سُر سسئي آبري
داستان پهريون
(1)
اَوَلِ آخِرَ آهِ، هَلَڻُ مُنهِنجو هوتَ ڏي،
پورِهيو سَندو پورِهَيتين، والِي! ڪِيم وِڃاءِ،
ٿَڪِيءَ ٿورو لاءِ، جِئن جِئري مِلي جَتَ کي.
(2)
ڏَري ۽ ڏاري، سَٽَ سُورَنِ جي سَسُئِي،
پييائِي پُنهُون ڏي، نِرمَلِ نِهاري،
لالَنَ جي، لَطِيفُ چَئي، سُونهن سَتي ساري،
پِرِيتڻون پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.
(3)
جي سِجهائِي سِڪَ، تَه پُڻ سِڪي سَسُئِي،
پيتائِين پُنهونءَ سين، هَڏِ نَه ڀَڳِيَسِ هِڪَ،
اِنَ تَڙ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.
(4)
پَسِي جهاجههَ جَمالَ جي، جَنِين پِيتي پِڪَ،
اَپَرِ آڳانجهو ٿِيو، سُور اُنِهين کي سِڪَ،
هَڏِ نَه ڀَڳِينِ هِڪَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
(5)
مَحَبَتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَن تَشنگِي تار،
پي پِيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اُتِيارِ،
پُنهُون پاڻَ پِيارِ، تَه اُڃَ سين اُڃَ
اُجهائِيان.
(6)
مَحبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَڻَ پَرَچا ناهِ ڪو، ڪِنهن جِنهن ڏاهِ ڏَڀَنِ،
تِنهن نِهايَتَ ناهِ ڪا، جِنهن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلانهن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
(7)
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندَرَ لَهي نَه اُڃَ،
پَسَڻ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائي سُڃ،
تيلانهن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
(8)
ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي،
اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃيو اُنِ کي.
(9)
پاڻِيءَ مَٿي جهُوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نَه لَهَنِ،
دمُ نَه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪَنِ مُٺَنِ جِئن.
(10)
سَسُئي ڪِينَ سَمُجهِيو، اوري آريءَ ساڻُ،
ڪَري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
(11)
لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪ مِڙوئِي لَهَسِيو،
اُڀَنِ مَنجهان آئِيو، ”هَئي هَئي“ جو هُڳاءُ،
طيُورَنِ تَنواريو، پُنهُونءَ پُڄڻاءُ،
رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحوشَنِ وَٽاءُ،
مِرُوئَنِ موتُ قَبُوليو، اَپَرِ اَفَسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڍيا آريءَ لَئي
گهَڻُون.
(12)
مُهند مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيج،
ڪُٻيلياڻِي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هَلائيج،
پاڻان ڌارَ پِريَتَڻُون، سَسُئِي! ساڻُ کَڻيج،
اوڏي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيج،
نا اُميدي نيج، تَه اوڏي ٿيين اُميدَ کي.
(13)
مُهند مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي هَلُ،
عُذَرَ خواهِيُون، عاجِزِيُون، سَسُئِي ڪنهن مَ
سَلَ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئون ري ڪونهي لَلُ،
اِي ڀَلائِيءَ جو ڀَلُ، جِئن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ
کان.
(14)
وِهُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪَر ڪو واڪو وَسُ،
ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو.
(15)
وِهُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هَڏ مَ هَلَ،
ڪوڙي ڪِجَ مَ ڪَڏِهِين، سَچِي ڳالهه مَ سَلُ،
جانِبَ لَئي مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي!
(16)
سُکين ٿِي مَ سَنَري، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ،
پَٽِي ڪَرِ مَ پانهِنجو، گهوري! اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري! هَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيءُ جِيارِئين.
(17)
سُکين ٿِيي نَه سَنَري، ڏُکين تان نَه ڏَري،
اوري هَڏِ نَه اُڀيي، پُري تان نَه پَري،
سَرَتِيُون! ٿو نَه سَري، ٻِنهين ريءَ ٻانڀڻِ کي.
وائي
(1)
تَنَ مَنَ مَنجههِ تَنوارَ، هو يارَ! سَدا آهي
سِڪُ جِي.
تِئن چِڻِڪَنِ چِتَ ۾، جِئن سا گهُنڊيءَ لارَ،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
لَڳي اُڃَ اَکِينَ کي، سِگهو موٽ، سَتارَ!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
پَسان ڪِينَ پِريَتڻُون، ڪاڏي پِرتِ پَچار؟
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آهِيان آهِئان ڌار،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻي آڌار!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
ڏِيان خيزُ خِزان ۾، جي تو مَنجهِه بَهارَ،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
مُضِر تان مُون کي ڪِيا، حَڪِيمَنِ هَزارَ،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
دَوا آهِيين دِلِ جِي، وارو واقِفَ ڪارَ!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، مَعجُونُون موچارَ!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
وائي
(2)
مُون کي تان جهَلَ مَ پائِيو، وو جيڏِيُون!
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
هِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺيءَ تان سَڀِ
لاهِيو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
آهي عاجِزِنِ تي، پَسَڻَ سَندو ساعِيو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نَه مُون ڀَؤ، نه
ڀايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
وِهاري وَطَن ۾، شُهدِيَ کي مَ سِڪايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙهيءَ هِيءَ هَلايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
مُنهنجو پَنڌُ پُنهونءَ ڏي، ريبي تان مَ رَهايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
داستان ٻيو
(1)
هيجَ نَه هُوندو جَنِ، سي ڪِئن وِندرِ وِيندِيُون،
وِهو وِچ رَهَنِ، سَهَسين سَڌُن وارِيُون.
(2)
سَڌائِتِي سَڀڪا، بُکَ نه باسي ڪا،
جيهِيءَ تيهِيءَ ذات جي، جُنبَشِ ڪانهي جا،
مُون سين هَلي سا، جِيءُ مِٺو جا نَه ڪَري.
(3)
ڪيچ نَه جُنبَڻَ جاءِ، تَه ڪا هَلي هوتَ ڏي،
مُون سين هَلي ساءِ، جا جِيءُ مِٺو نه ڪَري.
(4)
آتَڻَ ۾ پِرياڻُ، هو سَڀَنِي جيڏِيين،
مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندي ڇَپَرين.
(5)
سُکَنِ واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،
اَندَرَ جَنِين اَڌ، ڏُونگَرَ سي ڏورِينديُون.
(6)
ڀَينَرُ! آئُون ڀوري، مُون سَڱ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جِهڄَڻُ ۽ جهوري،
لَڳِي جَنِ لوري، ڏُونگَرَ سي ڏورِينديُون.
