سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:7 

مرزا شاهه حسين ارغون

]هي مضمون ماهنامه ”نئين زندگي“ جي جون 1956ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو، جتان ان کي اتاري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي[

        صدين جي ٺهيل ٺڪيل، مضبوط ۽ مستحڪم، ڪامياب ۽ ڪامران، سمن جي سلطنت جو زوال ان وقت ٿيو. جڏهن 914هه ۾ انهيءَ گهراڻي جي آخري بلند اقبال سلطان ڄام نظام الدين هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.

        زوال ۽ برباديءَ جي عام دستور مطابق، سندس پونيرن ۾ تخت ۽ تاج لاءِ جهيڙا ۽ جهڳڙا شروع ٿيا. هڪ طرف ڄام نظام الدين جو مدينه ماڇياڻيءَ جي پيٽ مان ڄاول، نا عاقبت انديش پٽ فيروز هو، ۽ ٻئي طرف ساڳئي خاندان جو هڪ ٻيو شهزادو صلاح الدين هو. ٻنهي وچ ۾ نزاع پيدا ٿيو، جهيڙا ٿيا، جنگيون لڳيون ۽ سمورو ملڪ خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ٻرڻ لڳو. ويڙهه جي ڄر ۽ ڄڀي سڄي سلطنت جي بنياد کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.

        صلاح الدين گجرات جي سلطان کان مدد وٺي سنڌ تي لشڪر چاڙهي آيو ۽ فيروز قنڌار ۽ سيويءَ جي ارغون حاڪم مرزا شاهه بيگ جو ڪٽڪ ڪهرائي اچي پهتو. ٻئي لشڪر ڌاريا، ٻنهي کي ملڪ سان ڪا همدردي ڪانه، ٻنهي ڌرين جي مددگار لشڪر سنڌ جي سرزمين کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. ڄام صلاح الدين شڪست کاڌي، ليڪن فيروز به فتحمند ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته شاهه بيگ ارغون لوور سنڌ جو ڪجهه حصو سندس حوالي ڪري، باقي سموريءَ سنڌ تي پنهنجو قبضو ڪيو. صلاح الدين ۽ فيروز جي خانه جنگي 914هه کان شروع ٿي ۽ 928هه ۾ مٿئين نتيجي تي اچي ختم ٿي. يعني صلاح الدين ختم، فيروز سنڌ جي ٿوري ٽڪري جو شاهه شطرنج، باقي سڄو ملڪ ارغونن جي حوالي.

        شاهه بيگ ارغون، امير ذوالنون جو پٽ هو. انهيءَ خاندان جو تعلق تيموري خاندان جي عظيم المرتبت حڪمران سلطان شاهه حسين بايقرا جي درٻار سان هو. جنهن جي دور ۾ اهو گهراڻو ڪابل، قنڌار ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جو حاڪم ٿيو. سلطان حسين بايقرا 912هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن کان پوءِ انهيءَ گهراڻي جو به زوال شروع ٿيو. ان وقت ايران اندر ٽي نيون طاقتون ظهور ۾ آيون: شاهه اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ امير تيمور گورخان (گورگاني) جي دود مان جو بلند اقبال نوجوان بابر. ٽئي هڪ ئي وقت ايران جي سرزمين تي پنهنجي قيام ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا.

        امير ذوالنون ارغون جو تعلق سلطان حسين بايقرا جي درٻار سان هو. انهيءَ گهراڻي جي ختم ٿيڻ بعد هن به حق نمڪ ادا ڪندي، سندس شهزادن جي طرفان مقابلا ۽ معرڪا ڪندي، محمد خان شيبانيءَ هٿان پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. کائنس پوءِ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون ڪابل ۽ قنڌار جو حاڪم ٿيو، جنهن هرات جي مرڪز ختم ٿيڻ بعد، پنهنجي گورنريءَ کي نيم آزاد سلطنت جو رنگ ڏئي ڇڏيو.

        شاهه بيگ اگرچه خودمختيار هو، ليڪن پنهنجي خودمختياري قائم رکڻ جي منجهس طاقت ڪا نه هئي. ”شيباني“، ”صفوي“، ۽ ”بابر“، هڪ ئي وقت سندس سامهون هئا. ڪجهه وقت ته هن پنهنجي حڪمت عمليءَ سان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن آخر بابر ڪامرانيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندي، اچي سندس ويجهو پيو هو.

        شاهه بيگ اگرچه پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو، ليڪن پنهنجو مستقبل کيس آخرڪار غير محفوظ ۽ تاريڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪري ڪنهن نئين ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ ان ۾ رهي پاڻ کي مضبوط بنائڻ لاءِ سوچڻ لڳو. سيويءَ تائين هن جو قبضو هو، ليڪن اهو معمولي خطو سندس گهراڻي جو بار ڪٿي کڻي ٿي سگهيو؟ سيوي سنڌ سان متصل هئي، تنهن ڪري هن جون اکيون ان تي هيون.

