سُر معذوري
داستان پهريون
(1)
هَلندي هوتَ پُنهوُنءَ ڏي، کُهِجَنِ ڪي کوٽِيون،
پانهڻ تَن پَٽُ ٿِئي، جي لَئي لالَنَ لوٺِيُون،
سَڀ سَهيلِيُون سِڪَ کي، چُنجُهون ۽ چوٺيُون،
ٻانڀڻِ! ٿئِي ٻوٽِيُون، تَه ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ
جا.
(2)
ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنهُونءَ،
اَگهين هُوندَ، اَسُونهن جي جانارَنِ يادِ پُئين.
(3)
تَنِ پيئي جانارَنِ يادِ، جي پارِئَلَ پُنهوُنءَ
ڄامَ جا،
سَندي لالَنَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌ ٿِئِي.
(4)
جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قرَيبَنِ جي،
بَهِي بَهُڪِي اُٿِيو، گَهڏي مَنجهان گهوُرَ،
سَڀِ لاهِيندو سُورَ، گِري هِنَ غَرِيبِ تان.
(5)
نَڪِين آهِيُون چُوهَڙا، نَڪِين آهِيُون چورَ،
هانگاما ۽ هورَ، ڪُتا! ڪَرِئين ڪَنِ تي.
(6)
ڪُتو چَئي قَرِيبَ جا، آهِيُون ساڌ سَهِي،
پِهرِين باتِ بَهِي، پُڇُون پوءِ پانڌِينَ کي.
(7)
ڪُهين، تان تون ڪُهه، ڏَسِ مَ چُوهَڙيان،
سَندا آهيڙِيان، اَنُ نَه سَهَندي هَٿَڙا.
(8)
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چَهُٽِي آهي چِيڙَ، ڪارايل جي ڪَنَ ۾.
(9)
ڪَتو ڪُرٽي هَڏِيُون، جُوانمَردُ جِگَر کاءِ،
”اَلدّنِيَا جِيَفةٌ وَطُلُابُها ڪِلابُ“، اِيءَ
هِنئين سين لاءِ.
(10)
جُه يارُ ڏِٺائُون يارَ جو، پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
ڦِرِيا نَه فَرمانَ کان، اُنهِيءَ ۾ آهِينِ،
ڏِسِي نَه ڏاڙِهِينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
(11)
سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بِهَنِ،
ڦِرِيا نَه فَرمانَ کان، مُلهه نَه موتِيڙَنِ،
ڪونهي ڏوهُ ڪُتَن، ڏاڪارِيا ڏاڙِهِينِ ٿا.
(12)
ڏُکا، ڏُونگَرَ جا مِروُن، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پَڙُندا ڪِينَ پَرِيتَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا
سُڄَنِ،
سَڳائيءَ جِي، سَيّدُ چَئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُوندَ نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
(13)
ڪَم قَرابَتَ جَنِ جِي، هِتي آيَمِ هِيئَن،
رِفاقَتَ راکَنِ جي، پَهُتِيَسِ پاهَڙَ سيئن،
ماڙهُو مُلاحِظو تنهن جو، ڪيچِ نَه ڪَندا ڪِيئن،
ذاتِ نِسورِيائي نِيئن، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ
ٿِيو.
(14)
سُڌَرِ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکنڊين پيياسِ،
ڪير بِرَهَمڻ ڪَنِ جي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ،
هُوندَ نَه سِنڌِ سُياسِ، هِنِ پُرئين ڪيس پَڌري.
وائي
خُوبي مَنجهِه خِفَتَ، اي دوسِتَ دِقَتَ،
آهي عَبدُاللِطِيفُ کي.
مَدَحَ مُون کان نَه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
هِجي ڪَرِيان هيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
حُزنُ هوتَ پُنهؤَنُ جو، رُڳيائِي راحَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
پرِيان جي پِستَان جو، فاقوئِي فَرَحَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
داستان ٻيو
(1)
ڏُکِي ڏَمَرُ ناهِ، بُکِيءَ کِلَ نَه اُڄهَي،
اُگهاڙيءَ وِهانءُ، وِيو ويچاريءَ وِسَري.
(2)
ڏُکِيءَ ڏورَڻُ پاڻَ تي، ويچاريءَ وِڌو،
ڏِيلُ تَنِهين جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
هُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
(3)
ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لَهسي لَنئون پُنهوُنءَ جي،
ڏيئي آڳ آتورَ، سَڀِ نَه ساڙي سَسُئِي.