(7)
اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، مُون سَڱ سُڃاڻِي نَه ڪيو،
هُوندَ نَه سَٺِيَم هيتَري، ڪوهِياري جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِهاڻِ، جِيُّ اَڙايُمِ جَتَ سين.
(8)
ڏُونگَرَ نَه ڏوري، سِڪَڻَ جِيُون سَڌوُن ڪَري،
ويٺي گهَر گهوري، مَٿان پِرِينِ ڄِندَڙو.
(9)
وَريِتيُون وَرو، آئُون نَه وَرَندي وَرَ ري،
جاڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگهِينديَسِ تَرو،
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهُن نِبيرو نَه ٿِيو.
(10)
وَڃو سَڀ وَري، آئِين جي وَرَنِ واريُون،
ڦوڙائِي فِراقُ جِي، سُڄي ڳالههَ ڳَري،
ٻُنڀان جَنِ ٻُري، ڏُونَگَر سي ڏورِينديُون.
(11)
وَڃو سَڀ موٽي، آئِين جي وَرَن وارِيُون،
ڪانَ هَلَندي ڪيچ ڏي، ڪَرِيو مَ کوٽِي،
ڪَڍِيَمِ ڪاڇوٽِي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لَئي.
(12)
دُکائيندي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻاني وَڃُ،
پِرِيتَڻُون مَ ڀَڃ، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين.
(13)
اَڄُ مِلَندِيَسِ ماءِ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپَڙا،
جِيجان! جوڳِياڻي ٿِيان، مُون کي جهَلَ مَ پاءِ،
هوتَ ٻاروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.
(14)
سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، هَڏَ پُڻ ڏُکَنِ هوت
لئي،
پِرِيَنِ جي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَه ڏِينِ،
جي ماڙُهنِ کي مارِينِ، تَنِ سُورَنِ کي سَڏ
ڪَرِيان.
(15)
مُون کي ڀانئي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا هَليا،
اَڳيان اُٿِي اُن جي، خُوب نَه پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪي ڳايَمِ ڳاچَ،
سا مُون هٿان نَه ٿِئي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلَ! آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻاروچي وِتَرو.
(16)
تو جو ٻولُ، ٻَروچَ! ويهي ڪيو وَڻڪارَ ۾،
سوئِي پارِج، هوتَ! وِلهِيءَ مُون معذُورِ سين.
(17)
پِهرِين تُون پاريج، پارڻُ پوءِ پُنهُونءَ تي،
ٻولُ مَ وِساريج، هو جو ڪيوءِ هوتَ سين.
(18)
جان ساماڻِيئن، سَسُئِي! تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، ٿِي بيگارياڻِي بَرِ،
ته وِيندي پَوئِي وَرِ، اَڳِيان هوتُ حُضُورَ ۾.
(19)
توسين ٻولَ ٻَهُون، سَهَسين ساڄَن جي ڪَري،
ڪَندِئين توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳَيڙُءِ نِينهن جو.
(20)
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَهين سَسُئِي،
ڪَندِئين ڪَههُ ڪيڻان، جَهه سي اُنِ اورانگهِيا.
(21)
سِڄَ اُلٿَي سَسُئي، رَتُ وَرَڻُون روءِ،
پَهِي نَه پانڌي ڪو، جِنهن ڪَر پُڇي لوءِ،
مُوڙهِي وَڃي توءِ، موٽَڻ جي ڪانَ ڪَري.
(22)
ڇُلان، مَنجهِم نَه ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪڻان؛
مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هَڏِ هَڻِي ڪيو.
(23)
پيرين پِيَمِ پُرڪڻان، رَهَ ۾ رَت رُنومِ،
پاراتو پِرِينِ کي، تَپِي تان نَه ڏِنوم،
چُڪِي تي چَيومِ، ”سُواهَرُو“ سَڄَڻين.
(24)
چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جاڳائي جيڏيُون،
وِيئڙو ساٿُ وَهِي، تو نِنڊائِي نَه لَهي.
(25)
چُڪَسِ سَڀ چَئِي، ماڙهُو شَهرَ ڀَنڀورَ جا،
سا موٽي ڪِيئن مُئِي، جِنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي
وِيا.
(26)
موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِين،
پَرِيَٽِ پِهري پُورَ، نيئي پُهچائي پُنهوُنءَ کي.
(27)
موٽَڻَ جِي مَصلحَت، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون،
نيهارِيندِيَسِ نِڪَري، آرِياڻِي اَلبتَ،
ڪَندِيَسِ اوٽَ عَيبَ جي، لَڪَن ڏيئي لَتَ،
سَرَتِيُون! شَرِيڪَتَ، آئوُن ڪيئن آگَن سين
ڪَريان.
(28)
موٽي مَران مَ، ماءِ! موٽَڻَ کان آڳي مَران،
لُڇي لالَنَ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.
وائي
(1)
مَعلُومُ حالُ، حبِيبَ! مُون کي دَردُ قَدِيمِي،
وو!
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
آلُودي آزارَ کان، توريءَ ٿِيَسِ طَبيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
شادي ڏِيين صِحَتَ جِي، غَمِي لاهِ غَرِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
آهِئان ٿِي آهُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجههِ نَصِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
ڪاهِلِ آهِيان ڪُوَڙي، رَسِي لاهِ رَقِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
حاذِق آهيين هِنَ جو، اَچيين شالَ عَجيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
دَوا آهيين دِلِ جِي، پُڇِ پُچ رَهِيَسِ طَبِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
وائي
(2)
ڳالِهيُون هوتَ ٻاروچي ساڻُ،
وو! مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، سَڱَ تُنهنجي ساڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
چَڙهِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرزا ڪَندِيَسِ پاڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڄامَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، سَندو نِينهَن نِڌاڻَ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
نَصِيبُ ڪَر سَسُئِيءَ کي، پُنهُون، اُٺَ وَٿاڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
داستان ٽيون
(1)
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاهِ، جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻِي وَهين،
لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، پُٺِيءَ ڪيچِين ڪاهِ،
پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي بَلوچاڻِي باهِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جو، آسَرُ هَڏِ مَ لاهِ،
جو آکِيَئُون اوڏو آهِ، سو پِرِين پَراهُون مَ
چئو.
(2)
هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو، سي رَسيُون،
ساجَن سُونهن سُرِتِ، وِکانئِي ويجهو گهَڻُون.
