مون پير صاحب کان سوال ڪيو:
سائين سنڌ جي سرزمين تي صوفين جي پرچار جو گهڻو
اثر آهي، ان تصوف مان سنڌي قوم جي مجموعي سرت ۾
واڌارو ٿيو آهي يا نه؟ توهان ان بابت ڇا ٿا چوڻ
چاهيو؟ پير صاحب وراڻيو:
سنڌ تي صوفين جو وڏو اثر آهي جيڪونه فقط مسلمانن
تي پر هندن تي به يڪسان آهي. توهان کي معلوم هوندو
ته هندو، مسلمان بزرگن ۽ صوفين جا مريد هئا. شاهه
عنايت، شاهه لطيف، سچل، ٻڍڙي فقير، بيدل بيڪس،
ڪنڊڙي وارن توڙيِ اڏيري لال جا هندو به مسلمانن
وانگي مريد هئا. مطلب ته تصوف جي سلسلي سنڌ جي
مسلمانن ۽ هندن مان مذهبي وڇوٽي کي هڪ طرف ته
مذهبي ڪٽرپڻي کي ٻئي طرف ختم ڪري ڇڏيو آهي. هندن ۽
مسلمانن ۾ اقتصادي فرق برابر هو، جيڪو به سنڌي
مسلمانن جي عملن جي ڪري هو. اسان ۾ جيڪا انساني
همدردي آهي، انساني قدر آهن، دلين ۾ نرمائي، اکين
۾ حياءُ، شرم، پاڙي وارن سان مهر محبت جو سلوڪ
آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي تصوف جي ڪري حاصل آهي.
پر هاڻي جيئن حلوو وڌيڪ کائي وڃجي ۽ پوءِ بدهضمي
پيدا ٿئي، تيئن جيڪڏهن اسان سئو سيڪڙو تصوف تي
هلنداسين ته ظاهر آهي ته اسان کي تڪليفون
پهچنديون. تصوف ۽ صوفين جي تعليم اسان سنڌين لاءِ
ترياق ۽ اڪسير آهي. باقي جيڪو چيو وڃي ٿو ته اسان
جي قوم جي سستي ۽ ڪاهلي صوفين جي اثر ڪري آهي،
بلڪل غلط آهي. ان سستي ۽ ڪاهليءَ جا ٻيا ڪارڻ آهن.
ان جو هڪ ڪارڻ سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو
آهي. جنهن هيٺ زميندار سنڌ ۾ وچولو طبقو پيدا ڪرڻ
نه ٿو ڏئي ته جيئن اهو وچولو طبقو ڪرسين تي ويهي
سندن مقابلو نه ڪري. ان ۾ پاڪستان کان اڳ هندو ۽
پاڪستان کان پوءِ ٻاهرئين ڪاموري ملي، سنڌ جي
زميندار جو ساٿ ڏنو آهي ۽ سرپرستي پي ڪئي آهي. ٻيو
ڪارڻ اهو آهي ته هر دور ۾ سنڌ تي ڪا نه ڪا ڌارين
طاقت رهندي آئي آهي، جنهن سنڌين کي اڳتي وڌڻ ۽
خوشحالي ماڻڻ کان محروم پي رکيو آهي. جيئن هلندڙ
دور ۾ اسان کي چيو پيو وڃي ته توهان تي هندن جو
قبضو هو ۽ انهن توهان کي غلام بنائي رکيو هو ۽
هاڻي توهان آزاد آهيو. اسين چئون ٿا ته اقتصادي
طرح اسان اڃا به بدحال آهيون، جيئن هندن جي زماني
۾ هئاسين، ته جواب ۾ چيو پيو وڃي ته توهان ۾ اهليت
ئي نه آهي. توهان سست ۽ ڪاهل آهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪا
به ڪوشش نه ٿا ڪريو. مان ٿو پڇان ته انهن هندستان
مان لڏي آيل مسلمانن تي به ساڳي طرح هندوءَ جي
بالادستي هئي ۽ هتي اچي هو پاڻ کي اهل ۽ لياقت
وارو پيا سڏائين ته پوءِ انهن هندستان ۾ ڇو نه ٿي
پنهنجي اهليت ۽ لياقت جا جوهر ڏيکاريا؟ ڳالهه پڌري
آهي. اهي هندستان مان لڏي آيل مسلمان اتي اسان
وانگر اقتصادي بدحالي ۾ مبتلا هئا ۽ هتي اچي جوهر
ڏيکاريا اٿن. اهڙي ريت سنڌين جي پوئتي پوڻ جو مکيه
ڪارڻ اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت سواءِ هڪ ڄڻي جي،
ٻي پوري حڪومت ٻاهران ٺهي آئي هئي. ان ڪري هتي سنڌ
۾ هندن جون ڇڏيل نوڪريون، واپار ۽ ٻيون ملڪيتون
هنن جي هٿ اچي ويون. اسان ساڳي بدحالي ۾ رهجي
وياسين. اهڙي ريت سنڌين جي ترقيءَ جا پورا وسيلا ۽
رستا هنن روڪي ڇڏيا آهن ته پوءِ اسان موڳا ۽ سست
نه ٿينداسين ته ٻيو ڇا ٿينداسين ! ان ۾ تصوف جو ڪو
به ڏوهه نه آهي. هيءُ هندستاني مسلمان هتي لکين
ايڪڙ زمين، هر اداري ۾ نوڪرين ۽ هر هنڌ تي بنگلن
جا ڌڻي ٿي ويٺا آهن. اسان کي خبر آهي ته هندستان ۾
انهن وٽ ڪجهه به ڪونه هو. اهو سڀ ڪجهه ڪوڙن ڪليمن
جو ڪرشمو آهي. حڪومت سندن ئي هئي، پوءِ ناني رڌڻ
واري ڏوهٽا کائڻ وارا وارو حساب هو. حسام الدين کي
هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڪانهي ۽ هيءُ جيڪي
هٿين خالي هئا، هٿين خالي آيا هئا، اهي پنج پنج،
ڇهه ڇهه بنگلن جا مالڪ آهن. مطلب ته بئنڪن ۾،
ميونسپالٽين ۾ سندن ماڻهو آهن. ريهبليٽيشن
(آبادڪاري) کاتو سندن هٿ ۾ هو، سو وٺي کڻي پنهنجن
مٽن مائٽن، دوستن يارن يا ڳوٺ وارن کي ورسايو اٿن.
جيڪي آساميون نڪرن ٿيون، اهي پاڻ ۾ ورهايو ويٺا
آهن. سنڌين کي نه ڪا نوڪري ٿي ملي، نه قرض ٿو ملي
۽ نه ئي ڪو پلاٽ ٿو ملي جو جاءِ ٺهرائي سگهن.
اخبارون هنن جون آهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي وٺي ٿيون
واءِ ويلا مچائين، ان ڪري هنن اسان کي منجهائي
رکيو آهي. اسان سست نه آهيون. اسان جسماني توڙي
دماغي لحاظ کان فقط پاڪستان ۾ نه پر هندستان ۾ برک
آهيون. توهان ڏسندئو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان
جا ذهين ماڻهو موجود آهن. لکندڙن ۾ به اسان هنن
کان تمام مٿي آهيون. هنن وٽ لکندڙ به نه آهن، جيڪي
سٺا لکندڙ آهن سي به پنجاب سان تعلق رکن ٿا. هنن ۾
ڪا به لياقت نه آهي. پوءِ اسان اقتصادي طور تي
بدحال آهيون ته اهو سنئون سڌو حساب جو معاملو آهي
۽ اهو هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته اسان کي اڳتي وڌڻ نه
ٿو ڏنو وڃي.
مون سوال ڪيو: ”پاڪستاني ثقافت بابت ڪراچي
ٽيليويزن تي ٿيل مذاڪري ۾ توهان جيڪي ڪجهه چيو، ان
جي خلاف اردو اخبارون باقاعدي لکي رهيون آهن.
توهان مهرباني ڪري ان تي تفصيلي روشني وجهندا “
پير صاحب وراڻيو:
”ادا ڳالهه هيءَ آهي ته انهن جو دماغ خراب ٿيو
آهي. انهن جو نه مطالعو آهي نه سمجهه اٿن. هندستان
مان جيڪي اهي اسان جا ڀائر آيا آهن، اهي گهرن ٿا
پيا ته جيڪي ڪجهه هنن وٽ هندستان ۾ هو، اهو هتي
ٿئي، ۽ ان جو نالو اسلام، ان جو نالو پاڪستان ۽ ان
جو نالو پاڪستاني ثقافت ٿئي. جيڪڏهن اسان کي اها
صورت هتي اختيار ڪرڻي هئي ته پوءِ هندستان کان جدا
ٿيڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي! ظاهر آهي ته هتان جي
تهذيب، تمدن ۽ ثقافت، هندستان جي تهذيب، تمدن ۽
ثقافت کان بلڪل جدا آهي. پنجاب، سنڌ، سرحد
ڳ ي لکي رهيون آهن۽
بلوچستان انهن سمورن پرڳڻن کي پنهنجون مخصوص
ثقافتون، تاريخون ۽ روايتون آهن. پاڪستان کي وجود
۾ آئي مس ڇويهه ورهيه گذريا آهن، جيڪي سياسي
خلفشار ۾ گذريا آهن ۽ هاڻي ويهي پاڪستاني ثقافت
بابت مذاڪرا ڪرائڻ، منهنجي خيال ۾ وقت کان اڳي ۽
اجايو آهي. ڪا به ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ويهن
پنجويهن سالن اندر پيدا نه ٿيندي آهي. ثقافت ٺاهي
نه ويندي آهي پر خود نسلن گذرڻ کان پوءِ غير شعوري
طور پنهنجي صورت اختيار ڪندي آهي. مثال طور مون
انگريزي لباس اوڍيو ته انگريز ڪونه ٿي پوندس ! مان
سمجهان ٿو ته هتي ڪنهن نئين ثقافت ٺاهڻ جو ڪو ضرور
ناهي. هتي جي چئن ئي پرڳڻن جو مجموعو پاڪستان آهي
ته پوءِ اسان جي سنڌي ثقافت به پاڪستاني ثقافت
شمار ڪري سگهجي ٿي. هاڻي پاڪستاني ثقافت جو نعرو
بلند ڪرڻ ۾ سواءِ ان جي ته هندستاني ثقافت جي اسان
جي چئن ئي پرڳڻن جي ثقافتن تي بالادستي قائم ٿئي،
ٻيو ڪو مقصد نه آهي. فطرت جو قانون آهي ته جيڪڏهن
ڪي ٻاهريان ماڻهو ايندا آهن ته انهن کي زماني جي
رفتار سان هتي جي اصلوڪي ثقافت ۾ جذب ٿي وڃڻو
پوندو آهي. مون کي تعجب لڳو ته هي ماڻهو ان شيءِ
تي مذاڪرا ڪرائي قومي پيسي ۽ وقت جو زيان ڪرائي
رهيا آهن. جنهن جو نه ئي ڪو وجود آهي، نه ئي وجود
۾ اچڻ جو ڪو امڪان آهي. هتي پنجين ثقافت پيدا ڪرڻ
جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. باقي جيڪو مغل
ثقافت جو راڳ ڳايو پيو وڃي، اها ثقافت مون کي ته
نظر ئي نه ٿي اچي. مغل ثقافت کي، اسلامي ثقافت ته
درڪنار، انساني ثقافت به چئي نه ٿو سگهجي، ۽ اهڙي
مغل ثقافت جو اسان جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڪو به
ٺهراءُ ٿي نه ٿو سگهي. مغل فقط بادشاهه هئا، فرد
هئا ۽ جيئن ته ڏاڍا بادشاهه هئا، ان ڪري انهن جو
عوام سان ڪوبه لاڳاپو نه هو. سندن اُٿڻي وِهڻي فقط
سندن تائين يعني، بادشاهن، شهزادن ۽ اميرن تائين
محدود هئي. هاڻي اسان جڏهن عوام جو نالو پيا ٿا
وٺون ۽ مٿئين طبقي کي گڏي آڻي عوام سان شامل پيا
ڪريون ۽ طبقاتي فرق مٽايون ٿا پيا ته پوءِ ان زبون
ٿيل بادشاهي ثقافت جو راڳ ڇو؟ ان بادشاهي ثقافت ۾
ڪيتريون ئي بيهودگيون هيون. مثال طور واجد علي
شاهه لکنو جي ثقافت! واجد علي شاهه جو هڪ بادشاهه
هو، بيحد ڪمزور، هن ۾ گهڻيون ئي اوڻايون ۽ عيب
هئا. هن جي اها حالت هوندي هئي جو ٻه مهينا پاڻ کي
ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، چي: بادشاهه کي حمل ٿيو
آهي، سو هاڻي اسقاط ٿيندو. يا محمد شاهه رنگيلي
جيڪي درٻار ۾ ميراثي گڏ ڪيا هئا ۽ هڪ نئين ثقافت
جو مظاهرو ڪيو هئائين. هاڻي واجد علي شاهه جي
لکنوءَ جي ثقافت، محمد شاهه رنگيلي جي ميراثين جي
ثقافت ۽ مغلن جي راجپوت راڻين جي ثقافت، پاڪستاني
ثقافت آهي؟ ڇا اسان اها پاڻ تي مڙهي سگهنداسين!
اها مغل ثقافت هڪ قسم جي مجهول، غير اسلامي ۽ غير
انساني آهي ۽ منهنجي خيال ۾ موجوده حالتن ۾ اسان
لاءِ زهر آهي. مغل انتهائي عياش، ظالم ۽ عوام جي
دولتن مان عيش عشرت ڪندڙ هئا. انهن جو عوام سان ڪو
به واسطو نه هو. پوءِ اهڙي ثقافت جو راڳ آلاپڻ،
اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هندستاني ثقافت مڙهڻ جي
ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. باقي رهيو اڙدو
اخبارون، سي گهڻو ڪري بي سروپا ڳالهيون لکنديون
آهن. انهن کي پنهنجو وڪرو وڌائڻ ۽ اردو دانن جي رت
کي گرم رکڻ لاءِ ڪونه ڪو شوشو ڇڏڻو پوندو آهي.