(4)
ڏُکِي! ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَر، سَسُئِي!
پَٽِيين پيرُ نِهارِ، تَه آرِياڻي اُتان لَهين.
(5)
ڏُکِي! ڏُکَ مَٿي ڪَري، وَانءُ ڇَپَري پيهي،
گَڏِيَئِي ڏيهي، سُوڌِيُون ڏِيندءِ خَبَروُن.
(6)
ڏُکيءَ ڏِيهاڻِي، مُٺِيءَ مَٿي هَٿُڙا،
تنهن پَر نَه کاڻِي، جنهن پَرِ جِئي، جيڏيُون!
(7)
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونَگرين، آڌيءَ آهون پُونِ،
ڏاري جو ڏوُنگَرَ کي، سو ڪِين چَيو چُونِ،
آري جي اَفسوسَ ۾، ماڙُهو، مِروُن رُونِ،
اِنَ پرِ سيئي هُونِ، هِينئڙا جَنِ هَڄِي وِيا.
(8)
ڏُکِيءَ سَندِيون ڏوُنگرين، پَسو! پِٽُون پُونِ،
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجهَه رُڃُنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻا اِيهين چُونِ، تَه ”مُئِي آسان کي مارِيو!“
(9)
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏوُنگَرين، اوڇنگاروُن اَچَنِ،
هَڻِي سانگِ سَسُئِي کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِينَ،
جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تَنين جي هَنجَ ۾.
(10)
ڏُکِيءَ سَنديُون ڏوُنگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون
ڪَنِ،
وَٽان ويهِي جَنِ، وَڍيءَ سي واڍوڙِيا.
(11)
وَڍيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نَه ڏِٺو جَنِ،
مَوتُ قَبُولِيو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
(12)
ڪنهن جِنهن ڏُکان ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين،
سُورَ ڀَرِيائين سي، ڳالههِ ڪِيائِين جَنِ سين.
(13)
ڪو جو وَڍي وَڍُ، جِئن وِڻَ وَڍِيائِين وَڍَ سين،
ڏُکُ ڏکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکِيا ٿِيا.
(14)
وَڍِيَلِ ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
هُنَ پَنَ پَنهنجا سارِيا، هِيءَ هَنجُون هَڏَنِ
لَئي هاري.
(15)
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڻي وَسَنِ مِينهَڙا،
صاحِبَ هَٿِ سُڪارَ، هِنَ وَسِ آهِينِ هَٿَڙا.
(16)
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيهه سُڪارِيو،
ٻاروچاڻُون ٻارُ، سَڀوئِي سُواءِ سين.
(17)
اولاڪن اچِي، معذور تي مارو ڪيو،
متان وَرَ وِسارِئين، مَنجهان ڪُرَ ڪَچِي،
سُپَڪ ٿِي سُورَن سين، پَهچندِئن پَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورن سين، پَهچندِئن پَچِي،
لاهي لاڳاپا لَنگهه تُون، سيڻَنِ ڏانهن سَچِي،
مَنجهان راه َ رَچِي، ٿِيندئِن لال لَطِيفُ چئي.
وائي
اَچِي لالَنَ! لَٽِ، مِيان مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ
۾.
هُو کان کَٿُوريءَ هيرَئوُن، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽُ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
آرِياڻِي! اَچِي ڪَري، ڪا گهَڙي مُون وَٽِ جَٽِ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
کَٿُوري کُشبُوءِ سين، هارِيائُون هَٽِ هَٽِ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
دَردَ مُنهنجي دِلِ جو، تُون ڪامِلَ اَچِي ڪَٽِ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
داستان ٽيون
(1)
جهلِي تان تَه رَهان، پَسَڻِ ڌاران پِرِينءَ جي،
اَپرَ عاجِزِ آهِيان، لالَنَ جان نَه لَهان،
فردا مُون ڦِٽِي ڪِي، وَعدي ڏي نَه وَهان،
صَباحَ سِينءَ نَه سَهان، خواهَ ميڙين خواه
مارِيين.
(2)
صُباحَ سِيئن تان سُورَ، سَهي ڪيرَ سَرَتِيُون!
