچڻ تي، ٻين
جي خوشين خاطر هو اهو سڀ ڪجهه تياڳي ٿو ڇڏي، جن
سان سندس موهه آهي. ٻئي پاسي ڪمار گري هڪ سنياسي
آهي. آبادين کان ڪوهين دور، ڪکن ڪانن جي ڪٽيا ۾
آشرم بڻائي، پوڄا ۽ تپسيا ۾ زندگي گذاري ٿو. تياڳ
۽ وير اڳ سندس مول متو آهي. پر ان سڀ ڪجهه هوندي
به پنهنجي ”آپي“ (انا) جو غلام آهي. چترليکا جي
سونهن جي ڄار ۾ ڦاسي، پنهنجي ڪئي ڪمائي چٽ ڪري،
شهواني اڌمن جو شڪار ٿي، حسن هٿان، جيون جي جوا ۾
هار ٿو کائي. انهن مکيه ڪردارن ۽ ٻين آس پاس ڦرندڙ
ننڍن ڪردارن جي معرفت چرن ورما نه رڳو گناهه ۽
ثواب جي فلسفي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر گڏوگڏ
مشرقي انداز ۽ ماحول ۾ انساني امنگن ۽ اڌمن ۽
آدرشن جي اهڙي چٽي ۽ کلي چٽسالي ڪئي آهي، جيڪا کيس
هن دور جي عظيم ناول نويس جي قطار ۾ آڻي بيهاري
ٿي.
چترليکا رڳو هڪ خيالي ڪهاڻي نه آهي. پر ان کي جو تاريخي پس منظر
ڏنو ويو آهي، تنهن ان کي ذري گهٽ مشهور تاريخي
ناول بنائي ڇڏيو آهي. ناول جو وقت هندستان جي
مشهور موريا گهراڻي جي نامياري مهاراج چندرگپت
موريا جي حڪومت جو دور آهي، هندستان جي تاريخ جو
هي اهو دور آهي، جڏهن مذهبي ويچار عجيب ڪشمڪش ۾
هئا. هي اهو وقت هو، جڏهن ٻڌ ڌرم پکڙجي رهيو هو ۽
هندو مت جي پوئلڳن کي زندگيءَ جي نون قدرن ۽ فلسفي
طرف موڙي وٺي وڃي رهيو هو. ٻن وڏن مذهبي ۽ سماجي
آدرشن جي ٽڪر ماڻهن جي من ۾ مانڌاڻ وجهي ڇڏيو هو.
ان وقت جو هندستاني ماڻهو اخلاقي اصولن ۽ انساني
آدرشن تي ٻڌل هڪ آزاد سماج جي پايي وجهڻ جو سوچي
رهيو هو. هي اهو دور هو، جڏهن چندرگپت جي وڏي
وزير، هندو فلسفي جي ماهر، ارسطو جي همعصر،
چاڻڪيه، موريا گهراڻي جي راڄ کي پائدار بنائڻ
لاءِ، ميڪاوليءَ کان به گهڻوگهڻو اڳ، سياسي اوڻاين
۽ حڪومت جي اخلاقي قدرن خلاف جنگ پئي جوٽي. ان ڪري
هن ڪتاب ۾ اسان کي ان وقت جي مذهبي ويچارن سان
گڏوگڏ دانشور چاڻڪيه جو فلسفو- جنهن جو اخلاق سان
ڪو ناتو ڪونهي ۽ رڳو سياست سان نباهه آهي - به ملي
ٿو. چندرگپت جي درٻار ۾ مذهب تي مناظري مان ان
وقت جي سماج ۾ مذهب بابت هالو چالو لاڙن ۽ راين جو
عڪس ملي ٿو.
آخر ۾ مان ڪجهه هن ترجمي بابت چوندس. مون هن ڪتاب جو ترجمو،
1956 واري پهرئين انگريزي ڇاپي تان ڪيو آهي، جو
شري چندر_ بي_ ڪرڪي جو ڪيل آهي. ترجمي پوري ڪرڻ
کان پوءِ احساس ٿيو ته مون ترجمي جي ٻوليءَ سان
انصاف نه ڪيو آهي. جيئن ته ڪتاب ۾ هندو فلسفي تي
گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، ۽ خاص هندو ماحول ۾ ان جو
موضوع ۽ ڪردار ڦرندا رهيا آهن، ان ڪري سنڌي ترجمي
۾ هندي لفظن، جملن، اصطلاحن، ۽ استعارن جو هئڻ اڻ
ٽر ٿي پيو. اهو ڪجهه مون کي انگريزي ترجمي مان نه
پئي ملي سگهيو. ان ڪري مون هٿ پير هڻي ، هندي ڇاپو
هٿ ڪيو. ترجمي جي ٻيءَ وراڻيءَ ويل ٻوليءَ ۾ ڪجهه
ڦيرو آندم، جو سڀڪ يار ۽ اڻ ٽر هو. ڇاڪاڻ ته ڪتاب
جي موضوع ۽ ماحول جي مناسبت سان اهو ضروري هو.
