سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چتر ليکڪا

صفحو :4

باب اٺون

طوفان اچڻ کان اڳ اٿاهه ۽ اُڇلون ڏيندڙ سمنڊ تي سانت ڇانئجي ويندي آهي. وايومنڊل ۾ هڪ انوکي ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويندي آهي. سموري سرشٽي ايندڙ آپدا جي ڀؤ کان ڊنل ۽ وائڙي ڏيکاربي آهي.

۽ پوءِ؟ طوفان جا دل ڏڪائيندڙ جهوٽا، لهرن جو مست ناچ  ۽ تباهيءَ جو راڳ.

ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ کان اڳ، آسمان تي اُداسي ڇانئجي ويندي آهي، سندس نيرو رنگ ميرانجهڙي دونهين سان گدلو ٿي ويندو آهي ۽ وايو منڊل ايندڙ آفت جي ڀؤ ۾ موڳو ٿي ويندو آهي.

۽ پوءِ؟ باهه جون ڄڀيون، ڌڌڪندڙ ڌرتيءَ جو اڇلائي ڦٽي ڪيل، پگهريل لاوا وڻن کي پاڙان پٽي ڦٽي ڪندو آهي، راهه تي هر شيءِ ڌڪيندو آهي ۽ آخرت ۾ موت ۽ تباهي جيون کي ڳڙڪائي ويندي آهي.

چترليکا جو رٿ بيج گپت جي محلات ڏانهن وڃي رهيو هو. شام ٿي ويئي هئي. ٻپهريءَ جي هانءُ ساڙيندڙ گرميءَ کان پوءِ پاتليپتر جا رستا اميرن ۽ سردار جي رٿن سان سٿيا پيا هئا. مالهين جون سهڻيون ڪنياؤن رابيل جا هار کنيو سڙڪن جي پاسن کان بيٺيون هيون. شراب ۽ شربت شهر جي نوجوانن ۽ سندرين جي چپن کي ڇهي رهيا هئا. من جي گهراين مان ملندڙ آڇون هيون ۽ ناز نخري سان ٺڪرائڻ ۽ انڪار جا لفظ هئا. روح رهاڻيون هيون، جيءَ جون جهونگارون هيون ۽ رٿن جي ڦيٿن ۽ گهوڙن جي سنبن جي آواز جي سنگم مان اڀرندڙ سنگيت هو. شاهي سڙڪ تي ته ڄڻ ته ڪو ميلو هو. جوهرين ۽ صرافن جي دڪانن تي سڀ کان وڌيڪ پيهه هئي، جتي سندر نايون پنهنجن ٽهڪڙن ۽ من موهيندڙ ڳالهين سان ماحول ۾ مستي پيدا ڪري رهيون هيون، ۽ ڳهن جي جهنڪار سان ان کي وڌيڪ مست ۽ مڌر بڻائي رهيون هيون. پان جي مانڊلين تي نوجوان هڪٻئي سان چرچا گهٻا ڪري رهيا هئا. بيج گپت به ان گوڙ گهمسان ۾ ملي ويو هو.

ان وقت شوتينڪ ٻاهر نڪرڻ لاءِ سنڀري رهيو هو. سندس رٿ ٻاهر جتيو بيٺو هو ۽ شيوڪ کيس ويس پارائي رهيا هئا. هڪ نوڪر اچي کيس سڌ ڪئي ته ٻاهر چترليکا آئي هئي. شوتينڪ منجهي پيو. بيج گپت جو ان ويل نه هجڻ هن کي چڱو نه لڳو. هن اڳ ئي هڪ پاپ ڪيو هو ۽ هينئر ان کي ورجائڻ لاءِ وري هو تيار نه هو. اويلي مهمان کي ٽارڻ جو به ڪو حيلو ڪونه هو. هن دربان کي چيو، ”چئينس ته اجهو آيم.“

شوتينڪ ٻاهر نڪتو. اميراڻي پوشاڪ ۾ ڪنهن راڄوڻي ڪل جو راجڪمار پئي لڳو. کيس نمسڪار ڪري هن چيو، ”آگيا ديوي؟“

چترليکا سدا جيئن موهيندڙ ۽ مهربان مرڪ سان وراڻيو، ”بيج گپت سان ملڻ آئي هيس، پر شايد هو گهر ۾ ڪونهي.“

شوتينڪ به مرڪيو، ”توهان جو انومان ٺيڪ آهي.“

”پوءِ سوچيم، آئي آهيان ته موٽي وڃڻ کان چڱو آ ته توسان ئي ملي وڃان.“

”توهان جي ڪرپا آ، ديوي! آءٌ ته توهان جو شيوڪ آهيان،“ شوتينڪ چيو.

”ائين نه چئو،“ هن وراڻيو، ”اڄ مان ڏاڍي اداس هيس، سو سوچيم ته شهر جو سير ڪري دل بهلائي اچان. گهمڻ لاءِ نڪتي آهيان، بيج گپت ڪونهي ته ڇا ٿيو، تون جو آهين!“

”چڱو، سائڻ!“ ايترو چئي، هو پنهنجي رٿ ڏي چُريو. پر چترليکا هن کي ٻانهن کان جهليو – ”نه، توکي مون سان منهنجي رٿ ۾ هلڻو پوندو.“

چترليکا جي هٿ جي ڇهاءَ هن تي جادوءَ جو ڪم ڪيو. هو هن سان گڏجي وڃي ويٺو. رينان شوتينڪ جي هٿ ۾ هيون. ”شاهي رستي ڏي!“ چترليکا هن کي حڪم ڏنو. شاهي رستي کي ويجهو پهچي چترليکا واڳون ورتيون. گهوڙا سيٽجي ويا شايد هنن اِندرين رستي ڄاڻي ورتو هو ته سندن واڳون ان ناريءَ جي هٿ ۾ هيون، جا پاتليپتر جي گهمنڊي ۽ اڀماني اميرن کي اشارن سان نچائيندي هئي. هو ٽانءِ ۾ ڀرجي اوچي ڳاٽ سان شاهي رستي واري ونگ ۾ گهڙيا. چترليکا جي رٿ کي ڏسي، وڏن ڏون رئيسن جا رٿ پاسو وٺي بيهي پئي رهيا، ۽ سوارن هن کي پرڻام پئي ڪيا. ڪن شوتينڪ کي هن سان ڏسي عجيب وغريب ٽيڪا ٽپڻي به پئي ڪئي، پر هن ان پاسي ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏنو. واکاڻ، پرڻام يا ٽوڪ – هر ڪنهن جي جواب ۾ هوءَ رڳو مرڪي پئي.

چترليکا ان وقت رابيل جي گلن سان جنهجهي پيئي هئي. هر رئيس ۽ راجڪمار هن ڏي هار اڇلي رهيو هو، ۽ هن ڪنهن کي به نراس ڪرڻ نه پئي چاهيو. رٿ ۾ ويٺل چترليکا ان مهل ديوي لڳي رهي هئي. ماڻهن هن کي مان پئي ڏنو. سندس آڏو جهڪيا پئي ۽ سندس پوڄا پئي ڪئي. ائين پئي لڳو ته سڄو شهر پنهنجي ديويءَ جي سواگت لاءِ اچي شاهي سڙڪ تي سٿيو هو.

سامهون هڪ رٿ اچي هن جي رٿ جي پاسي ۾ بيٺو. ان مهل هوءَ هڪ نوجوان سان ڳالهائي رهي هئي. رٿ کي بيهند ڏسي، سندس ڌيان ان پاسي ويو. بيٺل رٿ مان بيج گپت جو مرڪندڙ منهن نڪتو.

”اڄ چترليکا جو هت هجڻ، انوکي واردات نه آهي؟“

”۽ اڄ بيج گپت کي سندس جاءِ تي نه پائڻ به انوکي ڳالهه آهي!“

سوال ۽ جواب، ٻنهي ۾ هڪ ڀيد لڪل هو، جنهن کي ٻيئي سمجهي ويا. شوتينڪ رٿ تان لهي پيو. ”اڄ بيج گپت چترليکا کي گهر هلڻ جي نينڍ ٿو ڏئي – آشا اٿم ته هوءَ ان کي سويڪار ڪندي.“

چترليکا وراڻيو، ”ان کان وڌيڪ آنند ٻيو ڪهڙو.“

شام سنجها ۾ مَٽجي رهي هئي. شاهي سڙڪ تي فانوس ٻاريا پئي ويا. بيج گپت پنهنجي رٿ تان لهي چترليکا سان چڙهيو. گهوڙن جي واڳ وٺي گهر ڏانهن موڙيائين. شوتينڪ مالڪ جي رٿ ۾ هنن جي پويان هلڻ لڳو.

”ان ڳالهه جو سچ پچ ڏک اٿم، جو تون گهر آئينءَ ۽ مان ات ڪونه هوس،“ بيج گپت چيو.

”ڏک جي ڪا ڳالهه نه آهي،“ چترليکا وراڻيو، ”ڏوهه منهنجو آهي. ڇو جو اويلو  ڪمهلو آئي هيس ۽ ان سمي تنهنجو ان جاءِ تي نه هجڻ ڪا عجب ڳالهه نه هئي.“

هن جواب نه ڏنو. ڪا مهل ٻيئي چپ رهيا. ٻيئي سوچي رهيا هئا ته ڪهڙي نموني سان وري ڳالهه جو منڍ ڪڍجي. نيٺ بيج گپت سانت ٽوڙي – ”چترليکا اڄڪلهه چت ڏاڍو بي چين اٿم. ڇو؟ اهو پاڻ به نٿو ڄاڻان! هڪ ڳالهه پڇانءِ؟ ڪيترن ڏينهن کان ملي نه آهين، ايڏو پري ڇو ٿي ويئي آهين؟“

چترليکا منهن مٿي کنيو. ”ڪارڻ ٿو پڇين؟ چڱو.... ٻڌ.... نه اچي سگهيس، ڇا لاءِ ته اچڻ جي اِڇا ڪانه هئي.“

بيج گپت کي ان جواب ٻڌڻ جي تر جيتري به آس ڪانه هئي. هن سمجهيو ته چترليکا کيس ڪو بهانو ڏيئي کميا وٺندي. پر سندس چٽو، کليو، بي مروتيءَ وارو جواب ٻڌي، بيج گپت کي تپرس به آيو ۽ ڪاوڙ به. هن کي ڪاوڙ پاڻ تي ته آئي پر چترليکا تي به. ”اچڻ جي اِڇا ڪانه هئي! اُن جي ڪارڻ پڇڻ جو مون کي اڌيڪار آهي؟“

چترليکا بيج گپت ڏانهن ڏٺو. سندس اندر جي ڪروڌ منهن تي ڪاوڙ ۽ ڳنڀيرتا آڻي ڇڏي. تڏهن به هن ڪروڌ ۽ ڪاوڙ تي جيت پائي، هن کي ٿڌائپ ۽ ڌيرج سان وراڻيو، ”توکي ان جو اڌيڪار آهي! سو ته سچ پچ مان به ڪونه ٿي ڄاڻان! منش جو ٻئي منش تي ڪيترو وس آهي، سو مون کي هن مهل تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي. پوءِ به جي تون ڪارڻ ڄاڻڻ چاهين ٿو، ته ٻڌ. اهو سمورو سمو مان ڏاڍي بيچين رهي آهيان. ان بيچينيءَ ۾ مون پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجن کي وساري ڇڏيو هو.“

اوهڙيءَ مهل رٿ اچي بيج گپت جي دروازي تي بيٺو. شوتينڪ پنهنجي رٿ تان لهي، چترليکا ۽ بيج گپت کي لهڻ ۾ مدد ڪئي. ٽيئي هڪٻئي پٺيان بيج گپت جي بيٺڪ ۾ گهڙيا. شوتينڪ وڃڻ لاءِ موٽيو ته بيج گپت سڏ ڪيس، ”ترس! شوتينڪ. وڃين ڇا لاءِ ٿو.“

چترليکا بيج گپت کي ريٽيندي چيو، ”نه ته، هت ڪهڙو ڪم اٿس.“

”پر، مون کي هن جي ٻاهر ترسڻ ۾ به ڪا ڀلائي نٿي نگاهجي!“ هن وراڻيو، ۽ ٽهڪ ڏنو، ”هتي ترسڻ سان شايد ڪو لاڀ پلئه پئيس. سيکڙاٽ ۽ نول آهي، متان ڪو تجربو ئي ملي وڃيس.“ شوتينڪ ترسي پيو، ۽ بيج گپت هن کي مڌ پيارڻ لاءِ چيو.

شوتينڪ هن مهل تائين ان ڪم جو چڱو ڄاڻو ٿي پيو هو. مڌ جا پيالا ڀري هن بيج گپت ۽ چترليکا کي ڏنا ۽ پاڻ به کينو. پوءِ ٿورڙو هنن کان پرڀرو هڪ ديوان تي اهلي پيو.

بيج گپت وري ڳالهه کولي – ”ها، سو تو پئي چيو ته بي چينيءَ ۾ تون پاڻ ۽ پنهنجن کي وساري ويٺي هئينءَ. اها بي چيني جنهن ايڏي ساري ويسر آندي آهي، سا پاڻ به انوکي هوندي؟“

چترليکا کلي  - ”تنهن جي معنيٰ ته بيج گپت مون کي بي چينيءَ جي ڪارڻ ٻڌائڻ يا من جي ڀيد ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي.“

”نه، مجبور ته ڪونه ٿو ڪريان، پر، رڳو وينتي ٿو ڪريان، ته مون کي به ان ڪارڻ جي سڌ پوي.“

”چڱو، جي بيج گپت ايترو زور ٿو ڀري ته ايترو ٻڌايان ٿي ته اُن اَسڀاويڪ ۽ انوکي بي چينيءَ جو ڪارڻ به اَسڀاويڪ ۽ انوکو آهي. ان جو وڌيڪ اپٽار مان ڪري ئي نٿي سگهان.“

بيج گپت شوتينڪ ڏانهن ڏٺو، جو ماٺ ڪيو هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ”چترليکا مجبور آهي....“ بيج گپت هوريان چيو،”چترليکا، اڄ، پنهنجي گڏيل جيون دوران تون پهريون ڀيرو دل جي ڳالهه مون کان لڪائي رهي آهين. چترليکا جي دل بدلجي ويئي آهي. بيج گپت ان تي سچ پچ وسميه ۾ آهي.“

مڌ پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. ٻيو پيالو کڻندي، چترليکا چيو، ”مٽ سٽ جي هن سنسار ۾ ڪنهن وسٿوءَ  جو مٽجڻ سٽجڻ اڻ ٿيڻي نه آهي.“

بيج گپت کي ڌڌڪو آيو. سچ پچ، اهو ڪجهه، ڪنهن پيار جي پياسيءَ کي ڇرڪائڻ لاءِ گهڻو ڪي ئي هو. ان جواب ٻڌڻ لاءِ هن ڪڏهن سوچيو به نه پئي. ”ڇا ٿي چوين؟ هن سنسار ۾ هر شيءِ مَٽجي سگهي ٿي. ته پوءِ مان ائين سمجهان ته چترليکا جي پريت به مٽجي سگهي ٿي؟“

چترليکا هينئر پنهنجي ڳالهه تي پڇتائڻ لڳي هئي. اُٻهرائيءَ ۽ ري سوچي ڪاوڙ ۾ هوءَ اهو چئي ويٺي هئي. هن سوچيو ئي نه هو ته بيج گپت انهن لفظن جو ايڏو اونهو ارٿ ڪڍندو. هن کي سڌ پيئي ته لفظن ڳولڻ ۽ ڳالهالڻ ۾ هن کي چت لائڻ گهربو هو. ”نه، بيج گپت! تو ڀليل آهين. چترليکا جو پيار ايترو ته اجهل ۽ اپار آهي، جيترو اونهو ۽ وشال ساگر. ان جو انت نٿو اچي سگهي. پر اهو مان مڃان ٿي ته پيار مٽجي سگهي ٿو. مٽ سٽ سرشتيءَ جو نيم آهي، ۽ پيار به ان سرشٿٽيءَ جو ڀاڱو آهي. ان ڪري اهو نيم ان سان به اوترو ئي لاڳو آهي جيترو ٻين وسٿن سان.“

چترليکا جي ڳالهه ۾ بيج گپت کي سچ جي جهلڪ نظر آئي. ان ۾ ڪا به ڪپت يا ڪوڙ نه هو، پر جيئن ته وقتائتي ۽ سنڌائتي هئي ان ڪري منجهس ڪڙائي اوس هئي. بيج گپت کي ائين لڳو ڄڻ چترليکا کانئس پري وڃي رهي هئي. ڪو اڻ ڄاتل سڃاتل هٿ سندن آتمائن کي هڪٻئي کان ڌار ڪري رهيو هو.