سنسي خيزي ته انهن اخبارن جو ڌنڌو آهي. منهنجي
خلاف ته اهي اخبارون زبان جي مسئلي کان وٺي
لکنديون رهيون آهن ۽ مان انهن ڏي ڌيان نه ڏيندو
آهيان. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته تاريخ
کي هڪ الهامي يا مذهبي ڪتاب جي حيثيت سان پڙهڻ نه
گهرجي، ان کي هڪ تاريخ جي حيثيت سان پڙهڻ گهرجي.
مون مغل ثقافت لاءِ ”حرامي“ جو لفظ ڪتب نه آندو
آهي. ان مذاڪري ۾ جڏهن اهو ذڪر نڪتو ته مغل تهذيب
پاڪستان جي ثقافت ٿيڻ گهرجي ته مون کي سخت تعجب
لڳو ته ڪاڏي مغل ڪاڏي اسان ! مغلن جو پاڪستان سان
ڪهڙو واسطو؟ مغلن جو واسطو هندستان سان هو. چيو
ويو ته مغل اسلام جا اڳواڻ هئا. مون چيو ته بابر
کي ڪهڙو ٿي حق پهتو جو ابراهيم لوڌيءَ تي حملو
ڪري. بابر ته شرابي هو. خود لکيو اٿن ته هن هتي
اچي شراب جا دنگ ڀڄارايا. ابراهيم لوڌي کائنس وڌيڪ
پڪو مسلمان هو. شريف النفس هو. مسلمان بادشاهن کان
ملڪ کسڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ ته پري رهيو پر مغلن
جيڪي هڪ ٻئي جون، ڀائرن ۽ اولاد جون خونريزيون
ڪيون، ان سان اسلام جي ڪهڙي خدمت ٿي؟
تاج محل کي حرامي چوڻ ته منهنجو ڪم نه آهي. ڇاڪاڻ
جو اها هڪ بهترين عمارت آهي ۽ بحيثيت عمارت جي
فنون لطيفه ۾ ان کي وڏو درجو حاصل آهي. پر مسئلو
هو ته آيا اهڙي عمارت، هڪ عورت جي قبر تي اڏڻ جو
اسان کي هتي پاڪستان ۾ حق پهچي ٿو يا نه ؟ اهو
پيسو قومي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. مون کي
يقين آهي ته اسان جي قوم انهن عمارتن کي پنهنجي
ثقافتي علامت ڪري ڪڏهن به قبول نه ڪندي. باقي مون
اتي اهو چيو هو ته مغلن جيڪي هندو راڻيون پنهنجي
حرمن ۾ شامل ڪيون هيون، انهن مان پيدا ٿيل اولاد
کي توهان ڪهڙي شرعي حيثيت ڏيندا؟ ڇاڪاڻ جو هندو
اهل ڪتاب نه آهن، انهن اسلام به نه قبوليو هو.
انهن سان نڪاح جائز نه هو ته اهڙي حالت ۾ جيڪي مغل
شهزادا ۽ بادشاهه هندو راڻين جي پيٽ مان پيدا ٿيا،
انهن کي ڇا سڏيو ويندو؟
مان سمجهان ٿو ته هندو راڻين کي زوريءَ حرمن ۾
داخل ڪرڻ ڪري، مغلن ۾ جيڪي اسلام جا جزا هئڻ گهربا
هئا، اهي منجهائن نڪري ويا. اڪبر بادشاهه تي ان جو
وڏو اثر هو، جنهن اسلام ڇڏي نئون مذهب ”دين الاهي“
ٺاهيو. جهانگير جي ماءُ هندو هئي، ان ڪري جهانگير
تي اثر ٿيو. هندو راڻين جي ڪري مغلن ۾ گڏيل سڏيل
مذهبي جذبو پيدا ٿيو، جيڪو اسلامي جذبو بلڪل نه
هو. درشن يا جڳهن ۾ جهروڪا ٺهرائڻ، سج ۽ پاڻي جي
پوڄا ڪرڻ مغلن جي اٿڻي ويهڻي ۾ شامل آهي. جيڪو
اسلام ۾ بلڪل ناجائز ۽ غير شرعي آهي. ان کان سواءِ
انهن مغل بادشاهن جي اعمالن ۽ پرڪارن جي ڪري،
باوجود چار سئو ورهيه هندستان تي حڪومت هئڻ جي به
مسلمان اقليت ۾ رهيا ۽ اڃا تائين اقليت ۾ آهن.
هاڻي جن بادشاهن جي پرڪارن سان نه ته اسلام کي
تقويت پهتي، نه ئي مسلمان وڌي سگهيا ته پوءِ انهن
بادشاهن کي اسان ڪهڙي نموني سان اسلام جو علمبردار
سڏي سگهون ٿا ! انهن جا اعمال توڙي ڪردار ڪنهن به
صورت ۾ تقليد جي قابل نه آهن. منهنجو خيال آهي ته
اسان جي مهاجر دوستن کي ”فسانه آزاد“ ۽ ”طلسم
هوشربا“ جي ماحول مان نڪرڻ گهرجي. تاريخ ۽ تاريخي
واقعن کي تورڻ گهرجي. تاريخ کي مذهب نه بنائڻ
گهرجي. هر شيءِ جي تور تڪ ڪري پوءِ لکڻ گهرجي.
جيڪي مسئلا آهن، اهي مون کي گاريون ڏيڻ سان، يا
سنڌين کي گاريون ڏيڻ سان، يا اردو جي برتري ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي اهميت گهٽائڻ سان، يا سنڌي ثقافت کي
تسليم نه ڪرڻ سان نبيرجي نه سگهندا. اهو سڀ ڪجهه
ان ڪري آهي، جو اسان جا مهاجر دوست حقيقتن کي مڃڻ
کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن. ٻيو ته هنن ۾ هن وقت نه ڪو
مؤرخ آهي نه ڪو اديب ۽ عالم آهي. نه ڪو ڪتاب ٿو
پڙهي نه ڪو ڪتاب خريد ٿو ڪري. هنن ۾ مطالعي جو شوق
بنهه نه آهي. هو مست ٿيا پيا آهن دولت ۽ ثروت ۾.
هو فقط گاريون ڏئي ڄاڻن. مغل گڏيل هندستان جا حاڪم
هئا، سندن مٽ، مائٽ، پڦاٽ، ماسات ته ڪونه هئا،
پوءِ انهن بابت ڪنهن ڳالهه تي مون کي چڙ نه ٿي وٺي
کين چڙ ڇو ٿي وٺي؟ مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي
محدود علم ۽ ڄاڻ جي ڪري بلڪل معذور آهن.
مون سوال ڪيو ته: ”اردو جا اهي هٿ ٺوڪيا دانشور نه
فقط توهان ۽ ٻين سنڌي سياستدانن ۽ دانشورن جي خلاف
بدڪلامي ڪن ٿا، پر روسي عالم پروفيسر گانڪو فسڪي
تي به ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، جنهن ”هسٽري آف پاڪستان“ ۽
”پيپلس آف پاڪستان“ جهڙا ٻه شاندار ڪتاب لکيا آهن.
توهان ڪجهه ان تي روشني وجهو؟“ پير صاحب جواب ۾
چيو ته:
ادا، اسان جا هيءُ جيڪي مهاجر دوست آهن، انهن جو
هڪ ته علم محدود آهي ٻيو ته پاڪستان ۾ اچڻ کان
پوءِ هنن پنهنجي چوڌاري هڪڙو دائرو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽
ان جي اندر جيڪا شيءِ کين پسند آهي اها برحق آهي ۽
ان کان پوءِ ٻاهر جيڪو آواز آهي اهو ڏکيو ٿو لڳين.
هنن پاڪستان کي شيشي جو گهر سمجهيو آهي، جنهن کي
ڄڻ ڪو ٻاهريون پٿر يا ڪنڪر لڳندو ته ڀڄي پوندو يا
ڪا هوا لڳي ته ڊهي پوندو. هنن پاڪستان کي نه ئي ڪو
ملڪ سمجهيو آهي نه ئي ڪا مضبوط شيءِ سمجهي آهي.
علمي دنيا ۾ جيئن مان توهان کي ٻڌائي آيو آهيان ته
تنقيد ۽ تبصرو برحق آهي ۽ ڪرڻ کپي. ان منجهان
واقعن ۽ حالتن جي صحتيابي ٿئي ٿي. تنقيد ۽ تبصري
کان بالا خدا جي ذات ۽ رسول صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جي رسالت آهي. باقي دنيا جي سمورين شين تي
تنقيد ۽ تبصرو ٿيڻ گهرجي. جيسين تائين اسان کي
پنهنجي اوڻاين ٻڌڻ جي جرئت نه آهي تيسين تائين
اسان پاڻ کي سڌاري نه سگهنداسين. پروفيسر گانڪو
فسڪي، منهنجو ذاتي طرح به دوست آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ
نه آهي ته نون لکندڙن ۾ هن جو مرتبو چڱو آهي.
هتي جيڪي پاڪستان جون تاريخون لکيون ويون آهن. اهي
تاريخون نه پر مسلم ليگ جا ٺهراءَ
(Resolutions)
آهن. پر ٻاهريان عالم هڪ بي
طرفدار جي حيثيت سان واقعن کي ڏسن ويٺا. هو نه
اسان جا محڪوم آهن، نه مائٽ آهن. اهي نه پاڪستاني
آهن ۽ نه مسلمان آهن. مسلمان ۾ پاڪستاني مسلمان!
ڇاڪاڻ جو هيءُ جيڪو پاڪستاني مسلمان آهي، ان جي
نوعيت ۽ هيئت ٻين مسلمانن کان جدا آهي. جنهن سان
نه اسلام ٺهڪي اچي ٿو نه ئي ٻين مسلمانن سان هن جو
ڪو تعلق آهي. هيءُ خدا جي هڪ خاص مخلوق آهي، جنهن
جي عمر آهي ستاويهه سال !
پروفيسر گانڪو فسڪيءَ اهي ٻئي ڪتاب هڪ بي طرفدار
مورخ جي حيثيت سان لکيا آهن، جنهن ۾ سندس آڏو ڪا
به مصلحت نه هئي ۽ نه ئي هن تي ڪا بندش هئي. کيس
تاريخ جي واقعن ۽ نوشتن ۾ جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو
آهي، اهو برملا لکي ڇڏيو اٿس. جيڪڏهن ان ۾ ڪا اسان
جي اوڻائي بيان ڪيل آهي ته ان جي لکڻ جو کيس پورو
حق آهي ۽ اسان کي وڏيءَ دل سان ان اوڻائيءَ کي
پڙهڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها
اوڻائي نه آهي ۽ هن بدنيتي سان لکيو آهي ته ان جو
علمي جواب ڏيڻ گهرجي. باقي عالي صاحب جي نه ايڏي
وڏي علمي حيثيت آهي نه ئي هو تاريخ ڄاڻي ٿو، نه ئي
کيس ڪو ايڏو تاريخي شعور آهي. عالي صاحب، هن عالم
۽ مؤرخ کي ڪافر ۽ شيطان جا لقب ڏئي رهيو آهي ته ان
مان سندس سفاڪ مزاجي هڪ طرف ته پاڪستان جي رسوائي
ٻئي طرف ٿئي ٿي. عالي صاحب جا اهي نوشتا باعث شرم
آهن. اسان کي اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اهو عالي صاحب جو مسئلو آهي، اسان جو مسئلو
ڪونهي.“
پير صاحب کي ڏاڍي ناراضگي هئي. پر مون عرض ڪيو ته
”سائين ان ۾ اسان جو مسئلو ان ڪري آهي، جو انهن
ڪتابن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر ڪيل آهي“ پير صاحب
وراڻيو:
”سنڌ به ته آخر پاڪستان جو جزو آهي. پاڪستان جي
تاريخ ڪير لکندو ته سنڌ جو ذڪر ضرور ايندو. ”پيپلس
آف پاڪستان“ ڪير لکندو ته سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽
پنجابين جو ذڪر ضرور ايندو. ان تي عالي صاحب کي
مٺيان ڇو ٿي لڳي. ڳالهه صاف آهي ته جيڪي هنن جي
لڪير تي نه هلن، يا هنن جي طبيعت تي نه پون يا
جيڪي هنن جي غلط مقصدن ۽ نيتن جي آڏو اچن ٿا. اهي
سڀ غلط ماڻهو ۽ پاڪستان جا دشمن، هي جيڪي هندستان
مان آيا، تن کي هيءُ ملڪ وڌيڪ پيارو آهي. جڏهن جو
پاڪستان جي سرزمين اسان جي ملڪيت آهي، اسان سنڌي
هتان جا اصلوڪا باشندا آهيون. هتي اسان جون
پيڙهيون دفن ٿيل آهن. اهي ٿياسين غدار، ملڪ دشمن،
ڪافر، ايجنٽ، نه معلوم ڇا ڇا الزام آهن اسان تي !