ٻيءَ حالت ۾ ناول جي اصليت ختم ٿي وڃي ها ۽ ان جا
ڪردار ۽ ماحول اوپرا لڳن ها. اميد اٿم ته جي
پڙهندڙن اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي، ته کين ٻولي ڳري ۽
اوپري نه لڳندي.
بئريج روڊ،
سکر سنڌ، رشيد
ڀٽي
3-5-1970ع
اڳياڙي
شوتينڪ اوچتو پڇيو، ”۽ پاپ؟“
گرو، مها پرڀو رتنامبر، ڄڻ گهريءَ ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳيو. ڪن
گهڙين جي من جي مونجهاري کان پوءِ هن پاڻ سنڀاليو
۽ نوجوان ڏانهن گهوري نهاريو. ”پاپ! منهنجا ٻچڙا،
تو ڏاڍو ڏکيو سوال ڪيو آهي. پر اهو سوال سڀاويڪ به
آهي. تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته پاپ ڇا آهي.“ رتنامبر
گوڙ گهمسان واري شهر پاتليپتر ڏانهن نهاريو، جنهن
جا اوچا ۽ وڏا محل، لهندڙ سج جي هلڪي سجهندي ۾ اڃا
به ڏيکارجي رهيا هئا. ”هون! پاپ ڇا آهي؟ اهو ڄاڻڻ
لاءِ مون پاڻ به ڪيئي ڀيرا مٿو هنيو آهي، پر
هرڀيري ناڪام ٿيو آهيان،“ هن چيو. ”پاپ ڇا آهي، پڃ
ڇا آهي، اهي ڪيئن ٿا جنم وٺن ۽ ڪٿي ٿا وسن؟ اهو
سڀڪجهه ماڻهو جي من ۾ هڪ وڻندڙ هورا کورا ته پيدا
ڪري ٿو، پر - گڏوگڏ اهو من ۾ هڪ منجهائيندڙ ۽
لفظن ۾ بيان کان مٿي آهي. ايترن ورهين جي مٿاڪٽ
کان پوءِ مان پاڻ کي پاپ ۽ پڃ کان ايڏو پري ڏسي
رهيو آهيان، جيترو منڍان ئي هيس. مون جهڙي ماڻهوءَ
کي ته کڻي ڇڏيو، جنهن وٽ ڪين جهڙي تجربي کان سواءِ
ڪجهه به نه آهي، پر ڪير آ، جو ان انساني ڀيد جو
انت لهي سگهيو هجي، جيڪو شروع کان وٺي وڏن وڏن
گيانن ۽ ودوانن کي منجهائيندو رهيو آهي.“
ٿوري دير کان پوءِ رتنامبر وري چيو،” پر شوتينڪ! ويچارن جي ڏي
وٺ سان تون پاپ کي پرجهي نه سگهندين. جيڪڏهن تون
اهو ڄاڻڻ لاءِ اتاولو آهين، ته تو کي اٿاهه سنسار
جو سفر ڪرڻو پوندو، اڪيچار ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن
سان ملڻو جلڻو پوندو. شايد، ائين ڪرڻ سان تون پاپ
پروڙي سگهين.“
شوتينڪ پنهنجو سيس نوايو، ۽ چيو، ”گرو ديو! مان ائين ڪندس.“
”۽ شايد تون به پاپ جو ڳولائو آهين؟“ رتنامبر وشالديو ڏانهن
نهاريو.
”هائو، گرو ديو!“ ٻئي نوجوان چيو ۽ ساڳيءَ ريت شرڌا ۾ سيس
نوايو.
”پر ، ٻڌو!“ هن سرهائيءَ سان پنهنجن چيلن ڏانهن نهاريو، ۽ ڳرائپ
۽ ڀروسي واري لهجي ۾ چيو. ”ان کان اڳ جو مان توهان
کي سنسار جي لاهين چاڙهين ۾ وڃڻ جي آگيا ڏيان،
توهان کي سامهون ايندڙ شڪتين ۽ وايو منڊل جي ڄاڻ ۽
چتاءُ ڏيڻ به ضروري ٿو سمجهان. پاتليپتر جي ٻن
ماڻهن سان مان چڱي لهه وچڙ ۾ آهيان. مان توهان
ٻنهي کي انهن وٽ ڇڏي ايندس. توهان کي پنهنجي من جي
ڪامنا پراپت ڪرڻ ۾ انهن وٽان چڱو سهڪار ملندو. هڪ
سنياسي آهي ۽ ٻيو سنساري. سنياسيءَ جو نالو ڪمار
گري آهي، ۽ سنساريءَ جو بيج گپت. توهان کي پنهنجو
جيون انهن جي دڳ لائڻو پوندو.
