معنيٰ جي پٽي
ز
زابر: جابر. زبردست.
زاغ: ڪانگ.
زاف: ضعيف. هيڻي.
زبر: جبر. ظلم.
زبرون: جبرايون. ڏاڍايون.
زربفت: زريءَ جو ڪپڙو.
زلف: وار.
زود: جلد.
زير، زيريون: زيردست. نيچ. قيدين جا زنجير.
س
ساب پيا: قبول پيا. سجايا ٿيا.
سابق: اڳيون. اصلوڪو.
سات: ساعت. گهڙي.
ساٿان: ساٿ کان.
ساٿر: هڪ قسم جي ٻوٽي. دوا.
ساٽو: سودو. سٽو. عيوض.
ساٽي: مهاڻا. مڇي وڪڻندڙ.
ساٺ: سڳڻ ساٺ. خوشيون. سانباها.
ساٺيڪا: اونها کوهه.
ساج: ساز. سينگار.
ساڄا: تيار. هوشيار.
ساجهه: سهج، وجهه.
ساڃائو: ساڃاهه. معرفت وارو.
ساڏوهين: ڄار جي وڻ جو قسم.
سارون: سنڀارون.
ساروڻي: يادگيري.
ساڪن: رهاڪو.
ساڱاتو: سڱيڻو. رفيق.
ساڱاپو: سڱ. مائيٽي.
ساڱاهي: سمجهي. خبرداري رکي.
ساڱاهيج: ساڃاهه رکج.
ساڱاهيم: ساڃاهه رکيم. سمجهيم.
سال: شال. دشالو. سالم. چڱو.
سالن ۾: شالن ۾.
سالُور:
سالورو. ساز. سک شال.
سام: پناهه. پناري. لڄ.
سامائي: وڏو ٿئي. بالغ ٿئي.
سانبين: وارثن. سانگين.
سانڀارا: سامهون. هُن ڀران.
سانڀويون: پلن مارڻ جو اوزار.
سانڀيٽي: موڳي ٿي. منجهي.
سانڀي: مائٽ. عزيز.
سانڄاڻ: سانجاڻ. رڌو پڪو.
سانچيو: سوچيو. سنڀاليو. اميد رکي.
ساندارو: درياءَ جو پيٽ.
سانداڻ: لوهه جي دِڪي (جنهن
تي لوهار تتل
لوهه کي مترڪن سان ڪٽين).
سانگ: سانگو. حيلو. سبب.
سانگوٽا: وڄائڻ جا ڪوڏ ۽ سڱيون.
سانگهارو: پاڻيءَ جي لاٿ.
سانگهيڙا: جايون. وٿاڻ. سوراخ.
ساهنگو: سهانگو.
ساهئين: ڇڪئين. هڏ ساهئين. آرس ڀڃين.
ساهي: ڇڪي-
تاڻي. آرس ڀڃي.
ساهه ڏيڻ: وير جو چڙهڻ.
ساءِ: سواد. ذائقو. نمونو. طرح.
سائر: درياءُ. سمنڊ.
سائو: نيڪ- سکر. سورهيه.
سائون: هڪڙي قسم جو ان يا ڏٿ.
سايون: سکيون. خوش.
سبي: سبيل. گهڻو. اڻ مَيو.
سبيل: تمام گهڻي. جهجهي.
سٻر: طاقت وارو. ڏاڍو.
سٻوجهه: داناءِ. ڏاهو.
سٻيري: سويل ئي.
سُٻيلي: حامي. مددگار.
سڀت: هرهنڌ. جاءِ بجاءِ.
سڀر: زور وارو. مضبوط.
سڀرو: ڀريو. وڏو.
سُتَڙ: سڻائو تڙ. منزل مقصود.
سَتي: ست واري. سچي زال.
ستوهه: انڌير. ظلم. ڊپ.
سٿ: ساٿ. ميڙ. پاٿاري.
سَٿا: انبار.
سَٽِ: عيوض. سودو. ڪاهه. ٿورو پنڌ.
سِٽَ: سٽاءِ. جوڙ. طرح.
سٽاڻو: سخت. مضبوط. ڏاڍو.
سٽاڻي سانگ: سانگي سان. ڏاڍي لاچار سان.
سٽائون: رٿون. اسباب.
سَٽون ڏيڻ: لوهون ڏيڻ. پنڌ ڪرڻ.
سٽيندي: تکو پنڌ ڪندي.
سٺوءِ: سٺو اٿئي. برداشت ڪيئي.
سُپڄن: پيدا ٿين. هٿ اچن.
سپڙ: لس ٻيلي
جو سخي حاڪم ڄام سپڙ رونجهو.
سُپَڪَ: مضبوط. سوٽ.
سَپنِي: پيدا ٿي. ڄائي.
سجڪيون: چنبڙيون. سوليون.
سُجود: سجدو. تعظيم.
سڄاين: چڱاين. ڀلاين.
سڄر: صحت بخش. تازا. گهڻا.
سُڄن: سُجهن. ٻڌڻ ۾ اچن.
سُڄي: ٻُڌجي. سڻجي.
سَڄيائِي: سڄي. پوري.
سجهه: وجهه. موقعو.
سِجهائي:
جلائي. ڳاري (سور ۾).
سَڃ: ڏس- پتو.
سڃي: الاري. نشان ڪري. چتائي. اکيون ملائي.
سڃيهون: اسان کي سڃي.
سچاڻي: سچائي.
سِڌاريو: روانو ٿيو.
سِڌام: راس ٿِيام. سريام.
سَر: ڪانهن. ڪانو. تير. تلاءِ چشمو.
سِراڙو: تکي ڊوڙ.
سِراڻيل سراڻ چاڙهڻ وارو. صيقلگر.
سُراهئاءِ: سُرهاڻ کان. واس.
سَراهي: سرهائي.
سر در قدم يار فدا شد چہ بجا شد: جيڪڏهن يار جي
قدمن تان سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو؟
سرڪشي: مغرري. وڏائي.
سرکنڊ: چندن جو وڻ. صندل.
سرگردان: حيران. پريشان.
سرڻين: سام پيلن. پناهه ۾ آيلن.
سَرو: شراب.
سَره: جهنگلي ٻڪر جو قسم.
سَري: لڙهه. مالها. تسبيح.
سريام: حاصل ٿيام. مليام.
سريو سون: اسان کي پلئه پيو.
سسر: سٺو چشمون.
سَسن: گهيٽن.
سعادت: نيڪ بختي. خوش نصيبي.
سَڪن: ڪبن. ڏڪن.
سُڪوت: خاموشي. ماٺ.
سِڪهون: سڪون.
سکاڻي سُکاڻ وارو. ناکئو. رهبر.
سُکائون: باسون. مڃتائون.
سَکَر: لائق. چڱا.
سُکياڻي: آسودي.
سُکين: سُکن.
سَگبان: ڪتا پاليندڙ. ڪتن جو مالڪ.
سَڳائي: مائٽي- قرابت.
سَڳر: رستو.
سُڳڻي: ڳُڻن واري.
سِڱڙيون: وڄائڻ جون سڱيون.
سڱيڻان: سڱ وارا. مائٽ.
سڱيون: وڄائڻ جا سڱ. توتارا.
سَلُ: ٽُنگ. سوراخ.
سَلِ: سچي ڪر. سڻاءِ.
سَلاڙيو: گڏ ٻڌيو. قطاريو.
سلان: سليان. ظاهر ڪريان.
سَلتم: سليم. ٻڌايم.
سلتي: ٻڌائي. سَلِي.
سلن: سلين. ٻڌائين.
سلوڪ: فقيريءَ جو رستو.
سلهاڙيو: ٻڌيو. ڳنڍيو.
سلي: قطاري. سلهاڙي.
سمانا: عزت وارا. مان وارا.
سِمر، سمرا: سامان. توشو.
سَمن: واعدو. گڏجاڻي.
سمنگي: نوازي. راضي ڪري.
سمگئا: نوازيا. راضي ڪيا.
سَمي: سمي بادشاهه.
سنان: تڙ. وهنجڻ.
سنڀار: سانڀر. چڙو. يادگيري.
سنڀوڙو: سنڀريل. تيار.
سِنجري: پيدا ٿئي.
سنجئم: کوهه مان پاڻي ڪڍيم.
سهنج: سُک. سولائي.
سَندَ: سفارش. چٺي. آڌر.
سندڙيان: سندن.
سندياءِ: تنهنجي.
سَنڌ: رکي ڇڏ. لڪائي رک.
سنڌا: عضوا. سنڌ. ٽڪرا.
سنڌو: حد. ڪنارو.
سنڌيندم: مرهم پٽي ڪندم. ڇٽائيندم.
سنڌيون: بدن جا سنڌ. عضوا.
سَنڊ: اوزار. وسيلو. سيڻاهه.
سنڊين: همت جهلين. سيڻاهه تي ترن.
سَنڪو: اُڊڪو: ڊپ.
سنڪن: ڏڪن.ڪنبن. ڊڄن.
سنک: وڄائڻ جو ڪوڏ. ناد.
سُنگ: سنگت. ساٿ. محصول.
سنگهار: مال وارا. ڀاڳيا.
