سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:4 

مقالا، مضمون، ۽ تقريرون

 

مغل شاهي زماني ۾ هندن جي

فارسي تعليم

 

[هي يادگار مضمون ماهوار ”اخبار“ تعليم جي جلد 37، نمبر 1، اپريل 1937ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. هن جي فوٽو اسٽيٽ عزيز دوست بشير احمد هيسباڻيءَ موڪلي ڏني. هي مضمون ڏسندي خبر پوي ٿي ته راشدي صاحب مرحوم، ان وقت سيّد فدائي الراشديءَ جي ادبي نالي سان لکندا هئا]

 

مغلن کان اڳي (توڙي) هندن سان، فارسي دان قومن جو ميل جول، سلطان محمود غزنويءَ جي حملن کان اڳ به ٿورو ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته فارسي دان مڪراني ماڻهن جو هندن سان لاڳاپو هو ۽ پڻ يعقوب صفار جي زماني ۾ به سنڌين سان ايرانين جا تعلقات هئا، ته به هندو فارسيءَ سان گهڻو راهل مائل غزنويءَ جي حملن کان پوءِ ٿيا. سلطان محمود جي درٻار ۾ هڪ هندو فارسي عالم ”تلڪ“ نالي هو، جنهن جهڙو فارسي دان ان زماني ۾ مشڪل ٿي مليو.

Text Box: 36
37
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
380
379
377
4
2 
12

 

سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ جي تعليم ۽ لکپڙهه جو رواج پکيڙڻ چاهيو، مگر ايتريقدر ڪامياب ٿي نه سگهيو، جيترو چاهيائين ٿي. شير شاهه جي حڪومت ۾ به اهو سلسلو هلندو آيو، مگر سواءِ ڪن ٿورن فارسي دانن جي وڌيڪ هندو پيدا ٿي ڪين سگهيا. ديوان توڏرمل کتري جيڪو اڪبراعظم جي زماني تائين هو، سو ان زماني ۾ نهايت عالم ۽ فاضل هو. سندس جهڙو خوش نويس ته ڪو ورلي هوندو. ڪشمير ۾ سلطان زين العابدين جي بادشاهيءَ ۾ هندن ۾ فارسي تعليم جو آغاز ٿيو. مگر اهڙو نه جهڙو سندس دل چاهيو ٿي. بودي بٽ فارسي دان پيدا ٿيو. شاهنامہ جو حافظ هو ۽ نهايت مٺي آواز سان شهنشاهه اڳيان شاهنامي جا شعر پڙهندو هو.

 

گرونانڪ صاحب جنهن سان مسلمان صوفين جا نهايت نيازمندانه ۽ گهرا تعلقات هوندا هئا، فارسيءَ کان واقف هو. گرنٿ صاحب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب ڪجهه فارسي شعر به چئي ڄاڻندو هو. تاريخ ۾ مغل شاهي زماني کان اڳ ئي فارسي دان هندو معلوم ٿين ٿا. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، مغلن جي اچڻ کان اڳ فارسي تعليم هندن ۾ ڪيتري قدر هئي.

اڪبر جون ڪوششون:

اسان مٿي لکي چڪا آهيون ته سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ کي رواج ڏنو مگر سندس ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگهيون ۽ مغلن جي وقت تائين، سواءِ خاص هندن جي ٻيو ڪو به فارسيءَ جو ڄاڻو ڪونه هو.