”وشالديو! تون برهمڻ آهين ۽ توکي تپسيا جي گهڻي تانگهه رهي ٿي،
ان ڪري توکي ڪمارگريءَ جو چيلو ٿيڻو پوندو. ۽
شوتينڪ! تون کتري آهين، توکي مايا سنسار ۾ موهه
آهي، ان ڪري توکي بيج گپت جو داس ٿيڻو پوندو.“
”اسين ائين ئي ڪنداسين!“ ٻنهي ڇوڪرن هڪ آواز چيو. تجربو به
ايترو ئي ضروري آهي جيترو اڀياس. توهان سنسار ۾
پهرين وک وجهي رهيا آهيو، جيڪو دوکي، دولاب ۽
راڪشسي شڪتين کان آجو نه آهي، جتي توهان جيون جي
اهڙين وچتر گهٽنائن سان مکاميل ٿيندؤ، جن کان
توهان هيل تائين اڻڄاڻ رهيا آهيو.ٻچڙؤ! منهنجي
ڳڻتي نه ڪريو. مان ڪو پهريون ڀيرو اڪيلو ڪونه ٿو
ٿيان. توهان تجربو ڪيو ۽ مان تپسيا ڪندس. اڄ کان
ٺيڪ هڪ سال پوءِ اسين وري هتي گڏجنداسين ۽ اڳتي
لاءِ سوچينداسين.
”پر هڪ ڳالهه ياد رکو. مان توهان کي سنسار ۾ اها شيءَ سکڻ لاءِ
موڪلي رهيو آهيان، جيڪا رڳو اڀياس سان نٿي پرائي
سگهجي. ان جيون ڌارا ۾ لڙهي نه وڃجو، نه ته ڏکيا
ڏينهن ڏسڻا پوندوَ. سنسار ساگر جي بي انت، تکي
وهڪري ۾ وهجو ڀل، پر ان ۾ ٻڏڻ کان پاڻ بچائجو.“
نوجوان انهن سياڻپ ڀريل ٻولن ٻڌڻ لاءِ سري گروءَ کي ويجها ٿيا.
جهٽ ساهي پٽي، رتنامبر پنهجي ڳالهه وري چوري. ”جن سان توهان کي
گهارڻو آهي، تن ماڻهن جي منورتيءَ ۽ وايو منڊل کان
مان توهان کي اڳواٽ آگاهه ڪريان ٿو. ڪمارگري جوڳي
آهي. سندس چوڻ آهي ته هن مايا موهه کان مون جان
ڇڏائي آهي ۽ ڪامنائن جو انت آندو آهي. سنسار
تياڳي، هن سک ۽ سنتوش ماڻيو آهي. هن جي منهن تي
اجالو ۽ اڍمبر آهي. آتمڪ شڪتيءَ سان گڏوگڏ سگهارو
سرير به اٿس. هن کي نه ڪا چاهنا آهي ۽ نه ڪامنا- ۽
ماڻهو چون ٿا ته هن انساني ”انا“ کي ماري مات ڪيو
آهي. ڪمار گري نوجوان آهي ۽ جوڀن جي جٽاءَ ۽ تياڳ
تپسيا رستي هو پوري ڇوٽڪاري پائڻ جي اڇا رکي ٿو.
وشالديو! اهو ڪمار گري ئي تنهنجو گرو ٿيندو.“
”۽ شوتينڪ! سنساري بيج گپت هڪ وڏو امير آهي. هو نوجوان آهي ۽
عياش. سندس اکين ۾ سدائين مستيءَ جي لالاڻ هوندي
آهي. جيون جي جوش ۽ مڌ جي مستيءَ کان سواءِ ڪجهه
نه ڄاڻي سڃاڻي. سندس محلات جي دروازي ٻاهران مست
هاٿي جهولندا جهومندا آهن ۽ اندر نوجوان ۽
سوڀياوان نرتڪيون ناچ ۽ مڌ سان سندس من کي شانتي
ڏينديون آهن. هن جو ايشور ۾ ويساهه نه آهي - شايد
ڪڏهن ان ڏس ۾ سوچيو ئي نه هجيس. سرڳ ۽ نرڳ جي هن
کي پٽيءَ چنتا ڪانهي. سک ۽ سنتوش هن لاءِ وسيلو ۽
وٿُ ٻيئي آهن، انهن کان سواءِ ٻي هر وسٿو هن لاءِ
ڪين جهڙي، اَڪار ۽ ڌڪار جوڳي آهي. توکي ان بيج گپت
جي ئي شيوا ڪرڻي پوندي. مان ان ٻڏتر ۾ آهيان ته
تون اها ڳالهه مڃيندين يا نه؟“
” توهان جي آگيا اکين تي، مهاراج!“ شوتينڪ هڪ ڀيرو سنياس ۽ تياڳ
جي بستيءَ مان نڪري مايا ۽ سنسار جي راهن ۾ ڀٽڪڻ
جي ڪامنا ڏيکاري.
”۽ وشالديو! تون به هائو ڪرين ٿو؟“
”جا آگيا، گروديو!“ وشالديو هڪ ڀيرو اها شڪتي ڏسڻ چاهي، جا
جوڀن، جوڳ ۽ تياڳ جي ميلاپ مان پيدا پئي ٿي.