(3)
جيڪُس ياد ڪِياسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلدُ جَريدي پَنڌُ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِياسِ،
وَڃِي ڪيچ پُنياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجهَه سين.
(4)
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائو، جَمُرَ، جَرَ،
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي دَمِدَمِ تَپِي ڌَرَ،
ويچاري ڏي وَرَ، پيرُ نَه لَهي پِرِينءَ جو.
(5)
وَڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عبدُاللّطيفُ چَئي، ڪيا هيڪَلِين حِيلا،
جِتِ ڪُڙَمَ نَه قَبِيلا، اُت رَهَبَرَ رَسِج راهَ
۾.
(6)
ويچاريءَ وَڻِڪارُ، اَڳَ نَه ڏِٺو هو ڪَڏهِين،
مِهَرَ نَه هُئِي ماڙُهئين، هو سَڀُ هِندوڪارُ،
جَتُ ڪيائُون يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرتِيُون.
(7)
واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، جِتِ جَبَلُ جو راڻُون،
اُتي عَبدُاللّطِيفُ چَئي، سُڄي سَفر سٽاڻون،
پِهروئِي پاڻون، سَوَلو ڪَرِيين ساٿَ جو.
(8)
واقِفَ نَه وَڻِڪارَ جي، باري سُڄَنِ بَرَ،
وَرُ، وَسِيلا سُپِرين! ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَهج، لَعلُ لَطِيفُ چَئي، ڪانڌَ مُئي جِي ڪَرَ،
وِلهِي ڪَري وَرُ، مَڇُڻِ مارَڳِ ڇَڏِيين.
(9)
واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جي، اَڳَ نَه ڏيههُ ڏِٺومِ،
ڏُوُنگَرَ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ري ڪُٺومِ،
جيلانهن مُحب مٺوم، تي ڇُلُون ڪَريان ڇَپَرين.
(10)
واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءَ کَنيُمِ نَه
پاءُ،
جَبَلُ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لَڪُ، لَطِيفُ چَئي، مَعذورِنِ مَٿاءُ،
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلي آهِيان.
(11)
سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِيو، اسان اولاڻُون،
پَنڌَ نَه پُڄاڻون، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.
(12)
پَسو! پَرائَنِ، سُورَنِ اَڏي سَسُئِي،
پَرايا پَهِجَنِ، وِجهَنِ ويچاريءَ تي.
(13)
مُنڌَ نَه مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪَ لُڏَنِ جي،
جا پَرِ کاهوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئي.
(14)
مُنڌَ مَ مُنَهِن ويههُ، اُڀِي اوسرُ اُسَ ۾،
تو سيئي سيڻَ ڪيا، ڏوُر جَنِين جو ڏيههُ،
پاڙي پاڙي پيههُ، وَتُ پُڇَندي پِرِينءَ کي.
وائي
(1)
هو جي هَلِيا هوتَ، سُونهارا، مُون نَه وَهِيڻان،
پُنهُونءَ سَڱِيڻان.
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.
اَن ڪي ويندا گَڏِيا، آرِياڻِي اِهَ پارا،
مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا،
مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.
وائي
(2)
ڪَرَها مَ ڪاهِيو، مِيان ڪيچِي!
آئُون آرِياڻي عَرضَ چوندي:
ڪَري هوتَ هَلَڻَ جِي، لوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلَهِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،
پاسي ۾ پَرِيَٽِ جي، جهيڪي اُٺَ جهُڪايو،
وِلهِيءَ جي وِهانَ ۾، واڄَٽ سَڀِ وَڄايو،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، پَنهنجِيُون پاڻَ پَراهِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! صورَتَ کي مَ سِڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَهرَ جا، مَعذوُرِ کي مَرَڪايو،
پُنهُون ڄامَ پَرِيٽِ سين، ويهي سُورَ وِراهِيو،
لاهي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندو گهوٽُ وَناهِيو،
پُنهُونءَ ڄاڃيئڙَنِ کي، رَڌي کيَڻَ کارايو،
پُرڻائي پُنهوُنءَ کي، نيکيٽِي نِکڙايو،
ٻيلي ٿِي ٻانڀَڻ سين، ڏکيءَ ڏيج ڏيکارِيو.
داستان چوٿون
(1)
جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنَگَلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ،
آرَکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُل پَسِي ڪانڌَ جو.
(2)
دَردُ نَه لَهي دارُئِين، زُلفَ زورُ ڏنوم،
ڪاڪُلُ ڪالَهه ڏِٺومِ، رُخساري تي روُپَ سين.
(3)
ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏِٺُمِ ڪالههَ،
هَئي تَنهين جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪيُون.
(4)
پَرِينديئِي پاڻُ وِيو، زُلفَ ڪيس زافُ،
سَندو ڪاڪُلُ ڪافُ، ماري مَعذُورِن کي.
(5)
هاڻِ نه جِيان جِيڏيُون، زُلفَ زافُ ڪياسِ،
ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾.
(6)
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تِنهن ڪِين ٿِئي،
مَنجههِ شَهادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.
(7)
ڏَکا ڏونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِن تي،
توتي لَڄ لَطِيفُ چَئي، آهي سَندي عامَ،
مارِ مَ، چئِي مَعذور کي، وَهِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِج پِيادَينِ سين، اَللهَ لَڳِ عَلامَ!
جا نَوازي آهنِجي نامَ، سا هوت مَ ڇَڏِجِ هيڪَلِي.
(8)
ڏَمَرَ، ڏُونگَرَ ڄامَ! سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪَ سين،
ڪيهي ڪُلفَتَ تِنهن سين، جا گولِي آهنجي گامَ،
وَرِج وِيرَ وَرِيامَ، مُنهِنجو اَچَڻُ اَن ڳَري.
(9)
ڏَکا ڏُونگَرَ لاهِ، آئُون آڳُ مُئي آهِيان،
آرِياڻيءَ سين آهِ، ذاتِي سَڱ ضَعيف جو.
(10)
پيرَ پَٽائِين ڪوُنئرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِير جا، سِيرُون ٿِيَڙا سي،
جِهڙي تِهڙي حالَ سين، پُري پُنهوُنءَ ڏي،
وَڃِي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جِنهن سين.
(11)
پيرَ پَٽائِين ڪُونئرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
پاڻُ نَه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙَهي ڪيچِينِ کي،
هاڙهو هوتَ پَري، ڪُهه ڄاڻان، ڪِئَن لَنگهِيا.
(12)
سُمَهَڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏوئِي ٿِيو،
پِرِيَنِ جو پاڙو، مُون سين نِنڊَ نِبيرِيو.