مغلن جي آمد کان پوءِ فارسيءَ جيڪو هندن ۾ رواج پاتو اهو اڳ ڪڏهن ڪونه هو. اڪبر اعظم جڏهن سلطنت جو مالڪ ٿيو، تڏهن هن پنهنجو سمورو خيال انهيءَ طرف صرف ڪيو. ابتدا ۾ راجا توڏرمل حڪم ڪڍيو ته دفتري زبان ۽ لکپڙهه سموري فارسيءَ ۾ ٿئي، جيڪا اڳ گهڻو ڪري هنديءَ ۾ ٿيندي هئي. نتيجو اهونڪتو جو ان زماني ۾ هندو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين تي قائم هئا ۽ ٿيندا رهيا ٿي. تنهن ڪري بلڪل ٿوري عرصي اندر منجهن فارسيءَ جو ايترو مايو ٿي ويو، جو بلاخمن لکي ٿو ته 18 صديءَ تائين هندن ۾ فارسي تعليم جي ترقي مسلمانن کان به وڌيڪ ٿي وئي. منجهن انشاء پرداز، شاعر، نثر نويس، فلاسفر اهڙا اهڙا پيدا ٿي ويا، جو مسلمانن کي به مٿن رشڪ ايندو هو.

تعليم جو انتظام:

هندستان ۾ پراڻي زماني کان وٺي تعليم جو انتظام پئنچاتن جي هٿ ۾ هوندو هو. مڪتب جو مکيه سنڀاليندڙ پنڊت هوندو هو، جيڪو پنهنجي جاءِ يا ڳوٺاڻن ماڻهن جي ڏنل ڪوٺيءَ ۾ ويهي ٻارڙن کي تعليم ڏيندو هو. سندس خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بار ڇوڪرن جي مائٽن تي هوندو هو.

Text Box: 38
39
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
380
379
377
4
2 
12

 

مغلن کان اڳي اسلامي مدرسا تمام گهڻا هوندا هئا، جن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، ڇوڪرا اوچي تعليم جي تحصيل وڃي مرڪزي مدرسي ۾ ڪندا هئا، جو ڪنهن وڏي شهر ۾ هوندو هو. مغلن کان پوءِ به اهو رواج بدستور قائم رهيو ۽ ان کي زور وٺرايو ويو. اڪبر جي زماني ۾ ته مدرسن ۽ مڪتبن جي اها حالت هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڀتر اڇلبو ته اهو به ڪنهن مدرسي ۾ وڃي ڪرندو هو. اهي مدرسا ۽ مڪتب نه ڇڙو مسلمانن لاءِ مخصوص هئا، پر مسلمانن وانگر هندو به ان ۾ باقاعده پڙهڻ ايندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي برادرانه تعلقاتن جي اها حالت هئي جو مسجدن ۾ به جيڪي مدرسا هئا، جن جو ان زماني ۾ عام رواج هوندو هو، انهن ۾ به هندو ڇوڪرا بنا روڪ ٽوڪ عام جام پڙهڻ ويندا هئا.

 

مدرسا يا مڪتب اڄوڪن کٿڙيل ملا اسڪولن جهڙا نه هئا، مگر هاءِ اسڪولن جهڙا آباد ۽ منظم هوندا هئا. انهن ۾ فارسي تعليم جو وڌيڪ ۽ خاص طرح رواج هوندو هو، جيڪو مغلن جي آخري زماني تائين پوري بندوبست سان هلندو آيو. مگر خدا ڀلو ڪري زماني جي گردشن جو جڏهن هندستان جنت نشان ۾ مغربي ڌارين لوڪن جو سڀاڳو قدم پيو ۽ سندن سلطنت تي قبضو ٿيو، تڏهن هنن هندستاني بدبختن جي تعليم جو جهونو سلسلو بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري فارسي تعليم پوئتي پئجي وئي. پر انهن جي اها ذهنيت گهڻو وقت قائم نه رهي ۽ وارن هيسٽنگس آخر فارسي تعليم جو وري سلسلو جاري ڪيو، پر تڏهن به اهو اوج وري حاصل نه ٿي سگهيو، جيڪو اڳ هو. آقي باقي پارسيءَ جا پساهه سن 1835ع ۾ لارڊ ميڪاليءَ ڪڍي ڇڏيا ۽ رفتہ فتہ سن 1844ع تائين ان جو نالو نشان به نه رهيو.