سنگهر: زنجير.
سنواريا: سنواريل. سڀاڳا. سونهارا.
سنيهڙو: پيغام. نياپو.
سڻاوا: سڌا. سامهان.
سُڻهو: سڻو. ٻڌو.
سُڻيان: ساڻن. کين.
سُڻئين: ٻڌين. سڻين.
سو: سُئو. ٻڌو.
سُواٽ: سنئون رستو.
سُوارا: سويل.
سَواري: سويل.
سواريون: سويل.
سُواهرو: چڱو مددگار. خيرخواهه.
سُواءُ: سڻائو واءُ.
سَوائي: سوايو. سرس.
سُوائي: سخي.
سوڀي: سونهن واري. بختاور.
سوٽ: ڏاڍو وٽيل. سخت.
سوٺا: جوابداريون. ذميداريون.
سوٺائون: ڳولي لڌائون.
سُوجهه: جانچ. ويچار.
سوجها: ڄاڻ- پروڙ.
سُوجهي: جاچي. چڪاسي.
سوجهيائون: چڪاسيائون.
جانچيائون.
سُوڌا: سِڌا. پورا. سچا. سمجهو.
سُوڌائي: چڱائي. سڌائي.
سُوڌو: پورو. سچو.
سُوڌيون: پوريون. سچيون.
سُور: سورة. درد.
سورانگهي: اورانگهي.
سُور ٻُهار: ڇنڊي صاف ڪر.
سُور چَرندي: سور کائيندي.
سور ڇيو:
موهيو. مست ڪيو.
سورڌڻي: غم ڏيندڙ ۽ لاهيندڙ.
سُوريتيءَ: درد جي ماريل. ڏکايل.
سوڙ: مٿان پائڻ جي رضائي.
سُوڙو: ڳُڻائڻو. لائق.
سوگند: قسم.
سُول: سُور. فائدو. فرحت.
سون پَڻي: سون جو سنگ يا داڻا.
سونڪي: ڳڻتي. ڊپ.
سونگ: محصول.
سونگئا: محصول جي ڪري روڪيا.
سونگي: محصول آڳاڙيندڙ.
سون ورنيون: سون جي رنگ جهڙيون.
سُونهاري: سهڻي. ڏاڙهي.
سُونهان: رهبر.
سُونهائي: سونهين ڪئي. واقف ڪئي.
سونهايوم: ڏيکاريوم.
سونهڻ: ٻيڙيءَ جون ميخون.
سوءَ: ماتم. غم.
سِہ: سِيءَ. سردي وارو مهينو.
سهاڙ: ساهڙ- ميهار.
سُهاڳ: سُک.
سُهاڳي: سکيو. وڻندڙ.
سهاءِ: سهائي، سيبائي. جڳائي.
سُهائو: روشني.
سُهائِي: سوجهرو. روشنائي.
سَهٽِ: سڪ.
اڪير. سلوڪ. رهاڻ.
سَهج: خوشي. شوق. چاهت.
سَهجان: ڪوڏ منجهان. سهج مان.
سهڄ: ڳڻ، قرب. سينگار. موج.
سُهنڌ: سٺو هنڌ. سٺي جاءِ.
سَهس: سهسين. سوين.
سُهڳ: سهاڳ. سک.
سِمهو: اميد.
آسرو. سهڻو. لائق. چاهه. لاڳاپو. واسطو.
سَهِي: واقف. سڃاڻو.
سئنچو: خطرو. تياري.
سؤکو: سکيو. سولو.
سوئيتا: سوءَ ۾. ماتم ۾.
سِيءُ: هڪ گاهه جو قسم. ٿڌ.
سيارڇ: هڪ قسم جو گاهه يا ڏٿ.
سِياڪو: سياپو. مائٽي.
سياءُ: مائٽ. شريڪ.
سيبا: ٽوپا. ڳنڍ.
سِيباءِ: جُڳائي. وڻي.
سِيباڻو: وڻيو. پسند آيو.
سِيباڻيام: مون کي وڻيا.
سيباڻي: وڻي.
سيٽ: سُٽ جا وٽيل رسا.
سيٽيان: ٻک وجهان.
سيڄ: سيج. کٽ.
سيڏائي: سڪائي. موهي.
سٻير: واٽ. لنگهه. گذر.
سِير: سيل. سچائي.
سيرڙيون:
سيرون. واٽون. پيچرا.
سُيس: مشهور ٿيس.
سيسار: درياهي نانگ.
سيڪارا: سڏڪا. شوڪارا.
سيڪڙو: سڪايل.
سيڪي: ڇِني.
سيڱ: ڪمان.
سيلا: وارن کي ٻڌڻ جي رسي جا جوڳي ڪم آڻين.
سٻيلو: تير. گز. مٿي کي ٻڌڻ جي رسي.
سٻيلهه: ڪنڊا. تير.
سٻيليون: رسيون.
سين: فقير جي صدا.
سِينڍاريا: سينڍ هڻي سڏيا. پاليا.
سيڻ: مائٽ.
سيڻاس: ساڻس.
سيڻان: سندن لاءِ ساڻن.
سيڻاها: سيڻهه وارا.
سيڻاني: ساڻن. گڏ.
سيڻاڻي: ساڻ. گڏ.
سيوا: شيوا. بندگي.
سيوي: سِبي. ٽوپا ڏي.
سيهي: شيهي. ڪڇ. مٺ.
سِيئن: تائين.
ش
شبان: ڌڻار.
شبيہ: شڪل. صورت.
شُتر: اٺ، ڪرهو.
شجَرَ: وڻ. درخت.
شريڪت: برابري. همسري.
شعور: فهم. فضيلت.
شڪستي: دلشڪستي. نااميد. ملول. مايوس.
شڪم: پيٽ.
شڪون: (واحد: شڪ) ڪلي. بند. ڪِيري.
شُهدي: سڪندڙ. غريب. نماڻي. مُنهن. صورت.
شُومت: براڻي. خرابي.
ص
صِراط: پل صراط. واٽ.
صِراط المستقيم: سنئون رستو.
صريح: ظاهر ظهور. صاف
صفتان نور: صفتن واري روشني.
صقيلا: چمڪندڙ، گهائيندڙ.
صلابت: مڻيا. شان.
صلوات: بندگي. درود.
صواب: سڌائي. چڱي واٽ.
ض
ضاءِ: ضايع. زيان.
ضرور: ضرورت.
ط
طالب الموليٰ مذڪر: موليٰ جو طالب مرد آهي.
طالح: ندورو. نڀاڳو.
طالع: نصيب. ستارو.
طاق: ٿالهه. دروازا.
طاماعو: طمع رکندڙ. تاڪائو.
طريق: طريقت. رستو.
طريقت: فقيري جو پنڌ. تصوف جي ٻي منزل.
طس: ٿالهه.
طوق: هار.
طورسينا: جبل جنهن تي حضرت موسيٰ نور جو تجلو ڏٺو.
طهورا: پاڪ پاڻي. بهشتي شراب. طيران، طيورن: پکين.
ع
عاجزا: ضعيف عورت.
عاجزيون: نيزاريون.
عادنئون: عدن (بندر) کان.
عاصي: گنهگار.
عاق: ناصالح. خراب. بيحيا.
عالَم: ڪائنات.
عامن: عام ماڻهن.
عبث: اجايو.
عَبير: عطر. عنبر.
عدم: نابودي. نيستي.
عراقي: عراقي گهوڙا.
عرفات: مڪي شريف جي ويجهو هڪ ميدان.
عرفان: علم. معرفت.
عُريان: اگهاڙي. نانگي.
عزازيل: شيطان. ابليس.
عطائي: سوالي. فقير.
عِصيان: گناهه. ڏوهه.
عِلتي: عادتي.
عليل: مريض. بيمار.
عليم: ڄاڻڻهار.
عميق: اونهون درياهه. اوڙاهه.
عين: هوبهو. نسورو.
غ
غار ٿيو: گم ٿيو.
غواصن: ٽوٻن.
غيبتي: گلا ڪندڙ.
غير: دوئي. ٻيائي.
غير گُمان: ٻيائي جو خيال. شڪ.
ف
فاذُڪروني
اَذڪرڪُم: ’اوهين مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان کي
ياد ڪريان.‘
فاقو: بک.
فائق: بزرگ. سياڻو.
فتاح: کوليندڙ. فتح ڏيندڙ.
فردا: سڀاڻي. آخرت.
فرقان: قرآن
شريف (سچ ۽ ڪوڙي ۾ فرق ڪندڙ).
فَڪان قاب قوسين اوادنيٰ: ٻن
ڪمانن جيترو
ويجهو هو، بلڪ ان کان به وڌيڪ.
فِلق: فرق.
فهميدم: سمجهيم.
في الله: فنا في الله. الله ۾ فنا ٿيڻ.
فيض: موج. پلٽ.
فيل: هاٿي.
ڦ
ڦانگُ: سڪل ٽاري.
ڦچَ: چهڪ. چير.
ڦَرهه: مُرٽ ٻوٽي جا داڻا.
ڦَڪِي: سُتي.
ڦلِنگي: فرنگي. يوروپي.
ڦَليل: گلن جو سرهو تيل.