گهُٽِيان رَهَنِ نَه گهَٽَ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
مُئِيائِي مَنظُورَ، هيرَ هَلَندِيَسِ هوتَ ڏي.
(3)
هيرَ هَلَندِيَسِ هوتَ ڏي، ٻِيُون وِجهِي ٻَنِ،
جئڙو جانِ فِدا ڪَرِيان، مَٿان تَنِ پِرِيَنِ،
آيا اَڄُ گهُرجَنِ، فَردا مون ڦِٽِي ڪِئي.
(4)
فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪَئي، نَقدُ کَنيو نارِ،
هِيءَ جا واڳَ وِلَهيءَ جِي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ،
جَيڪِين مُٺِيءَ مارِ، جيڪين مِيڙِ مُٺِيءَ کي.
(5)
مُٺِي ٿِي مدعا گُهري، موتُ ٿِيو مَوجُودُ،
اَچين تَه اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪين تي وُجُودُ، جيڪِين ميڙِ مُٺِيءَ کي.
(6)
جيڪين ميڙِ مُٺِيءَ کي، جيڪينِ مُٺِيءَ مارِ،
ڄيرو ٻِنهِين ڪَنڌِيين، ٻِنهِين پارين ٻارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، هيڪَرَ هوتُ اَکِينَ سين.
(7)
ڏسَڻُ ڏِکان اَڳرو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ،
ٿِيءُ ٻانِهي، ڀَرِ اوئِيُون؛ لَوڏ مَ،س پَسِي
لَڪُ،
وَرُ پُنهوُنءَ سين پَلَڪُ! کوءِ ٻارَهن ماهَ
ٻِيَنِ سين!
(8)
هَردَمَ هوتَ پُنهون جو، ڏِسَڻَ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ پُنهوُنءَ ساڻ پَلَڪَ! ٻَنِ ٻارَهن وَرِهَ
ٻِين سين!
(9)
ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرمَ نَه سَهي،
ڏيئي مَرِجِ ڏوُنگَرِين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
هَڏِ نَه هُوندو هيءُ، ساهُ پِرِيان تان صَدَقو!
(10)
اَدِيُون! وَرُ اُگهاڙ، وِهانءُ جنهِن وِسارِيو،
جيڏيُون! ڇَڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو.
(11)
سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيريان سين سوڀَ، نِنڊَنِ ڪَندي نَه ٿِئي.
(12)
سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، پَرَهَڻَ ڇَڏي پوءِ،
مَهَندِ مِڙَنِيان هوءِ، ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي.
(13)
ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهُتِي سا،
وِهي ويڙهجِي جا، وَصلُ تنهن وِڃائِيو.
(14)
وصلُ تنهن وِڃائِيو، سِينڌِ سرمي سينءَ،
سا لوٺِي لِيلان جِين، مَڻِيون جِنهن مِٽُ ڪيو.
(15)
هُوندِئان هوتُ پَري، اوڏو اَڻ هوُند کي،
ساڄَنُ تَنِ سَري، ’لا‘ سين لَڏِين جي.
(16)
لائي خَنَجَرُ ’لا‘ جو، هِنَ خَچَرَ کي هَڻُ،
سَڌُنِ جِيُون، سَيّدُ چَئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ،
پيرُ پَروڙي کَڻُ، تَه هَلَڻَ ۾ هوري وَهين.
(17)
هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ٿِيءُ جَرِيدي جوءِ،
هُوند جَنِين سين هوءِ، هوتَ نَه هُوندو تَنِ سين.
(18)
هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ،
’لا‘ سين اُٿِي لَڏِ، ’ڪِين‘ رَساڻي ڪيچَ کي.
(19)
هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺُ،
ڪيچَ تَنهين کي ڪوٺَ، ”ڪِينَ“ جِنهِين جي ڪڇَ ۾.
(20)
هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ،
هاڃي تنهن هَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيّدَ چَئي.
(21)
نَڪا هِتِ، نَه هُتِ ڪا، ڳوريءَ سَندي ڳالهه،
ڪينَ پَهُتِي مالِ، حالِ پَهُتي هوتَ کي.
وائي
هَلُ هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن
ساٿَ جي!
