باب ٻيو
ڪمار گري جوڳي هو!
جوڳي؟ هائو، ڇاڪاڻ ته هن سنسار تياڳ ڪيو هو- ڪلپنا واري اهڙي
سنسار ماڻڻ لاءِ جنهن ۾ سک ۽ سنتوش هوندو. هن
انساني سماج ۽ ان جي ٻنڌڻن کان منهن مٽيو هو ۽
پنهنجي چوڌاري سپنن ۽ ڪلپنا واري هڪ سنسار جو منڊ
هنيون هو. هن کي سنسار ۾ ڪو سک ۽ سانت پلئه نه
پيئي. ان ڪري هن ان هل هنگامي کان پري اچي، تيڳ ۽
تپسيا جو جيون گهارڻ شروع ڪيو هو. پاڻ پلڻ ۽ تپسيا
رستي تن ۽ من وس ڪرڻ - انهن مول متن ۾ ئي هن جو
ويساهه هو. هن جون ڪامنائون ۽ حواس سندس هٿ وس
هئا.
ڪمار گري پرماتمڪ شڪتين جو مالڪ هو، پر انهن جي واهپي تي هن کي
ڏاڍي چنتا هئي. سانت ۽ اڪيلائيءَ ۾ ئي هو سوچيندو
۽ سونجهيندو هو ۽ لاڳيتو ويٺو پوڄا پاٺ ڪندو هو.
سرير کي پڇتائن جي پڄرڻ مان لنگهائي چڪو هو، پر
انهن جي پيڙائن جو ڪڏهن به احساس نه ٿيو هوس. هن
جو سڄو سرير سڙي چڪو هو، پر آتمڪ سک ۽ سنتوش کيس
ان لهس جي لکا ئي پوڻ ڪانه ڏني هئي. هن پنهنجي من
۽ ان جي اڌمن تي پڪڙ رکي هئي. ڇاڪاڻ جو هن ڄاتو
پئي ته انساني اوڻايون ۽ اوگڻ، جي پاپ کي جنم ڏين
ٿا، انهن مان اتپن ٿين ٿا.
ڪمار گري سکي ۽ پرسن هو. ويدانتي ويچارن ۽ آدرشن ۾ مست ٿي، هن
پنهنجي آتما جي مڙهيءَ لاءِ سپنن جي سورج مکيءَ جي
اڻ مِٽ مالها پئي پوئي. نه ته هن کي من جي ڪامنا
ڪڏهن ستايو پئي، نه ئي انهن کي دٻائي رهڻ جو ڪرم
هن کي ڪٺن پئي لڳو. اڻ کٽ هلچل واري سنسار کان
ڪنارو ڪرڻ جيتوڻيڪ هن کي ڏکيو لڳو هو، پر سندس
جيون جي تياڳ واري ڪرم جو ڪارڻ سندس من ۾ آتما جو
اهو اڻ کٽ عمل هو جو گيان ۽ وديا جي اجالي مان
پيداپئي ٿيو. سک ته هڪ خيالي ڏات آهي - جا اڃ جو
اجهڻ سان پلئه پوي ٿي. ڪنهن به ڪامنا جي نه هجڻ جي
حالت ۾، ان اڃ اجهڻ ايترو اهن نٿو ٿئي، پر ان حالت
۾ اُن جي تانگهه نه نٿي رهي. ڇاڪاڻ ته ڪامنائن ۽
امنگن کان اڻ ڄاڻائي جيون ۾ وڏو سک ۽ سنتوش پلئه
وجهي ٿي. اڌمن ۽ ارمانن کان وانجهيءَ دل سان سپنن
۽ خيالن جي سنسار ۾ جيون گهارڻ سولو آهي. ڪمارگري
ويسر ۽ پاڻ ڀلائڻ جي سنسار ۾ رهندو هو. پاڻ ڀلائڻ
۽ پنهنجي ڪلپنا ۾ ڀروسو - انهن ۾ به هڪ موهه آهي،
دل لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ ڪشش. خيالي اڃ هئي ۽ ان
جو اجهائڻ به خيالي ۽ ڪلپنڪ هو. هو انهن ٻنهي
ڪلپنائڻ مان اتپن ٿيندڙ سک جي سهاري ئي مگن هو.
۽ ان ڪري کي ڪمار گري ئي ڪمار گري جوڳي هو.
مڌوپال جوڳي ڪمارگريءَ جو چيلو هو. مڌوپال کي پنهنجي گروءَ جي
شڪتين جو پتو هو ۽ ان کان ڊنل به هو. مڌوپال پڇيو،
”پاڻ پلڻ جو مارڳ ڪهڙو آهي؟“
ڪمار گري ڳوري آواز سان چيو، ”ڪامنائن جي پورائي ۽ ان مان پراپت
ٿيندڙ سک.“
مڌوپال وري پڇيو، ”گروديو! سرشٽي ڇا آهي؟“
”کليءَ اک ۾ حالتن جي مٽ سٽ جو انت، پر اندر واريءَ اک ۾ اجايو
پولار يا خام خيال. اجايو پولار ۽ مٽ سٽ، ان ميلاپ
تي تون اوس اچرج کائيندين، ۽ سڀاويڪ طور پڇندين ته
انهن ٻنهي جو ميلاپ ڪيئن ٿو ٿي سگهي. پر جتي انسان
ان اجائي پولار ۽ مٽ سٽ ۾ ڪو مت ڀيد نٿو ڏسي ۽
انهن ٻن وڏين ايڪاين جي ٽڪر ۾ ٻڏي ٿو ڏسي، اها
گيان ۽ وديا جي پوئين ڪڙي آهي. سرشٽي ڇا آهي؟ هڪ
پولار ۽ مٽ سٽ جو ميل - جو اِهو ڪاريه آهي. مٽ سٽ
پاڻ به هڪ انومان ئي آهي، ۽ انومان پڻ هڪ پولار ۽
خام خيال آهي. سمجهيئي؟“
ان جواب مڌوپال جي اُڃ نه اجهائي. ”مهاراج! توهان چيو ته سرشٽي
هڪ پولار ۽ خام خيال آهي. مون اهو نه سمجهيو جا
شيءَ اکئين ڏسي سگهجي ٿي، تنهن کي اجايو پولار ۽
خام خيال ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟“
ڪمار گري چيلي جي ان سوال جي سادگيءَ تي مرڪيو، ان سمجهڻ لاءِ
ئي ته يوگا جي لوڙ پوي ٿي! جوڳي جڏهن اکيون ٻوٽي
ٿو ته هو پاڻ کي اهڪ اجائي پولار ۽ خام خيال ۾ ٿو
ڀانئي. ان پولار ۾ ڏک ۽ سک، آس ۽ نراس، پيار ۽
پڇتاءُ، سچ ۽ ڏک جو دوکو، مايا ۽ برهما سڀ ملي سلي
گم ٿي ٿا وڃن. هو ان نانهه جي پولار ۾ ڀٽڪندو ۽
رلندو ٿو وتي ۽ ان ۾ ملي ٿو وڃي. يوگا دوران هو،
هن اڦل ۽ ۽ مٽجندڙ جيون مان ڪهي، امر سچ تائين ان
برهم سان ملي هڪ ٿي وڃڻ ٿو چاهي، جنهن کيس جنم ڏنو
آهي. هو هوريان هوريان اها مڪتي ماڻي ٿو، جا کيس
برهما سان هڪ ٿي وڻ ۾ ملي ٿي. اهڙيءَ ريت جوڳي
پنهنجي امر آتما کي مايا موهه مان آجو ٿو ڪري.“
ان گياني وياکاڻ مڌوپال جو من گروءَ جي مان ۽ مريادا سان ٽمٽار
ڪري ڇڏيو. هو شرڌا وچان هن جي پيرن تي ڪري پيو.
چيلي کي گروءَ جي ڏات ۽ ڏاهپ تي پورو پورو ويساهه
هو. ٺيڪ ان سمي رتنامبر، وشالديو سميت، سنياسيءَ
جي ڪٽيا ۾ گهڙيو.