وائي
(1)
مُون اَنڌيءَ ڏي اِيندا، هوتَ سلامَتَ سُپِرِين.
پَلءِ لائي پانهِنجي، نِيّ کي اُتِ نِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
سَڱَ نَه ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
رَکِي ڳَلُ ڳَلَنِ تي، نِينهن نياپو ڏِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
پَرِيَٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇوري تان نَه ڇَڏِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
وائي
(2)
ادا ڙي ڏوٿي! آئُون پڇان تو ٿِي:
ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِئن، ڏَسُ مُون ڏي.
نَه سَمِي، نَه سُومَري، نَه آئُون جَتِ، اوٺِي،
آئُون اُنِهين مان آهِيان، جي ٻانڀَڻَ پَڙهَنِ
پوٿِي،
پرٽِ ٿِينديَسِ، پِرِين پُڇندِيَسِ، پَڇاڙِينديَسِ
پوتِي،
سَنجهي وِنڙو سُپِرِين، ساڄَنَ پُڇان سو ٿِي،
ساجهَرِ ساٿُ پَلاڻيو، تو پَلاڻيو پوءِ ٿِي،
هِتان ٿي هوتُ وِيو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
هَلِجِ هوتَ پُنهون ڏي، منجهان نِينهن نِڪو ٿِي،
اُتَڻَ وِجهِي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِن جوءِ ٿِي،
سَنجهي ساٿَ سِڌارِيو، پُنهُون پُڇان پوءِ ٿِي،
رويو رُئان رُڃَنِ ۾، هَئي هَئي! آئُون هِتِ ڪوهُ
ٿي؟
داستان پنجون
(1)
ڏورِ مَ ڏيههِ وِيو، پيرُ تُنهنجي پِرِينءَ جو،
وَهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪيچِين ري ڪِهو،
وِندُرِ جو وِيو، سو اللهَ! واري آڻِئين.
(2)
وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَنڌَن سَندرا،
ٻِيُون ڪوهُ ٻَنڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِيندِيُون.
(3)
ڏيههُ ڏيهائين ڏورِ، پَرڏيهان پَري ٿِيا،
سيڻنِ ڪارَڻِ سَسُئي، پيئي پُراهيين پُورِ،
تُون وَڃين هوتَ حُضُورِ، مُنهنجو جِئڻ جيلاهِين
ٿئي.
(4)
هيڪانديءَ هوئِي، اُٿِي رات رَوان ٿِيا،
ساهُ سَڳي م سُورَ جي، پُنهُون وِيو پوئِي،
رَهُ، قَضا! دَمَ ڪوئِي، تَه هيڪَرَ هيڪاندي
ٿِيان.
(5)
هَڏِ نَه ساهُ سُڌِيرُ، دِل درماندي دوسَ ري،
پائي وِئَڙا پِرت جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِي، جُسو جاڳِير، هاڻي مِلڪَ هوتَ جو.
(6)
عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارُڳِ جي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
(7)
وَڏو طالِعُ تو، جِئن ليڳئين پير پُنهوُنءَ جي،
سَسُئي! اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،
ويٺِي هِتِ مَ هو، هَلين ته هوتُ لَهين.
(8)
ويٺِيَنِ ناهِ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونهي سَڱُ،
هوتُ هَلَندِيَنِ کَٽِيو، جَنِ اَنگنِ چاڙِهيو
اَنگُ،
سي پاسي پَئي ڀَنگُ، رِڙِهِي ڄامَ رَسيُون.
(9)
ويٺي وَر نه پُون، سُتي مِلَنِ نَه سُپِرِين،
جي مَٿي رَندَن رُوُنِ، ساڄَنُ مِلي تَنِ کي.
(10)
ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهوُنءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لئي جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ، لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جهَڙي،
پَڻِيءَ تان نَه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ اِيئن ڪَري.
(11)
ڪِ ڪِي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ ڪَڙهان ڪيچَ ڌَڻِينَ
لئي،
اِي ڏنئُون ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پَراهان وِيا.
(12)
ڪَڙَهُ پُڻ ڪيچَ ڌَڻِينِ لئي، ڪَڙ پُڻ پيرَ
سَندانِ،
اِنَهِين پَرِ اُتانِ، پُوندِئَن مُنڌ! پهاڙَ ۾.
(13)
سُورَنِ سِجهائِي، چِيلههِ ٻَڌيو چوٽيين چَڙهي،
سَڱ پِرِيان جي سسئي، ميڙي مِلائي،
لَڌائين، لَطِيفُ چئي، لالَن ليلائي،
ٻانڀڻِ ٻاڏائي: ”حَبِئان واريو هوتَ کي!“
(14)
رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽانڪِيو چَڙهي،
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، هَلِي ڏانهن حُضُورَ،
رَهِيا سَڀ رُڃُنِ ۾، سَسُئِي جا سالُورَ،
ساجَنَ ميڙِيَسِ سُورَ، سُکُ نَه ميڙيُسِ
سُپِرِين.
(15)
مَنجهان پَئن پَروڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ، سَسُئِي!
ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجهِجِ ڌُوڙِ،
تَه تُون ماڻيين مُوڙِ، جي پِندِ اِهائي پاريين.
(16)
لُڇِي، ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ انَدوهَ ۾،
پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَنَ جو، لَطيفُ چئي.
(17)
پَرِيائِي تَه ٻاري، ڦُوڪِ تَه لَڳي اَنبرين،
هِتِي جي هُئڻَ جِيُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ،
سَمُوري سَرِڪارِ، نِيئِي رَکِجِ ناهِ ۾.
(18)
قَد ٻَڌي، تُون ڪِينَ، پَهُچَندِئن پُنهُون سين،
جِئن سِينُون ساهيين، سَسُئي! ٿِئين تَهواروُن
تيئن،
مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِين، هِمتَ هوت وِڃائِيو.
(19)
ٻَلَرِ لڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِيي،
سا مُنڌَ مَري نَه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻَ،
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙي سَيّدُ چَئي.
وائي
(1)
باروچان ٻاجهه گهڻي، آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين،
آئُون پَنهنجي پِرِينءَ سين، وِيندِيَسِ واڳَ
وَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
مَرُ تان پويِمِ مُنهن ۾، سَندي پِي پَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
ڪونهي هِن ڀَنڀورَ ۾، ڌاران دوسَ ڌَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
هَٿان هَڏ نَه ڇَڏِيان، آريءَ جي پِ آڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
آهي هوتَنِ هَٿَ ۾، سَندي جِيءَ جَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان
ڇَپَرين.
