سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چتر ليکڪا

صفحو :3

باب پنجون

هڪ ڏاڍو وڏو يگ ٿي رهيو هو. منتر جپڻ جي آواز سان گڏو گڏ هون کنڊ مان نڪرندڙ ڌوپ وارو دونهون چئني پاسي ڦهلجي ويو هو. مهاراجا چندر گپت موريا جي راڄ جا درٻاري ۽ مهمان اچي ڪٺا ٿيا هئا. هيرن جواهرن جي جڙت واري سوني سنگهاسن تي مهاراجا چندرگپت براجمان هو. سندس سڄي هٿ کان راڄ جا وڏا وڏا ناميارا جوڌا ۽ سورهيه سردار ويٺا هئا، ۽ کٻي پاسي کان راڄوڻا ڪامورا ۽ امير ويٺل هئا.

هيءُ يگ، روايت پٽاندر، تاج پوشيءَ جي ورسيءَ تي، ڌرم ۽ فلسفي تي بحث مباحثي لاءِ ڪوٺايو ويو هو. مهاراجا يگ جو مهورت ڪندي، پنهنجي مهامنتريءَ چاڻڪيه ڏانهن مرڪي نهاريو ۽ چيو، ”اي گياني منتري! تنهنجي جڳ پرسڌ شاستر ”ارٿشاستر“ ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڌرمي مول متن جي مخالفت ڪيل آهي. ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ ان ٻڌائڻ جي ڪٺنا سويڪار ڪندؤ ته سياسي وهنوار ڌرمي مول متن اُنوسار هئڻ گهرجي يا نه؟“

چاڻڪيه اٿي بيٺو. هن سمي جي ناميارن گيانن ۽ ودوانن کي جهڪي کيڪاريو، پوءِ مهاراجا ڏانهن منهن ڦيري هن کي پرڻام ڪري ويهي رهيو. ويهي هن وراڻيو، ”مهاراجا اوهين ٺيڪ ٿا چئو. منهنجي شاستر جا ڪي مول متا ڌرم جي پراڻن ۽ دقيانوسي مول متن جي ابتڙ آهن. اها کلي ڳالهه آهي ۽ مان مڃان ٿو. گياني مترو! اوهان منهنجي ان باس تي اوس اچرج کائيندؤ، ڇاڪاڻ جو اهو عام ويساهه آهي ته ڌرم ايشور جي اڇا آهي ۽ ان ڪري نه رڳو سياست جو پر انساني جيون ۽ سرشٽيءَ جي مڙني نيمن جو سرچشمو آهي، پر منهنجي راءِ ان جي ابتڙ آهي. مهنجو ويساهه آهي ته ڌرم کي سياست جنم ڏنو آهي. ساست ۾ اهي سرشنا، رواج ۽ نيم اچي وڃن ٿا، جي وقت جي وهڪري سان مٽبا سٽبا رهن ٿا، يا ائين چئجي ته سماج پنهنجي واڌاري ۽ بچاءَ لاءِ جوڙيندو ۽ ڦيريندو گهريندو رهي ٿو. سياسي فلسفي جي پيڙهه دليل ۽ ويچارن جي ڏي وٺ آهي. ٻئي پاسي ڌرم جو پايو ويساهه آهي،- پورو ۽ اڻ مٽ، ڇا لاءِ جو سياسي اٽڪلن سٽڪلن لاءِ اها ڳالهه بيشڪ لاڀائتي آهي، ته جنتا کي سماجي نيمن سان ٻڌي رکڻ لاءِ ان کي انڌي ايمان ۽ ڌرمي مانڊاڻ ۾ جڪڙي رکيو وڃي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون به پرگهٽ  ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ڌرم جي مخالفت ڪرڻ سان ئي سماج جي ڀلائي ماڻي سگهجي ٿي، ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڌرم مٽجندا سٽجندا ۽ ڦرندا گهرندا رهندا آهن.“

چاڻڪيه جي ڀاشڻ پڄندي ئي درشنڪ سندس گيان ۽ ڀاشڻ ڀاؤ جي اثر کان ماٺ ٿي ويا. منتريءَ وڏي وٿ واري ڳالهه ڪئي هئي، پر گيان کان پري نه هئي. تڏهن به هن جا ويچار، نوان، ڌڪار جوڳا ۽ پراچين ڌرمي متن سان ٽڪر کائيندڙ هئا. يا ائين کڻي چئجي ته ڏاهپ کي ته مڃائيندڙ هئا پر ڪروڌ ۽ اڀال آوڏ اڦل هئا. مهاراجا گهوري، گهمنڊ سان منتريءَ ڏي نهاريو. ” ان ڳالهه جو جواب ڪير ڏيندو؟“ هر ڪنهن جي من ۾ اهو ويچار وسي رهيو هو.

گيانين ۽ وديانين ۾ ويٺل هڪ نوجوان جوڳيءَ ڌيرج سان جواب ڏنو، ” مها بلي! ايشور انسان کي جوڙيو آهي، ۽ انسان سماج جو جنم داتا آهي. ڌرم ايشور جو سنساري روپ آهي. انسان ۽ ايشور کي ملائڻ جو ماڌيم، ڌرم کان انڪار ايشور کان انڪار آهي، سچ کان انڪار آهي، سچ رڳو هڪ آهي ۽ اهو ڌرم آهي. جڏهن سياست ڌرم کي اورانگهي ٿي ته اها ڀلائيندڙ ۽ ڀٽڪائيندڙ ٿئي ٿي. غلط ۽ برابر، انياءُ ۽نياءُ - انهن ۾ سنڌي ڪرڻ وارا اسين ڪير؟ ان جي ڪسوٽي ته ڌرم آهي!سنسار ۽ سرشٽيءَ جي ڪابه وستو ڌرم چڪر کان ٻاهر نه آهي.“

گياني ۽ پوڙهي منتريءَ سامهون ويٺل جوڳيءَ ڏانهن ائين نهاريو، جيئن ڪو راڪاش راهه ۾ آيل جيتامڙي ڏانهن ڏسندو هجي. هو دل ئي دل ۾ کليو، ” او ڌرم جي اوچائي ۽ مهانتا سويڪار ڪرڻ وارا جوڳي! پتو اٿئي ته ڌرم ڪنهن پيدا ڪيو ؟“

”ايشور! منش جي اندر وسندڙ امر آتما دوارا.“

”۽ ايشور کي ڪنهن جنم ڏنو؟“

ويٺل ماڻهن چاڻڪيه جي ان سوال تي سن ۾ پئجي ويا. ”ايشور کي ڪنهن جنم ڏنو؟“ڪيڏو نه ڀوائتو سوال هو. منڊل ۾ ڀڻ ڀڻ مچي ويئي. پر پوءِ ستت شانت ٿي ويئي. ڪمارگريءَ پنهنجي ساڳئي ڀروسي ۽ پڪائيءَ سان وراڻيو، ”ايشور ته آد جڳاد کان آهي.“

”سچ ٿو چئين! ايشور آدي آهي. اها نيئن ڳالهه نه آهي، هر ڪو ائين چوي ٿو، سو مان به کڻي مڃان ٿو. پر تو ايشور ڏٺو آهي؟ هت ويٺلن مان ڪو منش ايشور کي سڃاڻي؟“ چاڻڪيه جي آواز ۾ ڳنڀيرتا ۽ نگاهن ۾ جوت هئي.  جواب لاءِ ترسڻ کان سواءِ ئي هن اڳتي چيو، ”هائو، ايشور آدي آهي. پر مان پورڻ ويساهه سان چوان ٿو ته توهان مان ڪو به ان کي ڪونه سڃاڻي. هو هر ڪلپنا کان اوچو آهي. اهو هڪ اُتم سچ آهي. پر هو ايترو جوتيوان آهي، جو انساني اک ان جي چمڪ نٿي سهي سگهي. ڇو جو توهان پنهنجين سمورين تپسيائن ۽ تياڳن سان جي ان کي ڏسڻ جو جتن ڪندؤ ته به سڦلتا نه پائيندؤ. ڇاڪاڻ ته توهان هيڏي ساري وشال سرشٽيءَ جي جنم داتا کي پنهنجي ڪين جهڙيءَ ڪلپنا ۾ سمائي سگهيؤ ته پوءِ اهو ايشور ڪيئن ٿيو؟ پر يوگي، اهو ايشور، تنهنجي منهنجي ايشور کان، جنهن کي اسين پوڄيون ٿا، نرالو آهي. تنهنجو منهنجو ايشور ڪرم جي پيداوار آهي، ڪلپنا ۾ آهي، تنهن کي سماج پنهنجي گهرجن جي پورائيءَ لاءِ جنم ڏنو آهي.“

چاڻڪيه جهٽ لاءِ ترسي، ويٺلن ڏانهن نهاريو. موت جهڙي ماٺ هئي. سڀڪو وڌيڪ ٻڌڻ جي اُتساهه ۾ ويٺو هو. جوڳي ڪمارگريءَ جون اکيون بند هيون، ڄڻ گهريءَ سوچ ۾ هجي. چاڻڪيه آسڻ تان اٿيو، ۽ وري چئني پاسي نهاريائين. هن جي نگاهن ۾ گهمنڊ ۽ ڀروسو هو. سندس اکيون ڀارت ورش جي گيانين ۽ پوڄارين کي للڪاري رهيون هيون.