”نه پوءِ ائين ئي ٿئي.“ ايترو چئي، مها پرڀو رتنامبر اٿي بيٺو.
ٻئي ڏينهن ڪٽيا، رهواسين کان خالي ٿي وئي. گرو جاکوڙ ، تپسيا ۽
تياڳ جي دنيا ۾ گم ٿي ويو، ۽ چيلا اٿاهه سنسار جي
بي انت ساگر ۾ نوان تجربا پرائڻ هليا ويا.
باب پهريون
شراب سان ڇلڪندڙ پيالو چترليکا جي چپن تائين نيندي، بيج گپت
پڇيو،”چترليکا! سڌ اٿي ته حياتيءَ جو سک ڇا آهي؟“
چترليکا جي نيڻن ۾ مستي هئي ۽ سندس گلابي ڳل خوشيءَ وچان ڳاڙها
ٿي ويا هئا. جوڀن جي جهول ۾ سونهن چلولايون ڪري
رهي هئي. پياسيءَ جي پاسي ۾ پيار مرڪي رهيو هو.
چترليکا مڌ مان سرڪ ڀري، ۽ هن جي چپن جي پڇڙين تي
مرڪ پکڙجي ويئي. کَن لاءِ هن جي چپن بيج گپت جي
چپن سان چپ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ هن جا
چپ ترڪڻ لڳا، ۽ هن خمار ڀرئي مڌر آواز ۾ وراڻيو،
”مستي.“
رات لڙي چڪي هئي. سوين ٽمڪندڙ ڏيئا بيج گپت جي محل کي جرڪائي
رهيا هئا. دروازي تي وينا ۽ بنسري رات جو راڳ
آلاپي رهيون هيون. محل جي هڪ اندرئين ڪمري ۾ بيچ
گپت، بهار جي گلن ۾ گهيريل، پاتليپتر جي من
موهيندڙ نرتڪي چترليکا سان جيون جون مست ۽ من
لڀائيندڙ گهڙيون گهاري رهيو هو، ۽ ٻاهر پرٿوي
انڌڪار جي پڙدي ۾ کونگهرا هڻي رهي هئي.
بيچ گپت کان ٽهڪ نڪري ويا. جهٽ کان پوءِ هن ڳنڀر ٿي چيو، ”مان
سوچي رهيو هوس.. ته جوڀن جو انت ڇا ٿيندو،
چترليکا؟“
چترليکا به کلي ويٺي، هن جي کل به جٽاءُ نه ڪيو. اوچتو هن جي
منهن تي به ڳنڀيرتا ۽ اداسي ڇانئجي ويئي. هن پاڻ
به ڪيترا ڀيرا ان سوال جي جواب لهڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي، پر سوال ايترو ته ڀيانڪ هو، جو هوءَ ان تي
گهڻو وقت سوچي ئي نه سگهندي هئي. هن جو مٿو ڦرڻ
لڳندو هو، ۽ ان پيڙا کان ڇوٽڪاري لاءِ هوءِ مڌ جي
پيالي ۾ پناهه وٺندي هئي. ان ڪري اڄ وري ساڳئي ئي
سوال هن کي ڇرڪائي ڇڏيو. هن جواب ۾ ڀڻڪيو، ”جيئري
ئي موت.“
”جيئري ئي موت! نه، اها اڻ ٿيڻي آهي. جوڀن جو انت هڪ اڻ ڄاتي
اونداهي آهي، ۽ ان اڻ ڄاتي اونداهيءَ جي گود ۾ ڇا
آهي، سو نه ڄاڻان ئي ۽ نه ڄاڻڻ جي چاهنا اٿم. اسان
کي نه ڪالهه جي ڪا ياد آهي نه سڀاڻي جي سار، ۽
اسان کي...“ بيچ گپت اوچتو هٻڪيو.
”...ها پيارا! اسان کي نه ڪالهه آهي نه سڀاڻي، اسان ته هن
گهڙيءَ، ان جي آنند ۽ ان جي آس لاءِ جيئون پيا.“
هن کي هٻڪندي ڏسي نرتڪيءَ سندس جملو مرڪندي پورو
ڪيو.
بيج گپت هن کي ڇڪي ڀرپور ڀاڪر ۾ ورتو، ”پياري! تون ئي منهنجي
مستي آهين.“
موٽ ۾ چترليکا موهه ۽ مڌرتا سان چيو، ”مٺڙا! تون ئي منهنجو مڌ
آهين.“
چترليکا وئشا نه هئي. هوءَ رڳو نرتڪي هئي. پاتليپتر جي ان سڀ
کان سرس سندر ۽ سوڀياوان نرتڪيءَ جو پوتر جيون
گهارڻ ڪا عام رواجي ڳالهه نه هئي. پر ان جا به ڪي
ڪارڻ هئا، جن جو سندس پوئين جيون سان گهاٽو سنٻنڌ
هو.