ڪِينَ وِرِمِيا ڪِٿَهين، ڄُليا ڄَڻَ هَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
مُون کي ڪوٺِيو پاڻ ڏي، هادي هَٿُ کَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
پُنهوُنءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناهِ ٻَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
تو ريءَ تيلُ نَه پائِيان، نَڪا سِينڌ ڦَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
وائي
(2)
ڪهڙو سَڱُ سِياڪو، هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
آئُون هيڪَلِي حَبَ ۾، نَه مُون مِٽَ نَه ڪاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
مُنڌَ پِيادي، پَنڌُ گهَڻُون؛ نَه مُون اُٺُ، نَه
ناقو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
چَڙهِي نَه سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونهي ڏاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻ وَڻ وِجهَندِيَسِ
واڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
هُوءِ جا پِڪَ پُنهون جِي چَٽِيان تِنهن چُئاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِير پوءِ مَ فاقو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
وِچُ مَ پوءِ وِصال ۾، لِکَ مَ پوءِ لِياڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
آتَڻُ وِجهِي آگ ۾، پُڇَندِيَسِ پوءِ پهاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
داستان ڇهون
(1)
اُڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، آسُونهِين آهِيان،
لُڙڪَ لَعلَ، لَطِيفُ چَئي، وَرَ لئي وِهايان،
هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لئي هارِيان،
جانِبُ ضَعِيفيءَ سين، پُنهُون پَهايان،
پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.
(2)
اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اَسُونهِين آئُون،
چِيٽا، چورَ چُنجَنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽُ پُنهُون پاهُون، مَتان مُحِبَ مَري رَهان.
(3)
اَڌَري، نِڌَري، اَڀَري، آهِيان اَسُونهِين،
پَرَڏيهِي پِرِين ڪيا، مَرَڻَ لئي مُونهِين؛
سَسُئِي کي سَيّدُ چَئي، تَنگَنِ ۾ تُونهِين،
هاري! ڪِئن هُونهِين، ري سَمَرَ سَڌُون ڪَريين.
(4)
آڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اوڳِي، اَوائِي،
ڪِين ٽُهارِي ٽَڪَرِين، ساڻُس سَڳائِي،
لاڳاپَنِ، لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ رائي رَهائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آري! لاهي اَصِيلِ تان.
(5)
آڌَرِ نِڌَرِ، اَڀَري، گَمَنِ گَماٽِي،
سا ڪِئن وهي وِسري، جا گهائِي، گهُماٽِي،
پيئِي پيش پُنهونءَ جي، اُسَنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙهَندي سَسُئِي.
(6)
اَڌَرِ، نِڌَري، اَڀري، ويچاري نه وَري،
لالَنَ لاءِ لَطِيفُ چَئي، پَري پيرَ ڀَري،
ڪَمِيني ڪَري، ڪاروُن ڪيچَ ڌَڻِينِ کي.
(7)
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،
ٿِي دوڙائي دَلِيلَ، تَه پُنهُون ماڙهُو موڪِليو.
(8)
مُنِڪرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏِهن ڏِٺائِين،
اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهُون پُڇيائِين،
اَدا! اِهائين، ڪوِ ويو ساٿُ سَڄَڻَ جو؟
(9)
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پَٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪَرا،
رائو مِڙوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
لانچِي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،
جَت وَڃِي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏي ٿِيين.
(10)
پئِي ٿِي پَيمالُ، سا مُنڌَ مَري، نَه جِئي،
بُري هِنَ ڀَنڀَور سين، هَڏ نَه ڳَرَهي حالُ،
لالَنَ جو لَطِيفُ چَئي، وِساري نَه وِصالُ،
ڀري ڪِجاهُ ڀالُ، هِيءَ ڏاهِ ڏورِيندي ڪيترو؟
(11)
جهَٽَ پِٽي، پَهه جهَنگ؛ هاڙهي پُڇَ مَ هوتَ کي،
سُورُ سٻيلي، سَسُئي! لَڪَ تَنهِين سين لَنگههِ،
تَه سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَا ميڙائو تو ٿئي.
(12)
ٿَڪِيائِي، ٿَرَ ٿيل؛ چَڙهُ چُڪِيائِي، چوٽيين؛
هَلَندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيل؛
اُٿِي رائو ريل؛ ويٺَنِ تان واري وَري.
(13)
هِيءَ گِسِي، هِيءَ گَسُ، هِيءُ پَهَڻُ، هِيءُ
پيچرو،
ويچاريءَ وڏو ڪيو، وِيندَن پُٺِيءَ وَسُ،
ليڙَنِ جو، لَطِيفُ چَئي، ڏُونگَرَ اَٿِي ڏَسُ،
جَڳَ ۾ رَهِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
(14)
سيڻَنِ ڪارَڻِ، سَسُئِي! وَڃِي ڪجي وَسُ،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندو گُنگَنِ گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندَءِ ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو.
(15)
هَلُ تَه هيڪاندي ٿِيين، ويهي وِجهُه مَ ويرَ،
دِل ۾ آڻِ مَ دورُ تُون، ڦِرَڻَ سَندو ڦيرُ،
توڻي لَهين نَه پيرُ، ته پُڻ راحَتَ رِڻَ ۾.
وائي
(1)
هوتَ سي هَلَڻهارا، وو! جيڏِيُون!
ڪِئن ڪَرِيان آئُون اُن سين.
کوءِ پَلَنگَ، ٻَنِ ماڙِيُون، کِيڻَ سي ٿِيڙمِ
کارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين.
سُونهِن سُپيرين جا، آتَڻَ وٽ اوتارا،
ڪِئن ڪَريان آئون اُن سين.
ويٺو ڏي ڏُکِيَن کي، پُنهوُن ڄام پوڄارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
آهيان نه پَئٽِ پُنهوُنءَ جِي، ڪَنديَسِ ڪُنَر
ڪارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
پيرَ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، هَئي هَئي! هَٺَ
آسارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
ڪيچِيَنِ ڪَرَهَ پَلاڻِيا، مَيا ٿِيڙَمِ مارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
اَنڌِين آهِيين آسَرو، موٽِج مُحِبَ موچارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
وائي
(2)
جيڏِيُون! آئون تان نَه چَوَندي، لو!
ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ کي صَرِيحُ، لو!
سَڱ نَه وَرَنِ سُپِرِين، مِنَتَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَر! ڀيڻي حُجَ جِي، ڪوهِياري سين ڪانَ،
سو تُون صاحِبُ آهِيين، جو نَه ڀيرايين ڀانَ،
سَئين سُوالِي سَمگِيا، تو داتا! ڏيئي دانَ.