ٿورو ترسي، هن وري چيو، ” منهنجي ڳالهه اڃان اڌوري آهي. مون چيو پئي ته تنهنجو منهنجو ايشور اسان جي ڪلپنا ۽ سماج جي گهرجن کان جنم ورتل آهي. ان ڪري هر سماج ۾ ان جو روپ ٻيو ۽ نرالو آهي. آتما وارو مول به ڀلائيندڙ ۽ منجهائيندڙ آهي. اندروني آتما، سماج جي ڄايل آهي. جي اها ايشور ڄائي هجي ها، ته منش منش ۽ سماج سماج جي منش جي آتما هڪ ٻئي کان نرالي هجي ها! يوگي! تون چوين ٿو ته ايشور آدي ۽ هڪ آهي. جي سچ پچ هن ڌرمڪ ۽ آتمڪ مول متا جوڙيا هجن ها، ته اهي سڀني ۽ سڄي سنسار لاءِ ساڳيا ئي هجن ها. پر ائين نه آهي. پر هڪ منش جو وويڪ ۽ هڪ سماج جا گڻ ، ٻئي منش ۽ سماج کان الڳ ۽ نرالا هوندا آهن، جي جڳهه ۽ سميه پٽاندر مٽبا رهن ٿا. منش جي آتما ۽ وويڪ ته هر ان وسٿوءَ کي اسڀاويڪ ۽ اڌرمي سمجهندو آهي، جا هن لاءِ سماج ائين رٿي آهي. ان ڪري مان وڏي واڪ چئي سگهان ٿو ته منش جي آتما يا منورتيءَ کي پنهنجو الڳ ڪوبه روپ نه آهي، پر سماجي گهرجن انوسار روپ ڌاري ٿي. سلڇلڻائي ڪا ايشوري آڪاشواڻي نه آهي، پر پنهنجي وايو منڊل ۽ سماج جي شڪتين جي پيداوار آهي. سماج جي نيمن ۾ ڀروسو، ۽ شرڌائي منش جي آتما، منورتي ۽ وويڪ کي جنم ڏين ٿا ۽ پنهنجي رنگ ۾ رنگي نپائين ٿا.“

چاڻڪيه اهو ڀاشڻ ڏيئي، پنهنجي آسڻ تي ويهي رهيو. گياني ۽ ودياوان هن جي دليل کي مڃي ويٺا ۽ هن پوڙهي فيلسوف ۽ ماهر سياستدان کي پرڻام ڪرڻ لاءِ جهڪيا. ڪمارگريءَ چاڻڪيه جا اهي وياکاڻ ٻڌا يا نه، سو ڪوبه چئي ڪو نه پئي سگهيو. هو ويچار ۾ ٻڏل هو ۽ سندس سيس ڇاتيءَ تي نوڙيل هو. هن جون اکيون بند هيون ۽ منهن ته تيج جي تجلي هئي. پر ان سمي سوڀ چاڻڪيه  جي ئي هئي. عام چوٻول اهو هو ته ڪمارگريءَ ۾ چاڻڪيه جي دليل جي وروڌ ڏيڻ جي سمرتي ڪانه هئي. مهاراجا چندر گپت مرڪي رهيو هو. ٿورڙي دير وڌيڪ اوسيڙي ڪڍڻ کان پوءِ هن پنهنجي درٻان ڏانهن اشاروڪري چيو، ”گيان ۽ ويچار جي ويلي جو انت ٿيو، هينئر راڳ ۽ نرتيه جو آرنڀ ٿيندو.“ سانت جي سمنڊ ۾ ڇوليون اڀريون ۽ ويٺل سردارن ۽ اميرن جي چهرن تي آنند ڊوڙي ويو، ۽ وايو منڊل جو سناٽو ٽٽي پيو.

ٻيءَ گهڙيءَ، ڀر واري سينگار واري ڪمري مان ، چترليکا راڄ سڀا جي مانڊي ۾ پير پاتو. هن جي گهڻن جي جهنڪار هر سُو موسيقي پکيڙي ڇڏي. ڌرمي ڀاشڻن وارو ڳنڀير وايو منڊل ائين آنند ۽ سک ساگر ۾ مٽجي ويو، جيئن ڄڻ رات جي اونداهين کي چيري ڦاڙي باک ڦٽيءَ جو سونهري ڪرڻو آڪاش تي ڇانئجي ويو هجي.

هال جي وچ ۾ بيهي چترليکا  سڀ کان اڳ ۾ مهاراجا کي پرڻام ڪيو. هن جي سونهن ۾ جادو هو. هوءَ اڳي کان به اڳري پئي لڳي. سندس سٻاجهي ۽ چنڊ روپي چهري تي پوندڙ ڪاريون چڳون ائين لڳي رهيون هيون ، ڄڻ ڪاريهر چنڊ کي چهٽي ان جو امرت رس چوسي رهيا هئا. سندس سينڌ ۾ ڳنڌيل موتين جي لڙي ائين لڳي رهي هئي، ڄڻ چنڊ کي آپد ۾ ڏسي تارا ڪاريهر تي اُماڙين سان ڪاهه ڪري رهيا هئا. سندس مٿئين سرير تي سنهڙو رؤ هو، جو ڪنهن به وسٿو کي ڍڪي نه پئي سگهيو. سيم ۽ زريءَ سان ڀريل تنگ چوليءَ مان سنگ مرمر جهڙيون ڇاتيون ڪنڌ کڻي جهاتيون پائي رهيون هيون. ان سمي هوءَ اندر ديس جي اپڇرا يا پرلوڪ جي ديوي پئي لڳي. مهاراجا کي پرڻام ڪرڻ کان پوءِ هن مرڪندي ويٺل اميرن ڏي نهاريو. هر هڪ ڪنڌ کي لوڏ سان پرڻام ڪندي، هن جون نگاهون بيج گپت تي پڄي رڪجي ويون. بيج گپت مرڪي سندس پرڻام وراڻيو. ان بعد هن گيانين ۽ ودوانن ڏانهن منهن ڪيو. اتان نظر هٽائيندي اوچتو هن جون نگاهون ڪمارگريءَ تي پيون. هن ڌيان سان هن ڏي نهاريو، ان آشا سان  ته هو به ڏانهنس ڏسندو. پر ان سمي گياني ڪنهن ٻئي لوڪ ۾ هو. نراس ٿي، هن نگاهون هٽايون ۽ ناچ لاءِ سنڀري.

سانگيءَ مڙدنگا جي تال تي ڪلياڻ جو سُر آلاپيو. چترليکا جا ڪنول جهڙا پير گنگهرن سان چرپر ۾ آيا ۽ هوءَ اڇل کائي پٿرائين پنڊال تي پکڙجي ويئي. هن جو سڊول سرير ۽ موهيندڙ انگ ور وڪڙ کائي اهڙو ناچ ڪري رهيا هئا، جهڙو سنسار ۾ شايد ئي ڪٿي ٿيو هجي. چترليکا جي پڌارجڻ تي جو  چوٻول ٿي ويو هو، سو شانت ۾ بدلجي ويو. هوءَ ائين نچي رهي هئي، ڄڻ آسمان ۾ کنوڻ کڄندي هجي. مڙدنگا جا سُر ڄڻ ڪڪرن جي گجگوڙ هئا. هر سُو شانت ۽ شانت هئي. هر هڪ جيءُ مستيءَ ۾ رچجي، سونهن ميلاپ ڏسڻ ۾ مگن هو.

اوچتو ڪماگريءَ اکيون کوليون. هن جي منهن تي ديو وارو تيج هو. هو اٿي بيٺو ۽ ماٺي ۽ ڌيرج واري لهجي ۾ چيائين، ”مهامنتري چاڻڪيه! مون ايشور سڃاتو آهي، ۽ توکي ۽ درشڪن کي دلجاءِ ۽ ڌيرج ڏيڻ لاءِ مان هاڻي جو هاڻي هن سڀا ۾ ايشور ڏيکاري به سگهان ٿو!“

سانت وري ٽٽي پيئي. ڪن جوڳيءَ جا شٻڌ ٻڌا. ڪن ڪونه. نه ٻڌندڙن ۾ گهڻائي نوجوانن جي هئي، جي چترليکا جي نرتيه جي مستيءَ ۾ ٻڏل هئا. هنن رڙ ڪري چيو، ” ان جوڳيءَ کي ته ويهاريو! ماٺ نٿي اچيس؟“

چترليکا به جوڳيءَ جا اکر نه ٻڌا. هوءَ ناچ ۾ مگن مست هئي. مهاراجا چندرگپت ۽ چاڻڪيه هڪٻئي ڏانهن مراد ڀريل نگاهن سان نهاريو. ڪمارگري هڪ انوکي ۽ اڻ وسهڻ جوڳي واردات ڪرڻ لاءِ تيار هو. چاڻڪيه اتي چيو، ”شريمانو ۽ گيانو، ٻڌو! جوڳي ڪمارگري هام ٿو هڻي ته هن ايشور ڏٺو آهي، هينئر  هينئر هت اسان کي به ڏيکاري سگهي ٿو. مهاراجا جن ڪرپا ڪري جهٽ لاءِ ناچ بند ڪرڻ جا آگيا ڏني آهي.“

هن ڀيري سڀني اهو ٻڌو ۽ چترليکا پڻ. هن ڪروڌي نيڻن سان چاڻڪيه ۽ ڪمارگريءَ ڏانهن ڏٺو ۽ چپ ڪري هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهي. چاڻڪيه اٿي چتاءُ ڏنو، ”جوڳي! اسين سڀ اڄ ايشور کي ڏسڻ لاءِ آتا آهيون.“

ڪمارگريَ پنهنجي آسڻ تان اٿيو ۽ وڌي اچي وچ مانڊي ۾ بيٺو. هن جي اٿڻ سان ئي ويٺلن ۾ وري ماٺ ٿي ويئي. ڪي گهڙيون اکيون ٻوٽي هو ڪجهه جپيندو رهيو. پوءِ چيائين، ”شريمانو! مون ڏي ڏسو!“

ماڻهن ڏٺو ته جتي جوڳي بيٺو هو، ان پاسي کان هون- کنڊ مان هڪ ڄڀي نڪتي، جا وڪڙ کائي مٿي چڙهڻ لڳي. ڄڀيءَ جي جوت اونهاري واري منجهند جي سج کان به سرس هئي. ڇت تائين پڄي، ان کي چيري، اها مٿي آڪاش ڏانهن وڌڻ لڳي. هوريان هوريان اها سنهڙي ڄڀي ويڪر ۾ وڌڻ لڳي، ۽ سندس تاب به وڌڻ لڳو، ايتري تائين جو ماڻهن جون اکيون ان جو تيج نه سهي ڇنڀجڻ لڳيون. پر اچرج جهڙي ڳالهه اها هئي، جو ان ڄڀيءَ ۾ جوت ته هئي پر ڄر ڪانه هئي. ڪمارگريءَ چيو، ” توهان جو ڪجهه ڏسو پيا سو سچ آهي.“

چاڻڪيه رڙ ڪئي، ”جوڳي تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! اتي ته ڪجهه به نه آهي.“

هينئر ماڻهو چاڻڪيه ڏانهن اچرج سان ڏسڻ لڳا- ”مانوارو منتري سچ جو سوجهرو نٿو ڏسي سگهي ڇا؟“

ڪمارگريءَ چاڻڪيه کي ڪا ورندي ڪانه ڏني ۽ درشڪن کي چيو، ” ۽ هاڻي ڏسو!“

هينئر ڄڀي جهڪي ٿي ويئي ۽ ان باهه جي ڀنڀٽ جو روپ ورتو. ان ڀنڀٽ ۾ هنن هزارين ماڻهو ڏٺا، ان ڀنڀٽ ۾ ماڻهن وڏا وڏا شهر ٺهندا ۽ ڊهندا ڏٺا. ان ۾ هنن سڄيءَ سرسٽيءَ جو مانڊاڻ   ڏٺو. هوريان هوريان اهو سڀڪجهه به الوپ ٿي ويو ۽ وڃي اها باهه بچي.