هيءُ ٿيا محب وطن ! ان تي ويهي بحث ڪرڻ بيڪار
آهي.انهن تي توجهه ئي نه ڏيو.“
پير صاحب کي هاڻي وڌيڪ ڪاوڙ پي آئي. پر مون جو
سندس دل پسند موضوع تاريخ تي سوال ڪيو ته ڏٺم ته
پير صاحب جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي، ائين جيئن ڪو
محبوب جو ذڪر ٻڌي خوش ٿئي. مون پڇيو ته : ”سائين،
توهان جيئن مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي
توهان ڪتاب ڇپيا آهن، اهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي
سنڌي ترجمي ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان
ڪهڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهيو؟“ پير صاحب جواب ڏنو
ته:
”ادا منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي
فارسي ماخذ آهن، انهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش
ڪريان ته منهنجي زندگي جا چند سال ته ڇڏيو ( مون
وچ ۾ چيو ته الله توهان کي وڏي حياتي ڏي) اڃا
پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪم متن شايع ڪرڻ آهي. ان
۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌي ۾ لکيا آهن. مون تاريخ کي
نئون موڙ ڏنو آهي. مون کان اهو ٿي نه سگهندو ته
انهن ڪتابن جا ويهي سنڌي ۾ ترجما ڪريان. ان لاءِ
ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي
کي انهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. اهي ٻئي
ادارا ڪم ڪونه ٿا ڪن، سست ٿي ويا آهن. سنڌ جي
تاريخ تي ماخذ شايع ڪرڻ ڪم نه آهي.اهو ته ٿيو
بنياد وجهڻ، ڪم اڃا ٻي شيءِ آهي. اسان جو فرض آهي
ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو
قائم ڪرايون. سنڌ جي قديم تهذيب جيڪا پنج هزار
ورهيه پراڻي آهي ۽ جيئن هر ملڪ کي پنهنجي تهذيب تي
فخر هوندو آهي، تيئن اسان کي به پنهنجي تهذيب تي
فخر ڪرڻ گهرجي، ان ڪري بلڪل ابتدائي تعليم جي
نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب، تاريخ ۽ ناليرين
شخصيتن جا ذڪر اذڪار آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار
کي ننڍي هوندي کان پنهنجي تهذيب۽ تاريخ جي ڄاڻ
حاصل ٿئي. پر ادا، اسين آهيون پرائي وس ! سنڌيءَ
جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي چند نامور هستين جو ذڪر
آيو آهي ته اردوءَ جي اخبارن ۽ لکندڙن محشر مچائي
ڏنو آهي ۽ اسان جا صاحب قدرت ماڻهو معاملي جي تهه
۾ ڪونه ٿا وڃن. فقط اخبارن کي ڏسي متاثر ٿا ٿين.
هاڻي جي چند ماڻهن جي لکڻ تي اسان ڦاهيءَ جا سزا
وار آهيون ته پاڻ هرتو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسين. اهو
ته سرڪار ۽ سنڌين کي فيصلو ڪرڻو آهي.
باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما، سنڌ جي سلسلي وار
تاريخ لکرائڻ، تاريخ، ثقافت ۽ علم جي ٻين ڪيترن ئي
شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي، اها تحقيق ڪرائڻ، سنڌ
جي قديم تاريخي جڳهين ۽ آثارن کي محفوظ ڪرڻ اسان
جو قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي سنڌيءَ ۾
نه آندو ويو ته ان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي
ڪيئن خبر پوندي، ڪيئن سرت ۽ جاڳرتا پيدا ٿيندي ۽
ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهه ۾ ڪيئن
ايندا. پنهنجي ۽ پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽ همدرديءَ جو
فرق آهي، ان جو هن کي ڪيئن احساس ٿيندو؟ ان ڪري
تاريخ کي سنڌي ٻولي ۾ آندو وڃي، جيڪو اسان جي قومي
زندگيءَ جو ثبوت ٿيندو. اسان کي هٿ وٺي پوئتي رکيو
ويو آهي. گذريل ويهن سالن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾، سنڌي
ادب ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڪا نه ڏني ويندي هئي. هاڻي
اسان ڪوشش وٺي اهو ڪم ڪرايو آهي، جنهن ڪري غلام
علي الانا ۽ ٻين ٻن ٽن کي سنڌي ۾ ڊگريون مليون
آهن. ٻئي پاسي ساڳي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر
غلام مصطفيٰ خان ٽيهن کان وڌيڪ شخصن کي اڙدو ۾
ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون ڏياريون آهن. ان ۾ جيڪي هن
ٿيسس
Thesis
پيش ڪيون آهن، اهي هتي ڪراچي ۾ پيسن تي لکرايون
ويون آهن. اڄ به اهي جيڪڏهن منهنجي سامهون اينديون
ته مان نه ٿو سمجهان ته اهي ڪو تاريخي ۽ علمي
ترازو تي پوريون لهي سگهنديون. مطلب ته اهو سڀ
ڪجهه پنهنجن کي ورسائڻ آهي. اسان ورسائڻ ڪونه ٿا
گهرون، اسان ته حق ٿا گهرون ته جڏهن ته سنڌي زبان
۾ لکندڙ موجود آهن ته پوءِ ڇو نه تحقيق ڪرائي وڃي.
اسان جي حڪومت کي انصاف کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ قوم
کي ائين قربان ڪرڻ ڪو ٺهي ٿو !“ پير صاحب خاموش ٿي
مون ڏي نهارڻ لڳو.
اروڙ جو اهو خاموش فرياد آهي. مون کي يقين آهي ته
سنڌ جو نئون نسل ان فرياد کان خاموشي ڦري وٺندو ۽
سنڌي قوم کي قربان ٿيڻ نه ڏيندو.
پير حسام الدين راشديءَ سان هڪ
ڀرپور انٽرويو
[هي انٽرويو خان محمد پنهور، شمشير الحيدري، نفيس
احمد شيخ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، طارق عالم ابڙي ۽
محمد قاسم ماڪا ورتو. هي انٽرويو ماهوار ”نئون
نياپو“ نومبر – ڊسمبر 1980ع ۾ شايع ٿيو. پير صاحب
جو ڏنل هي طويل ترين انٽرويو، متعدد ڀيرا ڇپيو
آهي.]
س: خانداني حالات کان واقف ڪريو.
ج: لڪياري سادات خاندان ٽڙي پکڙي ڪنگري پهتو،
اتان ڀائرن کان جدا ٿي منهنجو ڏاڏو سيّد پير شاهه
لڏي، ڳوٺ بهمڻ ضلع لاڙڪاڻي ۾ آيو. آءُ ۽ منهنجو
وڏو ڀاءُ علي محمد شاهه ٻئي بهمڻ ۾ پيدا ٿياسون.
ننڍ پڻ بهمڻ ۾ ئي گذريو، پر ذهني پرورش تي حقيقت ۾
مختلف اثر هئا: ٻاهر جا، گهر جا، وڏن جا، ڪتابن
جا، اٿي ويٺي جا، وغيره. ڪتابن يا درس مان ماڻهو
ايترو نه ٿو پرائي، جيترو ڪتابن سان گڏ مجلس ۽ سٺي
صحبت وغيره مان. انساني اصل سکيا تاريخ جي تشڪيل
ڏيندڙ ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ئي ٿئي ٿي. ڪتابن
مان علم ملي ٿو، پر ان سان پختگي نه ٿي پيدا ٿئي.
جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ”پڙهيو، پر ڪڙهيو ڪين.“
منهنجي سڄي پرورش چڱن ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ٿي
آهي.
س: توهان جو خاندان اڃا تائين پير ڪري ٿو چورائي،
پيري مريديءَ جي ان ماحول مان ڪيئن نڪتا؟
ج: اسان جو خاندان اصل ۾ ته پير آهي. اوائلي
ڌنڌو ته ”نذر نياز“ وٺڻ هو. پير علي محمد شاهه وڏو
هو. وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ خانداني روايتن موجب
گاديءَ تي سندس حق هو، پر هن ننڍي ڀاءُ کي گاديءَ
تي ويهاريو، ۽ پاڻ پڙهڻ وغيره ۾ مصروف رهيو. پاڻ
پيريءَ جي ڌنڌي کي ڇڏي ڏنائين. علي محمد شاهه جي
فرزند يعني اسان جي ڏاڏي پير شاهه به زمينداري
ڪئي. ان جو فرزند حامد شاهه ٿيو. هن پڻ زمينداري
ڪئي. ان جا پٽ اسان آهيون ۽ اسان به ڌنڌو زمينداري
اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان جي شاخ مان پيري
مريديءَ واري ڌنڌي جي پاڙ پٽجي وئي.
س: پير صاحبن ۽ زميندارن، ٻنهي جو سنڌ جي باري ۾
ڪردار ساڳيو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اوهان جا ڇا
خيال آهن، ته اسان جو نسل ان چڪر مان ڪيئن نڪرندو؟
ج: مان انهن ٻنهي کي مردود ٿو سمجهان. هڪ خاص
سازش جي ماتحت سنڌ جي ذهن کي منجهائي مصيبت ۾ آندو
ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ذهن آزاد هجي ها ته پوءِ
انهن کي ڪو به ڪونه ليکي ها. پير يا زميندار جي
بقا تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌ جو ماڻهو منجهيل
رهي ۽ معذور هجي ۽ سندس هٿ هر وقت ٽنگيل هجي. تنهن
ڪري هنن هميشه ڪوشش ڪري سنڌ جي ذهن کي مفلوج
رکيو.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان اڄ ڏينهن
تائين پيا لوڙيون ۽ سنڌ به ڏوجهرن ۾ آهي. سنڌ ۾
سڄي ذلت هنن جي پيدا ڪيل آهي.
س: اوهان هڪ سٺي علمي خاندان جي پس منظر سان،
اڳتي باقاعده تعليم ڇو نه پرائي سگهيا؟
ج: اسان ٻئي ڀائر اسڪولي تعليم پرايون ها، ته اڄ
بس ”سگا“ جا ميمبر هجون ها (ٽهڪڙو)! اسڪولي ۽ غير
اسڪولي تعليم جو مقصد اهو نه ٿيندو آهي. تعليم اها
شيءِ آهي جنهن سان رچي ماڻهو تيار ٿئي.
س: ته به اها اوهان جي بزرگن کان ڪيئن سهو ٿي، جو
زماني جو علم توهان کي نه ملي سگهيو؟
ج: اڳي تعليم ٻن قسمن جي هئي، هڪ محفلي مجلسي ۽
ڪتابي، جيڪا بزرگ ويهي پاڻ حافظ ۽ مثنوي جا شعر
وغيره پڙهي ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. ٻي تعليم هئي
نوڪريءَ جي سلسلي ۾. نوڪريءَ جي سلسلي واري تعليم
لاءِ مشهور اهو ٿيو ته ”بابا، ٻارن کي اسڪولن ۾
پڙهايو ته نوڪري ملي.“ اسان کي ڇاڪاڻ ته نوڪريءَ
جي ضرورت ڪا نه هئي، تنهن ڪري به اسڪول ۾ ڪونه
وياسين ۽ اسڪول ۾ ان ڪري به نه وياسين، جو ڳوٺ جي
پسگردائي ۾ ڪو اسڪول نه هو. اسان لاءِ ڏاڏي مرحوم
مسجد ۾ مدرسو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ باقاعده تحصيل
وارو مولوي صاحب هو. اسان ان مدرسي ۾ ئي پڙهياسين
پر پڳ ٻڌڻ جي نوبت نه آئي. اسان ٻنهي ڀائرن جي
رسمي تعليم ان ڳوٺاڻي مدرسي تائين محدود آهي. اڳتي
جيڪي علم حاصل ڪيو سون سو پنهنجي شوق ۽ جفاڪشيءَ
سان.
س: توهان کي خاص طور تي فارسي زبان ۾ درڪ آهي، ته
ائين ڪونهي ڪو ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري نقطه
نظر سان توهان کي ان طرف ڏانهن رغبت ٿي وئي هجي؟
ج: اسان جي ان وقت ۾ جيڪا ثقافت هئي، تنهن ۾
فارسي، عربي ۽ حڪمت اهي ٽي شيون لازمي هيون. حڪمت
هن ڪري ضروري هئي ته جيئن وڏن گهراڻن ۾ پردو هجڻ
ڪري ماڻهو پنهنجي گهر وارن، نياڻين سياڻين جو علاج
پاڻ ڪري سگهي يا عام خلق کي دوا درمل ڏئي سگهي.
اهو به هڪ وڏي ۾ وڏو جذبو هوندو هو. باقي فارسي
تهذيبي طور ۽ عربي مذهبي زبان طور سکي ويندي هئي.
س: حڪمت به اسلامي ڪري چوندا هئا، تنهن ڪري خاص
طور تي ان جو حصو لازمي هو؟
ج: نه، ان کي مان اسلامي نه ٿو سمجهان. حڪمت هڪ
فن هو، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجي گهر وارن جي، پاڙي
پنبي جي، ڳوٺ وارن جي مدد ڪري سگهيو پي.
س: عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪو به عالم
هوندو هو، گهڻو ڪري اهي نسخا گڏ ڪري، حڪمت سان
رغبت ضرور رکندو هو.
ج: حڪمت نصاب جو لازمي جزو هئي ۽ ان جو سبب فقط
پردو ۽ عام خلق جي خدمت هئي. اسلامي حڪمت ڪڏهن به
نه هئي، بلڪل نه. ڪڏهن به يوناني طب کي ”اسلامي
طب“ ڪونه چيو ويو آهي، هميشه ”يوناني طب“ چيو ويو
آهي.
س: يوناني طب ۾ سنڌ جو ڪيترو ڪردار آهي؟
ج: تمام گهڻو، سنڌ جو يوناني طب ۾ وڏو ۽ اهم حصو
رهيو آهي. منهنجو هڪڙو مضمون”سنڌ ۾ طب“ جي موضوع
تي لکيل آهي. ان موضوع تي ٻين به گهڻن ئي لکيو
آهي. تازو هڪ مضمون پڙهيو اٿم. اهو هڪ بهترين
مضمون آهي. جيڪڏهن مان پنهنجي زندگيءَ ۾ طب تي ڪو
وڻندڙ مضمون پڙهيو آهي، ته اهو آهي، محمد خان
”مخمور“ جو لکيل مضمون، جو ايل ايم سي جي تازه
”لطيف“ ميگزين ۾ ڇپيو آهي.