        سنڌ ان وقت پنهنجي گهرو لڙائيءَ ۾ مصروف هئي. بخت جي ڪنهن جو ڦاٽ کائي ته ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو. ڄام فيروز عين ان وقت کيس سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن هن کي پاڻ به اچڻ جي آرزو ۽ خواهش هئي. سيوي سندس مرڪز هو، دعوت ملڻ تي فورن هليو آيو.

        صلاح الدين جو ته، هن اچڻ سان خاتمو ڪيو، ليڪن عملي طرح فيروز کي به حڪومت نصيب ڪا نه ٿي. 927هه جي شروعات ۾ شاهه بيگ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ورندڙ سال جي آخر ۾ هن سنڌ ۾ انتقال ڪيو(1). مرزا شاهه حسين کانئس پوءِ سندس وارث ٿيو. جنهن تخت نشين ٿيندي ئي پهريون ڪم اهو ڪيو جو، لوور سنڌ جو جيڪو حصو فيروز جي حوالي هو سو به کائنس کسي، کيس گجرات ڏانهن اماڻي سمان خاندان جي اڍائن صدين جي حڪومت جو ڏيئو، هميشه هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو.

        شاهه حسين ارغون 22 شعبان 928هه تي سنڌ جي تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو ۽ ڪم و بيش 35 سال سنڌ تي حڪمراني ڪري 12 ربيع الاول 962هه تي هي جهان ڇڏي ويو.

        شاهه حسين جا اهي 35 ورهيه ئي سنڌ اندر جدوجهد ۾ گذريا، هڪ پل به هو واندو ڪونه ويٺو. ابتدائي چند سال ته هن کي سنڌ جي اندروني بغاوتن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳا. ان کان پوءِ هن پنهنجي سلطنت کي نه فقط مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو، بلڪه هيءُ به ڪوشش ڪيائين ته سنڌ جي حڪومت جون حدون چوڌاري وڌائي ڇڏي. سيويءَ تائين جو علائقو، اڳ ئي سندس قبضي ۾ هو. 933هه ۾ هن ملتان تي ڪاهه ڪئي، اچ کي فتح ڪري هن ملتان تي به وڃي قبضو ڪيو، ۽ اتي جي لانگاهه حڪومت کي ختم ڪري، ملتان جي دروازي تي هن پنهنجو جهنڊو کوڙيو. اتان جڏهن واپس وريو ته سڌو ڪڇ تي ڪاهه ڪري هليو ويو. اتي پڻ هن فتح ۽ نصرت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ گجرات ڏانهن رخ رکيائين. جتي به هن ڏاڍا معرڪا ڪيا، ليڪن ڪن ضروري سببن ڪري کيس سنڌ ڏانهن واپس ٿيڻو پيو.

        شاهه حسين جي دور جو وڏي ۾ وڏو واقعو آهي، شير شاهه کان شڪست کائي همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ اچڻ. شاهه حسين جي دانشمندي، فهم ۽ فراست جو وڏي ۾ وڏو امتحان انهيءَ زماني ۾ ٿيو. همايون 28 رمضان 947هه کان 7 ربيع الاول 950هه تائين برابر اڍائي سال سنڌ ۾ ڦرندو رهيو. ليڪن نه شاهه حسين ساڻس مليو، ۽ نه کيس سنڌ اندر ڪٿي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنائين. اگرچه ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا، ليڪن همايون کي هڙ حاصل ٿي ڪا نه سگهي. نيٺ هو تنگ ٿي، پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ مجبور سمجهي، سنڌ مان ڪوچ ڪري ايران طرف هليو ويو. همايون هتي رهڻ واري زماني ۾ حميده بانو بيگم سان پاٽ جي شهر ۾ نڪاح ڪيو، ۽ هتي ئي عمرڪوٽ ۾ 5 رجب 949هه جو سندس بلند اقبال پٽ ۽ هندستان جي مغل گهراڻي جو عظيم ترين بادشاهه اڪبر اعظم پيدا ٿيو.

        شاهه حسين ۾ حڪومت ۽ حڪمرانيءَ جا سڀئي گڻ موجود هئا، ۽ اهو ئي سبب هو جو هن سنڌ جي ڌارئي ملڪ تي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان حڪومت ڪئي. نه فقط ايترو پر هن جون حدون وڌائي ملتان، بلوچستان ۽ ڪڇ تائين پهچائي ڇڏيون. نه ڇڙو همايون جا اڍائي سالن جي جدوجهد بعد به هتي پير کُپي نه سگهيا، بلڪه شير شاهه جيڪو لاهور تائين همايون جو پيڇو ڪندو آيو، سو به سنڌ کان پاسو ڪري ٽري هليو ويو.

Text Box: 94
95
93
91
89
87
85
83
81
79
77
75
73
71
69
67
65
57
8
380
379
377
4
2 
12

        شاهه حسين، سلطان بايقرا جي درٻار ۾ اکيون کوليون هيون ۽ انهيءَ ۾ ئي هن پرورش حاصل ڪئي هئي. جنهن درٻار جا مير علي شير نوائيءَ جهڙا فاضل اجل وزير، مولانا جاميءَ جهڙا لافاني شاعر ۽ بهزاد مصور جهڙا عظيم ترين فنڪار رڪن رڪين ۽ زيب زينت هئا. هارون ۽ مامون جي درٻار کان پوءِ اها هڪ اهڙي درٻار هئي، جنهن جي علمي اوج ۽ اقبال جو اڄ تائين علمي طبقي جي دلين تي سڪو ثبت آهي.