جوڳي ڪمارگريءَ کي چيو، ”اهو ايشور آهي. “

هن ڀيري چاڻڪيه چرين جهڙي رڙ ڪئي، ”مون کي ڪجهه نٿو ڏيکارجي! جوڳي، مان وري ۽ اڃا به چوان ٿو ته تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“

ڪمارگريءَ پنهنجون اکيون ٻوٽيون. باهه جو ڀنڀٽ به گم ٿي ويو. اکيون کوليندي هن چيو، ”منتري، مان ائين چوندس ته تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. ڏسندڙ منهنجي ستيه جي ساک ڀريندا. ڀل ته اهي ئي توکي جواب ڏين.“

ماڻهن رڙيون ڪيون- ”مهامنتري ڪوڙ ٿو ڳالهائي. اسان پاڻ اکين سان ايشور ۽ سچ ٻيئي ڏٺا آهن.“

مات جي منجهايل منتريءَ مهاراجا ڏانهن نهاريو. مهاراجا به ساڳي ساک ڀري – ” منتري! جوڳي ڪوڙ نٿو ڳالهائي. مون پاڻ سچ ۽ ايشور جو روپ پسيو.“

”منهنجي اکين، جيون ۾ پهريون ڀيرو مون کي دوکو ڏنو آهي. نوجوان جوڳي! مان هارايو، تو کٽيو.“ ايترو چئي چاڻڪيه ويهي رهيو.

جوڳي ڪمار گري اڃا وڃڻ جي سانباها ئي ڪري رهيو هو، جو هنن نرتڪي چترليکا جو آواز ٻڌو – ”جوڳي! ترس، منهنجا سنسا ۽ گمان اڃا نه هٽيا آهن.“

ماڻهن جا منهن چترليکا ڏانهن کڄي ويا. هنن جي هورا کرا وڌي ويئي. ڪمارگريءَ کي به بيهي رهڻو پيو. جوڳيءَ ڏانهن وڌندي چترليکا چيو،” جوڳي! مون به اهو ڪجهه نه ڏٺو، جو تو ماڻهن کي ڏيکاريو. هي سڀ مهاشيه چاڻڪيه کي ڪوڙو چئي سگهن ٿا، پر مان نه. مان توکان، سچ ۽ ايشور جو نانءُ وجهي، پڇان ٿي ته- تو به سچ ۽ ايشور جو اهو روپ ڏٺو جو ٻين ماڻهن کي ڏيکاريئي؟“

ڪمارگريءَ نرتڪيءَ جي نيڻن ۾ نهاريو، جن ۾ پورن ڀروسي جي جوت جلي رهي هئي. جوڳيءَ جي مک مان اوچتو نڪري ويو، ”نه!“

ماڻهو وائڙا ٿي ويا. آنند کان اڇل ڏيئي، چاڻڪيه کڙو ٿي بيهي رهيو. پر چترليکا ان پاسي ڌيان نه ڏنو..... ”جوڳي! ڇا ائين آهي ته تو پنهنجي آتمڪ شڪتيءَ سان درشڪن کي اهو سچ ۽ ايشور پسايو، جو رڳو تنهنجي ڪلپنا جو جنم ساکي آهي؟ ڪوڙ نه ڳالهائج. مان تو کان اهو سوال سچ ۽ ايشور جو سوڳنڌ ڏيئي ٿي پڇان، ۽ نه وسارج ته تون جوڳي آهين!“

ٿورو سوچي، ڪمارگريءَ جواب ڏنو، ”هائو...تون ...سچ ٿي چئين!“

اهو ٻڌي ماڻهو تپرس ۾ پئجي ويا. چترليکا جي پڇاڳاڇا جاري رهي. ”هڪ سوال ٻيو ڀي! ائين آهي يا نه، ته جن جي آتمڪ شڪتي توکان سرس هئي سي تنهنجي ڄار ۾ نه ڦاٿا ۽ ان ڪلپنڪ ۽ ديومالائي ايشور ۽ سچ جو روپ نه پرکي سگهيا؟“

ساري وايو منڊل ۾ هلچل مچي ويئي. جوڳي ڪمارگريءَ حالتن جي ڦيري کي تاڙي ورتو، ۽ هن پهريون ڀيرو پاڻ سنڀاليندي ڌيرج سان وراڻيو، ” آتمڪ شڪتي رڳو انهن کي پراپت ٿئي ٿي، جي ايشور ۾ ايمان رکن ٿا. جي ان ۾ ايمان نٿا رکن ۽ ناستڪ آهن، تن کي اها شڪتي ڪا نه ٿي ملي. جنهن منش جي ڪلپنا جيئري آهي، سو ئي ڪلپنا پسي سگهي ٿو. پر جڏهن هن جي ڪلپنا جو مرتيو ٿي ٿو وڃي ۽ ناستڪ ويچارن جو هن تي دٻاءُ وڌي ٿو وڃي ته پوءِ ان لاءِ ايشور ۽ سچ جو ورپ پسڻ اڻ ٿيڻي ٿيو پوي. جن ماڻهن اڄ ايشور ۽ سچ جو روپ نه پسي سگهيوآهي، تن جي ڪلپنڪ ۽ ويچار شڪتي مري چڪي آهي. اهي ناستڪ آهن ۽ ناستڪن ۾ آتمڪ شڪتي جو هجڻ اڻ ٿيڻي آهي.“

  چاڻڪيه مهاراجا ڏانهن ڏٺو ۽ هن کي ڪو اشارو ڪيو. چاڻڪيه وڌي سوڀ جي سهري جو تاج چترليکا جي مٿي تي رکيو... ”چترليکا! اڄ جي جيت تنهنجي آهي. تو اڄ اسان کي سچ جو اهو روپ پسايو آهي، جنهن کي ڪمارگري پنهنجي ڪرم ۽ هٿراڌو اٽڪلن سان لڪائڻ پئي چاهيو.“ پوءِ هن منهن جوڳي ڪمارگريءَ ڏي ڦيريو ۽ چيو ته ”تو جو ڪجهه ڪيو ٺيڪ نه ڪيو. تو ڪوڙ ڳالهايو، پنهنجن ڪڪرمن ڀٽڪائيندڙ ۽ ڀلائيندڙ ڀاشڻن سان منش کي ڪوڙو ۽ وئرٿ مارڳ ڏيکارڻ جو جتن ڪيو. ان پاپ جي توکي سزا ملڻ گهرجي. پر توکي سزا ڏيڻ جو اڌيڪار رڳو نرتڪي چترليکا کي  ئي آهي.

ڪمارگريءَ جون اکيون ڪروڌ ۾ ٽانڊا ٿي ويون. ”هن سڀا ۾ ڪوبه ماڻهو مون کي مات نٿو ڪري سگهي، ۽ نه ئي مون کي سزا ڏيڻ جو ڪنهن کي اڌيڪار آهي“.... ايترو چئي هو کڙو تڙو ٿي بيهي رهيو.

جوڳيءَ جو ڪروڌ ڏسي، سڀ سڀا ساهس ڏڪي ويا. ڪومل ۽ نرمل نرتڪي چترليکا کلي رهي هئي. هن موسيقي وارن کي اشارو ڪيو ۽ جوڳيءَ طرف وڌي. سڀا ۾ چوٻول ٿي ويو. ڪمارگريءَ وٽ پهچي، هن چيو، ”جوڳي! تنهنجو اڍمبر ۽ اَڀمان اجايو آهي. مون کي، توکي سزا ڏيڻ جو اڌيڪار ڏنو ويو آهي. اها مان اوس ڏينديس. هاڻي منهنجي وويڪ ۽ شڪتي پسج!“ ايترو چئي ، هن مليل تاج، ٽوڪ ۽ چٿر ڀريءَ مرڪ سان اڳتي وڌي، جوڳيءَ جي مٿي تي رکيو.

ان وقت سازن سُر پيڙيا ۽ چترليکا وڄ وانگر وڪڙ کائيندي ناچ شروع ڪيو. ماڻهن ۾ وري مستي موجون هڻڻ لڳي. ڪمارگري بت بڻيو بيٺو رهيو. چترليکا ڪجهه پرڀرو پهتي هن چت سڀاليو. ان وقت سڀا سرور۾ هئي. ”هار ۽ سزا! مون کي ان تي سوچڻو پوندو.“ ڪاوڙ مان هن جون ناسون ڦوٽارجي ويون ۽ هو سيٽجي تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

 

باب ڇهون

اپمان ۽ هار، ڪمارگريءَ لاءِ نئون تجربو هو. ٿيل جٺ تي سوچي، هو چريو پئي ٿي ويو. هن ڪڏهن ڪلپنا يا سپني ۾ به نه سوچيو هو ته هو هارائي ڀي سگهيو ٿي. سو به هڪ ناريءَ کان! ناري به ڪير؟ هڪ نرتڪي! هن جي من ۾ مانڌاڻ مچي ويو. هن ٿيل گهٽنا تي هڪ ڀيرو وري ويچاريو. هن کٽي هارايو هو. راڄ جي چونڊ گيانين ۽ ودوانن کان هن کٽيو هو، پر هڪ اونداهي هن کي ماري ويئي هئي. اونداهيءَ کان هار ڪا رواجي گهٽنا نه هئي. ائين برابر آهي ته وڏا وڏا مهاتما ۽ گياني ناريءَ آڏو پنهنجو تياڳ ۽ تپسيا وڃائي، مات کائي ويا آهن. پر انهن سڀني ناري موهه ۽ چاهنا ۾ مات کاڌي هئي، نه ڪي گيان ۽ وديا کيتر ۾ ڪمار گري وچتر  ويڌن ۾ هو.