”چترليکا! تون ڀلجين ٿي. پيار جو لاڳاپو آتما سان آهي.۽ شرير سان نه. جنهن شيءِ جو شرير سان ناتو آهي، سو اُڌمو آهي ۽ ڪام ڪروڌ آهي. ان ڪام ڪروڌ کي ئي ان شرير جي واسنا ۽ ڪامنا هوندي آهي جنهن کي سرشٽيءَ سهڻي ۽ مٽجندڙ روپ ۾ گهڙيو آهي. پيار ته آتما سان ٿيندو آهي. مٽ سٽ برابر سرشٽيءَ جو نيم آهي، پر اهو آتما سان لاڳو نه آهي. آتما آدي آهي، اَمر آهي، ۽ ان ڪري اڻ مَٽ آهي، ۽ ساڳيءَ ريت ان جا ناتا ۽ لاڳاپا به.“

چترليکا ٽهڪ ڏنا ۽ ڀڙڪو کاڌو، ”آتما جا ناتا امر آهن! انوکي ڳالهه ٿو ڪرين بيج گپت! جنهن کي جنم مليو آهي ان کي دير مدار اوس مرڻو آهي. امر اها شيءِ آهي جا ڄائي نه آهي، جنهن جو ڪو انت نه آهي ۽ جو آدي جگادي آهي. هي مانڊاڻ جڙيو آهي ته ڊهندو به سهي. آتما ڪٿان جنم نه ورتو آهي ان ڪري امر آهي. پر پيار آدي يا بي انت نه آهي. پيار ته ڪنهن ماڻهوءَ سان، ڪنهن جڳهه تي جنم وٺي سگهي ٿو، پوءِ اهو لاڳاپو امر ڪيئن ٿو سگهي، ان جو هڪ ڏينهن انت اوس اچڻو آهي. پريم ۽ ڪام ڪروڌ ۾ فرق رڳو اهو آهي ته پيار وڌيڪ جٽادار ٿئي ٿو. ڪام ڪروڌ هڪ پاڳلپڻي ۾ جنم وٺي ٿو ۽ ان چريائپ جي دور پوري ٿيڻ سان ئي اهو به انت وٺي ٿو. پيار ۾ ڳنڀيرتا ۽ ٺهراءُ ٿئي ٿو، ان ڪري اهو ڪو وقت جٽاءُ ڪري ٿو. پر اها هام ڪوبه نٿو هڻي سگهي ته ڪو اهو امر ٿو ٿئي.“

بيج گپت ڏٺو ته بحث ۾ وڌيڪ تکي پئي ٿيندي ويئي. هر ڀيري هوءَ کيس ڄاڻ ۽ گيان جي کيتر ۾ مات ڏيئي رهي هئي. هو پيڙا جي آخري پتڻ تي اچي پهتو هو. ”ٺيڪ، آ، ديوي!“ هن مرجهايل منهن سان چيو، ”تون جو ڪجهه چئين ٿي سو سچ هوندو، سچ سان ٽڪر کائڻ جي مون ۾ مجال نه آهي. اهو ته هر ڪنهن جي ويساهه تي ٻڌل آهي. پر ايترو چوڻ مان به واجب سمجهان ته ڪام ڪروڌ ۽ پريم ۾ اهو فرق آهي جو سياڻپ ۽ چريائپ ۾. چريائپ وقتائتي ۽ ٿورڙي يا گهڻي سمي لاءِ هوندي آهي ۽ سياڻپ سدا رهڻ واري آهي. سياڻپ ڪو وقت جهَڪي، ماٺي يا گم ته ٿي سگهي ٿي پر ناس نٿي ٿي سگهي. جڏهن ڪنهن منش تي چريائپ چڙهي ٿي ته هن جي سڃاڻپ لڪي ٿي وڃي ۽ چريائپ لهڻ سان ئي اها وري نروار ٿي ٿئي. جي ڏاهپ  ۽ ڄاڻ امر نه آهن ته پيار به امر نه آهي. پر منهنجي ويچار  انوسار سياڻپ امر آهي ۽ اڻ مٽ آهي ۽ ان ڪري پيار به. اهي ٻيئي ايشور جو انگ آهن.“

ان وقت چترليکا اهلي پيئي هئي. سندس اکيون مستيءَ ۾ ٻوٽجي رهيون هيون ۽ سندس منهن تي ڪام ڪروڌ جا ڀاؤ پڌرا ٿي رهيا هئا. هوءَ اٿي ويٺي. ”بيج گپت تون سچو آهي. آءٌ ڀليل هيس. کميا ڪر پيارا! مان  مورکپڻي جي وس ٿي اهي ويچار پڌرا ڪري ويٺي هيس.“ اتيرو چئي هوءَ رڙهي آئي ۽ ٻانهون بيج گپت جي گلي ۾ وجهي ڇڏيائين. پوءِ هڪ انوکي مهٽ سهٽ ۽ ڀڻ ڀڻ شروع ٿي ويئي. اهو ڪجهه شوتينڪ جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پري هو. هو اٿي بيٺو. بيج گپت چيو، ”شوتينڪ! تون ڀلي وڃ. پر رٿ نه ڇوڙائجان. اڄ اسان ٻنهي کي ٻاهر ڀوڄن تي هلڻو آهي.“

 

باب نائون

پريو مڙس آريه شريشٿا مرتينجيه جيتوڻيڪ کتري هو پر سڀاءَ ۽ ڪرمن ۾ هو هڪ برهمڻ هو. پاتليپتر جي هن سردار جي محل ۾ عيش ۽ عشرت ۽ اڊنبر ۽ دٻدٻي بجاءِ تياڳ ۽ تپسيا جو راڄ هوندو هو. شهر جو ننڍو وڏو کيس ڄاڻندو ۽ سندس مان ڪندو هو. گوڙ گهمسان واري شهري جيون کان هو پري ۽ پاسيرو گهاريندو هو. پوڄا، تپسيا ۽ گيان ماڻڻ هن جو جيون هو.

اوجهڙ ۽ اڪيلائي چاهيندڙ هن کتريءَ وٽ اکٽ ۽ اڻ مئي ڌن دولت هئي. هو راجيه سڀا جو ناميارو امير هو ۽ مها راجا وٽ به چڱو خاصو مان ملندو هوس. پر ان هوندي هن تپسيا ۽ پراشچت جي اڻانگي راهه تي وک وڌي هئي. ماڻهو هن کي چاهيندا هئا، سندس مان ڪندا هئا ۽ کيس ڏسي شرڌا  ۾ سر جهڪائي ڇڏيندا هئا. هن ۾ انيڪ گڻ هئا، هن وٽ آتمڪ شڪتي هئي ۽ پوتر جيون هو. هن جي پوترتا ۽ جيون جي سمرپڻ هن کي پاتليپتر جي گيانين ۽ ودوانن ۾ به اوچو پد ڏنو هو.

پر هن کي ڪوبه پٽ نه هو. کيس رڳي هڪ ڌيءُ هئي. جنهن جو نالو يشوڌرا هو. پيءُ جي اڪيلي اولاد هئڻ سبب هوءَ پيءُ لاءِ سڀ ڪجهه هئي. هوءَ ارڙهن سالن جي ٿي چڪي هئي ۽ پڻس پيريءَ جي به پوياڙيءَ ۾ پهچي چڪو هو. يشوڌرا نه رڳو پيءُ جي ڌن جي اڪيلي وارث شاهوڪار هئي، پر سوڀيا ۽ جوڀن به چوٽ تي هيس. هر نوجوان لاءِ هن جو سڱ ملڻ ۽ ماڻڻ مان ۽ اڀمان جي ڳالهه هئي. هوءَ سادگيءَ ۽ سونهن جو انوکو ميلاپ هئي. سندس چهري تي سدائين ابهم ٻالڪ واري مرڪ رهندي هئي. سندس نيڻ شرميلن نگاهن جو ڀنڊار هئا. هن جي ڳلن تي ڪنوارپ واريءَ لاج جي لالي بکندي هئي. هوءَ ڪنيا جي روپ ۾ پورڻ لاجونتي هئي.

سمنت مرتنيجيه پنهنجي نينگر جي لاءِ ور ڳولي رهيو هو. شهر جر چڱن چوکن ماڻهن مان هن جو لاڙو بيج گپت ڏانهن سرس هو. چڱن مٺن، جن ۾ اهي به اچي ٿي يا جي يشوڌرا جي سڱ جي پنهنجي پٽن لاءِ آس ۽ سڌ رکندا هئا، جن کيس ڪيترائي ڀيرا، بدگمان ڪرڻ لاءِ، بيج گپت ۽ چترليکا جي لاڳاپن بابت ٻڌايو ۽ ڀريو ۽ کيس ان ڳالهه تان لاهڻ جا جتن ڪيا هئا. پر هر ڀيري هن تجربيڪار ۽ سنسار چڪر جي گهڙيل سڙيل سردار، جو انساني سڀاءَ جو سٺو پارکو هو، انهن جي انومانن ۽ ڀؤن کي هڪ پاسي اڇلائي پڏيو هو. ”بيج گپت جوڀن جي مستيءَ ۾ آهي، هي سندس اهڙي سکي ۽ مست جيون گهارڻ جا ڏهاڙا آهن. آئيندو اڃا اڳتي گهڻو آهي. بيج گپت پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلڇڻو آهي، پاڻهي ئي ان تجربي جي پرکشيا مان پار پوندو....“ هو سدائين کين اهو جواب ڏيندو هو.

ان ڏينهن بيج گپت کي مرتينجيه جي گهر هڪ ڀوڄن ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪانڍ مليل هئي، جو يشوڌرا جي جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ ٿي رهيو هو. بيج گپت جا مرتينجيه سان ڪي ڳوڙها ناتا نه هئا. ۽ يشوڌرا کي به هن ٻال اوسٿا ۾ ڪو هڪ ٻه ڀيرا ڏٺو هو. ان ڪري ان ڪوٺ کيس اچرج ۾ وجهي  ڇڏيو. وڌيڪ تپرس جهڙي ڳالهه اها هئي، جو ساڻس ساڳئي ئي ڪوٺ پتر ۾ چترليکا کي نينڍ ڏني ويئي هئي.

بيج گپت چترليکا کي چيو، ”چترليکا! هڪ انوکي آپدا ٿي آهي. مان نٿو سمجهان ته تون ڪو سمنت مرتينجيه کي گهڻو ڄاڻين سڃاڻين؟“

”هائو! ساڻس رسمي مکا ميل ٿيو اٿم.“

”۽ شايد سندس يشوڌرا سان به؟“

ٿورو سوچي هن وراڻيو، ”ها! ان کي به هڪ ٻه ڀيرو ڏٺو اٿم.“

”اڄ مون کي مرتينجيه وٽان يشوڌرا جي جنم ڏينهن تي اچڻ جي ڪوٺ ملي آهي. مان ساڻس ايڏو گهرو نه آهيان، ان ڪري پڙهي اچرج آيم. ان کان به وڌيڪ اچرج ان ڪري آيم، جو مون سان گڏ توکي به سڏيو ويو آهي.“

”مان ته ڪانه هلنديس،“ هن چنلچتا سان پاسو ورائيندي چيو.

”نه چترليکا! توکي ۽ مون کي گڏي ڪوٺيو ويو آهي. اهو سڀاويڪ به آهي، ڇو جو سماج اسان جي ناتن ۽ نينهن کي پوتر ٿو سمجهي.“

چترليکا ڪا مهل ماٺ ۾ سوچيندي رهي. پوءِ چيائين، ”بيج گپت! مان وڏن تهوارن تي سدائين نرتڪيءَ جي روپ ۾ ڪوٺي ويندي آهيان. هيءَ نرالي نينڍ آهي. ائين نه ٿئي، جو انهن جون ناريون مون تي ٺٺوليون ڪن ۽ منهنجو اپمان ڪن. جي ائين ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو!“

ان انومان بيج گپت کي کڙو ڪري ڇڏيو. ”پياري! وشواس ڪر ته منهنجي هوندي ڪنهن کي به تنهنجي اپمان ڪرڻ جي مجال نه ٿيندي،“ هو کليو ۽ پوءِ شوتينڪ کي سڏيائين.

ٻيئي شوتينڪ سان گڏ ٻاهر نڪتا، ۽ بيج گپت جي رٿ ۾ مرتينجيه جي جاءِ ڏي اُسهيا. هن جي گهر اوريان گاڏين  رٿن جي ڊگهيءَ ڌار جي پويان هوريان اوريان هنن جو رٿ بيٺو. هو لهي گهر ڏي هلڻ لڳا. رستي تي گهر جي چوڪٺ تائين غاليچو وڇايل هو. جڏهن بيج گپت ۽ چترليکا ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي، در جي ڏاڪي تي پير ڌريو، ته دربان وڏي وات چتاءُ ڏنو، ”سمنت بيج گپت ۽ ديوي چترليکا  پڌراجن ٿا....“ مرتينجيه کليل مرڪ سان بيج گپت جو سواگت ڪيو ۽ يشوڌرا کلي چترليکا کي کيڪاريو. شوتينڪ به هنن پويان اندر گهڙيو. هو سڀ وڏي هال ۾ گهڙيا. پاتليپتر جا لڳ ڀڳ سڀ ناميارا ۽ پٺ وارا ماڻهو اُت اچي ڪٺا ٿيا هئا. سڀني کي چترليکا ۽ بيج گپت جي اچڻ جي سرهائي ٿي، ۽ هنن کين نمسڪار ڪيو. چترليکا يشوڌرا سان گڏ ناري وڀاڳ ڏي هلي ويئي ۽ بيج گپت مرتينجيه سان ئي رهيو.

يشوڌرا جي جوڀن ۽ سونهن چترليکا کي وائڙو ڪري ڇڏيو. هيلتائين هن کي پنهنجي سونهن تي ئي گهمنڊ ۽ اڀمان هو. يشوڌرا کن ۾ سندس سارو گهمنڊ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو. يشوڌرا  ڏاڍي مان ۽ شرڌا سان چترليکا کي آسڻ تي ويهاريو ۽ پاڻ هن جي ڀر ۾ ويهي رهي. يشوڌرا کي هڪ نرتڪيءَ جي ڀر ۾ ويهندو ڏسي، ۽ چترليکا جي ايڏي سار سنڀال لهندو ڏسي، ٻين ويٺل نارين منهن بڇڙا ڪيا ۽ ڪاوڙ ڪروڌ مان هنن ڏانهن ڏسڻ لڳيون.

ننڍي هوندي هڪ لڱا يشوڌرا چترليکا جو ناچ ڏٺو هو ۽ اُن هن ڇوڪريءَ جي من تي اڻ مٽجندڙ سايو ڇڏيو هو. اڄ هوءَ پيءُ جي آگيا انوسار ئي چترليکا جي پرگهر لهي رهي هئي. هن کي ائين ڪرڻ ۾ آنند پئي آيو.

اُهي شرڌا ۽ آنند واريون گهڙيون گذري ئي رهيون هيون، ته اوچتو چترليکا کي ائين لڳو ته هوءَ پنهنجن جي وچ ۾ نه، پر ويرين جي گهيري ۾ هئي. ڪي ناريون کلي رهيون هيون. ڪي هن تي گرکي رهيون هيون، ته ڪي وري ڀڻ ڀڻ ۽ اشارن ۾ هن تي ٺٺوليون ڪري رهيون هيون. چترليکا اهو لنوائي ويئي، ڇو جو هن کي پنهنجي سماجي پد جو پتو هو. هڪ ناري، جا ڪنهن وڏي امير جي ڌرم پتني پئي لڳي، وڏي وات چترليکا کي مهڻا ڏيئي رهي هئي. ”سَکيو! اسان کي، ڪماري چترليکا  کي واڌايون ڏيڻ گهرجن! جو اڄ اسان سان برميچي هوءَ اسان جي وچ ۾ ويٺي آهي!“ هن نڪ کي موڙو ڏيئي چيو.