داستان ستون
(1)
آءُ اوراهُون، سُپِرين! وَڃُ مَ آڳاهُون،
ٿَڪِي کڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِيو ٻاهُون،
دَردَ جِيُون داهُون، مُون مارِينديُون، موٽَ
تُون.
(2)
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ، پِيءَ! پَري،
مُون ڏِٺي، مون وِسهو، وِرچِي تان نَه وَري،
ڌاران مُنهن مَري، ڏُکِيءَ جي ڏيکاريين.
(3)
آءُ اوراهُون، سُپِرين! آري لَڳِ اَلله؛
توکي ساري ساه، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.
(4)
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! پُري وَڃُ مَ پِيءَ!
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرِين، تُون جِيارا جِيءَ،
هوت! مَ ڇَڏِجِ هِيءَ، پُنهوُن! پِيادي پَنڌَ ۾.
(5)
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيجَ مَ ڏاگههَ،
وَٽِ ڇَڏي مُون واگههُ، آري! وِئين عِشقَ جو.
(6)
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏاگُهه مَ ڏيجِ،
پيهِي گهَرِ پُڇيجِ، تَه هوت! هلَاڪَتَ نَه ٿِئي.
(7)
مَڇُڻِ، وَرَ! وِسارِيين، آري! لَڳِ اَلله،
توکي ساري ساه، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.
(8)
مَڇُڻِ وَرَ! وِسارِيين، صَبَرُ نَه سارِيان،
توکي نِهارِيان، آءُ مُنهنجا سُپِرِين.
(9)
هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، صَبُر شُڪرانو،
ذوقَ زمانو، مُون وَرَ! وِيو وِسَري.
(10)
صَبَرَ ۽ شُڪرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندي،
آهِيان جِنهن سَندي، سو تَه گهُرجي ساڻُ مُون.
(11)
صَبَرَ ۽ شُڪرَ کي، وِٺي آئُون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪيج اَچي ڪَڏِهِين.
(12)
صَبرَ ۽ شُڪر کي، هَٿِ ڪيو مُون هاڻِ،
پِرِيَم! اَچِي پاڻ، پَٽِيءَ کي پُڇيج تُون.
(13)
ناهِ جَمِيعَت جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هاڻِ،
اَللهَ! سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
(14)
ناهِ جَمِيعتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هِتِ،
پُنهُونءَ جِيءَ پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
(15)
ناهِ جَمِيعتَ جانِ کي، پُنهون پُڄاڻان،
سي مُون سيباڻان، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
وائي
پَلَڪَ نَه رَهي دِلِ توري، وَرُ مِيان خانَ
بَلوچا!
اُٺ چاريندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان ٽَڪَرَ ٽوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
ڏِينديَسِ ماهُ مِرَن کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
ڪانگَ کِينَم ڪيچَ جا، ماسُ چُنجنِ سان چوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
ڏُکَ لاهيِندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
داستان اٺون
(1)
ڪَنُ ٿُي، ڪيچِنِ ڪُڇِيو؛ ڪُڇَ مَ، ٿا ڪُڇَن؛
اِشارَتُون اُنِ جِيُون، سُڪوُتان سُڄَنِ،
وَٽان ويهِي تَنِ، سُڻُ تَه سوُز پِرائِيين.
(2)
سُڻُ تَه سوزُ پِرائِيين، ”آءُ“ چَيائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَه سِکِيا، ”پاڻان“، چُوندَءِ، ”ڀَڄُ“،
واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهِي.
(3)
ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهي، ”آئون“ اِتِ نَه آهِ،
ڪُڇَڻَ ڪَنڍي لاهِ؛ ڪَنُ ٿِي، ڪيچِنِ ڪُڇِيو.
(4)
ڪَنُ ٿِي ڪيچِنِ ڪُڇِيو؛ ڪُڇُ مَ ڪُڇِيائُون،
رَهِي نَه رَتِيءَ جيتَري، اُنِهين وَٽ آئون،
وَڍي وِڌائُون، هو جو وَڻُ ’هُئَڻ‘ جو.
(5)
ڪَڏهِن پَئجي ڪَنُ ٿِي، ڪَڏهِن ٿِيجي واتُ،
ڪَڏِهن ٿِجي ڪاتُ، ڪَڏهِن ٿِجي ٻَڪرو.
(6)
ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آريءَ ڄامَ جي،
دِيَتَ آهي دوسَ، مارَڳ ۾ مُيَن جي.
(7)
ڪامُون مُڇيجاهُ، گهَڻِيُون گهُرجَني اوٺِيا!
هي وَڻَ نَه لَهنداهُ، هو وَڻ اوڏاهِين گهَڻا.
(8)
اکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون، ڪِنهن پَرِ ڪَڙِيان
پيرُ،
لَٽُ لاهِيندو ڪيرُ، مُون جيهِيءَ مَعذُورِ کان.
(9)
اَکِيُون آريءَ ڄامَ جِيُون، اَنڌيءَ سين آهِينِ،
هو جي وَڻ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ،
ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
(10)
اَکيُون آريءَ ڄامَ جِيُون، آهِينِ اَنڌيءَ ساڻُ،
پَسِي ڪَنديُون پاڻُ، پيشاني پُنهوُن جي.
(11)
سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هَلَڻَ ري مَ هَلُ،
جَلَڻُ ري مَ جَلُ، رُئَڻَ ري مَتان رُئين.
وائي
(1)
دَردَ مُئِيءَ جا دارُون، وو! موٽَ، سَٻاجها
سُپِرِين.
مُون لَڳِيُون، مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون
مارُون،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
مائِٽَنِئان مُون سين گهَڻا، ڪُسَڻَ ڪيا ڪاروُن،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِيو، سُورَنِ لَڌِيُمِ
ساروُن،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
مُنهنجِيُون شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾، پَلپلِ پوَنِ
پَچارُون،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
وائي
(2)
آتَڻَ ۾ ويهي، سَڀ دُعا ڪَريجاهُ، جيڏِيُون!
ڪانهي بَسِ بَهِيرَ کي، هَلُ چَلُ پَئي پيئِي،
راهَ مسافِرُ سَڀُڪو، ڪونَ ڏِٺوسُون هِتِ ڏيهِي،
سارِيندا صلواتَ کي، مَنجهِه قَبَرَ سَڀِ پيهي،
ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو، ڳالههِ پُڇَندُمِ ڪيهي،
نَوازِيندو نُورُ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي،
”اللهُ هيڪَ، مُحَمّدُ بَرحَقُ“، شالَ چُئان مان
حَرفُ اِهيِئي.