جيت ۽ هار! ٻيئي جيون ۾ هليا پيا اچن. پر هن واري هار انوکي هار هئي. ناريءَ هن کي شايد پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان نه مات ڪيو هو، پر پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا جي پرڪاش سان. جيت جو ڇٽ اڃا سندس سر تي پيو هو. ياد ايندي ئي هن خار ڻ اهو لاهي پٽ تي اڇلائي ڦٽو ڪيو هو. وري ويچار جي وهڪري ۾  وهي ويو. ويچار کيس واچوڙي جي پتن جيان وڪوڙي ويا. ”مات“ – اهو لفظ هن کي اڻ ٻڌل ۽ اڻ وهسيل لڳو. ان جيت ڪارڻ ئي هن سک جو سنسار تياڳي، تپسيا جو ديس وسايو هو. پوءِ هيءَ مات ڇو؟ ڪمارگري اٿي بيٺو .... ”نه، مات اڻ ٿيڻي آهي. مان هارائي نٿو سگهان! ڇا، منهنجي جيون ڀر جي تپسيا ۽ تياڳ اجايو ويندا؟ نه، ڪڏهن به نه!“

ڪمارگريءَ جي نظر مٽيءَ ۾ پيل ڇٽ تي پيئي. ڪا مهل هو ماٺ ۾ ان کي ڏسندو رهيو. هن کي ائين لڳو ڄڻ اهو تاج کيس چئي رهيو هجي، ”جوڳي! ڳڻتيءَ ۾ ڇو آهين؟ تو هارايو ناهي. کٽيو آهي.“ جوڳيءَ جي سرير مان سيسراٽ نڪري ويا. هو هوريان هوريان ڇٽ ڏي وڌيو، ۽ ان جي مٿان بيهي رهيو. جيت، - ۽ هار جي ڌوڙ ۾ لاٽيل جيت! هڪ اُلٽو ۽ انوکو سچ! ”سچ پچ، منهنجو هن جيت جي ڇٽ تي ڪو اڌيڪار نه آهي.“ هن اندر ۾ سوچيو، ” ڀريءَ سڀا ۾ مون کي هڪ ناريءَ مات ڪيو آهي. هيءُ ڇٽ ته ان کي ئي ڏنو ويو هو، ۽ هاڻي مون لاءِ اپوتر آهي.“ ڪمارگريءَ مهن ڦيري، اتان وڃڻ جي ڪئي. پر سندس پيرن ساٿ نه ڏنو. ڇٽ اتي ئي پيو هو. چانڊوڪيءَ جا چانديءَ جهڙا ڪرڻا سندس چمڪ کي وڌيڪ مڪائي رهيا هئا. ڪمار گري وري ڪنڌ ڦيري ان پاسي ڏٺو.... ” پر، اهو اهو تاج مون کي ڪيئن مليو؟ جنهن کي سموري سڀا کٽندڙ سمجهي ٿي، جي اهائي پاڻ کي مون کان مات ٿيل سمجهي، ته پوءِ جيت ڪنهن جي؟ منهنجي؟ نرتڪي، تو جيتي به مون آڏو مات ڇو مڃي؟“

”ڇاڪاڻ مون توکان هارايو هو.“

جوڳيءَ ڇرڪ ڀري پٺتي نهاريو. ات چترليکابيٺي هئي. هن جي چپن تي موهيندڙ مرڪ ۽ اکين ۾ آنند ڇوليون ماري رهيو هو. ”جوڳي! ڪهڙي نه وچتر گهٽنا آهي؟ هار کلي رهي آهي، ۽ جيت ملول آهي!“

ڪمارگري ماٺ ڪيو، تاج ڏي ڏسندو رهيو.

”هي ڇا؟“ جيت جو تاج ڌوڙ ۾! جوڳي تون پنهنجي جيت سويڪار نه ڪندين؟“ هن جي مرڪ موڪلائي ويئي.

ڏاڍو ڪٺن سوال هو. هڪ اڀماني جوڳيءَ لاءِ اها اڻ ٿيڻي هئي. هن ڪو به جواب نه ڏنو. چترليکا نِوڙي تاج کنيو.... ”جوڳي! سچ پچ توکي جيتڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.“ هن وري ڇٽ ڪمارگريءَ جي مٿي تي رکيو. ڪي گهڙيون اڳ اڇلايل ڇٽ، وري مٿي تي رکڻ ۾، ڪمارگريءَ کي ڪا هٻڪ نه ٿي. هن پنهنجين اکين جا  تاڪ ٻوٽي ڇڏيا هئا ۽ هو ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل هو.

”جوڳي! ڇا پيو سوچين؟“

هن ڀيري ڪمارگريءَ اکيون کوليون. ”نرتڪي!“ هن پنهنجي ماٺي ۽ مڌر آواز ۾ چيو، ”تون سمجهين ٿي ته تو مون کان جيتيو آهي. ان ڪري تون هر هر منهنجو اپمان ڪري رهي آهين. پر تنهنجي اها ڪلپنا ۽ اهي جتن سڀ اجايا آهن. جوڳيءَ سنسار تياڳيو آهي. سو ان لاءِ هار، جيت ۽ مان اپمان ڪو ارٿ نٿا رکن. تون ڇو پنهنجو وقت وڃائي رهي آهي؟“

چترليکا ماٺي ۽ مٺي آواز ۾ چيو، ”جوڳي! مون کي غلط نه سمجهه. مان وري به چوان ٿي، ته تو کي مات ڪرڻ جي مون ۾ نه شڪتي آهي نه ساهس.“

ڪمارگريءَ اچرج مان چترليکا ڏي نهاريو. ڪو سمو، هو ان انوکيءَ ناري کي ائين واجهائينو رهيو. هن جو ڪوماڻل ۽ پيلو منهن اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو،  سندس سيٽيل سرير ڏڪٻ لڳو. هن چترليکا جو ڪومل هٿ پڪڙي، ڀيڪوڙي چيڳ، ”نرتڪي، سچ ٻڌاءِ! تون پاڇي جيان منهنجي پٺيان ڇو پيئي آهين؟ مون کي ائين هچاري ڪرڻ مان توکي ڪهڙو لاڀ ٿو ملي؟“

ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان جوڳيءَ ديهه ڪنبي رهيو هو. چترليکا هن جي بلڪل ڀر ۾ هئي. هن اکيون ڪمارگريءَ تي کپائي ڇڏيون هيون. ان مڌ سان ٽمٽار پيالن ۾ من موهيندڙ مستي هئي. هن مرڪي وراڻيو، ”کٽندڙ کان گيان آشيرواد وٺڻ آئي آهيان.“

گلن سان ڀرپور بسنت رُت، ڦوهه جوڀن ۾ هئي. هير، پريم سنديش ونڊي رهي هئي. چانڊوڪي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. ستارا مرڪي رهيا هئا – رات جي ڀيانڪ سناٽي ۾ چترليکا اڪيلي، مست، ڪمارگري جوڳيءَ آڏو پاڻ ارپي بيٺي هئي.

ڪمارگريءَ جي ويچار ڌارا ٽٽي پيئي. سندس ڪاوڙ الوپ ٿي ويئي. ڊڄي، هو ٿوروڙو پوئتي هٽيو. جهڪي آواز ۾ هن چيو، ”سندر ناري! منهنجي چيلي ٿيڻ جي معنيٰ تو ڪڏهن سوچي آهي؟“

هوءَ کلي. سنسار ۾ سنگيت پکڙجي ويو. ڄڻ اوچتو ڪا ڪومل آڱر جلترنگ تي پئجي ويئي. ” نه! تو منهنجو سوال نه سمجهيو آهي. تو منهنجي چيلي ٿيڻ جي نتيجن تي نه سوچيو آهي. توکي سنسار جو سک ۽ سنتوش سدا لاءِ ڇڏڻو پوندو. تنهنجو سرير، تپسيا۽ تياڳ جي اگنيءَ ۾ سڙندو، جنهن کي تون ٺٺوليءَ وچان آپگهات چوندي آهين.“

چترليکا ماٺ هئي. هوءَ سوچي رهي هئي ته ڪهڙو جواب ڏئي. هوءَ نرتڪي هئي. جيون جي اڪيچار ڀلن ۽ پاپن ۾ پُر هئي. پراڪرتي (ماديت) ۾ ويساهه رکندڙ هئي. پر ان هوندي به ڪوڙ ڳالهائڻ جي هير ڪانه هيس. سندس وويڪ چئي رهيو هو، ”نه،“ پر ولولن ۽ اڌمن وارو هن جو من چئي رهيو هو، ”هائو.“ نيٺ پوئين جيتيو ۽ هن جيون جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ ڳالهايو – ”جوڳي! انهن سڀني ڀوڳن ڀڳتڻ لاءِ مان تيار ٿي آئي آهيان.“

”ان لاءِ تيار ٿي آئي آهين؟“ پر ڪمارگري ان لاءَ تيار نه هو. مايوسيءَ سان هن چيو، ”نرتڪي! تون هڪ ناري آهين. جنهن ڪرم يڳ ۾ هٿ وجهي رهي آهين. سو ڏاڍو ڏکيو آهي. هر ڪنهن جي وس جو نه آهي. سمجهين ٿي ته تياڳ ڪرڻ ۽ آپو مارڻ ڪيترو ڪٺن ڪم آهي؟ نه نه، ٿتوکان اهو گهڻو مٿي آهي!“ جهٽ لاءِ چترليکا منجهي سوچ ۾ پئجي ويئي. ”تون ٺيڪ ٿو چئين، جوڳي!“ هن چيو، ”اهو ڪم اوکو ۽ ڪٺن ته آهي، پر مٿي نه آهي، اُهو اڻ ٿيڻو ڪونه آهي.“

ڪمارگريءَ اپچرا کي هڪ ڀيرو ننهن کان چوٽيءَ تائين گهوريو. چترليکا کي اڃان تائين ناچ وارو وڳو پيو هو. اهائي سونهن هئي، اها ئي مستي هئي. هن جي اکين ۾ اڃا به اهائي ڇڪ ۽ مُک ۾ اهوئي موهه هو. ڪمارگريءَ دل ۾ چيو، ”هيءَ ڪيتري نه سندر آهي!“ هيل تائين هن ڪڏهن به ناريءَ جي سونهن پاسي ڏيان نه ڏنو هو. پيار ۽ ڪام جو سنسار هن لاءِ نئون جڳ  هو. هن چترليکا جي جوڀن ۽ سونهن ۾ ڇڪ ڀانئين ۽ سندس لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. اها ويڌن هن جيون ۾ پهريون ڀيرو ٿيندي ڏٺي . سندس رڳن ۾ انوکو سک ۽ سرور ڊوڙي ويو. هن چيو، ”چترليکا! توکي شش ڪرڻ مون کي جڳائي يا نه، ان تي سوچڻو پوندم! هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهان.“