        مرزا شاهه حسين جو ڏاڏو، امير ذوالنون ارغون بلند درجي جو عالم ۽ فاضل هو. سندس پيءُ شاهه بيگ نه فقط عالم ۽ اديب هو، بلڪه پنهنجي دور جو بي مثل شاعر به هو(1). اهڙيءَ طرح شاهه حسين به نه ڇڙو شمشير زن سپاهي ۽ با تدبير حڪمران هو، بلڪه بي مثل عالم، اعليٰ درجي جو اديب، بهترين مصور ۽ فارسي ۽ ترڪيءَ جو شيرين بيان شاعر هو. ”سپاهي“ سندس تخلص هو. سندس شعر جو ڪو به مجموعو هن وقت تائين دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي البته سندس منتشر اشعار، تاريخن ۽ تذڪرن ۾ منقول آهن. سندس شعر جو رنگ ڍنگ هن طرح آهي:

چو سبزه ترت از برگ ياسمين برخاست،
هزار فتنه بقصد دل از ڪمين برخاست،
ز آتشين رخ او خط عنبرين برخاست،
بجان زد آتش و دود از دل حزين برخاست،
فشاند زلف معنبر بروي چون مصحف،
شعار ڪفر ازان رو، ز اهلِ دين برخاست.

***

عشقت ڪه بود مايہء ارباب سلامت،
از وي نه بود حاصل ما جز به ندامت،
آن ڪس ڪه بتيغ ستم عشق تو ميرد،
نبود هوس زندگيش روز قيامت،
عمريست ڪه اي سرو خرامندهه گذشتي،
غائب نشد از ديدههء من آن قد و قامت،
چہ تير بود ڪه آن چشم نميخواب انداخت،
ڪه مرغ جان و دلم را در اضطراب انداخت.

        سنڌ ۾ اگرچه کيس گهڻي حد تائين درٻار آرائيءَ جو موقعو ملي نه سگهيو، ليڪن ان هوندي به هن علمي سرپرستيءَ ۾ ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. ايران جا ڪيترا عالم ۽ شاعر وطن ڇڏي وٽس اچي رهيا ۽ ڪيترا سنڌي عالم ۽ اديب سندس صحبت ۽ علمي مجلس ۾ شريڪ رهيا. مولانا جاميءَ جو خاص دوست ۽ شاگرد، شاهه جهانگير هاشمي، پنهنجي اباڻي وطن کي خيرباد چئي، هت اچي پهتو. ايران جو بي مثل شاعر حيدر ڪلوچ سندس ئي قرب ڪري ڪهي هتي آيو. فخري هروي به هرات مان لڏي سنڌ اندر سندس ئي داد و دهش سبب اچي پهتو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي اهل علم بزرگن جي موجودگي، سندس درٻار ۾ تاريخ جي وسيلي اسان کي معلوم ٿئي ٿي. جهڙوڪ: شيخ عبدالوهاب پوراني، شاهه قطب الدين هروي، مخدوم محمود فخر پوٽو، مولانا عبدالعزيز ۽ اثيرالدين ابهري، قاضي ڏتو سيوهاڻي، مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو، مخدوم ميران، مولانا ضياءَ الدين راهوتي، قاضي عبدالله درٻيلائي، شيخ الاسلام قاضي محمد اوچي، مولانا مصلح الدين لاري، شاهه حسين تڪدري ۽ شاهه مسعود صدر وغيره.

        شاهه حسين جي وقت ۾ فارسي زبان ۽ ادب سنڌ ۾ ڏاڍو عروج ۽ فروغ حاصل ڪيو. فارسيءَ جا ڪيترا ڪتاب انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر تصنيف ٿيا. مثنوي مظهر الآثار، ديوان حيدر ڪلوچ، فتاويٰ پوراني، شرح اربعين، شرح ڪيداني، شرح شمائل نبوي، حاشيه تفسير بيضاوي، شرح منطق وغيره انهيءَ دور جا يادگار ڪتاب آهن. اهڙيءَ طرح تذڪره ”روضة السلاطين“ به انهيءَ ئي زماني جو بي مثل تذڪرو آهي. سنڌي زبان جو ادب اگرچه قديم آهي، ليڪن شاهه حسين کان اڳ جو ڪو به شعر ۽ نوشتو اسان کي ملي ڪونه ٿو سگهي. شاهه حسين جي دور جو ئي اهو ڪرشمو آهي ۽ برڪت جو قاضي قاضن جا سنڌي ڏوهيڙا رهجي ويا، جيڪي اڄ سنڌي ادبي تاريخ ۾ اسان کي رهبريءَ جو ڪم ڏين ٿا.

