سچل کان پوءِ
[پير حسام الدين راشدي مرحوم
17 جولاءِ 1981ع تي، سچل سرمست جي عرس تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾، صدر جي
حيثيت ۾ هي تاريخي تقرير ڪئي، جا ”سرمست“
نمبر 02، سال 1982ع، ۽ ماهنامه ”پارس“ مئي 1983ع ۾ ڇپي آهي]
جناب غلام محمد
صاحب، منهنجا دوست تنوير صاحب ۽ عزيز دوستو.
اردو۽ فارسي ۽
سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ منهنجي قابليت جي تشهير ڏئي،
مان کي به هفت زبان ثابت ڪرڻ گهري ٿو پيو تنوير
صاحب: مان ڏسان ٿو ته هتي توهان وٽ هفت زبان ڪنهن کي چوڻ، يعني هن
جي انتهائي قابليت جو دليل شمار ڪيو وڃي ٿو پيو.
بهرحال توهان به
اڄ تقريرون ٻڌيون. مان کي ٻيو دفعو آهي، ۽ اها
سعادت آهي منهنجي لاءِ، جو هن درگاهه تي آيو
آهيان، ۽ سڀني توهان هيءَ ضرورت محسوس ڪئي ته سچل
تي ڪم ڪونه ٿيو آهي، ۽ اها حقيقت آهي. مان اڳئين
دفعي به توهان کي عرض ڪيو هو ته ڪم ڪونه ٿيو آهي.
جنهن نموني رسالا ڇپيا آهن، تن مان ڪن جي اسان کي
ذاتي طرح خبر آ، ۽ بهرحال جو ڪجهه ڇپيو آ، سو نور
اعليٰ نور آ. ليڪن سچل تي تحقيق ڪرڻ جي از حد
ضرورت آ، ۽ انهيءَ جي سڀني مقالن ۾ مانهنجن دوستن
شدت محسوس ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته توهان جي
خيرپور جو علم دوست ڊي. سي صاحب انهيءَ شئي جو
احساس ڪندو، ۽ اڳي مان به توهان جي خدمت ۾ ۽ سندن
خدمت ۾ عرض ڪيو هو ته لوئر سنڌ ۾ ڪم تمام گهڻو ٿيو
آهي. اتي مختلف ادارا آهن. اتي ماڻهن جي نشونما ٿي
آهي، اتي اديب پيدا ٿيا آهن، اديبن کي آئوٽ ليٽ
مليو آهي ۽ جيسين اسان جي اديبن کي رستو ڪونهي ڪو
۽ پنهنجي جذبات جي اظهار ڪرڻ جو ڪو ابلاغ ڪونهي
ڪو، تيسين ڪابه شئي نسري ڪونه ٿي سگهي.
تنهن ڪري، هتي
هي ميلا
ئون ملاکڙا سون آهن. اهي اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ ۾ هرسال
ڇا، بلڪ سچل جي درگاهه تي روزانو ميلو هوندو هو، ۽
ويهن سالن جي خاموشيءَ ۽ سڪتي کان پوءِ
غلام محمد صاحب (ڊي. سي) ۽ ٻين دوستن انهيءَ کي
ٽوڙي وري نئين سر ڪيو آهي، پر بهرحال اهو ٺيڪ آ،
ميلا ٺيڪ آهن، پر جيڪو دور توهان جي سامهون اچي
رهيو آ، اهو فقط ميلن ملاکڙن جو ناهي، هڪڙو نهايت
سنجيدي ذهن وارو دور اچي رهيو آ.
توهان کي ياد
رکڻ کپي ته اسان جو نوجوان جيڪو اسان پيدا ڪيو آ.
جيتوڻيڪ اسان ڳائي گيهه جي ايج (دور) جي پيداوار
آهيون، پر اڄوڪو نوجوان ايٽمڪ ايج جي دور جي
پيداوار آهي. اهو وڏو ذهين آهي، وڏو سمجهدار آهي،
اسان کئون ڪيئي ڪوهه اڳتي آهي، هن جو فهم هن جي
فراست، هن جي سوچ.
جيئن مانهنجي
محبوب دوست مولانا قاسمي، وري چوندو ته حملو ٿو
ڪري مان تي، جيئن اڄڪلهه پيشو اختيار ڪيو اٿن ته
ٻه ڪلام مجيد جا ورق ڇپائي، ڪنهن ڊپٽي ڪمشنر کي
سڏي، اهو ڏيکاري، وري ڇهه مهينا ڪڍي ٿا وڃن. سيرت نمبر ڇپي، توڙي چار سال رسالو (مهراڻ) نه نڪري، پر سيرت نمبر ڇپي، ڪنهن وزير کي سڏي،
اهو ڏيکاري، وري ٻارهن مهينا آرام ڪن. انهيءَ قسم
جو زمانو قطعاً نه آهي. ماڻهو پڇن نه ٿا چون نه
ٿا، اها ٻيءِ شئي آهي، ليڪن ماڻهو سمجهن
ٿا.
توهان جا هي مرڪز... ياد رکي ڇڏيو ته قومون نه حڪومتن تي مدار رکنديون آهي. ۽ نه جاين، عمارتن ۽
ٻين عظيم الشان تعميرن تي آبرو ۽ عزتمند ٿينديون
آهن. قومون هميشہ فنڪارن، سائنسدانن، مفڪرن ۽
شاعرن جي آڌار تي دنيا ۾ عزت پائينديون آهن. مان
کي ياد آهي، جنگ جي زماني ۾ جيڪا ٻي جنگ ٿي تڏهن
هڪڙي ملڪ جڏهن ان ۾ جنگ شروع ڪئي، تڏهن پنهنجا سڄا
فنڪار، پنهنجا سڄا شاعر ۽ سائنسدان ملڪ جي هڪ
اهڙيءَ ڪنڊ کڻي وڃي محفوظ ڪيا، جاتي جڏهن صفا ملڪ
تباهه ٿي وڃي، تڏهن اوستائين دشمن پهچي سگهي. هنن
چيو ته ڀئي هي اسان ساڻ ڇاهي؟ هنن چيو ته بابا
ماڻهو هر وقت ماءُ ڄڻي سگهي ٿي پئي، فنڪار ۽ اهل
فن ۽ هنرمند ۽ شاعر ۽ فلاسافر اهي روز روز پيدا ڪونه ٿيندا. توهان وٽ
شاهه کنئون پوءِ ڪو ٻيو شاهه آيو آهي؟ سچل کان
پوءِ ڪو ٻيو سچل پهتو آه؟ صدين ۾ ڪو هڪڙو ماڻهو
پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پيغام آڻيندو آهي ۽ قوم کي
بيداري ڏيندو آهي، ۽ قوم کي هڪڙي دولت بخشي ڇڏيندو
آهي. دائمي ۽ ابدي.
زمانو بيحد ڏکيو
ٿو اچي. توهان کي ياد رکڻ کپي ته حڪومتن جي ذريعي
انتظام ته امڪان آهي ته هلي سگهي ٿو، ليڪن مذهب
قائم رهي نه ٿو سگهي، نه مذهب ڦهلجي سگهي ٿو.
جيڪڏهن مذهب حڪومت جي ڏنڊي سان ڦهلجي سگهي ها ته
(اڄ) دهليءَ ۾ يا هندستان ۾ هندن جي ميجارٽي قطعاً
نه هجي ها. اٺ سؤ ورهيه هتي مسلمانن حڪومت ڪئي آ.