پيرَ پَنهنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين
ڪالهَه،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
چَڙَهَندي سِرِ چوٽيين، لَڪَنِ ڪِيڙَسِ لالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
جي ڀايين جَتَنِ، جِي، ويجهي ٿِيان وِصالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
ٻُري پَٻَ وَڻَنِ ۾، وِجهج ڪا وَڙالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جي، تُون جهَلِج پَٻَ
پيالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِينِ جَنجَال،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
پُڇي پِيادِيَنِ کي، اُتِ آرِياڻِي اَحوال،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
داستان چوٿون
(1)
هَلَندي هاڙهو مَڻِي، ڪَرَڻَ ڪوهَ پِيامِ،
آرَڏا آري ڄامَ ري، گُوندَرَ گُذَرِيامِ،
لَڪِيُون، لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اورانگهَڻُ آيامِ،
پُرَڻَ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيام،
مَٿِسِ ڪَمُ وِڌامِ، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.
(2)
هلندي هاڙهو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنهنجا ڏوهَ،
هو اوڇَڻ سِرِ اُٺنِ تي، هِيءَ پَنڌِ پُڇاڙي پوءِ،
ليڙَن ري، لَطِيفُ چَئي، ڪِئن ڪَرِيندِيَس ڪوه،
اڳِيان رائو سُڄي روه، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.
(3)
هَلَندي هاڙهو مَڻِي، سِسِي ڏِيندِيَسِ ساهُ،
لَڱَنِ تان لَطِيفُ چَئي، پَاري نِيمُ پاهُ،
ڪَندو ٻاجهَه اَللهُ، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.
(4)
هَلَندي هاڙهو مَڻِي، گَسان تان مَ گُسان،
لڪَنِ تَان، لَطِيفُ چَئي، رِڙهِي مانَ رَسان،
پُنهُون شالَ پَسان، ويهان تان نَه وَسِ پِيو.
(5)
ڀائِي حالَ هَلِي وِيا، ڪِنهن کي سُور سُلان،
کَڻِيو لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، لَڪَنِ مَنجههِ لُڇان،
پانڌي ڪيرُ پُڇان، ويهان تان نَه وَسِ پِيو.
(6)
وَڌو ڪِيمَ وَڻاه! اُونچا، ڏوُنگَرَ مَ ٿِيو،
ٽمو مَ، نيڻاه، تَه پيرُ نِهاريان پِرِينءَ جو.
(7)
وارو مُون وَڻاهُ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏِيو،
اِيءَ اِهائِي ڳالَهِڙي، شَجَرَ سُڻيجاهُ،
چوٽيءَ چاڙهيجاهُ، تَه موڙهِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.
(8)
وارو مُون وَڻراهِ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏيو،
وِجهِي وَراڪَنِ ۾، مَعذورِ کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، هادي ٿِي هَلاءِ،
پِرِيان کي پَهُچاءِ، تَه لڳي لُوٺو نَه ٿِئين.
(9)
وارو مُون وَڻِڪارَ، ڪَا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه
ڏِيو؟
آهي آسُونِهَينِ جي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِهِيا ويراڳڻ سين، لَڪَن جا لِيارَ،
ڪَرِيان ٿِي ڪُوار، ڪَنڊن، ڪانڊيرَن جي.
(10)
ڪَنڊا مُون پيرَن ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،
آڱرُ، آڱوٺي نَه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
وِيندي ڏانهن پِرِينِ، جُتِي جاتِ نَه پائِيان.
(11)
جُتِي سي پائِيندِيُون، جَنِين پيرَ پِرِين،
لاٿِيُون سَڀِ پَرِين، سَسُئِي سُپيريُنِ کي.
وائي
جيڏيون! جا جَڙُ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا مُون سَرَتِيُون! سيباڻِيام: تنهن جِئڻ جالَ
ڪيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
مَهَرَ جا مَيَنِ جي، سَنجهي هَٿِ هُيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
صُبح سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وييام،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
هَڪَل هوتَ پُنهون جِي، سَڳَرَ مَنجههِ سُامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڏورِيندي ۾ ڏوُنگَرين، ٿَهَرَ ٿوڀَ ٿِيام،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا، گَنجي مَنجههِ گهُرِيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
سُتي سَڳَر پَٽِيين، سِگهَڙي سارَ لَڌِيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڪِيهُون ڪوهَنِ پَٽيين، ڪُوڪُون جمازانِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
هوتاڻِي هَٿُ کَڻي، پُنهُون پِيادِيانِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڏَکُون، بُکُون، ڏاکِڙا، ڪارَڻِ جَنِ ڪيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
موٽي ماءِ! ڀَنڀورَ ۾، اَڱَڻِ سي آيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
وائي
(2)
ويجهي وِندُرَ جي وَڻنِ.