        شاهه حسين کي نرينه اولاد ڪونه ٿيو. فقط هڪ نياڻي چوچڪ بيگم نالي هيس، جيڪا بابر جي پٽ ۽ همايون جي ڀاءُ مرزا ڪامران کي پرڻائي ڏنائين. جيڪا پڻ مڙسس جي اکين نڪرڻ بعد، ان سان گڏ هتان هجرت ڪري مڪه معظم ڏانهن هلي وئي ۽ اتي وڃي فوت ٿي. تنهن ڪري 962هه ۾ جڏهن مرزا انتقال ڪيو، تڏهن سندس حڪومت ٻن حصن ۾ سندس ٻن اميرن جي مابين وراهجي وئي. اپر سنڌ سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي ۽ ان جو مرڪز بکر ٿيو. لوور سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان قبضو ڪيو، جنهن ٺٽي جو دارالسلطنت قائم رکيو.

        مرزا شاهه حسين اگرچه ڏورانهين ڏيهه کان آيو هو ۽ ڌاريو بادشاهه هو. ليڪن سنڌ ۾ پهچڻ بعد هن پنهنجي قديم وطن سان سمورا لاڳاپا ٽوڙي پاڻ کي هتان جو وطني بنائي ڇڏيو. جيترو وقت هتي رهيو هتان جو ٿي رهيو. نه هن پاڻ کي ڌاريو سمجهيو، نه سنڌين سان هن ڌارين وارو سلوڪ ڪيو. قرب، محبت ۽ پيار واري طور ۽ طريقي سان هن سنڌين جو انهيءَ حد تائين اعتماد حاصل ڪري ورتو، جو هڪ گهڙيءَ لاءِ به سنڌين کيس ڌاريو، پرائو ۽ پرڏيهي نه سمجهيو.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريه سان)

 

ڊاڪٽر عترت حسين زبيري

 

]هي يادگار مضمون رسالي ”اردو نامہ“ جي 22 پرچي، ڊسمبر 1965ع ۾ ڇپيل آهي. ان جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ، جي پرچي، نمبر 04، سال 2012ع ۾ ڇپيو آهي[

 

اها سال 1958ع جي ڳالهه آهي. مارچ جي ٻي تاريخ هئي، اسان کي ڀنڀور وڃڻو هو. ڀنڀور کان شايد هاڻ هرڪو واقف آهي، پر اُن دور ۾ سواءِ مخصوص ماڻهن جي، ڪنهن جو به نه ان پاسي ڌيان هو، نه ڪنهن کي خبر هئي. ان ڏينهن ڀنڀور جي کوٽائيءَ جو افتتاح ٿيڻ وارو هو.

ڪراچيءَ مان تقريباً 8 بجي اسان جو قافلو نڪتو. جناب ممتاز حسن صاحب فنانس سيڪريٽري، مسٽر ڪوريل ڊائريڪٽر آثار قديم کاتو، هي نيازمند ۽ هڪ جرمن خاتون ڊاڪٽر اينميري شمل جيڪا هاڻ ته شاهه لطيف ۽ علامه اقبال تي گهڻو ڪجهه لکڻ ڪري سڄي پاڪستان ۾ معروف ۽ معزز آهي، پر ان دور ۾ پهريون ڀيرو ڪراچيءَ آئي هئي. اسان جي قافلي ۾ هڪڙو ٻيو معزز شخص به شامل هو. ڊگهو قد، اڇو رنگ، شڪل شريفانه ۽ خوبصورت، ڏاڙهي ڪوڙيل، ننڍيون مُڇون، اکين ۾ چمڪ، آواز سنجيده، نرم ۽ باوقار. پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ دوستاڻو انداز، ڪشاده دل ۽ مستاني ادائن جو مالڪ، مٿي تي ڍلو ڇٽيءَ نموني فليٽ هيٽ، وڏن پاچن واري کليل پينٽ، ڍِلو ڪوٽ، لباس جي ٺاهه ٺوهه ۽ ڇنڊ ڦوڪ کان بنهه بي نياز. اهو هو مرڪزي حڪومت جو تعليمي مشير ڊاڪٽر عترت حسين زبيري.

شايد اسان پهريون ڀيرو ملي رهيا هئاسين.  ڀنڀور تائين پهچندي پهچندي اسين هڪ ٻئي کان واقف ٿي وياسين، باقي جا گهٽتائي هئي ان جو پورائو، هڪ ٻئي سان تعارف ڪرائڻ وقت ممتاز حسن پنهنجي دلڪش اندازِ بيان سان ڪري ورتي. ڀنڀور جي ٽڪريءَ تي جڏهن اسان قدم رکيو ته اسين ٻئي دوست هئاسين. هڪ ٻئي جي ويجهو اچي چڪا هئاسين. هڪ ٻئي لاءِ دلين ۾ گرم جوشي هئي ۽ پاڻ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ دلين ۾ هڪ قسم جي ڪشش محسوس ڪري رهيا هئاسين.

کوٽائيءَ جو افتتاح ممتاز حسن صاحب پاڻ زمين ۾ پهريون لپو هڻي ڪيو. ان کان اڳ جو اُن قديم تاريخي ڀڙي کي کوٽيو وڃي. اسان خدا تعاليٰ جي بارگاهه ۾ گهڻي خلوص مان دعا گهُري. اها دعا عترت حسين زبيري گهُري هئي.