ڳالهه هانءُ ساڙيندي هئي. پر ان کي جا ٻيءَ ويٺل لاڳ ڏني ، سا ته ان کان به ڪڙي ۽ اڻ سهجندڙ هئي – ”ائين ڇو ٿي چئين، سکي! ويچاريءَ جيل ٿي لاهين. سونهن ۽ جوڀن تي گهمنڊ ڪندڙ ناريءَ کي سواگت ۽ واڌاين جي ڪهڙ لوڙ پيئي آهي.“

سڀني نارين جون نگاهون تيرن جيان هن تي وسڻ لڳيون. انهن سڀني ڳالهين ڀر ۾ ويٺل مڙدن ۾ به چر پر آندي. بيج گپت جو ڌيان به ان پاسي ڇڪيو. هن کي اڳ ئي ڀؤ ۽ انومان هو ته متان چترليکا جو اپمان ٿئي. ان ٽيڪا ٽپڻيءَ هن کي ڇرڪائي ڇڏيو. ”ڇا ڳالهه آ؟“ هن چترليکا کان پڇيو.

هن يڪدم پاڻ سنڀالڻ شروع ڪيو. جهٽ ۾ سندس منهن تان ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جا اهڃاڻ الوپ  ٿي ويا. مرڪي ڏانهنس نهاري هن چيو، ”ڪجهه ڪونهي. مڙئي چرچا پئي ڪياسين.“ ۽ هوءَ کلڻ لڳي. جنهن نموني هن پاڻ سنڀالي، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي وس ڪري، منهن تي مرڪ آندي. سندس سڀاءَ جي ان روپ يشوڌرا کي سندس شرڌالو بڻائي ڇڏيو. ”ادي! اڄ ته تو وڄائي ڇڏيو.“ يشوڌرا سندس ساراهه ڪندي چيو،”سماجي لاڳاپا ۽ سڀا ۾ اُٿڻ ويهڻ جا نيم ته ڪو توکان سکي.“

”ان ۾ ئي پاڻ وڻائڻ جو ڀيد آهي، پياري يشوڌرا!“هوءَ کلي ويٺي. سدس ٽهڪن ۾ يشوڌرا جي نالي جي سنگيت ورکا جهڙي اُچار ويٺل اميرن ۽ رئيسن جي پاسيرين ۾ کڙڪا وجهي ڇڏيا ۽ هو منهن بجاءِ سڄو شرير موڙي هن ڏانهن نهارڻ لڳا. ان سمي ڪن مهمانن بيج گپت  جي راڳ ٻڌڻ جي من چاهنا ڏيکاري.

سندس هٿ جي ڇهاءَ مان ويڻا جا انگ انگ ڪنبڻيءَ ۾ اچي ويا. هن من ۽ موهه سان راڳ ڀاڳيشوريءَ ڳايو. سندس سيتل ۽ مڌر آلاپ ٿرڪندڙ ڄڀيءَ جيان آڪاش ڏانهن کڄڻ لڳو. سڀ شانت سان سندس راڳ جي ساراهه ڪري رهيا هئا. هن ڳائي پورو ڪيو، ته مرتينجيه چپ چاپ ويڻا وڌائي يشوڌرا آڏو رکي. هن به ڀاڳيشوريءَ مان ڳايو. راڳ پوري ٿيڻ تي ماڻهن جي چرپر ۽ چهرن مان ائين پئي لڳو ته بيج گپت جي ڀيٽ ۾ يشوڌرا جو آواز هڪ پاڇي کان وڌيڪ نه هو. چترليکا ماڻهن جي من جي ڳالهه پروڙي ويئي، ۽ چيو، ”مان يشوڌرا ديويءَ کي وينتي ڪنديس ته هوءَ ڪلياڻ مان ڪڇ ٻڌائي.“

ماڻهن جا منهن چترليکا ڏانهن کڄي ويا. مرتينجيه به هن ڏانهن ڏٺو، پر ان رٿ يا گهر جو ارٿ نه سمجهي سگهيو. پر جئين ته هڪ مهمان جي وينتي هئي، مرتيجيه ويڻا سنڀاري ڪلياڻ ڇيڙيو ۽ يشوڌرا ڳائڻ شروع ڪيو. هن ڀيري يشوڌرا ويٺلن کي وسميه ۾ وجهي ڇڏيو. سڀ سندس سُر ۽ سوز جي ساراهه ڪرڻ لڳا. انت ۾ چترليکا ساراهه ڪئي – ”واه راجڪماري يشوڌرا، واه! وڄائي ڇڏيئي! واڌايون هجني!“

هينئر مرتنيجيه کي سندس وينتيءَ جو ارٿ سمجهه ۾ آيو.

”۽ ديوي چترليکا! مان توکي يشوڌرا پاران وڌايون ٿو ڏيان ۽ تنهنجا ٿورا ٿو مڃان.“

بيج گپت اها ڳالهه چاهه سان ٻڌي رهيو هو. هن کلي چيو، ”سڀا واسيو! توهان مون سان راءِ ۾ هڪراءِ هوندؤ ته استاد کي ائين نه ڇڏڻ گهرجي. ان ڪري چترليکا کي گهرجي ته اسان کي پنهنجي ڪلا مان ڪجهه ڏئي.“

بيج گپت جي چاهنا مون لاءِ آگيا سمان آهي،“ هن کلي وراڻيو.

مرتينجيه وري به ويڻا تي ويٺو ۽ بيج گپت مڙدنگا کنئين. چترليکا ناچ شروع ڪيو. سڀ اکيون سندس نرتيه ڪلا کي اچرج ۽ اتساهه سان واچي رهيون هيون. ٺيڪ ان مهل دربان چتاءُ ڏنو، ”مهاراج جوڳي ڪمارگري ۽ سندس چيلو پڌرايا آهن. جا آگيا مهاشيه؟“

مرتينجيه ويڻا ڇڏي، جوڳيءَ جي سواگت لاءِ اٿي ويو. ساز بند ٿيڻ تي چترليکا به ناچ بند ڪيو. مرتينجيه، جوڳيءَ کي ساڻ وٺي اندر آيو. ساڻن گڏ وشالديو به هو. سڀ مهمانن جوڳيءَ جي مان ۾ اٿي بيٺا ۽ نمسڪار ڪرڻ لڳا. چترليکا بيج گپت کي چيو، ”منهنجو اپمان ٿيو آهي، مان وڃان ٿي.“

”ڪيئن....؟“

”منهنجي نگاهه ۾ ڪلا جو پد سڀ کان اونچو ۽ مٿانهون آهي. جنهن پرش کي ڪلا لاءِ مان نه آهي، سو پرش نه پر پسون آهي. مرتينجيه جو ويڻا ڇڏي، منهنجو ناچ بند ڪرائي، جوڳيءَ جو سواگت لاءِ وڃڻ، منهنجو اپمان نه آهي ته ڇا آهي؟“ بيج گپت سمجهي ويو ته هن سان ڪهڙي ويڌن هئي. ”جيڪا تنهنجي اِڇا،“ هن مرڪي ٿوري ۾ وراڻيو.

ايستائين ڪمارگري پنهنجي آسڻ تي ويهي چڪو هو. چترليکا جهڪي کيس پرڻام ڪيو، ۽ مرتينجيه کي چيو، ”مهاشيه، هينئر موڪل ڏيوم.“

پر مرتينجيه جو ورنديءَ کان اڳ ئي ڪمارگريءَ وچ ۾ ٽپي پيو، ”ڇو؟ نرتڪي! منهنجو اچڻ توکي نه آئڙيو ڇا؟“اهو سڀاويڪ به آهي....“ هن جو ڳرو ۽ ڀريل آواز سڀا منڊل ۾ پڙاڏو ڪرڻ لڳو.

”نه، جوڳي!“ هن ٿورو سوچڻ کان پوءِ چيو، ”هن پرٿويءَ تي توهان جو هئڻ ڪنهن کي به اُگرو نٿو لڳي سگهي. ايترو وشواس رک. منهنجي وڃڻ جا ڪي ٻيا ڪارڻ آهن.“

”پر تو وڃڻ لاءِ سٺي ويل نه چونڊي آهي.“

”ته پوءِ نٿي وڃان.“

مرتينجيه ٻيهر ويڻا کنئي، پر چترليکا وري نچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن ڀيري يشوڌرا اڳتي وڌي هن کي چيو، ”ادي! مون ڪڏهن به تنهنجي اِڇا اَسويڪار نه ڪئي آهي. هيل مان وينتي ٿي ڪريانَو . وشواس اٿم ته نراس نه ڪندينءَ.“

چترليکا سندس چيو  رکيو  ۽ ناچ شروع ڪيو. ڪماگريءَ يشوڌرا ڏانهن به ڏٺو - ۽ ڪا مهل هن کي هڪ ٽڪ تڪيندو رهيو. هن چترليکا ۽ يشوڌرا کي پاڻ ۾ ڀيٽي ريٽي ڏٺو. ٻيئي ڏاڍيون سهڻيون هيون ۽ سندن تيج ئي سڀا جو سينگار هو. پر چترليکا ۾ مستي ۽ ڪام ڪروڌ هو ۽ يشوڌرا ۾ ماٺائپ ۽ ٻاجهه. چترليکا جي مستي ڀوائتي هئي، ۽ سندس نرتيه ۾ بکي رهي هئي. پر يشوڌرا جي ماٺ اٿاهه ساگر جي اڻڄاتي اونهائي هئي جنهن ۾ ٽپي، ڪنهن لاءِ پاڻ بچائڻ ڪٺن هو. چترليکا جي نيڻن ۾ اُلا ۽ لوڏ لچڪ ۾ ولولو هو. پر يشوڌرا جي ماٺ ۽ سانت ۾ موت واري ماٺ ۽ سانت هئي. ڪمارگريءَ کي ائين لڳو، ڄڻ هو سنسار ڏانهن ڇڪجي رهيو هو. ڄڻ پيار ۽ پريت جو جيون تياڳي، هو جيون تي سوڀ پائي رهيو هو.

ناچ پورو ٿيو ته مرتينجيه پڇيو، ”ڀوڄن تيار آ؟“

”هائو، مهاراج!“ داسين وراڻيو.

سڀني کي مانيءَ واري ڪمري ڏانهن نيو ويو. هي غاليچن تي ٺهي ويٺا. داسين ڀوڄن پائڻ شروع ڪيو. بيج گپت سان گڏ يشوڌرا ويٺي، ان جي ڀرسان چترليکا ۽ ان جي پريان شوتينڪ.

ڀوڄن ڪندي، رسمي ڳالهيون ٻوليون شروع ٿيون. بيج گپت سان يشوڌرا اڳ ڪڏهن ڪين ڳالهايو هو. بيج گپت چيو، ”ديوي! هيءَ شايد اسان جي پهرين ڏيٺ آهي. مان ان تي سچ پچ گهمنڊ ڪري سگهان ٿو.“

سمي لاءِ سانت رهي. هوءَ جيون ۾ پهريون ڀيرو هڪ نوجوان ڏانهن اک کڻي نهاري سگهڻ جو ست نه ساري سگهي. حياءَ سندس سونهن کي سرس ڪري ڇڏيو. ڀولپڻ جي ڀاوَ ۽ ڪنوارپ جي لڄ سندس سون جهڙي سوڀيا تي سهاڳ جو ڪم ڪيو. سندس ڪنڌ جهڪي ويو، ڇاتيءَ بار کان تکو تکو لهڻ شروع ڪيو ۽ نيڻن جا تارا هڪ هنڌ ڄمي ويا. هن اِڇا جي ابتڙ وراڻيو، ”منهنجي ڏيٺ ويٺ ۾ ته ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي.“

اهو ٻڌي چترليکا کلي ويٺي – ”ايشور شال هن ڏيٺ ويٺ کي سنگ ۾، ۽ سنگ کي جيون جي گهري ناتي ۾ مَٽائي!“

ٻه نگاهون هڪ ئي وقت چترليکا ڏانهن کڄي ويون. يشوڌرا جي نيڻن ۾ ٿورا ۽ مڃتا هئي ۽ بيج گپت جي نگاهن ۾ وائڙپ ۽ وسميه هو. پر ان مهل شوتينڪ يشوڌرا ڏانهن گهوري نهاري رهيو هو. اوچتو يشوڌرا جي نظر به هن تي پئجي ويئي. ان کان اڳ يشوڌرا هن کي نه ڏٺو هو. اُت آيل سڀني مهمانن کي هوءَ سڃاڻندي هئي، سواءِ شوتينڪ جي. يشوڌرا بيج گپت کان پڇيو، ”هي نوجوان ڪير آ؟“

”منهنجو شيوڪ، منهنجو ننڍو ڀاءُ،“ بيج گپت کليو. يشوڌرا وڌيڪ تپرس ۾ پئجي ويئي. ”شيوڪ ۽ ننڍو ڀاءُ؟“

هن چيو، ”اچرج آ! اهو ڪيئن؟“

”اهو هيئن! هن منش جو نالو شوتينڪ آهي. هي کتري آهي، ۽ چڱيءَ آڪهه مان آيو آهي. هي اڃا برهمچاري آهي ۽ گروءَ وٽ سکيا وٺي رهيو آهي. مون سان رهي، هو هن سنساري جيون ۾ وک وجهي رهيو آهي.“

يشوڌرا جو تپرس تهان وڌي ويو. ”سندس گروءَ پاپ پرجهڻ لاءِ کيس توهان وٽ ڇڏيو آهي! ڇا سچ پچ توهان جو سنگ ۽ گهر پاپ پرکڻ لاءِ جوڳي جاءِ آهن؟“

بيج گپت دل ئي دل ۾ کليو. ڇوڪري ڪيتري نه ٻالي ڀولي هئي. ۽ ڪيتري نه سونسائي! ”ٿي سگهي ٿو ته هڪ آڏو ٻيو ماڻهو پاڻ کي پاپي نه مڃي،“ هن چيو، ”ڇو جو هرڪو پاڻ کي پڃ جو پتلو سمجهندو آهي. پاڻ پروڙڻ ڏاڍو ڪٺن آهي. جي شوتينڪ ان راءِ جو ٿيو ته مان پاپي آهيان، ته پوءِ مان سچ پچ پاپي هوندس.“

سندريءَ جي من تي ڀؤ جا بادل ڇائجندا، چٽا نظر اچڻ لڳا. سندس هردي جي پيڙا منهن مان بکي رهي هئي. جنهن پرش لاءِ هن سندر سپنا ڏسڻ شروع ڪيا هئا، ان کي سندس گرو پاپ پرجهڻ جو وسيلو سمجهي رهيو هو – اهو سوچي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڌڌڪو آيو. پنهنجون ڪاريون، چوٿينءَ جي چنڊ جهڙيون پنبڙيون کولي، هن شوتينڪ ڏانهن ڏٺو، - هو ڪيترو نه سهڻو ۽ موهيندڙ هو، ۽ ڪيترو نه ٻالو ڀولو ۽ سڌو سادو! ۽ بيج گپت....؟“

اُن سمي ڀوڄن سماپت ٿيو. مهمان وري سڀامنڊل ۾ ڪٺا ٿي رهيا هئا. بيج گپت شوتينڪ جي ڄاڻ سڄاڻ مرتينجيه سان ڪرائي. شغل پورو ٿيو هو، ان ڪري گهڻا مهمان موڪلائي روانا ٿي رهيا هئا.