مذهب يا انسانيت يا اوچو اخلاق ۽ انساني وحدت هنن
صوفين ۽ بزرگن جي ذريعي آئي آهي ۽ انهن جي پيغام
تي توهان قائم رهو.
صوفي سچل سرمست
هو يا مست الست هو. ڪو انهيءَ سان واسطو ڪونهي.
زمانو اهڙو ڏکيو اچڻ وارو آهي جو انهيءَ شئي کي ڪو
ڪونه ليکيندو. تنهن ڪري، هن جو جيڪو پيغام آهي، هن
جيڪا دولت توهان کي ڏني آهي، جنهن بناءَ تي توهان
اڄ اچي هت ڪٺا ٿيا آهيو، انهيءَ جي سلسلي ۾ توهان
کي پورو پورو قدم اڳتي وڌائڻ کپي.
مان اڳي به
توهان کي عرض ڪيو هو ته انهيءَ شئي جي لاءِ توهان
وٽ اڪيڊمي جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اهو
بيحد مشڪل آهي. اسان وٽ ٻه ادارا آهن، ادبي بورڊ ۽
سنڌالاجي. بيحد مشڪل آ. ايڏو وڏو اسڪوپ آ، ايڏو
وڏو ڪم آ، جو امڪان ڪونهي. مان کنئون هڪڙي دفعي
هڪڙي وڏي بزرگ ۽ شفيق دوست خدا
بخشيندس، هاڻي مرحوم ٿي ويو آهي، پڇيو ته سنڌ تي اڃا،
حسام الدين، گهڻو ڪم آهي؟ مان چيو، سائين،جيڪڏهن سؤ ماڻهو هجن ۽ سؤ ورهيه ڪم ڪندا رهن ته سورس مٽيريل فقط ڇپجي، سنڌ جو، انهيءَ جي لاءِ ناڪافي آهي! تنهن ڪري انهيءَ منجهائون اندازو ڪيو
ته ڪيڏو ڪم آهي. منهنجو عرض اهو آهي ته ايڏو وڏو
اسڪوپ آهي. توهان وٽ ٻه ادارا ڪنهن به حالت ۾ ڪافي ٿي نه ٿا سگهن پيا. توهان کي هتي
”سچل اڪيڊمي“ ۽ خدا جي واسطي انهيءَ سان ”سرمست“
جو لقب نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته سرمست جي معنيٰ جي نڪا
توهان کي خبر آهي ۽ نه انهيءَ جا جيڪي مفهوم آهن
اهي توهان سمجهي سگهو ٿا. توهان سمجهو ٿا ته
سرمستي هڪڙو خدا وٽ پهچڻ جو ذريعو آهي. قطعاً غلط
آهي. سچل سرمست جو قائم رکڻ ۽ شاهه لطيف کي قائم
رکڻ ۽ شاهه عنايت کي سنڀالڻ ايهو توهان جو، جيڪڏهن
غيرتمند قوم آهيو ۽ زندهه آهيو ۽ جيئرا رهڻ ٿا
چاهيو، ته انهن کي قائم رکو. ڇاڪاڻ ته اهي مرڪز
آهن توهان جي زندگيءَ جا، توهان جي وحدت جا، توهان
جي تاريخ جا. توهان فقط انهن ساڻ زندهه رهي
سگهندؤ. انهن کان علاوه توهان ڪا شئي ڪونهيو.
تنهن ڪري، منهنجا دوستو، مان اڳي به عرض ڪيو آهي ته اپر سنڌ صفا خالي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جو ميدان تمام
وسيع آهي. مان کي افسوس آهي، چوڻ جي لاءِ گهڻو
مواد آهي، پر هاڻي اسان پوڙها ماڻهو، بئٽري ڊسچارج
ٿي چڪي آهي چار ڪلاڪ ويهاري، توهان به ٿڪا آهيو،
تنهن ڪري مختصراً عرض ڪندو ٿو وڃان، سرسري عرض ڪندو ٿو وڃان. توهان کي انهن
شين تي سوچڻ گهرجي، جڏهن توهان کي فرصت ملي.
سچل پنهنجي سر
هڪڙو ماڻهو ڪونهي ڪو. سچل هڪڙو پيغام آ، جيڪو هتي
سون شاعرن انهيءَ تي عمل ڪيو آ ۽ پنهنجو ڪلام چيو. انهن سڀني تي توهان کي تحقيق ڪرڻ گهرجي. خود سچل جي سوانح
تي اڃا تائين تحقيق ٿيل ڪانهي ڪا. مان کي ياد آهي
چڱي طرح ته مرحوم گربخشاڻي جڏهن شاهه جو رسالو
شايع ڪيو،
تڏهن پهريون دفعو آرائش ۽ تزئين جي
لحاظ سان آغا صوفي مرحوم، جيڪو هتان جي درگاهه جو
ايترو ئي عقيدتمند، ايترو ئي عاشق ۽ ايترو ئي
وارفتہ ۽ جان فدا هيو، جيئن اسان جو اڄ علي اڪبر
درازي ڏسو ٿا پيا، انهيءَ ويچاري تمام سٺي نموني
رسالو شايع ڪري ۽ هيءَ تسڪين ڏيڻ دل کي گهري ته
گويا گربخشاڻيءَ جي مقابلي تي هن شايع ڪيو هو، سچل
جو رسالو.
از اين قسم،
جڏهن اسان شايع ڪيو هو مرحوم انصاريءَ جو رسالو،
تڏهن مان کي ياد آهي ته هن مرزا قليچ بيگ جو يا
ڪنهن جو رسالو بهترين ڪاتب کئون نقل ڪرائي، سهڻو
جلد ٻڌرائي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ پاڻ ڀي ميمبر هيو، ۽
ظاهر آهي، جيئن ميمبر
ميمبر جي پرده پوشي ڪري ٿو پيو، اهو عيناً نقل آهي. جيئن اسان جي
پهرين دوست نهايت خوبصورت ۽ نهايت فڪر انگيز ۽ مان
کي واقعي خوشي ٿي آهي ته خاموشيءَ سان ڪيترو ڪم ٿي
رهيو آهي. اهو اسان ڪن مجبورين جي هيٺ انصاريءَ جو
شايع ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين هليو اچي ٿو پيو. اهو
ڪو تحقيقي ڪونهي ڪو، نه انهيءَ کي مستند نسخو چئي
سگهجي ٿو.
اها شئي بلڪل
غلط آ ته سچل جا نسخا نه ٿا ملن. توهان ڳوليا ڪاٿي
آهن؟ هن تر ۾ جيڪڏهن توهان قديم لئبرريون ڏسندئو ته قطعاً توهان کي نسخا ملندا. جڏهن اسان جي گربخشاڻيءَ ڪم
شروع ڪيو، تڏهن ٻه ٽي نسخا معلوم ٿي سگهيا هئس.