هڪ ڏينهن صبح جو ٽيلي فون جي گهنٽي وڳي.

”خليفة الواثق بالله جو ڪهڙو دور آهي؟“

”227هه کان 232هه تائين!“

”اڇا، ته پوءِ توهان هڪدم هليا اچو.“

اها ممتاز حسن جي فون هئي. سندس آواز ۾ گهٻراهٽ هئي، جنهن منجهان مون ائين سمجهيو، ته ڪوئي تمام اهم مسئلو آهي.

جڏهن به ڪا خاص ڳالهه هوندي، ڪائي دلچسپ شئي کولڻي هوندي، ڪو مخطوطو لڀندو، ميوزم لاءِ ڪائي شئي خريد ڪرڻ لاءِ ايندي هئي، تاريخي دستاويز ملندا هئا، ڪنهن به وڏي علمي ڪم لاءِ پروگرام جوڙڻ، يا ڪنهن علمي انجمن ٺاهڻ جو ارادو هوندو، ته ممتاز حسن صاحب جو فون تي اهڙي طرح آواز تيز، گهٻرايل ۽ تجسس وارو ٿي ويندو هو، ڄڻ شهر ۾ باهه لڳي وئي هجي ۽ هو فائر برگيڊ کي اطلاع ڏئي رهيو هجي يا ڪنهن اچانڪ موت جو اطلاع فوتيءَ جي عزيزن تائين پهچائي رهيو هجي. هونئن وڏي صبر و تحمل وارو هو، ڏاڍو تجربيڪار ۽ اونهو، سندس پياري ڌيءُ فوت ٿي وئي ته به پنهنجي لهجي ۾ ڪڏهن به گهٻراهٽ واري ڪيفيت پيدا ٿيڻ نه ڏنائين. ننڍا وڏا ٻيا به اهڙا مسئلا زندگيءَ ۾ آيس جيڪي ڪافي گهٻراهٽ پيدا ڪري پي سگهيا، پر هي شخص ڪڏهن به بيقرار نه ٿيو. اها بيقراري، پريشاني ۽ اها هيجاني ڪيفيت رڳو ان مهل ظاهر ٿي پوندي هئي جڏهن ڪو علمي مسئلو يا معاملو سامهون ايندو هو. اها ڪيفيت ان وقت کان اڃا به وڌي وئي هئي، جڏهن کان عترت حسين زبيريءَ ايجوڪيشن جي چارج ورتي هئي. ٻئي هڪجهڙا مذاقي هئا، ٻئي علم دوست هئا ۽ ٻئي هم مذهب هئا، ان ڪري سنگتي ٿي ويا هئا، ۽ ٻئي پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرن پيا، ان ڪري زبان ۽ عمل ۾ اهڙي بي چيني لازمي هئي.

مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ فنانس سيڪريٽري جي دروازي تي پٽيوالو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. جيئن ئي مان اندر داخل ٿيس مون ڏٺو ته، هي ٻئي صاحب هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺا هئا. مون کي ڏسندي ائين فاتحانه انداز ۾ مُشڪيا، جيئن انهن ڪو وڏو راز معلوم ڪري ورتو هجي يا انهن کي ڪنهن وڏي ڳُجهي خزاني جو راز ملي ويو هجي، يا ڪنهن اهڙي مسئلي کي انهن سُلجهائي ڇڏيو هجي جنهن کي سُلجهائڻ لاءِ، سڄي اُمت چوڏهن سَؤ سالن کان مٿا ڪٽ ڪري رهي هئي.

مان جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس، ان وقت زبيري صاحب پنهنجي کيسي مان، وڏي احتياط سان هڪڙو لفافو ڪڍيو. زبيري صاحب جڏهن مسڪرائيندو هو تڏهن سندس دلي خوشيءَ جا آثار مُنهن مان ظاهر ٿي پوندا هئا. سندس پيشاني جيڪا ڪشادي هئي تنهن تي گهُنج پئجي ويندا هئا جيڪي ڏاڍا سهڻا ۽ دلڪش محسوس ٿيندا هئا. ڏند ڏاڍا سهڻا هئس، جيئن موتي پويل هجن. مسڪرائڻ مهل ڏندن جو توازن ۽ جڙاوت ڏسڻ واري کي ڏاڍو متاثر ڪندي هئي.

لفافو  ڏيندي جيڪا مُشڪ سندس چهري تي ظاهر ٿي، سا مون کي پسند آئي ۽ اڃا به جڏهن مان ان جو تصور ڪندو آهيان ته دل جي عجيب حالت ٿي ويندي آهي.

لفافي مان هڪڙو سونو سڪو نڪتو.

”چئو منهنجا سائين!“ ممتازحسن ۽ زبيري صاحب جي زبان مان هڪ ئي وقت نڪتو.