”هاڻي ڪجهه نه چئي سگهندين، جوڳي!“ چترليکا نراسائيءَ وچان هن جا شبڌ ورجايا – ”مهاتما! تون گهٻرائجي ڇو ويو آهين؟ مون ۾ وشواس ڪو نه اٿيئي، يا پاڻ ۾ ڀروسو نٿو ڀانئين؟ جوڳي ياد رک تو تنهنجو مون کي شش ڪرڻ، تو لاءِ جوڳو هجي يا نه، پر مون لاءِ جيون ۽ مرتيه جو سوال آهي. توتي وڏي ذميداري آهي. پاڻ وٽ پاڻيءَ هوندي به جيڪو پياسي کي ڍڪ نه پياري ۽ ان کي اڃ ۾ مرندو ڏسي، سو مها پاپي آهي. ان جي آتما کي ڪڏهن به شانتي نه ملندي.“

ان جواب تي ڪمارگري ڇرڪي ويو – ”سندر ناري!“ هن وراڻيو، ”توکي سڄي سڌي سئين ڳالهه ٻڌايان؟ توکي شش بنائڻ کان مان ان ڪري ڇرڪي رهيو آهيان، جو تو ۾ ماديت (پرڪرتيءَ) جي پيڙهه پڪي پيل آهي، ۽ ان ويساهه ۾ وري دليل هلي ٿو. ان جو مڃيندڙ به هڪ موهيندڙ ۽ مڃائيندڙ جيءُ آهي. ان ڪري ڀؤ اٿم ته توکي ان مارڳ تان هٽائيندي هٽائيندي پاڻ نه ان ۾ ڦاسي پوان. نه .... نه، ائين نه ٿي سگهندو.“ ڪمارگريءَ ڳالهه اڌ ۾ پوري ڪئي. هن جيون ۾ پهريون ڀيرو من جي هيڻائي محسوس ڪئي، ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ان کي پڌرو به ڪري ويٺو. اڄ چترليکا جي سوڀيا هن کي مات ڪري ويئي هئي، ۽ ان جي ساک هو پاڻ ان نرتڪيءَ آڏو ڀري چڪو هو. هن کي پاڻ تي ڪاوڙ آئي ۽ سندس ماٺو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ”نرتڪي! مون جو ڪجهه چيو ان تي ڪو ڌيان نه ڏج. وڃ هلي! هاڻي هلي وڃ، مان وينتي ٿو ڪريانءِ! مون کي سوچڻ لاءِ وقت ڏي....“

”چڳو، جوڳي جو منهنجو هجڻ به توکي ڪاروڙائي ٿو ته مون لاءِ وڃڻ ئي چڱو آهي. تون سمجهين ٿو ته جا ناري تو آڏو بيٺي آهي، سا نظر جو دوکو آهي، مايا آهي ۽ اونداهي آهي. تون منهنجي مادي پرستيءَ کان ڊڄين ٿو. پر تون ڀليل آهين. جڏهن مان تنهنجي چيلي ٿيڻ جو نشچت ڪيو هو ته پنهنجا وشواس، ڪلپنائون، ڪروڌ ۽ ڪرم، سڀ سهسائي آئي هيس. باقي ناريءَ جو مايا ۽ انداهي ٿيڻ، ته جوڳي ان ۾ به تون ڀليل آهين. يا تنهنجي ڄاڻ پورن نه آهي. جي ناريءَ کي گرو گڻوان ملي ٿو ته هوءَ هڪ شڪتي آهي، سرشٽيءُ جي جوڙيندڙ. پر جي سندس گرو گڻوان نه آهي ته هوءَ تباهي آهي. جيڪو پرش ناريءَ کان ڊڄي ٿو سو يا ته گڻن کان وانجهو آهي يا هيڻو ۽ ڪانئر آهي. اهو پرش اڻپورو انسان آهي.“

چترليکا اڳتي وڌي. ٻه ٽي وکون ڀري هوءَ وري بيهي رهي. ڪمارگريءَ جون نگاهون پولار ۾ پيهي ويون هيون. منهن ڦيري چترليکا چيو، ”ها! هڪ ڳالهه وسري ويئي. مان سڀاڻي وري تو وٽ اينديس. توکي سوچڻ لاءِ چڱو چوکو وقت ڏنو اٿم. سڀاڻي مون کي پنهنجو فيصلو ٻڌائج. چڱو، مهاراج! هن چرڻن جي داسيءَ جا پرڻام! ايترو چئي، چترليکا موٽي.

ڪماگريءَ چترليکا کي موٽندو. ڏٺو هن جي آواز جي سنگيت جا سُر اڃا سندس ڪنن ۾ وڄي رهيا هئا. هن جون اکيون نرتڪيءَ جي سونهن جو پيڇو اهڙي ڪانئر لالچيءَ جيان ڪري رهيون هيون، جو آڏو مڌ سان ڀريل جام مٽيءَ ۾ ملندو ڏسي به ان کي پيئڻ جي سگهه نه ساري سگهندو هجي. وڌيڪ پاڻ جهلڻ هن جي وس کان ٻاهر ٿي ويو. هن جا پير چترليکا جي پٺيان کڄي ويا ۽ رڙ ڪري چترليکا کي سڏيائين، ”نرتڪي! ترس!!“

وروڌي ڪلپنائن سندس من منجهائي ڇڏيو. سندس اکيون جهڪي ويون آتما ۽ هردي جو ٽڪر ٿيو. هردي آتما کي سمجهائڻ جو جتن ڪيو – ”مون کي هن ناريءَ کي جواب ڏيئي معاملو سمجهائي ڇڏڻ گهرجي.“ چترليکا مرڪ جي موتين جو مينهن وسائيندي، هن وٽ موٽي آئي.

”جوڳي! تون شايد پنهنجي ڀل تي پڇتائين ٿو. چئو، ڇا ٿو چئين؟“

ڪمارگري ڪڇيو ڪين. کير جهڙيءَ چانڊوڪيءَ رات ۾ هو سندس سونهن چورائي رهيو هو. هو سندس سوڀيا ۽ ان ۾ جوڀن جو اڀار ڏسي رهيو هو. مڌ آڏوڏسي ، هو مست ٿي رهيو هو. هن جي من ۾ پهريون ڀيرو ڪامنا جي ڪرڻيءَ ڪر ڀڳو، ۽ ان مان هن انوکو آنند ورتو. اوچتو هن جي هردي ۾ هڪ ويچار ڀڙڪو کاڌو – ”ناري ڇا آهي؟ ناري سندرتا ڇا آهي؟ ايشور انهن وسٿن جو جنم داتا ڇو ٿيو؟“ ويچار وئرٿ ۽ ڀٽڪائيندڙ هو. سندس وويڪ ورهين جي تپسيا ۽ تياڳ ۾ تونسيل هو، ۽ هن کي چتاءُ ڏيڻ لڳو، ”ڇا مان مارڳ مٽي رهيو آهيان؟“ گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ هو ان ڪٺن سوال کان پانڌ پالهو ڪري سگهيو. ”نرتڪي! تون ڪهڙيءَ ڀل ڏي اشارو ٿي ڪرين؟ مان سمجهان ٿو ته مون ڪا ڀل نه ڪئي آهي.“

وڌيڪ ڳنڀير ٿي بحث ڪرڻ هن ٺيڪ نه ڄاتو. نه ئي هن کيس وڌيڪ پسرائي پاڳل ڪرڻ پئي چاهيو. ان ڪري هن ترت ئي وراڻيو، ”گر ديو! کميا ڪريو! جنهن کي مان گرو ڪرڻ آئي آهيان سو ڀل نٿو ڪري سگهي. مان پنهنجا شبڌ موٽائي وٺان ٿي، توهان ڀل نٿا ڪري سگهو.“

”ها! هاڻي تو پڇيو هو ته مان توکي ڇا ٿو چوڻ چاهيان. شايد اهو به پڇين ته مون توکي سڏ ڇو ڪيو. مان پاڻ به نٿو ڄاڻان ته مون ائين ڇو ڪيو. بيشڪ هيل مون کان اها ڀل ٿي ويئي. پر جيئن ته تون اچي ويئي آهين ته توکي هڪ ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان، سا اها ته مان توکي پنهنجو چيلو نه ڪري سگهندس. مان نه رڳو ان ڪم جو وت نٿو ساريان پر اها ڳالهه مون لاءِ اڻ ٿيڻي آهي. امڪان آ ته تنهنجو منهنجي چيلي ٿيڻ بدران، مان نه تنهنجو چيلو ٿي وڃان، ۽ مان ان لاءِ تيار نه آهيان.“ ڪمارگريءَ جون نگاهون اولهه پاسي ترندڙ چندرما ۾ کتل هيون.

چترليکا ماٺ هئي. هن جي نيڻن ۾ نراشا تري آئي. هن جو منهن لهي ويو. هن مئل آواز ۾ چيو، ”مهاراج! توهان جي نااهليت سبب  توهان کان وڌيڪ مون کي پڇتائڻو پوندو. مون کي ڪو دڳ نٿو سجهي ڇا ڪريان؟ توهان ڪهڙو اثر ڇڏيندا، سو مان ٿڏي تي نٿي ٻڌائي سگهان. پر ايترو وشواس سان چئي سگهان ٿي ته توهان منهنجي جيون تي گهڻو اثر وڌو آهي. هيلتائين ان آس سهاري هلي رهي هيس ته توهان اوس مون کي پنهنجي شيوا جو وجهه ڏيندؤ. پر هاڻي ته اها اجائي آس به پري ٿي ويئي. توهان چواڻيءَ، منهنجو جيون اونڌاهي آهي. مان توهان جي جوت ۽ تيج ڏسڻ چاهيان ٿي! منهنجي اها ڪامنا پوري نٿي ٿئي؛ پر ان لاءِ مان توهان کي دوش نٿي ڏيان. منهنجو ڀاڳ ئي اهڙو آهي!“ ايترو چئي، هوءَ هن کي ويجهو سري آئي.