 

باب ڏهون

مرتينجيه جو محلات اڃا ڏيئن جي جوت سان جگ مگ جرڪي رهيو هو. پر اها چهل پهل ۽ ٺاٺ ٺانگر ڪو نه هو. عام رواجي مهمانن جي هلي وڃڻ کان پوءِ پٺتي رڳو ناٽڪ جا مکيه روپ ڌاري ئي وڃ رهيا هئا. سمنت مرتينجيه جي وينتيءَ تي رڳو جوڳي ڪمارگري، بيج گپت، وشالديو، شوتينڪ ۽ چترليکا ئي ترسي پيا هئا. ٿوري دير ماٺ رهڻ کان پوءِ مرتينجيه بيج گپت جو هٿ جهليو ۽ پاٻوهه سان چيو، ”پٽ بيج گپت! اڄ جي تهورا ۾ هڪ ڀيد لڪل هو ۽ ان ڀيد سان تنهنجو گهاٽو سٻنڌ آهي.“ ايترو چئي هن يشوڌرا تي بامراد نگاهه وڌي. بيج گپت جي منهن جو رنگ لهي ويو. چترليکا ۽ يشوڌرا مرڪي پيون. ”۽ مون کي وشواس آهي ته تون پريي مڙس مرتينجيه جو چيو نه ٽاريندين.“

مرتينجيه جي ڳالهه سڀ سمجهي ويا. پر بيج گپت اڻ ڄاڻ ٿيندي چيو، ”مهاشيه! مڃڻ يا نه مڃڻ ته ڳالهه جي ڀانت ۽ ڀير تي مدار رکي ٿو. توهان ڳالهه ڪريو، ما ان انوسار جواب پيش ڪندس.“

مرتينجيه جهٽ سوچيو ۽ چيو، ”بيج گپت! تنهنجو وواه اڃا نه ٿيو آهي.“

بيج گپت ٻڌو - ۽ چترليکا ڏانهن نهاريو. سوال هن کي ڏاڍو ڪاوڙايو پر هن ان کي منهن تي اچڻ نه ڏنو، ۽ رڳو هڪ ٽوڪ ڀري هلڪي مرڪ سندس چپن تي آئي. ڇا وراڻي ڏجي، اهو نشچو هو نه ڪري سگهيو.

مرتينجيه جي ڳالهه به سچي هئي، پر بيج گپت جي ويچارن پٽاندر نه. ”ڌرم انوسار نه،“ هن ننڍو ۽ سڌو سادو جواب ڏنو. هينئر ڪمارگريءَ ڳنڀيرتا سان چيو، ”نوجوان! اَڌرمي وواه به ٿيندو آهي ڇا؟.“

”پرش ۽ ناريءَ جي دائمي ناتن کي ئي وواه  سڏبو آهي،“ بيج گپت وراڻيو.

ڪمارگري کلڻ لڳو. ”وواه  اهو نه آهي، جو تون ٿو سمجهين. وواه سماجي ٻنڌڻ آهي. پرش ۽ ناريءَ جي ڪامي ۽ اپوتر ناتن کي ڌرمي نيم سماج کان پوتر ناتا ڪري سويڪار ڪرائين ٿا. سمنت بيج گپت! تون اڌ سچ پويان پناهه وٺي رهيو آهين.“

بيج گپت جواب ڏنو، ”يوگي راج! سچ ڪڏهن به اڌ – سچ نٿو ٿي سگهي. اهو يا ته سچ آهي يا ته مورڳو سچ  آهي ئي نه. ڇو ته سڇ پورڻ آهي. پر هيءُ سمو ۽ جاءِ بحث لاءِ ٺيڪ نه آهي، ان ڪري مان ان تي وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان پاسو ٿو ڪريان.“ پوءِ هن مرتينجيه ڏانهن منهن ڪيو، ”آريه! مون اڳهڙو توهان کي ٻڌايو ته ڌرم انوسار منهنجو وواه نه ٿيو آهي. مان ان ڳالهه کي کولي چٽو ڪري ٻڌائڻ ٿو چاهيان. مان ڪنوارو نه آهيان. پر پرڻيل آهيان. جيتوڻيڪ مون هن جو سڱ ڌرمي ۽ سماجي نيمن انوسار نه ورتو آهي، ڇا لاءِ جو هالوچالو سماجي ٻنڌڻن ڪارڻ سان ائين نه ڪري سگهيو آهيان، تڏهن به منهنجو ۽ چترليکا جو ناتو پتي ۽ پتنيءَ وارو آهي. منهنجو ويساه پيار جي لاڳاپن ۾ آهي نه ڪي ڌرمي پوترتا يا سماجي نيمن ۾. ان ڪري منهنجو وواه اڻ ٿيڻي آهي، ڇو ته ٻي ڪا به ناري مون سان پريت ونڊي نه سگهندي.“

ڳالهائڻ مهل بيج گپت جون اکيون پٽ ۾ هيون. ”بيج گپت! ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو ويچار برابر هجي. پر جڏهن لوڪ توکي ڪنوارو سمجهي ٿو ته تون پاڻ کي ان جي ابتڙ نٿو سڏائي سگهين. وڃي رهي ڳالهه وواه جي، سو اهو ته پيڙهه ۽ ڪٽنب جاري رکڻ جو وسيلو آهي. چترليکا جا ٻار بيج گپت جا ٻار نه ليکبا ۽ نه ئي بيج گپت جا وارث ٿي سگهندا. تو ڪڏهن ان تي به سوچيو آهي؟“

سچ پچ بيج گپت جو ڪڏهن ان پاسي ڌيان ئي ڪونه ويو هو. هو ماٺ ٿي ويو، سندس تارا هڪ جاءِ بيهجي ويا. سندس آڏو نئون مسئلو کڙو ٿيو هو. هاڻي مرتينجيه چترليکا ڏانهن ڏٺو، ”چترليکا ! تون ته پاڻ سياڻي آهين. توکي وڌيڪ ڇا سمجهايان. تون بيج گپت ۽ سندس حالتن کي چڱيءَ ريت ڄاڻين، ان ڪري پاڻ سوچي سگهين ٿي ته سندس ڀلو ڇا ۾ آهي.“

ايترو وقت چپ ڪيو ويٺي هئي. پر جڏهن ساڻس ڳالهايو ويو ته هن به ورندي ڏني، ”مهاراج! توهين سچ ٿا چئو. سماج آڏو مان هڪ ڌڪار جوڳي نرتڪي آهيان، ان ڪري بيج گپت جي پتني ٿيڻ مون لاءِ اڻ ٿيڻي آهي. ان ڪري مان بيج گپت جي ڀلائيءَ ۽ مان لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پر توهين ڄاڻو ٿا ته ان ڪم لاءِ مون کي وڏي ۾ وڏو ٻليدان ڏيڻو پوندو.“

”ٻليدان!“ ڪمارگريءَ اُمالڪ ٽهڪ ڏيئي چيو، ”نرتڪي! چوين ڇا ٿي، تون شايد پنهنجي پراڻي من واسنا وساري ويٺي آهين. تنهن ڏينهن تو مون کي چيو هو ته تون سنسار تياڳڻ ٿي چاهين. ان لاءِ هن کان وڌيڪ شڀ سمو ٻيو ڪهڙو ملندئي.“

بيج گپت کي وهم ۽ گمان به نه هو ته چترليکا ڪو ڪمارگريءَ ڏي ايڏو گهڻو سري ويئي هئي. جوڳيءَ جي شبڌن سندس لونءَ ڪانڊاري ڇڏي، سندس ڳاڙها ڳل پيلا ٿي ويا ۽ اکيون ترورا ڏيڻ لڳيس. هن پاڻ سنڀالي چيو، ”ڪمارگري! جي تون تياڳ ۾ ويساه رکين ٿو ۽ هر هڪ آڏو ان جو پرچار ڪرين ٿو، ته پوءِ مون کي ڇو سنساري ٻنڌڻ ۾ اچڻ لاءِ بيوس ٿو ڪيو وڃي؟“

”ڇاڪاڻ جو تون تي اڳ جو وت نٿي رکين. ٻيو ته تو سماج جي نيمن کي اورانگهيو آهي، ۽ اُچا اَدرش نٿي رکين. ان ۾ تو لاءِ چڱو اهو آهي ته پهريائين سماج جي نيمن تي هلڻ جو جتن ڪر، “ جوڳيءَ جواب ڏنو.

چترليکا جوڳيءَ جي جملي تي ويچار ڪري رهي هئي. ”جوڳي، هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. تون مون کي ويراڳ ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟ جي ها، ته هن گهڙيءَ مان هي سڀڪجهه تياڳي ڇڏينديس.“

سڀاويڪ طور اوچتو ۽ پاڻ هرتو جوڳيءَ جون نظرون وشالديو ڏي کڄيون، جو پڻ کيس گهوري نهاري رهيو هو. ڪجهه وقت ڪمارگري ٻڏتر ۾ رهيو. پوءِ وراڻيائين، ”نرتڪي! توکي شش ڪرڻ کان مان لاچار آهيان.“

هن ڀيري چترليکا کلي. ”چوڻ سولو آهي، ڪرڻ ڏکيو آهي. جوڳي! تو لاءِ تياڳ کڻي تڇ هجي، پر مون لاءِ جيءَ ۽ جيون جي جاکوڙ آهي. مون لاءِ اڪيلي سر ويراڳ جي ويرانين ۾ ڀٽڪڻ اڻ ٿيڻي آهي. هيل تائين مون پنهنجو جيون ڪلا پرائڻ ۽ پريت ونڊڻ ۾ گهاريو آهي. لوڪ ڀل ته منهنجي ان جيون کي ڌڪاريندو هجي، پر مون ۽ ايشور آڏو اهو پوتر آهي. ان مارڳ تان هٽڻ منهنجي ڪلا جي گهٽتائي آهي، ۽ منهنجي جيون لاءِ پاپ ۽ پاتال ڏانهن وک وجهڻ سمان آهي. مان ان پاپ ۽ پاتال ڏانهن پير وجهڻ لاءِ ڪو ايڏي اتاولي نه آهيان.“

ڳالهه ٺهندي ٺهندي، ڊهي رهي هئي. مرتينجيه ڏٺو ته وري پاسو بدلجي رهيو هو. وايو منڊل ڪو هرو ڀرو بيج گپت جي پاسي به نه ڦري رهيو هو، پر چترليکا جي پوئين جواب کيس ڦڙتي ڏيئي ڇڏي. ڪمارگريءَ چترليکا کي سڃاتو پئي ۽ چترليکا ڪمارگريءَ کي. شوتينڪ ۽ وشالديو – انهن ٻنهي به ڳالهه جي ڳنڍ سمجهي هئي. رڳو يشوڌرا ئي هئي، جنهن کي نه ڪا ڪل پيئي نه ڄاڻ ۽ نه سمجهه. هن پيءُ کي چيو، ”پتاجي! اڌ رات ٿي ويئي آهي.“

پريي مڙس اول ڌيءُ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ چترليکا ڏانهن، ٻنهي ۾ ڪيڏو ته سنڌو هو! هڪ سرڳ جي اپڇرا هئي، ته ٻي نرڳ جي نار. هڪ سونهن، ماٺ ۽ ڀولپن جو ڀنڊار هئي ته ٻي اُڀار، اُڌمي ۽ ڪامنا ڪروڌ جي پتلي. هڪ چپ هئي ته ٻي هلچل. ۽ بيج گپت؟ حالتن جو ستايل ۽ ڏتڙيل جيءُ، پر ان هوندي به پورڻ پرش!

مرتينجيه چترليکا کي چيو، ”تنهنجي ڪلا ۽ پريم ٻنڌن کي ڪير ٿو اپوتر چئي. تون ڪلا جو پالن پنهنجي وويڪ ۽ آتما انوسار ڪري رهي آهين، ۽ مان اهو به مڃان ٿو ته تنهنجو رڳو پريت جو پوتر ناتو آهي. ان ڪري پاپ ۽ اپوترتا جو سوال ئي نٿو اٿي. پر، ديوي! جنهن پرش سان تنهنجو پريم هجي، سو جي ڀٽڪي وڃي ته ان کي مارڳ تي موٽائڻ تنهنجو ڪرم يوگ آهي يا نه؟ پريم کي ٻليدانن جي ٻل جي لوڙ هوندي آهي. ان ڪري توکي بيج گپت لاءِ وڏي ۾ وڏو ٻليدان ڏيڻو پوندو.“

جنهن پيرائي ۾ ڳالهه ڪئي ويئي هئي تنهن چترليکا کي ڀڄائي ڇڏيو. پر اوچتو، بيج گپت وچ ۾ ٽپي پيو – ”مهاراج! چترليکا کي ڪجهه چوڻ بيڪار آهي. منهنجو اڌرڻ يا سڌرڻ منهنجي وس ۾ آهي. چترليکا نه ته مون کي دڳ لائي سگهندي نه ڀٽڪائي. ڪسو پڪو ڳالهائي ويٺو هجان ته کميا ڪجو. پر انت ۾ ايترو ٿو چاهيان ته منهنجو ۽ چترليکا جو سنگ ۽ ساٿ اٽوٽ آهي.“

بيج گپت اٿي بيٺو. پر چترليکا ويٺي رهي. هن چيو، ”مهاراج! توهان جو ڪجهه چئي رهيا آهيو، سو ٺيڪ آهي يا نه، ان اپٽار ۾ وڃڻ کان سواءِ ئي، سو مان اوس ڪنديس. پنهنجي لاءِ نه پر بيج گپت لاءِ. اهو وشواس رکو.“ چترليکا يشوڌرا ڏانهن ڏٺو، ”۽ توهان جي ڌيءَ ۽ بيج گپت جي جوڙي واه جي ٿيندي. هڪ اَدرشي وواه ٿيندو. نه مهاراج؟“ ايترو چئي، هن بيج گپت ڏانهن نهاريو ۽ چيو، ”بيج گپت توکي يشورڌرا جهڙي پتني ڳولي نه ملندي. اڄ ڄڻ توهان جو ڪچو مڱڻو ٿي ويو.“

ان مهل بيج گپت در تائين و‎ڃي چڪو هو. ”چترليکا! تنهنجي اها مورکتا آهي ۽ مون لاءِ اڻ ٿيڻي. هينئر مان وڌيڪ ڪجهه نٿو چئي سگهان. چڱو، مهاراج! هينئر موڪل ڏيوم.“ ايترو چئي، هو محلات مان نڪري ويو.

چترليکا به وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي. ”مهاراج! بيج گپت جي ڳالهه جو دل ۾ نه ڪجو. ڪوڙ ۽ هوڙائپ ۾ ماڻهو ڳالهائڻ ۽ سوچ ۾ تورتڪ وساري ويهندو آهي. ان ويل جي نشچي کي اٽل سمجهي ويهڻ ٺيڪ نه هوندو آهي. مان توهان کي پڪ سان ٿي چوان ته بيج گپت ۽ يشوڌرا جو سنگم هڪ شڀ سوڻ ٿيندو. اهو ٿيڻ گهرجي.“

چترليکا به شوتينڪ سان گڏ بيج گپت جي پويان هلي ويئي. هنن جي هلي وڃڻ کان پوءِ، ٿوريءَ دير لاءِ ٿيل گهٽنائن تي ويچارڻ کان پوءِ. مرتينجيه ڪمارگريءَ کي چيو، ”مهاراج! مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو آهي. پر اهو انومان سو ڪڍي سگهيو آهيان ته چترليکا جو بيج گپت تي گهرو ۽ اڻ مَٽ واسو آهي.“

”توهان جو انومان ٺيڪ آهي.“

”گڏو گڏ نرتڪيءَ جو هردو سيتل ۽ ڪومل آهي.“

ان تي ڪمار گري ماٺ رهيو. سندس نگاهون پاڻ هرتو وشالديو ڏانهن کڄي ويون. وشالديو مرڪي ڏنو، سندس نيڻن ۾ وڻندڙ يادگيرين جي جهلڪ هئي.