”هي ڇا آهي؟“

”واثق بالله جو سڪو آهي!“

”ڪٿان مليو؟“

”ڀنڀور مان!“

اڳتي هلي معلوم ٿيو ته، اهو سونو دينار دنيا ۾ واحد اڪيلو سِڪو آهي. زبيري صاحب ۽ ممتاز حسن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي دولت ٿي پي سگهي؟ ٻئي خوش هئا.

ان کان پوءِ ٻئي ثقافتي، علمي ۽ ادبي تحريڪن ۾ اڃا وڌيڪ سرگرم ٿي ويا.

هيءَ به 1958ع جي ئي ڳالهه آهي، صبح جا ڏهه ٿيا هئا، اُها ئي فنانس سيڪريٽري واري آفيس، اهو ئي ممتاز حسن ۽ اهوئي عترت حسين زبيري. اڄوڪي سلسلي جي هڪ ٻي وِهڪَ اڳ به ٿي چڪي هئي. اسان سرڪار جي حڪم سان اردو ڊولپمينٽ بورڊ ڪراچيءَ جو بنياد وڌو. ممتاز حسن جي ڪوشش هئي ۽ زبيري صاحب جي تائيد، هڪڙو اسڪيم ٺاهڻ وارو ۽ ٻيو بي ڌڙڪ پيسا ڏيڻ وارو، پوءِ ڇو نه اسڪيمون ٺهنديون ۽ ڪيئن نه ڪم ٿيندا. اڄ اردو ڊولپمينٽ بورڊ جي بنيادي ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس هو. ياد نه ٿو اچي ته ان وقت مون کان سواءِ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ميمبر موجود هئا.

ان گڏجاڻيءَ ۾ زبيري صاحب لغت جا اصول ۽ لغت نويسيءَ جي فن ۽ گهُرجن بابت هڪ اعليٰ نوعيت جو علمي مقالو پڙهي اجلاس جو افتتاح ڪيو. مون کي خبر ڪونهي ته مقالي جو ڇا ٿيو، سندس ڪاغذن ۾ اهو آهي به، يا ڪونهي. جيڪڏهن اهو شايع ٿي پوي ته ڇا چئجي! اها وڏي ڪم جي شئي آهي.

ان ئي گڏجاڻيءَ ۾ طئه ٿيو ته، ادارو اردو جي وسيع تاريخي لغت مرتب ڪري. مولوي عبدالحق، باباءِ اردو مرحوم و مغفور کي لغت واري ڪم جو سربراهه مقرر ڪيو ويو.

حضرت جوش مليح آبادي علمي مشير واري حيثيت سان مقرر ٿيو. هڪڙي ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جون ميٽنگون سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾، ۽ منهنجي گهر تي ٿينديون هيون. جن ۾ اصول، ضابطا ۽ دفتري قانون واضح ڪيا ويا. ڊاڪٽر سيّد عبدالله، ڊاڪٽر ابوالليث صديقي ۽ ڊاڪٽر شوڪت سبزواري به ان ڪميٽي جا ميمبر هئا.

ڊاڪٽر عترت حسين زبيري غالباً مشرقي پاڪستان جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان مرڪزي حڪومت جو تعليمي مشير مقرر ٿي، وڏي جذبي سان، ڪجهه ڪرڻ واري ارادي سان پهتو هو. ممتاز حسن جهڙي سمجهدار، عاقل ۽ علم پرور مشير سان علمي سهڪار، سندس جذبي ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻ واري ارادي کي وڌيڪ تقويت بخشي ۽ طاقت ڏني.

ٻنهي جو خيال هو ته ڪنهن ملڪ، قوم ۽ حڪومت جي عزت آبرو مندي جو انحصار، چند جديد قسم جي عمارتن ۽ قيمتي ڪپڙن پهريل ڪارندن تي ناهي هوندو. پر ڪا به قوم اُن وقت سرخرو ٿئي ٿي ۽ ڪو ملڪ دنيا ۾ تڏهن عزت حاصل ڪري ٿو، جڏهن ان وٽ تاريخ جو سرمايو وسيع پيماني تي محفوظ هجي. قديم آثارن جو سلسلو منظم ۽ ترتيب سان هجي. ڪتب خانا، ميوزم ۽ علمي انجمنون ججهيون هجن، پنهنجي تاريخي ورثي ۽ ثقافتي روايتن جي عظمت جا بنياد، نه فقط مستحڪم هجن، پر انهن تي شعوري فخر پڻ هجي. سندن خيال بلڪل صحيح هو. دنيا جون ٻيون معزز قومون پنهنجي قديم روايتن جي ئي بنياد تي، دنيا ۾ عزت ۽ آبرو سان ڏٺيون وينديون آهن. ملڪيت جي گهڻائي، وڏيون وڏيون ڪوٺيون، صوفا ۽ ريفريجريٽر، ڪنهن قوم کي دولتمند ته ڪري سگهن ٿا، پر عظمت ۽ وقار نه ٿا بخشي سگهن. ان وقار ۽ عظمت جون ديوارون فقط ثقافتي ورثي جي بنيادن تي ئي کڄنديون آهن.