س: سائين، عام طرح چون ٿا ته طب هتان سنڌ کان وئي
آهي، مشرقي ملڪن ڏي، خاص طور تي......
ج: اصل ۾ سنڌ ۽ هند تهذيب جا ٻه قديم مرڪز هئا،
جتي طب، فلسفو ۽ ٻيا گهڻا قديم علم هئا، طب به هتي
ٿي هئي. بغداد جي عباسي خليفن۽ دمشق ۾ بني اميه
خليفن کي جڏهن به ضرورت پي پئي آهي ته هتان سنڌ
مان طبيب گهرايا اٿن، جن اتي وڃي سندن علاج ڪيو
آهي.
س: اوهان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙي نموني سان
ڪئي، ۽ ان ۾ ڇا ڇا ڪيو؟
ج: اوهان کي ٻڌايو اٿم ته اسان جي زمينداري هئي،
ان ڪري جيئن هڪ وڏيري جو بيڪار پٽ هڪ کٽ کان ٻي کٽ
تائين سڄو وقت فضول ضايع ڪندو آهي، منهنجي پهرين
زندگي به انهيءَ نموني سان گذري. پر ڇاڪاڻ ته اسان
جي گهرن منجهه علم، شعر و شاعري، حافظ، مثنوي،
شاهه نامه وغيره جو چرچو هو ۽ هر شام جو ڏاڏي
مرحوم جي علمي محفل لڳندي هئي. مون تي انهيءَ جو
اثر پوندو رهيو. ٻيو ته پير علي محمد شاهه اخبار
ڪڍي ”الراشد“ ۽ هن جو اخبار سان گهڻو مشغلو رهندو
هو. اصل ۾ مون تي گهڻي ۾ گهڻو اثر علي محمد شاهه
جو پيو. هن جي صحبت سبب اخبار نويسيءَ طرف بهمڻ ۾
ئي لاڙو پيدا ٿيو. اخبار ”الراشد“ اُتانئون ڪڍندا
هئاسون. پوءِ مان ڀانيان ٿو ته 28، 1929ع ڌاري مان
سکر ويس، علي محمد شاهه سان گڏجي ”سنڌ زميندار“
اخبار ۾. ۽ پوءِ سکر ۾ اخبار نويسي شروع ڪئي سين،
توهان پارن اديبن ساڻ اٿي ويٺي شروع ٿي، ڳوٺاڻي
زندگيءَ مان نڪري شهري ماحول ۾ رهائش ٿي.
س: ”الراشد“ ڪڏهن جاري ڪيو؟
ج: مان ڀانيان ٿو ته 1925ع ڌاري يا 1926ع ڌاري
جاري ٿيو.
س: ان زماني ۾ جمعيت الشعرا جو گهڻو زور هو ۽
مشاعرا وغيره ٿيندا هئا ۽ شايد توهان به ڪنهن
زماني ۾ شعر چوندا هئا؟
ج: جمعيت الشعرا جو نالو ان زماني ۾ نه هو، اهو
بعد ۾ جڏهن حيدرآبادي اثر پيو، تڏهن نروار ٿيو.
اسان واري زماني ۾، لاڙڪاڻي ۾ مشاعرو فقط ميان علي
محمد قادري مرحوم وٽ ٿيندو هو. ”الحقيقت“ سندس
اخبار هئي ۽ سندس اوطاق علم ادب جو مرڪز هئي.
قادري هڪ سٺي علمي فيملي لاڙڪاڻي جي اديبن جي
هوندي هئي، جن وٽان اخبار به نڪرندي هئي، مشاعرو
به ٿيندو هو.
س: توهان انهن مشاعرن کان هٽي ڪري، ڪيئن ان ٺوس
سبجيڪٽ (تاريخ ۽ تحقيق) طرف متوجه ٿيا؟
ج: مون شاعري پيشي طور اختيار ڪونه ڪئي هئي. مان
شعر به چيا ۽ اخبار نويسي به ڪئي پر ڇاڪاڻ ته ذوق
هوندو هو تاريخي ڪتابن پڙهڻ جو، تنهن ڪري لامحاله
تاريخ ڏي به توجهه رهيو. بنيادي طرح سان مان
افسانه نويس هئس. ”سنڌ زميندار“ اخبار ۽ ٻين
اخبارن يا رسالن ۾ منهنجا افسانه شايع ٿيندا هئا.
س: ڀلا ان مسئلي ۾ هڪ ضمني سوال، ته توهان شاعري
وغيره ڪئي. اها ”لوڻي ڦير لپاٽ“ واري ڳالهه ته ڪا
نه هئي، جا بعد ۾ ڇڏي ڏنو؟
ج: مان سڄي زندگيءَ ۾ عشق نه ڪيو آهي. اها توهان
کي خوش خبري ٻڌائي ڇڏيان.
س: سائين، پوءِ اها ڪا اهڙي چڱي ڳالهه ته ڪونه ٿي
سمجهي وڃي ته عشق ئي نه ڪجي....
ج: عشق کان علاوه به انسان شريفانه زندگي بسر
ڪري سگهي ٿو، مون تي توڙي جو گهڻا ونگ وڌا ويا پر
خبر نه آهي ته الائي ڪهڙي سبب يا ٿي سگهي ٿو ته
انفيريارٽي ڪامپليڪس جي ڪري مان عشق نه ڪري سگهيس.
س: ان وقت ۾ اوهان جي شڪل صورت جيڪا هجڻ کپي، سو
اوهان تي به اثر گهڻو پيو هوندو، پر انفيريارٽي
ڪامپليڪس ڪيئن ٿيو؟
ج: مان سان معاشقا تمام گهڻا ٿيا، عورتن تي پيرن
جو وڏو اثر هوندو هو ۽ اسان جو اچڻ وڃڻ به ماڻهن
جي گهرن ۾ بي تحاشا ٿيندو هو ۽ نياڻين سياڻين کي
ڏسڻ جو به موقعو ملندو هو، پر طبيعت ۾ ڪميڻپ ڪا نه
هئي. نه ته شايد خرابي ڪري وجهان ها.
س: متان گهڻائيءَ جي ڪري، خاص چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي
ٿي هجي؟
ج: چونڊ جو موقعو ئي ڪونه آيو (ٽهڪڙو).
س: سائين ! ڪو شعر پنهنجو ياد اٿو؟
ج: شعر ته مون کي ياد ڪونهي ڪو. مون تي گهڻو اثر
پيو، لاڙڪاڻي جي شاعرن جو. مرحوم حاجي محمود خادم
منهنجو استاد هو. ان کان اصلاح وٺندو هئس. پر مون
کي شعر گوئي مان مزو نه ايندو هو. ڇاڪاڻ ته تنهن
زماني ۾ شاعري رڳو لفظن جو ڪرتب هوندو هو. ديوانن
مان قافيا ۽ رديف ڪڍندا هئاسين. پوءِ انهن جي حساب
سان مضمون جوڙبو هو. ان ڪري اهو طريقو مون کي نه
وڻيو، مزو نه آيو.
س: ان وقت جي ڪجهه شعري، ادبي، صحافتي ماحول بابت
ڪجهه اسان کي ٻڌايو.
ج: اهو تمام سادو ماحول هوندو هو. اڄوڪا
ڪمپليڪيشنس وغيره، تڏهن ڪونه هوندا هئا ۽ نه وري
اهڙيون پوليٽيڪل حالتون هيون. سڌي سنئين سياست
هئي. زمينداري هئي، پيري مريدي هئي. ڪي چڱا مڙس
هئا، جي هلائيندا هئا سارو ڪاروبار سياست جو.
اخبارن ۾ ڪا به وڏي شيءِ ڪا نه هوندي هئي. جيئن
اڄڪلهه آهي. فقط ”ڌيان طلب ڪليڪٽر صاحب“ ۽ ”ڌيان
طلب ايس پي صاحب“ هوندو هو. اسان کي جڏهن پيسي جي
ضرورت پوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن صوبيدار جي خلاف
پنهنجي اخبار ۾ ليک ڏئي ڇڏيندا هئاسين. اهو پيسا
آڻي ڏيندو هو. ٻئي پرچي ۾ لکندا هئاسين ته جاچ ڪئي
سين ۽ ڳالهه صحيح ثابت نه ٿي. تنهن ڪري اسان کي
نهايت افسوس آهي، جو اها خبر ڇپجي وئي. مطلب فقط
اهو هوندو هو ته پيسا ملن. قريب قريب ان قسم جي
صحافت هئي ان زماني ۾.
س: سکر ۾ توهين ڪيترو وقت رهيو؟
ج: سکر ۾ 1928ع کان وٺي ويندي 1937ع تائين.
س: هن وقت سنڌ جي تاريخ تي ٿيل ڪم کان توهين
مطمئن آهيو؟
ج: مطمئن ڪو به ماڻهو نه ٿي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ
ته انتها ڪنهن شيءِ جي به ڪانهي. تنهن ڪري منهنجو
ائين چوڻ ته مان مطمئن آهيان ان ڪم بابت، سو ائين
ناهي. اڃا ته فقط ابتدا ئي ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ
جي تحقيق جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوشش کي شروعات يا آغاز
چئي سگهون ٿا !
س: ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي ڪيتري قدر ڪم ٿيو
آهي؟
ج: ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اسان گهڻو خوش بخت آهيون.
اسان وٽ تاريخ تمام گهڻي آهي. اسان وٽ شرافت آهي،
اسان وٽ فضيلت آهي، اسان وٽ روايتون آهن، اسان وٽ
ڪتاب گهڻا لکيا ويا آهن. اسان کي هڪڙي قسم جو فڪر
آهي، تنهن ڪري ٻين جو ته اسان سان مقابلو ڪرڻ ئي
غلط آهي.
س: ان وقت جي ۽ اڄوڪي صحافت ۾ ڪهڙو فرق آهي،ا ن
وقت صحافت هڪ مشن يا تحريڪ هئي؟
ج: اخبارون تحريڪ طور ته هلايون وينديون هيون.
تحريڪ ان لحاظ سان ته برابر هئي ته ڪي ايڊيٽر
خلافت تحريڪ سان هئا، ته ڪي ڪانگريس سان ۽ اخبارون
بهرحال تحريڪن سان وابسته هونديون هيون. اڄ مثال
طور جنگ آهي يا ٻيون ڪي اخبارون آهن، ته اهي ذاتي
يا واپاري نقطه نظر جون اخبارون آهن. اڳي ائين نه
هو. مثلاً ”زميندار“ اخبار لاهور جي، قومي اخبار
هئي. مولانا ظفر علي خان جي اخبار، ذاتي کڻي چئجي
ته هن ڪڍي، پر مقصد سڄو قومي هو ۽ ان منجهان هن
خدا جي بندي ذاتي طرح ڪو به فائدو يا منفعت حاصل
نه ڪئي ۽ نه وري ملڪيت يا بلڊنگون ئي ٺاهيائين.
هاڻي صحافت شخصي ۽ ذاتي آهي. مثلاً ڪيتريون
اخبارون ڪن خاص ماڻهن جون آهن، اهي ملڪيتون شخصي ۽
ذاتي آهن ۽ انهن کي اهڙي نموني هلايو ٿو وڃي، جنهن
مان قومي مقصد جي حاصلات گهٽ ۽ مالي منافعو مالڪن
کي زياده ملي. اڳي اها شيءِ نه هئي. ”الوحيد“ جو
هميشه سڃ تي سندرو رهيو، ڇڙو قومي درد ۾.
”زميندار“ لاهور لکين رپيا ڏنڊ ۾ ڏنا ۽ جڏهن
مولانا فوت ٿيو، ته ڪا به شيءِ سندس گهر منجهان ڪا
نه نڪتي. ساڳيو حال ٻين اخبار وارن جو هو.
س: ان وقت جي صحافين جا نالا ٻڌائيندا؟ ڪهڙيون
اخبارون نڪرنديون هيون؟
ج: صحافين مان گهڻا نالا ته ياد ناهن پر اثر
هڪڙو ته ”زميندار“ اخبار جو هوندو هو، مولانا ظفر
علي خان جو اثر هو. ٻي سنجيده ۽ فڪر انگيز اخبار
هئي ”انقلاب“ مولانا غلام رسول مهر جي. جنهن حقيقت
۾ فڪري مواد پيدا ڪيو. ان وقت هندستان جي سياست تي
لاهور جي انهن اخبارن جو هولڊ هوندو هو. هتي
الوحيد هوندي هئي. سکر مان سنڌ زميندار نڪرندي
هئي. مخلص جي اخبار ”مسلمان“ هوندي هئي ۽ ”مسلمان“
يا ”الحق“ جي مقامي حيثيت هوندي هئي. الحق قديمي
اخبار هئي. اها شايد 1900ع ۾ نڪتي هئي.
س: توهان وٽ پراڻين اخبارن مان ڪجهه فائيل وغيره
آهن؟
ج: هڪ به ناهي (خان محمد پنهور ٻڌايو ته هو تازو
ميرپور بٺوري ويو هو، جتي ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستارهء
سنڌ“ ۽ ٻيون ڪافي اخبارون هيون) هجي ڪو مالڪ، ڌڻي
سائين سنڌ جو ته انهن کي هٿ ڪري.
س: سائين ! ڀانيو ٿا ته پراڻين اخبارن جا ذخيرا
ڪٿي ڪٿي هوندا؟
ج: سنڌ ۾ ته اهو چئو ٿا ته ميرپور بٺوري ۾ آهن.