ڪمارگري مهمان جي مان ۾ اٿي بيٺو ۽ ٻئي هڪٻئي سان ڀاڪر پائي
مليا. رتنامبر کي آسڻ تي ويهڻ جو چئي، ڪمارگريءَ
پڇيو، ”مهاراج، ڪيئن پڌرايا آهيو؟“
رتنامبر ڌيرج سان وراڻيو، ”پنهنجي شش کي ڪمارگريءَ جي چيلي
بنائڻ لاءِ آيو آهيان.“
”آچاريه! توهان مون کي اهو پد ڏيئي رهيا آهيو، جو مان نه
لهڻان.“
”نه، يوگي ڪمار گري، تون نهٺائپ کان ڪم وٺي رهيو آهين. تون گيان
۾ مهان آهين. تون سنسار تياڳي، اوچي پد تي پهتو
آهين، ۽ مان اڃا ان کي چهٽو پيو آهيان. جتي ويچارن
جي ڏي وٺ ڪو مسئلو نٿي سلجهائي سگهي، اتي، اتي
تجربي ۽ انتر ڌيان جي لوڙ پوي ٿي. تو وٽ اهي ٻئي
آهن، گيان ۽ انتر ڌيان. مان ان ڪري تو وٽ آيو
آهيان، جو ڄاڻان ٿو ته تجربو گيان ۽ وديا جو ٻانهو
آهي. تو سان گڏ رهي جيون جو ڪٺن ۾ ڪٺن ڀيد به پائي
سگهجي ٿو. اهو ويچاري ئي، مان وشالديو کي تو وٽ
آندو آهي. آس اٿم ته چيو نه ٽاريندين.“
ڪمارگريءَ وشالديو ڏانهن ڏٺو، ”ٻچا! جيون جي ڪهڙي ڀيد پرکڻ لاءِ
تون مون وٽ آيو آهين؟“
وشالديو ڪمارگريءَ کي پرڻام ڪري وراڻيو، ”گروديو! ڄاڻڻ ٿو
چاهيان ته پاپ ڇا آهي.“
ڪمارگري کليو. هن جي کل ۾ جهنڪار هئي. هن چيو، ”تون پاپ جو
اپٽار ٿو ڄاڻڻ گهرين!“
”پر پاپ ته رڳو تجربي سان پروڙي سگهجي ٿو. منهنجي سنگ ۾ ته توکي
پاپ جو تجربو ٿيندو ئي ڪين. مون وٽ ته رڳو پاڻ پلڻ
۽ تپسيا آهي، ۽ پاپ انهن کان ڇرڪي پري ڀڄندو آهي.
پر ان هوندي به آچاريه جي اڇا انوسارمان توکي پاڻ
وٽ رکڻ پنهنجو ڀاڳ ٿو ڀانيان. پر توکي پنهنجو چيلو
ڪري رکڻ پنهنجو سڀاڳ ٿو ڀانيان. پر توکي پنهنجو
چيلو ڪري رکڻ کان اڳ مان اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته
مان توکي پڃ جو روپ ڏيکاريندس، ۽ جڏهن تون ان کي
پرجهي وئين ته پاپ پروڙڻ تولاءِ ڪٺن نه ٿيندو.“
ڪمارگريءَ جي وياکاڻ ٻڌي رتنامبر من ئي من ۾ مرڪيو. ”ڪمار گري
تون، به ٺيڪ ٿو چئين، ۽ هن کي به ڪو انڪار نه
آهي.“
”مهاراج ته پوءِ مان هن کي پنهنجو چيلو ڪري سويڪار ڪريان ٿو.“
رتنامبر اٿندي چيو، ”چڱو، يوگي راج، مان هلان ٿو. اهو ٻڌي تون
شايد اچرج ۾ اچي وڃين ته مون کي پاڻ کي سڌ نه آهي
ته پاپ ڇا آهي. سموري جيون جي اڀياس ۽ تجربي هوندي
مان ان ڏس ۾ گيان نه ماڻي سگهيو آهيان. مان پنهنجن
چيلن کي مڻيادار ماڻهن جي هٿ ۾ ڇڏيو آهي ته جيئن
ڪو وقت تپسيا ڪري سگهان، ۽ ڏسان ته جا وسٿو تجربي
۽ اڀياس سان نه هٿ ڪري سگهجي ٿي سا ڌيان ۽ تپسيا
سان ملي سگهي ٿي يا نه.“ ايترو چئي، رتنامبر ڪٽيا
مان نڪري ويو.
رتنامبر جي هلي وڃڻ کانپوءِ ڪمارگريءَ وشالديو کي ويهڻ جو
اشارو ڪيو: ”ٻچا! تون هاڻي کان منهنجو چيلو آهين.
مون کي ڪن سوالن جا جواب ڏي، اڌمو يا ولولو ڇا
آهي؟“
وشالديو وراڻيو، ”اهو ڪامنا جو ٻيو نالو آهي.“
”ٺيڪ! پر اها سڌ اٿئي ته ان جو منش جي جيون ۾ ڪيترو سروڪار
آهي؟“ ڪمارگريءَ پڇيو، ۽ ٿورو ترسي، وري چيو،
”متان سُڌ نه هجئي. اها مان توکي اڄ ٻڌائيندس.
ولولو پاپ آهي – منش جيون بگاڙڻ ۽ آتما کي ناس ڪرڻ
جو ڪارڻ. ولولي جي وس ٿي، ماڻهو پرماتما جي مارڳ
تان هٽي ٿو وڃي ۽ من ڪامنا جي ساگر ۾ ٻڏي هو پاڻ
کي ۽ پرميشور کي وساري ٿو ويهي. ولولو منش کي آڪاش
تان لاهي پرٿويءَ تي ڦٽو ٿو ڪري. ان جي وس اچي،
منش پنهنجي جيون جي ڪئي ڪمائي چٽ ڪريو ڇڏي. جيڪو
منش من ڪامنا يا ولولي تي جيت پائي ٿو سو آڪاشواڻي
ٿي وڃي ٿو. ايشور جا ٽي گڻ آهن – سچ، سونهن ۽
سنتوش. اهي ٽيئي ايشور وارا گڻ اهو ماڻهو ماڻي
سگهي ٿو، جو من کي ڪامنا ۽ ولولي کان پوتر رکي. پر
جي ماڻهو ڪامنا ۽ ولولي جي ٻنڌڻن ۾ آهي ته هو
”آپي“ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي ۽ سندس اهو آپو کيس اهي
گڻ ماڻڻ نه ڏيندو.
”وشالديو، منهنجو چيلو ٿي توکي پهريون ڪم اهو ڪرڻو پوندو ته تون
پنهنجي من کي ڪامنا ۽ ولولي کان پوتر ڪرڻ جي
پرتڳيا ڪر. اهو ڪم ڪٺن آهي، پر ايترو پيڙا ڏيندڙ
نه. ڪامنائن کي دٻائڻ به ٺيڪ نه آهي، ان ڪري چڱو
ائين آ ته انهن کي پيدا ئي نه ٿيڻ ڏجي. هڪ ڀيرو جي
ڪا ڪامنا يا ولولو پيدا ٿيو ته اڳتي هلي اهو ڀيانڪ
روپ ڌاري ٿو. ان ڪري اهو تنهنجو فرض ٿيندو ته
ڪامنائن کي سدا لاءِ ماري ڇڏين. نه ڪا ڪامنا ڪر،
نه ان جي ڪلپنا ئي ڪر. پر ڪي ڪلپنائون ۽ خيال اهڙا
ٿين ٿا، جن جو ڪو انت نٿو ٿئي. هي سپنن ۾ ڏس. اهي
سپنا ۽ سارون، ان وديا کي سگهارو ڪنديون، جا آتما
جي انت يعني سچ کي کولي پڌرو ڪري ٿي. ٻڌاءِ، ائين
ڪري سگهندين؟“
وشالديو وراڻيو، ”گرو ديو! ائين ئي ڪندس. پر هار جيت ته پرڀوءَ
جي هٿ ۾ آهي. توهان جو ڏيکاريل مارڳ سولو ته آهي،
پر ان ۾ ڪي رنڊڪون پڻ آهن، جن کي ٽارڻ جي مان ڪوشش
ڪندس. ڇا، ڪامنائن جو انت آڻڻ جيون ۽ سرشٽيءَ جي
نيمن جو اُبتڙ نه آهي؟ ان ڪري مان توهان سان
پوريءَ ريت ها ۽ ها نٿو ڪريان. اهي گمان هٽايو ته
مان توهان جي ڏيکاريل دڳ لڳي سگهندس.“
ڪمارگريءَ کي شايد اڳ ئي اهڙي جواب جي آس هئي. هن ترت ئي
وراڻيو، ”تون ٺيڪ ٿو چئين، وشالديو! ڇاڪاڻ ته
هيترو سمون تون ٻئي گروءَ جي سکيا ۾ رهيو آهين. ان
اثر کي ناس ڪرڻ کان پوءِ ئي مون کي توتي پنهنجو
اثر وجهڻو پوندو. مان تنهنجا گمان دور ڪندس، پر اڄ
نه. ٻڏتر ۾ پيل گروءَ جي چيلي ۾ شڪ ۽ گمان جو هئڻ
سڀاويڪ آهي. پر، وشالديو، آچاريه رتنامبر جي ويچار
ڌارا مان مون کي ڪجهه پراڪرتي ۽ انڪار جي بوءِ ٿي
اچي. ائين آهي نه؟ منهنجو پرماتما ۾ ويساهه آهي.