جوڳي بت بڻيو بيٺو هو. هن ۾ ڪا چر پر نه هئي. چترليکا هن جا هٿ پڪڙيا.  جوڳيءَ جي رسير ۾ سيسراٽ پئجي ويا، پر ان ۾ هڪ انوکي لست ۽ آنند هو – ”منهنجو ۽ تنهنجو ساٿ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.“ هن چيو. ”هائو، مان ناري آهيان ۽ تون پرش. مان نرتڪي آهيان ۽ تون تياڳي. منهنجو سنسار پريم آهي ۽ تنهنجو پوڄا. ٻيئي هڪٻئي جا ويري آهن. تون منهنجي جيون ۾ واچوڙي جيان اچي نڪري ٿو وڃين. ٺيڪ آ، جيون ڀر توسان نه ملڻ جو جتن ڪندي رهنديس. پر ان کان اڳ، جو هڪٻئي کان ڌار ٿيون، آگيا ڏينم توهان جي چرڻن جي مٽيءَ سان پنهنجي سينڌ سينگاريان.“ چترليکا هن جي چرڻن ۾ ڪري پيئي.

ڪمارگريءَ جي دل تڪڙي ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. چترليکا کي پنهنجي چرڻن ۾ ڏسي، هن ڇرڪ ڀريو. هن هيٺ جهڪي چترليکا کي اٿاريو. ائين ڪندي، هن جي آڱرين نرتڪيءَ جي ڇاتيءَ کي ڇهي ورتو. جوڳيءَ جي تن ۾ آڳ لڳي ويئي. هن جي جيون ۾ اهو ڇهاءُ پهريون ۽ ڪنوارو ڇهاءُ هو. پر اها سموري گهٽنا اوچتو ۽ اڻ ڄاتل نموني ۾ ٿي ويئي، جنهنجو هن کي وهم گمان به نه هو. ڇو جو ان سمي هو ڪنهن ٻئي ڌيان ۾ هو. پر چترليکا ان جو ٻيو ارٿ ئي ڪڍيو.

”تون منهنجا چرڻ ڇو وٺي رهي آهي، ناري؟“

چترليکا اٿي، هن کي سوڙهو ٿي بيٺي. پنهنجو منهن هن جي ڀرسان نيندي، چترليکا چيو، ”تون منهنجو ديوتا آهين.“

ڪمارگريءَ جون ڀٽڪندڙ نگاهون چترليکا جي مست ڪندڙ نگاهن سان مليون. مستي هن تي به ڪم ڪرڻ لڳي ۽ هو ٽڙڻ لڳو. چترليکا پنهنجا چپ هن ڏي چوريا. ڪمارگريءَ پنهنجا چپ پري نه ڪيا. هن جو ساهه گرم ٿي ويو هو ۽ سڄو ديهه دهڪي رهيو هو.

اوچتو ان ويل ڪنهن چيو، ”گرديو!“

ڪمارگريءَ ڇرڪ ڀريو. چترليکا وٽان ائين وٽ کائي سري ويو جيئن راهه ويندي ماڻهو اوچتو نانگ ڏسي، ٽهي پاسو ڪري وڃي. سامهون وشالديو بيٺو هو. پنهنجي چيلي کي ڏسي، جوڳي شرم ۾ پاڻي پاڻي ٿي ويو. پنهنجو گهمنڊ ۽ اڀماني سيس نوائي ڇڏيائين. اڄ هن نرتڪيءَ کان پنهنجي شش جي سامهون هارايو هو.

۽ چترليکا! هن ڪهڙيءَ نه ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان وشالديو ڏانهن ڏٺو هو هن جي چپن تان جام ان مهل کسيو ويو، جڏهن اڃا هن چاهه جي چڪي به نه چکي هئي. هن رنگ ۾ ڀنگ وجهندڙ ڏانهن شوڪي نهاريو. ڄڻ ڪام ڪروڌ ۾ ٻُٽ نانگڻ کي نانگ کان الڳ ڪيو هجي. هوءَ نانگڻ جيان ڦڻڪار ڪندي، وشالديو ڏانهن وڌي – ”ڇوڪرا! تون ڪير آهين ۽ هن ويل هت ڇو آيو آهين؟“

”مان گرديو جو چيلو آهيان. هيڏي دير پئي هو نه موٽيا، ان ڪري سندن ڳولا ۾ آيو آهيان.“

چترليکا ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”ايشور جي ڪا ڀلائي ٿيئي!“ پوءِ هن ڪمارگريءَ کي چيو، ”مان هلان ٿي، گرديو! پر اهو ياد رکجو ته مان توهان جي چيلي ٿيڻ چاهيان ٿي، ۽ توهان کي مون کي سويڪار ڪرڻو پوندو.“ هن جي آواز ۾ کڙڪو هو، ڄڻ ڪا مهاراڻي ڳالهائي رهي هجي. ”مان سنسار ڇڏي ايڪانت ۾ اچڻ ٿي چاهيان. مايا ڇڏي برهم سان ملڻ ٿي چاهيان. توهان کي وقت ڏيان ٿي، ڀلي وري به سوچي وٺو. توهان سنسار ۽ سنسارين ۾ اُتم آهيو، ان ڪري توهان کي مون کان ڪو ڀؤ نه ڪرڻ گهرجي! توهان ته ڪامنا ڪروڌ کي مات ڪيو آهي، ان ڪري ئي هيءَ وينتي ٿي ڪريانوَ .“ ايترو چئي، اجيت ۽ اٽل نرتڪي جوڳيءَ کي مونجهاري جي منجهڌار ۾ ڇڏي هلي ويئي.

ناري اوندهه ۾ گم ٿي ويئي. هن سندس شرير کي گم ٿيندو ڏٺو، پر سندس آواز جو سنگيت اڃا به  وايومنڊل ۾ ڦهليل هو. جوڳيءَ جي هردي ۾ هلچل هئي.

جوڳي ڪمارگريءَ ڪاوڙ مان وشال ديو جو هٿ پڪڙي بيڪوڙيو – ”تون ته ڪو مورک آهين!“ ان سمي چندرما ديوتا پڇم ڀاسي پرٿويءَ جي گود ۾ پاڻ لڪائي رهيو هو.

 

باب ستون

”شوتينڪ !“

”جيءُ، سائين!“

”ٻڌائي سگهندين ته اڄ تو ڇا ڏٺو؟“

”ڇونه، سائين اڄ ديوي چترليکا جوڳي ڪمارگريءَ کي مات ڪيو. مون کي ته آنند اچي ويا.“ نوجوان ٽڙندي چيو.

”تون ٽڙين پيو!“ بيج گپت کليو. پر سندس ٽهڪ مان هن جي پيڙا پڌري پئي ٿي، ”تون ان تي سرهو آهين ته چترليکا ڪمارگريءَ کي مات ڪيو. پر شوتينڪ مان دکي آهيان. توکي شايد منهنجي ڳالهه اچرج جهڙي لڳي، پر مان چرچو نٿو ڪريان، ۽ تون ان تي کلي سگهين ٿو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته مان به کلي سگهان، پر منهنجو هردو روئي رهيو آهي.“

شوتينڪ تپرس وچان پڇيو، ”کميا ڪيو، مهاشيه! مون توهان جي ڳالهه نه سمجهي.“

”نه سمجهيئي؟ پر تون سمجهندين به ڪيئن! تو سنسار ۾ ڏٺو ئي ڇاهي. توکي هنن لاهين چاڙهين جو ڪهڙو تجربو!جنهن کي چترليکا جي جيت سمجهين سا هن لاءِ وڏي هار آهي. چترليکا ۽ڪمارگري – ٻنهي مان ڪنهن به نه کٽيو آهي، ٻيئي هارايل آهن. حالتن جو چڪر تکو ۽ تڪڙو ڦري رهيو آهي، ۽ ان جي ڀنور ۾ ٻيئي ڀٽڪي رهيا آهن.“

شوتينڪ اڃا تائين بيج گپت جي ڳالهه نه سمجهي سگهيو. ان وقت رٿ اچي بيج گپت جي محل جي دروازي تي بيٺو. ٻيئي هيٺ لٿا. شوتينڪ جو هٿ جهليندي، بيج گپت چيو ”دل ٿي چوي، توسان ويهي ڳالهيون ڪريان. ٿورو مون سان ويهه هلي!“

شوتينڪ بيج گپت جي ڳالهه بنهه نه سمجهي سگهيو. مالڪ ۽ داس ٻيئي اچي اڀياس شالا ۾ ويٺا. هن کي ويهڻ جو اشارو ڪري بيج گپت چيو، ”شوتينڪ! خبر ٿي ته ڪمارگري مات ڇو ٿيو؟“

”نه!“ منجهيل نوجوان وراڻيو.

”مان اهو ڀيد ڄاڻان ٿو. تون چترليکا کي ايترو نٿو سڃاڻين جيترو مان. هوءَ انوکي ساڙ واري ۽ اُتم آهي. ڪمارگري هڪ ودوان به آهي ۽ جوڳي به. هن کي ناريءَ ۽ ڪامنا کان ڌڪار آهي؛ ۽ چرليکا گياني ۽ ودواني هوندي به پوڄا ۽ تپسيا ۾ وشواس نٿي رکي. پر گڏو گڏ ڪمارگري ۽ چترليکا ٻيئي پنهنجي آپي جا غلام آهن. پر ٻنهي جا رڳو مارڳ الڳ الڳ آهن. هڪ آتما ۽ پوڄا جو پلان ورتو آهي ته ٻئي وري مادي ۽ پاڻ ۾ ڀروسي جو پاسو ورتو آهي. پر اڄ واري واردات ٻنهي جي ڪردار کي پورڻتا ڏيئي ڇڏي آهي. ٻيئي پنهنجا مارڳ مٽي وڃائي ويهندا.“

بيج گپت جي ڳالهه شوتينڪ لاءِ ڳجهارت کا گهٽ نه هئي. هن چيو، ”مان توهان جي ويچار جي اونهائيءَ کي ڇهي به نٿو سگهان.“

بيج گپت جو آواز جهڪو ٿي ويو. ”اُف! ان ڳالهه جي اِن کان وڌيڪ چٽي ۽ کليل اپٽار ته مان ڪري به نٿو سگهان!“ هن ڪاوڙ مان چيو، ”۽ نه ئي مان ڪرڻ جي شڪتي ساريان ٿو. پر جي تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته جيئن مان چوانءِ تيئن ڪر.“

شوتينڪ چيو، ”جا آگيا مهاراج!“

بيج گپت چيو، ”تون هاڻي سڌو چترليکا جي گهر وڃ ۽ وڃي کيس واڌايون ڏي. پوءِ ڏس ته هوءَ ڇا ٿي چئي ۽ ڪيئن ٿي چئي.“

شوتينڪ ان مهل جو ان مهل چترليکا جي گهر اسهيو. چترليکا جو گهر ڏيئن جي جوت ۾ جگ مگ جرڪي رهيو هو. ڪيترائي مهاشيه ۽ متر کيس پاڌايون ڏيڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا. سندس داسيون انهن جو سواگت ڪري رهيون هيون. چترليکا ات ڪانه هئي. شوتينڪ هڪ داسيءَ کان هن بابت پڇيو. داسيءَ هن کي وٺي وڃي اندر ويهاريو  ۽ چيو ”اڃا نه آئي آ،-  اچڻ واري هوندي.“ شوتينڪ اوسيئڙي ۾ ويهي رهيو.