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جڏهن ڪم شروع ڪيو، جيڪو
افسوس آهي مڪمل نه ٿي سگهيو، ته ڇٽيهه نسخا هن کي
شاهه جا مليا هئا. ته توهان وٽ جڏهن ڪو ادارو ٺهي
ٿو، توهان وٽ اهو مستقل آهي ۽ انهيءَ ۾ جان آهي ۽
انهيءَ ۾ ماڻهو فداڪار يعني ڪم ڪندڙ آهن، ته توهان
کي ڪيترا نسخا هن تر منجهئون ملندا، ۽ انهن تي
توهان ڪم ڪري سگهو ٿا. جان الله شاهه رضويءَ تي ڪم
ڪونهي ٿيل. بيدل بيڪس تي ڪونهي. ٻڍڙي فقير تي
ڪونهي. ٻڍڙي جي درگاهه مان وڃي ڏٺي آهي. سندس
سجادهه نشين نهايت نازڪ نفيس، جيئن سنڌي ۾ چوندا
آهن ڊيل وانگر، سڀ صحيح، ليڪن ٻڍڙي فقير جي درگاهه
جيڪا آهي، سا ويران ۽ بيحد ضرورت آهي ته ان جي
ديوان ۽ ان جي سوانح شايع ٿئي. يعني تعجب آهي ته
ٻڍڙي فقير ۽ سندس والد جو نالو ملي ٿو پيو. پوٽو ۽ پڙپوٽو يا سندس ڏوهٽا موجود آهن، ليڪن ڏاڏي جو
(نالومعلوم) ناهي. هاڻي اهي سڄيون شيون آهن.
شڪارپور جو شهر توهان وٽ بيحد
تاريخي ۽ هن وقت مان کي معلوم آهي ته هن ۾ قيمتي
ذخيرو ۽ نسخا ۽ فرامين تاريخ جا موجود آهن.
روهڙيءَ جي شهر جو هر هڪ گهر ڀريل آهي تاريخي نسخن
سان، ۽ تاريخي آثارن سان. اهي سڄيون شيون توهان جي
ملڪيت آهن ۽ توهان جي عزت ۽ توهان جي ملڪ جو بقا ۽
قيام جيڪو آهي، اهو انهن شين تي آهي.
هن کان اڳتي
دنيا اهو نه ڏسندي ته سچل پنج وقت نماز پڙهندو هو يا ڏهه
وقت يا مورڳو پڙهندو ئي ڪونه هو، يا ڀنگ پيئندو هو
يا چرس ڇڪيندو هو، يا عابد زاهد هو. انهيءَ شئي کي
قطعاً تسليم نه ڪندي. زمانو اهڙو ڏکيو ۽ تيزيءَ
ساڻ اچي رهيو آ. ايڏيءَ تيزي سان اچي رهيو آ، جو توهان تصور به نه ٿا ڪري سگهو.
انهيءَ ايٽمڪ ايج ۾، انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪابه شئي
توهان کي قائم رکي سگهندي ۽ آبرومند بڻائيندي ته
اها فقط اها شئي آ، جيڪا بزرگ اوهان جا يا بحيثيت
انهن جي جانشين جي پيدا ڪري ويا ۽ جا ڏيو ٿا اوهين
ايندڙ نسل کي. ائين نه ٿئي جو
ايندڙ نسل جيڪو اسان جو ٿئي. توهان کان نهايت واضح
ذهن آ ان جو ۽ ان کي هڪڙو نصب العين آهي اڳتئون، اهو پڇاڙيءَ ۾ اسان تي لعنتون وجهي ۽ اسان تي چار قل به نه
پڙهي! زندگي بيحد معمولي ۽ حقير آ، انهيءَ جي ڪابه
قيمت ڪانهي ڪا،
انهي کي قائم ۽ آبروءَ جهڙي رذيل شئي قائم رکڻ جي لاءِ ماڻهو در در جا جانا
ڪري، وقت ضايع ڪري، قومي خزانو اڪارت ڪري، ۽
انهيءَ ڌوڪيبازيءَ کان ڪم وٺي. مان سمجهان ٿو
انهيءَ کئون، جيئن اڳي منهن ڪارو ڪري گڏهه تي
چاڙهي شهر ۾ ڦيرائيندا هئا، پنهنجو پاڻ کي ماڻهو
سمجهي ۽ پنهنجي گناهن جي دامن ڀرپور ڏسي پاڻ کي
ائين ڪري... اهو ڌوڪو، اهو فريب، ممڪن آ ته ڪجهه وقت تائين مهلت ڪنهن کي ڏئي به سگهي.
ليڪن وقت ايڏو گذرندو ٿو وڃي پيو، جو وقت ته توهان
موٽائي ڪونه سگهندئو نه؟ ۽ آخر توهان کي مرڻو آ. آبرو ڇا ٿيندي آ، پئسو ڇا ٿيندو آ، انهيءَ کي
ٿڪ به ڪونه هڻي. ماڻهوءَ کي
انهيءَ جي لاءِ خدا ڪونه خلقيو آ، ڪنهن ڪم ۽ مقصد
جي لاءِ خدا خلقيو آ.
تنهن ڪري،
منهنجا دوستو، هاڻ ڏسان ٿو ته ڪو ڪتاب جو جهلڪو ٿو
ويٺو هڻي، ڪو پکو ٿو پاڻ کي ويٺو هڻي، پگهر ۽ پسينو، بک به لڳي هوندي، جيڪي روزائت نه هوندا. خدا
ڪري سڀني کي روزو هجي. پر، بهرحال مان هاڻي توهان
سڀني کان اجازت ٿو وٺان پيو. ڳالهيون جڏهن يار
گڏجن ٿا، دوست گڏجن ٿا ته گهڻيون ڪرڻ جون آهن.
ليڪن هاڻي نه وقت آهي ۽ نه مان سمجهان ٿو مناسب
آهي. مان چند معروضات اوهان جي آڏو رکيا آهن.
يونيورسٽي توهان وٽ فعال هجڻ کپي. يونيورسٽيءَ ۾
مان نه ٿو ڏسان ته ڪوبه ڪم هتي ٿئي ٿو پيو. توهان
انهيءَ کي فعال ڪيو. سچل اڪيڊمي ٺاهيو.
يونيورسٽيءَ ۾ سچل جي چيئر رکو، جتي خود تحقيق ۽
تخليق ٿئي. انهيءَ سڄي پراجيڪٽ تي. ٻيو توهان کي
مان صرف عرض هي ٿو ڪري ڇڏيان، خبر ناهي ته هيءَ
درگاهه اوقاف جي حوالي آهي يا مالڪن جي حوالي آهي؟
حافظ شيرازي جو هڪڙو شعر آهي:
فقيہ مدرسہ وي مست بود و فتوي داد،
مي حرام ولي به ز مالِ اوقاف ست
(شراب حرام آهي پر اوقاف جي مال کئون وري به چڱي
شيءِ آهي).
اوقاف جيڪا
عقوبت اسان جي مڪليءَ جي تاريخ سان ڪئي آهي، خدا
شاهد آهي ته انهيءَ تي جيڪڏهن ڪو ملڪ ۾، اهو داد
فرياد، ڪو حاڪم هجي ته انهيءَ تي، انهن ماڻهن،
اوقاف جي تجاوز ۽ ڏاڍ تي دانهنجي!