مون وٽان ڪجهه پرائڻ کان اڳ توکي ٻن وسٿن ۾
ويساهه آڻڻو پوندو. هڪ ته ايشور آهي، ٻيو ته فرض
جيون ۾ اهم ۽ اوچي جڳهه والاري ٿو.“
وشالديو وراڻيو، ”گرو ديو! منهنجو انهن ٻنهي امر سچن ۾ ويساهه
آهي.“
ڪمار گري اٿي بيٺو، ”ته پوءِ ڳڻتي نه ڪر. مان توکي وديا ۽ سکيا
ڏيئي، مڪتيءَ جو مارڳ ڏيکاريندس. ۽ پاپ جو پتو
لڳرائيندس.“
باب ٽيون
شوتينڪ برهمچاري هو. گيان هن جو ماڳ هو ۽ اڀياس مارڳ. هن جي عمر
پنجويهن ورهين جي لڳ ڀڳ هئي. ان ڄمار ۾ ئي هن
ڪيترائي فلسفي جا ڪتاب ۽ ويد پڙهي پورا ڪيا هئا.
هن ساهت جي اڀياس ۾ ڪيتريون ئي پريت ڪهاڻيون به
پڙهيون هيون، جنهن ۾ پرش جي ناريءَ لاءِ پريت ۽ ان
جي نڀائڻ لاءِ وچن وعدا به هوندا هئا ۽ سونهن ۽
سوڀيا جا اُپٽار به. پر ان پاسي هن جو ڪو به ڌيان
ڪو نه هو. ناري، جوڀن، سونهن ۽ ان جي اڌمن ۽ ولولن
جي هن کي ڪا به ڄاڻ ڪانه هئي.
بيج گپت جي گهر ۾ شوتينڪ پهريون ڀيرو نرتڪي چترليکا جي سنگ ۾
آيو. بيج گپت هڪ چرچو سمجهي چترليکا جي شوتينڪ
سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي هئي. پر پوءِ ان تي ويچاري هن
پڇتايو هو. برهمچاري ۽ نرتڪي – ڪهڙو نه اچرج جهڙو
ميلاپ! بيج گپت ان ڳالهه تي کلي به ڏنو هو.
پر بيج گپت جو چرچو ساڀيا ٿي پيو. شوتينڪ جي جيون ۾ هلچل اچي
ويئي ۽ هن جي جيون ڌارا ۾ نئون موڙ اچي ويو. هن جي
من ۾ لڪل ڪامنائون ڦاٽي نڪتيون ۽ سندس جيون جو
ماٺو وهڪرو آبشار جو روپ ڌارڻ لڳو. هن کي ڏهاڙي
چترليکا کي گهر پڄائڻ وڃڻو پوندو هو. هر رات ان
ويلي چترليکا پيتل هوندي هئي. چترليکا جي تاڻيل
نگاهن جي مستي هن جي ساري سرير مان سيسراٽ ڪڍي
ڇڏيندي هئي. ناري ۽ مڌ – ڏيئي جي لاٽ هئي، جنهن جي
چوڌاري هو پتنگ جيان چڪر ڪاٽيندو هو، ته جيئن ان
جي لهس ۾ اچي لوساٽجي وڃي. شوتينڪ جڏهن به چترليکا
کي ڏسندو هو ته هو پاڻ کي سک ۽ آنند جي ساگر ۾
ترندو ڀائيندو هو. اهو سک ۽ آنند ڇا هو؟ من جي
گهرين ۽ گونگين ڪامنائن جو اڌمو. ۽ ولولو پر اڳ ته
ڪڏهن به ائين ڪو نه ٿيو هو. جڏهن به شوتينڪ
چترليکا جي ڪارين، ڪڪاريل ۽ مڌ جي مستيءَ ۾ ٽمٽار
نيڻن سان نيڻ ملائيندو هو ته سندس من – ويڻا جا
سمورا تار ڇڙي پوندا هئا، ۽ نرتڪيءَ جي چاهنا جي
اڌمي ۾ مست ٿي سندس آتما چڪور جيان آڪاش تي اڏامڻ
لڳندي هئي.
بيج گپت جي گهر ۾ شوتينڪ سان سندس ننڍي ڀاءُ جهڙو ورتاءُ ڪيو
ويندو هو. بيج گپت جا نوڪر چاڪر هن کي پنهنجي وڙ ۾
نه ليکيندا هئا، پر مالڪ کان پوءِ هن کي مان ڏيندا
هئا. هن کي ات هر ڀانت جو سک ۽ سنتوش مليل هو. هن
راڄ ڌانيءَ جي هلنديءَ وارن ماڻهن سان ناتا جوڙيا
هئا ۽ اميرن، سردارن ۽ راجڪمارن سان اٿندو ويهندو
هو. هن اونداهي ۽ اڻپوري جيون مان نڪري روشن ۽
پورڻ جيون ماڻيو هو. هن کي ان تي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي
به پت نه ايندي هئي. پر هوريان هوريان هو پاڻ کي
ان وايومنڊل ۾ ٺهڪائي ويو. هو پاڻ کي ان سنسار ۾
ڀانئڻ لڳو، جو موهه ۽ مستيءَ سان مالامال هو، جنهن
۾ پاپ ۽ پڃ پاڻ ۾ ملي ويا هئا، ۽ جنهن ۾ ڪامنائون
۽ ولولا ماڻهوءَ جي جيون ۾ اڻٽر هئا. هو سنسار جي
اٿاهه ساگر ۾ هليو ويو هو.
هڪ ڏينهن بيج گپت تڪڙي اچانڪ ڪم سان ٻاهر ويو ۽ سنجها تائين
ڪونه موٽيو. پنهنجي ويل تي چترليکا جو رٿ به محلات
جي دروازي تي اچي بيٺو. شوتينڪ هن جو آڌرڀاءُ ڪيو
۽ آڻي بيج گپت جي ويهڻ واري ڪمري ۾ ويهاريو. بيج
گپت کي نه پسي، چترليکا پڇيو، ”تنهنجو مالڪ ڪٿي
آهي؟“
”تنهنجو مالڪ ڪٿي آهي؟“ نرتڪيءَ جي مکان اهي لفظ ٻڌي کيس ڏاڍو
ڏک ٿيو. اکر اکر سندس هردي ۾ تير جيان چڀي ويو. جي
اهي لفظ ڪا عام ناري چوي ها ته اتي جو اتي هڪ ڪڙڪ
تڙي پٽائي وٺيس ها، يا شايد ايڏو دل ۾ نه ڪري ها.