چترليکا هڪ برهمڻ وڌوا هئي. ساڻس اها ويڌن ڏهن سالن جي اوسٿا ۾
ٿي هئي. وڌوا پڻي وارو وقت هن ڪنوارپ ۾ گهاريو ۽
تياڳ جو سهارو ورتو. پر سندس جيون جي اها ڌارا هڪ
ڪري نه رهي. هڪ ڏينهن ڪرشن دت هن جي جيون ۾ گهڙي
آيو. هو جوان هو، سهڻو هو ۽ موهيندڙ پڻ. هن
چترليکا جو تياڳ ٽوڙي ڇڏيو. سندس وڌوا جو دٻيل
جوڀن ڀڙڪو کائي ڦاٽي پيو، تياڳ ۾ ستل سونهن ڇرڪ
ڀري جاڳي پيئي. پريتم ۽ پريتما هڪٻئي سان ڪڏهن نه
ڦٽائڻ جا سوڳنڌ کنيا ۽ نڀائڻ جا وچن ڪيا.
چترليکا انهن سوڳنڌن ۽ وچنن تي ڀروسو ڪيو. هوءَ گرڀونتي ٿي
پئي، ۽ پيار نيٺ پڌرو ٿي پيو. مائٽن نوجوان جوڙي
کي نه رڳو گهران پر ڳوٺان به ڪڍي ڇڏيو. آسودي گهر
جو ٻار، ڪرشن دت، بکارين جيان، چترليکا کي ساڻ
ڪري، وشال ۽ بي سهاري سنسار ۾ نڪري پيو. تڙيل
نوجوان سماج جون چوٽون ۽ چٿرون نه سهي سگهيو، ۽
چترليکا کي اڪيلو ۽ بي آسرو ڇڏي، اهڙي جيون گهارڻ
کان موت کي پسند ڪيائين ۽ ان جي گود ۾ وڃي پناهه
ورتائين. حالتن جي ماريل چترليکا کي به هڪ وئشا
نرتڪيءَ جي گهر ۾ اجهو ملي ويو.
چترليکا کي هڪ پٽ ڄائو، جو ڄمڻ سان ئي مري ويو. چترليکا جي
آواز ۾ ميٺاج ۽ مڌرتا هئي. هن کي سونهن به هئي ۽
سڊول سرير به، ۽ ان جي مٿان بهار جي وڌندڙ ول جيان
وڪوڙيل هيس هيءُ موهيندڙ مڌر آواز. ۽ جنهن ناريءَ
هن کي اجهو ڏنو هو تنهن کيس راڳ ۽ ناچ به سيکاريو.
هن جي جوڀن ۽ سونهن، راڳ ۽ ناچ پاتليپتر ۾ ٿرٿلو
آڻي ڇڏيو. جيتري قدر سنسار جي سک ۽ سنتوش جو سوال
هو، چترليکا هڪ ڀيرو وري وڌواپڻي واري پوتر جيون
گهارڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪرشن دت ۽ سندس پٽ هن جي جيون
۾ آيا ۽ هليا ويا، پر سندس يادگيرين تي پنهنجو اڻ
مَٽ چِٽ ڇڏي ويا.
پاتليپتر جا رهواسي هن تي گهور ويندا هئا ۽ سندس ساراهه مان نه
ڍاپندا هئا ۽ سندس درشن لاءِ دروازي تي ڳاهه پيا
ٿيندا هئا. چڱا چوکا امير امراءَ هن جي مهربانين ۽
ميلاپن جا سڌڙيا هئا. پر هن ڪڏهن به انهن جي اهڙن
امنگن ۽ ڪامنائن تي ڌيان نه ڏنو. هوءَ ماڻهن آڏو
ايندي هئي. وڄ جيان چمڪاٽ ڪري، وڪڙ کائي، سندن
اکين کان الوپ ٿي ويندي هئي. پر سندس اها جهلڪ به
ماڻهن سان ڪيس ڪري ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته جو به هن
کي هڪ ڀيرو ڏسندو هو سو وري سونهن پسڻ لاءِ ڏانهنس
اٽل امنگ کڻي موٽندو هو. ۽ هن پنهنجن گهرجن کان
وڌيڪ جي به چاهنا يا لالچ نه ڪئي هئي.
هڪ ڏينهن بيج گپت، چترليکا جو ناچ پسڻ ويو. نچندي نچندي هن جي
نگاهه بيج گپت تي پئي. هن جي منهن جو پنو لهي ويو.
هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪرشن دت سرڳ مان لهي وٽس پهچي
ويو هو. بيج گپت جو مهانڊو ڪرشن دت سان ملندڙ هو.
سندس پويون جيون سندس اکين آڏو تري آيو، جو
جيتوڻيڪ بي چسو هو پر ڪن پيار ڀرين گهڙين جو تت
اوس هو. هوءَ ڇرڪي بيهي رهي ۽ ڪي گهڙيون پاڻ ۽
وايو منڊل کان بي پرواهه ٿي پنهن نيڻ بيج گپت ۾
کپائي، ان کي گهُوريندي رهي_ جو ڦوهه جوانيءَ ۾
پير رکي چڪو هو، ۽ موهيندڙ منهن هيس ۽ سگهارو
سرير. بيج گپت سندس سونهن تي هر کجي پيو. ٻنهي جون
نگاهون مليون، ۽ ان گهٽنا محفل ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو.