مرتينجيه وري چيو، ”يوگي راج! ڇا، بيج گپت تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ ٺيڪ ٿيندو؟ سوال ئي اهو وڃي رهيو آهي. ڇو جو چترليکا ته جو ڪجهه چئي وئي آهي سو ڪندي به اوس – اهو مون کي وشواس آهي. تڏهن به سوچان ٿو ته بيج گپت جي پچر ڇڏي ڏيان، ڇو جو ائين نه ڪرڻ سان چترليکا جي هردي کي پيڙا ايندا.“

هن ڀيري ڪمارگريءَ ڳالهايو  - ”مان نٿو ڀانيان ته ان ڪري ڪو چترليکا جي آتما يا اڌمن کي ڪا پيڙا ملندي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته چترليکا پاڻ ئي بيج گپت کي ڇڏڻ چاهيندي هجي. مان به ان راءِ جو آهيان ته چترليکا ۽ بيج گپت جي سٻند جو ٽٽڻ ٻنهي لاءِ شڀ ڳالهه ٿيندي.“

ڪمار گري اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”مرتينجيه! اهو سمجهي ڇڏ ته توکي ڌيءَ لاءِ بيج گپت کان وڌيڪ سٺو ور نه ملي سگهندو.“

 

باب يارهون

چترليکا ڪيئي ڀيرا پريت جي سنسار ۾ اچي چڪي هئي. هر ڀيري ان ڀليل يا سڌيءَ راهه تي وک وجهڻ ويل هن کي ائين لڳو هو ته سندس اڳيون پيار ڀل هئي.

سندس پهريون پيار ايشور لڳ پيار هو، ان ڪري ان ۾ آتما جو گهڻو لاڳاپو هو. هن پنهنجي پتيءَ سان پيار ڪيو هو. اهو پيار پوتر هو، ڇو جو ان ۾ هوءَ ناٿ کي پوڄيندي هئي. ان پيار ۾ هن پاڻ کي پتيءَ جي بلي ڪري ڇڏيو هو، يا اڃا به ائين چئجي ته پاڻ ارپڻ ڪري اُن سان ملي هڪ ٿي ويئي هئي. هوءَ جو ڪجهه ڪندي هئي پتيءَ جي آنند لاءِ ڪندي هئي. هن سندس ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک ڪري ورتو هو. هن جو هن سنسار ۾ ”هئڻ“ ئي پتيءَ لاءِ هو. سندس جيون جي هر گهڙي پتيءَ کي ارپيل هئي. هو ئي هن جو سنسار هو، ايشور هو ۽ آتما هو. ان پيار ۾ هن کي ڪيڏو نه سنتوش ۽ آنند ملندو هو! سندس پتي ورتا هن جي ٻليدان جو انت هو. رڳو پاڻ گهوريندڙ ئي پاڻ وڃائڻ جو سواد ۽ سک پائي ۽ سمجهي سگهي ٿو. پتيءَ جي پيار ۽ شرڌا سندس اندر کي ائين ڀري ڇڏيو هو جيئن ڌوپ جو واس مندر کي ڀري ڇڏيندو آهي.

پتيءَ جي سرڳواسي ٿيڻ کان پوءِ سندس سمورو جيون اوندهه ۾ ڀٽڪڻ لڳو. هن کي ائين لڳو ڄڻ سندس سموري تپسيا ۽ پوڄا وئرٿ ويا هئا. هوءَ ڏک ۾ چري ٿي پيئي. ڪيترا ڀيرا ته هن آپگهات لاءِ به سوچيو، پر هن ڄاتو پئي ته آپگهات مهاپاپ آهي. هن کي ٻڌايو ويو ته تياڳ ۽ تپسيا جيون جو مکيه انگ آهي ۽ وڌوا لاءِ ڪرم يوگ. چترليکا اهو پڻ ڪيو، پر هيل اهو ڏاڍو ڪٺن هو. پتيءَ جي جيئري هوءَ ان کي پوڄي پئي سگهي، ۽ پنهنجي ڪرمن  ۾ مگن رهي پئي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان سڀڪجهه لاءِ هڪ مرڪزي نقطو هو. جڏهن اهو نقطو گم ٿي ويو ته سندس پير ٿيڙ کائڻ لڳا. سندس وشواس ۽ شرڌا جيئري ڪنگال جيان اوندهه ۾ ڀٽڪڻ لڳا.

پوءِ هن ڪرشن دت سان پيار ڪيو. هن ڀيري پيار آتمڪ نه پر سڀاويڪ ۽ ولولي ۽ اڌمن جي جنميل هو. هن پيار ۾ پاڻ وڃائڻ نه هو پر پريميءَ جو پريميءَ سان ملي هڪ ٿي وڃڻ هو. ڪرشن دت جي جي پريم ۾ چترليکا کي پهريون ڀيرو پياس جو پتو پيو. هوءَ ڇرڪي پئي. هن کان اڳ هن جو ان پياس سان ڪو سٻند ئي ڪونه ٿيو هو. پتيءَ سان ميلاپ ۾ هن پنهنجو پاڻ مٽائي ڇڏيو هو، پوءِ هيءَ پياس ڇا جي! هن ڀيري چترليکا کي پنهنجي ڪامنائن ۽ واسنائن جو واس آيو. ڪامنائن جي اڌمن ۽ ولولن جو ڏڪائيندڙ روپ ڏسي پهريون ته هوءَ ڀؤ ۾ ٻيڻي ٿي پيئي، پر جڏهن هن پيار جي پيالي مان انهن جو پهريون ڍڪ ڀريو ته هوءَ اُن آنند مان لست لئي وٺڻ کان پاڻ نه پلي سگهي. هن جي جيون ڌارا ۾ ساهه پئجي ويو. هن کي پتو پيو ته پيار شرڌا نه آهي ۽ ان ڪري هڪ طرفو نه آهي، پر اهو ناتو آهي جو ٻنهي پاسن کان ٿئي ٿو. ان ۾ اُڌما آهن، ڪامنائون آهن ۽ پاڻ وسارڻ آهي. ان پياس جو ڪو انت ئي نه آهي، ۽ اهو ٻليدان به گهري ٿو. ڪرشن دت به آيو ۽ هليو ويو. هيل چترليکا ڏٺو ته پيار امر يا اڻ مِٽ نه آهي. سمي جي وڃڻ سان پوتر يادون به جهڪيون ٿينديون ٿينديون ميسارجي ٿيون وڃن.

پوءِ چترليکا جي جيون ۾ بيج گپت آيو. هن پريم ۾ کيس رڳو پياس ۽ واسنائون ئي نظر آيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ڀلائڻ به، پر هن ۾ ٻليدان يا پاڻ گهورڻ بنهه هوئي ڪين. هيل هن کي پيار ۾ مستي ملي. پريم ۾ هن رنگ رلين جو رمڻيڪ روپ به ڏٺو. هن پيار ۾ هن هڪ انوکي ڳالهه به ڏٺي – چترليکا ڏٺو ته سنسار ۾ پيار ئي سڀڪجهه نه آهي. اهو ته رڳو هڪ وسيلو آهي. هن ڏٺو ته پيار به جيون ۾ ڪي گهڙيون سک ۽ سنتوش جو سهارو ٿي ٿوسگهي. ان ڪري سک جي انهن گهڙين کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ پاڻ  وسارڻ اڻ ٽر ٿيو پوي. پر پاڻ وسارڻ به ته هڪ اَسڀاويڪ ڪرم آهي. ان ڪري پاڻ وسارڻ لاءِ مڌ جو ڪاڻائتو ٿيڻو ٿو پوي.

ان کان پوءِ هوءَ ڪمارگريءَ ڏي لڙي. ڪمارگري جوان هو، سهڻو هو ۽ سياڻو هو، ۽ .... هوءَ وڌيڪ سوچي نه سگهي. هوءَ پنهنجي اِڇا جي ابتڙ ڪمارگريءَ ڏانهن ڇڪبي وڃي رهي هئي، - اهو هن ڄاتو پئي. پر هن ڪڏهن پنهنجي اِڇا کي ڄاتو به هو؟

چترليکا ڪمارگريءَ سان پيار ڪرڻ لڳي. پر هن ڀيري سندس ان کان اڳلي پيارجو مرڪزي نقطو، بيج گپت جيئرو هو، جو پهرين ٻن پيارن جيان نه هو. ان جي هوندي هوءَ ڪمارگريءَ جي ويجهو وڃڻ جي سگهه ئي نه پئي ڪٺي ڪري سگهي.

مگر مرتينجيه وٽ ٿيل واردات هن جي سگهه وڌائي. گڏو گڏ هن کي پاڻ ٺڳڻ ۽ وويڪ جي وٺ کان بچڻ لاءِ هڪ بهانو به ملي ويو. ”بيج گپت کي سکي بڻائڻ منهنجو ڪرم يوگ آهي،“ هن دل ۾ سوچيو، ”هن کي پنهنجي پريم ٻنڌڻن مان ڪڍي ڇڏڻ ئي مون لاءِ مها ٻليدان آهي. سندس جيون کي سڦل ڪرڻ لاءِ کيس نئين دڳ لائڻو ئي پوندو. مون کي بيج گپت کي ڇڏڻو ئي پوندو!“

اها سڄي رات چترليکا اک نه ٻوٽي . هوءَ انهن ڳالهين تي ئي سوچيندي ۽ لڇندي رهي. پرهه ڦٽيءَ ڌاري سندس اک لڳي ويئي. ان ڪري هوءَ دير سان جاڳي. لڙيءَ منجهند جو سجاڳ ٿي ته هن داسيءَ کان پڇيو، ”بيج گپت جو ڪو نياپو ته ڪونه آيو؟“

”نه، سائڻ!“ داسيءَ وراڻيو.

چترليکا وهنجي سهنجي ڪجهه به کاڌي ورتائڻ کان انڪار ڪيو ۽ داسيءَ کي رٿ تيار ڪرڻ لاءِ چئي، سينگار ڪمري ۾ ڪپڙا مٽائڻ هلي ويئي. هن پنهجا ڳهه ڳٽا لاهي رکيا. رڳو هڪ ڪيسري رنگ جي ساڙهي اوڙهيائين. ان ڏينهن هن وار به نه ڳنڌيا. ان سادي وڳي ۾ سندس سونهن پٽ پٽيهر ۽ ڳهن ڳٺن کان به وڌيڪ نکري پيئي هئي. هوءَ ڪپڙا مٽي آئي ته رٿ به تيار ٿي ويو.

چترليکا بيج گپت جي نالي هڪ چٺي لکي داسيءَ کي ڏني ۽ چيو ته جي هوءَ سانجهي تائين نه موٽي ته اها بيج گپت کي پڄائي وڃي. ان کان پوءِ هن گهر گهاٽ هڪ ڀروسي جوڳيءَ داسيءَ جي حوالي ڪيو. هوءَ وائڙي ٿي ويئي. چترليکا کيس رڳو ايترو چيو، ”سکي! اچرج جي ڪا ڳالهه نه آهي. مان ڪجهه وقت لاءِ هي سنسار تياڳي رهي آهيان. جيستائين مان موٽان تيستائين هن گهر جي مالڪڻ تون آهين.“

رٿ تي ويهي هن هڪليندڙ کي ڪمارگريءَ جي آشرم ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. شاهي رستي تان آشرم واري ڦٽندڙ چاري وٽ پهچي، هن رٿ روڪرايو ۽ رٿ بان کي چيو، ”جي مان ٻن ڪلاڪن اندر نه موٽان ته منهنجو وڌيڪ اوسيڙو نه ڪج ۽ رٿ موٽائي وٺي وڃج!“

جنهن ويل چترليکا ڪمارگريءَ جي ڪٽيا ۾ گهڙي، ان ويل جوڳي تپسيا ۾ مگن هو. چترليکا اتي ئي هيٺ ويهي رهي. پهر کان پوءِ ڪمارگريءَ سماڌي ٽوڙي. جيئن ئي اکيون کوليون ته پهريائين نظر سامهون چترليکا ته پيس. چترليکا جون اکيون ٻوٽيل هيون ۽ هوءَ ڪجهه سوچي رهي هئي. هن کي رڳو هڪ سادي ڪيسري ساڙهي اوڙهيل هئي. هن کان اڳ ڪمارگريءَ هن کي ساٺ سڳن سان ڏٺو هو.هينئر هو هن جي سادگي ۽ ماٺي سڀا ۾ مڻيا ڏسي رهيو هو. سندس پيلي منهن تي آتما جو چين ۽ سانت جهلڪي رهيا هئا. ڪمارگري سندس ان روپ کي ڏسي دنگ ٿي ويو. ڌيرج سان جوڳيءَ هن کي سڏيو، ”نرتڪي!“

چترليکا اکيون کوليون، ”گرديو جي سماڌي پوري ٿي؟“

”هائو، نرتڪي! پر تون هت ڪيئن؟“

”گرديو کان ويراڳ وٺڻ لاءِ.“

”پر توکي ياد هوندو ته مون اڳ ئي توکي چيلي ڪري سويڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.“

”هائو، مون کي ياد آهي. پر تڏهن به هلي آئي آهيان. سنسار جو  سک ۽ سنتوش سڀ تياڳيا اٿم. رڳو آتمڪ سٻنڌ ۽ ڪام ڪروڌ جا ناتا ساڻ کڻي آئي آهيان. گرديو! اهي اڃا تائين منهنجي جند نه ٿا ڇڏين. انهن کان مڪتي ڏيارڻ توهان جو ڪرم ۽ ڌرم آهي، يوگيراج!“

”نه، نرتڪي،نه! چترليکا جي هرڻيءَ جهڙين ڊگهين اکين کان هو ڏڪي ويو، ۽ رڙ ڪيائين، ”نه نرتڪي، نه! اهو نٿو ٿي سگهي. مان توکي ڪجهه نه ڏيئي سگهندس.“ ڪنهن اوچي ڀؤ جي ڪلپنا ۾ ڪمارگري پاڻ وساري ويٺو. ”توکي گيان ڏيڻ معنيٰ پاڻ ڪيرائڻ، هيٺ ڪيرائڻ! ڪاڏي؟ هيٺ، هيٺ پاتال ۾، جنهنجو ڪو پتو ۽ پرو نه آهي. جنهنجو ڪو انت ڪونهي! مان ٻنهي  کي سڃاڻان توکي به، ته پاڻ کي به. توکي اوچو ڪرڻ ڏکيو آهي، پر منهنجو ڪِرڻ سولو آهي!“

ڪاوڙ ۾ ڪمارگري اٿي بيٺو ۽ ڪٽيا ۾ پسار ڪرڻ لڳو. چترليکا چپ جو چپ ڪيو ويٺي رهي. ٿورڙيءَ اڻ وڻندڙ سانت کان پوءِ ڪمارگريءَ وري ڳالهايو، ”نرتڪي! ڏس! مان توسان ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، سو تون به سچ ٻڌاءِ ته تون هت ڇو آئي آهين؟“ ڇا سچ پچ گيان وٺڻ آئي آهين؟ تون سچ پچ سنسار جا سک ۽ سهنج تياڳي آئي آهين؟ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟ ٻڌاءِ چپ ڇو آهين؟“ ڪمارگري زور سان کليو، ”تون سچ ڳالهائڻ نٿي چاهين، ۽ ڪوڙ نٿي ڳالهائي سگهين. تنهنجي ماٺ جي مراد ”نه“ آهي.“

انهن سوالن جي ورکا ويل چترليکا ويچارن ۾ وُڙهي ويئي. پوين رڙين تي هن سجاڳيءَ جو ڇرڪ ڀريو. هن اکيون کوليون ۽ جوڳيءَ ڏانهن ڏٺو. ٻنهي جا نيڻ مليا. هن ڌيرج ۽ ڀروسي سان وراڻيو،”يوڳي، هڪ ڀيرو تو، پنهنجي جيت هار جو ويچار نه ڪندي، راڄ سڀا ۾ سڀني جي سامهون مون سان سچ ڳالهايو هو. سو اڄ مان به توسان سچ ٿي ڳالهايان. مان توسان پريم ڪرڻ آئي آهيان.“

”ته، منهنجو انومان ٺيڪ هو. مهرباني!“ هن چيو، ”تون مون سان ڪرڻ آئي آهين – مون سان! جنهن جي چت ۾ ڪنهن لاءِ چاهنا نه آهي! جنهن کي اها سڌ به نه آهي ته پريم ڇا ٿيندو آهي! ڪهڙي وسميه ۾ وجهڻ جهڙي گهٽنا آهي! آهي نه؟ مان ته سمجهندو هوس ته پريم منش جي هردي ۾ پاڻ هرتو اُتپن ٿيندو آهي. اها ڄاڻ نه هيم ته اڳ ۾ ماڻهوءَ کي پيار لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ئي هو پيار ڪندو آهي.“ ڪمارگري کلڻ لڳو. پر سندس کل ايتري ته ٺلهي ۽ ٺٺوليءَ ڀري هئي جو چترليکا ڇرڪي وائڙي ٿي ويئي.