شوتينڪ کي پهريون ڀيرو پنهنجي پد ۽ رتبي جو احساس
ٿيو، ۽ سن ۾ پئجي ويو. پر هن پنهنجي اڌمن کي دٻائي
جواب ڏنو، ”ديوي ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويا آهن.“
”ڪڏهن موٽندو؟“
”بس هاڻي، اچڻ وارا هوندا.“
”شوتينڪ مون کي اڃ لڳي آهي .“
شوتينڪ اٿي بيٺو. هن کي پنهنجي چاڪر واريءَ حيثيت جو احساس ٿيو
۽ بيج گپت وارا لفظ ياد اچي ويس . ”چترلکا تنهنجي
سائڻ آهي.“ هو پاڻ سوني پيالي ۾ ٿڌو پاڻي ڀري آيو.
پاڻيءَ جو پيالو ڏسي، چترليکا مرڪي، ”شوتينڪ تون
اڃان ٻار آهين .“
شوتينڪ چترليکا جي اها چٿر سمجهي نه سگهيو، ۽ ملول ٿي چيائين،
”ديوي! ڪهڙي ڀل ٿي؟“
ڪمرو چترليکا جي ٽهڪن سان ٽٻ ٿي ويو. ”شوتينڪ، تون اڃا مون کي
سمجهي نه سگهيو آهين. اڃ اجهامي نه سگهندي آهي.
باهه پاڻيءَ جي ڪاڻياري نه هوندي آهي. هن کي
پنهنجي ڄرڪندڙ چڀين کي وڏي ڄمار ڏيڻ لاءِ تيل جي
لوڙ هوندي آهي.جيون هڪ نه اجهندڙ اڃ آهي، ۽ امر
آس. ان جو اجهامڻ جيون جو انت آهي. مون کي پاڻي نه
کپي، مڌ ڏينم، مڌ!“
ان جواب تي شوتينڪ وائڙو ٿي ويو. هن کي اها وياکاڻ ڀيانڪ ڀاسندي
به ڏاهپ ڀري لڳي. هو به کلي ويٺو- ” ديوي! مون کي
گهرجي ته مان پاتليپتر جي سوڀياوان نرتڪيءَ جو
وديارٿي ٿيان.“ اندر جي امنگن سان ايترو چئي، هن
سوني صراحيءِ مان مڌ اوتيو ۽ ٽمٽار پيالو وڌائي
چترليکا کي پيش ڪيو. هڪ سُرڪ پي، چترلکيا پيالو
شوتينڪ اڳيان رکيو. هوءَ ان ويل ويهاڻي تي ٽيڪ
ڏيئي ويٺي هئي، جو، وچ تي هن جي بار سبب، پاسن کان
مٿي ٿي بيٺو هو. سندس آنچل گسڪي هيٺ ڪري پيو هو، ۽
سندس ڪاورنڀار جهڙا ڪارا وار پکڙجي ويا هئا ۽ انهن
۾ جڙيل موتي ائين لڳي رهيا هئا ڄڻ ڪارن ڪڪرن مان
چانڊوڪي جهاتيون پائي رهي هئي. هوءَ ڪيتري نه سندر
هئي! شوتينڪ ڪڏهن اهڙي ورونهن واري روپ ۽ آدرشي
ناريءَ جي ڪلپنا به نه ڪئي هئي. هن جو جوڀن ولولن
سان ٽمٽار هو ۽ سندس نيڻن ۾ آنند ۽ سک جي مستي
هئي. جوڀن جو ست هن جي ڳلن مان ٽمي رهيو هو، ۽ هن
جا موهيندڙ چپ مُرڪ جون مکڙيون ڇٽي رهيا هئا.
گهٽ ڳالهائيندڙ شوتينڪ، هن جي مڌ جي آڇ جو ڌيان نه ڪندي، سندس
جوڀن جي جوت پسڻ ۾ ئي مگن رهيو. سندس جواهرن سان
ٻٽ ۽ سائيءَ پوشاڪ ۾ ويڙهيل سرير ائين لڳي رهيو
هو، ڄڻ صبح جي هير تي گلاب جو گل ساون پتين مان
ٽڙي نڪرندو هجي. چترليکا به ڪو وقت ماٺ ۾ هن کي
ائين گم سم ڏسندي رهي. هن کي سندس ماٺ ۾ به مستي
پئي ملي. ”اهو ڇا آهي، شوتينڪ؟“ هن گهڻي دير کان
پوءِ چيو. ”تون پين نٿو. ڪا مهل ٿي، جو مون پيالو
تو ڏانهن ڪيو آهي، پر تنهنجا هٿ ان کي منهن تائين
آڻڻ جو ست نٿا سارين. هڪ سوال پڇانءِ؟ پر جواب ٺيڪ
ڏجانءِ.“
شوتينڪ ڪنڌ جهڪايو.
”تون برهمچاري آهين، ۽ تنهنجي گروءَ توکي مڌ ورتائڻ کان جهليو
هوندو. مان ان جو ڪارڻ ڄاڻڻ ٿي چاهيان؟“
شوتينڪ هوريان وراڻيو، ”ديوي! پاڻ پلڻ جيون جو اهم انگ آهي. ۽
مڌ ۽ پاڻ پلڻ هڪٻئي جا سڄڻ نه آهن.“
”پاڻ پلڻ جو ارٿ ڇا آهي؟“
”سک ۽ شانتي.“
چترليکا ڇلڪندڙ جام کڻي چپن تي آندو – ” ۽ جيون جو ارٿ؟“
چترليکا جي اکين ۾ مستي هئي. شوتينڪ کي سندس آواز ۾ سنگيت ۽
ڪوتا نظر آئي. هن وراڻيو، ”جيون جو ارٿ؟- ساڳيو
ئي، سک ۽ شانتي!“
”اتي ئي تون ڀليل آهين.“ هن جادو ڪندڙ جسم مٿي کڻندي چيو. ”سک،
اڃ جو اجهڻ آهي ۽ ڪامنا جي پورائي انت آهي. پر
جيون نه کٽدڙ ڪم ۽ نه پوري ٿيندڙ ڪامنا آهي. جيون
هلچل آهي، جيون مٽا سٽا آهي. هلچل ۽ مٽ سٽ ۾ سک ۽
شانتيءَ جي ڪا جاءِ نه آهي. ڏاها ڇوڪر! آ، وٺ
چريائپ ڇڏ ۽ سڪ ڀر.“ ايترو چئي هن پيالو کڻي،
شوتينڪ جي چپن تائين نيو.
اهو ڇهاءُ شوتينڪ کي اُماڙي جيان لڳو. هن جي من ۾ مڌ لاءِ ڌڪار
ڀڙڪو کاڌو. هن ان آڇ کي ٿڏڻ چاهيو، پر چترليکا جي
مرڪندڙ نگاهه هن جو جيءُ جهوري وڌو. هو نه چترليکا
کي جهلي سگهيو نه پاڻ پلي سگهيو. ٻيءَ گهڙيءَ مڌ
سندس نڙيءَ کان هيٺ لهي ويو!
ان ويل ئي بيج گپت ٽهڪ ڏيندو اندر گهڙيو- ”برهمچاري! اچ نرتڪيءَ
توکي گيان ڏيئي ڇڏيو. ان شڀ سمي تي مان کيس
واڌايون ٿو ڏيان.“
هن جي اکين ۾ شرارت ڀري مرڪ هئي.
شوتينڪ ڄڻ اوچتو ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳيو. بيج گپت جي کل کيس
پنهنجي ڀل جو احساس ڏياريو. هن چترلکيا ڏانهن ڏٺو
۽ پوءِ بيج گپت ڏانهن، ۽ ڪنڌ نوائي ڇڏيو. بيج گپت
کلندو ڪپڙا مٽائڻ هليو ويو. هن جي هلي وڃڻ بعد،
شوتينڪ چترليکا کي چيو، ”ديوي! اڄ تون منهنجي جيون
ڀر جي تپسيا جو گهمنڊ ٽوڙي ڇڏيو. تو ائين ڇو ڪيو؟
تو منهنجي جيءَ ۾ اڻ ڄاتي اُڌمي کي جنم ڇو ڏنو؟
تون منهنجي جيون ۾ تکي ۽ تيز واچوڙي جيان ڇو گهڙي
آئينءَ؟“ ايترو چئي، هن چترلکيا جي هٿ کي ڀيڪوڙيو.