سڀني جون نگاهون ان نوجوان ڏي کڄي ويون جنهن تي
چترليکا مهربان ٿي هئي. ساڙ ۽ ريس مان ماڻهن چئي
ڏنو، ”اڙي، هي ته بيج گپت آهي.“
چترليکا به اها ڀڻ ڀڻ ٻڌي، ۽ پنهنجي ڇسائپ تي پڇتائيندي، پاڻ تي
خار کائڻ لڳي. منهن ڦيري هن وري ناچ شروع ڪيو. ناچ
پوري ٿيڻ تي بيج گپت وڌي چترليکا وٽ ويو، ”ديوي،
توهان جي جاءِ تي توهان جي ڪلا ۽ درشن ملي
سگهندو؟“
چترليکا بيج گپت ڏانهن ڏٺو ۽ کلي ڏنو، ”نه، مان اڪيلائيءَ ۾
ڪنهن سان نه ملندي آهيان. مان رڳو عام محفلن ۾
ايندي آهيان. اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ منهنجي جيون ۾ ڪا
جاءِ نه آهي.“
سندر ناريءَ جي ٿڌائپ هن جي امنگن کي ڪاري چوٽ رسائي. چترليکا
کي پاڻ تي مهربان ڏسي، گهڙي کن اڳ، جا هن آس جي
جوت جلائي هئي سا وسامي ويئي. سندس ٻهڪندڙ منهن
ڪومائجي ويو. هن وري ست ساري چيو، ”توهان
اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ سان نه ملنديون آهيو. پر
ماڻهو ئي محفل ٺاهيندا آهن. سڄيءَ محفل اڃ ان جي
هر ماڻهوءَ جي اڃ آهي. پوءِ، اها ٻيائي ڇو؟“
”چڱو ، جي ڪارڻ ٻڌڻ چاهين ٿو ته ٻڌ. جنهن کي محفل جي خوشي ۽
پياس چيو وڃي ٿو، سا الڳ الڳ ماڻهن جي آهن ۽ اڌمن
جي گڦا آهي. هيڻن ۽ لاچار ماڻهن جا سڏڪا ۽ روڄ
راڙا گڏجي هڪ شڪتي ٿي سگهن ٿا ۽ آندولن جو روپ به
ڌاري سگهن ٿا. الڳ الڳ ماڻهن جا هڪ جاءِ ٿيل اُڌما
ڇيهي جو ڪارڻ نٿا ٿين. ۽ ٻئي پاسي، هڪ ماڻهوءَ جي
”آپي“ جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاڳو به هاڃيڪار ٿي سگهي
ٿو.“
بيج گپت سندرتا ۽ سڪ جي سرڪ ڀرڻ آيو هو، نه ڪي فلسفي تي وياکاڻ
ٻڌڻ. ”ته پوءِ مان ائين سمجهان ته توهان جا دروازا
مون لاءِ سدائين بند آهن؟“
چترليکا ساڳيءَ سختيءَ ۽ لاپرواهيءَ سان وراڻيو، ”اڪيلي ماڻهوءَ
لاءِ؟ ها! هوءَ جهٽ ترسي، ۽ سندس سڀاءَ ۾ ڦيرو اچي
ويو- ”پر جي اهو ماڻهو محفل ۾ اچي ته نه.“
”ها، اُها جيون جي پيڙهه آهي!“ هن ڌڪار سان چيو ۽ ڪاوڙ گاڏڙ ٽهڪ
ڏنو، ”جي تون الڳ ماڻهوءَ کي اٽل پاپ ٿي سمجين ۽
ان تي پنهنجا دورازا بند ٿي ڪرين، ته پوءِ ان جو
محفل ۾ اچڻ پنهنجي ”پاڻ“ کي نيچ ڪرڻ برابر آهي.“
ان تڪڙي ورنديءَ سان پيار جو ناڪام پڄاري، تڪڙو
تڪڙو، ٻاهر نڪري ويو. بيج گپت هليو ويو، پر
چترليکا جي ڪايا پلٽ ڪري ويو.
ڏينهن لنگهندا ويا پر هن کي بيج گپت وري نظر نه آيو. هوريان
هوريان بيرخي ۽ اجايو اڍمبر جهڪو ٿيندو ويو، ۽ بيج
گپت جي سار سندر ۽ ڪومل ويچارن جو روپ وٺندي ويئي.
هن جون نگاهون ناچ ويل ويٺلن ۾ بيج گپت کي
ڳولينديون رهيون، ڇاڪاڻ ته هن کي ويساهه ويهي چڪو
هو ته هڪ ڀيرو وري اوس اچڻو هو. پر سندس وياڪل من
وياڪل ئي رهيو.