نصاب تعليم:

فارسيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ ڳالهه ٻولهه، خط و ڪتابت ۽ اخلاقي آکاڻين جا ڪتاب نصاب ۾ داخل هئا. جهڙوڪ پند نامه عطار، ڪريما، ما مقيمان، دستورالصبيان، نصاب الصبيان ۽ اخلاص محسني، جيڪي اڄ به گهڻو ڪري انهيءَ لاءِ مروج آهن ۽ اوچي تعليم لاءِ گلستان، بوستان، زليخان، انشاءِ خليفه، انشاءِ ماڌورام، سہ نثر ظهوري، پنج رقعه، اخلاق ناصري، بهاردانش، انوار سهيلي، سڪندر نامه ۽ شاهنامه وغيره ڪتاب هئا.

بندرابن داس خوشگو پنهنجي تذڪري ۾ لکي ٿو ته، ”مان ۽ لاله حڪيم چند ندرت هڪ ٻئي جا گهاٽا سنگتي هوندا هئاسين ۽ ٻئي گڏ ميان محمد عابد وٽ اخلاق ناصري پڙهندا هئاسين.“راج چندر ڀانداس پنهنجي فرزند خواجه تيج ڀانداس کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته تون: گلستان، بوستان، اخلاق جلالي ۽ اخلاق ناصري هميشہ پنهنجي مطالعي ۾ رک!

هندن جو ذوق:

جيئن ان زماني ۾ مسلمان سوين ڪوهن جو سفر ڪري وڃي مرڪزي مدرسن ۾ سالن جا سال رهي تعليم جي تحصيل ڪندا هئا، تيئن هندو طالب العلم به گهران اٽو ٻڌي انهيءَ ڏورانهين سفر تي تعليمي ذوق پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا. کين فارسي تعليم جي شوق سان گڏ گهڻو ڪري عربي تعليم جو ذوق به هوندو هو. لاله لڇمي سنگهه غيوري نهايت قابل عربي دان هو. تحرير اقليدس ۽ شرح چغمني کيس پوريءَ طرح ياد هئا. لڇمي نارائڻ دهلوي عربيءَ سان گڏ منطق ۽ فلسفي جو به وڏو عالم هو.

18 صديءَ کان پوءِ حساب دانيءَ جو تمام گهڻو رواج پئجي ويو ۽ هندن جي طبيعت جو انهيءَ طرف قدرتي لاڙو هو، جيئن اڄ تائين آهي. تنهن ڪري ان فن ۾ منجهائن ڪيترائي ماهر بلڪل ٿوري عرصي اندر پيدا ٿي پيا. ديوان ڪاهني، رتن سنگهه زخمي، منو لال، ڀجو لال ۽ تمڪين وغيره زبردست حساب دان هئا.

طب ۽ فلسفي ۾ به هندن جي گهڻي هٿ پڄندي هئي. رتن سنگهه زخمي، ديوان سنگهه قتيل، منو لال فلسفي نهايت قابل طبيب ۽ فلسفي دان هئا.

سلطنت مغليه جي زماني ۾ هندو عام طرح نوڪرين ۾ هوندا هئا، تنهن ڪري هنن پنهنجو گهڻو توجهه انشاء، واقع نگاري، حساب داني ۽ خوش خطي سکڻ تي ڏنو، ڇاڪاڻ ته انهن ئي فنن جو ان زماني جي دفترن ۾ رواج هوندو هو. جيتوڻيڪ خوش خطي مسلمانن جو خاص فن هو، مگر هندن به ان ۾ قابليت پيدا ڪرڻ سان ڪين گهٽايو. آرنولڊ صاحب به پنهنجي ڪتاب ”مسلمانن جي مصوري“ ۾ ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي. منشي لڇمي نارائڻ دهلوي خوشخطيءَ ۾ نهايت قابل هو. ان کان سواءِ شعر، فلسفي، طب، ادب، تاريخ ۽ انشاءِ ۾ به ماهر هو.