چترليکا کلندي وراڻيو، ”شوتينڪ تون ڀلين ٿو. جنهن کي تون تپسيا
ٿو چوين، سو آتما کي ايذاءُ ڏيڻ آهي. مون ته توکي
رڳو اهو ڏيکارڻ پئي چاهيو ته مستي جيون جو اٽوٽ
انگ آهي. تون چوين ٿو ته مون تنهنجي جيءَ ۾ اُڌمو
اٿاريو آهي. ٿورو ٿڌو ٿي سوچ، مون ته توکي جيون جو
سچو روپ پسايو آهي.“ اوچتو هوءَ ڳنڀير ٿي وئي ۽
جهٽڪو ڏيئي شوتينڪ جو هٿ هٽايائين. ”شوتينڪ! اهو
ياد رک ته منهنجو تنهنجي جيون ۾ جاءِ وٺڻ اڻ ٿيڻي
آهي. مان پنهنجو سنگ سڃاڻان ٿي .سنسار ۾ رڳو هڪ
پرش ئي منهنجي پيار جو پائيندڙ ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو
بيج گپت آهي. ڪڏهن سپني يا ڪلپنا ۾ به اهو نه سوچج
ته ڪو مان تنهنجي جيون ۾ اچي سگهان ٿي. چڱو، هاڻي
ڀلي وڃ.“
هو ڀت بڻيو بيٺو رهيو. سندس منهن پيلو ٿي ويو. هن هڪ نرتڪيءَ
کان هار کاڌي هئي- گيان، ڪرم ۽ چرتر جي مات. ”جا
آگيا ديوي!“ هن چيو، ۽ مات ٿيل، اپمان ڪيل ،
برهمچاري اکيون جهڪائي دروازي طرف وڌيو. چترليکا
ٿيل وادات تي ٿورو سوچيو. ترت ئي کيس شوتينڪ جي
ويچارگيءَ تي ڪهل اچي ويئي. هن کيس سڏ ڪيو.
”شوتينڪ ٿورو ترس نه!“
هي بيهي رهيو، پر پٺتي نه وريو. اتي ئي ڪنڌ چترليکا ڏانهن ڦيري
چيائين، ”ديوي! اڃا ڪجهه ڪروڌ رهيل آهي ڇا؟ اڃا
منهنجي آتما جو اپمان ۽ پيڙا پوري نه ٿي آهي ڇا؟
تون منهنجي مالڪڻ به آهين. ۽ جيون جي .... نه
....نه، کميا ڪج“ شوتينڪ هٻڪيو، ” تون رڳو منهنجي
سائڻ آهين، منهنجي قسمت جي مالڪ آگيا، ديوي آگيا!“
پيڙا، جا هن جي اکين تائين پهتي هئي، پگهرجي پاڻي
ٿي، ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳي.
چترليکا جي دل تي شوتينڪ، ٻار سمان شوتينڪ، جي انهن ڳالهين ڏک
پهچايو. هن چيو، ”شوتينڪ، مون کان ڀل ٿي. مون
توسان برو ورتاءُ ڪيو. ان لاءِ کميا ٿي پنان. سچ
پچ مون کي تو لاءِ سڪ آهي. تون مون کي ڀاءُ وانگر
مٺو آهين، ۽ تنهنجو ڏک مون کي ڏکي ٿو ڪري. مان اڻ
ڄاڻائيءَ ۾ شايد توکي رنجايو آهي، ان لاءِ پڇتاءُ
اٿم ۽ کميا ٿي گهران.“
چترليکا جي انهن مٺن شٻدن، شوتينڪ جي من تان ڏک ائين ڏور ڪري
ڇڏيا جيئن رات جي اونداهيءَ کي چانڊوڪي. سندس سيني
۾ ڄميل سور ائين لهي ويا جيئن اُس تي برف رجندي
آهي. چترليکا هن کي اڪيچار گڻن واري ديوي لڳي.
هوءَ هاڻي هن لاءِ نرتڪي نه رهي. ان کي لڳو ڄڻ
سندس هن سان ڪو آتمڪ ۽ پوتر ناتو آهي. هن چيو،
”ديوي، کميا جي ڪا ضرورت نه آهي. مون هتيا ڪئي ۽
ان جو ڦل ملڻ گهربو هو. پر ديوي! تو سزا ڏيڻ بجاءِ
مون تي ڪرپا ڪئي آهي. تو مون کي ٻڏڻ کان بچائي
ورتو آهي. مان تنهنجا ٿورا ڪيئن بيان ڪريان. سچ پچ
ته مون کي ئي توکان کميا ۽ ديا پنڻ گهربي هئي! “
ايترو چئي هو ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. چترليکا اڃا
وائڙي ۽ منجهيل ويٺي هئي. اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هن هڪ
ڀولي ڇوڪر کي پنهنجي سونهن جي ڄار ۾ ڦاسايو هو، ان
جو هن کي ڏاڍو ڏک هو.
شوتينڪ سڌو بيج گپت وٽ ويو. هن جي سامهون ايندي ئي هو سندس پيرن
تي ڪري پيو. هو رڳو ايترو چئي سگهيو، ”مون کي سزا
ڏيو، سائين سزا!“
شوتينڪ جي ان ورتاءُ بيج گپت کي حيران ڪري ڇڏيو. هن شوتينڪ کي
اٿاري پڇيو، ” ڇو، شوتينڪ! ڇا ڳالهه آ؟“
شوتينڪ گهگهي آواز ۾ چيو، ”سائين“ مون توهان سان ويساهه گهاتي
ڪئي آهي. مون ان ناريءَ سان پيار ڪرڻ جو پاپ ڪيو
آهي، جا توهان سان پريت ڪري ٿي، ۽ جنهن کي توهين
چاهيو ٿا، ۽ جا منهنجي مالڪياڻي آهي.“
بيج گپت هاڻي سڀ ڪجهه سمجهي ويو. هن دل ۾ کليو، ”شوتينڪ، تو
ڪيئن ڄاتو ته اها ناري مون سان پريم ڪري ٿي؟“
”هن پاڻ چيو.“
”سچ پچ؟“ هن پڪ ڪرڻ چاهي.
شوتينڪ تي مڌ جي مستي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن پاڻ ۾ هڪ نئين
شڪتي اتپن ٿيندي ڏٺي- ”اڄ مان سچ جي سودي تي هن جي
هٿان مڌ ورتائي. مان اهڙيءَ گمراهيءَ ۾ هليو ويو
هوس جتان سنئين دڳ لڳڻ ڪٺن هو. ڀلا، هن ناريءَ جي
هٿ جو مڌ ڪيئن پئي ٺڪرائي سگهيم جنهن سان پريم پئي
ڪيم!“
هٿراڌو ڳنڀيرتا آڻي بيج گپت چيو، ” جي هوءَ ناري توکي اهو نه
چوي ها ته هوءَ مون سان پيار ٿي ڪري، ۽ توکي پاڻ
ارپڻ ڪري ها، ته جيڪر تون ڇا ڪرين ها؟
ٿوري دير سوچي، شوتينڪ وراڻيو، ”ته پوءِ مان شايد هيئن توهان
کان کميا نه گهران، ۽ توهان سان ويساه گهاتي ڪري
گروءَ جو پاپي ٿيان ها.“
بيج گپت هن کي پيار سان ڳلي لاتو- ”ڪائي ڳالهه ڪانهي شوتينڪ! ڇا
جي کميا؟ جو ڪجهه تو، جن حالتن ۾ ڪيو آهي، اڳين
حالتن ۾ ڪو ٻئي نموني نه ڪري ها. تو جو ڪجهه ڪيو
آهي، سو سڀاويڪ آهي ۽ جو ڪجهه ڪرين ها. دوش هجي به
ها ته حالتن جي دٻاءَ جو هجي ها. تو ڏوهه ڪيو آهي،
پر ان جي منهنجي اڳيان باس، ان کي ميٽي ڇڏيو آهي.