هن چيو ”يوگي! مون کي ڏک آهي، جو پنهنجو هردو ۽ چت کولي ۽ چٽو نه ٻڌائي سگهي آهيان. مان توسان پريت ڪريان ٿي – اهو ته تون ڄاڻين ٿو – گهڻن ڏينهن کان. مان تو وٽ ان لاءِ آئي آهيان ته جيئن تون به مون سان پريت ڪرين. وشواس رک! هينئر مون سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. هينئر مان توکان ڪجهه به نٿي لڪائي سگهان.“

”تون مون کي چاهين ٿي – اهوئي گهڻو آهي،“ ڪمارگريءَ چيو، ”مون توکي ڪڏهن ائين ڪرڻ کان نه جهليو آهي ۽ نه جهلي سگهان ٿو. ۽ توکي پريت جي موٽ ۾ پريت جي آس لڳائڻ به مباهه هجي، پر ان آس جي پورائيءَ لاءِ جتن ڪرڻ جو توکي ڪو اڌيڪار نه آهي.“

چترليکا جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. ٿوريءَ دير ۾ ئي هوءَ پاڻ سنڀالي ويئي. هن ڳنڀير ۽ ڏاڍي ڳنڀير آواز ۾ چيو، ”ٺيڪ ٿو چئين، يوڳي! هن ڀيري به مان ڀل ڪئي. مان هت پيار جي پياس اجهائڻ آئي آهيان ته جيئن ان جي پيرن جي پڻي سينڌ ۾ وجهان جنهن کي مان چاهيان۽ پوڄيان ٿي. مان تو ۾ پاڻ وڃائڻ آئي آهيان. چاهنا، پاڻ وسارڻ ۽ نه اجهندڙ پياس جي آس – اهي پيار جي پيڙهه جا پٿر آهن. اهو آدي ۽ انتم سچ مون وواه وقت سچائيءَ، شرڌا ۽ ڪرم جي روپ ۾ ڏٺو هو، پر انهن رنگن چڙهيل هئڻ ڪري مان ان جو اصلي روپ نه ڏسي سگهيس. پر اڄ مون سچ اصلي روپ ۾ ڏٺو آهي. ان ڪري ئي تو وٽ آئي آهيان.“

ڪمارگري ڳنڀير ٿي ويو. ”ڪام ڪروڌ ۽ و لولي کان سواءِ پيار ٿي سگهي ٿو؟“ هن جي هردي ۾ سوال اٿيو. سندس تپسيا ۽ وشواس وراڻيو، ”نه“. سندس دل چيو، ”مورک! پوتر پيار ۾ ڪام ڪروڌ ۽ پياس جي جڳهه نه آهي.“

”مون کي مهلت ڏي، ناري! اهو ڏکيو مسئلو آهي،“ ڪمارگريءَ چيو.

چترليکا هن جي پيرن تي ڪري پيئي. ”توکي وڌيڪ وقت ڏيڻ لاءِ مون وٽ وقت نه آهي، مهراج! جو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. مان پٺتي نه موٽڻ لاءِ گهڻو اڳتي نڪري آئي آهيان.مان هن آشرم ۾ رهڻ لاءِ آئي آهيان، هتان واپس وڃڻ لاءِ نه.“ ورندي ڏيڻ بجاءِ ڪمارگريءَ پڇيس، ”پنڌ آئي آهين؟“ ”نه، رٿ تي!“

”رٿ ڪٿي آهي؟“

”شاهي سڙڪ تي ڇڏي آئي هيس. هليتائين موٽي ويو هوندو.“

ڪمارگريءَ اُڀ ڏي نهاريو – ”هي پرڀو! هي ڇا آهي؟ تنهن جي ڪهڙي اِڇا آهي؟ جا تنهنجي اڇا آهي، سا اوس پوري ٿيندي.“ هن پيرن تي پيل چترليکا کي اٿاريو. ”چڱو ديوي! مان توکي ويراڳ ڏيندس. ڀڳوان جي اهائي اڇا آهي ته مان سنساري ڪامنائن ۽ واسنائن سان وڙهان – ته پوءِ ائين ئي ٿيندو!“

ايترو چئي، ڪمارگريءَ وشالديو کي سڏ ڪيو.

وشالديو جي اچڻ تي جوڳيءَ کيس چيو، ”وشالديو! توکي ديوي چترليکا لاءِ ڪٽيا اڏڻي پوندي.“

سڀڪجهه ڄاڻندي به وشالديو جي منهن تي تپرس جون ريکائون اُڀري آيون.هن چترليکا ڏي منهن ڪري نوڙي چيو، ”ديوي! مان توهان جو سواگت ڪريان ٿو.“ منهن مٿي ڪري هن جوڳيءَ تي ڳالهائيندڙ گهور وڌي.

ڪمارگري يڪدم وشالديو جي مراد سمجهي ويو. پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائيندي، هن چيو، ”ٻچا! تون تپرس ۾ پئجي ويو آهين. تو هيءُ هڪ ڀيرو منهنجي اوڻائي ۽ هيڻائي ڏٺي آهي، ان ڪري تنهنجو اچرج سڀاويڪ آهي. پر اهو نه وسار ته ماڻهوءَ جو ڪرم يوگ آهي پنهنجن اوڻاين ۽ هيڻاين تي جيت پائڻ. اڄ ايشور مون تي هڪ سچ پڌرو ڪيو آهي. منش جي مهانتا ڪام سان وڙهڻ ۾ آهي، ۽ مان اهوئي ڪري رهيو آهيان. ان ڪري مون چترليکا کي شش سويڪار ڪرڻ جو نشچو ڪيو آهي.“

وشاديو پنهنجي ٺٺوليءَ ڀري مرڪ دٻائڻ جو اڦل جتن ڪيو. ”گرديو جن ٺيڪ ٿا چون....“ ڪٽيا راتو رات ئي اڏڻي پوندي؟“

وشالديو جي مرڪ ۽ سوال جوڳيءَ جي نس نس ۾ باهه لڳائي ڇڏي. هو ڪنبي ويو. سندس اکيون اُلا ڏيڻ لڳيون. ڪاوڙ ۾ سيٽجي هن رڙ ڪئي، ”تو مون کي للڪاريو آهي. تو مون کي دڙڪو ڏنو آهي، مورک ڇوڪرا! نه، ٻيءَ ڪٽيا جي ڪا لوڙ نه آهي. هيءَ ناري منهنجي ڪٽيا ۾ مون سان گڏ ئي رهندي. سمجهيئي؟ وشالديو! ٻڌ. منهنجي نٻلتا ۽ هيڻائيءَ تي چٿرون ڪندڙ ڇوڪرا! اهو ياد رک ته مان تنهنجو گرو آهيان ۽ توکان اُتم آهيان. مان توکي ڏيکاريندس ته تپسيا ۽ پوڄا جي کوري ۾ پڪل ماڻهو ڪيڏو نه سگهارو ۽ اڏول ٿو ٿئي!“

ڪمارگريءَ جي ڪوپ وشالديو کي ڪنبائي ڇڏيو. هو جوڳيءَ جي پيرن تي ڪري پيو – کميا ڪريو، مهاراج! مان هينئر هينئر ڪٽيا ٺاهي ٿو وٺان.“

”نه!“ جوڳيءَ گجگوڙ ڪئي، ”هينئر ڪٽيا جي ڪاڻ نه ڪڍبي! هڪ لڱا مان ڀل ۾ تنهنجي گروءَ تي چٿر ڪئي هئي. مون کي ان جو ڀوڳ ملي رهيو آهي. گروءَ توکي هت پاپ پروڙڻ لاءِ مڪو آهي. هينئر توکي وجهه ملندو ته پاپ ڏسين ۽ ان تي جيت پائڻ به سکين. تون هاڻي ڀلي وڃ هليو. سنجها جي پوڄا جي ويل اچي مٿان پيئي آهي.“

وشالديو هليو ويو. ڪمارگريءَ چترليکا کي چيو، ”ديوي! جو ڪجهه ٿيو آهي سو سپنو پيو لڳيم. مون کي پاڻ به ان تي وشواس نٿو اچي. پر نڪتل ٻاڻ موٽي ڌنش ۾ نه ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏاڍو ڀؤ ٿو ٿئيم. ائين ٿو لڳيم ڄڻ باهه سان ٿو کيڏڻ وڃان.“

چترليکا جي چس وارن چپن تي موهيندڙ ۽ هرکائيندڙ مرڪ نچڻ لڳي. هن چيو، ”ديو! مون کان ڇرڪ نه! وشواس رک ته مون کي ڪڏهن به پنهنجي پوڄا ۽ تپسيا ۾ رڪاوٽ نه ڀائيندين. مان توسان پريت ڪريان ٿي، ۽ پريت جو انت پاڻ وڃائڻ آهي. مان تنهنجي سک ۾ سکي ٿينديس.“

”ته پوءِ ائين ئي ٿيندو!“ ايترو چئي، هو آسڻ تي پلٿي ماري ويٺو. ”توکي پنهنجي لاءِ پاڻ آسڻ ٺاهڻو پوندو. ڪک پن وشالديو کان وٺي سگهين ٿي. منهنجي سماڌيءَ جو سمو اچي ويو آهي.“ پوءِ هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ انترڌيان ٿي ويو.

 

باب ٻارهون

رات واري گهٽنا  تي سوچيندي بيج گپت کي  لڳو ته هو مرتينجيه سان اڍنگي ۽ کهري هلت هليو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن شوتينڪ وٽس آيو ته هن کيس چيو، ”شوتينڪ! رات واري ڀوڄن ملن تي مون شايد ٺيڪ ورتاءُ نه ڪيو آهي. مان چئي نٿو سگهان ته سچ پچ مان منهن ڦاڙ ٿي پيو هوس يا نه. تون اتي هئين، ٻڌاءِ ته منهنجو ورتاءُ ڪيئن هو؟“

ٿورو سوچڻ کان پوءِ شوتينڪ وراڻيو، ”توهان بلڪل ٺيڪ چيو ۽ ڪيو. باقي رهي مرتينجيه جي گهٽتائيءَ جي ڳالهه، ان لاءِ مان سمجهان ٿو ته توهان ڳالهائڻ ۾ ڪنهن رک رکاءَ کان ڪم نه ورتو هو. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته آريه سريشتا مرتينجيه کي اوهان جو ڳالهائڻ نه آؤڙيو هجي. پر سائين! ان لاءِ ڳڻتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. سچ سچ آهي. توهان جي ۽ هن جي راءِ ۾ ان تي مت ڀيد ٿي سگهي ٿو.“

”نه منهنجا سڄڻ،“ بيج گپت چيو، ”تون ڀلين ٿو. بيشڪ سچ سچ آهي پر اهو ڪمهلو ۽ ڪَوڙو نه هئڻ گهرجي. مون جو ڪجهه چيو سو وڌيڪ سهڻي، سٺي ۽ شانائتي نموني به چئجي پئي سگهيو.“

بيج گپت کي مرتينجيه جي دل ۾ ڪرڻ جي گهڻي ڳڻتي ڪانه هئي. هن کي چنتا هئي ته يشوڌرا جي. هن کي پڪ ئي پڪ ان ڳالهه ڏک ڏنو هوندو. سندس اکين آڏو يشوڌرا جو روپ ڦري آيو. سدس ڀولپن، امرت رس سان چمڪندڙ اکيون، ڪنوارپ واري لڄ، وڻندڙ ۽ موهيندڙ مک– سڀ سندس اکين اڳيان تري آيا. پر هو  يشوڌرا سان پيار نه پئي ڪري سگهيو، ڇو ته هن چترليکا کي چاهيو پئي. يشوڌرا جي اکين ۾ چترليکا جهڙي ويراني ۽ مستي نه هئي. سندس پتني نه هوندي به هوءَ  سندس جيون ساٿي هئي. نرتڪي هوندي به هوءَ پريت ڪري پئي سگهي – ڌن ڪارڻ نه، ڇو جو اهو ته هن وٽ اڳ جهجهو هو – رڳو پيار ڪارڻ. هن کي اها رات ياد اچي ويئي. جڏهن هو پهريون ڀيرو چترليکا سان مليو هو. چترليکا ۽ يشوڌرا جي ڪا ڀيٽ ڪانه هئي، چترليکا اوچي هئي، مهان. هو حيران ٿي ويو ته نيٺ به هن يشوڌرا لاءِ ڇو پئي سوچيو. هن شوتينڪ کي چيو، ”شوتينڪ! مون کي جڳائي ته مرتينجيه کان اڻ وڻندڙ ورتاءَ ۽ ڪڙين ڳالهين لاءِ کميا وٺان.“

”جا، اوهان جي اِڇا، مهاشيه.“

”پر مان اوڏانهن وڃڻ نٿو چاهيان....“ بيج گپت يشوڌرا کي وسارڻ پئي چاهيو. ”تون وڃي منهنجي چٺي پڄائي اچ.“

بيج گپت مرتينجيه نالي پتر لکي شوتينڪ کي ڏنو. شوتينڪ چٺي کڻي مرتينجيه جي جاءِ تي پهتو. هن چوبدار کان پڇيو، ”آريا سريشتا گهر آهن؟“

”ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويا آهن، ڪهڙو ڪم اٿو؟ نوڪر وراڻيو.

”هنن لاءِ هڪ پتر آندو اٿم.“

”مون کي ڏيئي وڃو، پڄي ويندو.“

”نه، هي پتر کين هٿ ۾ ڏيڻو آهي....“ شوتينڪ ٿورو، ترسيو، ”يا سندس پتري يشوڌرا کي.“ اهو پويون جملو شوتينڪ جي مک مان اوچتو اڌمو ڏيئي نڪتو.

چوبدار يشوڌرا کي چتاءُ ڏنو  ۽ شوتنڪ کي بيٺڪ ۾ ويهاريو. ٿورڙي جهٽ کان پوءِ يشوڌرا اتي آئي. هو سندس مان ۾ اٿي بيٺو. کيس ڏسي هن پڇيو، ”شريمان، ڪيئن پڌاريا آهيو؟“

”سمنت بيج گپت توهان جي پوج پتا لاءِ پتر ڏنو اٿم،“ شوتينڪ وراڻيو. هن ڄاڻي واڻي بيج گپت کي مالڪ سڏڻ بدران ائين ڳالهايو.

”مها شيه! پتاجي ٻاهر ويل آهن، توهان کي ترسڻو پوندو. تيسين توهان جي ڪهڙي شيوا ڪجي؟“

ٻنهي هڪٻئي ڏانهن نهاريو، پر يشوڌرا جي نيڻن ۾ ڪا لڄ لڪاءُ نه هو.

”توهان جو اڳيان هجڻ ئي مون لاءِ وڏو مان آهي،“شوتينڪ ڳنڀير ٿي چيو. سندس ڳلن تي لڄ جي لالاڻ مڙي آئي. پر هن ڳالهائڻ ۾ ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پتاجي اچڻ وارا ئي هوندا. توهان ويهي ويهي ڪڪ ته نه ٿيندا؟“

”پاتليپتر جي سڀ کان سرس سندر ڪنيا جي سامهون ويهڻ ۾ ڪهڙو مورک ڪڪ ٿيڻ جي سگهه ساري سگهندو؟ مان ته اڄ پاڻ کي ڀاڳيوان  ٿو سمجهان.“ شوتينڪ چيو ۽ اڌمي ۽ و لولي ۾ اهو وساري ويٺو ته متان اڳلي کي جواب تي رنج ٿئي.