داستان نائون
(1)
وِهَ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،
نِرمَلُ نِهاري، هَلندِيَنِ تان هَٿَ ڪيو.
(2)
اَوجهَڙِ آسونهِنِ، ڏِيههُ گهَڻوئي ڏوريو،
سَڳَرِ ريءَ سُونهَن، پُهتي ڪانَه پَنڌُ ڪري.
(3)
واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جِنهن پَنڌُ ڪَرِيان،
ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پِيرَ پَرِنيان تو،
بَر بورائو جو، سو، لڳِي، متان لَٽئيِن.
(4)
واءَ وِڃايُمِ ڪالههَ، پُٺِي جِنهن پَنڌُ ڪَرِيان،
وَڃَڻُ مُون وانٽي پِيو، هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلُ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنهوُنءَ جي.
(5)
کُهِجِ مَ، اُجها کيههَ، گَرَدَ پَسُ گَنَگن جي،
ڏُکي! مَنجهان ڏيههَ، نِڪر نانهن ڪُلهي ڪَري.
(6)
ڏوُر مَ تُون ڏوريجِ، صَبُر ڪَرِ مَ سَسُئي!
پُرَڻَ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِهَڻُ وِساريج،
سُکَنِ جا سَيّدُ چَئي، لاڳاپا لاهيجِ،
هِينئين ساڻُ هَليجِ، ته پَنڌُ پاسي ڀَر نِبِري.
(7)
ويٺِيَسِ وِکَ نَه اُپڙي، تُون آرِياڻِي آءُ،
چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئي رِڙهي.
(8)
کُهي جا کَنيائين، وِکَ تَهِين ويجهِي ڪئي،
ڇِڪي ڇِنيائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.
(9)
سَؤ ڪوهَ ڪَري سَڀَڪا، تُون، کُهِي کَڻجِ وِکَ،
تاڻِج مَنجهان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبَري.
(10)
وِيو جاڳائي جَتُ، ويري ڪِنهن وِلاتَ جو،
سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ هوتَ هَٿَنِ سين.
(11)
ڏُهِلا مُون ڏِينهَن ٿِيا، پِيُمِ، ڄام ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَهاڙ ڏي، ٿِيڙُمِ رُوحُ رَيُون،
لُڇِيو ٿِيان، لَطِيفُ چئي، ڪارڻ دوسِتَ دَهيُون،
ڀايان لَڪ لَيُون، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.
(12)
هيڪَلِيائي هاڻِ، پُورِيندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي،
ڪَندِيَسِ ڪوهيارَلَ سين، رُچِي روُح رِهاڻ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڪِنهن پَرُ لاهِيان ڪاڻِ،
آهِيان گهَڻوُن اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِرِيان جا
ساڻَ مُون.
(13)
هيڪَلِيائي هيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
آڏا ڏُونگَرَ، لَڪِيُون، سُوريُون سُڄَنِ سيلَ،
تَه ڪَرَ ٻيلي آهِنِ ٻيلَ، جي سُورَ پِريان جا
ساڻُ مُون.
(14)
دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نَه وِهي،
لانچي لَڪُ، لَطِيفُ چئي، پَهَڻَنِ منجهه پهي،
سَندي نِينهَن نِهي، ڪِي سَرفَرازُ سَسُئِي.
وائي
وَڃِي وَڃِي ٿِينديَسِ ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ
پِرينءَ جي.
آڏا ڏونَگرَ، لَڪِيُون، موٽِجِ مُحبَ مجيجي.
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
پِرين، پَهنوارُ تو چُئان ٻَيَرَ آهيان ٻي جي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
نُم گهُرجي نِينهنَ جي، آهِيان آئُون آريجِي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
جا نَه هَلَندي هوتَ ڏي، پِيءُ تَنهِين جو پاجِي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
داستان ڏهون
(1)
پُنهُون ڇَڏِيو پوءِ، تون جانِبُ جَبَل ڳوليِين،
تيلاهِين تَنگُون ڪَريِين، جيلاهينِ تُون جوءِ،
ساجَنَ سُڃُ نِهارِيين، ڏُکِي ڪهڙي ڏوهِ،
هاڙهي هوتُ نَه هوءِ، وَري پُڇُ ويٺِين کان.
(2)
وَري پُڇُ ويٺين کي، سَندا پُنهُونءَ پارَ،
ساجَنَ سَڀُ ڄمارُ، ڏُکِي ڏورج ڏِيلَ ۾.
(3)
ڪونهي اُتِ ڪوهِيارُ، جِتِ تو ڀوري ڀانِئيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙ ڏي، وُجودُ ئِي وَڻڪار،
ڌارِيا ڀانئِجِ ڌار، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ تُون.
(4)
سَڀئي ساري، سَسُئِي! گهَرَ ڪُنڊُون تُون گهور،
وَڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجههِ دوستُ ٿِيو.
(5)
دَران مَنجهِه دوسِتُ ٿِيو، موٽِي پُڇُ پاهِين،
عبث آڳاهِين، وَڃِيو ڪُوڪين ڪانڌَ کي.
(6)
پَر گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ،
سو تان تونهِين ساڻُ، جِنهن لئي جفائون ڪَرِين.
(7)
سوئِي کَڻِيو ساڻُ، سوئي ڏورِيين سَسُئِي!
ڪَڏِهن ڪَهِين نَه ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، ته تُون تِئائِين لَهين.
(8)
جو تُون ڏوريين ڏوُر، سو سَدا آهي ساڻُ تو،
لالَن لَئي لَطِيفُ چَئي، مَنجِهي ٿِيءُ مَعذوُرِ،
مَنجهان پاڻَ پَرُوڙِ، تو مَنجههِ آهِسِ تَڪِيو.
(9)
وَڃين ڇو وَڻڪار، هِتِ نَه ڳوليِين هوتَ کي،
لِڪئو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، ٻاروُچو ٻِئي پارِ،
ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرِتِ پُنهُونءَس سين
پارِ،
پائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.
(10)
هوتَ تُنهِنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪُهه پَرِياڻ،
”وَنَمنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الورَيدِ“،
تُنهنجو توهين ساڻ،
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عَجيبَنِ کي.
(11)
ڪوَڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، هوتُ نَه پُڇَنِ
هِتَهِينِ،
جَنِ پُنهونءَ سين پيچُ، تَني پيرين پَنڌُ
وِسارِيو.
(12)
هَلُ هِينئين سين هوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ،
قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِنَ رَساڻي ڪيچَ کي.