يعني جن قبرن تي
ڪتبا هئا، انهن جي رپيئر ۽ انهن کي اسلامي رنگ ڏيڻ
لاءِ ان جي اصلي، ۽ اهو ياد رکي ڇڏيو ته تاريخي
جاين جي حقيقت مٽائڻ، اوريجنلٽي (اصليت) کي تباهه ڪرڻ،
اهو تاريخي هاڃو آهي: هنن ان کي رنگ سائو ڏنو آهي،
ڇاڪاڻ ته حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي روضي جو رنگ سائو آهي، تنهن ڪري هر وليءَ جي قبر سائي
هجڻ کپي. بابا، هرون ڀرون توهان ڇو....
هڪڙي ڪنهن دوست
چيو ته ڏنڊو پيو آ يار محمد جي مقبري تي. ڀائي
ڏنڊو ته اڃا ڪنهن بهادريءَ جي نشاني آ، پيو آ.
قلندر لعل شهباز جي سيوهڻ تي، هر عورت ۽ مرد وڃي
ٿو ان کي چمي ڏي. اهو ڇاهي؟ ۽ انهيءَ نموني سان،
اها سڄي غلط ڳالهه آهي. سڄيون تاريخان مٽائي ڇڏيون
ٿئون، رنگ ڏئي ۽ انهن جي چوڌاري ڪٽهڙا ڪڍيا ٿئون،
جيڪي اڳي نه هئا. شاهجهاني مسجد حالانڪ شاهجهاني نه آ، پر بهرحال شاهجهاني آهي. انهيءَ جي
رپيئر ڪرائڻ ۽ ان تي پنهنجي حسن خدمتي ڏيکارڻ لاءِ
(ان جي اصليت کي)
صفا قطعاً تباهه ڪري ڇڏيو اٿئون. هاڻي در به ڏسندؤ، ونگان به ڏسندؤ ليڪن ڪا
شئي ڪانهي.
تنهن ڪري، توهان
کي مان هڪ عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته مانهنجو تجربو
اوقاف، جيڪو حافظ جو
شعر مان ڏسيو مانوَ ته شراب بيشڪ پيئو، ليڪن اوقاف
جو مال نه کائو! اهو توهان اوقاف وارن کي ٻڌائي
ڇڏيو.
سچل سرمست جي
روضي
جي ساخت... مان ڀي سڄي دنيا ڏٺي آهي، اسلامي
۽ انهيءَ جي آرڪيٽيڪٽ جو مطالعو ڪيو اٿم، مانهنجو
سبجيڪٽ ڀي آهي، اهڙي يعني خصوصي حيثيت رکي ٿي پئي تعمير ۾، ۽ هندن جي وڃڻ کئون پوءِ اها
ڊهي خراب ٿيندي ۽ زبون ٿيندي پئي وڃي، انهيءَ جي
رپيئر نه ٿي ٿئي. مان توهان کي عرض ڪندس ته توهان
اڪيڊمي ٺاهيو، جڏهن وڻيو ٺاهيو، توهان مالڪ آهيو،
مگر روضي جي نه ٺهڻ ڪري جيڪو نقصان پهچندو، انهيءَ
جو اندازو آئندهه نسل اچي ڪري سگهي ٿو پيو. ممڪن
آهي اسان کي نه ٿئي، ليڪن اوقاف جي ذريعي هن جي
رپيئر ڪنهن حالت ۾ نه ٿيڻ کپي! ڇاڪاڻ جو اهو رهيل
کهيل نور به هن جو وڃائي ڇڏيندو. تنهن ڪري، آرڪيالاجيءَ جي ذريعي يا ڪم از ڪم انهن جي سپرويزن ۾. هي روضو تعمير جي لحاظ
کان، توهان سڄي سنڌ گهمو، پنهنجو مثال پاڻ آهي.
سڄيءَ شئي غلط آهي ته ڪوٽ ڏجي ميرن
ٺهرايو يا رني ڪوٽ ميرن ٺهرايو. ميرن جنگ ڪهڙي
ڪئي، جنهن جي لاءِ انهن اڏاوتن جي ضرورت هنن کي
هئي؟ ڀائي، خيرپور ۾ فيض محل کان سواءِ مير سڄيءَ
پنهنجيءَ حڪومت ۾ ڪا عمارت نه ٺهرائي سگهيا.
حيدرآباد
۾
غلام شاهه
ڪلهوڙي جي ڪوٽ ۾ اچي ويٺا. ڀائي رني ڪوٽ کي، ڏجي ڪوٽ کي
ٺهرائڻ جي هنن کي ڪهڙي ضرورت هئي؟
تنهن ڪري، اهي
سطحي مسئلا آهن ته سچل، سرمست هو يا الست هو، يا
نماز پڙهي ٿئين يا نه، اهي سطحي شيون هن.
اهي مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ تي
ڇڏي ڏيڻ کپن. ليڪن، بهرحال، هن جي رپيئر ۽ هن روضي
جو تحفظ، اهو توهان کي سڀ کان اول ڪرائڻ کپي،
ڇاڪاڻ ته مان ڏسان ٿو پيو
ته
ڪِرندو پيو وڃي.
باقي رهيو سوال
اهو ته مولانا غلام مصطفيٰ، توهان کي معلوم آهي،
ته هي اسان جو وڏو معتبر ۽ معزز، محترم اسان سڀني
جي لاءِ آهي. مذهبن جي ۽ تاريخ جي لحاظ کان به
اسان وٽ سند آهي. سندس قول اهو آهي، يا راءِ اها
آهي، ته سچل جو انتقال هن مهيني ۾ ۽ هنن ڏينهن ۾
ڪونه ٿيو هو. تحقيق طلب اها ڳالهه آهي، تنهن ڪري
مان انهيءَ شئي کي اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي
ڇڏيان ٿو. يعني مولانا جو چوڻ اهو آهي ته سياري جي
موسم هئي اها ممڪن آهي! يعني گرمي هجي يا سردي
هجي، اسان جيسين غلام محمد صاحب يا تنوير صاحب
آهن، تيسين حاضر پيا ٿينداسي. صحت جو ڪهڙو حال به
هجي. پر اهي شيون، سڀ نقطا، سوچڻ ۽ تحقيق جي قابل
آهن. انهن تي تحقيق ڪيو. ۽ ڄمڻ جي سلسلي ۾ به چون
ٿا ته 25 ڊسمبر سچل جي آهي. پر اهي مسئلا اهڙا
آهن، جن تي توهان کي توجهه ڏيڻ کپي، سوچڻ کپي. خدا
شاهد آهي، مان سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ ٻاهر ڦران ٿو، ۽ ڏسان
ٿو پيو. توهان وٽ ماڻهو سوچيندڙ، لکندڙ، تحقيق
ڪندڙ... ڪلهه تنوير مان کي ببليو گرافي
ڏيکاري آهي، جيڪا هتان جي، توهان جي هڪڙي ماڻهو، ماستر
ويچاري اڪيلي سر ويهي سچل تي ٺاهي آهي. مان سمجهان ٿو ته توهان جي ڪنهن
اداري اهو ڪم نه ڪيو هوندو، جيڪو تنها واحد ماڻهو
هتي ٻهراڙيءَ ۾ ويهي اهو ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح،
توهان ڏٺو ته جنهن پهريون اهو مقالو پڙهيو هتي
سائين، اوهان ته افضل آهيو. عرض ٻڌو، قاضي صاحب
(علي اڪبر درازيءَ) توهان کان بغير هنن جو ڪم هلي
نه سگهندو. قاضي صاحب، اهو ته هنن کي شامل ڪرڻو
پوندو توهان کي. توهان جي عشق ۽ توهان جي جيڪا
تحقيق ۽ توهان جي جيڪا خدمت ٿيل آهي. تنهن ڪري توهان کي وسارڻ هنن جو
جرم آهي، تنهن ڪري توهان مطمئن رهو، توهان کان
سواءِ ڪو به ڪم نه هلي سگهندو.