بيج گپت جي چيتنا هن کي وڪوڙي ويئي. هوءَ هن کي وري ڏسڻ جي آس
کي ناس نه ڪري سگهي. هڪ ڏينهن هن پنهنجي داسيءِ
کان بيج گپت بابت پڇا ڪئي.ڇوڪريءَ موريه گهراڻي جي
هن نامياري امير جي ساراهه ۾ ڏاڪا ٻڌي ڏنا.
”پاتليپتر ۾ ان جهڙو ڪو سياڻو ۽ سندر جوان ئي
ڪونهي،“ هن بيج گپت بابت چيو.
چترليکا داسيءَ کا هڪ چٺي بيج گپت کي پڄائي اچڻ لاءِ ڏني. بيج
گپت کي جو پتر مليو، ان ۾ لکيل هو، ”چترليکا گهڻي
سوچ ويچار کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته رڳو
هڪ ماڻهو سندس جيون نيا ۾ ساٿياري ٿي سگهي ٿو، ۽
اهو بيج گپت آهي.“
سک جو سنيهو آڻيندڙ پتر پڙهي، بيج گپت جي سرير ۾ سرور ۽ آنند جي
لهر ڊوڙي ويئي. سندس نراسائيءَ آشا جو روپ ورتو
هو. ان کان پوءِ هو ٻيئي هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا.
کلندڙ بيج گپت چيو، ”مستي ۽ مڌ - ۽ ٻيئي هڪٻئي جا نه وڇڙندڙ
ساٿي آهن. پياري چترليکا! اسين ڪيترو نه سکي
آهيون.“ ٻنهي هڪٻئي ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو. ٻنهي جي
نيڻن ۾ پيار جو ساگر ڇوليون هڻي رهيو هو.
پريمي جوڙو اڃان مٺي سرور ۾ ئي هو، جو اوچتو دنيا جو آلاپ بند
ٿي ويو. دربان وڏي وات چيو، ”کميا ڪجو، شريمان!
ٻاهر ڪي مهمان آيل آهن. جا آگيا هجي؟“
بيج گپت ڀاڪر ڍرو ڪيو، ۽ چترليکا هٽي پرڀرو ٿي ويٺي. هن مهمانن
کي اندر آڻڻ لاءِ چيو. مڌ جو پيالو هڪ ڳيت سان
پورو ڪري، هو سوچڻ لڳو، ”ايڏي رات وئي ڪير ٿو اچي
سگهي!“ هو اڃا ان سوچ ۾ ئي هو ته مهاپرڀو رتامبر ۽
شوتينڪ اندر گهڙيا. بيج گپت ۽ چترليکا، اٿي ڪري،
پاڻ جهڪائي، هنن جو نمسڪار ڪيو. رتنامبر هڪ ڀيرو
ڪمري جي چئني پاسن تي ڳنڀير نگاهه سان ڏٺو، هن جون
نگاهون چترليکا تي پهچي ڄمي ويون. ٿورڙيءَ سانت
کان پوءِ هن چيو، ”رات جي هن وڳڙي ۾ پاتليپتر جي
سوڀياوان ۽ پوتر نرتڪي بيج گپت جي ڪمري ۾؟ سچ پچ
اها اچرج جهڙي ڳالهه آهي.“ ايترو چئي رتنامبر آسڻ
تي ويهي رهيو، ۽ شوتينڪ بيٺو رهيو.
“گروديو! ڪيئن پڌاريا آهيو؟“ بيج گپت رتنامبر جي منجهائيندڙ
سوال کان بچڻ لاءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
رتنامبر کلي ويٺو. ”بيج گپت، مان سڀ ڪجهه توکي کولي ٻڌائيندس،
پر ان جو ڪو اڻ وڻندڙ ارٿ نه ڪڍج. اڄ مون کان
منهنجي هن چيلي پڇيو، ”پاپ ڇا آهي؟“ سچ پچ مان ان
منجهائيندڙ سوال جو جواب نٿو ڏيئي سگهان. تون
منهنجو چيلو ٿي رهيو آهين ۽ مان توکان ڪابه گرو
دکشڻا ڪانه ورتي آهي.
پاپ ڳولڻ لاءِ هڪ برهمچاريءَ جي ڪٽيا موزون جڳهه نه آهي. اهو ته
رڳو سنسار جي سکن ۽ مايا موهه ۾ ئي پائي سگهجي ٿو.
تنهنجو محل، تنهنجو سنگ، ۽ تنهنجي جيون ڌارا - اهي
سڀ هن کي ان ڳولا ۾ سهائتڪ ۽ سهڪاري ٿيندا. ان ڪري
هن جو انهن جي ويجهڙائيءَ ۾ هجڻ ضروري آهي. سو ان
لاءِ مان هن پرش کي تنهنجو داس ٿيڻ لاءِ وٺي آيو
آهيان. آس اٿم ته تون هن کي سويڪار ڪندين. پر اهو
نه وسارج ته هي تنهنجو گرو ڀائي آهي.“
”جا آگيا مهاراج!“ بيج گپت سيس نوائي بيٺو رهيو.