عترت حسين زبيريءَ اچڻ سان، ممتاز حسن صاحب سان ملي ذڪر ڪيل بنيادي اصولن تحت هن نئين ملڪ کي پنهنجي ورثي کان واقف ڪرڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا. سندن رستي ۾ ڪائي رڪاوٽ ڪانه هئي. ٻنهي جون شخصيتون نڪتهء چيني کان مٿي هيون. ٻنهي جو ڪردار آڱر کڻڻ کان مٿانهون هو. ان ڪري ٻنهي گڏجي ڪافي ڪم ڪيا ۽ ڪيئي علمي ادارا ٺاهيا. اڄ جيڪا ٿوري گهڻي ثقافتي عزت حاصل آهي اها انهن ڪارنامن جي طفيل آهي.

غالباً 1958ع جي نومبر جو مهينو هو، مان سيپٽمبر کان پنهنجي گهر ۾ بيمار پيو هئس. شام جو اٺين نائين جي وچ ڌاري هي  ٻئي دوست مون وٽ آيا. ممتاز حسن جي اها عادت هئي ته جڏهن به کيس ڪو صدمو پهچندو هو تڏهن بظاهر صبر کان ته ڪم وٺندو هو، پر اندر ۾ باهه ٻرندي رهندي هيس. اهڙي حالت ۾ کيس جڏهن ڪو دل گهريو دوست ملي ويندو هو، ته اڪثر ڪري شعر پڙهڻ لڳندو هو ۽ ضابطي جي باوجود اکيون به ڀرجي اينديون هيس. ڪڏهن ڪڏهن ٿڌا ساهه کڻڻ لڳندو هو ۽ مُنهن ڦيري اکيون به اُگهندو رهندو هو.

عترت حسين زبيري انگريزيءَ جو جيد عالم هو. اهڙو عالم ۽ اهڙو استاد جنهن خود اهلِ زبان وارن وٽ به وڏي طمطراق سان پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هئي. پر هو اُن جي باوجود جيئن ته مالدار نه هو، ان ڪري ساڳيو مشرقي مسلمان، ساڳيو عبادت گذار ۽ ساڳي عالمانه ڪسرنفسي ۽ سادگي. ڍلي انگريزي پوشاڪ ۽ مشرقي جسم ۾ مسلمان جو روح هئس. کيس انگريزي شعر ۽ چوڻين سان گڏوگڏ فارسي ۽ اردو جا شعر پڻ ياد هوندا هئا، ۽ مهل موقعي سان شعر بيان ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻندو هو.

مون کي دل جي بيماري هئي. هي ٻئي دوست احتياط ڪندا هئا ته منهنجي اڳيان ڪنهن تڪليف واري واقعي جو اظهار نه ٿئي. ممتاز حسن جي ڌيءُ جي وفات ٿي چڪي هئي، دل ڪپجيس پئي، گهر ماتم جو ميدان ٿيو پيو هئس، پر جڏهن مزاج پرسيءَ لاءِ مون وٽ ايندو هو ته ڪوشش اها ڪندو هو ته، هن جي اندر جي ڪيفيت مون اڳيان ظاهر نه ٿئي. پر ڪيستائين؟ هو مومن آهي ان ڪري هزار ڀيرا ضبط ۽ تحمل جي باوجود هن جي دل جي ڪيفيت، سندس چهري مان ظاهر ٿي پوندي هئي. هو هزار ڀيرا لڪائي پر چهرو ڪڏهن به رازدان ٿي نه ٿو سگهي.

اُن شام جو، هو ڪجهه وڌيڪ پريشان هو. مون ڏٺو ته عترت حسين زبيري صاحب پڻ ملول آهي. مان تاڙي ويس، پر همت ڪانه ٿي، جو پڇان. مان پاڻ به ڊنس پئي. جيڪڏهن ڪائي اهڙي تهڙي ڳالهه ٿي، ته خبر ناهي ڇا ٿيندو.

ٻنهي شعر پڙهڻ شروع ڪيا. ٻنهي جي مُنهن جو پنو لهندو پي ويو، ۽ ممتاز حسن ڪيترا ڀيرا اکيون ڦيري ڳوڙها پڻ اُگهيا.

ڪنهن اسڪيم بابت مون ڳالهه ڪڍي، تڏهن مون ڏٺو ته ٻئي دوست معمول موجب گرم جوشيءَ سان ان ڳالهه ڏانهن متوجهه نه ٿيا، هان هُون ڪري ٽارڻ جي ڪري رهيا هئا. بهرحال ڪائي ڳالهه اهڙي هئي جو جواب ڏيڻ کان سواءِ هنن لاءِ ڪو چارو ڪونه هو. ٻئي مجبور هئا. ان مهل راز ظاهر ٿيو ته جناب عترت حسين زبيري عنقريب پنهنجي عهدي کان آجو ٿيڻ وارو آهي، ان ڪري هاڻ هو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. سمورا ارادا ۽ سڀئي پروگرام ختم. جذبن ۾ ماٺار اچي وئي هئي.