اي اوڏي آيَس، جان پِرِيان جي پيچري،
جي تو اوڏا ڀانئيا، سي ڏونگَر ڏُورِ ڏسَنِ،
مَدي نَه هُيَنِ مَنَ ۾، ته ڪيچان ڪوهُ اَچَنِ؟
مَرَڻ مُنهنجي کي ڪيو، هِيُ پَههُ ٻاروچَنِ،
سُونهَنِ سَڳَرَ پَٽِيين، مَنهن مَعذوُرِنِ،
وِندُر وائِي جا وَهي، مُون کي سا نَه سَلَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺيِين، موتِي کي مَيَنِ،
لاٿائُون، لَطِيفُ چَئي، لَڏوُن سِرِ لَڪَن.
داستان پنجون
(1)
هٿين پيرين، مُونَڙِئين، هَلِج ساڻُ هِينئين،
عِشقُ آريءَ ڄامَ جو، نِباهي نِئين،
جان جان ٿِي جِئين، پاڙج ڪوم پُنهوُنءَ سين.
(2)
هَٿين، پيرين، موُنَڙِيين، ڪَهجِ ڀر ڪَپارَ،
مَتان، ڇوري! ڇَڏيين، پِرِيتَڻِي پَچارَ،
توکي سَندَ، سَسُئِي! سَندي لَنئون لَغارَ،
جي هونُئِي هَزارَ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهوُنءَ سين.
(3)
هَٿين، پيرين، مُونَڙيين، ڪُهجِ ڀَرِ قُدامَ،
وِچ وِسيلو ناهه ڪو، اوري آريءَ ڄام،
هِينئين لائي هامَ، پاڙِج ڪومَ پَنهوُنءَ سين.
(4)
هَٿين پيرين، مُونَڙِيين، پُري ڪج پَرَکَ،
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻينِ ڏي، پاءِ وَڌندي وِکَ،
جي هُونئِ هوتَنِ لَکَ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهوُنءَ
سين.
(5)
هَٿين، پيرين، مونَڙِيين، سِرِجِ ساهَ پَساهَ،
هوتُ گَڏبئِي حَبَ ۾، رَهَبَرَ مَٿي راهَ،
جان جان ساڻءِ ساهُ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهُونَ سين.
(6)
جَڙَ جا هَنيَمِ جَتَ، تِنهن ڳُجهي ڳارِيُمِ
جِندَڙو،
آڻي اَندرِ کوڙِيا، ڪوهياري ڪَرَوَت،
سُورَنِ ساڙي آهِيان، سِڪان کي صِحَتَ،
اَندَرِ ريلا رَتَ، ٻاهِر ٻاڦُ نَه نِڪري.
(7)
تَتِي ٿَڌي ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻَ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
(8)
ٿَڌِي ٿَڪِي نَه وِهي، تَتَي ڪَري تاڻَ،
وِڌائين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِي پاڻُ سُڪاڻَ،
پُڇي پَہَ پَکِينَ کي، پيئي مُنڌَ پَرِياڻَ،
ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا، تَنِ اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻ،
مانَ پَرچِي پاڻَ، اچي آرِياڻِي وَري.
(9)
توڻي وِلاڙون ڪَرين، توڻي هَلين وِکَ،
لِکِئي منجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَه ٿِئي.
(10)
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگ ڪِياڙي نَه ٿِئي،
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪين لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
(11)
جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
تِتي تيتريُون، گهَڙِيُون گهارَڻُ آئِيُون.
(12)
ڪيائِين ڪيچِيَنِ لَئي، جُسو جَلاوتَ،
ڇڏي، پيٺي ڇَپَرِين، هاري سَڀِ حجت،
هُئِي نِماڻِي نِستَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
(13)
پَنڌُ نَه پَنَڌَنِ جيتَرو، ڪِئن سُڄَنِدي ڪِيههَ،
جيڪَرَ ڪَرِيان رِيههَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَري
ٿي.