هن ڀيري سندس منهن جو رنگ وڌيڪ تکو ٿي ويو. هوءَ اهڙن شٻڌن تي هريل نه هئي، ۽ سو به ان منش مکان جنهن سان سندس مکا ميلو ڪي پهر ئي اڳ ٿيو هو. ان هوندي به اهي واکاڻ جا شٻڌ کيس ڏاڍا رسيلا لڳا. سندس ڇپر لڄ کان نمي پيا، ۽ ڳلن جي لالاڻ وڌي ويئي. شوتينڪ سندس مهمان هو. اُن جو آڌرڀاءُ ۽ مان ڪرڻ سندس ڪرم هو. هن شوتينڪ کان پڇيو. ”مهاشيه بيج گپت کي ته توهان چڱيءَ پر ڄاڻي سڃاڻي ويا هوندا؟“

”هائو! ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو پنهنجي ڀارت ورش جي وڏن ۽ مهان منشن مان آهي.“

”۽ نرتڪي چترليکا جي باري ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي؟“

”ديوي چترليکا! هوءَ مهان ناري آهي. هوءَ اُتم آهي. مان ته ائين چوڻ ۾ به نه ڪيٻائيندس ته هوءَ ديوي آهي. جنهن چترليکا کي سڃاتو تنهن ڄڻ شرير ۽ آتما ٻنهي کي سڃاتو!ڪڏهن ڪڏهن سچ ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ وڌاءَ وارو لڳندو آهي. پر، ڪماري! مون تي وشواس ڪريو، ديوي چترليکا ناريپڻي جي پورڻ ڪٿا آهي.“

يشوڌرا کلي، ”ته پوءِ منهنجو انومان ۽ هن لاءِ ڇڪ ڀليل نه آهي – شريمان، جي مان ڀلجان نٿي ته توهان جو نالو شوتينڪ آهي.“

”هائو، ڪماري.“

”آريه شوتينڪ! ڪرپا ڪري منهنجي من جي هورا کورا پوري ڪريو. ڇا سچ پچ توهان جي گروءَ توهان کي بيج گپت وٽ پاڻ پروڙڻ لاءِ مڪو آهي؟ جي ها ته ڇا، سچ پچ بيج گپت جو جيءُ ۽ جاءِ ان ڪاريه لاءِ جوڳي جڳهه آهن؟“

شوتينڪ مرڪيو. ”توهان کي مليل سڌ سچي آهي، ڪماري! گروءَ سچ پچ مون کي بيج گپت  وٽ پاپ پرجهڻ لاءِ موڪليو آهي. هن کي ان ڪاريه لاءِ ڇو چونڊيو ويو، سو ته ديوي، مون لاءِ به اڃا هڪ ڀيد آهي. هڪ ٻي ڳالهه اوهان کي ٻڌائيندس. منهنجي گرو ڀائي وشالديو کي به، جو ڪالهه يوڳي ڪمارگريءَ سان هت آيو هو، ڪمارگريءَ ڏانهن ان ساڳئي ڪاريه لاءِ ئي مڪو ويو آهي. اها ڳالهه شايد توهان کي وڌيڪ حيران ڪري.“

”سچي!“ يشوڌرا سچ پچ وڌيڪ تپرس ۾ پئجي ويئي.

”پر هن پرٿويءَ تي ڪابه ڳالهه اڻ ٿيڻي ۽ اَسڀاويڪ نه آهي. ان ڪري ديوي! توهان کي وسميه ۾ نه پوڻ گهرجي. اهو ضروري نه آهي ته جن ماڻهن وٽ اسان کي موڪليو ويو آهي سي ئي پاپي هجن. ٿي سگهي ٿو ته انهن سان لهه وچڙ ۾ ايندڙ منشن ۾ ئي ڪو پاپي هجي. پر سوال آ ته پاپ اصل ۾ آهي ڇا؟ ڪهڙي سڌ ته جنهن کي مان پاپ ٿو سمجهان سو ٻين آڏو پاپ نه هجي. ان جي ابتڙ ائين به ٿي سگهي ٿو ڪي ڪم جي اسان بي ڌيانيءَ ۽ چتاءَ  وٺڻ کان سواءِ ڪريون ٿا، سي ٻين جي آڏو پاپ هجن!“

اها ورندي، جيتوڻيڪ کُلي، چٽي ۽ اپٽار واري هئي، يشوڌرا کي آٿت يا دلجاءِ نه ڏيئي سگهي. ”آريه شوتينڪ! توهان ۾ اها ڳالهه سچ پچ ساراهه جوڳي آهي، جو توهان جو ڌرم ۽ وشواس ماڻهن ۾ چڱائي ڏسڻ ۽ ڳولڻ آهي.“

ان گهڙيءَ آريه سريشتا مرتينجيه ڪمري ۾ گهڙيو. شوتينڪ اٿي هن کي پرڻام ڪيو ۽ يشوڌرا اندر هلي ويئي.

مرتينجيه هٿ جي اشاري سان هن کي ويهڻ لاءِ چيو، ۽ پڇيو، ”رات آريه بيج گپت سان تون ئي آيو هيئن نه؟“

”جي سائين! مون توهان ڏانهن سندس پتر آندو آهي.“ هن هٿ وڌائي کيس چٺي ڏني.

مرتينجيه پتر وٺي پڙهيو. چٺي پڙهندي ئي سندس منهن سرهو ٿي ويو. ”سمنت بيج گپت کي منهنجا نمسڪار چئج ۽ چئجانس ته کميا وٺڻ جي ڪا گهرج ڪانه هئي. هو مون آڏو اڃا به ايترو ئي مهان ۽ اتم آهن جيترو اڳ هئا. هڪ ٻيو نياپو به ڏجان: جي شام جو ٻيو ڪو ڪم ڪار نه هجين ته مون ڏانهن اچن ۽ رات جي ماني به اسان سان گڏ کائين.“ ٿورو ترسي، هن اڳتي چيو، ”۽ تون به اچجانءِ شوتينڪ!“

شوتينڪ جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو – ” جا آگيا مهراج! مالڪ آيو ته مان ايندس، پر سندس موڪل بنان مون کي هت اچڻ نه جڳائيندو.“

مرتينجيه کلي ويٺو، ”ڏاڍو چئيوان ۽ شرڌالو آهين. مون کي ڏاڍو وڻين ٿو. ڪهڙيءَ نک جو آهين؟ تنهنجو پتا ڇا ڪندو آهي؟ ڪٿان جو آهين؟“

”مان سورج وڻسي آهيان. پتا جو نالو وشوپتي آهي ۽ ڪوشل پرديش جو ويٺل آهيان.“

”ڇا چيئي! وشوپتي! ڪوشل ديش وارو! ڪاشيءَ ۾ ته نه پڙهيو آهي؟“

”جي سائين!“

”واهه – واهه! چڱي ڳالهه ڪيئي! وشوپتي ته منهنجو گروڀائي آهي. مان تنهنجو سواگت ڪريان ٿو. تون ته مون کي ٻچن سمان آهين.“ ۽ آشيرواد واري نموني هن جي پٺي ٺپڻ لڳو.

مرتينجيه سان پيءُ جي ڄاڻ سڃاڻ تي شوتينڪ کي ڪيترو آنند مليو تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ڪٺن آهي. سندس من ۾ آس جو سورج اڀرڻ لڳو. هن سوچيو، ”يشوڌرا جو وواه مون سان ٿي سگهي ٿو؟“

”نه، ڪڏهن به نه!“ شوتينڪ ڄاتو پئي ته سندس پيءُ جا ڀاڳ ڪي ڀلارا ڪونه هئا، ۽ هڪ هڪ واهڻي سادو سودو منش هو. هو بيشڪ هڪ اُچي آڪهه مان هو، پر ان مان ڇا ٿي ٿيو؟ مرتينجيه  هن جي پيءُ کان ڌن، ۽ سماجي پد ۾ اوچو هو. وواه لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ انهن ٻنهي ڳالهين ۾ هڪ ڪرائي هئڻ ضروري هوندي آهي. پر ماڻهو آس جي آسري جيئي ٿو. اڻ ٿيڻيءَ جي آس رکي، هو مورکن جي سنسار ۾ رهندو اچي ٿو. شوتينڪ به اهو ڪجهه ئي ڪري رهيو هو.

شوتينڪ کي ماٺ ڏسي مرتينجيه چيو، ”ٻچا! هن گهر کي پنهجو گهر ڀانءِ. وشوپتيءَ تنهنجي هٿ اچڻ جو چتاءُ مون کي ڇو نه ڏنو؟“

”پتا جي اڄ ڪالهه وان پرسٿ (پوڄا وارو جيون، جو برهمچاري ۽ گهر گرهسٿ جيون کان پوءِ اچي ٿو) آشرم گهڙيا آهن. ان ڪري ئي سڌ نه ڏيئي سگهيا آهن. چڱو، سائين، هاڻي هلان ٿو.“

مرتينجيه چيو، ”ڏپهري جو وقت آهي.ڀوڄن پاڻي اسان سان گڏ ڪيو وڃو ته ڇا؟“

”توهان جو چيو اکين تي،“ شوتينڪ مرڪندي چيو، ”پر ان جو پالن منهنجي وس کان ٻاهر آهي. هن مهل ۾ سمنت بيج گپت جو شيوڪ آهيان. ان جي موڪل کان سواءِ مان ڪجهه به نٿو ڪري سگهان. چڱو مان هلان ٿو. گهڻي دير ٿي ويئي آهي بيج گپت جن منهنجي اوسيڙي ‎۾ هوندا.“

چڱو! ٻچا چڱو ! مالڪ جو ڏاڍو اونو ٿو رکين، تنهنجي آگيا پالن ۽ ڪرم يوگ ساراهڻ جوڳا آهن. ڀلي وڃ. پر بيج گپت کي منهنجو نياپو ڏيڻ نه وسارج.“

شوتينڪ موٽي آيو ۽ بيج گپت کي مرتينجيه جي ڀوڄن جو نياپو ڏنائين. بيج گپت چيو، ”مون کي ڀوڄن تي ڪوٺيو اٿائين“ ڏاڍو سٺو! پر منهنجو ات وڃڻ ٺيڪ ٿيندو؟“

سڄي شام بيج گپت ان ڪوٺ تي سوچيندو رهيو. هو سوچي رهيو هو ته هن جو اُتي وڃڻ ڇو ٺيڪ نه ٿيندو؟ هن سوچيو ته سندس اُتي وڃڻ ٺيڪ نه ٿيندو. پر ڇو؟ سو هو پاڻ به چئي نه پئي سگهيو. گهڻي سوچ ويچار پڄاڻا هن مرتينجيه جي گهر وڃڻ جو نشچو ڪيو. شام ٽاڻي هن شوتنيڪ کي چيو،”شوتينڪ! مان سمجهان ٿو ته مون کي ڪنهن چڱي مڙس جي ڪوٺ نه موٽائڻ گهرجي.“

هن جي هردي جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾، هڪ ڀيرو يشوڌرا کي ڏسڻ ۽ ان سان ڳالهين ڪرڻ جي ڪامنا ڪر موڙي رهي هئي.

رات جو بيج گپت شوتينڪ سان گڏ مرتينجيه جي جاءِ تي ويو. اڄ سندس منهن ۾ اڳئينءَ رات واري رونق نه هئي. وايو منڊل ماٺو ۽ سانيتڪو هو. مرتينجيه هن جو آدرڀاءُ ڪيو. ميزبان ۽ مهمان اندر هال ۾ وڃي نرم ديوانن تي ويٺا جتي يشوڌرا اڳي ئي سندن اوسيئڙي ۾ ويٺي هئي.

”آريه بيج گپت! پتر موڪلڻ جي ته ڪا گهرج ڪانه هئي....“مرتينجيه ڳالهه چوري.

”مهاشه! پنهنجي ڀل ڀاسڻ ۾ ڪنهن جي هڙان ته ڪجهه ڪو نه ٿو وڃي،“ بيج گپت وراڻيو.

مرتينجيه کليو، ”توهان جو شيوڪ، شوتينڪ، منهنجي گروڀائي وشوپتيءَ جو پٽ آهي – اها سڌ مون کي اڄ پئي آهي.“ ايترو چئي، هن شوتينڪ ڏانهن نهاريو.

”پر پريه! شوتينڪ منهنجو شيوڪ ته نه آهي، گرو ڀائي آهي.“

”آريه بيج گپت! ڪجهه دير سان آيا آهيو!“

”هائو شريمان! ڪاشيءَ کان ڪي متر آيا هئا، انهن سان ويٺي وقت لنگهي ويو.“

 هن ڀيري يشوڌرا ڳالهايو، ”ڪاشي ته ڏاڍو سهڻو ۽ اوائلي شهر آهي. توهان ڏٺو آ؟“

بيج گپت کليو – ”مون جيون جا پيارا پل اُن شهر ۾ ئي گهاريا آهن. منهنجو گرو مهاپرڀو رتنامبر جن به اڳ ڪاشيءَ ۾ ئي رهندا هئا. ديوي! ڪاشي ته هت بيٺي آهي، مان ته پنهنجي وديارٿي اوسٿا ۾ پري پري اتر ڀارت ورش جا آشرم به ڀيٽي آيو آهيان.“

”پوءِ ته هماليه پربت جو به درشن ڪيو هوندؤ“

”هائو، مون هماليه ۽ هندوڪش پربت ڏٺا آهن. سرشٽيءَ جي سچي سونهن ته رڳو انهن پهاڙن ۾ ئي آهي!“ هن منهن ڦيري مرتينجيه ڏانهن ڪيو، ”مون اتي ڪيئي اچرج ۽ تپرس جهڙيون ڳالهيون ڏٺيون، پر هڪ گهٽنا مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ان کي ٻڌي لونءَ ڪانڊارجيو وڃي.“

جوڀن واري اڻ تڻ ۽ هورا کورا کي يشوڌرا لڪائي نه سگهي: ”آريه جي، اها ورنن ڪري سگهندؤ؟“

”ڇو نه. ديوي! جي ٻڌي ڪڪ نه ٿيو ته....“ بيج گپت ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. ”اڄ کان ڏهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. تن ڏينهن مان اڃا وديار ٿي هوس. آءٌ گرورتنامبر سان ديس ياترا تي نڪتو هوس. گنگا جي ڪناري سان وستيون ۽ وڻڪار گهمندي، اسان هردوار پهتاسين. اتي ماٿري ختم ٿي ۽ اسان جي آڏو اوچا اوچا پربت بيٺا هئا. جو کائنين اوچاين ۽ برفاني ويرانين ۾ بيٺل ان اڪيلي ڀوائتي سرشٽيءَ واري ڏيک به جوڀن وارن ويچارن ۽ ڪلپنائن ۾ ڪا هلچل نه آندي. مون مهاپرڀوءَ کان پڇيو، ”گرديو! هن کان اڳتي ڇاهي؟“

”اڻ ڄاتي ڌرتي، هن وراڻيو. گنگا جي ڪپر تي هڪ ماڻهو ويٺو هو. هن مڄاڻ ته ڪو گرديو جا ٻول ٻڌي ورتا، ۽ چيو، ”ڇا چيئي؟ اڻ ڄاتي ڌرتي؟ ٺيڪ آ. پر مان توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اها ڌرتي ئي ديوتائن جو ڳڙهه آهي. اتي ئي ڪيلاش پربت آهي. اُت ئي ڳنڌاروي راڄ رهن ٿا، ۽ اتي ئي اپسرائون نچنديون ڪڏنديون آهن.“ ان منش جون ڳالهين ٻڌي، مهاپرڀو جي مک تي اوشواس جي مرڪ پکڙجي ويئي. پر جوڀن جي اڌمن ۽ آنڌ مانڊ ۾ اوشواس ڪٿان ٿو اتپن ٿئي! سو مون چيو، ”عجب ڳالهه آ، مهاپرڀو! هنن پربتن تي چڙهي ان عجب لوڪ ۾ هلڻ ۾ ڪهڙو هرج آ؟“