هندو استاد:

گهڻو ڪري مدرسن مڪتبن ۾ مسلمان ماستر يا معلم هوندا هئا، جن وٽ هندو ڇوڪرا به نهايت پريم ۽ يگانت سان تعليم حاصل ڪندا هئا پر تڏهن به ڪيترا مثال ملندا، جن ۾ مسلمان شاگردن جا استاد هندو عالم به هئا. 18 صديءَ جي مشهور استاد ۽ عالم لاله چني داس ذرهه ڪيترا هندو ۽ مسلمان پاڻ وٽ پاڙهي عالم فاضل بنايا. مفتي لطف الله صاحب مرحوم جو فارسي استاد منشي سوهن لال آنجهاني هو. جعفر علي حسرت جو استاد راءِ سرب سنگهه ديوانه هو. اهو ئي سبب آهي، جو بلاخمن (ترجمه آئين اڪبري، ص 351) چيو آهي ته ”18 صديءَ جي ختم ٿيندي ئي هندو فارسي زبان ۾ مسلمانن جا ماستر بنجي پيا.“

هندو شاگردن جا مسلمان معلم:

ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي هڪ زبردست عالم هو، جنهن وٽ هزارين ڪوهن تائين طالب العلم هلي اچي تعليم پرائيندا هئا. منشي چندر ڀان برهمڻ جيڪو زبردست مصنف ٿي گذريو آهي، سو سندس ئي شاگرد هو، جنهن کي شهنشاهه شاهجهان پيار وچان ”هندو فارسي دان“ سڏيندو هو. ”عمل صالح“ جو مصنف ملا محمد صالح لکي ٿو ته برهمڻ ابتدائي تعليم مولوي صاحب وٽ ورتي، تنهن کان پوءِ بنوالي داس ولي سان گڏ ملا شاهه بدخشيءَ وٽ پڙهڻ ويو. وليءَ جو صوفيانه لٽريچر شايد ملا شاهه صاحب جي ئي تعليم ڪري ظاهر ٿيو.

ولي هندو برهمڻ لاءِ اهو معلوم ٿي نه ٿو سگهي ته هن شعر شاعريءَ ۾ ڪهڙو استاد ورتو، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪٿي به ذڪر لکيل اسان جي نظر مان نه گذريو آهي.

شهنشاهه عالمگير جي زماني ۾ مولانا محمد افضل سرخوش تمام وڏو عالم ۽ فاضل هو. انهيءَ وٽ هندن جي سڀ کان وڏي فلسفي ۽ شاعر ڀوپتراءِ بيراڳيءَ تعليم ورتي. ان کان پوءِ بندرا بن داس خوشگو به انهيءَ صاحب جو شاگرد هو.

انهيءَ کان پوءِ جي زماني ۾ مرزا عبدالقادر بيدل ۽ شيخ سراج الدين علي آرزو ٻه وڏا عالم هئا، جن جا هيٺيان هندو شاگرد هئا:

منشي امانت راءِ امانت، شوارام حيا، سکراج سبقت، سري گوپال تميز، حضوري ۽ ندرت. سراج الدين خان علي آرزو پنهنجي ڪتاب ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هيٺين هندو شاعر شاگردن جو تذڪرو ڪيو آهي: بابو بالمڪند شهود، پنڊت جي ڪرشن عشرت، راءِ انند رام مخلص، بندرا بن داس خوشگو ۽ ٽيڪچند بهادر. ديوان بهادر اهڙو ته زبردست عالم فاضل ٿي گذريو، جو هو آخر پنهنجي استاد آرزوءَ جي قولن تي به نڪته چينيءَ ڪرڻ ريءَ ڪين رهيو. سندس فارسي لغت ”جامع لغات“ جي نالي سان اڄ به مشهور آهي.

مير محمد علي رائج سيالڪوٽي انهيءَ صديءَ جو نهايت وڏو استاد ليکيو وڃي ٿو. سندس شاگردن مان مشهور هندو محقق حضرت وارسته سيالڪوٽي هڪ هو. ڪشن چند خلوش (اخلاص؟)، نشاط ۽ مرزا عبدالغني قبول پڻ مشهور ٿي گذريا آهن.