(14)
چُونِمِ مَرُ چَري ٿِيي، پَرُ جي سَڏُ سُڻِين،
مَرُ مُنهِين کي ڏِينِ، ماڙهُو اَچِيو مِهڻان.
(15)
ماڙهُو ڏيئي مِهڻان، مُون کي ڪَندا ڪوه؟
جنهن ڇوري ۾ ڇوهُ، سا پِٿُون ٿِيندي پيرَ تي.
وائي
توڏَنِ تان نَه تَنوارِيو، مُنهِنجو لالَنَ
وارِيو،
اَللهَ ڪارَڻِ، مِيان اوٺِيا!
شَرَفُ لَهي سَسُئِي، ڪُٺلِ کي ڪَمُ ڪارِيو،
مُنهِنجو لالَنَ وارِيو.
مينديءَ مورَ مَلِيرَ جا، چَانگَنِ کي سَڀِ
چارِيو،
مُنهِنجو لالَنَ وارِيو.
داستان ڇهون
(1)
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينهَن ٿِيا،
راتين روزَ وِيا، عَبَثَ آريءَ ڄامَ ري!
(2)
آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، سَهَسين سِڄَ وِيا،
هَلَڻَ ويرَ هِئان، ديکِي شالَ دَمُ ڏيان!
(3)
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَهين سِڄ،
آئُون جي ڏيائِن سَنيها، نيئِي پِرِيان ڏِج،
وَڃِي ڪيچِ چَئِج، تَه ”ويچاري واٽَ مُئِي.“
(4)
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، پويُون ٿِيو پَساه،
سِڪان ٿِي سَڪَراتَ ۾، رويو پُڇان راه،
شالَ مَ وَڃِيم ساه، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي!
(5)
آئُون نهَ گَڏي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
وِلَهِيءَ ڏِينهَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون! سَڀِيئي،
پِيريءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آريءَ ڏي کَڻي.
(6)
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِيو جاڙ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،
مُون مُٺِي کان نَه ٿِئي، وَڏَپَڻَ مَنجهه وِلاڙ،
عُمِرِ سَڀِ آواڙ، وِييم! ٿِي واڪا ڪَرِيان!
(7)
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، هِيءَ پُڻِ ڏِينهن
وِيو،
نهوڙي ناڀُن سين، مُون کي نِيهَن نِيو،
مَٺِي موتُ ٿِيو، ”پِيَ، پِيَ“ ڪَندي پَنڌَ ۾!
(8)
آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، آيو عِزرائِيلُ،
جو راڻي سين جيڏيُون، نَڪو قالُ نَه قِيلُ،
آيو موت دَليلُ، مارِيندو مُرادَ کان!
(9)
آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، مَٿان آيو مَوتُ،
واجهائِيندي وَرِهَ ٿِيا، هَڏِ نَه گَڏِيُمِ هوتُ،
جيڪُسِ ٿِينديَسِ فوتُ، فَنا هِنَ فِراقَ ۾!
(10)
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڳِجهُنِ ٿِيندي ڳاهُ،
سَسُئِي سوري چاڙِهيو، پِرِيان لَئي پُساهُ،
هو مِروُن، هيءُ ماهُ، ڪِينَ ڪَمِيڻي رَکيو.
(11)
وِلاڙِيو وڻين چَڙهي، رَئِي پَسِيو روءِ،
وچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪنهن پَرِ ڪَهِي لاهِيان!
(12)
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، اُنچَنِ مَٿي اَڄُ،
لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بُردارَ جي.
(13)
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِي، مورَ ٻَچَن جِئن.
(14)
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڪِي جو ڏِٺائِين،
موتُ به مارِيائِين، پاڻِ تَنهِين جي پُٺِ ۾.
(15)
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، پَسو! سَگههَ سَندِياسِ،
آڌيءَ وَڃِيو آکَڙي، نَڪو پِيُ نَه ماسِ،
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
(16)
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏوُر،
سُپيرِيان جي سُورَ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
(17)
پَري پَڙڏا ڪَري، اوري نَه آهي،
ڪَمتَرِ ڪا ڪاهي، پَهُچي هِنَ پَٽِيءَ کي.
(18)
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرُ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،
وَلولو ۽ وُوڪَ، اِي تان آهَ عِشقَ جِي.