ٻيو، مان ڀانيان ٿو ته جيڪب آباد جي ڪن گهراڻن ۾
شايد ملي وڃن. ٺل ۾ شايد هجن، ممڪن آهي ته اخبارن
جي ڪجهه پراڻن شوقينن جي گهرن ۾ هجن، يا ٻي حالت
۾، منهنجو اندازو آهي ته انڊيا آفيس لنڊن ۾ ضروري
هجڻ کپن. لائبرري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ به انهن جي
هجڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن مالڪ هوندو آهي، ڪنهن به
شيءِ جو، ۽ پٺيان پوندو آهي، ته هر شيءِ ميسر ٿي
سگهي ٿي. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جو تجربو آهي، ته
جڏهن به ڪو ارادو ڪيو اٿم ته هي ڪم ٿيڻ کپي، ته
قدرت اسباب پيدا ڪري ڏنا آهن. فقط ارادو پڪو هجڻ
کپي ۽ ان ۾ ايمان هجڻ کپي ته اسباب پاڻ مرادو پيدا
ٿي وڃن ٿا پيا. عزم ۽ ارادي اڳيان سڀ شيءِ آسان
آهي.
س: انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ توهان ويا آهيو، اتي
سنڌ جي تاريخ، يا ادب جي باري ۾ مواد آهي؟
ج: تمام گهڻو مواد آهي. هڪ عرض ڪريان ته سنڌ هن
لحاظ کان بي انتها خوش قسمت آهي، جو جڏهن مسلمانن
جو دور هو، تڏهن به سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکيا
ويا، مثلاً عربي ۾ لکيا ويا، فارسيءَ ۾ لکيا ويا ۽
جڏهن انگريزن جو وقت آيو ته انهن به سوين ڪتاب سنڌ
تي لکيا. علاوه ڇپيل ڪتابن جي يعني جيڪي فائيل آهن
لکپڙهه جا. مثلاً پوليٽيڪل ڪرسپانڊنس، تمام گهڻي
آهي. هاڻي فائيل ڪڍيا اٿن ۽ ڊسپلي ڪيا اٿن. انهن ۾
سڀ شيءِ موجود آهي، جيڪا انگريزن جي سو ورهيه
حڪومت ۾ رهي آهي.
س: انگريزن جي حڪومت جو رڪارڊ ته اهڙي هنڌ محفوظ
آ جو اسان کي بهرحال ڪڏهن به ملي سگهي ٿو، پر
مسلمان جڏهن هتي آيا، تڏهن ان وقت اسان جي پهرين
تاريخ آهي چچ نامو، ان کان سواءِ عربي زبان ۾ عربن
جو ڪو ڪم ڪيل آهي يا نه؟
ج: عربن جو آهي: فتوح البلدان، جيهانيءَ جو ڪتاب
گم آهي. پر بهرحال هڪ ٻه ڪتاب آهن. ۽ ٻيا مختلف
ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌ جا حوالا ملن ٿا.
س: سنڌ زميندار اخبار جي سلسلي ۾ توهين 1937ع
تائين سکر ۾ رهيا....
ج: 1937ع ۾ جڏهن بابو مرحوم فوت ٿيو ته اسان
”ستارهء
سنڌ“ بند ڪئي ۽ مان بهمڻ ۾ اچي زمينداري شروع ڪئي.
اهڙيءَ طرح سکر مان پنهنجي مڏي پٽي اچي ڳوٺ
رهياسين.
س: اهو 1936ع جو زمانو آهي، سنڌ جي بمبئي کان
جدائي جو، ۽ پاڪستان جو خيال ان وقت هليو پي. ان
سلسلي ۾ ”اوهان ٻڌائيندا ته پاڪستان تحريڪ ۾ اخبار
جي ذريعي يا عملي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ ڪو ڪم ڪار ڪيو
هجيو؟
ج: عملي ڪارڪن جي حيثيت ۾ به گهڻو ڪجهه ٿي
سگهيو.
س: جهنڊا ٻنڊا به کنيو؟
ج: ها جهنڊا، ٻنڊا تمام گهڻا کنيا سي. سکر ۾
مسجد منزل گاهه وارو فساد، هتي عيدگاهه ڪراچيءَ ۾
مسلم ليگ وارو جلسو، هندو مسلم فساد، انهن سڀني ۾
حصو ورتم. اهو فيصلو ته اڳتي هلي تاريخ کي ڪرڻو
آهي ته اهو صحيح هو يا غلط. هن وقت ڪا به ڳالهه
يقين سان نه ٿي چئي سگهجي. بهرحال انهن واقعن جا
ٻه اهم ڪردار جي.ايم.سيّد ۽ علي محمد شاهه به رهيا
آهن. هر مسئلي جي چڻنگ انهن ٻنهي ئي دکائي.
س: ٻئي پير صاحب، ٻئي سادات گهراڻو.
ج: بس پوءِ ڇا عرض ڪجي !......
س: سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ جو نتيجو سٺو نڪتو يا
خراب نڪتو؟
ج: انهيءَ زماني ۾ انهيءَ لحاظ کان، جيئن هاڻي
ٿا اسين سوچيون، ڪونه سوچبو هو ته ملڪ جو ڪيسين
تائين فائدو ٿيندو. ان وقت سوچ فقط شخصن ۽ طبقن جي
مفاد تائين محدود هئي. سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ
لاءِ جيڪا ڪوشش ٿي، سا اصل ۾ وڏيرن ڪئي هئي. ڇاڪاڻ
ته عوام ۽ غريب ماڻهو ته ڪنهن قطار ۾ شمار هيا ئي
ڪين، تنهن ڪري انهن جي لاءِ هو ڇو سوچين ها؟ توهان
جيڪڏهن ان زماني جي بمبئي ليجسليٽو جي ميمبرن جي
لسٽ ڏسندئو ته پنجهتر فيصد سيّد هئا. انهيءَ جا
ميمبر ۽ باقي وڏيرا هئا. انهن ڏٺو ته بمبئي ۾ ته
سياسي طرح ٿاٻا ٿا کائين. انهن کي ڪو ليکي به نه
ٿو. پوءِ هنن ڪوشش ڪئي ته بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا
ڪجي ته هتي پنهنجو ڪو بلو ٿئي. ٻيو ته ذهني طرح
سان ان زماني ۾ ماڻهن جو پنهنجو احساس هو ته اهو
ئي هو. باقي رهيو سوال ته ان مان سنڌ کي فائدو
پهتو ته اهو قدرتي امر هو، جو عمل ۾ آيو.
س: سائين ! توهان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪافي رهيا آهيو،
ته اسان جي هاڻوڪي ادب جي سلسلي ۾ ڪو امپريشن آهي؟
اسان جا ڪتاب، رسالا وغيره اتي پهچن ٿا وغيره.
ج: سنڌ جي موجوده ادب جو (جنهن کي توهان تخليقي
ادب جو نالو ڏنو آهي) منهنجي راءِ ۾ بي مثال آهي.
بهرحال، جيڪو به تخليقي ادب توهان گذريل 20 ورهين
دوران پيدا ڪيو آهي. خدا شاهد آهي ته دنيا جي
بهترين ۾ بهترين ادبن جي صف ۾ اچي سگهي ٿو. ان جو
سبب به اهو آهي ته توهان اڃا پيڙا ۾ آهيو، تنهن
ڪري اها ڪيفيت توهان جي ذهن ۾ هلي ٿي، تنهن ڪري
تخليقي ادب پيدا ٿين ٿا. اردو جو روايتي ادب ان
ڪري بي جان آهي ته ان ۾ ڪو مقصد ڪونهي، تنهن ڪري
هنن ۾ ڪا شيءِ ئي ڪونهي. حقيقت ۾ ته توهان جي ادب
کي جو توهان جي آکاڻين جو، افسانن جو، شعرن جو،
مختلف زبانن ۾ يورپ ۾، ترجمو ٿي رهيو آهي، هاڻي به
مان وٽ ڊاڪٽر شمل جو ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ سنڌي
آکاڻين جو ترجمو ڪيو اٿئين جرمن زبان ۾. زبان ته
مان سمجهي نه ٿو سگهان پر مطلب اهو آهي ته توهان
کي پنهنجي ادب جي متعلق، پنهنجي محنتن جي سلسلي ۾
ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ کپي. اها جدا ڳالهه آهي ته توهان
وٽ وسيلا ڪونه آهن، تنهن ڪري ٻاهر ولايت وڃي نه ٿا
سگهو، جو خبر پئيو ته توهان جي آبرو ۽ عزت ڪيتري
آهي. ٻيو اسان لاءِ وڏي مصيبت شمشير ! هيءَ آهي،
ته ذريعا جيڪي آهن ادب جي پکيڙ جا، اُهي ڪينهن ڪي.
توهان وٽ رسالو ڪونهي، سڀ رسالا بند ٿي ويا آهن.
ٻاهر ترجما ڪين ٿا ٿين پيا. مثلاً طلوع رسالي جو
نمبر ڪڍيئون، ته ان ۾ سڀ اردو وارن جا مضمون ۽ شعر
وغيره هئا. حالانڪه مون کي خبر آهي ته لينن تي ۽
اهڙن ٻين موضوعن تي سنڌي اديبن تمام گهڻو لکيو
آهي، پر ڇاڪاڻ ته انهن ويچارن جي رسائي ڪانهي،
انهن جا ذريعا ڪينهن ۽ ڪجهه هو محجوب به آهن (خبر
ناهي ڇاهي؟). اڳتي اچي زوري زبردستي پنهنجي جاءِ
بنائين، اها ڳالهه هنن ۾ ڪانهي ڪا. اها اسان لاءِ
وڏي تڪليف آهي، جنهن ڪري نقصان ۾ آهيون.
س: اسان وٽ ڪي ادارا تمام مشهور آهن، جي ڪم ڪن
ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ آهي. توهان پاڻ ان
جا ڪافي وقت رڪن رهيا آهيو ۽ توهان جو تمام وڏو
ڪردار آهي. ان جي باري ۾ ڪجهه.....
ج: سنڌي ادبي بورڊ جي باري ۾ مان جڏهن به گفتگو
ڪندو آهيان ته منهنجا دوست ڪاوڙبا آهن. شايد خيال
ٿيندو اٿن ته مان هن ڪري ٿو غصي جو اظهار ڪريان،
ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ميمبر ناهيان. هڪڙي اسٽيج اها به
ايندي آهي. جڏهن ميمبر ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪا نه
هوندي آهي. مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ڪانهي ڪا، پر
ڇاڪاڻ ته ادبي بورڊ اسان پاڻ ٺاهيو، ان کي اسان
پاڻ پاليو ۽ ان کي انهيءَ درجي تي آندوسين، جو مان
سمجهان ٿو ته دنيا جا جيڪي وڏي ۾ وڏا آبرومند علمي
ادارا آهن، انهن ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو. ۽ هن جيڪي
ڪم ڪيو آهي، سو پاڪستان ته ٺهيو، پر هندستان ۾ به
ڪنهن اداري نه ڪيو آهي. بيحد ٺوس ۽ وڏو با فضيلت
ڪم ٿيل آهي. پر هاڻي ڏسون ٿا پيا ته ان ڪيل سڄيءَ
محنت کي لوڙهيو پيو وڃي، تنهن ڪري مان کي اعتراض
ڪرڻ جو يا ان تي جوش ۾ اچڻ جو يا غصي ٿيڻ جو حق
آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي مان پنهنجو ادارو ٿو سمجهان،
مان ان کي پاليو آهي. حقيقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي
ٽن ڄڻن نپائي وڏو ڪيو آهي. هڪ محمد ابراهيم جويو،
ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٽيون مان. ادبي بورڊ
جي معنيٰ اهي ٽي ماڻهو آهن، ۽ جيڪي به ڪم توهان
ڏسندئو هيل تائين، اهو سڄو هنن ٽن ماڻهن جو ڪيل
آهي. هاڻي مان جڏهن به ڪٿي، ڪنهن جلسي ۾، يا گفتگو
۾ ڪجهه ٿو چوان ته منهنجا دوست چون ٿا هي اجايو ٿو
چوي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ميمبر ناهي. بابا ! مان کي
ميمبريءَ جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، تنهن ڪري مان کي
فقط افسوس ٿو ٿئي ته اسان محنت سان جڏهن هڪ شيءِ
تيار ڪري راس ڪئي، ته ان جو زوال شروع ٿي ويو.
س: نه سڌرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟
ج: نه سڌرڻ جا سبب هي آهن: بامقصد ماڻهو جيڪي
هئا، سي مري ويا، ڪي هٽي ويا.
س: اهڙا ادارا اسان وٽ ٻيا به آهن، مثلاً
سنڌالاجي آهي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز آهي. مهراڻ
آرٽس ڪائونسل وغيره، جيڪي سرڪاري سرپرستيءَ کان
سواءِ هلن پيا. مثلاً سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو
سوسائٽي اهڙا ڪافي ادارا آهن.
ج: سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي تمام سٺو ڪم
ڪري ٿي پئي. ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو مقصد
ته اٿس. سنڌالاجيءَ لاءِ منهنجي راءِ آهي ته ان ۾
ڪو به تحقيق جو ڪم ڪونه ٿو ٿئي پيو. پر سنڌالاجيءَ
کي مان ان ڪري اهميت ڏيان ٿو پيو، جو هوءَ هن وقت
هر شيءِ کي گڏ ڪندي رهي ٿي پئي. اها هن وقت بذات
خود هڪ وڏي ۾ وڏي مهم ۽ وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. اهو
بنيادي ڪم آهي. سڀاڻي هڪڙو نسل پيدا ٿيندو، جيڪو
انهيءَ مان فائدو وٺندو. الانا، منهنجو دوست آهي،
عزيز آهي، مان کي ڏاڍو پيارو آهي، پر مان ان کي
چوندو آهيان ته ”مجاور“ آهي ۽ بهترين ”مجاور“ آهي.