تو سچ ڳالهايو آهي. اهو ئي سچو ۽ سڀاويڪ رستو هو.
باقي رهي مون سان ويساهه گهاتي ۽ تنهنجي پاڻ تي
ڦٽڪار، ته ان ۾ تون ڀليل آهين. ڪرم جي سنسار ۾ تون
نئون نئون آيو آهين. توکي نه ڄاڻان تجربي جي
ڪيترين ئي پرکشيائن مان لنگهڻو پوندو. توکي ڪرم،
ڀل ۽ ڀلائيءَ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ڪامنائون، انهن
جا اُڌما ۽ ولولا تو کي ڀٽڪائڻ جا جتن ڪندا، پر
توکي انهن تي جيت پائڻي پوندي. اتي ئي تنهنجي وت ۽
ست جي پرکشيا ٿيندي. هار جيت جي جاءِ ئي هيءُ
سنسار آهي، نه ڪي ڪنهن سنياسيءَ جي اڪيلي ۽ اجاڙ
ڪٽيا.“
شوتينڪ روئي رهيو هو، ۽ سڏڪن ۾ هن وراڻيو، ”سائين! مان ايئن ئي
ڪندس. پر ويساه گهاتيءَ جي ڪرم جي سزا مون کي ملڻ
ئي گهرجي.“
بيج گپت پاٻوهه سان هن جي مٿي تي هٿ گهمايو، ۽ چيو، ”روئين ڇو
ٿو؟ ڀل جو ڪيتو ٿو گهرين؟ پر تو ته ڪو پاپ نه ڪيو
آهي، پوءِ ڪيتو ڇا جو؟ پاپ ته ڪرم سان ڪيو ويندو
آهي، نه ڪي ڪلپنا سان. ڪلپنا ته رڳو ڪرم جو وسيلو
ٿيندي آهي. پر جي اڃا به ڪيتو گهرين ٿو ته مان اهو
به توکي ڏيندس. اهو هي آهي ته اڄ کان پوءِ سدا
جيئن چترليکا کي گهر تائين ڇڏڻ ويندين. هاڻي اٿي،
من! اهو چيو ٽاريندين ته چڱو نه ٿيندو!“
باب چوٿون
ڪمارگريءَ ۾ وشالديو کي اُتم ۽ مهان پرش نظر آيو. ڪامنائن سان
يڌ سندس ڪرم هو. هن جي گيان ۽ وشال من کيس پنهنجو
شش بڻائي ڇڏيو. ڪمارگريءَ جو دليل لاجواب هوندو
هو ۽ وشالديو جا شڪ ۽ گمان کِن مان لاهي ڇڏيندو
هو. ڪمارگريءَ وشالديو کي يويا (جوڳ) جا ورت ڏيڻ
شروع ڪيا. ڪمارگريءَ کي سلڇڻو چيلو مليو ۽ وشالديو
کي گڻائتو گرو.
ان ڏينهن ڪمارگريءَ وشالديو کي پوڄا جي اهميت تي ڀاشڻ ڏئي رهيو
هو. سج لهي چڪو هو جهنگ ۾ رڳو ڪمارگريءَ جي ڪٽيا
جو ڏيئو ئي ٽم ٽم ڪري رهيو هو. اوچتو دروازي تي
پيرن جو آوز ٿيو ۽ ڪنهن چيو، ”رات ڀٽڪيل راهين کي
رات لاءِ اجهو گهرجي.“
ڪمارگريءَ چيو، ”مان انهن جو سواگت ٿو ڪريان ڀلي آيا. منهنجو
آشرم ڀليل ڀٽڪيل آتمائن لاءِ ٻارهو ئي کليل آهي.“
پنهنجي جواب تي ڪمار گري پاڻ ئي کلي ويٺو.
ٻيءَ گهڙي هڪ پرش ۽ هڪ ناري اندر گهڙي آيا. ناريءَ کي ڏسي،
ڪمارگريءَ ڇرڪ ڀريو. هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ سندس ڪلها
ڍرڪي پيا. هو گهٻرائٽ ۾ هٿ مهٽڻ لڳو ۽ سندس اکين ۾
ڪروڌ ڀرجي ويو. هن اوپري پرش کي چيو، ” ڀٽڪيل
راهي! تو اول ڇو نه ٻڌايو ته توسان گڏ هڪ ناري به
آهي؟ توکي سڌ هئڻ گهرجي ته هي ان جوڳيءَ جي ڪٽيا
آهي، جو سنسار تياڳي چڪو آهي.“
اوپري وراڻيو، ”ديالو مهراج! مون کي سڌ آهي ته هيءَ جوڳيءَ جي
ڪٽيا آهي. پر مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته توهان جهڙو
شڪتيوان جوڳي به هڪ ناريءَ کي رات لاءِ پنهنجي
آشرم ۾ اجهي ڏيڻ لاءِ نابري واريندو، ۽ ناري به
اها جنهن سان هڪ پرش ساٿي به آهي.“
اوپري جي ان جواب ڪمارگريءَ کي لاجواب ڪري ڇڏيو. ايتريءَ دير ۾
ناري آسڻ تي ويهي چڪي هئي. هن جو مُک ڏيئي جي لاٽ
پاسي هو. ”اجنبي! مون کي ناريءَ جي آشرم ۾ رهائڻ
تي ان ڪري انڪار هو ته ناري اونداهي آهي، موهه
آهي، جادو آهي ۽ ڪامنا آهي. هوءَ نظر جو دوکو ۽
ولولو آهي. گيان جي جگ مگ سنسار ۾ ناريءَ جي ڪا
جڳهه نه آهي. پر نيٺ به توهان منهنجا مهمان آهيو،
ان ڪري توهان جو سواگت منهنجو ڪرم آهي!“
ناري اڃا تائين تپرس ۾ ويٺي جوڳيءَ جو وياکاڻ ٻڌي رهي هئي.
ڪمارگريءَ جي جملي پوري ڪرڻ تي هن شرڌا وچان ڪنڌ
نوائي چيو، جوت تي جلندڙ پتنگي کي اونداهيءَ جو
پرڻام.“
پنهنجي اپمان جي بدلي ۾ ڀڙڪي اٿيل ناريءَ جو اهو ٽوڪ ڀريو پرڻام
ڪمارگريءَ جي هردي ۾ تير جيان چڀي ويو. هن جي آواز
جي سنگيت ۾ لئي ۽ مڌرتا هڪ ڪرا هئا. سندس جواب
وويڪ ۾ وڍ وجهندڙ هو، ۽ جوڳيءَ جي گهمنڊ ۽ ناريءَ
جي اپمان تي ڪڙي چوٽ هئي. من موهندڙ سندري ڪنهن
ڪويءَ جي ڪلپنا لڳي رهي هئي. سندس سونهن تي هيئين
جي هرک ۽ ڪامنا جي گهمنڊ جو استر چڙهيل هو. جوڳي
هن اسڀاويڪ ۽ اچرج جهڙي پرڻام تي ٺپ ٿي هن کي ڌيان
سان ڏسڻ لڳو. ناريءَ کي ڌڪاريندڙ جوڳي هن کي ڏسي
تپرس ۾ پئجي ويو. هن جيون ۾ اهڙي سندر ناري ڪڏهن
ڪانه ڏٺي هئي. ناريءَ کي ورندي ڏيڻ بجاءِ، هن پرش
سان ڳالهايو، ”مون کي پنهنجي مهمانن سان ڄاڻ سڃاڻ
جو اڌيڪار آهي؟“
پرش وراڻيو، ”ڇو نه مهراج! مان بيج گپت آهيان، راڄ جو هڪ امير،
۽ هيءَ ناري چترليکا آهي، پاتليپتر جي هڪ نرتڪي.“
”بيج گپت ۽ چترليکا!“ هن ڀيري ڪمارگريءَ جون نگاهون ناريءَ ڏي
کڄيون. ”تنهجي چنچلتا ۽ چلولائيءَ ۾ تنهنجي
ڳنڀيرتا جي ڪڙائي لڪيل آهي. تنهنجي سوڀيا ۾ زهر
ڊڪيل آهي. تو منهنجو اپمان ڪيو آهي. پر جيئن ته
تون منهنجي مهمان آهين، ان ڪري توکي آشيرواد ڏيڻ
منهنجو ڪرم آهي. پرماتما تو کي ساڃهه ۽ سمجهه
ڏئي!“
چترليکا کلي ڏنو. هن جي ٽهڪن ۾ جيءَ تي جادو ڪندڙ جهنڪار هئي.