ممتاز حسن جڏهن ڪنهن روحاني تڪليف ۾ مبتلا هوندو هو، ته هڪدم ڪنهن دلي دوست جو گهر ”پناهه گاهه“ طور ڳوليندو هو ۽ اتي ڪجهه گهڙيون ويهي، دل وندرائي پوءِ هليو ويندو هو. معلوم ٿيو ته ان وقت به زبيري صاحب جي واندي ٿيڻ واري ڳالهه تي سخت روحاني ڪوفت ۽ اذيت ۾ گرفتار هو ۽ کيس پناهه جي ضرورت هئي.

ڳالهه به نازڪ ۽ ڏکاري ٿيڻ جهڙي هئي. پاڪستان جي علمي ۽ ثقافتي استحڪام ۽ عظمت لاءِ، هي ٻئي شخص جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارا هئا، ان جي اڃا شروعات ٿي هئي.

زبيري صاحب کي اهو ڏک ڪونه هو ته، هُو پنهنجي عهدي کان آجو ٿي رهيو آهي. چوندا آهن ته:

پائے گدا  لنگ نیست، ملک خدا تنگ نیست

 

علم جو ۽ عمل جو صاحب هو، کيس خدا اِها دولت بخشي هئي، جنهن جو نه زوال اچي پي سگهيو ۽ نه اها ختم ٿيڻ واري هئي. جتي به وڃي ها اتي عزت ماڻي ها. شينهن جنهن به جهنگ ۾ ويندو آهي اتان پنهنجو شڪار ڪري وٺندو آهي. آخرڪار ٿيو به اِئين. وطن مان نڪتو، ماڻهن سمجهيو غريب الوطن ٿي ويو، پر هو غيرن ۾ ويو ۽ پنهنجن کان وڌيڪ مرتبو ماڻيائين.

عترت حسين زبيريءَ سان منهنجي اها آخري ملاقات هئي. پوءِ هو يورپ هليو ويو ۽ مان منيلا وڃي پهتس. هڪ ٻئي جي خبر نه رهي. هڪ ڀيري ممتاز حسن وٽ، ان جا خط ڏٺم، دوستن جي ياد ۽ وطن جي محبت ۾ ڪئي دلسوز شعر لکيل هئا. ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ سندس جسم ته جتي آهي، اتي وڏي آرام ۾ آهي، پر سندس روح بي قرار آهي. دوستن لاءِ ۽ وطن جي خاطر.

هڪ ڏينهن شام جو مان پراڻيون تصويرون ڏسي رهيو هئس. ڀنڀور واري ان سفر ۾ مون جيڪي تصويرون ڪڍيون هُيون اهي اڳيان اچي ويون. ممتاز حسن، ڊاڪٽر اينميري شمل، مسٽر ڪوريل ۽ ڊاڪٽر عترت حسين زبيري. ڇپري نما ٽوپي، ڍلو ڍلو انگريزي لباس، ويڪري پيشاني، کلمک چهرو، ڪيتري وقت تائين انهن پراڻين يادن ۾ گم رهيس.

ٻئي ڏينهن معلوم ٿيو ته عترت حسين زبيري غريب الوطني ۾ هن فاني جهان مان ڪالهه موڪلائي ويو. اِهو اُهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن مان سندس تصويرون ڏسي رهيو هئس.

موت برحق آ، هر ڪنهن کي مرڻو آ. هڪڙو موت انفرادي هوندو آهي، هڪڙو موت اهڙو هوندو آهي جيڪو خاندان تي اثر انداز ٿيندو آهي، جنهن جو اثر سڄي قبيلي تي پوندو آهي. پر هڪڙو موت اهڙو به هوندو آهي، جنهن جو اثر اجتماعي زندگي ۽ سڄي معاشري تي پوندو آهي. اهو هڪ عالم جو موت هوندو آهي جنهن سان سڄي قوم کي نقصان پوندو آهي. عترت حسين زبيريءَ جو موت فرد جو موت ڪونهي، هي موت اهو ڪونهي جنهن جو اثر رڳو خاندان تي پوي يا قبيلو متاثر ٿيو هجي، هي اهو موت آهي جيڪو سڄي ملڪ ۽ سموري قوم لاءِ نقصان جو ڪارڻ ٿيو.

عترت حسين زبيري هر روز قوم ۾ پيدا ڪونه ٿيندا آهن. قومن کي اهڙن فردن جي وڃڻ جي ڪري جيڪو نقصان پوندو آهي، ان جو احساس تمام دير سان ٿيندو آهي، پر ان احساس جا اثر عارضي نه، مستقل هوندا آهن.زخم جڏهن ٿڌو ٿيندو آهي تڏهن اُن جي سور ۾ وڌيڪ شدت ايندي آهي. (1)


(1) 22 شعبان 928هه جو انتقال ڪيائين. ”شهر شعبان“ مان سال وفات نڪري ٿو.

(1) سندس تخلص ”نفسي“ هو.

* ترجمو: آزاد قاضي.

(1) راشدي صاحب جي هن دلچسپ مضمون جو، ٻيو ترجمو ٽماهي ”تخيّل“ جي سال 2016ع جي پرچي نمبر 02، ۾ ڇپيو آهي. مترجم: محمد صديق منگيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org