”بيحد“ ايماندار مجاور. مجاور جو ايماندار هجڻ ۽
محنتي هجڻ خود هڪڙي قسم جي وڏي فضيلت ۽ سند آهي.
جيڪا الانا ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو الانا تي
اعتبار ڪندي، مان بِنا لسٽ ٺاهڻ جي سون جي تعداد ۾
پنهنجا ڪتاب ڏانهنس موڪليندو رهان ٿو، ته جيئن
سنڌالاجيءَ جي لئبريريءَ ۾ سانڍي. الانا تمام گهڻو
ڪم ڪري رهيو آهي.
س: توهان سنڌالاجيءَ جي بانين منجهان آهيو. الانا
صاحب ٻڌايو ته اهو نالو ئي توهان تجويز ڪيو هو. ته
توهان جي ذهن ۾ ان وقت ڪهڙي ڳالهه هئي، جڏهن اهو
ادارو قائم ڪري رهيا هئا؟
ج: سنڌالاجيءَ جي مفهوم جو دائرو تمام وسيع آهي.
جيئن ايجپٽالاجي، انڊالاجي وغيره، اهي سرزمينون
جيڪي قديم تهذيب جون مالڪ آهن، انهن جون اڪيڊميون
انهن جي نالن سان منسوب ٿين ٿيون. اهي خود پنهنجي
جاءِ تي جدا علم ٿين ٿا، جيئن ايجپٽالاجي يا
مصريات پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل علم جي حيثيت رکي
ٿو، تيئن سنڌ جو به علم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي جڏهن اهو
ادارو قائم ڪيو، تڏهن ان جو نالو رکيائين ”سنڌي
اڪيڊمي.“ مون چيو ته اهو نالو ته رسمي آهي. منهنجي
ذهن ۾ ان اداري جو هڪ جامع تصور هو. ۽ مان ان جو
نالو ”سنڌالاجي“ تجويز ڪيو. پر ان زماني ۾ اسان ون
يونٽ ۾ وڪوڙيل هئاسين. سنڌ تي هڪ قسم جو خوف ۽ ڊپ
هو. ڪامورا شاهي کي ”سنڌالاجي“ نالي تي حيرت ٿيڻ
لڳي ! مون چيو ته بابا ”سنڌالاجي“ نالو رکڻ سان
ڪهڙو اڀ ڏري پوندو؟ حسن علي عبدالرحمان، وائيس
چانسلر چيو ته اهو نالو متان خوفناڪ سمجهيو وڃي.
مان چيو ته ”ڪونه ٿيندو، دلجاءِ ڪيو.“ ان مجلس ۾
ممتاز حسن مرحوم به موجود هو. ڇاڪاڻ ته هو پنجاب
جو هو. مون سوچيو ته هن کان به پڇي وٺان. هو ته
عالم ماڻهو هو. هن کي خبر هئي. هن چيو ”ٺيڪ آهي،
بلڪل ٺيڪ آهي، هن ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“ تنهن کان
پوءِ ئي حسن علي جو ڀَؤ لٿو ۽ اهو نالو ”سنڌالاجي
“ ٿيو.
سنڌالاجيءَ مان منهنجو مطلب اهو هو ته اهو
حاوي هجي سنڌ جي هر موضوع تي. ان ۾ تاريخ هجي، ادب
به هجي، لٽريچر به هجي، تهذيب به هجي. يعني هر
شيءِ ان جي دائري ۾ هجي. ”سنڌ صدين کان“
(Sindh
Through Centuries)
هڪ خالص علمي اجلاس نيڪ نيتي سان سڏايل هو، جنهن ۾
دنيا جا عالم ۽ محقق آيا ۽ نهايت ٺوس علمي مقالا
پڙهيائون ۽ ان تي به جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي سامعين کي
معلوم آهي. اسان اڃا تائين ان ڪئي جا ڪيتا ويٺا
ڏيون. يعني ماڻهو هتي پنهنجي تاريخ جي متعلق
پاڪستان کان ٻاهران ڪي ماڻهو گهرائي ڪجهه ڪري نه
ٿو سگهي ! اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ تنهن ڪري اڄ
توهان شيون گڏ ڪندا وڃو، ممڪن آ ته سڀاڻي ڪي چڱا
ڏينهن اچن. جيڪي ڪجهه دستياب آهي، ممڪن آهي ته
سڀاڻي حاصل نه ٿئي. تنهن ڪري انهن کي هن وقت هٿ
ڪري محفوظ ڪرڻ تمام ضروري آهي.
س: سائين اها صحيح ڳالهه توهان ٻڌائي. ان موقعي
تي آءٌ به هڪڙي ڳالهه ڪري ڇڏيان ته جيئن توهان
ڳالهه ڪئي ته جڏهن ”سنڌ ٿرو سينچريز“ جو جلسو ٿيو
ته ان ۾ جيڪي تقريرون ٿيون. اُهي سڀ، مون ۽ خان
محمد (جڏهن اسان نئين زندگي رسالي ۾ هئاسون) ترجمو
ڪري هڪ هڪ نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو پروگرام
ٺاهيو. ٻه ٽي تقريرون اسان شايع ڪيون، پر پوءِ
اسان کي منع ڪري ڇڏيائون ته آئنده ان کي نه ڏيو،
ان جي ضرورت ڪانهي. حالانڪه ماهرن ڪيون هيون اسٽيج
تي، کُلئي عام، پاڪستان سرڪار جي سرپرستيءَ ۾.
ج: بابا، مون کي معلوم آهي ته ڪيڏو عذاب ٿيو هو
ان اجلاس جي سلسلي ۾.
س: سنڌ ٿرو سينچريز جي سلسلي ۾ پڙهيل پيپرس اڃا
شايع نه ٿي سگهيا آهن، اُهي اڄ ڪلهه ڪٿي آهن؟
ج: مان کي خبر ڪانهي ته ڪاٿي آهن.
س: ڪهڙي قسم جون اسان کي ننڍيون جماعتن يا ادارا
ٺاهڻ کپن، ڪهڙي نموني ڪم ڪرڻ کپي، سنڌي لغت، سنڌي
ادب تي، تاريخ تي، انهيءَ لاءِ اسان کي ڪي تجويزون
ڏيو.
ج: تجويزون نه ٿينديون آهن. ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هر
شيءِ پاڻ پيدا ٿيندي آهي. اسان جڏهن اهي ڪم شروع
ڪيا، تڏهن ڪي به تجويزان ڪين هيون. بس پنهنجي ذهن
۾ جيڪي اينديون ويون، بسم الله ڪندا ڪم ڪندا
وياسين. تجويزان نه ٿينديون آهن، تجويزون خود ذهن
پيدا ڪندو آهي ۽ شوق ۽ ارادو پيدا ڪندو آهي ۽
تجويز پنهنجو پاڻهي ٿي ويندي آهي.
منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته سنڌ جو ماڻهو
بي انتها ذهين ۽ فڪر وارو آهي. هو ڪڏهن به مري نه
سگهندو. سنڌ کي پنهنجو هڪڙي قسم جو فلسفو آهي،
پنهنجو تصوف اٿس، پنهنجو ادب اٿس، تنهن ڪري هن کي
ته هڪڙي افاديت آهي، جيڪا کيس ٻين جي ڀيٽ ۾ ممتاز
ڪيو بيٺي آهي. سنڌ جو ماڻهو هڪڙي ڏينهن بيدار
ٿيندو، ۽ اڳتي هلي سنڌ جو ماڻهو پاڪستان کي ليڊ
ڪندو، سنڌ جو ماڻهو غير معمولي آهي. سنڌ جو ماڻهو
ڇا هي، اهو هڪڙي قسم جو راز آهي، جيڪو اڃا تائين
لڪل آهي.
س: ”تخليقي ادب“ جي سلسلي ۾ جيئن توهان ڪتاب ”هو
ڏوٿي هو ڏينهن“ لکيو آهي، ان قسم جو ڪو ٻيو ڪتاب
توهان جي زير ويچار آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ڪشادگيءَ ۽
کليءَ دل سان ڪي ڳالهيون ٻولهيون هجن؟
ج: حقيقت اها آهي ته اسان وارو ”تخليقي“ ڌنڌو
ائين آهي، جيئن اوستن جو ڪم. حقيقت ۾ ته تخليقي ڪم
توهان وارو آهي. مان قبول ٿو ڪريان ته 1960ع ۾
جڏهن مون اهو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، تڏهن مان 1958ع
کان هارٽ اٽيڪ جو شڪار هئس ۽ زندگيءَ جو به يقين
نه رهيو هو. ان وقت ايوب خان مرحوم جو مارشلا لڳو
هو. مارشلا جو نئون دور هو ۽ ان جو به اثر هو.
هارٽ اٽيڪ جي تڪليف تنهن کان سواءِ، خانبهادر کهڙو
جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، هڪڙي قسم جو تڏا
ويڙهه جو منظر هو. هتي مون تي نروس بريڪ ڊائون ٿي.
ڊاڪٽرن مون کي مشورو ڏنو ته ماحول بدلائڻ لاءِ
ٻاهر هليو وڃان. ادا علي محمد ان وقت فلپين ۾
پاڪستان جو سفير هو، تنهن ڪري ٻاهر وڃي رهڻ ۽ علاج
ڪرائڻ جي سهوليت هئي. اتي ٽي سال کن مان رهيس.
منهنجي نروسنيس جو سڄو زمانو اتي گذريو. ان وقت نه
پڙهي سگهندو هئس ۽ نه ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي.
لکندو هئس ته هٿ ڏڪندا هئا ۽ اهو يقين نه هو ته ڪو
آءُ وطن واپس ٿيندس. جتي انسان جي ابتدائي زندگي
گذري ٿي، اتي جون يادون تمام پياريون ٿين ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خط پهتو ته نواز علي
نياز لاڙڪاڻي وارو گذاري ويو. مهراڻ جي ايڊيٽر
سردار علي شاهه جا به خط پي پهتا ته اخبار جي
سالنامه لاءِ مضمون موڪليان. نياز مرحوم تي مضمون
لکڻ جي ابتدا ڪيم. ان وقت ڪتاب جو خيال ڪونه هو،
فقط مضمون جي رٿا هئي. هڪ تنهائي ۽ ٻيو وطن کان
دوريءَ وطن جي ڳالهين جي بيان ڪرڻ لاءِ اُڀاريو.
ماڻهو جنهن شيءِ جو گهڻو ذڪر ڪري ٿو ته پوءِ ان
سان عشق ٿي پوي ٿو. پراڻيون يادون اينديون رهيون.
مضمون شروع ڪيم، لکڻ جاري رهيو، تان جو ڪتاب لکجي
ويو. جي نه اچان ها هيڏي، ته ٻيو جلد به لکجي وڃي
ها. اهو
ڪتاب ته مون اڌ ۾ ختم ڪيو آهي، جو به عشق جي هڪڙي بي انتها
جذبي جي پيداوار آهي.
س:
ان ڪري مون عرض ڪيو ته هن کان پوءِ به ان سلسلي ۾ ڪا وڌيڪ
رٿابندي آهي توهان جي ذهن ۾؟
ج:
نه، هاڻي
ڪانهي ڪا. هاڻي مان لکي به نه
ٿو
سگهان. اڄ ڪلهه مون تي
وري به هڪڙي قسم جي پريشانيءَ جو وقت آهي. ٽي چار
مون آپريشن ڪرايا گلي جا، انهن منهنجي اعصابن تي
سخت اثر ڪيو. هاڻي هٿ به ڏڪن ٿا، لکي نه ٿو سگهان.
ڪم تمام گهڻو ڪرڻو آهي.
س:
تحقيق لاءِ ڪي
بنيادي هدايتون، توهان، تحقيق جي هڪ ماهر ۽ استاد
جي حيثيت ۾ ڏيو، جيڪي پيش نظر رکجن.
ج:
پنجاهه
ورهين تائين، پنجاهه ڄڻا چوويهه ڪلام ڪم ڪن ته به پورو نه ٿيندو.
سنڌ تي ايترو گهڻو ڪم آهي ۽ اسان جيڪي ڪم ڪيو آهي،
سو فقط تمهيد آهي، بنيادي ڪم ته اڃا اڳتي آهي. اڃا ته اسان جي تاريخ
ڪانه لکي وئي آهي،
جيڪو بنيادي ڪم آهي. اسان ته فقط ڪجهه سورس بڪ
(ماخذ) شايع ڪيا آهن. تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل
ڪانهي. منهنجي اها نيت هئي ته سنڌ جي ادبي تاريخ
لکجي، ادبي تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي.
تذڪرا بيشڪ لکيا ويا آهن ۽ ادبي تاريخ جيئن برائون
لکي آهي،
اسان وٽ ڪونه آهي. اها تاريخ، جنهن مان توهان کي خبر پوي ته شمشيرالحيدري جي
پيدا ٿيڻ ۽ سندس ذهن ٺهڻ جا اسباب ڪهڙا آهن؟ اسان
وٽ آهي ئي ڪانه. ادبي تاريخ ڪانهي، تمدني تاريخ
ڪانهي. پوليٽيڪل تاريخ ڪانهي. اڃا ته خود سورس
مٽيريل به ڪيترو رهيو پيو آهي. هڪڙو ڪتاب هاڻي
اوچتو هٿ آيو، جيڪو مان ڇپارايان پيو. تاريخ معصوميءَ ۾ جن واقعن جا اشارا آهن، ان جا هن ۾ تفصيل بيان ڪيل آهن،
ڪتاب جو نالو آهي ”نصرت نامہ ترخان“، جيڪو ٺٽي جي
هڪ پوراني سادات جو لکيل آهي. اهو ڪتابرس
بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن، تاريخ لکيل ڪانهي، لغت
لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ
لکيل ڪانهي. منهنجو هڪ دوست ايڊٽ ڪري رهيو
آهي ۽ انشاءَ الله جلد شايع ڪنداسين. مطلب اهو آهي
ته اڃا تائين بنيادي ڪتابن
جي اشاعت به رهيل
آهي.