منهنجي گذارش
اها هئي ته توهان وٽ خام مواد جنهن کي را مٽيريل
چئجي ٿو، اهو گهڻو آ. انهيءَ کي فقط ڊيولپ ڪرڻو،
انهيءَ کي آئوٽ ليٽ ۽ انهيءَ منجهئون ڪم وٺڻ جي ڪا
سوچ ۽ ترڪيب ڪريو.
باقي مان توهان
جي مهمان نوازي ۽ توهان جي محنت ۽ توهان جو هتي گڏ
ٿيڻ ۽ هن اجتماع، انهن سڀني جي لاءِ توهان جا لکين
احسان ۽ ٿورا آهن. لفظن ۾ جن جي ڪابه گنجائش
ڪانهي. خدا توهان سڀني کي سلامت رکي!
خَـطَ
[انساني زندگي توڙي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جي
مطالعي ۾ خط وڏي مدد ڪن ٿا. ليڪن اسان وٽ سنڌ ۾ هن
موضوع تي اڃا توجهه نه ڏنو ويو آهي. هت راشدي صاحب
مرحوم جا اهي چار خط ڏجن ٿا، جي پاڻ عمر جي آخري
حصي ۾، هن ڪتاب جي مرتب (غلام محمد لاکو) ڏانهن
لکيا هئائون. انهن خطن ۾ همعصر سنڌي ساهت بابت،
اسان جي هن عالم جي سوچ سامهون اچي ٿي، ۽ پڻ سندن
زندگيءَ جي آخري لمحن متعلق به مواد مهيا ٿئي ٿو]
خط نمبر 1
23 ڊسمبر 1980ع
عزيزم غلام محمد صاحب
بعد سلامن جي، عرض ته اوهان جو محبت نامون ۽ ٻه ڪتاب پهتا. وڏي مهرباني، خدا اوهان کي
سلامت رکي ۽ تاريخي ذوق اوهان جو ڏينهون ڏينهن
ترقي ڪندو رهي. سنڌ کي اوهان جهڙن باذوق نوجوانن
جي اشد ضرورت آهي. جن کي پنهنجي وطن ۽ وطن جي
تاريخ سان اُنس ۽ لڳاءُ هجي.
آءُ ڪيتري وقت
کان ناخوش رهان ٿو. صحت اطمينان بخش نه آهي. لکڻ
پڙهڻ بند آهي. دعا ڪريو رب ڪريم توفيق عطا فرمائي.
جيئن چند ڪم ذهن ۾ آهن، اهي پورا ڪريان.
”سنڌ صدين کان“
سرسري ڏٺو اٿم(1). اندازو آهي ته ڪتاب بيحد مفيد ۽ منجهس
استدلال جو انداز بلڪل صحيح آهي. يقين آهي ته هي
ڪتاب بيحد مفيد ٿيندو. پڙهي وڌيڪ پوءِ لکندس!
تصوير آءُ جلدي
موڪلي ڏيندس. ڪو ڪم ڪار هجي ته بلا حجاب لکندا.
والسلام.
خيرانديش
حسام الدين
خط نمبر 2
7 فيبروري 1981ع
عزيزم
آءُ چند ڏينهن
ٻاهر يعني ڳوٺ ويل هيس. توهان جو خط پهتو. ڪتاب به
مليو. ذخيرة الخوانين لاءِ هاڻي خط لکيو اٿم. جيئن ڪتاب پهتو خدمت ۾ موڪلي ڏيندس. تسليٰ
فرمائيندا.
آريسر صاحب جو
ڪتاب به موڪليو مهرباني. آريسر جي جذبات ڏسڻ کپي(2). جيڪي
ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ سختيون سهن ٿا، انهن کي حق
پهچي ٿو ته اسان جهڙن سهل پسندن جي غلطين تي
تنبيهه ڪن.
اوهان ميدان ۾
هاڻي پير وڌو آهي. نوان آهيو، ڪنهن جي غصي ۽ ڪاوڙ
تي دلگير نه ٿيندا. اڃا ته اڳتي الائي ڇا رکيو
آهي. رستو اڙهانگو، سفر طويل ۽ دشوار. ڪم ڪندا
هلو. ڪاڏنهن توجهه نه ڏيو. هڪ ڪن کان جيڪڏهن ٻڌو
ته ٻئي کان ڪڍي ڇڏيو(3).
والسلام
حسام الدين
خط نمبر 3
2 اپريل 1981ع
عزيزم
السلام عليڪم.
ٻه ڪتاب ۽ مضمون پهتو. مضمون ”اردو“ ڏانهن تاڪيدن
موڪلي ڇڏيو اٿم. اميد آهي ته شايع ٿي ويندو.
شاهه عنايت
پڙهان ٿو. دلچسپ ڪتاب آهي. خاص طرح نقطئه نگاهه
قابل ستايش ۽ صحيح آهي. جنهن لاءِ لکندڙ کيرون
لهڻيون(4). ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيم. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو
اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر
جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته،
هن حالت تي اسان نه پهچون ها(5).
اصول، ڪردار،
وفا، نباهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾
موجود آهن. طارق اشرف وڏي خدمت ڪئي آهي، اهو ڪتاب ڇپي.
سر ۾ سانجهي وير
پڙهي ڇڏيم. لکندڙ نهايت ئي ذهانت ۽ ديانت سان
تاريخ مان نڪتا ڳولي مرتب ڪيا آهن(6).
آءُ سنڌ جي
لکندڙن مان نا اميد نه آهيان. ذهني ڦيرو جنهن جا
اسان متلاشي ۽ آرزومند هياسين سو اچي ويو آهي. اهو
زندهه رهڻ جو نشان آهي.
ڊاڪٽر رياض
الاسلام کي مضمون لاءِ چيو اٿم. عنقريب ڳولي ڏيندو
۽ آءُ اوهان ڏانهن موڪلي ڏيندس. اطمينان رکندا.
خدا اوهان کي
خوش رکي ۽ علمي خدمت ۽ ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي.
حسام الدين راشدي
خط نمبر 4
9 جولاءِ 1981ع
عزيزم غلام محمد
صاحب
خط پهتو. اهو
ڪتاب پاڪستان جي پهرين يا ٻي حڪومت جي چوڻ تي لکيو ويو هو. سرسري
۽ نامڪمل آهي. ازان سواءِ جديد دور جنهن صورت ۾
شروع نه ٿيو هو، تنهن ڪري اهو نظرانداز ٿيل آهي.
تاهم ڪتاب مقبول ٿيو، يورپ ۾ ان مان استفادو ڪيو
ويو ۽ روس ۾ ان جو ترجمو شايع ٿيو. ارادو هو ته
انهيءَ ۾ اضافا ڪري جديد دور به شامل ڪري نئين سر
ترتيب ڏيان. ليڪن اڄ تائين اها آس پوري ٿي نه سگهي
۽ نه اميد آهي. توهان ڀلي انهيءَ جو ترجمو ڪيو ۽
شايع ڪيو. بهرحال ڪتاب مفيد آهي(7). اميد
ته اوهان بخيريت هوندا.