”چڱو، مان هلان ٿو - منهنجو هڪ ڪارج ۽ هڪ اِڇا پوري ٿي. شوتينڪ،
ياد رکج ته اڄ کان وٺي بيج گپت تنهنجو مالڪ آهي.
وفاداري ۽ پاڻ ارپڻ سان سندس چاڪري ڪج. سک ۽ سنتوش
جو تجربو ڪر، جيون جي آدرشن سان لهه وچڙ ۾ اچي،
پاپ پرجهڻ جي ڪوشش ڪر. پاپ ۽ پڃ - سڀ تو آڏو
ايندا، پر هڪ مول متو نه وسارج ته رڳي اها وسٿو ۽
اهو ڪارج سڦل ۽ سٺا آهن، جي ٻين لاءِ به اوتري ٿي
سڦلائپ ۽ سٺائي رکن، جا تولاءِ، يا گهٽ ۾ گهٽ ٻين
لاءِ هاڃيڪار نه آهن. ۽ بيج گپت، مان هن نوجوان کي
تو بلي ٿو ڪريان.تون سندس ڀلون چڪون معاف ڪج. هي
ناتجربيڪار ۽ نول آهي ۽ سنسار ۽ سنسارين سان
پهريون ڀيرو لهه وچڙ ۾ ٿو اچي.“
ايترو چئي رتنامبر هليو ويو.
رتنامبر جي هلي وڃڻ کان
پوءِ، بيج گپت نوجوان ڏانهن چتائي ڏٺو. ”شوتينڪ!
تون اڄ کان وٺي منهنجو شيوڪ آهين.“ ايتري چوڻ کان
پوءِ هن جي منهن تي مرڪ پکڙجي ويئي. چترليکا ڏانهن
اشارو ڪري هن چيو، ”خبر اٿئي، شوتينڪ، هيءَ ڪير
آ؟“
چمڪندڙ ۽ مهڪندڙ ڪمري ۾ من موهيندڙ ۽ مست ڪندڙ سونهن ڏسي شوتينڪ
جون اکيون حيرت وچان ڦاٽي ويون. لڄ وچان ڪنڌ لوڏي
هن اڻ ڄاڻائي ڏيکاري.
”چڱو، ته ٻڌ! هيءَ چترليکا آهي. هيءَ پاتليپتر جي سڀ کان سهڻي
نرتڪي آهي ۽ راڄڌانيءَ جي سندر ۾ سندر ناري.
گڏوگڏ، هيءَ منهنجي جيون ساٿي به آهي، ان ڪري
تنهنجي سائڻ به آهي.“ ايترو چئي، بيج گپت اچي ٽهڪن
۾ ڇٽو، ۽ شوتينڪ اڻ ڄاتي مونجهاري ۾ بت بڻيو بيٺو
رهيو. ”تون اچرج ۾ ڇو آهين، نوجوان؟ اها اڻ تڻ
اجائي آهي. توکي شايد هي وايو منڊل راس نٿو اچي.
هوريان هوريان تون به ان ۾ ٺهڪي ويندين. چڱو، هاڻي
هي پيالو پنهنجي سائڻ کي پڄاءِ.“ ايترو چئي، بيج
گپت سڳنڌ ڀري مڌ جو ٽمٽار پيالو هن ڏانهن وڌايو.
شوتينڪ پيالو چترليکا ڏانهن وڌايو، پيالو ڏيندي سندس آڱرين هن
جي هٿ کي ڇهي ورتو. هن جي سڄي سرير مان سيسراٽ
نڪري ويا. چترليکا هن ڏي نيهاريو، ”نوجوان! هن
سنسار ۾ نئين جنم تي مان توکي وڌايون ٿي ڏيان.“
ان وقت اڌ رات جو گجر وڳو. بيج گپت چترليکا کان پڇيو، ”هتي
ترسنديئن يا گهر وينديئن؟“ چترليکا اٿي بيٺي ۽
دروازي طرف وڌڻ لڳي، ”هينئر گهر وينديس، پر- متان
اڪيلي نه وڃي سگهان.“ هوءِ پيرن تي نه بيهي سگهي ۽
مستيءَ ۽ سرور ۾ ٿيڙ کائڻ لڳي.
داسي ڪمري ۾ گهڙي آئي. بيج گپت اٿي بيٺو- ”هاؤ، هن مهل اڪيلو
وڃڻ ٺيڪ نه آهي.“ ٿورو سوچي، هن شوتينڪ کي چيو،
”در تي رٿ بيٺو اَٿي. مالڪڻ کي ان تي گهر ڇڏي اچ.
جيسين موٽندين، تيسيسن تنهنجي رهڻ جو بندوبست ٿي
ويندو.“
شوتينڪ سائڻ کي گهر اماڻڻ ويو. بيج گپت داسيءَ کي شوتينڪ جي
رهائش لاءِ سمجهاڻيون ڏيئي، وڃي نندرا ديويءَ جي
گود ۾ ڪريو. |