ڦَڻُ: پَٻ (پير جو).
ڦوٽو: بُلبلو. بوڙيو.
ڦورا: ڦولهاقر. مورَ.
ڦوڙائبا: وڇڙندا. جدا ٿيندا.
ڦوڙائو: جدائي- وڇوڙو.
ڦوڳن: ڦوڳ جي ٻوٽن.
ڦوڳي: نڪما. بيڪار.
ڦيٽ: ڌڪ. صدمو.
ڦِيڻ: گجي. جهڳ.
ق
قاب قوسين
اوادني: ’ٻن ڪمانن جي وڇوٽي
بلڪ انهيءَ
کان به ويجهو‘.
قافئون: قافن مان. جبلن مان.
قالب: جسم. بدن.
قال: بحث مباحثو. گفتگو.
قال قيل: ڳالهه ٻولهه.
قالُو بليٰ: چيائون ته ’هائو.‘
قبلي نما: قبلو ڏيکاريندڙ.
قد: هوڏ.
قُدام: اڳواڻ. سردار. پيشاني.
قد ٻَڌي: هوڏ
ڪري. سينو ساهي.
قديم: ازلي. اصل کان.
قرڦل: لونگ.
قرن: سخي سمي
ڄام جو نالو.
قَرينو: محبت.
سٻنڌ. وڙ. ڀلائي.
قزاق: رهزن. ڌاڙيل.
قصر: ماڙي.
قضانِي: اتفاق سان.
قفلن: تالن. ڪلفن.
قُل لَن يُصِيبُنا اِلاما کَتبَ الله لَنا: چئو ته
ڪابه مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ انهيءَ جي جا
خدا اسان جي حق ۾ لکي آهي.
قلوب: قلب. اندر. دل.
قليل: ٿورا.
قُم: اُٿ. اُٿي. تيار ٿي.
قمر: چنڊ.
قناقون: طنبو جا پردا.
قوال: راڳيندڙ. ڳائيندڙ.
قيدالماءِ: داڻو پاڻي. تقدير.
ڪ
ڪابُول: ڪابل شهر.
ڪاتب: لکندڙ.
ڪاپائتي: ڪاپو ڪندڙ. ڪتيندڙ.
ڪاپٽ: جوڳين جو هڪ فرقو.
ڪاپڙي: سناسي. جوڳي.
ڪاپو: ڪتڻ جو پورهيو.
ڪاڇوٽي: لانگوٽي.
ڪاڍو: ڇڪ. سڪ. ڪشش.
ڪاراڻيا: ڪاراتيا. ڪارا ٿيا.
ڪارائي: ڪارنهن. ڪاراڻ.
ڪارايل: ڪارو هنجهه.
ڪارڻي: وسيلو. مددگار.
ڪارونڀار: ڳوڙهو. اونهو، هيبتناڪ.
ڪاروُن: ڪوششون. حيلا وسيلا.
ڪائِر: بزدل. گيدي.
ڪارهين. يارهين.
ڪاري: سخت. گهائيندڙ.
ڪاريا: ڪرايا.
ڪاريهر: ڪارو نانگ.
ڪاڪَت: طاقت. سگهه.
ڪاڪلَ: زلف. وار.
ڪاڪيون: اديون. سرتيون.
ڪام: لڪڻ.
ڪامڻ: جادو. منڊ. سهڻي زال. نازنين.
ڪانڀُو: جبل جو نالو.
ڪانڊين: ڪنڊين
جي ڪاٺين ۾ (جن جي باهه تکي آهي).
ڪانہ، ڪانهن:
ڪيڏانهن. ڪٿي.
ڪاني: ڪان. ڌڪ. سَرائي سرمي پائڻ جي.
ڪانيٽا: نيش. ڏند.
ڪانيارو: ڪاڻ وارو. ناقص.
ڪانيرو:
پاڻيءَ جو هڪ پکي.
ڪاڻ: عيب.
گهٽتائي. شرمندگي. حجاب. لحاظ.
ڪاڻياريون: قصور واريون. عيبدار.
ڪاهري: اڀري. ضعيف.
ڪاهُوجِي: دڙي
يا مڪان جو نالو.
ڪاءِ: ڪائي. ڪابه.
ڪائو: درياءَ جو لاهو. لٿل پاڻي.
ڪايا: هاٺي. بدن.
ڪِبر: هٺ. وڏائي.
ڪِبرياءُ: خدا تعاليٰ.
ڪبير: وڏو گناهه.
ڪٻ: ڪٻڻ: ڇرڪڻ. لڏڻ.
ڪُٻيلياڻي: جنهن جو ساٿي چڱو نه هجي. جنهن جو ڪو
ٻيلي نه هجي.
ڪتابت: لکيو. اعمالنامو.
ڪِتو: ڪتيل.
ڪُٽ: مٽ. تيز شراب. هرگز.
ڪپر: ڪس. ڪچ. مٺ.
ڪُپَر: ڪُريت. بڇَري ريت.
ڪُپَچُ: ڪِري ڀڃڻ. بدپرهيزي.
ڪَپُور: ڪافور. سرهاڻ.
ڪُپيري: ڏکي واٽ. گمراهي. بيراهي.
ڪُڄا: ڇا.
ڪڄاڙيا: ڇو. ڇا جي ڪري.
ڪَڄيو: لڪو. دٻيو. ڍڪيو.
ڪَچَ: ڪوڏ. سُتيئڙو.
ڪَچو: ٽڪو. داغ. مهڻو.
ڪُڇن: بيوس.
لاچار. خراب جاءِ.
ڪَديفو: ريشم. ريشمي ڪپڙو.
ڪُڌا تُورو: نالائق. بداخلاق.
ڪڍ ڪاهڻ: پٺيان لڳڻ.
ڪَرَ: خبر. سُڌ. ڄڻ. جيڪر.
ڪَرُ: ڳاٽ.
ڪُرُ: ڪٽنب. ڪڙم. پَنڙا.
ڪِراڙ: ڀٽ شاهه جي ڍنڍ.
ڪَرڙا: ڏکيا. اڻانگا.
ڪِرڪِ: تير. ڪان
ڪُرڳل: هل هُلاچو.
ڪَرلاهُو: خبر لهندڙ. سنڀاليندڙ.
ڪرفگل: ڪرنگهر. هڏن جو پڃرو.
ڪُرندان: خراب رستو. الٽي واٽ.
ڪَرنگهو: ڪرنگهو. پُٺيءَ جو هڏو.
ڪرنون: ڳنڍيون ڳوڙها.
ڪرهل: اٺ.
ڪَرِهو: ڪريو.
ڪَرَهو: اٺ.
ڪَروت: ڪرٽ. ڪارائي.
ڪِيري: کاڌي جي پرهيز.
ڪُريت: بڇڙي رسم. بد رسمي.
ڪرير: ڪِرڙ وڻ.
ڪِڙڄ: ڪچرو. ڪک ڪانا.
ڪَڙن. پير کڻن.
ڪُڙهه: اندر. جِيءُ. بدن.
ڪَڙههُ: ويچار ڪر. سڙ. پچ.
ڪَس: ڪَش. پسند. ڪٽ. دل جو غبار.
ڪُسَر: ڪوڙا سَرن جا ٻوڙا.
ڪشتيبان: ٻيڙي هلائيندڙ.
ڪَڪوهه: شراب جو هڪ قسم.
ڪُلاٽ: ڪُلڇڻو. ڪُلال.
ڪَلال: شراب ڪڍندڙ. مي فروش.
ڪلَپتي: مها جوڳي. خيال وارا.
ڪُل ٿيا: ڌڻيءَ سان مليا.
ڪُل شيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصلہ: سڀڪا شيءِ پنهنجي
اصل ڏي موٽي ٿي.
ڪُل مَن عليهافان: جيڪي ڪجهه زمين تي آهي سو فنا
ٿيڻ وارو آهي.
ڪلمي گو: ڪلمون پڙهندڙ.
ڪُل نفس ذائقة الموت: سڀڪو ساه موت جو مزو چکندو.
ڪِلو: جهيڙو. جنگ.
ڪَليون: نِڙيءَ جا غدود. ڪيلاج.
ڪُم: نيلوفر جا ڦل.
ڪُماچ: رباب.
ڪُماڙهئين:
(ڪُ+ماڻهو) بُرن کي.
ڪُميتن: گهوڙن.
ڪن: ٿيءُ. ٿي پئو.
ڪنان: کان.
ڪَنجرو: چولي. گَج.
ڪَنجڪ: واڳ،
ڪنڊا: ڪنڊي جو وڻ.
ڪُنڍيون: ڪنڍن سڱن واريون مينهون.
ڪُنَر: ڪُنُ
جنهن ۾ ڌوٻي ڪپڙا کنڀ چاڙهين. والا.
ڪنگن: ڪانئرن (پکي)
ڪنوٽيا: ڪن وڍيل جوڳي.
ڪنواٽ: گونرو. ننڍو اٺ.
ڪُڻڇ: ڪنڊ. پاسو.
ڪڻس: کيس. انهيءَ کي.
ڪُڻڪن: ورلاپ ڪن. چُرن. ڪنجهن.