والسلام
حسام الدين راشدي
خطن ۾ ذڪر ٿيل ڪجهه ڳالهين جي وضاحت:
1، سنڌ صدين کان، سنڌ جي تاريخ تي مختصر ڪتاب. هي
ڪتاب مون لکيو هو ۽ سال 1980ع ۾ شايع ٿيو.
2، سر ۾ سانجهيءَ وير، عبدالواحد آريسر جو هي ڪتاب
1981ع ۾ ڇپيو.
3، تاريخ مظهر شاهجهاني (نياز همايوني)، سنڌي
ترجمي تي مون تنقيد لکي. هي تنقيد ڇپي ته مترجم
سخت ناراض ٿيو. مون راشدي صاحب کي خط لکي ان کان
آگاه ڪيو. ان جو جواب ڏيند مون کي نصيحتون ڪيائون.
4، صوفي حضور بخش جو لکيل ڪتاب ”شاه عنايت شهيد“،
سال 1981ع ۾ ڇپيو.
5، ميرو ڌاڙيل، لکندڙ طارق اشرف. هي ڪتاب سال
1980ع ڇپيو.
6، آريسر صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ڏي اشارو آهي.
7، راشدي صاحب جو اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“. مون ان جو
سنڌي ترجمو ڪيو. هي ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جو
سنڌي ايڊيشن، راشدي صاحب کي 28 ڊسمبر تي پيش ڪيو
ويو.
پيش لفظ، مهاڳ....
سخن سال 1947ع ۾ ڇپيو]عريءَ جي
ڪتاب ”سخن“ بي نظير“ تي لکيل تعارف. رجمو شايع
ٿيو. ، هن حالت تي اسان نه پهچون ها.مهيا ٿئي
ٿو].وهاتعارف
[سيّد اظهر گيلانيءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب ”سخن بي نظير“ تي لکيل تعارف. هي ڪتاب سال 1947ع ۾
ڇپيو]
”سخن بي نظير“
جي عنوان سان منهنجي عزيز دوست سيّد اظهر گيلاني
جي شعر و شاعري جو هي مختصر مجموعو سنڌي ادبيات ۾
هڪ گرانقدر اضافو آهي. غزل ۽ غزل جي دنيا جا جيڪي
به لوازمه آهن سي سڀ
ئي گيلاني صاحب جي ڪلام ۾ نهايت حسن ۽ خوبي سان موجود آهن.
عشق عاشقي، هجر فراق، گل و بلبل، ساقي مينا، الغرض
هر اها شيءِ جنهن سان غزل جي دنيا آباد آهي، سا
نهايت دلنشين پيرايه ۾ غزل اندر مهيا ڪئي وئي آهي.
جذبات جي لحاظ سان سندس ڪلام نهايت زوردار آهي،
مثلاً
”عاشقي جي زمانه“
جا چند شعر جذبات ۽ واقعات بلڪ واردات جي لحاظ سان
ملاحظه ٿين:
ياد آ دل جي لڳي دل جو لڳائڻ ياد آ
ڪنهن جي پويان
پاڻ کي مجنون بنائڻ ياد آ
ياد آئي دست بسته وصل لئه منهنجو
چوڻ
ڏئي بهانو هڪ نه
ٻيو تنهنجو نٽائڻ ياد آ
کلندي کلندي ڳالهه ٿوري تي رسي
هڪدم اُٿڻ
منهنجو دامن مان
جهلڻ تنهنجو ڇڏائڻ ياد آ
ڪين هڪ ٻي کي ڇڏينداسون چئي فرقان
تي
-ثلاً؛صوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي
درياهه وهايا ويا آهن. قعات بلڪ واردات جي لحاظ
سان ملاحظه ٿين.ي وئي آهي. آهي.
تنهنجو مون کان، منهنجو توکان، هٿ رکائڻ ياد آ
تون رٺين ٿي مون ٿي پرچايو، ٻئي
ٻانهون ٻڌي
وقت تي منهنجو
رسڻ تنهنجو منائڻ ياد آ
اهڙيءَ طرح
”تصوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي
درياهه وهايا ويا آهن. مثلاً:
”ياد آهن
ڏينهن“ لب تي هو تبسم موجزن
خار و خس ايندو
نظر ۾ هو مثال لالـــه زار
”ياد آهن ڏينهن“ دل هئي رنج و غم
کان بي خبر
وقت گذريو ٿي
خوشي ۾ هو نه ڪوئي انتظار
الفاظن جي بندش
۽ چستيءَ جا به ڪٿي ڪٿي بهترين مثال پيش ڪيا ويا
آهن. مثلاً:
منهنجي غم ۾ ٿا
مرن ”ساعت ۾ صد ها“ ڇا ڪريان
ڪنهن جي غمخواري
ڪريان غمخوار ڪنهنجو ٿي رهان.
”ساعت ۾ صدها“
جي بندش نهايت بهترين آهي. اهڙيءَ طرح ڪٿي ڪٿي ته
هڪ لفظ جي آڻڻ سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي:
بعد مردن خاڪ کي يثرب رسائيندي
ضرور
اهڙو ”خاطر خواهه“ آ مون کي صبا جو آسرو
”خاطر خواهه“ جي
لفظ آڻڻ سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي. شاعرانه خصوصيتن جي
جيڪڏهن هر هڪ پهلوءَ تي ويهي ويچار ڪبو ته مختصر
تعارف طويل ٿي ويندو، تنهن ڪري آءُ انهيءَ معامله
کي پڙهندڙن جي ذوق سليم ۽ خوش نظريءَ جي حوالي
ڪندي فقط چند شعر اندازهه ڪرڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو؛-
دل لڳائڻ سان مصيبت ٿي اچي
هڪ نه ٻي هر روز آفت ٿي اچي
------------
وري ڪنهن سان نظرون لڙائڻ گهران ٿو
وري چوٽ نئين دل تي کائڻ گهران ٿو
-----------
وري ڪنهن جي آمد ٻڌي پاڻ وٽ مان
اکيون راهه تي
ٻئي، وڇائڻ گهران ٿو
------------
رهي رهندا رهائڻ سان گهڻو آخر وڃڻ
وارا
رهڻ تي دل نه آ
تن جي، نه ڪي آهن رهڻ وارا
--------
جدائي يار تنهنجي منهنجي، لئه جنسي
قيامت آ
غضب آ، قهر آ،
شامت آ، آفت آ، مصيبت آ
---------
اڱڻ منهنجي تي خود آيو، سندس ٿو
ڀال ڀايان مان
ڪرم آ، مهرباني
آ، نوازش آ، عنايت آ
--------
دل نه ڏيان ها ته ڇو هوند ٿيان ها
بدنام
سڌ نه هئي ٿيندو
خوش آغاز جو بدتر انجام
مون کي يقين آهي
ته سيّد صاحب جو هي مجموعه سنڌي جديد ادب جي
ترقيءَ لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو، ۽ آءُ ذاتي طرح
هن ڪتاب کي سنڌي جديد ادب لاءِ مبارڪ فال سمجهان
ٿو. اميد آهي ته سنڌ جا شاعر گيلاني صاحب وانگر
فارسي ۽ اُردو ادب جي موجودهه رجحان کان متاثر ٿي
ضرور پنهنجي ڪلام ۾ تبديليون آڻيندا. مثلاً هن
ڪتاب ۾ ”گيت“ به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادب
۾ نقش اول جي حيثيت رکن ٿا. غلطين کان هن ناتمام
دنيا جي ڪابه شيءِ خالي نه آهي. ممڪن آهي ته هن
ڪتاب ۾ به ڪي شاعرانه غلطيون رهجي ويون هجن. ليڪن
هڪ ته سرسري مطالع سبب مون کي موقعو نه مليو جو
آءُ انهيءَ تي به نگاهه ڪريان ۽ ٻيو بحيثيت دوست
جي مون کي پنهنجي دوست جي ڪلام ۾ فقط خوبين وارو
پهلو ئي ڏسڻو پيو. تنهن ڪري آءُ نقد ۽ حرج، تنقيد
۽ تبصره، داد ۽ دهش لاءِ ٻين سخن فهم بزرگن لاءِ
ميدان خالي ڇڏيان ٿو.