”جوڳي! ساڃهه ۽ سمجهه جو اپٽار ڦرندڙ گهرندڙ آهي.
پيار ۾ جو سک ۽ سنتوش آهي، سو پڇتاءَ ۽ پوڄا ۾
ڦريو پيڙا ٿيو پوي. هر ماڻهو پنهنجا مول متا ٺاهي،
انهن تي هلندڙ آهي. هو رڳو پاڻ کي ئي سچارو ۽
سونهون سمجهندو آهي. ٻين کي ڀليل ۽ ڀٽڪيل.“
نرتڪيءَ ۽ جوڳيءَ جو ميل هو. پيار ۽ پڇتاءَ جو ٽڪر هو، شور ۽
شانتيءَ جي يڌ هئي ۽ جيون مڪتيءَ کي للڪاري رهيو
هو. پر ان هوندي به جوڳيءَ جي هردي يا سڀاءَ ۾
ڪوبه ڪروڌ يا شور پيدا نه ٿيو. هن سانتيڪو ٿي چيو،
” پر سچائي هڪ آهي، ۽ اها آهي ستيه جو اُتم گيان!
اهو ئي مارڳ آهي، جنهن تي سک ۽ شانتي ملي ٿي.“ هن
جو آواز ڳرو ۽ چهرو ڳنڀير هو. نوجوان جوڳيءَ جي
موهيندڙ منهن تي تپسيا جو تيج تجلا ڪري رهيو هو.
هن جي ڊگهين ۽ اونهين اکين ۾ آنند جي جوت جلي رهي
هئي.
جهٽ لاءِ جوڳيءَ جا نيڻ چترليکا جي نيڻن سان مليا، اُڌمو ۽
ولولو، پڇتاءَ ۽ تپسيا آڏو ٿيڙ کائڻ لڳو. چترليکا
پرجهي ويئي، سندس سامهون ڪو ٺڙڪائو جوڳي نه هو. هن
وت ۽ ست سهيڙي چيو، ”شانتي ۽ سک! شانتي ته
هيڻائيءَ ۽ ڪانئرتا جو ٻيو نالو آهي. باقي رهيو
سک، ان جو هڪ اپٽار ڪونه آهي. توهان جي آتم گيان
دوران ملندڙ سک ته هڪ ڏند ڪٿا آهي. ڪلپنا ۽ سپنن
جي گگن رٿ تي توهان کڻي ڪيڏو پري پري نڪري وڃو، پر
سچ پچ هوندؤ هن ئي ڏک جي سنسار۾ !“
بگڙيل ۽ ڀٽڪيل نرتڪيءَ واتان فلسفي تي وياکاڻ ٻڌي، جوڳي ڪمارگري
تپرس ۾ پئجي ويو. چترليکا سان چٽاڀيٽي هن کي ڪٺن
لڳي. جنهن ناريءَ سان هو ڳالهائي رهيو هو، سا رڳو
سندر ۽ سوڀياوان نه پر سياڻي ۽ ودياوان به هئي. هن
۾ سوچ به هئي ته ڏاهپ به. ڏاهي سان ڏاهو ۽ هوشيار
سان هوشيار ئي ٽڪر کائي سگهي ٿو. گيان جي سنسار ۾
رڳو حرفت ۽ انوکي سوچ جي سهڪار سان ئي جيت ماڻي
سگهجي ٿي. ڪمارگري ڪا مهل ماٺ رهيو. پوءَ هوريان
ڀروسي سان ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ”تو ٺيڪ چيو،
شانتي ڪرم جي ڪميءَ جو ٻيو نالو آهي، ۽ ان اَڪرم ۾
ئي مڪتي آهي. پر جو ارٿ سنسار ۾ اَڪرم جو ورتو ٿو
وڃي، سو برابر نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ به
اندرين سمجهه ڪم ڪندي رهندي آهي. اَڪرم جي مراد
آهي، اُن اجائي پولار ۽ خام خيال ۾ ملي هڪ ٿي وڃڻ،
جتي انت ۾ اوس وڃڻو آهي. اهوئي جيون جو ماڳ آهي.
سک جو، جو ارٿ تو ڪيو آهي، اهو به مان مڃان ٿو.
پر سک هڪ آهي، ان جا ٻه ارٿ ٿي نٿا سگهن. اهو سک
ڇا آهي؟ ”جڏهن منش اهو سمجهي ويو ته هو عام انسانن
کان اُتم ٿي ويندو.“
چترليکا ڪمارگريءَ جي شٻڌن کي سچو سمجهڻ لڳي. هن کي ڀاسيو ته
هوءَ جوان ۽ وڻندڙ جوڳيءَ جي موهه ۾ ڇڪبي پئي
ويئي. هن هڪ ڀيرو وري پنهنجي گهمنڊي شتروءَ کي مات
ڪرڻ جو جتن ڪيو- ”خام خيال ! جوڳي تنهجي ان خام
خيال کي ڪير ٿو مڃي. جو ڪجهه اکين آڏو آهي، سو ئي
سچ ۽ انت ستيه آهي. خام خيال ته هڪ ڪلپنا آهي. او
خام خيال جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندڙ جوڳي! توکي مون ۾
۽ پاڻ ۾ ڪو سنڌو ڏيکارجي ٿو؟ جي هائو، ته پوءِ
تنهنجو خام خيال ۾ ڪو ويساهه نه آهي، جي نه، ته
پوءِ گيان ۽ اگيان، سک ۽ دک، پرش ۽ ناري، پاپ ۽ پڃ
بابت تنهنجا سڀ ڀاشڻ رڳو ديومالائون آهن. ماڻهوءَ
جو لکيو اوس پورو ٿيڻو آهي، هو سرشٽيءَ جي نيمن ۽
انهن لاءِ ڪم ڪندڙ شڪتين کان پاڻ بچائي نٿو سگهي.
هي سنسار ماڻهوءَ لاءِ للڪار آهي. هو هن سنسار ۾
ڪم ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ نه ڪي شور ۽ گهٽنائن کان
ڀڄڻ لاءِ. ۽ سک، اهو ته دلجاءِ ۽ اڃ اجهڻ جو ٻيو
نالو آهي، ۽ دلجاءِ ۽ آٿت اتي هوندو، جتي ڪامنا ۽
چاهنا هوندي.“
جوڳي ملول هو ۽ چترليکا چهري هئي. هن گيان ۽ وديا جي يڌ جا ٻه
درشنڪ الڳ الڳ اُڌمن جو شڪار هئا. بيج گپت پنهنجي
نيمن جو پنهنجي پريتما چترليکا واتان اهڙو سهڻو
وياکاڻ ٻڌي بهار بهار پئي ٿيو، ۽ وشالديو هڪ
نرتڪيءَ جي گيان ۽ وديا تي تپرس ۾ هو. ٻيئي
ڪمارگريءَ جي جملي جلهه ٻڌڻ لاءِ بي چين هئا.
ڪجهه دير ماٺ رهڻ کان پوءِ، ڪمارگريءَ ڳنڀيرتا ۽ ڌيرج سان
وراڻيو، ”ايشور! ايشور ۽ انسان ۾ ڪو سنڌو نه آهي.