(19)
رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرُ چَتُونءَس جِي چانگارَ،
اِيءَ عِشقَ جِي اُٻڪارَ، نَعرو آهي نِينهن جو.
(20)
رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِهڙي ڪَري جوءِ،
اِيءَ نَه عَورَتِ هوءِ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي.
(21)
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونج،
نَعرو مَنجههِ نِڪونجَ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي.
(22)
رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ،
اِي عِشقُ جو آوازُ، ماڙهُو رَکَنِ مُنڌَ تي.
وائي
هيءَ گهايَلِ هَڏِ گهوري، وو! اَلا ميان! ڪيچِي
مُون نَه سَڱِيڻان.
عِشق آريءَ ڄامَ جي، هِيءَ جهُونَڙي هَڏِ جهوري،
وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.
رَهِي جا رُڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇوري،
وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُوُنگَرَ ٿِينديَسِ
ڏوري،
وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.
داستان ستون
(1)
مري، جِيءُ ته ماڻِيين، جانِبُ جو جَمالُ،
ٿيين هُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِهائِي پاريين.
(2)
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، اَجَلان آڳي اَڄُ،
جَان ڪِين هُئين جِئري، تَه مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنهونءَ ساڻُ پَهَڄُ، تَه مَلَڪَ المَوتُ
ماڻِيين.
(3)
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، جِئڻُ آڏو جَتَ،
هاري ڪَرِ هِمَتَ، تَه ڏيئي دَمَ دوسُ لَهين.
(4)
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، ويهِي وِجههُ مَ ويرُ،
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، ڦِرَڻِ سَندو ڦيرُ،
توڻي لَهين نَه پيرُ، توءِ راحَتَ آهِ رِڙَهِڻَ ۾.
(5)
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، ويهي جِيّ مَ جوءِ،
مُنڌَ! مَرَڻا پوءِ، پَهُچَندِئَن پُنهوُنءَ کي.
(6)
اَجَلان اڳي، سَسُئِي! مُنڌَ، جِيَرِيائِي مَرُ،
ٽولِئان تِنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وِڃايو راهَ ۾.
(7)
مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينَ نَه مات،
هُوندا سي حَيات، جِيڻان اَڳي جي جِيا.
(8)
جِيڻان اڳي جي جِيا، جُڳ جُڳ سي جِينَ،
اُوءِ موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻا اڳي جي مُئا.
(9)
تو سامائي، سَسُئِي! مَرَڻُ ڪِيو مُردارُ،
ڪُپَرِ سين ڪوهِيارُ، لوٺِي! تو لَڄائِيو.
(10)
اُونچو اُتاهوُن، گهَڻوُن، جِيَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ! مُون سين هَلُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ
ڪَرِيان.
(11)
تو سَڱَ، ساهَ! گهَڻَن سين، جِئڻَ! گوشي جاءُ،
مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ
ڪَرِيان.
(12)
وَڏا طالِعَ تَنِ جا، جي مارَڳ مَنجهِه مَرَنِ،
ٻِيُون ڇا کي ڪَنِ، ڪوڙي دعويٰ دوست سين.
(13)
سَڏُ سُڃاڻِي پِرِينءَ جو، واڪي جي نَه وَرَنِ،
ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪوڙي دَعويٰ دوست سين.
(14)
مُيين جي مارَڳَ ۾، ڇَپَرِ ڇُلِي جي،
تَه قَدرُ ڪيچين کي، هُوندَ پَوءِ تُنهنجي پَنڌَ
جو.
(15)
پَرِ ۾ پَچِي پِرينءَ کي، مَري نَه ڄاتوءِ،
”مُوتُوا“ مُنڌَ نَه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان
ڪاٽِيين.
وائي
وِهُ مَ واٽِ وِرچِي، هو! الا مِيان!
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
ڪَنِين اَچِي ڪا ڪَهِي، ڪَنِين اَچِي ڪا چَئِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
اَمُلُ ڀانيان اُنَ کي، ساڄَنَ مون کي جا چَئِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
پيرَ پَٽائين ڪُونئرا، رائي ڪِيَسِ رَچِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
مُنهن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ! پَرَچِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
مُون کي تِنهِين مارِيو، جَتَن جا چَئِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
وِندَرَ واٽَڙِينِ کي، ڪانڌي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
ڪوڙي دَعويٰ دوست سين. |