27 جولاءِ 1947ع سيّد حسام الدين راشدي
ڪراچي.
گذارش
[سنڌي ادبي بورڊ ”تاريخ سنڌ –
ڪلهوڙا دور“ اردو ۾ 1958ع ۾ شايع ڪيو. هي علمي ۽ تحقيقي ڪتاب مولانا
غلام رسول مهر لکيو هو. هي ”گذارش“ ان ڪتاب لاءِ
لکي وئي. بعد ۾ بورڊ ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1963ع
۾ ڇاپيو]
سنڌ جي تاريخ
گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ
دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ تائين
ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل آهي. سنڌيءَ يا
ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي،
جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي سگهجي.
يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات،
زماني وار، هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. انقلابي طوفان
غالباً هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي ڪنهن به
ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن.
قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي
تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا
ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي
تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجن بزرگن جا اعليٰ
ڪارناما، آئنده نسلن لاءِ هميشہ واسطي زندگيءَ جو
سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي
ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي، ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي اسباب ۽
عوامل تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، آئيندهه جا خدوخال
درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي
تاريخ اکين آڏو نه هجي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته
اها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت
ئي اهم وسيلي کان محروم آهي.
اها ئي اهم
ضرورت هئي، جنهن کي سامهون رکندي سنڌي ادبي بورڊ،
پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ مفصل ۽ مستند تاريخ
لکرائڻ جي رٿا تيار ڪرائي، ۽ هيءُ فيصلو ڪيو ويو
هو ته هن خطي جي سموري تاريخ اٺن جلدن ۾ مرتب
ڪرائي وڃي، يعني –
جلد پهريون
جاگرافيائي تاريخ
جلد
ٻيو
اسلام کان اڳ وارو دور
جلد ٽيون
عربن جو دور
جلد چوٿون
سومرن ۽ سمن جو دور
جلد پنجون
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور
جلد ڇهون
ڪلهوڙن جو دور
جلد ستون
ٽالپرن جو دور ۽
جلد اٺون
انگريزن جو دور
سنڌي ادبي بورڊ،
چند اهل قلم حضرات منتخب ڪيا هئا، جي هن اهم ڪم کي
بهتر کان بهتر طريقي سان سرانجام ڪري سگهيا ٿي، ۽
اهڙيءَ ريت مختلف دورن جي انهن ۾ ورهاست ڪئي وئي.
جيئن ته هيءَ تاريخ ٽن زبانن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو
هو، يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾، ته جيئن
زيادهه کان زيادهه اصحاب تاريخ جي مطالعي مان
مستفيد ٿي سگهن، انهيءَ لاءِ اهل قلم کي اختيار ڏنو ويو هو ته جنهن به زبان ۾ سندن مرضي هجي،
ڪتاب مرتب ڪن ۽ باقي ٻن زبانن ۾ انهن جو ترجمو
ڪرايو ويندو.
پهريون ۽ ٻيو
جلد، مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي ڏنا ويا هئا. هن صاحب، آڪسفورڊ ۾ رهندي، انهيءَ ڪم جو
پورائو ڪيو. هي ٻئي جلد مستقبل قريب
۾ انگريزي زبان ۾
شايع ٿيڻ وارا آهن، ۽ جلد ئي انهن جو سنڌي ۽ اردو
۾ ترجمو به شايع ڪرايو ويندو.
عربن جو دور
مولانا سيّد سليمان ندوي مرحوم جي حوالي ڪيو ويو
هو. اڃا ابتدائي مرحلا طئه نه ٿيا هئا ته سيّد
صاحب موصوف عالم بقا ڏانهن اُسهيو. اهڙيءَ ريت
هيءُ حصو اڃا تائين ڪنهن ٻئي بزرگ کي نه ڏنو ويو
آهي. سومرن ۽ سمن جي دور متعلق ضروري معلوماتي
سرمايو ڪٺو ٿي نه سگهيو آهي، ان ڪري طئه ڪيو ويو
آهي ته ان کي سڀني کان آخر ۾ يڪسوئيءَ سان مرتب
ڪيو وڃي.
پنجين، ڇهين ۽
ستين جلدن مان پهريون منهنجي ۽ ٻيو ۽ ٽيون جلد
مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيا ويا هئا.
ارغونن ۽ ترخانن جو دور مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد
شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. مغلن جو دور به مڪمل ٿيڻ
جي ويجهو آهي.
مولانا مهر سڀني کان اڳ ڪلهوڙن جي
دور تي قلم کنيو. شروعات ۾ خيال هو ته هن دور جي
باري ۾ به معلومات تمام گهٽ آهي، ان ڪري بورڊ هن
دور متعلق چئن سون صفحن جو ڪتاب ڪافي سمجهيو هو.
مگر جڏهن مولانا مختلف حالات جون ڪڙيون ملائي،
وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي، تڏهن ايترو مصالحو
ڪٺو ٿي ويو جو ڪتاب هڪ هزار صفحن کان به وڌي ويو،
۽ انهيءَ ڪري ان کي ٻن جلدن ۾ ورهائڻو پيو.
هن وقت مولانا
ٽالپورن جي دور تي لکي رهيو آهي، ۽ اندازو آهي ته
هيءُ دور به ٻن جلدن تي ڦهلجي ويندو. انگريزي دور
متعلق ڊاڪٽر ڊيوآرٽ هڪ جلد تيار ڪيو آهي، جو انگريزن
جي شروعاتي دور کان سنڌ جي فتح ٿيڻ تائين، سموري
حالات تي مشتمل آهي. باقي حصي کي بعد ۾ ترتيب
ڏيندو.
هن مجمل بيان
مان سنڌي ادبي بورڊ جي هن رٿا جي ڪيفيت چڱيءَ ريت
واضح ٿي سگهي ٿي. شروع ۾ اٺ جلد تجويز ڪيا ويا
هئا، مگر هن وقت اندازو آهي ته سموري تاريخ غالباً
تيرهن يا چوڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿي ويندي.