ڪَڻن: وٽن.
ڪَڻيون: مڻيون. موتي.
ڪوڏ: چاهه، خوشي. ناز. لاڏ ڪري. سوز. ساڙو.
ڪورنشون: نياز. سلام.
ڪوڙڪيون: پکين ڦاسائڻ جا دام.
ڪوڙي: بي وڙي. نالائق.
ڪُوڪَٽ: ويڌن. ظلم.
ڪوڪِڙ: سُڪل پيرون.
ڪُولَ: بد لڇڻ. گنهگار.
ڪونر: وڻن جا
ڪچڙا گل. شهزادا.
ڪُواٽ: الٽي واٽ. ڏکي واٽ. اوجهڙ.
ڪُوار: گِلا.
ڪوءِ: ڪير به.
ڪُوءِ: گهٽي.
ڪُويساهيا: ڪوڙي ويساهه وارا.
ڪُويل: ڪُمهل. اويرو.
ڪَهه: پنڌ جي تڪليف. گهڻو ۽ ڏکيو پنڌ.
ڪُهه: ڇو.
ڪِها: ڪهڙا.
ڪَهن: ڏکيا پنڌ ڪن. چون.
ڪَهڪ: چهڪ: چير.
ڪَهڻي: چوڻي قول.
ڪِهو: ڪهڙو.
ڪَهُون: پنڌ. ڪشالا.
ڪيئا: ڪئان. ڪٿان.
ڪئنچل: ڪنَچل. سون.
ڪياءِ: ڪَيَئِي.
ڪيٽائي: تڙ جو نالو. ”ڪيٽائو“.
ڪِيرت: راڳ جي صدا.
ڪِيڙي: سيکاري. هيرائي.
ڪيس: ڪارو
رنگ. ڪارا وار.
ڪَيسر: زعفران.
ڪيفُ: نشو. خمار.
ڪيفران: حالت. حقيقت.
ڪيڪان: گهوڙو.
ڪِيم: ڪين نه.
ڪين: نيستي. ڪجهه نه.
ڪِينَر: ڪينرو. سرندو.
ڪيڻ: ڪيڏانهن.
ڪڻيان: سندن لاءِ.
ک
کاٽُونبا: جهنگلي ميوو.
کاڏو کوڙڻ: منهن ڀر ڪرڻ. بي طاقت ٿيڻ.
کاروڙئان: ’کاروڙي‘ ڳوٺ کان.
کاس: سڌ.
کاند: صبر. کميا.
کانءِ: جلاءِ. ساڙ.
کانيا: جلايا. ساڙيا.
کاڻان: سڙيا. جليا.
کاهوڙي: جهنگ جبل ۾ ڏٿ ڳوليندڙ. سچا فقير.
کٿيرين: ماروئڙين.
کَٽرن: کيٽو ڪندڙ ڳئن يا مينهن.
کَپ: وَڍ.
کَپر: هڪ ننڍو زهريلو نانگ.
کِجاڻِي: اندر جو سوز. ڳارو.
کِجن: بيزار ٿين. جهڄن. ڳرن.
کِجڻ: جهوري. ڳاراڻو.
کِدائُون: پياليون. جمنيون.
کُڏي: ڪوٺي. حجرو. اوطاق.
کَر: خراب ماڻهو. دشمن. رقيب.
کَرا؛ سچا.
کَرايون: دشمنيون. برايون.
کِردار: افعالن وارا. هنرمند. سلوڪ وارا.
کِرس: لاڏ ڪوڏ. ناز نخرا.
کَرڪن: چڙين.
کرڪڻان: نوڙين
جا ٺهيل جوتا.
کَرکرا: گهوڙن جي پٺي صاف ڪرڻ لاءِ تُوريءَ جا
ٺهيل برش.
کَري: پوري. سچي. پڪي.
کُڙا کڻي: کڙيون کڻي. پوري ڪوشش سان.
کَڙهه: دروازو. لنگهه.
کَڙيا: ٻورا. خرزينون.
کِڙيو. ٽئو. ڀڳو.
کِڙيو: روشني
ڪئي. ظاهر ٿيو.
کَسو: جتي.
کِکِي: مڇي.
کَم: صبر.
کُنڀ: ڌڌوٻيءَ جي ديڳ.
کَنڀاتڙي:
کنڀات جي نار واري.
کُنڊي: ڳجهي. ڳجهه سانڍيندڙ.
کُهنبا: ڳاڙها رتل رَوا.
کِنياتا: خوش خبري ڏيندڙ. ڪانگل.
کڻ: طرف. پاسو. رٺا.
کُورو: مچ. ڪلال جي بٺي.
کوڻيتي: پوري طرف واري. پوري مند واري.
کُوهو: ٻيڙيءَ جي سڙهه واري ڪاٺي.
کوءِ: ٻَن. کڏ.
کِہ: دز. لٽ. خوشبوءِ دار گاهه.
کُهج: ٿڪج. ڪڪ ٿج.
کيترا: جوتا.
کَرو: ان گڏ ڪرڻ جي جاءِ.
کيٽا: ضد. ارڏايون.
کيڙائو: ڳوليندڙ. ڏوريندڙ.
کير: جماعت. ٽولي.
کِيرون: مبارڪون.
کِيروليون: ’کيرولي‘ گاهه.
کِينِ: کائِين.
کِيندي: کائيندي.
کينئن: خير. سک.
کيڻَ: کاڌا. طعام.
کيهه: مِٽِ. دز. لٽ.
کِيو: کايو. پيٽ ڀريو.
گ
گاڏيليون: سهڻيون زالون.
گاروڙين:
جهانديدن. آزمودگارن. جوڳي فقيرن.
گاءُ: هوڏ. تڪبر.
گَبرو: رلي. اوڇڻ.
گَبري. گودڙي. بغلي.
گَت: ريت. دستور.
گَتا: ڦاٿا. اٽڪيا.
گُجر: گُجر قوم جي (مومل).
گَجميل: گجميل شهر جون ٺهيل.
گُداز: سوز. فراق.
گُڏايم: مارايم.
گِرٿ: ڳنڍ. ناڻي جي هڙ.
گِرداب: ڪن. اوڙاهه.
گردانيو: پروڙيو. سمجهيو.
گِرئي: گِريو. روڄ.
گُري: ڳنڍ. ٽڪر.
گِري: گير ڪري. ڀونڪي.
گڙنگ: هڪ ايراضي ۽ واهه جو نالو.
گَسا: گس کان. واٽ کان.
گسي: اٺن جا ليڏوڻا.
گُفت: ٻولي. آواز. چيائين.
گُلبُوءِ: خوشبودار.
گماٽي: نابود ٿي. گمراهه ٿي.
گمائِي: بيخود ڪئي.
گَمن: غمن. سير. گهمڻ.
گَنجو: گنجو ٽڪر.
گَند: پاڻيءَ
جي ول ’ڪُوڻي‘ جو ڦل. لوڙهه.
گندائُون: رليون.
گَندي: چادر. پوتي.
گُنگائي: هُشائي. جهڪائي. ماٺ ڪرائي.
گُنگَن: اُٺن.
گنوايو: وڃايو.
گَنبر: هاٿي.
گودڙ: وڏي گودڙي.
گور: قبر.
گورکناٿ:
جوڳين جو مها گرو.
گوشي: ڪُنڊ ۾.
نويڪلائي ۾.
گوندا: ٻڪرين جي ننڍن ڦرن جا واڙا.
گيان: سچي ڄاڻ. معرفت.
گيرب: هٺ. وڏائي.
ڳ
ڳاچ: ڳيچ. راڳ.
ڳاڱا: هڪ جهنگلي ميوو. ڳاڱيون.
ڳاراچو: احوال. محفل. شادمانو.
ڳالهائون: سندن ڳالهائڻ.
ڳاهه: اشارو. بيت. تُڪن ۾ اهڃاڻ.
ڳائو: چؤٻول. گونج.
ڳڀرو: ڇوڪراٽ. ٻار.
ڳڀيا: ٻوڪيا. گل جهليائون.
ڳُتو: ويڙهيو.
ڳٽن: ڦاهين. طوفن.
ڳُجهاندر: ڳجهه ۾.
ڳَران: وٽان. گهران.
ڳُرن ۾: ڳجهن ۾.
ڳَري: ڳلي- گهٽي. وسيلو.
ڳريو: ٻيڙيءَ
جي پڳهه جو رسو.
ڳَرهيان: بيان ڪريان. اوريان.
ڳڙهه: قلعو.
ڳَڙي: ڳنهي. وٺي.
ڳِڱاٽيا: ٺاري ڇڏيا. نِستا ٿِيا. بيهوش ٿيا.
ڳَمن: آهستي هلن.
ڳِڻِي: وٺي. کڻي.
ڳوريون: ڳوليندڙ. طالبو.
ڳهريو: نشي ۾ موڳو ٿيو.
ڳهلي: ڳهيلي. اڻڄاڻ.
ڳهڻا: زيور.
ڳهيو: پورهيو ڪيائين. ڪم ۾ وهيو.
ڳيڙءَ: تو ورتو.
گهه
گهاتُو: مڇي ماريندڙ.
گهاٽي: گهاٽي شراب مان.