بساون لال بيدار، سرب سنگهه خاڪستر ۽ ثروت، مولانا مظهرالدين جان جانان جا شاگرد هئا. سکن جي زماني ۾ پنجاب ۾ مولوي نور احمد چشتي بلند پايي جو عالم هو. ڪيترا هندو صاحب به ان جا شاگرد هئا. ”ظفر نامه رنجيت سنگهه“ جو مصنف ديوان امرناٿ اڪبري ان جو شاگرد هو.

مسلمان استادن جي هندو شاگردن سان محبت:

اسان مٿئين باب ۾ فقط مختصر حال ان ڪري ڏنو آهي ته، انهيءَ زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ يگانگت جو اندازو ٿي سگهي. اڄ ڪلهه جي نفاق کي ڏسندي اڳيون وقت جڏهن ياد ٿو اچي ڳچ ڳري ٿا پون. آهه! هندستان جون گذريل صديون بهشت مثل هيون. نه هندن ۾ مسلمانڪي هئي نه مسلمانن ۾ هندڪي. ٻئي قومون ڀائرن جيان گذارينديون هيون.

مسلمان استادن جو قرب هندو شاگردن سان به اهڙو هو جهڙو مسلمان شاگردن سان. خان آرزو ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هندو

 

 شاگردن جو هن ريت محبت وچان ذڪر ڪري ٿو:

”شهود تخلص اٿس. نهايت مهذب جوان آهي. قوم به شريف جو آهي. منهنجي ساڻس ملاقات ۽ واقفيت عزيزالقدر خوشگو (بندرابن داس) جي خط آڻڻ ڪري ٿي. تمام سٺي سڀاءَ جو نظر اچي ٿو. اڃا سيکڙائو آهي. جيڪڏهن زماني ساڻس ساٿ ڏنو ته بهترين شاعر ٿيندو (انشاءَالله). عشرت نوجوان ڪشميري آهي. خدا مٿس نگهبان هجي. ويچارو نهايت وفادار ۽ غريب آهي.“

اهڙيءَ طرح سوين مثال آهن، جن مان هندو شاگردن لاءِ، مسلمان استادن جي محبت جو دليل ملي سگهي ٿو. خان صاحب جي مٿين ڪارن اکرن وارن فقرن مان پنهنجي هندو شاگردن لاءِ ڪهڙي نه محبت ۽ الفت ٽپڪي ٿي.

هندو شاگردن جي مسلمان استادن سان محبت:

نه فقط مسلمان استادن کي هندو شاگردن سان ايتري الفت هئي، مگر هندو شاگردن کي به ساڻن ايتري ئي عقيدت ۽ محبت هئي.

بندرابن داس پنهنجي ڪتاب ”سفينه“ ۾ جتي به خان آرزوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته نهايت ادب ۽ احترام سان کيس ”قبله ڪعبه من“ جي نالي سان سڏيو آهي.

انندرام مخلص پنهنجي چٺين ۾ به انتهائي خلوص ۽ عقيدت سان پنهنجي استاد آرزوءَ کي خطاب ڪيو آهي. شفيق اورنگ آباديءَ پنهنجي تصنيفن ۾ جتي به استاد آزاد بلگراميءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته کيس مير صاحب، قبله و ڪعبه برحق، پير مرشد جي خطاب سان مخاطب ڪيو اٿس، ۽ پاڻ کي ”غلام“ جو لقب ڏنو اٿس.

اهڙا هزارين مثال موجود آهن. ڪهڙا لکي ڪهڙا لکون. خدا گذريل زماني تي رحمت ڪري، ۽ هن زماني لاءِ سڌاري جا دروازا ڪشادا ڪري.

اهو آهي مغل شاهي زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سان مٺي تعلقات جو مختصر خاڪو ۽ هندن جي تعليمي بندوبست جي هڪ ڌنڌلي تصوير.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org