”جي تون ايترو اتاولو آهين، ته هل ڀلي، مون کي ڇاهي.“

”اهڙيءَ ريت اسان رمڻيڪ ۽ من موهيندڙ ڏيک پٺيان ڇڏي، ديوتائن ۽ اپسرائن جي سنسار جي ڳولا ۾ اڳتي وڌياسين. رت ڄمائيندڙ هوائن کي چيريندا اسان اڳتي وڌي رهيا هئاسين. ان ويراني ۾ به جا مون سونهن ۽ سوڀيا ڏٺي سا ڪڏهن سپني ۾ به نه ڀاسي هيم. جهنگلي گلن جا ٻوٽا، وڻ ۽ وليون ٿڌڙيءَ هوا ۾ مست ٿي لڏي لمي رهيا هئا. ات سانت جو راڄ هو، جنهن رکي رکي پکين جي لات کي پئي ٽوڙيو ان سانت جي راڄ ۾ نه گوڙ گهمسان هو نه منشن جو ميلو. ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تان هڪٻئي پٺيان پربتن جون چوٽيون پئي اڀريون. دڳ ۾ اسان ڪيترن ئي ڳوٺن مان لنگهياسين. ڳوٺاڻن جا روپ روپا هئا ۽ سندن نارين جي سونهن سون ورني هئي. هنن کي رنگا رنگي ڪپڙا اوڙهيل هئا. هو لڄاريون نه هيون. سندس دليون به چهرن جيان کليل ۽ سرهيون هيون. مان جوڀن ۾ هيس، ۽ موهيندڙ منهن ۽ سرهن ساهن تي موهجي پيس. ڪنوارين ڪمارين ۽ ڪنيائن جون ٽوليون مٺا ۽ مڌر گيت آلاپينديون اچي وڃي رهيون هيون. جيتوڻيڪ مون سندن ڀاشا نه پئي سمجهي، ته به ايترو سو ڄاڻي ويم ته سندن راڳ رسيلا هئا ۽ انهن جو تاتپرج پيار ۽ پياس هئا. منهنجا اڌما ۽ ولولا چوٽ چڙهڻ لڳا. دل ۾ چيم، ڇا هيءُ ئي اپسرائن جو ديس آهي؟“ اسان اڳتي وڌندا رهياسين. ڳوٺ ننڍڙا، ٿورا ۽ وڇوٽيءَ  وارا ٿيندا ويا. ٿڌ ۽ ويراني وڌندي پئي ويئي ۽ ساوڪ ۽ گل گهٽبا پئي ويا. پر اسان کي ان وايو منڊل وڌيڪ آنند پئي پراپت ڪيو. ان سڃ ۽ شانتيءَ آتما کي لوڏي پئي وڌو. ان برف جهڙيءَ سڃ ۽ سانت واري ڌرتيءَ تي ، جتي گوڙ شور پيدا ڪندڙ انساني سڀيتا جو ڪو پرو ئي ڪونه هو، جڏهن ڏينهن اسان کان وڇڙندو هو ته ٿڌين هوائن ۽ جهرڻن، ۽ جيتن جي ڀڻ ڀڻ اسان کي سمهارڻ لاءِ لوليون ڏيندي هئي. هڪ صبح جو، جڏهن سورج ديوتا پنهنجي ترشول سان رات جي ڪاري پڙدي کي چيري ڦاڙي رهيو هو، ته سامهون وارو ڏيک ڏسي منهنجو اکيون ڄمي ويون. منهنجي اکين اڳيان پرٿويءَ جو سڀ کان سندر ۽ سهڻو سون جو پربت بيٺو، جرڪي چمڪي رهيو هو. مون چرين جيان رڙ ڪئي. ”گريو! هو ڏسو. سامهون سون جو پربت بيٺو اٿو!“ مهاپرڀو منهنجي مورکپڻي تي کليا – ”اهو هماليه آهي. سورج جي ڪرڻن تي برف ترورا ڏيئي رهي آهي، جنهن کي تون سون سمجهي رهيو آهين.“ مان پنهنجي مورکتا تي ڏاڍو ڦڪو ٿيس. اسان اڃا به اڳتي ۽ مٿي وڌياسين. هاڻي ڌرتي برف جي ڇپن سان ڍڪي پيئي هئي. اسان ٿڌ ۾ ٺري ڳڱ ٿي وياسين. گرديو جن چيو، ”هينئر موٽون؟“ پر مان مڙس ٿي بيٺس. ”نه، مهاراج! هيڏو اڳتي نڪري آيا آهيون. گهٽ ۾ گهٽ ان برف سان ڍڪيل پربت جي پاڙ تائين ته هلون.“

”ٿڪل ٽٽل پيرن سان هوريان هوريان اڳتي وڌندا، اسان اچي هڪ ڪٽيا وٽ پهتاسين. ان سمي ان ڪٽيا ۾ رڳو هڪ ناري سماڌيءَ ويٺي هئي. اسان کي ڏسي هوءَ اٿي بيٺي ۽ اسان جو سواگت ڪيائين. مهاپرڀوءَ ناريءَ کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏٺو ۽ پوءِ مون کي ڪن ۾ چيو، ”هيءَ جاءِ چڱي نه آهي، اسان کي موٽڻ گهرجي.“ ناريءَ کلي ڏنو. ”ٻڍڙو مهمان ٺيڪ ٿو چوي. پر جيئن جو ڪشالا ڪڍي آيا آهيون ته وڃڻ کان اڳ هڪ شيءِ ٻي به ڏسي وڃو، جا توهان جيون ڀر نه وساري سگهندؤ.“ مهاپرڀو ناريءَ جي ڳالهه تي وائڙا ٿي ويا. پر هن سندس وينتي ٺڪرائڻ ٺيڪ نه ڄاتي. ٿورڙو اڳتي هلي اسان هڪ برف جي ڇپ تي هڪ جوڳي ويٺل ڏٺو. سندس جٽاؤن پيرن تائين لڙڪي رهيون هيون. سندس ننهن واگهه نک جيان لڳي رهيا هئا. هو ان پاسي گهوري رهيو هو، جنهن پاسي کان اسين ڏانهنس وڌي رهيا هئاسين. اسان سندس ويجهو ٿي کيس پرڻام ڪيو. هن آشيرواد ڏيئي اسان کي ڀر ۾ ويهڻ جو اشارو ڪيو. ”نه ڄاڻان ڪيڏي وڏي سمي لنگهي وڃڻ کان پوءِ مان منش جو مورت ڏسي رهيو آهيان....“ هن چئي ٿڌو ساهه ڀريو. هن جي چهري تي پيڙا ۽ پڇتاءَ جون ريکائون اُڀري آيون. گرديو هن کي چيو، ”مهاراج! توهين دکي آهيو ڇا؟“

”هائو“ هن وراڻيو، ”مان دکي به آهيان ته سکي به.“ ايترو چئي هن اسان جي پٺيءَ پاسي اشارو ڪيو.

”اسان اٿي بيٺاسين ۽ ڪنڌ ورائي پٺتي ڏٺوسين. جو ڪجهه ڏٺوسين، تنهن لونءِ ڪانڊارائي ڇڏي. پويان هڪ رت جو تلاءُ هو، جنهن ۾ سڪيءَ تان هڪ ڏاڪڻ لڙڪي رهي هئي. تلاءَ مان ساهه گهٽيندڙ ڌپ اچي رهي هئي. مهاپرڀوءَ جوڳيءَ کان پڇيو، ”توهان هي اسٿان ڇڏي ڇو نه ٿا ڏيو؟“ هن وراڻيو، ”ڪاش! ائين ٿي سگهي. پر ائين نه ٿي سگهندو. ڇڏڻ چاهيان ٿو پر ڇڏي نٿو سگهان. ڪيترائي ڀيرا ڇڏڻ لاءِ سوچيو اٿم پر سڀ اجايو. هيءَ جاءِ نه ڇڏجي سگهندي – هاءِ، ڪيڏو نه نڀاڳو آهيان!“

”ان کان پوءِ گيان ۽ ڌيان جون ڳالهيون ٿيون. هن اسان کي پوڄا، پڇتاءَ ۽ تپسيا جي وياکاڻ ٻڌائي. جوڳي ڏاڍو گياني پئي لڳو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسان اها ساڙيندڙ ڌپ سهندا رهيا سين – رڳو جوڳيءَ جي گيان ۽ ڄاڻ جي شبڌن ٻڌڻ لاءِ. سمو سرندو رهيو ۽ مٿان اچي شام پيئي. اوچتو جوڳيءَ رڙڪئي – ”وقت اچي ويو!“ اٿي بيهي، تير جيان، هن پاڻ کي تلاءَ ۾ اڇلايو. اسان به هورا کورا ۽ حيرت کان هن جي ڪڍ اٿياسين. چرين جيان هن رت واري تلاءَ ۾ گهت هنئين. ات اسان لاءِ اڃا به وڌيڪ حيرت ترسي پيئي هئي. رت نرمل سيتل پاڻيءَ ۾ مَٽجي چڪو هو. ان جا ڀوائتا جيو ڪنول جي گلن جو روپ وٺي چڪا هئا. اسان اهو ڏٺوسين ته تلاءَ ۾ جوڳيءَ سان گڏ هڪ ناري به هئي هيءَ اها ئي ناري هئي، جنهن کي اسان ڪٽيا ۾ ڏٺو هوسين. هو ٻيئي اگهاڙي نموني کيڏي ۽ تري رهيا هئا. ناري چلولي ٿي، کلي رهي هئي. هن رڙ ڪري اسان کي چيو، ”مورکو! اتي بتن جيان بيٺا ڇا ڪري رهيا آهيو. اچو! تڙڳو ۽ جيون سک ۽ آنند ماڻيو.“ مون ۾ ٽٻِي هڻڻ جي ڀرپور اِڇا جاڳي ۽ مون ڪپڙا لاهڻ شروع ڪيا. پر مهاپرڀوءَ مون کي ٻانهن کان جهليو ۽ پوريءَ سگهه سان ڇڪو. ايشور کي سڌ ته کيس ان مهل ايڏي شڪتي ڪٿان اچي ويئي، جو مان لکن جتنن ڪندي به پاڻ نه ڇڏائي سگهيس. مهاپرڀو مون کي گهليندا رهيا. هو هلي نه رهيا هئا. پر هو جنسي ڊوڙي رهيا هئا. ڪٽيا ٽپي اسان ساڳيءَ ئي راهه تي اچي پهتاسين. پوءِ مون کي مهاپرڀوءَ چيو، ”ٻچا!پرڀوءَ جي ڪرپا ۽ ٿورا سمجهه، جو اسان اتان بچي آياسين.“ ان گهٽنا کان پوءِ به ڪيترا ئي ورهيه ان ناريءَ جو روپ منهنجي ياد جي پڙدن تي چٽو اڪريو پيو هوندو هو.“

”ڀلا، پوءِ ڪڏهن مهاپرڀوءَ توهان کي ان وچتر گهٽنا جو ڀيد ٻڌايو؟“ يشوڌرا هورا کورا وچان پڇيو.

”نه. مهاپرڀوءَ رڳو ايترو سو چيو، ”سنسار ۾ اڪيچار وستو اهڙيون آهن، جي ٻڌيءَ کان پري هونديون آهن. هيءَ به انهن مان هڪ آهي.“ ۽ اهو سچ هو. پڇاڙيءَ تائين هماليه مون تي پنهنجو اهو ڀيد نه کوليو.“

ياترا ڪٿا پوري ٿيڻ کان پوءِ سڀ کائڻ واري ڪمري ۾ هليا ويا. اڄ يشوڌرا جي هڪ پاسي کان بيج گپت ۽ ٻئي کان شوتينڪ ويٺا هئا. ڀوڄن ڪندي يشوڌرا چيو، ”مهاشيه! توهان جي ڪهاڻي سچ پچ وچتر آهي. منهنجي من ۾ هلچل مچي ويئي آهي. ڪاش! مان به اهڙيون اچرج ۾ وجهندڙ وارداتون ڏسي سگهان.“

بيج گپت کلندي وراڻيو، ”ديوي! منش پنهنجي اِڇا ۽ آگيا انوسار تجربو نه پرائي سگهندو آهي. حالتون ۽ اچانڪ پرگهٽ ٿيندڙ وارداتون هن کي تجربي جي کيتر ۾ آڻي اڇلينديون آهن.“

شوتينڪ يشوڌرا سان ڳالهائڻ لاءِ وجهه ملڻ جي واجهه ۾ هو – ”ديوي! اُداس نه ٿيو. تجربي لاءِ ته توهان وٽ سارو جيون پيو آهي.“

يشوڌرا ڳنڀير ٿي ويئي. سندس ڄمار ۾ اها ڳنڀيرتا اسڀاويڪ پئي لڳي. هن ٻاراڻي سادگيءَ سا وراڻيو، ”ٿي سگهي ٿو! پر هن ننڙي جيون جي هر گهڙي املهه آهي. جنهن چال سان سمو ڊڪي رهيو آهي، ته ڪاگهڙي وئرٿ وڃائڻ ڪا چڱي آهي ڇا؟“

شوتينڪ ورندي ڏئي ئي ڏئي، ته بيج گپت هن کان اڳ ڪڍيو ۽ کلي چيو، ”ڳڻتي نه ڪريو ڪماري! سمو پنهنجي سار سنڀال پاڻ ئي لهندو. اسان جي هر ڪاريه ۽ ڪرم ۾ ايشور جو هٿ هوندو آهي ۽ ان جي اِڇا سڀ کان اُتم هوندي آهي.باقي رهيو جيون ڏانهن اسان جي پهچ ۽ رويي جو سوال، سو ان لاءِ جڳ ۾ ٻه ويچار چالو آهن. هڪ پٽاندر جيون ڀرپور ڪرم، ڦڙتيءَ ۽ هلچل جو نالو آهي. ٻئي انوسار ان ۾ ٺاپر ، ماٺ ۽ شانتي هئڻ گهرجي.“

شوتينڪ ڏٺو ته هو بيج گپت جيان ۽ جيتري يشوڌرا تي وديا ۽ گيان جي ڌاڪ نه ويهاري سگهندو. هن هڪ ڀيرو وري ادم ڪيو.”ديوي يشوڌرا!“ هن الهڙ ۽ اناڙي پريميءَ آرنڀ ڪيو، ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته منش جيون ۾ سک ۽ سنتوش جي ڪامنا ڪندي به ، ان ۾ هلچل جو گهرجائو رهي ٿو. ان ڪري پيار، جو جيون ۾ سک ۽ آنند سان گڏ اڌما، ولولا ۽ هلچل به پيدا ڪري ٿو، جيون جو آدرشي مارڳ آهي. مستي ۽ ان مان اتپن ٿيندڙ آنند، مليل جليل اِڇائون ۽ انهن جي پورڻتا – اهو پيار جو ٻيو نانءُ آهي. ان ڪري جيون لاءِ پيار اڻ ٽر ۽ اٽوٽ آهي. جيون جي اها اهم گهر آهي ته هڪٻئي کي سڃاڻجي – ڏک سک ۾ هڪٻئي سان ناتو ۽ نينهن نڀائجي. هڪٻئي جو ”پاڻ“ هڪٻئي ۾ گم ڪجي – اهوئي پريم آهي، جيون جو سڀ کان سڦل مارڳ.“

اُڌمن جي اوچتي اُڇل اڪار نه ويئي. يشوڌرا شوتينڪ ڏانهن انهن نيڻن سان نهاريو، جن سان رڳو هڪ ناري ئي ڏسي سگهي ٿي. هن به ڏانهنس ڏٺو. هن جوشرير ڏڪي ويو. هن پاڻ ۾ شڪتيءَ جو ڌارائون ڊوڙنديون ڏٺيون. هوءَ ڪيترو وقت شوتينڪ ڏانهن ڏسندي رهي، سو چئي نٿو سگهجي. پر شوتينڪ لاءِ اُهي جيون جون سڀ کان وڌيڪ پياريون، مستيءَ ڀريون ۽ آنند واريون گهڙيون هيون. بيج گپت کلي ويٺو، ”۽ اهو ئي جيون آهي!“ هن نه سمجهڻ جوڳيءَ ڀڻ ڀڻ ۾ چيو.

يشوڌرا ڇرڪ ڀري نگاهون هٽايون. هن جي منهن تي تازي ۽ ڪمهلي ڳاڙهاڻ ڊوڙي ويئي. ان کي لڪائڻ لاءِ هن ڪنڌ جهڪائي، چوڙين سان راند شروع ڪئي. لڄ ۽ گهٻراهٽ کان شوتينڪ به ڪنڌ جهڪائي، چپ ڀيڪوڙڻ لڳو. سندس منهن ون ون  ٿي ويو ۽ خالي اکين سان هيٺ تڪڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org