گهاگهائي: همت ڪري. کلي ڪڏي.
گهانڊار: وڏا. گهنڊ.
گهُتون: بهانا. عذر.
گهَٽُ: نڙي. اندر. دل. در. لنگهه. گس.
گهُٽڪن: ڳيتون ڏين.
گهڃان: مجلس. خوشيون. ناچ. کِل.
گهِڏي: بت کي لوڏي. گهوماٽجي.
گهُرءِ: فڪر. آڻتڻ.
گهَل: ٽولي.
گهُماٽِي: ڦيري کاڌائين. ڀنواٽي.
گهنگهر: ڏک سور.
گهڻ ڄاڻ: گهڻو ڄاڻندڙ. سياڻا.
گهور: چڪر. ڦيرو. ڪُنُ. پُور. خيال.
گهور پيا: گهڙيا. ڪُن ۾ پيا.
گهوريندڙ: ڳوليندڙ. ڳولائو.
ل
لا: نه، نفي. نيستي.
لاتقنطوا من رحمة الله: خدا
جي رحمت کان
نااميد نه ٿيو (تحقيق الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو).
لاڄُو: ٻيڙيءَ جا رسا.
لاڄُوبند: نوڙين جا ٻنڌڻ.
لاحد: لامڪان. حد کان ٻاهر.
لاخوف عيلهم و لاهم يحزنون: انهن لاءِ ڪو خوف نه
آهي ۽ نه ڪي هو ڏک ڏسندا.
لاڌ: حاصل. فائدو.
لاڏ: انگل. ماڻو.
لاڏاڻ: بار کڻڻ.
لار: مال جو ڦر. چڙي جي وچ واري ڪاٺي.
لارون: پاڻيءَ جون ڌارون. ٺينديون.
لاڙي: اڳڙي. ريڙ.
لاڪوفي: ڪُوفي يا فِرقي کان سواءِ.
لاڳ: محصول.
لاڳيدار: لاڳو وٺندڙ. محصول اڳاڙيندڙ.
لام: ٽاري. پناري. آسري.
لامقصود في الدارين: سواءِ خدا جي ٻنهي جهانن ۾
ٻيو ڪو انهن جو مقصد نه آهي.
لامڪان: مڪان يا جاءِ جي بند کان ٻاهر. هرجاءِ.
لامي: لڙڪندڙ. نمندڙ.
لانچي: ڳولي. ڏوري.
لانگ: ٻرانگهه. ٽنگ.
لانئين: ڪَسي ڳالهه.
لاڻي: هڪ کارو ٻوٽو.
لاههَ: سَٽَ. چال. لاڙو.
لاهوت: سلوڪ جي چوٿين منزل.
لاهوتي: لاهوت جي منزل کي پهتل سالڪ.
لاءُ: لاءُ ساءُ.
لائو: جڏو. عيبدار.
لايعرفهم غيري: مون کان سواءِ اوليائن کي ٻيو ڪونه
ٿو سڃاڻي.
لَب: لالچ.
لباس: ويس. ٻاهريون ڏيکاءُ.
لُبيسُ: پوشاڪ. ٻاهريون هار سينگار.
لِچيا: هٻڪيا. ڊنا. لُڏيا.
لُڇان: ڦٿڪان.
لَحَمُ: ماس. گوشت.
لحظو: پلڪ. اک ڇنڀ.
لَڌُ: لاڀ. حاصلات.
لڌا: لکيا. (تقدير موجب).
لُڌا: ٻه تارا جي ’ٽيڙو‘ کان پوءِ اڀرن.
لُرَ: تڪڙ ۾. تيزي ۾.
لُڙ: گوڙ. درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه.
لَس: پاڻيءَ جي اڇ ئي اڇ.
لِسان: زبان.
لُسندي: لُوسندي. باه جي سيڪ وقت.
لُعاب: وات جي ڦيڻي.
لُغار: ذرو. ٿوري گڏيل شيءِ.
لَڪُ: چيلهه. لنگهه.
لڪڙياريون: سنهڙيون. نازڪ.
لڪيون: ننڍا لڪ.
لِک: ذرو. ننڍي. ٿوري.
لُکَ: گرم هوا. اُساٽ.
لکا: ڏيکاءُ. نماءَ. تفاوت (جو ڏسڻ ۾ اچي).
لَکڻ: گڻ. لڇڻ. صحيح ڪرڻ.
لکڻين: عادتن ۾ لڇڻن ۾.
لَکِي: ڄام لاکي جي گهوڙيءَ جو نالو.
لَکيا: سڃاتا.
لڳ: ڪارڻ. واسطي.
لڳَهه: ڪڪر. جهڙ.
لڱو: منڊو.
لَلُ: لڇڻ.
للاهه: مست. ڊڄڻا.
لُلُر: ٻُوٽو
جو ڀاڄي طور رڌجي.
لَلَو: سهڻو هنجهه.
لَم يَلد وَلم يُولد: هو (ڌڻي تعاليٰ) نڪي ڄڻي ٿو
نڪي ڄائو آهي.
لَنب: هڪ گاهه.
لُنڊا: عيبدار. ناقص.
لنڱا: لنگڙا. منڊا. جڏا.
لنئون: الفت. ناتو. محبت.
لُوت: هڪ قسم جو وڻ.
لوٺو: رُليل. سڙيل. کاڻو.
لوٺيءَ: رليل.
لوپي: لُٽي. ڦُري.
لوڇ: لُڇ پڇ.
لوچڻ: ڳولڻ.
لوڌي: شڪاري.
لوري: هڪ قسم جو تير. ڪانُ. ڳڻتي. ڪميڻي.
لوڙا: هُل. گوڙ.
لوڙائُن: ڌاڙيلن.
لوڙو: هڪل. هل. فرياد. حملو.
لوڙهه: مڙهه. لاش.
لُوساٽي: ساڙي. کانئي. جلائي.
لُولاٽ: ليلڙاٽ. عاجزيون.
لَوَن: لُڏن. لٽڪن.
لون: تند. تار. سنهڙا وار.
لَوندا: ٻوليندا. لات ڪندا.
لوهه: لوهه جو اوزار. ڪاتي. زنجير. تير.
لوهڻي: مڇي جو قسم.
لوهُو: رت. خون.
لوهيڙا: هڪ قسم جا وڻ.
لوءِ: مڪان. ماڳ.
لوئڙياري: لوئي ڍڪيندڙ.
لَہُ: لنئون. نينهن.
لُهاڻو: جلائيندڙ. ساڙيندڙ.
لهس: کام- سڪ.
لَهُم البشريٰ: (دنيا ۽ آخرت ۾) انهن لاءِ خوشخبري
آهي.
لَهِنداهُ: اوهين لهندا.
لَهوارا: هيٺ وهڪري طرف.
لِهون: لهو.
لُئا: ذرا ذرا. اُلا. وڍيا. لڻيا.
لُئِي: لُڻِي ڏي. وڍي ڇڏي.
ليڙو: اٺ.
لِياڪا: جهاتيون. آسرا.
لِيَ: کِک.
ليٽ: پاڻي جي اٿل.
ليس ڪَمِثلہ شيءِ: خدا جهڙي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي.
ليل: رات.
لِينگ: ريڙ. پَٽِي. ڦاٽل ڪپڙو.
لِينگهن ۾: ڇنل ڪپڙن ۾.
لِينگهو: داغ. ٽِڪو.
م
مات: ماريل. نابود. فنا.
ماٽَ: ماڪ. احسان. ڀلائي.
ماچ: راڳيندڙ. مطرب.
مارا: ماريندڙ.
مارَايت شيئا اِلا وَرايت الله: آءٌ اها شيءِ ڪانه
ٿو ڏسان جنهن ۾ خدا جو جلوو نٿو ڏسان.
مارڳ: واٽ. گس.
ماڙيچي: مارو ذات جي.
مرينهُون: اسان کي مارين.
ماڙ: ڀلائي. مهرباني.
مزاغ البصر و ما طغيٰ: نه نظر ڌنگي ٿي ۽ نه
نافرماني ڪيائون.
ماڪاڻي: مڪان. جبل ۽ نئي جو نالو آهي.
ماڪائي: ڄاڻي ٻجهي.
ماڪُر: قبول. پسند.
ماڱر: مان گهر. مان ڳر. مونکي.
مامرا: معاملا- رٿون.
مامور: امر ڪيل. نصيب ۾.
ماموري: وڏي بيماري. ڳري آفت.
ماموين: ماموئي درويشن.
مانڊي: منڊ ڪندڙ. جادوگر.
مانڱرياڻي: منگري جو ٻچو. مَڇُ.
ماهه مُنير: روشن چنڊ.
ماهيت: حقيقت.
مُباح: روا. جائز. حلال.
مُبين: چٽو. ظاهر.
متارا: بهادر. مست.
مٿاءِ: منهنجي مٿان.
مَٽ: عيوض. هڪ جيڏو.
مُٺائون: ماريائون.
مُٺن: بُرن. بُڇڙن.
مَپُ: ماپ. انت. حد.
مجاز: عشق.
مَجُوسيءَ: نفس اماره. ڪافر. گبر.
مُڃي: موڪلي.