اوسيئڙي ۾ ترسيل نوجوانن جو گوڙ گهٽجڻ لڳو. هڪ هڪ ٿي، سڀ هلندا رهيا. پهرن ڪلاڪن جا پهر ڪلاڪ لنگهي ويا پر چترليکا نه موٽي. شوتينڪ حيران هو ته اهڙي وڳڙي هوءَ ڪيڏانهن ويئي هوندي. هن وري داسيءَ کا پڇيو، ”ڪيستائين موٽندي؟“ هن وراڻيو ته ”مان ڪيئن چوان؟“

اوسيئڙي شوتينڪ کي بيچين ڪري ڇڏيو. اڌ رات اچي ٿي هئي، پر چترليکا جو ڪو پهي پتو ڪونه هو. ڪيئي ڀيرا هن جي من ۾ آيو ته موٽي وڃي، پر بيج گپت جي ڳالهه ايتري انوکي هئي، جو ان جي انت جي ڳولا جي هرا کورا کيس وري ويهاري پئي ڇڏيو. اڌ رات جو گجر وڳو ته هي به اٿي کڙو ٿيو. ”سائڻ اچي ته کيس ٻڌائج ته شوتينڪ واڌايون ڏيڻ آيو هو.“ داسيءَ کي ايترو چئي، هو اڃا ٻاهرينءَ چوڪٺ تي پڳو مس ته سامهون چترليکا جو رٿ ايندو ڏٺائين. هو ترسي بيٺو. هٿ وڌائي شوتينڪ چترليکا کي رٿ تان لاٿو. چترليکا  هن کي ڏسي مرڪي ڏنو، ”واه، واه، شوتينڪ! هن مهل هت ڪيئن؟“

”توهان کي واڌايون ڏيڻ لاءِ،“ شوتينڪ آنند سان چيو ۽ کلي ويٺو.

شوتينڪ چترليکا جو هٿ جهليو،، سندس ڪمري ۾ آيو. چترليکا چيو، ”شوتينڪ! تون مهمانن جي ڪمري ۾ ترس ته مان اچان ٿي.“

ڪپڙا مٽي، هوءَ موٽي آئي. اڇي ساڙهيءَ ۾ هوءَ بهار جي ديوي لڳي رهي هئي. ”ها، شوتينڪ! ته تون مون کي واڌايون ڏيڻ آيو آهين! ڇو؟ ڇا جون؟“ هن تڪڙو تڪڙو چيو.

”توهان جي جيت تي.“

”منهنجي جيت تي!“ چترليکا جي مرڪ موڪلائي ويئي جوڀن ۽ سونهن جي امنگن سان ٽمٽار چهري تي هن پهريون ڀيرو اداسيءَ جا تروارا ڏٺا. هو سمجهي نه سگهيو ۽ وائڙو ٿي ويو. سندر مک تي من جي وارداتن کان ايندڙ مٽا سٽا به هڪ دل لڀائيندڙ ڏيک ٿيندو آهي. اداس منهن مان ناري وڌيڪ سوڀياوان لڳندي آهي، ۽ سو به تڏهن تهان وڌيڪ، جڏهن سندس چوڌاري سوين ديپ جر جر ڪندا هجن. ”منهنجي جيت تي! شوتينڪ مون کي واڌاين وٺڻ جو اڌيڪار نه آهي. هيءَ منهنجي جيت نه پر هار آهي!“

چترليکا به اهائي ڳالهه ڪئي، جا بيج گپت چئي هئي. ٻنهي اها ڳالهه ساڀيا ۾ چئي هئي. اها رات شوتينڪ لاءِ اچرج واري رات هئي. چترليکا هن جي مک تي آيل تپرس تاڙي ويئي ”منهنجي ڳالهين تي تون وسمي ۾ پئجي ويو هوندين. پر مان تنهنجي هورا کورا جاري رکڻ  نٿي چاهيان. توکي پتو آ ته مان هينئر ڪيڏانهن ويئي هيس؟“

”مان پاڻ پڇڻ لاءِ آتو هوس، پر دل نه پئي ٻڌيم.“

”ته پوءِ ٻڌ! مان هينئر ڪمارگريءَ وٽان پئي موٽان. گيان جي سنسار ۾ ٽپي پوڻ جو مون وٽ ڪو ڪارڻ نه هو ۽ نه ئي ائين ڪرڻ جو مون کي ڪو اڌڪار هو. منهنجو ميدان ٻيو هو. ودوانن ۽ گيانن جي ڳالهين ۾ ٽنگ اٽڪائڻ مون کي جڳايو نه پئي. مون اهو دوش ڪيو هو. ان ڪري هن کان کميا وٺڻ ويئي هيس.“

شوتينڪ اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو. هن جي ويچارن ۽ آدرشن ۾ اهو ڦيرو هو سمجهي نه سگهيو. هن پڇيو، ”هر منش کي سچ پڌري ڪرڻ جو پورو پورو اڌيڪار آهي. پر جو ٺڳيءَ ۽ دولاب سان ڀليل ۽ ڀٽڪيل راهه پسائي، ان جي ٻهروپ ۽ منورتيءَ کي پڌرو ڪرڻ به مش جو ڪرم يوگ آهي. ان ڪري ديوي! توهان جو ڪجهه ڪيو ٺيڪ ڪيو.“

”اها ڳالهه ئي ته ماريم ٿي ني!“ نرتڪيءَ وراڻيو، ”جنهن ڳالهه کي ماڻهو ٺيڪ سمجهي مهنجن چرڻن تي ڪري رهيا آهن، سا مان ٺيڪ نٿي سمجهان. ڪمارگري جوڳي آهي ۽ هن کي آتم شڪتي آهي. سندس سچ ۽ ايشور ٻيئي سندس ڪلپنا جا ئي جنمي هئا. پر ڪنهن پرش ۾ ڪلپنا ۽ ويچار جي ايڏي شڪتي هئڻ هڪ انوکي ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. پر سوال اهو آ ته اها  ڪلپنا ۽ ويچار ڌارا ڦٽي ڪٿان ٿي؟ ڪمارگريءَ ۾ جوڙڻ ۽ پيدا ڪرڻ جي وڏي شڪتي آهي، ۽ مان جو ڪجهه ڪيو سو ناس ۽ نابود هو. منش جي مهانتا ڪنهن ڳالهه کي ناس ڪرڻ ۾ نه پر ان کي پيدا ۽ پڌري ڪرڻ ۾ هوندي آهي.

پر جي ڪو منش اهڙي جڳهه جوڙي، جا ان جي واسين لاءِ هاڃيڪار هجي، ته ڇا ان کي ناس ڪرڻ يا ڊاهي ڇڏڻ ئي ٺيڪ نه ٿيندو؟“

چترليکا کلي ڏنو – ”دليلن جي ڏي وٺ مان ڪو لاڀ نه ٿيڻو آ. مان ڄاڻان ٿي ته مان اُٻهري ۽ اناڙين واري وک وجهي ويٺي آهيان. پر جو ٿيو سو ٿيو. ان جي ڀوڳڻ ڀڳتڻ لاءِ مان تيار آهيان.“

”ڀوڳ!“ شوتينڪ ٻي حيرت ڀري رڙ ڪئي – ”ڪهڙا ڀوڳ، سائڻ؟“

”ٿورن ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندءِ.“ چترليکا داسيءَ کي سڏ ڪيو –  ”مون اڃا ڀوڄن نه ڪيو آهي. تون به شايد خالي پيٽ آهين نه، شوتينڪ!“ چترليکا داسيءَ کي ٻن ٿالهين ۾ ڀوڄن آڻڻ لاءِ چيو.   

 داسي پوئواريءَ ۾ هلي ويئي. چترليکا مڌ جي صراحي ڪڌي، پيالو ڀري پاڻ کنيو ۽ پيالو شوتينڪ ڏانهن وڌايو شوتينڪ هاڻي مڌ جو هيراڪ ٿي چڪو هو. هن جلدئي پيالو خالي ڪيو. چترليکا ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”شوتينڪ! تون مون کي پنهنجو آهين؛ ۽ پنهنجن کان ڪجهه لڪائڻ نه گهرجي.“

ان ٽاپر تي شوتينڪ ڦونڊجي ويو. شوتينڪ چترليکا کي سدائين مالڪڻ سمجهندو هو، هوءَ ساڻس ڀائن جهڙو ورتاءُ ڪندي هئي. هن چيو، ”مان توهان کي هر قسم جي سهڪار ۽ ساٿ جو وشواس ٿو ڏياريان.“

شوتينڪ جو هٿ جهليندي، چترليکا چيو، ”شوتينڪ منهنجو ڀيد من ۾ سانڍي رکندين نه؟“

هن کيس وي پنهنجي وچن نڀائن جو وشواس ڏياريو.

”۽ منهنجي سهائتا به ڪندين؟“ چترليکا چيو. نوجوان کيس ان جو وشواس ڏياريو.