جيڪي جلد ڇپجي
رهيا آهن، انهن جو ترجمو به گڏوگڏ شروع ڪرايو ويو
آهي. انهيءَ رٿا موجب ”تاريخ ڪلهوڙا“ جو هيءُ سنڌي
ترجمو، ٻن جلدن جي صورت ۾ قارئين حضرات جي خدمت ۾
پيش ٿي رهيو آهي.
مولانا مهر
وڏيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش سان ڪلهوڙا دور جي سرگذشت مرتب
ڪئي آهي، ۽ سراسر غير يقيني ذريعن مان ڇڙوڇڙ مواد
کي ڪٺو ڪري، مختلف واقعات کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي، هڪ
اهڙو سلسليوار داستان تيار ڪيو آهي، جو سڄي تصوير
اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ڪلهوڙن جو دور، سنڌي قوم
جي پُر عظمت جدوجهد، منتشرٿيل ملڪي اَجزا جي نئين
سر ترتيب، ۽ همہ گير تعميري ڪارنامن جو اهڙو
دستاويز آهي، جنهن جي اڪيلي هجڻ تي خراج تحسين ادا
ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو.
خدا جو شڪر آهي
جو هن دور جي سموري سرگذشت پنهنجي سمورين خصوصيتن
سان مڪمل ٿي وئي، جنهن لاءِ سنڌ جا رهواسي جيترو
به فخر ڪن، بلڪل بجا ڄاتو ويندو. ڪالهه تائين اسين
جن پنهنجن بزرگن جي فقط نالي کان واقف هئاسون، انهن جي ڪيل ڪارنامن جي عظمت
جو اسان کي ڪو به احساس ڪونه هو، اهي اڄ پهريون
دفعو پنهنجي ملڪي ۽ قومي روشن خدمتن سان گڏ اسان
جي سامهان جلوهه گر ٿي رهيا آهن.
هن سلسلي ۾ مولانا کي ضروري حالات
جي فراهميءَ ۽ تاريخ جي مختلف ڪڙين کي هڪ ٻئي سان
ملائڻ ۾ جيڪي تڪليفون سامهون آيون، تن جو مون کي ۽
بورڊ کي پورو پورو احساس آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب
ملاحظه ڪندڙ حضرات انهيءَ جو احساس نه ڪري سگهن ۽
اسين به اهڙو احساس ڏيارڻ نه ٿا گهرون. اسان جي
خواهش فقط هيءُ آهي ته قوم پنهنجي هن عظيم الشان
ماضيءَ جي تاريخ مان همت ۽ عملي جوش جا نوان ولولا
حاصل ڪري، زندگيءَ جي نئين ڪروٽ حاصل ڪري ۽ عزت ۽
عظمت جي جنهن تاج سان ان جي بزرگن جون پيشانيون
سينگاريل هيون، ان کي پنهنجو نصب العين بنائي، جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃي. ائين ٿيو ته
اسين سمجهنداسين ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد پورو
ٿي چڪو. بورڊ جنهن ڪم جو ٻوجهه پنهنجي سر تي کنيو
هو، اهو خداي برتر جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي انجام
تي پهچي ويو. اسان جي هن ناچيز ڪوشش جو اهو ئي صلو
آهي جنهن کي اسين پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهون
ٿا.
اسان هن ڪتاب کي
جنهن پيماني تي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ جا خواهشمند
هئاسون، افسوس جو ان ۾ پنهنجي آرزوئن مطابق ڪامياب
ٿي نه سگهياسون – مثلاً تاريخي نقشا مرتب ڪرائي نه
سگهياسون. تاريخي مقامات تائين سفر ڪرڻ لاءِ مؤلف
کي سهوليتون ڏئي نه سگهياسون، ۽ انهيءَ ڪري هن
تاريخي عمارت جو باب هڪ حد تائين تشنه رهجي ويو.
انهيءَ کان سواءِ تاريخي مقامات تي جيڪو سير حاصل
تعميري ۽ جاگرافيائي بحث هجڻ گهربو هو، اهو ٿي ڪين
سگهيو. اسان وڏين ڪوششن سان تصويرن جو چڱو خاصو
مجموعو فراهم ڪيو آهي. انهن تصويرن ۾ بيش بها
تصوير ميان نور محمد ۽ ميان مرادياب جي آهي، جا
حسن اتفاق سان راقم کي اُچ جي نادر ”گيلاني“
ڪتبخاني مان ملي وئي ۽ راقم محڪمه آثار قديمه جي
مدد سان هن تصوير جو عڪس حاصل ڪيو. هيءَ تصوير
دراصل رنگين هئي، پر افسوس آهي جو ڪن فني مجبورين
سبب اسان ان کي رنگن ۾ ڇاپي نه سگهيا آهيون. ڪن
تاريخي جاين جا فوٽا ان ڪري نه ڇپجي سگهيا جو وقت
اندر نه مليا.
مون تي پنهنجي
احباب و ڪرام جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي، جن مواد
جي فراهميءَ ۾، منهنجي ۽ مولانا مهر جي مدد ڪرڻ
فرمائي. محڪمه آثار قديمه پاڪستان جو پڻ احسان
مند آهيان، جنهن منهنجي ذاتي گذارش تي تصويرون
مهيا ڪري ڏنيون.
آخر ۾، مولانا
مهر جو دل جي خلوص سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. هو
سنڌي نه هو، مگر هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت سان هن
ڪتابن جي انبار کي ڦلهوري، هزارين صفحا هيٺ مٿي
ڪري، ڪٿان هڪ سٽ، ڪٿان ٻه سٽون، ڪٿان اڌ صفحو ۽
ڪٿان هڪ صفحو فراهم ڪيو. اهڙيءَ ريت هن ملڪ جي
جنهن کي پوريءَ طرح ڏسڻ جو به هن کي موقعو ملي نه
سگهيو، تنهن جي تاريخ جي هڪ لازوال عمارت کڙي ڪئي.
هن جي تحرير دلي همدرديءَ سان ٽمٽار آهي، ۽ ساڳئي
وقت هن ڪنهن به موقعي تي حق ۽ انصاف جي تقاضائن کي
نظرانداز نه ڪيو آهي، جنهن جي بغير ڪا به تاريخ،
حقيقت ۾ تاريخ چوائڻ جي حقدار نه ٿي هجي. جيڪڏهن
هو سنڌ ۾ ويهي هن ڪتاب کي مرتب ڪري ها، ۽ سمورا
تاريخي مقامات نظر مان ڪڍي ها ته يقيناً هن ڪتاب
جي زيب ۽ زينت جو اندازو ڪنهن ٻئي نموني جوهجي ها.
بهرحال، هن جيڪا
محنت ڪئي آهي ۽ جنهن محبت ۽ انتهائي ڪوششن سان
اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هيءُ حصو مرتب ڪيو آهي،
ان لاءِ اسين سڀ ان جا شڪر گذار آهيون. آءُ ته خاص
ڪري ان جو احسان مند آهيان، جو هن هي سڀ ڪجهه مون
سان ذاتي محبت ۽ شفقت جي ڪري ڪيو، جا ويهن ٻاويهن
سالن کان مون تي فرمائي رهيا آهن. منهنجي دعا آهي
ته الله تعاليٰ کين صحت ۽ عافيت سان هميشہ سلامت
رکي! آمين.
ڪراچي
حسام الدين راشدي
23 جولاءِ 1958ع
|