مجيجِي: مزاج جو واقف. حال محرم.
مُڃ: ڪانهن جون نوڙيون.
مڃٺ: هڪ وڻ جنهن جي پاڙ مان ڳاڙهو رنگ ٺهي. ڳاڙهو-
لعل.
مَڃر: ساوا ڪچا سڱر. ڪنڊيءَ جو ٻور.
مُڃرو: سلام. ديدار. تماشو.
مڇڻ: متان.
مُڃيجاه: وڍجانءِ. تون ڪپج.
محفوظان: لوح محفوظ کان. ازل کان.
مَدُ: منڌ. شراب.
مدارن: ڀروسن: تعلقن.
مدعي: ڪوڙا دعويدار. دشمن.
مَڏُ: تُرهو. ڪکن ۽ ڪاٺين جو ڍڳ. ڪکن جو گڏو.
مذاق: ٺٺولي. ٺڳي.
مذڪور: ذڪر. احوال.
مَرُ: مِٽي. ميراڻ.
مِرڪ: سرڪي. تري جا قطرا.
موزو: چم جو جوراب جنهن مان بدبو ايندي آهي.
مُرسل: موڪليل. رسول.
مَرڪُ: فخر. وڏائي. مرڪڻ جهڙي ڳالهه.
مرڪڻون: مرڪندڙ. ٻهڪندڙ.
مِڙان: گڏجان. ملان.
مڙنيئون: مڙني کان.
مس: ٽامون. ڪچ.
مساوي: هڪجهڙو. برابر.
مَسحو: وضو.
مُسلم: قبول ڪيل. سونپيل.
مُسن: تڪليف ۾ اچڻ.
مُشاهدو: ديدار. لقاءُ.
مصلحت: ڀلائي. فيض.
مضر: ضرر پهچائيندڙ.
مضمضہ: گُرڙي.
مطيعن کي: تابعدارن کي.
مَعبُود: عبادت جو لائق.
معجونون: مرڪب دوائون طاقت لاءِ.
معذور: ويچاري. بيوس.
معرفت: ڄاڻ. پروڙ.
معمور: آباد. اڏيل.
مُفتي: فتويٰ ڏيندڙ.
مقالان: بيان کان.
مُقامياڻي: مقام ڀائي. هڪ ئي قبرستان ۾ دفن ٿيل.
مُڪا: موڪليا.
مُڪام: موڪليم. مون کي موڪليا.
مَڪُڙا: جهاز.
مَڪُڙي: ٻيڙي.
مَکِ: تيل جو مک. تيل مکڻ.
مَکِڻِي: گاهه جو هڪ قسم.
مُگَٽ: موڙ. تاج.
مَڱ: پِن. گهُر.
مَلُ: پهلوان. بهادر.
مُل: ملهه. وٽ.
ملاح: مليح جو جمع (مليح= سهڻو) سکر.
مُلاحظو: ڊپ. خطرو.
مَلام: ملامت. ميار.
مُلاءِ: وٽان. کان.
مَلڪوت: ملائڪن وارو درجو سالڪن جي هڪ منزل.
مَلُور: مَلول.
مَلهائيج: موکج. سرخرو ڪج.
مَلهي: سرخرو ٿي.مرڪسي.
مَنا: من تان. دل مان.
مَناڙين: موڙين. مهٽين.
مُنجان: موڪليان.
مَنڌُ: مَڌُ. شراب.
مَنڊ: جادُو.
مُنڊا: ڇلا. ڪنگڻ.
مَنڊل: ساز. اسباب. ٽِڪساٽ.
مَنڊي: بنائي. جوڙي.
مُنڊيون پائڻ: قابو ڪري جهلڻ.
مَنصور: مشهور صوفي شيخ حسين منصور حلاج. جنهن
’انا الحق‘ جو نعرو هنيو.
مَن طَلَبُ شيئا وَجَد: جنهن ڪا
شيءِ طلبي ۽
ڪوشش ڪري ان کي ڳوليائين ته اها لڌائين.
من عرف الله، ڪَل لسانہ: جنهن الله کي سڃاتو
تنهن جي زبان
گُنگي ٿي.
مَن عَرفَ نَفسہ فقد عُرفَ رَبہُ: جنهن پاڻ کي
سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.
مَنگر: کُورو. مانگر مڇ.
مَنگل: کورو. آڙاهه.
مَن لاشيخ لہ، فشيخہ الشيطان: جنهن کي ڪو مرشد
ناهي، تنهن جو مرشد شيطان آهي.
مَن لہ
الموليٰ فلہ الڪُلُ: جنهن کي موليٰ آهي تنهن
کي سڀ ڪجهه آهي.
مَنَهنِ: اجهو. ڇپر. ڇنو.
مُيائي: مُڏي ٿي.
مَنيو: ڳوهيو.
مَڻي: ڏانهن. وٽ.
مُوتوا: مرو (مرڻ کان اڳ).
موڏن: اُٺن.
مورڇل: مورجي کنڀن جو ٺهيل پنکو.
مُورئي: بلڪل ئي. اصل.
مورن: اُڀرن. ڦٽن.
مورياڻ: ڪٽ. ميل.
موريسر: اک ۾ وار. اک جو ڦلو. ڪٽر.
مُوڙ: مُوڙي. سرمايو.
مُوسَٽُ: ڪوڙو بهانو. عذر.
موڪ: جام. گهڻو. ڇڙواڳ. ڪشادو.
موکي: شراب وڪڻندڙ عورت. ڪلالڻ.
مولهيا: پٽڪا. پڳون.
مُونا: گوڏا.
مونڙين: گوڏن سان.
موُنهان: مون کان.
مونهين: مونکي.
موههَ: منهن. مهاڙ.
موهڙ: مهاڙ. منهن.
موءَ: جٽائون. وارو.
مِها: ميها. ڀاڄي جو هڪ قسم.
مَهاين: آزمودگارن. سردارن. بهادرن.
مهارا: مهارو. پلنگ.
مُهاءِ: مُنهن اڳيان.
مَهائين: وريام. بهادر.
مُهت: مان. آبرو.
مَهر: مهار. واڳ.
مِهري: فياض. مهربان.
مُهرو: ٻيڙيءَ جي اَڳيل جو ڪلو (جنهن ۾ پڳهه جو
رسو ٻڌجي).
مُهَڙُ: مهندار.
مهميزون: جُٺيون. ڌڪ.
مُهنِ: ناس ڪن. عذاب ڏين. موهين.
مُهندڙي: موهيندڙ.
مَهيسر: پير مغان. وڏو ديوتا.
مئٿ: ميت. لاش.
مئڪي: مهاڻن جي.
مَئين: ماپين. تورين. ڳَڻين.
مي: شراب. مَدَ.
مَيا: رحم. ٻاجهه. متارا. ٿُلها.
مُيان پوءِ: مئي کان پوءِ.
مياڻيون: اهي جايون جتي مڇي ماري گڏ ڪن.
ميٽ: ميسار. ڍڪ.
ميئاقان: ميثاق کان. ازل کان.
ميڇون: اشارا.
ميخون: ڪليون. نوڪون.
مينڍا: آڏا ڳتيل وار (ڪنواري ڇوڪريءَ جا). وارن جا
موڙا.
ميريائي: عيبدار.
ميڙ: ملاءِ.
ميڙائو: ميلاپ. وصال.
ميڙو: ميلاپ. وصال.
ميس: نفساني خواهش. آڪڙ.
ميکان: ميخون. ڪليون.
مَيَن: سورمن کي. مين متارن کي.
مِيَنَ: اُٺِن.
مَيَنِ: ڀَرِيَنِ. لڳن.
ن
نابودي: نيستي. فنائي.
ناڀُون: ننهنڊون. چنبا.
ناتاريون: ٻيڙين بيهارڻ لاءِ ننڍا لنگر.
ناتر: ٻانهي. تازي تواني.
ناٿ: ڌڻي. سردار. مرشد. گرو. مها جوڳي.
ناڏ: ورلاپ. آلاپ.
نار حامِيہ: ساڙيندڙ باهه.
ناري: دوزخي.
ناريون: زالون.
ناڙيون: نبضون. چم جون رسيون.
ناسوت: سلوڪ جي پهرين منزل.
ناسيندي: اڀرندي. ڪني ڪڍندي.
ناقصبائي: عيب کان. نقص سان.
ناقو: اُٺ. ڏاچي.
ناڪسيءَ: پاڻ وڃائڻ.
ناڪون: نائڪون. تير.
ناڪلاءُ: ’ناڪيلو‘ وڻ.
ناکُئا: خلاصي. ملاح.
ناگهه، ناگاهه: اوچتو.
نانءِ: نماءِ. جهڪاءِ.
نانُ: مان.
نانهن: نيستي. فنا.
نانگو: ملنگ. جوڳي فقير.
ناني: هنگلاج جي ديوي. بيبي.
ناه: نه هئڻ. نيستي.
نائُڪ: تير جي چهنب. چوٽ.
نايئين: تون جهڪائين.
نِبارُ: خالص. نج.
نِبري: ختم ٿئي. ڇڏي.
نِيهي: جٽاءُ ڪري. توڙ پهچي.