(13)
هُل هِينئين سِين هوتَ ڏي، پيرين ڪَر مَ پَنڌُ،
رائي پُڇ مَ رَند رِڙهُ، روُحانِي سَسُئِي.
(14)
هَلُ هِيَنئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ،
آرياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِيو.
(15)
هَلُ هِينئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تُون،
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
(16)
هَلُ هينئين سين هوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
جنِين ڀانيو پاڻُ، سي آرِياڻِئان اوري رَهِيُون.
(17)
ڪِجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچِنِ ڪارَڻ ڪيئن،
بيخودُ هَلِج بَرَ ۾، آئُون ٿو چُئانءِ اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِيئَن، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين.
(18)
متان مُٺِي ڇَڏِيين، پِريتَڻُون پاڻان،
ڄايَن جِئن ڄاڻان، تُون پُڻ هوئِج تَن جئَن.
(19)
متان مُٺِي ڇَڏيين، پاڻان پِريتَڻُون،
کَٿُوري ڪَڻُون، مَڙهي مَڙِهج مُنهن ۾.
وائي
غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙي! جيڏيُون،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِيو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آئِيو.
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
پُڇان پوءِ پُنهوُنءَ کي، عَبَثُ تان اَنُ کائِيو،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
هوتَ هَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالهه سُڻائِيو،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
داستان يارهون
(1)
ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏوُنگَرُ ڏورِيو مُون،
ڪاهي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهُون،
سَڀَتِ آهِيين تُون، قَضا ڪَندِيَسِ ڪنهن سين.
(2)
ڏِنا جِئڻَ لَئي جيڏيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، تان سُورَ مِڙيئي سُکُ،
لَٿي مُون تان لُکُ، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻهِين.
(3)
پيهِي جان پاڻ ۾، ڪَيَمِ روُحَ رِهاڻ،
تَه نَڪو ڏُونگَرَ ڏيههَ ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُور هُئا.
(4)
پُنهون ٿِيَسِ پاڻهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو شَرَمَ،
هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، ڀَڄِي تَنِ ڀَرَمَ،
جو وِندُرَ ۾ وَرَمُ، سو سَودو سَرِيُسِ هِتَهِين.
(5)
پُنهُون ٿِيَس پاڻَهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو
سِينگارُ،
”مَن عَرَفَ نفسَہُ، فَقَد عَرَفَ رَبہُ“، اِهو
ئِي اَچارُ،
جو وِندُرُ ۾ واپارُ، سو سَودو سَرِيسِ هِتَهِين.
(6)
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻَهِين، ويئي سَسُئِي جِي
سُونَهن،
”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِہ“ اِي وَڻَنِ مَنجههِ
وِروُنهنَ،
چَريءَ مَنجها چُونَهن، کَڻِي هوتُ هَنج ڪيو.
(7)
وِيئِي سُونهَن سَسُئِي جِي، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻَ،
سَڀَنِ جِي سَيّدُ چَئي، آهي اُنِ اُماڻَ،
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجيبَن کي.
(8)
وَهَم وِرساياسِ، ناتَ پُنهُون آئُون پاڻَ هُئِي،
پاڻَ وِڃايَمِ پانهِنجو، پَئِي پِرِيان جي پاسِ،
رَتِي عِلَم نَه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي.
(9)
قافَئُون ڪاهِيندِياس، موٽان تان ڪُرَ مِنهڻُون،
ٻانهِي ٻاروّچَنِ جِي، سَڱ نَه ساهِيندِياسِ،
”اَلفِراَقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ“، هِتي نَه
هُوندِياسِ،
آهَ نَه لاهيندِياسِ، جِئري جَتُ ڏِسِي مَران.
(10)
جِئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذوُرِ جو مَسَ ٿِئي،
چانگَنِ سِرِ چَڙهِي وِيا، ساٿِي سُوارا،
اَکِيون اوتارا، پَسِيو رُونِ پُنهوُنءَ جا.
(11)
هيڪَرَ هُئُڻ ڇَڏِ، ته اوڏي ٿِيين عَجِيبَ کي،
”مَارَا اَيتُ شَيئا اِلاّ وَرسَ اَيتُ اللهَ“،
نيئي اَجها اوڏِهين اڏَ،
تَه هوتُ تُونهِين کان هَڏِ، پِرِين پاسي نَه
ٿِئي.
(12)
هوتُ تُنهنجي هَنجِ ۾، پُڇين ڪوهُ پَهِي،
’وَفِي اَنفُسَڪُم‘ اَفلا تُبصِروُن، سوجهي ڪَرِ
سَهِي،
ڪَڏهِن ڪانَه وَئي، هوتُ ڳولَڻَ هَٽَ تي.
(13)
ووڙيَمِ سَڀِ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
اَللهَ بِڪُلِّ شَيءِ مُحِيطُ، اِي آرِياڻِي
اُهِڃاڻَ،
سڀ ۾ پُنهوُن پاڻَ، ڪِينهين ٻِيو ٻَروچ ري.
(14)
ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
اَندَرِ آڳ عِشَق جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
”اَلعِشقُ نَارُ اللهِ المُوقَدِة“ کوري جِئن
کاڻِي،
آهي آرِياڻِي، ٻِيو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
(15)
ڪَڍَ پُنهونءَ ڏي ڪاهي، چاٽِيءَ روُحُ چَرِيو ڪيو،
اُٿي ويٺي اوڏَهِين، سُتي پُڻ ساهي،
”اَلعِشقُ حِجَابٌ بَينَ العَاشِقِ والمَعشُوقِ“،
لاشَڪُ ٿِيءُ لاهي،
آرِياڻِي آهي، ٻِيو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
(16)
سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِيو، اَندَري آرِياڻِي،
ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏوُنگَرُ ڏِيهاڻي،
هُيَسِ هوتَنِ هاڻِي، تي ڪيچي گَڏِيَمِ ڪَههَ ۾.
وائي
ڪا جا ڳالهَه هُئِي، سا جي لوڪَ سُئِي،
لو ٻاروچي جي مَنَ ۾.
سِرُ سَڳَرِ، پور پيچَري، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَڳَرَ پَٽيِين، ڪيرُ چُوندو مُئِي؟
پَنڌُ ڪَريندي پِريَنِ ڏي، ڪَڏهِن ڪانَ کُهي،
آن ڪا ڏِٺِي اوٺِيا، هوتَنِ وَٽِ هُئِي.
سا
موٽي ڪِيئن مُئِي، جِنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي
وِيا.
¯ |