جي ڪو آهي به ته اهو هٿراڌو ۽ ماڻهن جو جوڙيل آهي-
سندس انا جو. اها انا يا انسان جو آپو ڪجهه به نه
آهي، رڳو مايا ۽ برهما جو ميلاپ! ۽ مايا پاڻ برهما
جوانگ هوندي به ٻاهرئين ٻني ان کا ڌار آهي. برهما
جيستائين مايا سان ملندو رهندو ته ماڻهو ٻنڌڻن ۾
ليکبو، ۽ جڏهن ان مايا کان نظر جي دوکي جي دنيا
کان پاند ڇڏائيندو ته پنهنجو اصلي روپ ماڻيندو. تو
۽ مان، اسان ٻنهي ۾ سچ پڇين ته ڪو سنڌو نه آهي، ڇو
ته تون به برهما جو ڀاڱو آهين ۽ مان به. سنڌو رڳو
اهو آهي ته تون مايا سان مليل برهما آهين، ۽ مان
اهو برهما آهيان، جنهن ان کان جند ڇڏائي آهي. ان
ڪري ئي مان مايا کان پاڻ پري رکڻ جو جتن ٿو ڪريان
ته متان ان جي موهه ۾ اچي پٺتي نه هٽي وڃان.
تنهنجو اهو انومان به غلط آهي ته سک معنيٰ دلجاءِ
۽ اڃ اُجهڻ آهي. جي ڪامنا جو پورو ٿيڻ ئي جيون جو
ماڳ ۽ اڃ اُجهڻ جو وسيلو آهن، ته پوءِ تون شايد
برابر هجين. پر مان ٻڌائي ڇڏيانءِ ته ڪامنائن جي
دٻاءَ هيٺ ڪرم ڪرڻ سان نه ته ڪو مهان پرش ٿي سگهي
ٿو ۽ نه ئي سک يا انت سچ پراپت ڪري سگهي ٿو. ٻڌڻن
۾ آتما ڀٽڪندي رهي ٿي، پر انهن کان ڇوٽڪارو پائڻ
سان ئي منش مهانتا ماڻي ٿو. سک ۽ سنتوش هن دکي
سنسار کي تياڳڻ سان ماڻي سگهجن ٿا.“ ڪمارگريءَ جهٽ
ساهي پٽي، وري ڳالهايو، ”۽ ياد رک ته دليلن سان
ڪنهن شيءِ جو انت پائڻ ڪٺن آهي. سچ رڳو تجربي سان
ئي سڃاڻي سگهجي ٿو. تجربي ۽ ويساهه جي سهڪار کان
سواءِ گيان جي سنسار ۾ وک وجهڻ اَڻ ٿيڻي آهي. وديا
۽ گيان جي وسيلي ئي، جي جيون جو سچو جوهر آهن،
سرشٽيءَ جون اَچيت ۽ اڪرمي شڪتيون برهما سان ملن
ٿيون.“ ايترو چئي، ڪمارگري اٿي بيٺو ۽ چيائين،
”دير ٿي ويئي آهي، هاڻي سمهڻ گهرجي.“
ڪمارگريءَ جي جواب چترليکا جي اڃ نه اجهائي. ڪمارگريءَ کي به
ائين ئي ڀاسيو. پر ڪماگريءَ جي روپ ۽ چر تر
چترليکا کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو. جوڳيءَ نرتڪيءَ ۾
گيان ۽ ڌيان ڏٺو ۽ نرتڪيءَ جوڳيءَ ۾ موهه. اها
اچرج جي انتها هئي. ٻنهي هڪٻئي جي پياس نه لاٿي
هئي،پر اثر وڌو. ٻيئي هڪٻئي ڏي ڇڪجي ويا. جوڳيءَ
کي نرتڪيءَ جي گيان ڇڪيو ۽ نرتڪيءَ کي جوڳيءَ جي
سونهن. پر جو ڪجهه بيج گپت ڏٺو، سو هو پاڻ به
سمجهي نه سگهيو. ڪمارگريءَ ۽ چترليکا جي ڳالهه
ٻولهه هن جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو ۽ هو بي چين
ٿي ويو. اها بي چيني ڪهڙي ڪارڻ هئي، سو گهڻي مٿي
مارڻ کان پوءِ به سمجهي نه سگهيو. چترليکا جي
ڪمارگريءَ ڏانهن لاڙي جو هن جي من ۾ کن لاءِ شڪ ۽
گمان پيدا ٿيو، پر هو ان تي پت نه ڪري سگهيو.
ڪمارگريءَ چيو، ”منهنجو چيلو وشالديو اڄ منهنجي ڪٽيا ۾ رهندو ۽
ان جي ڪٽيا مهمانن جي بلي هوندي.“
بيج گپت ۽ چترليکا وڃڻ لاءِ اٿي بيٺا. وڃڻ کان اڳ چترليکا چيو،
”جوڳي! پوڄا ۽ پڇتاءُ جيون جي ڀليل ڪلپنا آهي.
تياڳ ۽ تپسيا آتما جو آپگهات آهي. چڱو، مهراج،
پرڻام.“ ايترو چئي هوءَ بيج گپت سان گڏ ٻاهر هلي
ويئي.
هنن جي وڃڻ پڄاڻان ڪمارگري کليو. چترليکا جي پوئين جملي هن کي
سوچ ساگر ۾ ٽٻيءَ ڏيڻ جو ڪارڻ ڏيئي ڇڏيو. هن پاڻ
سان ڳالهايو، ”تون سچ ٿي چوين. پوڄا ۽ پڇتاءُ آتما
جي آپگهات آهي، ۽ برهما ۽ مايا جي ميلاپ کي آتما
ٿو چئجي. جڏهن آتما مري ٿي وڃي ته مايا گم ٿي وڃي
ٿي ۽ رڳو برهما ٿو وڃي بچي.“ پنهنجي ڀڻ ڀڻ چالو
رکندي هن چيو، ”نرتڪي! ڪاش توکي تجربو هجي ها ۽
ٻين حالتن ۾ هجين ها، ته پوءِ شايد تون اهو ڀيد
سمجهي وڃين ها. تو وٽ گيان آهي پر سٺو گرو ڪونه
اٿئي جو مارڳ پساوئي! مون کي توتي ڪهل ٿي اچي.
وشالديو، بيج گپت ۽ چترليکا کي پنهنجي ڪٽيا ۾ ڇڏي، ڪمارگريءَ
وٽ موٽي آيو. سمهڻ کان اڳ بيج گپت، چترليکا کي سڏ
ڪيو، ”چترليکا!“
”چئو پيارا،“ هن ورندي ڏني.
بيج گپت ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيو، ” من تي ڳرو بار ٿو لڳي. مون کي
پنهنجي ۽ تنهنجي جيون مٿان رک جا ڪارا ڪڪر جهموندا
ٿا نظر اچن. چترليکا! ڪماگري هڪ جوڳي آهي، پر
گڏوگڏ سوڀياوان به.“
چترليکا جو منهن هيڊ هڻي ويو. پر هن ترت پاڻ سنڀالي ورتو ۽ بي
پرواهيءَ جي لهجي ۾ وراڻيو، ”ڪمارگري جوڳي آهي،
چريو ۽ ڇسو. هن جي آتما مري چڪي آهي ۽ منجهس ڪا به
جيون شڪتي ڪانه آهي.“
چترليکا پاڻ کي ۽ بيج گپت کي ٺڳڻ جو جتن ڪيو. هن اڳتي چيو،
”ڪمارگري رڃ جو راهي آهي، ۽ پاڻ ٻيئي ڪرم جي سنسار
جا سيلاني. ڪمارگريءَ آتما جو انت آندو آهي ۽ اسان
جو آتما ۾ ايمان آهي. ڪمارگري خام خيال ۽ ڪلپنا جي
جڳ ۾ ٿو وسي ۽ اسان ته سچ ۽ ساڀيا جي ان سنسار ۾
ٿا رهون، جو مستيءَ ۽ مڌرتا، پريم ۽ جوڀن جي جوت
سان جرڪي پيو، سنسار جي ڪا وسٿو اسان ٻنهي جي وچ ۾
نٿي اچي سگهي.“
بيج گپت جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو، ”ڀڳوان شل ائين ڪري!“
پر ڪمارگري به سنسار جو ئي هو......؟
چترليکا بيج گپت کي ته رکي وئي، پر پاڻ کي نه ٺڳي سگهي. هن دل ۾
چيو، ” پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪمارگري سهڻو
آهي.“ |