نِبيريو: جدا ڪيو. فيصل ڪيو.
نِٻَرُ: نٻل. ڪمزور.
نِتُ: هميشہ.
نِپٽ: بنا ڪپڙي. ننگو.
نَجابت: شرافت. بزرگي.
نجاست: پليتي. ناپاڪي.
نجاه: اوهين پهچائجو.
نجس: پليد. گندو.
نِجهرو: اجهو. جهوپڙي.
نِچ: ڀلي. سَدا.
نِدوري: نڀاڳي.
نِڌان: پڇاڙي.
نِڌاڻ: خزانو. ڌن. گهَر. ڪٽنب. لُڻ.
نِڌر: بي آڌار. بيواهي.
نِڌو: ٻڌل. قابو (نهڻ جو اسم مفعول).
نِرتي: جاچي. سنڀالي.
نِرڄا: بيشرم. نرجا.
نِرڄايون: بيشرمايون.
نرَڳ: دوزخ.
نِرمل: صاف. روشن.
نڙ: وڄائڻ جي ڪاني.
نزديڪون: سندن ويجهو ديدار.
نِسيان: قطرو.
نفي: انڪار. نابُود (ضد. اثبات).
نقرين: شرناين سان.
نِڪ: کوهه تي پاڻيءَ جو چلهو. آواڙو.
نِڪڻي: سکڻي. اڪيلي. فقط.
نِڪڻو: نسورو. ڇڙو.
نِڪون: پاڻي جا دُٻا.
نِڪُونج: ڪُن. گرداب.
نِکتا: نڪتا.
نَکَٽَ: تارن جا ميڙ. برج.
نِکڙايو: نکيٽي ڪريو.
نِکيريو: الڳ ڪريو.
نِڱيا: نِڪتا.
نِلو: رڳو. خاص. فقط.
نَم: ماڪ. آلاڻ.
نِنُ: ليلاءِ. روڄ راڙو ڪر.
نندا: گلا. سامان ٻڌي سفر جي تياري ڪئي.
ننڌ: گهر. آستان.
ننگر: لنگر. ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ جو رسو.
نِوالا: گِراههَ. لقما.
نُوچ: کُتل نظر.
نُورا: پيرن جون ڇيرون.
نوراپن:
ٻڪريءَ جو ڌائيندڙ ڦر.
نوڪون: چهنبون.
نَوم: ننڊ.
نَوڻ: هيٺاهين زمين.
نُونڌين: ليکين. شمار ڪن.
نِهو: بڻ بنياد. نسل.
نِهوڙيو: نابود ڪيو.
نَهيءَ: انڪار. نفي.
نَهي: ٻڌي. قابو ڪري.
نئي: نِمي. جهُڪي.
نَئين: ننڍي ندي. نهر.
نَئي ويا: لڙي ويا.
نِي: ڌوٻڻ. کٽياڻي.
نِياءُ: انصاف.
نياڻ: تلاءُ.
نيڇ: گهڙو. دلو.
نيڊوءَ: اونهو سمنڊ.
نِيرُ: پاڻي. جل.
نيران: نيرن. ناشتو.
نيرانا: بُکيا.
نيڙ: ننڍي نهر. ڪسي.
نيزارا: ڀالا. غمزا.
نيشن: ڇهن ورهين جو جوان اُٺ. وڏو ڏند. همت وارا
جوان.
نيکاري: ڌوئي صاف ڪري. پاڪ ڪري.
نيکيٽي: ڪنوار جو مائٽن کان جدا ٿيڻ.
نِيلُ: پاڻي. ڳاڻيٽي جو وڏو عدد. بيشمار.
نِينس: وٺي وڃينس.
نيڻاه: منهنجون اکيون.
نيهه: ٻيڙي. حڪم. اختيار.
نيهانيون: ٿانو پچائڻ جون آويون.
و
واٽ ٿيا: پنڌ پيا.
واٽيندڙ: ورهائيندڙ.
واجهه وجهي: نهاري. ڪوشش ڪري.
واچا: وچن. ٻولي.
واچائون: سخن. انجام.
واڌاڻي: ٻار جي ڄمڻ جي خوشي. واڌائي.
واڍوڙڪي: ڦٽيلن جي.
واڍوڙيا: وڍيل. ڦٽيل.
واذڪر ربڪ في نفسڪ: پنهنجي رب کي پنهنجي دل ۾ ياد
ڪر.
واريو: موٽايو. ورايو.
واڙ: واڙي. لوڙهو.
واساما: ڳڻتيون. فڪر. گهنگهر.
واشڪر والي ولاتڪفرون: منهنجو شڪر ڪريو ۽ انڪار نه
ڪريو.
واڪ: وس. حيلو. بنهه. بلڪل.
واڪ: پيچ. ور وڪڙ.
واڳجي: ٻڌجي.
واڳِي: لغام.
والله مع الصابرين: خدا صبر ڪندڙن ساڻ آهي.
والعصر: زمانو شاهد آهي.
و اَمامَن
خافَ مقام رَبہ: جيڪو پنهنجي رب
جي اڳيان بيهڻ
کان ڊڄي ٿو.
وانءُ: ونءُ. وڃ.
وانٽي: حصي ۾. ڀاڱي ۾. نصيب.
وانجئا: دور. پري. گمراهه.
وانجهي: ونجهه وارو. ٻيڙي هلائيندڙ.
وانڌا: ورلاپ. واڪا.
وانڊ: ننڍڙو ڳوٺ. وانڍ.
واڻيا: ڳنڍيا. جڙيا.
واهارو: واهرو.
واهيري جي وير: نماشام.
واهوندن: ڏکڻ
اولهه جي هوائن (جي سياري بعد لڳن).
واهيت: نگهباني.
واءِ: افسوس.
وائٺ: چڪاس. جاچ.
وائنٽيون: بيرقون. جهنڊيون.
وائو: ذڪر. بيان. بولي.
وائي: ٻولي. آواز.
وائي پيا: وات پيا. تڪرار ڪيائون.
وَتواصوباالحق تواصوبالصبر: پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهو
حق ساڻ، ۽ پاڻ
۾ صلاح ڪندا رهو استقلال ساڻ.
وِتر: هيڪڙائي. هڪ.
وِترو: وڌيڪ. گهڻو.
وِتريون: گهڻيون.
وَتعز من تشاءُ وتذل من تشاءُ: جنهن کي وڻيس تنهن
کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي ذليل ڪري.
ويتو: اجايو. ضايع.
وَٿ: شيءِ. مهلائتي چيز.
وَٿاڻ: مڪان. لوڙهو.
وَٽَ: ونڊ. ساک. تحفو. ڀاڱو.
وَٽيُون: ڪِناريون. ڪَنيون.
وجود: هستي. خودي.
وجہ: صورت.
وِڄا: علم. هنر.
وِڄري: پگهري. بيقرار ٿي.
وجهلڻ: ڳرڻ. بيقرار ٿيڻ.
وجهيوڪاڻ: اڻبڻت ڪريو.
وِجهلي: سور ۾ ڳري.
وِچِينِ: ٽِپهري.
وڇار: وڇن وارو. ميهار.
وحدتا: وحدت مان.
وحده لاشريڪ لہ: هو (ڌڻي) هڪ آهي ۽ ڪوبه جهڙس
ناهي.
وحوسن: جهنگلي جانور. مروئن.
وداع: موڪلاڻي.
وَڌ لهي: وڌ قيمت لهي.
وڏاندرا: وڏا. مضبوط. عمدا.
وڏاڻ: ساز. واڄو.
وڏياءِ: تنهنجو وڏايون.
وِڏوڻو: ڪاوڙيل.
وِڏوڙا: وِڏوڻا. ڪاوڙيل.
وِڏيت: وڏ ننڍائي. سبب.
وَڍُ: زخم. گهاءُ. وِٿي.
وَڍي: وڍيل. ڪيل.
وَرِپيو: هٿ آيو. حاصل ٿيو.
وَراڪو: پيچ محبت جو.
وَراڻ: آسودگي. سُڪار.
وَرت: کوه مان پاڻي ڪڍڻ جو رسو.
وِرڄي: بي آرامي ٿئي. ورچي.
ورچائي: بيزار ڪري.
وِرد: وظيفو. لازمي ڪم.
وِرسيا: ڀليا. گمراهه ٿيا.
وِرساياس: ڀُلايس. گمراهه ڪيس.
ورڪن: ڦڙڪن. لڏن.
وِرک: وڻ.
وَرم: ضروري ڪم. سودو.
وِرِمن: ديرڪن. ترسن. روڪجن.
وَرَن: رنگ.
وِرنائي: قبولي. اونائي.
وَرَنِهه: چڱو مڙس. جوان مرد.
وَريام: پهلوان. بانڪو. بهادر.
ورونهن: وندر. پچار.
وروڻيون: سڪي ويون.
وروهڻ: وندرڻ. ريجهه رهاڻ.
وِره: درد. غم.
وَڙُ: ڀلائي. احسان. جنس. بُڻ.
وَڙال: ڳولا ڦولا. پڇا ڳاڇا.
وڙاهه: وڻاهه. نقصان.
وڙاءُ: وڙائي. جڳائي.