س: پنهنجي جاءِ تي اهو صحيح آهي ته تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. آءُ
وري به پنهنجو اهو عرض ورجائيندس ته اسان جي محققن لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ابتدائي ليڪچر
توهان ڪهڙو ڏيندؤ؟
ج:
طريقئه
ڪار اهو آهي ته پهريون ته ذهن صاف هئڻ گهرجي.
توهان جي ذهن ۾ جا
عفونت ڀريل آهي، سان نڪرڻ کپي، مذهب جائز آهي پر هڪ حد تائين، ڇاڪاڻ ته هڪڙو
نظام انسان جي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ اهو مذهب
آهي. مطلب اهو آهي ته پهريون ته توهان جو ذهن صاف
هجڻ کپي ته
اوهان آهيو ڇا؟ يعني شميرالحيدريءَ
جي وابستگي ڇا سان آهي. ڪنهن سان هو لائل آهي؟
پهريون ته لائلٽي گهرجي، هڪڙو عقيدو گهرجي. پهريون
توهان جو عقيدو صاف هئڻ گهرجي.
س: اوهان جي خيال ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ سهيڙڻ ۾ ڪهڙي شيءِ سان وفاداري
ڏيکارڻ کپي، جيڪا بنيادي طور صحيح هجي؟
ج: وطن سان، ملڪ سان ۽ هن ملڪ جي ماڻهن سان.
س: سائين، آءُ هڪڙو گستاخي جهڙو سوال ڪريان ٿو. خدا توهان جي عمر وڏي ڪري،
پر سوال ڪرڻ خاطر هڪڙي شيءِ، جيڪڏهن توهان جي دل ۾ اهو خيال اچي ته آءُ فقط اڄوڪو ڏينهن هيءَ
گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته
اهڙي آخري موقعي تي توهان ڇا چوندءُ سنڌ جي ماڻهن
کي.
ج: سنڌ! سنڌ!! تاريخ! تاريخ!!
سنڌ جي نوجوان تي سڄي مستقبل جو مدار آهي. جيڪڏهن گهرن تي سنڌ سنڌ رهي ۽ سنڌي رهن، ته ان جو
وڪو ڏينهن هيءَ گهڙي
جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي
آخري موقعي تي توهسنڌ جي نوجوانن تي مدار
آهي. ان لاءِ سوچڻ کپي، ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ تيار رکڻ
کپي. نوجوان سنڌ لاءِ وڏي شيءِ آهي. سڄو مستقبل ئي
انهن جو آهي ۽ کين ئي ڪم ڪرڻو آهي، اسان ته ختم ٿي
چڪا آهيون.
س: توهان سنڌ جي موجودهه شاعرن ۽ اديبن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن وقت
جي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن مان توهان جي پنهنجيءَ پسند
جا ڪهڙا آهن؟
ج: مان تعريف نه ڪئي
آهي پر حقيقت بيان ڪئي آهي. اسان جا
شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي طريقي سان پنهنجي
پنهنجي رنگ ۾ نهايت بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. مون
کي ذاتي طرح ڪنهن جي زبان پسند ايندي آهي ته ڪنهن
جو انداز، پر اها هڪ جدا شيءِ آهي. مثلاً مان
آهيان ڪچي جو ماڻهو، تنهن ڪري مان کي نسيم احمد
کرل جا محاورا ۽ لکڻ جو اسٽائل وغيرهه تمام گهڻو
پسند آهي. اسان جي ماهتاب محبوب، هڪ خاص انداز سان
معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، يا نورالهديٰ
شاهه آهي، اها هڪ خاص معاشري جي خرابين جو بيان
ڪري ٿي، اسان جي معاشري جي ناسورن جي جڏهن جراحت
ٿئي ٿي ته دل کي وڻي ٿي، ڇو ته اسان جي سڄي
زندگيءَ جو مقصد اهو ئي رهيو آهي.
س: شاعرن ۾ سائين؟
ج: شاعرن ۾ چوندس ته مان کي شمشيرالحيدري پسند آهي..
(سائين آءُ ته ويٺو آهيان، توهان جي سامهون)
شاعريءَ ۾ توهين سڀ لک لهو. سڀ شاعر هڪ ٻئي کان وڌ آهيو. ڪنهن کي مان
گهٽ چوان؟ هنن ويهن ورهين ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا
آهن، انهن جي شعر کي دوام حاصل آهي.
س: سائين، توهان گذريل پنجاهه سالن کان
مسلسل لکندا رهو ٿا. توهان جي لکڻين جو طريقئه ڪار
يا ٽائيم ٽيبل، وقت مقرر
آهي ۽ ڪهڙي نموني توهان لکندا رهيا آهيو؟
ج: منهنجي حالت ته هيءَ رهي آهي جو جڏهن لکڻ ويهندو هئس ته چوويهه ئي ڪلاڪ
لکندو هئس. پورو ياد ناهي، شايد 1928ع کان جڏهن
شروع ڪيو اٿم، لاڳيتو لکندو رهيو آهيان. منهنجو پويون ڪتاب آهي ”مير
محمد
معصوم بکري“ جيڪو سال ٻه اڳ شايع ٿيو آهي. ان سڄي عرصي دوران،
مان سمجهان ٿو ته اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن
15-20-25 صفحا نه لکندو هئس.
ٻيو توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجو ڪو به ڪتاب مڪمل طور لکجڻ کان
پوءِ ڇپيو ناهي. مان ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح اخبار
نويس آهيان، تنهن ڪري لکڻ جي سڄي ڪم لاءِ سلپن جو استعمال رهي ٿو.
روزانه مواد سلپن تي لکجي، ۽ اهو پريس ۾ وڃي،
شام جو لازمي طور
ان جا پروف اچن، تنهن کان پوءِ ئي وڌيڪ مواد مان
لکان. ته انهيءَ نموني مون سمورا ڪتاب لکيا آهن.
س: هن وقت توهان وٽ ڪي تصنيف تاليف هيٺ ڪتاب آهن؟
ج: عرض ڪيم ته ٽن چئن سالن کان وٺي منهنجي ذهن ۾ ٽي ڪم آهن: خدا موقعو ڏنو
ته انهن کي پورو ڪندس. هڪڙو ڪتاب آهي ”تاريخ رشيدي.“ منهنجي هڪڙي مرحوم دوست جي فرمائش آهي ته اهو ڪتاب مان
ايڊٽ ڪري شايع ڪيان. خدا توفيق ڏئي، منهنجو اهو
هڪڙو فرض آهي، جيڪو ادا ڪرڻو آهي.
س: ان ڪتاب تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ ڪڏهن شايع ٿيڻ کپي؟
ج: ڪم اڃا شروع ڪونه ٿيو آهي. هن
ڪتاب جا 5-10 نسخا، جيڪي دنيا جي مختلف هنڌن تي
هئا، سي سڀ گڏ ڪري رکيا اٿم، ۽ انهيءَ کي فقط
تصحيح ڪري متن تيار ڪرڻو آهي. ۽ اهو ڪم اڃا تائين
ان ڪري شروع ڪري نه سگهيو آهيان، جو محنت تمام
گهڻي آهي ۽ اها طاقت مان پاڻ ۾ نه ٿو سمجهان. مون
نه ڪيو ته انشاءَ الله ڪو ٻيو ڪندو، ۽ بهرحال اهو
ڪم منهنجي ذهن ۾ آهي.
ٻيو ڪم آهي ”پوراني سادات“. ٺٽي جا پوراني سيّد سنڌ جو تمام
وڏو علمي خاندان هو. نصرت نامہ ترخان، ان خاندان
جي هڪ فرد لکيو آهي. ان سڄي خاندان جو تفصيلي
احوال مون گڏ ڪيو آهي. ارادو اٿم ته اهو ڪتاب،
جيئن مير معصوم جو لکيو اٿم، لکي پورو ڪيان.
ڇاڪاڻ ته اهو منتشر آهي ۽ تمام
قيمتي مواد آهي، جو جيڪڏهن گڏ ٿي وڃي ته سنڌ جي
تاريخ جو هڪ اهم باب مڪمل ٿي وڃي. ان خاندان جي
علمي اهميت اها آهي، جو ان جو واسطو سينٽرل ايشيا،
خراسان ۽ هرات سان آهي. ٽئين ڪتاب لاءِ ارادو آهي
ته ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ لکان.
س: توهان سچل جي ميلي تي تازو اها ڳالهه ڪئي هئي ته اڪبر جي ”دين الاهيءَ“
جو تصور خيرپور مان پيدا ٿيو هو.
ج: دين الاهي خيرپور منجهان ڪونه پيدا ٿيو هو. دين الاهيءَ جي پيٽرن (نهج) تي مولوي محمد
صادق راڻي
پور واري مير علي نواز کي خوش ڪرڻ ۽ اڪبر جي ڪڙيءَ تي ڪري ڏيکارڻ لاءِ دين الاهي شروع ڪيو ۽ ان جو لٽريچر ۽ ڪتاب وغيرهه ڇپيا.
مير صاحب کي به اڪبر بنايو هئائون. اتي مندر به
ٺهرايائون. مسجد به. هاڻي تازو وڃي ڏٺم ته اهو سڀ
ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. باليءَ وارو بنگلو به ڀڄي
ڀري ويو آهي. پر بهرحال دين الاهيءَ جو پيٽرن
خيرپور ۾ سوچيو ويو هو.
س: توهان فرمايو ته اڄڪلهه جا راڳيندڙ ساڳيون ساڳيون ڪافيون ڳائين ٿا ۽
اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته توهان وٽ ڪافي جي شاعريءَ جو تمام وڏو ذخيرو آهي، توهان انهن جو ڪو انتخاب ڇپرايو.
ج: ڪيترا ڪم آءُ اڪيلي سر ڪري سگهان ٿو؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مان وٽ وڏو
ذخيرو آهي، هن لحاظ سان ته منهنجو ڏاڏو به ڳائيندو
هو (ڳائيندو هن لحاظ کان نه هو ته ڪو پيشه ور
ڳائڻو هو. پر مطلب شوقيه ڳائيندو هو). بابو مرحوم
بهترين ڳائيندڙ هو. منهنجو چاچو پير نورالحق شاهه
سٺو ڳائيندو هو. ڪافيون ۽ بياض وغيرهه جو ذخيرو ان
زماني کان اسان جي گهر ۾ تمام گهڻو هو ۽ اڃا تائين
آهي. ڪيترا بياض گم ٿي ويا آهن، بهرحال ڪجهه آهن.
اسان جي خاندان ۾ گهڻا شاعر ٿي گذريا آهن. جتي
اهڙي ثقافتي فضا هوندي آهي، اُتي اهڙا علمي بياض
به هوندا آهن.
اسان جي خاندان، يعني پير
پاڳاري جي خاندان جي ڪافين جا جيڪي سر آهن، سي
منفرد آهن. اُهي لوور سنڌ جي سرن کان مختلف آهن.
مثلاً اپر سنڌ جا جيڪي سر آهن، سي جدا آهن، پر
انهن ۾ به اسان جي خاندان جا سر البت مختلف به، ۽ منفرد به
آهن. تنهن ڪري ڪافين جو تصور، ڪافين جا سر وغيرهه
اهي به هر هڪ درگاهه يا سلسلي جي لحاظ کان علحده
علحده آهن. مثلاً ڪنڊڙيءَ وارن جو فڪر ئي الڳ آهي.
رکيل شاهه جي سلسلي جي ڳائڻ جو انداز به الڳ آهي.
سچل جي ميلي تي تازو مون چيو هو ته شاهه لطيف
پنهنجي فن ۽ فڪر جي لحاظ سان هڪ مخصوص شخصيت آهي،
پر سچل جو باقاعدهه سلسلو آهي. يعني سچل کان شروع
ڪندا ته ويندي فتح پور تائين پهچندا، پر شاهه جو
سلسلو ائين ناهي. سچل جو پيغام، سلسلو وغيرهه طويل
۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي.
س: هينئر سنڌي راڳ انگريزي طريقي واري جي باري ۾ راءِ ڇا آهي؟
ج: آءُ خلاف آهيان، انگريزي راڳ جي ڪري ايراني ۽ افغاني راڳ به خراب ٿيو
آهي. سينيمائن جي ڪري به راڳ خراب ٿيو آهي. تڏهن
به سنڌي ۽ هندي راڳ شاندار آهي.
س: ان جو مطلب اهو نه آهي ته جديديت جي خلاف آهيو؟
ج: قومن جون ڪي روايتون ۽ مخصوص عادتون ٿينديون آهن. ان ۾ هر قسم جي اصليت
ٿيندي آهي، جنهن ۾ جديديت شامل ڪندئو ته اصليت به ويندي هلي. جيئن امداد حسينيءَ چيو ته هائڪو جپاني آهي، ان جو
نالو مون ٽيڙو رکيو آهي. ليڪن جپاني معاشرو جدا
آهي. جپان جي تهذيب جدا آهي. مارئي جپان ۾ نه ٿي
اچي سگهي. آزاد نظم بلڪل غلط آهي. جن ايجاد ڪئي
جهڙوڪ ن.م راشد وارن، اهي ختم ٿي ويا. اها هميشہ
لاءِ نه آهي. پر اها ذهني انتشار جو نشان آهي.
ساڳئي نموني تجريدي آرٽ
(Abstract Art) آهي. اهي ٻئي شيون سمجهه لائق نه آهن.
س: ڀڳت جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو
خيال آهي؟
ج: ڀڳت جو علمبردار ڀڳت ڪنور رام هو، جيڪو خود وڏو انسان دوست به هو. ان
کان پوءِ ڀڳت ختم ٿي. فن جي لحاظ کان ان جو موت
وڏو حادثو هو.