چترليکا هن جو هٿ ڇڏي ڏنو. ”ٻڌ! منهنجي اڄوڪي جيت سچ پچ ته منهنجي هار هئي. ڪمارگريءَ منهنجي من ۽ جيون ۾ جاءِ وٺي رهيو آهي.“

شوتينڪ کي ان سچائي جو ڪجهه پار پتو پيو، جنهن ڏي بيج گپت اشارو ڪيو هو. ٻڏتر هٽائڻ لاءِ هن پڇيو، ”ڪيئن ديوي؟“ ”ڪيئن؟ اهو به نه سمجهي سگهئين. ٻڌ، مان ڪمارگريءَ سان پريت ڪري ويٺي آهيان. ائين ٿو ڀاسي ڄڻ اسان جو جنم جنم جو ساٿ آهي. اڄ سڀا ۾ هن ڀارت ورش جي چونڊ گيانين ۽ سنياسين تي سوڀ پاتي آهي. هر ڪو هن جي منڊ ۾ منڊجي ويو، - پر مان نه. ۽ ائين ڇو هو؟ ڇاڪاڻ ته اسان ٻنهي هڪٻئي کي سڃاتو پئي. اسان اڳئين جنم ۾ نه ساٿي هئاسين.“

شوتينڪ جو جوڻ مٽائڻ جي متي ۾ ويساهه هو. ان ڪري هن رڳو ايترو چيو، ”هائو، سمجهيم.“

”جڏهن کان مون هن کي ڏٺو آهي، تڏهن کان لڳاتار هن ڏي ڇڪجي پيئي وڃان. هن جي آتما جي اونهاين ۾ رڳو اهو منش پڄي سگهندو، جو سندس شڪتيءَ جي گهراين کي پر کي وڃي. ۽ مان هن جي شڪتي سمجهي ويئي آهيان، ان ڪري سندس آتما به مون کان ڳجهي نه آهي. شوتينڪ! ڪمارگري منهنجي جيون نيا جو مانجهي آهي.“

”سمجهي ويم، ديوي!“ شوتينڪ چيو – پر ان ڏس ۾ مان توهان جي ڪهڙي ڪم اچي سگهان ٿو؟“

داسي ڀوڄن جا ٻه ٿالهه کڻي آئي.

ڀوڄن پورو ڪري چترليکا چيو، ”ها، تو پڇيو هو ته تون مون کي ڪهڙي ڪم اچي سگهندين؟“ تون مون لاءِ هڪڙو ڪم ڪري سگهين ٿو. منهنجو ڀيد بيج گپت تي نه کول. هو پڪ ئي پڪ مون ۾ شڪ رکندو ، ۽ تون ان شڪ هٽائڻ لاءِ جتن ڪندو رهه.“

شوتينڪ سوچ ساگر ۾ ٽٻي هڻي ويو. هن کي چترليکا، جو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو  هو، سو ڏاڍو ڪٺن هو. بيج گپت هن جو مالڪ هو. هن ي اوندهه ۾ رکڻ ساڻس ٺڳي ۽ دوکو ڪرڻو هو. اهڙيءَ ريت چترليکا به سندس مالڪياڻي ۽ سائڻ هئي، ۽ گڏو گڏ.... !

چترليکاشوتينڪ جي ٻڏتر تاڙي ورتي. هن مڌ جو ٻيو پيالو ڀري شوتينڪ جي چپن تي آندو. ان ويل هن جي چپن تي پشاچانه مرڪ هئي. شوتينڪ هڪ ئي ڳيت سان پيالو خالي ڪري ڇڏيو. چترليکا پڇيس، ”چئو! منهنجو ڪم ڪندي؟“

شوتينڪ ڇرڪ ڀري ماٺ ٿي ويو. ها يا نه، هو ڪجهه به نه چئي سگهيو. چترليکا جي مرڪ موڪلائي ويئي. ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي. هن جون ڪومل ۽ ننڍڙيون ٻانهون چُريون ۽ مَٺان ۾ مٺيون ڀيڪوڙجي ويس. ”شوتينڪ! جيئن مان چوان ٿي، توکي ائين ڪرڻو ئي پوندو!“ هن رڙ ڪئي.

چترليکا جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ آڏو شوتينڪ آڻ مڃي ويو. ”جا آگيا ديوي!“ هن ڪنڌ جهڪائي چيو.

”پر توکي سوڳنڌ کڻڻو پوندو،“ چترليکا ٿورو ترسي. ”نه، ان جي لوڙ نه آهي. مون کي وشواس آهي ته تون پنهنجي وچن جو پالن ڪندين.“ ايترو چئي هن مڌ جو ٽيون پيالو سندس چپن تي رکيو.

شوتينڪ جون اکيون ٻوٽجي ويون سونهن ۽ شراب کيس مستيءَ جي موجن ۾ ڌڪي ڇڏيو. پيالو پُنائي هن چيو، ”ديوي! مان تنهنجي پوڄا ڪندو رهيو آهيان. منهجو جيون تنهنجي ڪرپا جو ڪاڻيارو آهي. تون سائڻ آهين ۽ آءٌ ٻيلي. تنهنجو هر شبد مون لاءِ ايشور جي اِڇا آهي. مون کي ويل ۽ نيچ نه سمجهه.“

شوتينڪ اٿي بيٺو. چترليکا پڇيس، ”گهر ڇڏي اچانءِ؟“

”نه، “ شوتينڪ پيتل هئڻ کان پوءِ به ٿيڙ نه پئي کاڌا، ”مان سرت ۾ آهيان ۽ سرت ۾ رهندس.“ ايترو چئي، هو موڪلائي ويو.

جڏهن شوتينڪ موٽيو، ته بيج گپت جي ڪمري ۾ اڃا جوت جلي رهي هئي. داسيءَ ٻڌايس ته مالڪ هن لاءِ ترسيو ويٺو هو.

شوتينڪ اندر گهڙيو، بيج گپت ان سمي ڏاڍي ڏک ۽ سوچ ۾ ڀريو ويٺو هو. هن مالڪ کي ايڏي اداسيءَ ۽ سوداءَ ۾ اڳ ڪڏهن  نه ڏٺو هو. بيج گپت اڳيان مڌ جو خالي جام ۽ سوچ جو اٿاهه سمنڊ پيو هو. شوتينڪ کي آيل ڏسي، بيج گپت ويچارن مان ڇرڪ ڀري جاڳيو، ”اچي وئين. ڏاڍي دير لاتئي.“

شوتينڪ ويهي رهيو. هن ڀر ۾ پيل برتن مان ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀريو، ۽ هڪ ساهيءَ ۾ پي ويو. ڪجهه وقت ورنديءَ لاءِ ترسڻ کان پوءِ، هن وري پڇيو، ”ورندي ڇو نه ٿو ڏين. ڇا ڳالهه آهي؟“

”ڪجهه نه آهي، مالڪ! سائڻ جي اوسئڙي ۾ دير ٿي ويئي.“

”چترليکا جي اوسيڙي ۾ ؟“ بيج گپت رڙ ڪئي ۽ سڌو ٿي ويٺو. ”جنهن وقت تون سندس گهر پڳين ته هوءَ  ات ڪانه هئي ڇا؟“

شوتينڪ هٻڪيو. کيس پنهنجو وچن ياد اچي ويو. ”توهان ٺيڪ ٿا چئو، سائين! ديوي جاءِ تي ڪانه هئي.“

بيج گپت جي شوتينڪ جي هٻڪ ۽ مُنهن جي ڦڪائي جاچي ورتي. هن وري پڇيو، ”ٻڌاءِ ته ڪاڏي ويئي هئي؟“

شوتينڪ جي من ۾ هڪٻئي جا ويري ويچار وڪڙ کائڻ لڳا. پر سوچڻ لاءِ وقت خير ڪونه هو. هن کي بنا دير جواب ڏيڻو هو. هن ترت فيصلو ڪري ورتو. ”هن ته ڪجهه نه ٻڌايو، پر مون انومان ڪڍيو ته مهامنتري چاڻڪيه جي نينڍ تي ويل هئي.“

بيج گپت جي هردي تان ٻوجهه لهي ويو. الائي ڇو هن جي من ۾ اهو ويچار اچي ويٺو ته هوءَ ڪمارگريءَ سان ملڻ ويئي هوندي. شوتينڪ جي جواب سندس وهم لاهي ڇڏيو. هن وري شوتينڪ کان پڇيو، ”هاڻي ٻڌاءِ ! واڌايون ڏنئيس؟“

”هائو، سائين!“ شوتينڪ چيو، پر ديويءَ چيو ته هوءَ اهي واڌايون نه لهڻي. هن کي پنهنجي ان جيت تي نه آنند ئي هو ۽ نه اڀمان. مون کي اهو ڏسي اچرج لڳو ته هوءَ ان ساري گهٽنا تي پڇتائي رهي هئي!“

بيج گپت مرڪيو– پر سندس ان مرڪ ۾ گهري اداسيءَ جي ڇايا هئي. ”شوتينڪ! مون توکي ڇا چيو هو؟ هن جو ميت سويڪار نه ڪرڻ ٻڌائي ٿو ته هن هار مڃي آهي،“

”توهان جي ڳالهه مون هاڻي ڪجهه ڪجهه سمجهي آهي.“ شوتينڪ چيو.

”ڪجهه ڪجهه سمجهڻ مان ڪجهه نه ورندو،“ ڪاوڙيل مالڪ ۽ ناڪام پريميءَ چيو، ”جي تون سمجهي سگهندين ته پوري ڳالهه سمجهي سگهندين، يا بنهه ڪجهه به نه.“ بيج گپت اٿي بيٺو. ”شوتينڪ! اهو نه وسار ته منش سوترنتا چاهيندڙ هوندي به هر جاءِ حالتن جو غلام آهي. اهو حالتن جو چڪر پوئين جيون جي ڪرمن جو ڀوڳ آهي. ماڻهوءَ جي جيت ان ۾ آهي ته هو انهن چڪرن ۾ ڦاٿل هوندي به آس نه لاهي ۽ پاڻ سنڀالي ۽ پنهنجي ڪرم يوگ ۾ ڌيان رکندي انهن تي سوڀ ماڻي. چترليکا حالتن جي اوگڻ چڪر ۾ ڦاسي پيئي آهي. ڪمارگريءَ جو سندس جيون ۾ اچڻ چترليکا جو موت آهي ۽ چترليکا جو جوڳيءَ جي جيون ۾ اچڻ ان لاءِ ڪال ديو جو سڏ آهي. نڀاڳائيءَ وچان ٻيئي، هڪٻئي جي جيون جي ڪئي ڪمائي چٽ ڪرڻ لاءِ، اڻ ڄاڻائيءَ ۾، هڪٻئي جي جيون ۾ گهڙي آيا آهن. هاڻي ڀڳوان ئي کين بچائي سگهي ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org