وِڙائِتي: وڙن واري. لائق.
وَسَ: وسندي. آبادي. وسڪار.
وِسامي: ٿَڪِجي. بيحال ٿي.
وِساڻي: اجهاڻل. ٿڪل. پروس.
وسوڙل: ڳهلي. موڙهل. سادي.
وِسَہُ: ويساهه ڪر. اعتبار ڪر.
وَسِيل: وسيلو.
وصالي: وصال جا طالبو.
وظيفا: ڦيڻا. دعائون.
وَ في انفسڪم، افلا تبصرون: (خدا جي قدرت جون
نشانيون) اوهان جي اندر ۾ آهن، پوءِ اوهين ڇو نٿا
چتائي ڏسو.
وِڪر: ڳڻتي. فڪر.
وڪني: ڪڪ. بيزار.
وکار: گدام. سراءِ. مال رکڻ جي جاءِ. مال وارو.
وَڳڻ هلڻ. رلڻ.
وَل: هر ڏي. پوک.
وِلِ: وِلهه. ٿڌ.
وِلاڙ: پير جي جانچ لاءِ آڏو وڌي پير کڻڻ.
وِلِٽِي: پوئتي موٽي. پُٺ ڏيئي.
وَ لسوف يُعطيڪ رَبڪ: تنهنجو رب توکي ترت عطا
ڪندو.
وِللين: بڪواس ڪرين. وڦلين.
وِلوڙا: کير جا ولوڙا. کير ولوڙڻ.
وِلها: غريب. ڪنگال.
ولهارن: سبز ميدانن. ماٿرين.
وَلِهو: محبوب. ڀتار. مڙس.
وَمَ: جئن مَ. متان.
وَمُ: درياءُ.
وِماس: فڪر. ڳڻتي. ويچار.
وِماسيا: فڪر ۾ پيا. منجهي پيا.
وناهيو: شادي لاءِ سنڀرايو. وناهه ۾ ويهاريو.
وَنحن اَقرب اِليہ من حبلِ الوريد: اسين انسان کي
سندس ڪنڌ جي رڳ کان به ويجها آهيون.
وِنڌيان: سِبان. رفو ڪريان. تُنيان.
وِنڌِين: سوراخ ڪن.
ونڪَ: رنگ. چمڪ. تجلو.
ونگس: سهڻي سياڻي زال.
وِنگسيو: سوگهو ڪيو. ونگيو.
وَنهيان: سُکيا.
وَڻاه: اي وڻ!
وَڻاءِ: ورن يا رنگ واريون. اهڙي نموني جون.
وڻائون: وڻن کان.
وڻڪار: لس
ٻيلي ۾ وڻڻ جي هڪ جوءِ جو نالو. وڻراه.
وڻِواند: مهڻي هاب. ڪميڻي.
وڻِي: وڻج ڪري. سودي.
ووڙ: ڳول. ڏور. نهار.
ووڪِ: ڪوڪ. رڙ. دانهن.
وَههَ: پاڻيءَ جو وهڪرو. تک. درياءَ جي سير.
نينهن.
وِهاٽي: موڳو ڪري. اوراٽي. غش ڪري.
وِهاڳ: اسر جي راڳڻي. پرڀاتي.
وَهان: عمل ڪريان. هلان.
وِهانوَ: صبح جو تاررو. سوديندڙ.
وهرون ڪرڻ: مٿا هڻڻ. زور ڪوشش ڪرڻ. آرام ڪرڻ.
وِهسن: خوش ٿين.
وِهِڪئي: کير بند ٿئي.
وِهلا: جلد. سگها.
وَهلور: بيزار، تنگ.
وِهلوريا: بيزار ٿيا. پريشان ٿيا.
وَهُ لڳو: اُڪِير ٿي. نينهن لڳو.
وَهون: زالون.
وَهيڻو: هٿ وس. اختيار ۾.
ويءُ: گاه وارو ميدان.
وِياءَ: اولاد.
وياڇي: چَئي. اوري. ڳرهي.
ويڇون: حيران. هلاڪت. ڏکيائين. جدا. ذرا ذرا. پرزا
پرزا.
ويڌ: ويڌن. تڪليف.
ويرا: انهيءَ مهل.
ويراڳ: فراق. وڇوڙو.
ويراڳي: تاڪ فقير.
ويرو تار: هردم. هميشہ.
وِيري: کوهي.
ويڙهه: مارن جو ملڪ. گاهه جي جوءِ. ماڳ.
ويڙهو: گهر. پاڙو.
ويڙيجهپ: هڪ
ڳوٺ جو نالو (جو ڏيپلي تعلقي ۾ آهي).
ويڙيچن: وطن وارن. جهانگين.
ويڙيين: ويڙن ۾. وطن جي ماڳن ۾.
ويساند: آرام. ساهي. صبر.
ويساهي: دوکو ڏئي.
ويساهين: ساهه
پٽڻ. آرام ڪرڻ.
ويڪ: ڪشادگي. ويڇو. تفاوت.
ويلا ڪري: وقت گذري وڃي.
ويلو: ويرم. دير.
ويلهه: اڻ هوند. بُک.
ويٺ: وهڪ. گهر. بيٺڪ.
ويڄ: طبيب. ڏاهو.
وِيمو: مٽاسٽا. وڻج واپار. ذمو.
وِيَنِ: ويامن.
وينتي: عاجزي. منٿ.
وينجهار: جواهرن کي ٽنگ ڪڍندڙ. عاقل. داناءِ.
ويڻ: مهڻو.
وَبَيَتَ: بنا. کان سواءِ.
وَبيَتَ واهر: بنا واهر. بيوس.
هه
هاتڪ: حاذق. هوشيار. ڏاهو.
هايون: هلاڪت. نقصان.
هار: آڌار. آهر.
هاريا: نادان.
هاڪ: ساراهه. هڪل.
هالار ڌڻي:
هالار (ڄام ننگر) جو سردار. جادم جکرو.
هالاري: هالار
جو رڱيل ڪپڙو.
هالورا: جهلڪو. چمڪاٽ.
هام: دم. دعويٰ.
هاهر: اٺ جي هونگار.
هاڻون: ڌاڙيل. ظالم.
هاواڻا: هل. دهشتون.
هائي: باهه. اوڙاهه. دوزخ.
هٿڪڙول: هٿڪڙيون.
هٿ هڻن: پڇتائين.
هَٺ: جسم. هاٺي.
هِجي: شد مد سان پڙهڻ.
هڄ: عذاب سَههُ. تڪليف ڪڍ.
هڄي ويا: فنا ٿي ويا.
هَڏ: جسم. رت ڀائي. مائٽ.
هَڏ: ماڳهين. موراهين. هرگز.
هڏاڪُٽيان: ’هڏاڪٽي‘ ڳوٺ کان.
هُرَ: سار. يادگيري.
هَرائِي: هيڻائِي. هَلڪڙائي.
هر ڪس: هر رنگ جا.
هر کئين: ڀنڀلئين. ڀلجي پئين.
هرنام: ’هري‘ جو نانءُ. سلام.
هُري: ياد اچي.
هريا: ساوا. آلا. تازا.
هڙده: ارڙهن.
هَڪئو: تيار.
هَڪُون: روڪون. اڪون.
هَڪيا: حاضر. تيار.
هُڳاءُ: بوءِ.
هُلاچو هل: غوغاءَ. آواز.
هَم: غم. ڏک.
هماءُ: هڪ قسم جو خيالي پکي.
همہ: سڀني. سڀ.
همير: امير. سردار.
هناڪ جسمي والفوادلديڪم: منهنجو جسم هت آهي ۽ دل
اوهان وٽ.
هنڊوا: مينهن وساوڙا (ڳاڙها جيت).
هُنگ: هُونگار. هڪل.
هِنگلور: هنگلاج.
هِنهان: هن کان پوءِ.
هِنئار: هن سال. هينئر.
هَڻِي ويا: ڦري ويا.
هوائون: وهم. اجايا خيال.
هوائي: نابود. خام.
هوتُ: بلوچن جي ’هوت‘ قبيلي جو فرد. پنهون. محبوب.
هوتاڻي: ’هوت‘
بلوچن منجهان. پنهون. محبوب.
هور: هرکر. کُٽڪو.
هورا: ڳڻتي. انتظار.
هوڙاڪ: هوڙو. ننڍي ٻيڙي.
هول: ڊپ. فڪر.
هُونِ: هُجن.
هُون: مان. آءٌ.
هوندو: جيڪي موجود هجي.
هِئان: هِتان.
هئائين: هِتائين.
هُئڻ: هٺ. هستي.
هيجانِ: هيج مان. پيار مان.
هيج هوج: هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ.
هيدي: اٺ جي واڳ. پاکڙو.
هيرئون: هريل.
هيڪاند: ميلاپ. گڏجاڻي.
هَيَنِ: مُيَنِ. مُٺِيَنِ.
هَهات: افسوس. هاءِ هاءِ.
هَيهاتَ هيهاتَ لِما توعدون: هاءِ شل (پري هجي)
اها ڳالهه جنهن جو توهان کي ڊپ ڏنو ويو آهي.
(پورو ٿيو) |