س: پراڻي زماني ۾ ناٽڪ منڊليون هيون، انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.
ج: ان وقت شهرن ۾ ناٽڪ ٿيندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ گهٽ ٿيندا هئا. شڪارپور ان
جو مرڪز هو. آغا صوفيءَ وارا ناٽڪ رچائيندا هئا.
پر انهن جو ٻهراڙين ۾ گهٽ اثر هوندو هو. مون
پهريون ناٽڪ 1925ع ۾ ڏٺو، ڪراچيءَ واري ڪيپيٽل سينيما ۾. جتي ان وقت
ٿيٽر هو.
س: توهان ڪڏهن باقاعدهه ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ رهيا؟
ج: بلڪل، ڪانگريس ۾ رهيس ۽ مسلم ليگ ۾ به. 1940ع ۾ قائداعظم خود مون کي
مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ جي چئن سيٽن ۾ نامزد
ڪيو.
س: توهان سڀ کان اول ڪهڙي مقبري تي تحقيق ڪئي؟
ج: باوجود مسڪين هئڻ جي قدرت ايتري مهرباني ڪئي آهي، جو مشرق جي سڀني مشاهيرن جون قبرون ۽ مقبرا ڏٺا اٿم.
س: سير سفر جي لحاظ کان ڪٿي ويا آهيو؟
ج: مشرقي ملڪن کي ڪافي
ڏٺو اٿم.
س: ادب ۾ فحاشيءَ جي باري ۾ راءِ؟
ج: اهو رڳو سنڌي ادب جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي. جنسيات منهنجي راءِ
۾ طبي مسئلو آهي. ٻاهرين دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو
آهي، ان جو ته اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون. هاڻي
ته ٻاهرين ملڪن ۾ اسڪولي سطح کان ٻارن کي جنسيات
جي تعليم ڏني پئي وڃي.
س: سنڌي سماج ۾ ڪيتري حد مقرر ڪرڻ کپي؟
ج: هر قوم کي بنيادي حدون ٿين ٿيون. هڪ دائرو وڏيرن ۽ پيرن جو آهي. جنهن
۾ ٻاهران پرديداري آهي، پر جڏهن اها هٽي ٿي ته ان
تي اعتراض ٿئي ٿو، جنهن کي فحش سڏين ٿا. حقيقت ۾
اها فحاشي نه آهي، پر حقيقت آهي، جنهن کي ظاهر
ڪرڻ، سٺو اثر ڪري ٿو. جيئن نورالهديٰ شاهه لکي ٿي.
اهي حقيقتون آهن، پر ڪجهه احتياط ڪرڻ کپي. هڪ اهڙي
شيءِ جنهن مان اثر وٺي عمل ڪجي. ٻيو اهو آهي، جنهن
۾ بغاوت ٿئي. ساڳي ڳالهه ٿوري ڌيمي نموني ڪرڻ
سان ڪري سگهجي ٿي. اهو ردعمل آهي.
س: سنڌي ٻوليءَ جي ڪراچيءَ ۾ آئيندي جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟
ج: تمام سٺو آهي. جيڪڏهن سنڌي نالو آهي: سنڌ جي تاريخ جو، لباس جو، ٻوليءَ
جو ته پوءِ اهو ڪم هتي بهتر آهي. ڪراچي
يونيورسٽيءَ
جي سنڌي شعبي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي کان وڌيڪ شاگرد
آهن.
س: ٻوليءَ
سان جيڪو معاشي
مسئلو منسلڪ آهي، ان لاءِ راءِ.
ج: اردو مان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي. سربراهي سنڌي ٻوليءَ جي رهندي. سنڌي ڪلچر کي ڪو به
خطرو نه آهي. اقتصادي طور تي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر
هاڻي مهاجرن تي اثر پيو آهي. هو خود سنڌيءَ ۾
دلچسپي وٺي رهيا آهن. توهان رڳو نعرن ۾ رهجي
ويندؤ، ان ڪري نوجوانن کي گڏجي پنهنجي پنهنجي
مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ کپي. باقي خان محمد رڳو
پيو علاج ڪرائيندو، اهو خيال توهان کي دماغ مان
ڪڍي ڇڏڻ کپي ته سنڌ فقط توهان جي آهي، اهو غلط
آهي. ان ڪري اردو وارن کي به پنهنجو ڪيو. انهن مان
فائدو وٺڻ گهرجي. ويندي رئيس امروهوي کان به سنڌ
لاءِ ڪم ڪرايو.
س: شاعري وقت توهان جو تصور؟
ج: ڪو به نه، صرف خيالي تصور.
س: توهان جي شاعري محفوظ آهي؟
ج: نه، افسانه اخبارن
۾ ڪجهه هجن. مضمون البته ڪجهه گڏ ٿيا آهن. جي سنڌ
ثقافت کاتي طرفان ڇپجن پيا.
س: تنقيد جي باري ۾ راءِ؟
ج: تنقيد، انگريزي، جرمن وغيرهه
مان سڌي طرح فائدو ڪونه ورتو ويو آهي. البته سنڌي
ادبي سنگت جا ڪلاس به هڪ سٺي شيءِ آهي. جڏهن سنڌ
يونيورسٽي سنڊيڪيٽ تي آءُ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ
جي زماني ۾ هئس، اسان فيصلو
ڪيو ته دنيا جي بهترين استادن کي سنڌ يونيورسٽي ۾
گهرائي نوجوان تيار ڪجن، انجنيئر گهرائي پليون
ٺهرائي سگهجن ٿيون ته ٻاهرين استادن کان قوم جو
ذهن ڇو نه تيار ڪرائجي؟ پر ان تي اعتراض ٿيو ته
اسان جي نوڪرين تي اهي ”ٻاهريان“ قبضو ڪندا، پوءِ
اهو خيال لاٿو ويو. حالانڪ هاڻي به آمريڪا توڙي
ايران جهڙن ملڪن ۾ ٻاهرين ملڪن مان استاد گهرايا
وڃن ٿا.
س: سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي صنف پسند آهي؟
ج: ڪافي ۽ ڏوهيڙو.
س: پسنديده شعرن جو ڪو بياض تيار ڪيو.
ج: ها. انهن مان پسنديده شعر هي آهن:
(1)
انهــــــن وهن وٽان لڏ، جنهن جــــــو ناهه منهن ملير ڏي
اهــــــا ڇانــــــگ ئــــــي ڇــــــڏ، جيڪــــــا ڌڻ کـان ڌار هلي.
(2)
مينهن وســــــنــــــدي ســــــومــــــرا اڄ پــــــڻ پــــــور پــــــيــا
پکا پنهوارن جــــــا سي مون ياد ڪيــا
ڏٺي گهڻا ڏينهڙا مــــــون ٿريچن ٿيا
وسري تـــا نه ويا، ڪا ساعت منهنجي ساهه کان.
س: ايران ۾ توهان جي ياد ۾ يادگار پٿر لڳايل آهن. اتان جي يونيورسٽين
ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به ڏني، اتي سنڌي ادب تي ڪم ٿيو
آهي؟
ج: انهن جيڪو
خود
شناسي جو مظاهرو ڪيو ته کين نقصان پهتو.
پنهنجي
پسگردائي
جي ملڪن مان فائدو نه ورتو، بلڪ يورپ جي اثر قبول ڪيو. نتيجي
۾ تهذيب کي نقصان پهتو.
س: تهذيب، فڪر ۽ علم لاءِ راءِ.
ج: علم، تهذيب ۽ فڪر محدود دائرن ۾ رهي حاصل نه ڪبو آهي. هر تهذيب ۾
خاميون ۽ خوبيون آهن. اسان جا ماڻهو ناني ويڙهو
ٺاهي رهن ٿا. ان ڪري انهن جو ماحول به محدود رهي
ٿو. چڱيون شيون حاصل نه ٿا ڪن. ان ڪري سڀني سان ملڻ ۽ سکڻ کپي. مون سير ۽ سفر ۾ هر قوم جي اٿڻ وهڻ ۽
گفتگو مان پرايو آهي.
پاڪستان ٺهڻ وقت انجمن ترقي اردو ٺهي ته مولوي عبدالحق سان سنگت هئي.
اتي روزانو آل انڊيا ليول جي ايندڙ ماڻهن سان
ملندو رهيس. ان کان علاوهه بين الاقوامي ادارن ۽
ملڪن جي ڏسڻ سان مون گهڻو پرايو. ايران برصغير مان
صرف ٻن ڄڻن کي اعزازي ڊگري ڏني. هڪ ڊاڪٽر تاراچند
۽ ٻيو آءُ هئس. دنيا مان صرف اٺ ڄڻا هئا، جيڪي
ايرانالاجسٽ هئا. سنڌ يونيورسٽي ٺهراءُ پاس ڪيو ته
مون کي ڊاڪٽوريٽ ڏجي پوءِ مصلحت سبب عمل نه ڪيو
ويو.
س: ٻاهر دنيا ۾ سنڌ تي مواد ڪٿي آهي؟
ج: سڄي دنيا ۾ آهي. خاص ڪري انگلينڊ ۾ تمام گهڻو مواد آهي.
س: ميرپور بٺوري جي لئبريري ۾ سئو کن اخبارن جا فائيل آهن، اهي ڪيئن محفوظ
ڪجن؟
ج: پيسا خرچ ڪيو. هر حالت ۾ ضرور
وٺجي. پيسو ڪا شيءِ نه آهي. اهي شيون قومن جو سرمايو آهن. اسان وٽ پيسي جي کوٽ نه آهي. رڳو همت جي
ضرورت آهي. هر شيءِ لاءِ پيسو آهي، پر ڪتاب لاءِ
نه آهي؟ ان ڪري اهي ذخيرا تباهه ٿي ويندا.
س: توهان جي تحقيق ۾ اردو زبان سنڌ جي پيداوار آهي.
ج: بلڪل صحيح آهي. حقيقت ۾ چيو وڃي ٿو ته اردو مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ
پيدا ٿي. مقامي ماڻهن ۾
زبانن جا ماڻهو گڏ اٿيا ويٺا ته اردو زبان ٺهي.
اهو اصول قبول آهي ته پوءِ مسلمان پهرين هتي آيا.
ٻيا ان جا پيچرا هتي ملن ٿا. جيئن سرائڪي زبان،
اها اردو جي ابتدائي صورت آهي. گجراتي، اها صرف
سنڌ، گجرات ۽ بهاول پور ۾ استعمال ٿي. پر ملڪيت
ٻاهر جي ڀلي ٻاهر آهي.
س: فوٽو گرافي سان شوق ڪڏهن کان آهي؟
ج: ڇهن پيڙهين کان آهي. انهن کي محفوظ تڏهن ڪجي، جڏهن ڪو قومي ادارو هجي. هزارين فوٽو
آهن، ڪير سنڀالي؟ اهڙا فوٽو سنڌ جي ڪيترن بزرگن وٽ
به آهن.
س: اهي شيون تباهه نه ٿينديون، سنڌالاجي کي ڇو نه ٿا ڏيو؟
ج: نه، اهي محفوظ آهن. مرڻ کان پوءِ هونئن ئي سنڌالاجي کي ملنديون.
س: توهان اهڙي وصيت ڪئي آهي؟
ج: ها، مون حسين شاهه راشديءَ کي چئي ڇڏيو آهي.
س: هيءَ وصيت سمجهڻ کپي؟
ج: ها، اها حسين شاهه کي خبر آهي. ڏاڏا پير شاهه جي نالي ڪارنر اتي ٺهرائي
اٿئون. هينئر به جيڪي ڪم مان ڪتاب نڪرندا آهن، اهي
سنڌالاجي کي موڪليندا آهيون. منهنجي دلچسپي
سنڌالاجي سان آهي، ڇو ته اها سنڌ يونيورسٽيءَ سان
شامل آهي. نيٺ ته درست ٿيندي، اهي ادارا نيٺ ته
ٺهندا.
س: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لاءِ
راءِ؟
ج: گهڻي خبر نه آهي پر چڱو ادارو آهي.
س: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت!
ج: سگا کي ڪلارڪي ذهنيت جي بجاءِ آزاد ذهن جي ترتيب ڪرڻ گهرجي. هونئن سٺو
ادارو آهي. چڱو ڪم ڪري ٿي. البته ڪامورڪي ذهنيت
کان ٿورو خوف آهي. سنگت تمام سٺو
ڪم
ڪيو آهي. ان کي
زور وٺرايو.
س: سنڌ يونيورسٽي
۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ، تاريخ تي ڪو ڪم ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو؟
ج: ڪراچي يونيورسٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هڪ پروفيسر رئوف سنڌ جي ساهه
وران، نانگن، بلائن تي سڄي پگهار خرچ ڪري وڏي ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن کي سوچڻ کپي ته گذريل دور ۾
يونيورسٽي بند هئڻ ڪري ڪيترو هنن نقصان سٺو آهي. ان جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي. اهو قومي سانحو آهي. ان ڪري، هاڻي سنجيدهه ٿي پڙهڻ، پروڙڻ، تحقيق،
تخليق لاءِ ڪم ڪري ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي.
س:
کاڌي ۾ پسند جون شيون؟
ج:
کاڌي ۾ شوروو ۽ ماني وڻندي آهي. پر گوشت ۽ ڪباب به وڻندو
آهي.
س: پوشاڪ؟
ج: انگريزي پوشاڪ. جڏهن به انگريزي پوشاڪ ۾ ڏسو ته سمجهو ته تندرست آهيان.
جڏهن سلوار قميص پائيندو آهيان ته سستي محسوس ڪندو
آهيان. لکڻ وقت به انگريزي لباس پائيندو آهيان. |